سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باب:

صفحو:19 

تَرَ سائين ته تَرسان مُون کي مُون مَنجهان ڪِي نِه سِريو

سَڀَ گاليُون آن جي هَٿَ ۾، جاڻي تِينئه ڪريو (4)

ـــــــــــــ

سِکائئين ته سِکان، مُون ۾ سکڻ نِه ڪين

رُو هوندِس تيهي حال ۾، آنئِين رَکندا جِين (5)

ـــــــــــــ

هِئين چَڙهِائئين تون ته سَڀَ سُکَ هيئون جهَلي

جي سُکَ ڏئين مِيهيرَ ڪَري ته ٻِيئو ڪيرُ ڀَلي (6)

ـــــــــــــ

تُون رَسائين تَه رَسَن، توکي پَسِن نيڻَ

ڪوڏُ ٿئي ڪَنَنَ کي، تُوهِجا سُڻَنِ مِٺڙا ويڻ (7)

ـــــــــــــ

وِهاري وَٽَ اوڏڙي، مِٿي ڏِنو پَرَ ڏيهه

ڏِسان نَه سُلئِان گالِڙي ڪِي ڪَريئان چوئان ڪيکيہ (8)

ـــــــــــــ

جي اَرواحِين عَرشَ جِيُون، سي سَڀَ مون ڏان نِهارين

اَئُون پَسان آنءَ ڏُون، هي بِيٺيُون جَرَ هارِينِ (9)

ـــــــــــــ

تو لِکيو فَرمانَ ۾، مُون عَرش دِلي مومِنِنِ

سي سُڻِي ويڻَ فَرمانَ جا، مُول جِي جهَلِي دِلِ رُوحَن (10)

لاڙ جي سنڌي لهجي مطابق ساڳيا بيت هيٺئينءَ طرح پرهيا، جيتوڻيڪ ’ويرا’، ’چُوئان’، ’ڏيکارئي’، ’روهوندس’ ۽ ’ميهير‘ وارا اُچار پڻ هيٺين لاڙ ۾ اڃان تائين رائج آهن. ٻئي طرف ائين (اوهين) ۽ آن (اوهان) ’مٿئين لاڙ‘ واري ڀاڱي ۾ وڌيڪ رائج آهن. ’ڇڏيجا‘ يا ’ڇڏجائو‘ هالن واري تر ۾ وڌيڪ ڳالهائجن. مَنگي (گهري)، هي (هِي) ۽ ’ارواحين‘ (ارواحون) انهن ٽنهي لفظن جا اچار اُتر جي سِري واري ٻولي ۾ وڌيڪ عام آهن، جيتوڻيڪ ’ارواحِين‘ اُچار ڪوهستان ۽ ٻيلي جي ٻولي ۾ پڻ موجود آهن.

آخِرَ ويَر اٿڻ جِي، آئين روحَ ڇڏيجا راندِ

اٿِي وچ عرش جي، ڪوڏ ڪري مِلون ڪانڌِ.

ـــــــــــــ

ڌڻي منهنجي روحَ جا، هاڻي چوان ڪيئن ڪَري

روحَ کي ڏنِوَ پر ڏيهڙو، چئو سو دل ڌري.

ـــــــــــــ

مون منگي آن ڏيکارِي، نه ڪريان ڳالهه ڪيهي

هاڻي چوَرائئين تهچوان ٿي، ڳالهه ڳري ٿي پيئي.

ـــــــــــــ

ترسائين ته ترسان، مون کي مون منجهان ڪِي نه سريو

سڀ ڳالهيون آن جي هٿ ۾، ڄاڻي تيئن ڪريو.

ـــــــــــــ

سيکارئين ته سِکان، مون م سگڻ نه ڪيڻن

رَهندس تيهي حال ۾، آئِين رکندا جيئن

ـــــــــــــ

هِينئين چڙهيائئين تون، ته سڀ سُک هِينئون جهَلي

جي سُک ڏئين مِهرَ ڪري ته ٻئو ڪير پلي

ـــــــــــــ

تون رَسائين ته رَسَنِ، توکي پَسنِ نيڻِ

ڪوڏَ ٿئي ڪَنن کي، تنهنجا سُڻِن مٺڙا ويڻَ

ـــــــــــــ

ويهاري وَٽِ اوڏڙِي، مٿي ڏِنوَ پرڏيهه

ڏسان نه سُئان ڳالهڙي، ڪيئن ڪريان چوان ڪنهن کي

ـــــــــــــ

جي ارواحين عرش جيون، سي سڀ مون ڏانہ نهارين

آئون پسان آن، ڏونہ هي بيٺيون جَرَ هارين

ـــــــــــــ

تو لکيو فرمان ۾، مون عرشُ دِلِ مومنن

سي سڻي ويڻ فرمان جا، منهنجي جهلي دِل روحن

 

سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو راجسٿاني پرڳڻن تائين پهچڻ

