سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:24 

- مختلف موضوعن تي وڏي تعداد

 ۾ سنڌي ڪتابن جو تاليف ٿيڻ

سنڌ جي سڄاڻ عالمن جڏهن اهو اصول قبول ڪيو ته سنڌي ۾ ڪتاب لکيا وڃن ته پوءِ ان اصول تي پڪي طرح عمل ڪيائون. سندن پنهنجي سڄي تعليم جي تڪميل فارسي ۽ عربي ذريعي ٿي هئي، پر جڏهن پان سنڌي ۾ ڪتاب تصنيف ڪرڻ شروع ڪيائون تڏهن هڪ ته نج سنڌي ٻولي ڪم آندائون؛ ٻيو ته هر موضوع کي آسان سنڌي ۾ بيان ڪيائون ته جئن عام پڙهيلن بلڪ اٻوجهن کي به سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. اهو سندن اعليٰ علمي صلاحيت جو ڪارنامو هو جو الاهيات ۽ عقائد جا ڳوڙها مفهوم، فقہ ۽ تفسير جا ڏکيا موضوع توڙي تصوف ۽ سلوڪ جا مشڪل مضمون سولي ۽ سکي سنڌي ۾ ڪاميابيءَ سان سمجهايائون.

سنڌي عالمن جي هن ڪاميابي جو مدار سندن اختيار ڪيل ٽن مکيه طريقن تي هو: پهريون ته کين هر موضوع ۽ مضمون جي ماهيت ڪلي طور تي معلوم هئي، ۽ هر موضوع ۽ مضمون جي مختلف مسئلن جي کين پوري ڄاڻ هئي. ٻيو ته کين هڪ طرف عربي ۽ فارسي زبانن تي ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ تي پوري مهارت حاصل هئي. ٽيون ته هر موضوع کي صحيح نموني ۽ آسان عبارت ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائون. هنن جڏهن ڪنهن به موضوع يا مسئلي تي لکيو ته ان کي اڳ ڪيل تحقيق جي روشني ۾ جامع نموني سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشس ڪئي. معاشري جي ڪن خاص مسئلن کي سنڌ جي طبعي ۽ سماجي ماحول جي مناسبت سان سمجهايو؛ سنڌي ۾ اهڙن مسئلن ۽ موضوعن کي صحيح نموني ۾ بيان ڪرڻ خاطر عربي، فارسي ۽ سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي.

سنڌي ۾ درسي ڪتابن جي شروعات سان علمي ذوق ۾ وڏو اضافو ٿيو، ۽ مختلف علمي موضوعن تي ڪيئي ڪتاب هن دور ۾ تصنيف ۽ ترجمو ٿيا. ڪل ڪيترا ڪتبا لکيا ويا، تنهن جو اڃا ايترو صحيح ڳاڻيٽو نه ٿي سگهيو آهي. البت اهو رايو صحيح ناهي ته ڪو ”جملي پنجاهه کن ڪتاب“ لکيا ويا (1). ان جي بدران ائين چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته ڪيترن ئي موضوعن تي سنڌي منظوميا ۽ رسالا، توڙي ننڍا وڏا سنڌي ڪتاب سَوَن جي تعداد ۾ لکيا ويا، جن مان انگريزن واري دور ۾ سرڪاري طور بي قدري ۽ پنهنجن جي بيرخي سببان گهڻا ضايع ٿي ويا. باوجود انهيءَ جي جيڪي اسان پاڻ ڏٺا آهن يا جن جا نالا سان کي معلوم ٿي سگهيا آهن، سي پڻ پنجاهه بدران هڪ سؤ کان وڌيڪ آهن، جيئن هيٺين موضوعن تي لکيل ننڍين وڏين تصنيفن مان ظاهر آهي (2).

تفسير

ـــــ         تفسير هاشمي (1): قرآن شريف جي ٽيهين سيپاري (عم يَتَسالون) جو    سنڌي ۾ مخدوم محمد هاشم جو سنه 1162هه (1749ع) ۾ تصنيف ڪيل تفسير جيڪو سنه 1290هه/1873ع ۾ يا ان کان اڳ بمبئي مان ڇپيو (2).