سنڌ جون اُڀرندي ۽ ڏکڻ - اڀرندي واريون سرحدون صدين کان وٺي راجسٿاني پرڳڻن جي سرحدن سان مليل رهيون آهن. عرب حڪومت واري دور ۾ ڪنهن عرصي تائين اهي پرڳڻا سنڌ جي حڪومت سان لاڳو هئا: يعني جيسلمير، ٻاهڙ مير کان وٺي هيٺ مارواڙ جي مرڪزي شهر ڀيلمان تائين سنڌ جي ثقافت جو اثر پيو. طبعي لحاظ سان پڻ سنڌ جي اُڀرندين ۽ ڏکڻ - اُڀرندين ڀاڱن توڙي پاڙيسري راجسٿاني پرڳڻن جون حالتون هڪ جهڙيون هيون، جنهنڪري ماڻهن جي ڌنڌي، پيشي ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ هڪ جهڙائي رهي. سنڌ جون قومون ۽ قبيلا انهن ڀاڱن ۾ وڃي آباد ٿيا ته راجسٿاني جي ٺَڪرن سوڍن ۽ ڀَٽين اچي سنڌ کي وسايو. ٻنهي طرفن جي قومن ۽ قبيلن جي جتي پاڻ ۾ گهاٽي لهه - وچڙٿي، اتي سنڌي ۽ راجسٿاني ٻولي جي ميلاپ سان هڪ نئين ٻولي کي جنم مليو، جنهن کي هن وقت اسان ’ڍاٽڪي’ سڏيون ٿا. ٻنهي طرفن جي قومن جي آڳاٽي گڏجاڻي جو مکيه مرڪز سنڌ سان شامل اها اراضي هئي جنهن کي ’کاوڙ‘ سڏجي ٿو. برسات ۾ هن اراضي ۾ جهجهو گاهه ٿيندو هو ۽ ڪنهن آڳاٽي دور کان وٺي راجسٿان طرف جا مالوندو ماڻهو پڻ سال بسال سانوڻي واري موسم ۾ مال ڪاهي اچي کاوڙ ۾ وهندا هئا. سنڌ ۾ کاوڙ جي وس ۽ سُڪار واريون يادگيريون دعائن سان ويندي هن دور تائين هلنديون آيون آهن:

ڍٽ وٺو، پٽ وٺو، وٺو کاوڙ کارو *

سک وسي ٿي سنڌڙي، پيرن جو پاڙو

قادر ڪامارو، والي تون وسائين.

کاوڙ طرف مالوندو ماڻهن جي انهيءَ تاريخي لڏ پلاڻ ۾ پاڻ ۾ گڏجڻ ۽ رهڻ مان ڪنهن سمي اتي نئين ’ڍاٽڪي ٻولي’ وجود ۾ آئي، جيڪا هن وقت تائين کاؤڙ جي خاص ٻولي آهي؛ جيتوڻيڪ ’ڪَنٺي‘ ۾ پڻ رائج آهي. ’کاوڙ‘ وارو سٺو علائقو مٿاهون هو، انهيءَ ڪري ’پَٽ‘ (= هيٺاهون) جي ڀيٽ ۾ ان کي ’ڍَٽ‘ سڏيائون. پر اهو ان ڀاڱي جو صفاتي نالو هو؛ اصل نالو کاوڙ ئي هو، جيڪو آڳاٽي وقت کان وٺي ويندي ٽالپورن جي دور تائين سنڌ ۾ شامل هو (1). ورهاڱي واري وقت تائين هن پرڳڻي ۾ جيڪي مکيه وڏا قبيلا آباد هئا: (هدن مان) سوڍا ٺڪر، (مسلمانن مان) سميجا، راهوما، نهڙيا، سنگراسي (مسلمان)، ڏوهٽ (مسلمان) ۽ ڪي ٻيا. ’ڍاٽڪي ٻولي‘ جو بنيادي ڍانچو سنڌ ئي آهي، پر ان جي لباس ۾ راجسٿاني رنگ ڀريل آهي. ’ڍاٽڪي ٻولي‘ آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ ۽ راجسٿان جي ثقافتن کي ڳنڍيندڙ وچين ڪڙي آهي. ڪي راجسٿاني پهاڪا، دانائي جا گفتا، ۽ عوامي افسانا ڍول - مارئي وغيره ڍاٽڪي ذريعي سنڌ ۾ رائج ٿيا: ٻئي طرف سنڌ جا مثال ۽ پهاڪا، داستان ۽ افسانا، بلڪ بيت ۽ شعر راجسٿان طرف رائج ٿيا. راجسٿان واري ڀاڱي ۾ آباد سنڌ جي قومن ۽ قبيلن سنڌي ٻولي کي ان طرف مشهور ڪيو.

سنڌ جي ولين ۽ درويشن جي ڪلام جو راجسٿاني ڀاڱن جي انهن فقيرن ڀڳتن تي اثر پيو جيڪي جوڳ ۽ ڀڳتي عقيدن جا پوئلڳ ۽ ڌڻي جي هيڪڙائي کي مڃيندڙ ۽ موحد هئا. خاص طرح سنڌ جي وڏي عالم، عارف ۽ صوفي قادن (1465 - 1551ع) جي ڪلام جو، راجسٿان جي درويش دادو ديال (1544 - 1603ع) تي وڏو اثر پيو، ۽ دادو ديال نه فقط قاضي قادن جي بيتن کان متاثر ٿي پاڻ سنڌي بيت ۽ وايون چيون، پر سندس پوئلڳ ڀڳتن ۽ فقيرن قاضي قادن جي بيتن کي راجسٿان توڙي راجسٿان کان ٻاهر تائين مشهور ڪري ڇڏيو.

دادو ديال جو سنڌي ڪلام. مٿي اسان بيان ڪري آيا آهيون ته قاضي قادن جا بيت سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاهر هند ۾ مشهور ٿيا ۽ انهن ۾ سمايل ڌڻي جي هيڪڙائي، انساني اخلاق جي بلندي، سچي صحبت ۽ سچائي جي سبقن جو وڏو اثر ٿيو. قاضي قادن جي انهن بي نظير بيتن کي سنڌ ۾ خاص طرح مبين شاهه ڪريم، راجسٿان ۾ دادو ديال ۽ اوڀر هندوستان ۾ برهانپور طرف اتي رهندڙ سنڌي بزرگن مشهور ڪيو.

دادو بابت ’دبستان مذاهب‘ جي مصنف لکيو آهي ته هو هڪ ’نِداف‘ يعني پڃاري جي گهر ۾ ڄائو. عام روايت موجب هو احمد آباد ۾ وڌي وڏو ٿيو. سندس اصل نالو دائود يار هو، ۽ سامڀر جي درويش شيخ ٻُڍڻ صوفي جي دعا سان پاڻ به صاف دل صوفي ٿي پيو. جئن پوءِ تئن گهڻا هندو فقير ۽ سنت سندس مڃتا ۾ آيا ۽ اهي کيس پنهنجي ويساهه مطابق هندو سمجهڻ لڳا. مسلمان مريد به سندس دائري ۾ داخل هئا ۽ بنگال ۾ مسلمان به کيس مڃيندا آهن. دادو جي مريدن ۾ رجب پٺاڻ هڪ وڏو درويش هو جنهن جا بيت مشهور آهن.

ميون شاهه ڪريم (1538 - 1623ع) ۽ دادو ديال (1544 - 1602ع) همعصر هئا. ان دور ۾ سنڌ کان ٻاهر ڪي ٻيا درويش جهڙوڪ قاضي قادن محمود (گجرات)، احمد، ڪالُو، هَلُو، سمن ۽ ٻيا (1) پڻ انهيءَ رنگ ۾ رتل هئا. انهن درويشن جا چيل دوها ۽ بيت سنڌ ۾ پڻ مقبول پيا ۽ شاهه عبداللطيف جي دور تائين مشهور رهيا: اهي شاهه صاحب پاڻ پڙهيا يا سنسد آڏو پڙهيا ويا جو پوءِ رسلي جي سر ’ويراڳ هندي‘ هيٺ پڻ لکيا ويا.هن سُرِ هيٺ دادو ديال، سمن ۽ ڪالُو جا دوها سندن نالن سان ڏنل آهن. اسان احمد جا هندي - آميز دوها ۽ درويش دادو جا ڪي سنڌي بيت آڳاٽو ٻڌا پر ان وقت اهو ويساهه ئي نٿي ٿيو ته ڪو دادو ديال سنڌي ۾ پڻ بيت چيا هوندا. دادو ديال پنهنجي وقت جو وڏو ڀڳت ۽ درويش ڪَوِي هو ۽ گهڻو شعر چيائين جيڪو سندس چيلن جا بجا مشهور ڪري ڇڏيو؛ پر انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته کانئس پوءِ ٻين پڻ سندس نالي سان دوها ٺاهي مشهور ڪري ڇڏيا. سندس اصل صحيح ڪلام کي فقط سندس دوهن جي سٽاء ۽ سندس اسلوب بيان مان ئي ڪنهن حد تائين پرکي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ مشهور دادو جا بيت اڪثر سندس نالي سان ئي شروع ٿين ٿا. مثلاً ’شاه جي رسالي’ جي ”سر ويراڳ هندي“ هيٺ ڏنل سندس هيٺيان بيت ته:

دادو دعويٰ ڇوڙ دي، بن دعويٰ دِن ڪَٽ

ڪِتني سودي ڪر گئي، اس پاساري ڪي هٽ

ـــــــــــــ

دادو! دعويٰ ڇوڙ دي، تو هووي خير ڪا خير

نا ڪِسي ڪِي دوستي، نا ڪِسِي ڪا بير

دادو ديال تي قاضي قادن جي ڪلام جو وڏو اثر هو. ائين ڀانئجي ٿو ته قاضي قادن ئي دادو ديال جو روحاني رهبر هو. قاضي قادن جيتوڻيڪ اڳ ٿي گذريو، مگر سندس بي بها بيتن ئي دادو ديال کي ڌڻي جي هيڪڙائي ڏانهن وڌيڪ مائل ڪيو ۽ هن فقيري ۽ درويشي اختيار ڪئي. انهيءَ ڪري هن پنهنجي ڪلام قاضي قادن جي بيتن کان متاثر ٿي چيو. دادو ديال جا دوها ۽ ٻيو ڪلام سنڌ ۾(ٽيهه چاليهه سال اڳ) ۽ ان کان وڌيڪ راجسٿان طرف گهڻو هلندڙ هو. ڪن ڪتابن ۾ پڻ سندس ڪلام قلمبند ٿي چڪو آهي (1) ۽ تازو هندوستان جي هرياڻا صوبي جي ڳوٺ راڻيلا ۾ دادو پنٿي ڀڳت هريداس جي قائم ڪيل مَٺَ (مڙهِي يا اوتارو) مان 69 کن فقيرن ۽ درويشن جو ڪلام دستخط صورت ۾ مليو آهي، جنهن ۾ قاضي قادن، دادو ديال ۽ ٻين جو ڪلام جدا جدا عنوانن هيٺ لکيل آهي. قاضي قادن جي ڪلام واري باب هيٺ پڻ ڪي بيت دادو ديال ۽ ٻين شاعرن درويشن جا شامل آهن. جن مان ظاهر آهي ته هن قاضي قادن جي بيتن کان متاثر ٿي بيت چيا. قاضي قادن جو بيت هو ته:

اکيون آڪاساه، فَوجُون ڪَري اُلَٿِيُون

سوڙهِي ڳلِي منجهاه، سوجهي پِري لهندِيوُن

درويش دادو بيت چيو ته:

دادو! اکيون پسڻ کي پِرِي، اُلَٿِيان منجهه

جتي بيٺو ما پِري نِهاريندو هنجهه (2).