ـــــ        تفسير هاشمي: هيءُ هڪ وڏو ڪتاب آهي جنهن جا ڇڏيل صفحا 503 آهن. قرآن شريف جي اوڻٽيهين سيپاري جو تفسير (جيڪو لکنو ۾ ندوة العلماء جي ڪتبخاني ۾ قلمي صورت ۾ محفوظ آهي.)

ـــــ        تفسير تبارڪ سنڌي: يعني تفسير سورة ’تبارڪ‘ جو، مخدوم محمد       هاشم جو (سنه 1290هه/1873ع ۾ يا ان کان اڳ بمبئي مان ڇپيو).

ـــــ              منظوم ترجمو ’سورة المُلڪ‘ جو، مخدوم محمد هاشم جي شاگرد  عالم خليفي مخدوم عبدالخالق جي فرزند خليفي مخدوم محمد مهيني محرم سنه 1193هه ۾ جوڙي راس ڪيو. برٽش ميوزيم لئبرري ۾ قلمي نسخو موجود آهي: سروعات

ساراهجي ته صاحب کي جنهن قادر مُڪو قرآن

مٿي مير محمد ڪارڻي جو شافع سڀ جهان

ـــــ      تفسير سورة يوسف، مخدوم عبدالله نريي واري جو، 1197هه (1783ع)    کان اڳ جو لکيل (1). قلمي ڪتاب، برٽش ميوزيم لئبرري ۾ موجود آهي.

ـــــ تفسير سورة يوسف، مخدوم محدم مقيم نورنگ پوٽي جو (2).

ـــــ تفسير سورة الفاتحہ، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جو

ـــــ تفسير سورة الاخلاص، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جو

ـــــ تفسير سورة الکوثر، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جو

ـــــ تفسير پاره عم، مولوي مهرو ولد سرهيو ولد موٽيو، ويٺل پُراڻ، سنه 1206هه (1791ع) ۾ لکيو (ڇپيل صفحا 574)

ـــــ      تفسير سورة ”يس“، مخدوم عبدالڪريم سنڌي نقشبندي، 14 ريبع  الاخر سنه 1709هه تي لکي پورو ڪيو (هن ڪتاب جو هڪ قلمي اتارو جيڪو ڪاتب محمد حسين سومري ويٺل چيهو پڊعيدن سنه 1240 -- 1242هه وارن سالن ۾ ڪيو سو سنڌ يونيورسٽي جي اداره سنڌيات ۾ محفوظ آهي، نمبر 22702).

ـــــ      تفسير سورة ڪوثر جو، گرهوڙي صاحب جي مٿئين ڪتاب کان جدا ٻيو  ڪتاب، جنهن جو قلمي نسخو راقم جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

ـــــ      قواعدالقرآن سنڌي، تاليف و تصنيف حافظ عبدالرحمٰن قاري سنڌي،  خاتمي واريون آخري سٽون:

خاتم مون خسيس جو تون خاوند خير ڪريج

ڪلمون منهنجي قلب ۾ تون ڌڻي ڌرائيج

هن ڪتاب کي مصنف ٻيو ڀيرو وڌيڪ سوڌيو سنواريو (1)..

حديث

ـــــ      ’ڪتاب چهل حديث مترجم سنڌي‘ (چاليهن حديثن جو منظوم سنڌي ترجمو). هي ڪتابڙو ’مطبع حسني‘ جي مالڪ مولوي محمد صديق 10- شوال سنه 1316هه (1898ع) تي بمبئي مان شايع ڪيو.

ـــــ      چاليهن حديثن جو شرح، مخدوم فصل الله پاٽائي (وفات سنه 1292هه)  منظوم سنڌي ۾ هي شرح لکيو.

ـــــ      حديثن جو ترجمو، عبدالڪريم نالي عالم 1258هه (1842ع) ۾ ڪيو:

نسخو هن ناقص جو جڏهن ٿئو ختما

تڏهن جان نهارئا ورهين ۾، ته ڪيترا هوا

تان ٻارهن سؤ اٺونجاه ورهيه هوا گذرئا (3).