هن باب هيٺ ٻيا به ڪي بيت غالباً دادو ديال جا آهن جن تي اسان اڳتي هلي روشني وجهنداسون (3). دادو ديال غالباً سنڌ ۾ ڳچ وقت رهيو ۽کيس سنڌي ٻولي جي چڱي چاڻ هئي. هن راجسٿان هندي ٻولين ۾ گهڻو ڪلام چيو پر سنڌي ۾ به ڪافي بيت چيائين. جيئن ته هو گهڻي ڪلام وارو ۽ گهڻي پَٿِ وارو مشهور شاعر ۽ درويش ٿي گذريو، انهيءَ ڪري ٻين مشهور شاعرن وانگر سندس ڪلام ۾ پڻ پوءِ ٻيو ٻاهريون ڪلام گڏجي ويو: يعني ته کانئس پوءِ ٻين سندس نالو وجهي، دوها، بيت، بلڪ سنڌي وايون سدنس نالي سان هُلائي ڇڏيون (1). دادو ديال جا ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا:

دادو! جهاتي پائي پس پري، هاڻي لاءِ مَ وير

سٿ سڀوئي هليو، پوءِ پسندوُن ڪير.

ـــــــــــــ

دادو! غافل ڇو وتين، منجهين رب نهار

منجهيئي پِي پاڻ جو، منجهيئي ويچار.

ـــــــــــــ

دادو! غافل ڇو وتين، آهي منجهه اَلله

پِري پاڻ جو پاڻ سين، لهي سڀوئي ساء.

ـــــــــــــ

دادو! جِين تيل تِلن ۾، جِين ڳَنڌ ڦُلن

جِين مکڻ کير ۾، تِين رب رهن.

بهرحال سنڌ جي صوفي بزرگن جي برڪت سان، سنڌ کان ٻاهر جي درويشن تي سندن اثر پيو، ايتري قدر جو ڪن ٻاهرين ڀڳتن ۽ درويشن سنڌي ٻولي جا الفاظ ۽ فقرا پنهنجي ڪلام ۾ آندا، ۽ ڪن درويشن دادو ديال وانگر سنڌي ٻولي جي چڱي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ان ۾ ڪلام چيو. دادو ديال جي سنڌي ڪلام سان، سنڌي ٻولي ۽ ان جو ادب ۽ ثقافت، خاص طرح راجسٿاني علائقن تائين پهتا ۽ مشهور ٿيا.

ٻولي جي روايتي ادب جي ذخيري جو اضافو

اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته سومرن جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي قصن ڪهاڻين واري ادبي روايت جو بنياد مضبوط ٿيو. سمن جي طور ۾، فقط نوري ۽ ڄام تماچي جي نئين عشقيہ داستان جو اضافو ٿيو؛ مگر ان سان گڏ سورهين، سخين ۽ عاشقن جي ننڍين وڏين ڳالهين کي نئين سر کنيو ويو ۽ ڳالهين ڳائڻ ۽ قصه خواني جي فن کي اوج تي پهچايو ويو. اها ادبي ۽ فني روايت پنهنجي جاذبيت ۽ عام مقبوليت سببان سمن کان پواءِ واري دور ۾ پڻ هلندي آئي. ’ڳالهين ڳائڻ‘ جي فن جي ترقي سان ڪي نيون ڳالهيون ۽ نوان داستان هن دور ۾ اُسريا ۽ ٻيا ڪي اڳيان داستان وڌيڪ مشهور ٿيا. انهن مان ’همون ۽ دولهه دريا خان‘ ۽ بوبنا ۽ جراڙ’ جا عشقيه داستان ۽ ’بڊاماڻي پُنري‘ جي سورهيائي جو ڪارنامو خاص اهيمت رکن ٿا.

دولهه دريا خان ۽ همون راٺوڙ. روايتي طور هي داستان پنهنجي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن سان ڄام نظام الدين جي داناء ۽ سورهيه سپہ سالار دريا خان جي شخصيت تائين پهچي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته دريا خان راٺوڙ قبيلي مان همون نالي حسين ڇوڪريءَ سان وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪئي هجي، ۽ دريا خان جي حياتي واري دور ۾ ئي اها شادي مشهور ٿي وئي هجي. پر سنه 927 هه (1520ع) ۾ جڏهن دريا خان ارغونن جي لشڪر سان وڏي بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيو، ته هر جاءِ سندس هاڪ هُلي وئي ۽ هو هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويو. سندس شهادت کان پوءِ سندس ذاتي گُڻن ڳالهين ۽ سندس اعليٰ ڪارنامن کي بيان ڪيو ويو؛ تان جو وقت گذرڻ سان اهي افسانا بنجي ويا. (1)

دريا خان جي همون سان شادي واري ڳالهه ته خاص طرح عوام ۾ هڪ دلي پذير داستان جي صورت ۾ ٿيڻ ۽ ڳاهن سان ڳائجڻ لڳي (1). مثلاً

گابَر‘! گابا ڏٻرا تنهنجا هِڏي سائي گاه

ڪَ چُوڙيلن چوئيا، ڪَ مُئي اٿن ماء!

نڪي چوڙيلين چوئيا، نڪي مئي اٿن ماء

سي ڪيئن مچن مچ ڪري جن ڄام ندي جو ڊاء.

موکي ۽ متارا. موکي ۽ متارن جي داستان ۾ قديم ايران جي مُغن ميخانن واري ماحول جو تخيل سمايل آهي (2).  هي ڳالهه ڪنهن آڳاتي وقت کان وٺي سنڌ ۾ هلندڙ هئي، پر ميخاني جي ماحول ۽ متارن جي نفسياتي ڪيفيت واري ڳوڙهي سٽاء سبان هي ڳالهه عوام ۾ ايترو گهڻو مشهور ڪانه ٿي. ارغون - ترخان - مغليه دور ۾ فارسي شاعري جي عروج ۽ اوج سببان مئي ۽ ميخاني، پير - مغان ۽ سقي، بُطِي ۽ پيالي، مئي نوشي ۽ مدهوشي جا موضوع وڌيڪ چمڪيا. هن موضوع جي وڌندڙ مقبوليت جي مدنظر ’سنڌي اعليٰ شاعري‘ ۾ پڻ هيءُ موضوع معنوي صورت ۾ رائج ٿيو. ان جي پهرين شاهدي هن دور جي ڪامل درويش ۽ وڏي شاعر ميين شاهه ڪريم (وفات 1032هه/1623ع) جي ٻڌايل هيٺئين بيت ۾ ملي ٿي، جنهن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته هيءُ داستان هن دور ۾ مشهور ٿيو:

متارڪا ڳڀرو، گرٿ نه ٻڌن گوڏ

آيا اڱڻ هوڏ، سِر ڏئو سرو پين.

بُوبنا ۽ جراڙ. هن قصي جي ڪردارن جي نالن جهڙوڪ نظام ۽ ڄام شهزادا، صالح يا سالم وزير، نادر پهلوان ۽ ترڪ بادشاهه مان ظاهر آهي ته هي قصو هن پوئين دور جو آهي. نظام جو پٽ جَراڙ هو، ۽ بوبنا وري مارک نالي ڏاهري سردار جي ڌيءَ هئي. سندن شادي وارو اهڃاڻ، يعني ترڪن ۽ سمن جي رشتيداري وارو اهڃاڻ، ارغون - ترخان - مغليه دور جو آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان اهو داستان هن دور ۾ ئي اُسريو (1) ۽ ان کي ڳاهن سان ڳايو ويو. مثلاً:

مارک ۽ جلال، کڏون ڪين کوٽيون

يا واڳون ٽيڪ لڳيون، يا ڳوري ڳلِ ٻانهون!

ـــــــــــــ

اکيون تنهنجيون ڪام ڪهيون، آهن بنا ڪات

سچ چؤڙي جلاليا، ڪنهن سَرِ هئين رات؟

بڊاماڻي پنرو. بڊاماڻي پنرو سنڌ جي ’ڪاڇي‘ جو هڪ سورهيه سردار هو. سندس ڪوٽ تي ڪنهن ’مغل‘ ڪاه ڪئي. ان نالي مان گمان نڪري ٿو ته اها چڙهائي ارغون - ترخانن يا مغلن واري دور ۾ ٿي سگهي ٿي. انهيءَ لحاظ سان هيءُ داستان هن دور ۾ ئي اُسريو ۽ ڳاهن سان ڳايو ويو (1): مثلاً

بڊاماڻي پنرا، اڄ گهرجين آءُ

ماٽيجي ۽ ماء، ٻيئي وڃن ٻانَ ۾.

پنري جواب ڏنو:

نڪي پنرو تو ڄائو، نڪي تو وٽ هوءِ

پوءِ ماٽيجي ميهڻو، ڇي لاءِ ڏنوءِ(2)

سنڌي شعر جي مستند تحريري ذخيري ۾ اضافو

هن دور ۾ سنڌي شعر جي تحريري ذخيري، يعني هن دور جي معلوم ۽ مشهور شاعرن جي چيل ۽ لکيت ۾ محفوظ ڪيل بيتن جي ذخيري ۾ وڏو واڌارو ٿيو. ميون شاهه عبدالڪريم نه فقط هن دور جو وڏو ولي ۽ شاعر هو، مگر هن دور توڙي ان کان اڳئين دور ۾ چيل سنڌي بيتن جو وڏو راوي هو. سندس ملفوظات ذريعي محفوظ ٿيل بيتن جو ذخيرو، جيڪو ان وقت جي لکيت ۾ موجود آهي، سو ان دور جي سنڌي ٻولي جو هڪ مستند دستاويز آهي. شاهه ڪريم جي بيتن تي اڳتي هلي تفصيلي روشني وجهنداسون. سنڌ کان ٻاهر پڻ هن دور ۾ دادو ديال ۽ پراڻناٿ ٻه اهڙا فقير ۽ ساڌو هئا، جن ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ۾ پڻ پنهنجو منظوم ڪلام لکيت ۾ ڇڏيو. سندس ذڪر هن کان اڳ ٿي چڪو آهي. سنڌ کان ٻاهرين روايت ذريعي پهتل سنڌي بيتن جي ذخيري کي اسان بعد ۾ بحث هيٺ آڻينداسون. هت اسان هن دور ۾ سنڌ جي انهن باقي شاعرن جو زڪر ڪنداسون، جن جا نالا يا بيت سنڌ جي پڪي پختي ۽ مستند روايت ذريعي اسان تائين پهتا آهن. جيتوڻيڪ اهي سڀ بيت بالڪل معاصرانه لکيتن ۾ محفوظ ناهن جو انهن جي ٻولي جي سٽاء کي پوري طرح پرکي سگهجي، تنهن هوندي به مجموعي طور سان اهي سنڌ جي مستند روايتن ذريعي اسان تائين پهتا آهن، ۽ انهيءَ ڪري موجوده متن جي اعتبار سان پڻ ان دور جي ٻولي، شاعري ۽ فڪر جو آئينو آهي.