ـــــ      حديثن جي حوالي سان نظمن جو مجموعو قلمي، برٽش ميوزيم لئبرري ۾ موجود. شروعات

ساراهيان سبحان کي جنهن ڪامل قدرنا

بخشي ڏوهه بندن جا ڪري عفو خطا

فقہ    

هن دور ۾ لکيل اڪثر ڪتابن ۾ اسلامي تعليمات خاطر فقهي مسئلا سمجهايا ويا. ’مخدوم ابوالحسن جي سنڌي‘ به نماز جي مسئلن بابت هڪ فقهي ڪتاب هو (جيڪو سنه 1287هه/1870ع کان اڳ ڇاپخاني محمدي بمبئي مان پهريون دفعو ڇپيو). اهڙيءَ طرح ڪي ٻيا فقهي ڪتاب پڻ ’سنڌي‘ جي عنوان سان آهن. ٻين عنوانن وارن سنڌي ڪتابن مان پڻ پنجاه سٺ کن فقہ جي دفعي ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا.

ـــــ        زادالفقير: روزن جي مسئلي سمجهائڻ لاءِ، مخدوم محمد هاشم رمضان سنه 1125هه (1713ع) ۾ تصنيف ڪيو. سنه 1287هه (1870ع) ۾ ڇاپخاني محمدي، بمبئي مان ٻيو ڀيرو ڇپيو.

ـــــ        راحت المؤمنين يعني ذبح شڪار سنڌي: شڪار ڪرڻ ۽ شڪار ڪيل جانور کي حلال ڪرڻ جي مسئلن بابت، مخدوم محمد هاشم سنه 1130هه (1717ع) ۾ تصنيف ڪيو، ۽ سنه 1287هه (1870ع) ۾ ڇاپخاني محمدي، بمبئي مان ٻيو ڀيرو ڇپيو.

ـــــ        حِصَص اُلاَموال: علي اڪبر نالي عالم زڪواة جي حصن، فطري، خِراج ۽ عُشر جي فقهي مسئلن بابت 9- ذوالحج 1162هه (1749ع) تي لکي پورو ڪيو. هي ڪتاب صفدري پريس بمبئي مان مخدوم عبدالصمد نورنگ پوٽي ۽ شيخ جيوا خان سنه 1303هه (1885ع) ۾ ڇاپائي پڌرو ڪيو.

ـــــ        وَجِين الفِقہ سنڌي: يعني سنڌي ۾ ’مختصر فقہ‘، سنه 1302هه کان اڳ بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        مجموعہُ خلاصة الفقہ: يعين فقہ جو نِتُ، سنه 1302هه کان اڳ بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        سنڌي عبدالرحيم جي: عبدالرحيم نالي ٺٽي جي عالم جو ’ڪن خاص ٿورن مسئلن‘ (ما ينبغي للحمائل من معدودالمسائل) بابت منظوم سنڌي ۾ سنه 1177هه (1763ع) ۾ لکيل ڪتاب (1).

ـــــ        سؤ مسئلا (فقہ جا): تصنيف ڪيل اسماعيل جا.هي ڪتاب تيرهين صدي هجري جي پهرئين اڌ ۾ نصاب ۾ داخل هو. هن ڪتاب جو قلمي نسخو لکيل حافظ سلام الله جو، تاريخ 11- ربيع الثاني، ڇنڇر ڏينهن سنه 1197هه (1783ع) جو (راقم جي ڪتبخاني ۾) موجود آهي (2).

ــــ         بيٺل پاڻي جو پليتي ۽ پاڪائي بابت، مُلا نڀوڙي جو جوڙيل منظوميو (يڪو الف اشباع جي قافيي تي، قلمي، اداره سنڌيات ۾ محفوظ، نمبر 22702).