راڄو ستيو دل. درويش راڄي ستيي دل بابت مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو ته جڏهن کيس ڪابه ڳالهه آڏو ايندي هئي ته: ”اُٿي بيهي سُر ۽ الحان سان ڪو سنڌي بيت پڙهندو هو ۽ جيڪي چوندو هو سو ٿيندو هو.“ هن درويش سنه 977 هه ۾ وفات ڪئي (1).  جيڪڏهن وڏي عمر هئس ته پوءِ سندس ولادت ۽ بلوغت غالباً سمن جي دور ۾ ٿي هوندي؛ ۽ ٿي سگهي ٿو ته هيءُ بزرگ جيڪي بيت پڙهندو هو، تن مان ڪي سندس ننڍي هوندي جا ياد ڪيل ۽ سمن جي دور جا ئي هجن. البت تحفة الڪرام ۾ اهي بيت ڏنل ڪين آهن ۽ نڪي اڄ تائين ٻئي ڪنهن ماخذ ذريعي معلوم ٿي سگهيا آهن. هن دور جي ٻين شاعرن جا بيت البت لکيت ۾ موجود آهن.

مخدوم نوح رح. مخدوم صاحب پنهنجي ولايت جي اوائلي دور ۾ الاهي مُشاهدي بابت ائين ڀانيو ته ڄڻ هو ’ذات حق‘ کي پنهنجي اکين سان ڏسي ٿو سگهي. اهو ٻڌي مخدوم جعفر بوبڪائي هلي آيو ۽ اچي مخدوم صاحب کي ذهن نشين ڪرايائين ته الاهي مُشاهدن جو تعلق ظاهري اکين سان نه بلڪ اندر جي اکين سان آهي. وڌيڪ سمجهائڻ خاطر مخدوم موصوف کي چيائين ته: اکيون بند ڪريو ۽ پوءِ توجهه ڪريو. مخدوم صاحب ائين ڪيو ته پاڻ اندروني توجهه سان وڌيڪ مشاهدو ٿيو ۽ مخدوم جعفر جي سڄي حقيقت کي محسوس ڪيائون. پوءِ ٻين جي هدايت خاطر مثال ڏيئي چوندا هئا ته:

”نه آيو جعفر، ته نوح ٿيو ڪافر“

انهيءَ ساڳي حقيقت کي پنهنجي هيٺين بيت ۾ بيان ڪيائون ته:

اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن

آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي.

پنهنجي زندگي جي غالباً پوئين دور ۾ مريدن ۽ معتقدن جي هدايت لاءِ مخدوم صاحب بعضي ڪي بيت چيا، جيئن ته:

ماڪَ نه ڀانيو ماڙهئا، پيئي جا پرڀات

روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي (1).

مخدوم نوح رحه پنهنجي آخري بيماري واري وقت ۾ پڻ ڪي بيت چيا، جيڪي وڌيڪ مشهور آهن. پنهنجي بيماري کي مُهِلڪ مرض ڄاڻندي، ۽ پڻ پنهنجن ڪن رفيقن ۽ پيارن جي جدائي محسوس ڪندي هيءُ بيت چيائين ته:

نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سا سَگهِي چانٺ

ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻيا (2).

پنهنجي هڪ پياري معتقد، ابابڪر لڪياري جي نالي پيغام طور بيت چيائين ته:

ابابڪر آء، سامي سفر هليا

تِهان پوءِ متا، سِڪيين سناسين کي (1).

اهو بيت جڏهن ابابڪر ٻڌو، تڏهن پنهنجي طرفان پيغام طور بيت چوائي موڪليائين ته:

اچان ٿو اچان، ڪجائو ڪا جَري جي جٽا

تهان پوءِ متا، سِڪان سناسين کي (1).

مخدوم نوح صاحب خميس ڏينهن تاريخ 7 ذوالقعده سنه 998 هه (1590ع) ۾ وفات ڪئي. انهيءَ لحاظ سان پويان ٽي بيت وفات واري آخري مهيني جا ٿي سگهن ٿا. پهريون بيت البت اڳ جو ۽ اندازاً 950 - 998 هه واري دور جو ٿي سگهي ٿو.

ميين سيد علي ثاني شيرازي جو بيت. مٿي پير مراد شيرازي جي بيان هيٺ ذڪر ٿي چڪو آهي ته ڄام ندي جي عهد ۾ سيد علي ثاني (بن سيد جلال بن سيد علي شيرازي اول) سنه 891هه/1486ع ۾ ڄائو ۽ کيس سندس ناني پير مراد هيٺين منظوم فقري ۾ دعا ڪئي ته:

”الله، او ڀاتي! ڏيئي وڏي ڄمارا“

ميين سيد علي ثاني جي نه فقط ولادت پر سڄي تربيت سمن جي دور ۾ ٿي، ڇاڪاڻ ته سمن جي حڪومت جي خاتمي واري سال (927هه) سندس عمر ڇٽيهه ورهيه کن هئي. ميرمعصوم لکي ٿو ته سيد علي، ٺٽي جي وڏن برگزيدن بزرگن مان هو؛ علم، زهد ۽ سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو؛ ۽ مڪليءَ جي درگاهن تي سماع ڪرائيندو هو. سنه 981هه (1573ع) ۾ وفات ڪيائين (2).