ـــــ        مخدوم جعفر بوبڪائي جي فقهي ڪتابن مان انتخاب، مخدوم موصوف جي ڪتاب ’فتح الداريَن‘ ۽ ٻين ڪتابن مان انتخاب سنڌي ۾ ڪيل ”ابراهيم ويٺل شهر مرزا چنہ“ جو(1)

دين اسلام

ـــــ        ڪتاب ساڍيون ڇهه ويهون فرضن جون: هي ڪتاب حاجي محمود حُليي منظوم ڪيو. ملا عثمان جي ساڍيون ڇھ ويهون فرضن کان متاثر ٿي هيءَ متاثر ٿي هيءَ منظوميو جوڙيائين، حاجي محمود حليي جو هي منظوميو، سنه 1290ھ (1873ع) ۾ يا ان کان اڳ پهريون ڀيرو بمبئي مان شايع ٿيو.

ـــــ        ’عقائد‘ سنڌي: منصف محمد هاشم جي نالي سان ’ڪتاب عقائد هاشمي‘ پڻ سڏيو ويو. توحيد وغيره عقيدن جي سمجھائڻي بابت مخدوم محمد هاشم 1143ھ (1730) ۾ تصنيف ڪيو.

ـــــ        فرائض الايمان (”فرائض الاسلام خورد، يعني فرائض الايمان“):

            سنه 1290ھ/1873ع ۾ يا ان کان اڳ بمبئي مان ڇپيو.

ــ         فرائض الاسلام سنڌي: مخدوم محمد هاشم ’فرائض الاسلام‘ عربي ۾ ٻن جلدن ۾ لکيو، جن مان پهرئين جو ترجمو مخدوم عبدالله ڪيو (جيڪو سنه 1691ھ/1874ع ۾ بمبئي مان ڇپيو)؛ پوءِ مخدوم عبدالطيف بن مخدوم محمد هاشم سنه 1171ھ (68/1767ع) ۾ پهرئين جلد کي سنواريو ۽ پڻ ٻئي جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ( جيڪو پن 1691 هه ۾ بمبئي مان پهريون ڀيرو ڇپيو)

ـــــ        بناء الاسلام، سنڌي: دين اسلام جي بنيادي عقيدن بابت، مخدوم محمد هاشم 5- ذوالحج 1143ھ (31- 1730ع) تي پورو ڪيو هيءُ ڪتاب 1678ھ (1870ع) کان اڳ ڇاپخاني محمدي مان ڇپيو.

ـــــ        ڪلمي طيب جي سمجھائڻي: احمد نالي عالم جي منظوم ڪيل (1).

ـــــ        فرائض ۽ حمد ۽ معجزا: هيءَ ڪتاب 1188ھ کان اڳ تصنيف ٿيو. محمد هاشم ۽ عبدالرحمٰن  نالي ڪاتبن جو سنه 1188ھ (1774ع) ۾ لکيل قلمي نسخو انڊيا آفيس لنڊن جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

ـــــ        سراج المومنين (تصنيف مولوي حامد ڪچي جو؟).  تاريخ 24 شعبان سنه 1240ھ ۾ تصنيف ٿيو (هن جو قلمي نسخو سنڌ يونيورسٽي جي ’اداره سنڌيات‘ ۾ محفوظ آهي، جنهن کي هيٺين سراج المومنين سان ڀيٽي مصنف جي نالي جي تصديق ڪري سگھجي ٿي).

ـــــ        سراج الموءمنين سنڌي؛ مخدوم ميين عبدالرسول بن يار محمد (مخدوم نورنگ زاده جي اولاد مان) چئن ضخيم جلدن ۾ منظوم ڪيو. (هن جو مڪمل قلمي نسخو ڪنهن وقت پير جهنڊي وارن جي ڪتبخانن ۾ موجود هو).

ـــــ        مِفتاح الصلواة سنڌي: سنه 1305 هه (1886ع) کان اڳ مطبع فتح الڪريم بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        ڪتاب ترتيب الصلواة: مخدوم فضل الله پاٽائي (وفات 1290هه) جو.

ـــــ        ترتيب الصلواة سنڌي (ميان عثمان نورنگ پوٽي جو؟): پنجن خطبن سان گڏ سنه 1287هه (1870ع) کان اڳ ڇاپخاني محمدي بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        ترغيب الصلواة: يعني رسالو ’آخر الظهر‘، سنه 1305هه (1887ع) کان اڳ مطبع فتح الڪريم بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        صلواة سنڌي، مختصر منظوم، سيد هارون جي.

ـــــ        ڪنزالعبرت: ٻه جلد، حديثن جي روشني ۾ فقہ ۽ اسلامي تعليمات (ايمان، عبادات، معاملات، معنوعات، سيرت، اخلاق وغيره مسئلن) بابت مخدوم عبدالله سنه 1175هه (”30- رمضان، ڏينهن سومار“) ۾ تصنيف ڪيو. هي ڪتاب ڇاپخاني محمدي بمبئي مان سنه 1287هه (1870ع) کان اڳ ڇپيو. هن جو قلمي نسخو برٽش ميوزيم لئبرري ۾ موجود آهي، جيڪو ڪاتب محمد بن محمد اشرف لکيو.

ـــــ        نورالابصار سنڌي: مخدوم عبدالله سندس پنهنجي ڪتاب (؟) ’خزانة الابرار‘ جي شرح طور هيءَ ڪتاب 3- جمادي الثاني مان سنه 1287هه (1870ع) کان اڳ ڇپيو. ان بعد سنه 1300هه (1882ع) ۾ مخدوم عبدالصمد نورنگ پوٽي، قاضي فتح محمد ۽ نور الدين بمبئي جي حيدري پريس مان ڇاپي شايع ڪيو.

ـــــ        خزانة الاعظم، مخدوم عبدالله جي پنهنجي ڪتاب ’ڪنزالعبرت‘ جو شرح، جيڪو هن ستن وڏن جلدن ۾ منظوم ڪيو (1). هڪ ننڍي جلد ۾ پڻ هي ڪتاب مختصر ڪيو ويو.

ـــــ        نماز جي تاڪيد بابت سنڌي منظوميو، تاليف ڪيل تاجل فقير جو.

ـــــ        مجموعه ست ڪتابي، بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        تسهيل الفرائض: ورثي ۽ ترڪي (جي حصن ۽ انهن جي تقسيم) بابت علي نالي عالم، 1- شعبان 1162هه (1749ع) تي منظوم سنڌي ۾ جوڙي پورو ڪيو.

ـــــ        حيات العاشقين يعني مناسِڪ حج (حج جي احڪامن بابت): مخدوم محمد هاشم جي پٽ مخدوم عبدالرحمان 1168هه (1755ع) سندس والد مخدوم محمد هاشم جي لکيل فارسي ڪتاب مان سنڌي ۾ آندو ۽ 20 ربيع الاول سنه 1288هه (1871ع) ۾ بمبئي جي ڇاپخاني محمدي ۾ ڇپجي شايع ٿيو. (پوءِ سنه 1307هه (1890ع) ۾ پڻ مطبع فتح الڪريم بمبئي مان ڇپيو).

ـــــ        بدرالمنير في احوال قيامت ڪبير (وڏي قيامت جي بيان ۾) مخدوم عبدالله منظوم سنڌي ۾ سنه 1184هه ۾ تصنيف ڪيو، ۽ سنه 1290هه ۾ يا ان کان اڳ بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        مخدوم عبدالخالق ٺٽوي جو روز محشر بابت منظوميو (قلمي برٽش ميوزيم لئبرري لنڊن ۾ محفوظ):

۽ ڏاڍو ڏينہ قيام جو ڪر سُهکو سٻاجها

جن شفاعت شفيع جي، ڇٽو تاء تني کا

جن چيو ڪلمو ڪريم اتي سهجا سچ منجها

ـــــ        دعائن بابت رسالو مخدوم محمد هاشم جو.

ـــــ        صلواة سڳوري بابت رسالو، مخدوم محمد هاشم جو.