’معارف الانوار‘ جي مصنف محمد صالح ولد ملا زڪريا ٺٽوي لکيو آهي ته، ميين علي ثاني جڏهن ٻيو دفعو حج جو ارادو ڪيو ته علماء ڪرام ۽ ٻيا وٽس آيا ۽ عرض ڪيائون ته هن سال اِرادو ملتوي ڪريو. انهيءَ عرض کي قبول ڪيائون، پر ان موقعي تي هن سنڌ بيت ۾ حاضرين کي خطاب ڪيائون جو پاڻ جوڙيائون ته:

سرتين سانگ سکن جو، مون کي رويو رهائين

آءٌ ٿي هلان هوت ڏي، تان هو واريو وهارين

وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين

کُهَندا ٿيون کارين، ڪانه هلائي ڪڇ ڏي (1)

تاريخ معصومي ۾ ڄاڻايل آهي ته ميون سيد علي ثاني هڪ عالم ۽ بزرگ هو ۽ سماع جو به کيس شوق هو، جو ملڪي جي درگاهن تي سماع ڪرائيندو هو. ’معارف الانوار‘ جي مصنف صاف طور لکيو آهي ته عالم وغيره جن کيس اچي گذارش ڪئي، تن کي هن بيت ۾ جواب ڏنائين، جو پاڻ جوڙيائن. ان مان ظاهر آهي ته ميون سيد علي ثاني هڪ عالم ۽ برگزيده شخص ۽ سنڌيءَ جو قادرالڪلام شاعر هو. سندس اهو بيت اندازاً 930هه کان 965هه واري عرصي جو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ عرصي ۾ئي سندس حج وڃڻ قريبن قياس نظر اچي ٿو. سندس هڪ همعصر درس الله ڏنو ساڻس بيت بازي ڪندو هو، پَر درس الله ڏني جي انهن بيتن بابت اڄ تائين ڪجهه به معلوم ٿي نه سگهيو آهي (1).

مخدوم ميون ونهيو چانيهو: تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع کيس پنهنجي وقت جي وڏن مشائخن ۽ اوليائن مان ”حال ۽ قال جو صاحب“ ڪري ڄاڻايو اهي. 1001هه ۾ وفات ڪيائين ۽ اهو سال ”مات في عشق“ (عربي) ۽ ”در عشق جان سپرده“ (فارسي) جي تاريخي مادن مان نڪري ٿو. مييون ونهيون ٽنڊي الهيار کان ٽنڊي آدم واري پڪي رستي لڳ اولهه طرف مدفون آهي، جتي پوءِ بيگلارن جي گهراڻي جا سربراه به دفن ٿيا. ميين ونهيين جو هيٺيون بيت اسان ولهاري بزرگن جي ڪتبخاني جي باقي بچيل ڪاغذن مان هڪ قلمي ورق تي لکيل مليو جنهن جي پويان تصديق طور ڄاڻايل ته ”ڪلام مخدوم ونهيه“:

ڏکن سين (مر) گهار، نيباهُو نه سُکڙا

جهڙي تهڙي حال، لنگهي ويندا ڏينهڙا.

مخدوم قاضي عثمان درٻيلائي: مير معصوم ”تاريخ سنڌ“ ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو اٿس ته وڏي ۾ وڏو عالم هو ۽ سڀني علمن ۾ دسترس هئس. ان سان گڏ وڏو پرهيزگار متقي، نهايت نهٺو ۽ نماڻو هو. ڪنهن کان به ڪڏهن نذر نياز طور ڪجهه به قبول نه ڪيائين. وڏي درسگاهه هئس ۽ استادن ۽ شاگردن سان گڏجي گذاريائين ۽ سندس مهماني ۽ خدمت ڪيائين. سنه 1002هه ۾ وفات ڪيائين. مخدوم عثمان جو بيت پڻ اسان کي ولهاري بزرگن جو ڪتبخاني جي باقي بچيل ڪاغذن مان هڪ ورق تي لکيل مليو جنهن کي موجوده صورتخطي ۾ هيٺينءَ طرح لکي پڙهي سگهجي ٿو.

جيڪين لهيو سو پس، اَڻ - لهيو ڪونه مري

ڳالهيون اُن جَلّ و عَليٰ وهيڻيون، هن گوليءَ ڪونهي وس *

شاهه خيرالدين رحه ۽ سندس دور جي  ٻئي درويش جا بيت. شاهه خيرالدين رحه قادري طريقي جو ولي سکر ۾ مدفون آهي. 911هه ۾ بغداد ۾ ڄائو، پر آخر پنهنجي سُڪونت اچي سکر ۾ ڪيائين جتي

سنه 1027هه ۾ وفات ڪيائين. عام روايت موجب، سندس دور ۾ ڪو درويش وٽس ايندو هو، پر هڪ سال هو ڪونه آيو. شاهه خيرالدين پڇا ڪئي ته معلوم ٿيو ته درياء خوردي سببان درويش جي خانقاه واري ۾ دٻجي وئي آهي. اهو ٻڌي شاهه خيرالدين گهوڙي تي چڙهيو ۽ ان ماڳ تي آيو. جڏهن مٿان وريل واري ۽ مٽي اٿلايائون ته درويش واري ڪوٺڙي جو نشان مليو. دروازو کوليائون ته درويش صحيح سلامت سجدي ۾ ڏٺائون. جنهن تي شاهه خيرالدين کيس مخاطب ٿي چيو ته:

نه تو ڪعبو، نه تو قبلو، رهين ٿو منجهه سجود

ويساري پاڻ کي، ملين ساڻ دريا.