        ايمان ۽ عقيدي، ريت ۽ رسم بابت وضاحت

ـــــ        رسالو ايمان مجمل ۽ ايمان مفصل (غالبا مخدوم عبدالله جو عربي مان سنڌي منظوم ترجمو)، هيٺين تصنيف سڱ نامي سان گڏ مجموعي جي صورت ۾ ڇپيو.

ـــــ        سڱ نامو، ويجهي عزازت قرابت (محرمات)، ساڳي ماء جو کير پيڻ، طلاق وغيره جي مسئلن بابت، مخدوم عبدالله لکيو، ۽ (سنه 1290هه/1873ع ۾ يا ان کان اڳ پهريون ڀيرو ۽ ان بعد سنه 1336هه/1918ع ۾) ٻين پنجن ڪتابڙن جي گڏيل مجموعي ۾ ڇپيو.

ـــــ        نڪاح جي تربيت بابت رسالو، ’سڱ نامي’ سان گڏ ڇپيو.

ـــــ        خطبو نڪاح جو، ’سڱ نامي‘ سان گڏ ڇپيو.

ـــــ        آداب الّنڪاح سنڌي: (نڪاح بابت) هڪ قلمي نسخي جي مٿان ڄاڻايل ته مخدوم محمد هاشم جو، پر اندر مطالعي مان مخدوم صاحب جو نالو نظر ڪونه آيو.

ـــــ        ميّت جي وقت وارڻ بابت رسالو، 20 ذوالقعده سنه 1167هه (1754ع) تي تصنيف عبدالرزاق جو، مٿئين سڱ نامي سان گڏ ڇپيل.

ـــــ        ميت جي ڇوٽڪاري لاءِ دعا جو رسالو ”مرحوم خليفي عبدالخالق“ جو منظوم ڪيل برٽش ميوزيم ۾ موجود - شروعات

ساراهجي سو ڌڻي جو جياري ۽ ماري.

ـــــ        منتخب الفوائد، مخدوم عبدالله جي پٽ حافظ عبدالرحمٰمن جو تاليف ڪيل.

ـــــ        مُوضِحُ الشِرڪ سنڌي (شرڪ جي وضاحت بابت): سنه 1287هه (1870ع) کان اڳ ڇاپخاني محمدي بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        رسالو محرمات جو: سنه 1290هه/1873ع ۾ يا ان کان اڳ پهريون ڀيرو بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        رسالو عقد نڪاح جو: مٿين پريس مان ساڳئي سال ڇپيو.

ـــــ        رسالو طلاق جي بيان بابت: مٿين پريس مان ساڳئي سال ڇپيو.

ـــــ        رسالو قسم کڻڻ جو: مٿين پريس مان ساڳئي سال ڇپيو.

ـــــ        رسالو ميراث (ورثي بابت) جو: مٿين پريس مان ساڳئي سال ڇپيو.

ـــــ        عهدنامو، اسناد نامو، يا سنڌي عهد نامي جو: مٿين پريس مان ساڳئي سال ڇپيو.

ـــــ        رسالو عقيقي جو: تصنيف محمد اسماعيل جو، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي جي ’سنڌي‘ سان گڏ مطبع حيدري بمبئي سان سنه 1874ع ۾ ڇپيو.

ـــــ        رسالو عقيقي بابت، منظوم ڪيل (غالباً ٻئي ڪنهن بزرگ جو).

ـــــ        نڪاح نامو: مخدوم فضل الله پاتائي سنه 1271هه ۾ يا ان کان اڳ تصنيف ڪيو. قلمي نسخو ڪتابت ڪيل سنه 1271هه جو موجود آهي.

ـــــ        اسلامي عقائد ۽ معراج جي رات بابت منظوميو، سنه 1201هه (1780ع) کان اڳ لکيو ويو. هن ڪتاب جو قلمي نسخو لکيل 21 رمضان 1201هه (1780ع) جو برطانوي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

ـــــ        رسالو رد وهابيہ، عبدالرؤف سرائي سنه 1278هه ۾ منظوم ڪيو.

سوانح ۽ تاريخ

ـــــ        نبي صلعم جي ولادت، سنه 1196هه (يا 1197هه) کان اڳ تصنيف ٿيل منظوميو.

ـــــ        نبي صلعم جي بيبي خديجہ سان شادي، سنه 1196هه (يا 1197هه) کان اڳ جو منظوم ٿيل.

ـــــ        شمائل نبوي سنڌي، تِرمذي جي عربي ڪتاب ’شمائل نبوي’ تان مخدوم عبدالسلام جو سنه 1197هه ۾ ڪيل منظوم سنڌي ترجمو، مطبع فتح الڪريم بمبئي مان 1290هه (1873ع) يا ان کان اڳ ڇپيو. هيءَ ضخيم ڪتاب وڏي تختي وارن 296 صفحن ۾ ڇپيل آهي ۽ سڄو الف اشباع جي قافيي ۾ منظوم ٿيل آهي (1).

ـــــ        سيد هارون جي سنڌي: سيد هارون دانهيري وارو (2) شاهه عبداللطيف جو غالبا وڏو معاصر. عموماً هي ’سيدن واري سنڌي‘ سڏبي هئي، ۽ ڪڇ جي مڪتبن ۾ پڙهائي ويندي هئي.

ـــــ        قمرالمنير، نبي صلعم جي معجزن بابت ڪڇ جي عالم مخدوم عبدالله نريي واري جو، ٻارهين صدي ۾ تاليف ڪيل، سنه 1290هه (1873ع) ۾، عبدالصمد نورنگ پوٽي جي ڪتاب سان بمبئي مان ڇپيو.

ـــــ        بدرالمنير، نبي صلعم جي سيرت ۽ سوانح تي مخدوم عبدالله هي ٻيو ڪتاب تنصيف ڪيو.

ـــــ        معراج نامو، مخدوم عبدالله جو تنصيف ڪيل. پهريائين سنه 1290هه (1873ع) ۾ يا ان کان اڳ مطبع نامي ڪريمي بمئي مان ڇپيو.

ـــــ        معراج نامو، جوريل محمد حسن سومرو (قلمي ’اداري سنڌيات‘ ۾  موجود).

ـــــ        معراج نامو، الف اشباع جي قافيي تي منظوم ڪيل ۽ غير معتبر روايتي رنگ ۾ چيل احمد جو، سنه 1279هه کان اڳ جو (قلمي 27 ماه جمادي اوليٰ 1279هه جو لکيل ’اداري سنڌيات‘ ۾ موجود، ۽ پڻ سنه 1325هه ۾ مطبع علوي بمبئي مان ڇپيل).

ـــــ        نبي صلعم کان التجا ۽ مناجات، جيڪا اصل عربي ۾ هئي (يا قبر طيب هل نبّک يسمع) تنهن کي ڪنهن بزرگ سنڌي نظم ۾ آندو (قلمي برٽش ميوزيم لئبرري).

ـــــ        هڪ ٻئي موضوع بابت سنڌي منطوميو (مٿئين سان گڏ ساڳئي جلد ۾ قلمي برٽش ميوزيم لئبرري).

ـــــ        هڪ ٻئي موضوع بابت سنڌي منظوميو (مٿئين سان گڏ ساڳئي جلد ۾ قلمي برٽش ميوزيم لئبرري)،


(1) . پهريائين ڀيرومل اهو تعداد ڄاڻايو جنهن کي پوءِ محمد صديق ميمڻ پڻ نقل ڪيو. ڀيرومل جي لکڻ موجب ”جملي پنجاه کن ڪتاب ابوالحسن جي سنڌي نموني آڳاٽي صورتخطي ۾ لکيل موجود آهن“ (سنڌي ٻولي جي تاريخ، ڪراچي ڇاپو، 1941ع، ص 248). ان کان پوءِ محمد صديق ميمڻ پڻ بنا ڪنهن وڏيڪ پڇا ڳاڇا جي ڀيرومل وارو ساڳيو عدد ڄاڻايو ۽ لکيو ته ”اهڙا ڪتاب تخميني پنجاه کن ٿيندا“ (ص 57).

(2) . اهي درسي ڪتاب جيڪي ’سنڌي‘ جي عنوان سان هن کان اڳ مٿي بيان ٿي چڪا آهن، سي الڳ آهن. جملي 138 کن نالا هن باب هيٺ آيا آهن.

(1) . جنهن جو عنوان ڪن قلمي نسخن ۾ ’تفسير هاشمي عم جو‘ يا ’تفسير هاشمي سنڌي جزء عم‘ پڻ ڄاڻايل آهي.هن تفسير جا خود مصنف جي دور جا دستخط  نسخا موجود آهن. ’هڪ تاريخ 21 ذي قعده سنه 1165هه‘ جو لکيل سنڌ صوبائي ميوزم ۾ محفوظ آهي. ٻيو هڪ سهڻو خوشخط نسخو تاريخ 14، ڏينهن اڱاري، ماه جمادي الثاني سنه 1169هه تي حافط محمد حسن نيرون ڪوٽي جو لکي پورو ڪيل راقم جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

(2) . هي ڪتاب ۽ ٻيا هيٺ ڏنل ڪتاب جن جي ڇپائي جو سال 1290هه يا ان کان اڳ ڄاڻايل اهي، تن جا نالا ڪتابن جي ان ’فهرست‘ ۾ ڏنل آهن، جيڪا بمبئي مان ڇپيل ڪتاب ”قمرالمنير“ جي پويان ڏنل آهي. قمرالمنير جي لکائي ڇپائي جي تاريخ ”14- ربيع الاول 1290هه ۽ 31 جئي 1854ع“ ڄاڻايل آهي. انهن ٻنهي تاريخن ۾ مطابقت ڪانهي، ۽ لکڻ ۾ ڪا غلطي ٿي آهي. سنه 1290هه جيڪڏهن قائم رکجي ته پوءِ عيسوي سال 1873ع تي بيهندو.

(1) . قلمي نسخو لکيل حافظ سلام الله جو، تاريخ 11 ربيع الثاني، ڇنڇر ڏينهن، سنه 1197هه، راقم جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

(2) ، هيءَ ڪتاب قلمي صورت ۾ راقم جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي، ۽ ’سنڌي منظوميي‘ جي صورت ۾ تصنيف ٿيل آهي.

(1). . راقم هي سنواريل قلمي نسخو شيخ محمد سومار مرحوم وٽ بدين ۾ ڏٺو.

(1) . مرحوم حڪيم معين الدين کنياروي جي ڪتبخاني (نواب شاهه) ۾ راقئم ڏٺو.

(2) . رچرڊ بَرٽَن پنهنجي ڪتاب ” سنڌ ۾ وسندڙ قومون“ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي.

(1). مرحوم حڪيم معين الدين کنياروي جي ڪتبخاني (نوابشاهه) ۾ راقم ڏٺو. افسوس جو ايترو وقت نه مليو جو هن ڪتبخاني جي قيمتي ڪتابن جا نقل هٿ ڪجن ها. بعد ۾ حڪيم مرحوم جو ڪتبخانو منتشر ٿي ويو، ۽ ڪي ڪتاب راقم (بحيثيت وائس چانسلر) جي ڪوشش سان گڏ سنڌ يونيورسٽي جي ڪتبخاني لاءِ خريد ڪري محفوظ ڪيا ويا.

(1) . مختصر يا ناقص) جنهن جو قلمي نسخو محترم محمد سومار شيخ مرحوم وٽ بدين ۾ ڏٺو ويو.

(1) .  پير جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ ڪنهن وقت سڄو موجود هو، ۽ پوءِ به پهريون ۽ ٽيون جلد موجود هئا جي راقم ڏٺا.

(1) . انگريز مصنف رچرڊ برٽن، ڪتاب ”سنڌ ۾ وسندڙ قومون“ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي.

(2) . سيد هارون عرف ميون هارون، تُوتڪي واري مقام (ٻني، تعلقي کاهوڙي) ۾ مدفون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org