اهو ٻڌي هن دوريش جواب ڏنو ته:

ڪوه ڪندو تن قبلو، جن سڃاتو سلطان

پرين اسين پاڻ، سجود ڪرهون ڪن کي.

وفات وقت شاهه خيرالدين جي عمر 115 سال کن هئي. مٿين روايت موجب، هن اندازً اسي سالن جي عمر تائين گهوڙي تي سواري ڪئي هوندي ۽ انهيءَ لحاظ سان اهي بيت اندازاً 990 هه (1582ع) جا چيل ٿي سگهن ٿا (1).

مخدوم عثمان اگهم ڪوٽي. ميين شاهه ڪريم بيان ڪيو ته: مخدوم محمد اسماعيل سومرو (رحه) فقير به هو ۽ غني به هو، ۽ ماهيو مال به جهجهو هوندو هوس. هڪ ڏيهاڙي سندس نياڻي مخدوم عثمان کان، جيڪو ان زماني جي سياڻن مان هو، پڇيو ته: اسان جون ٻانهيون جڏهن ڏڌ ولوڙينديون آهن، تڏهن پيرن جي تَڏ ڏيئي، مانڌاڻي کي گهمائينديون آهن، ۽ ان وقت ڏڌ جا ڦُڙا جيڪي پيرن کي لڳي وري چاڏيءَ ۾ اچي پوندا آهن، سي پاڪ آهن يا نه؟

مخدوم جواب ۾ هي بيت چيو:

چارِي پَلَءَ چِڪَ ۾، پُڇي پارِيرَ وِٺِ

اِنَ اِهڙي اِحتياط سين، ڦِٺِ پُڄاڻا ڦِٺِ (1).

مخدوم محمد اسماعيل سومرو اگهم ڪوٽ (موجوده اگهاماڻي) ۾ رهندڙ هو ۽ اتي ئي سنه 996هه (1588ع) ۾ وفات ڪيائين. هيءَ ڳالهه سندس زندگي جي وچين دور (950 - 970هه) جي ٿي سگهي ٿي، جڏهن سندس گهر۾ وڏا ولوڙا ٿيندا هئا ۽ سندس نياڻي پڻ کير ولوڙيندي هئي. مخدوم عثمان سندس ڪو ويجهو عزيز هو، جنهن کان سندس نياڻي اهو سوال پڇيو ۽ هن اهو بيت جواب طور پڙهيو. ڳالهه جي ٽاڻي مان ائين ئي لڳي ٿو ته اهو خود مخدوم عثمان جو پنهنجو چيل بيت هو.

ميين شاهه ڪريم جي هڪ همعصر درويش جو بيت. هڪڙي ڏينهن شاهه ڪريم جن سوار ٿي مريدن سان ٻاهر نڪتا. اوچتو واٽ تي هڪ شخص منهن پين، جيڪو درويشي، مجاهدي ۽ ترڪ لباس جي ڪري مشهور هو. انهيءَ وقت بدن تي اڇا ڪپڙا ۽ سِر تي وڏو پٽڪو ٻڌل هوس. تڏهن ڏانهس نهاري فرمايائون ته: تون اهو ئي آهين جو اڳي هئين؟ ان شخص مطلب صحيح ڪيو ۽ هي بيت پڙهيائين:

ڦِٽيون ڪَرِ ڦَڙَڪِيُون، وَرَ وِنگانئي پاءِ

جا تَنَ اندرِ کاءِ، سا معلومُ محبوبَ کي. (2)

ظاهر آهي ته اهو بيت ميين شاهه ڪريم جي وفات (1032هه) کان ڪم از ڪم ٽيهه سال کن اڳ جو آهي، جڏهن ميون شاهه ڪريم سواري ڪندو هو.

ميين شاهه ڪريم جي ٻئي هڪ همعصر جو بيت. ميين شاه ڪريم کان سندس مريدن پڇيو ته: فلاڻو شخص هڪ بيت ٿو پڙهي؛ اسين حيرت ۾ آهيون ۽ ان جي معنيٰ پروڙي نٿا سگهون:

وائِي وَڃِيمَ ڇالَ، ۽ ڪَنين سين ڪِينَ سَڻيان

ڀَلو ڪَري ڀالَ، ته اکيون سين انڌو ٿِيان. (1)

هي بيت ميين شاهه ڪريم جي وفات (1032هه) کان اڳ جو چيل آهي.

شاهه ڪريم جي زباني بيان ٿيل بيت ۽ انهن جي ٻولي

شاهه عبدالڪريم (944 - 1032هه/1538 - 1623ع) پنهنجي وقت جو نهايت ئي پيارو انسان، صاف دل صوفي ۽ ولي هو، جنهن جو اخلاق ۽ ڪردار اسلامي تصوف ۽ تريقت جو چمڪندڙ آئينو هو. هن پنهنجن مريدن، معتقدن ۽ ٻين جي رهبري ۽ هدايت لاءِ وقت به وقت سهڻيون نصيحتون پئي ڪيون، ۽ موضوع ۽ موقعي جي مناسبت سان سهڻا سنڌي مثال بيت طور پئي ٻڌايا. سندس اها ’ملفوظات‘ (نصيحتون، سمجهاڻيون ۽ مثالي بيت)، سندس وفات کان ڇهه سال پوءِ سنه 1038ع ۾ سندس هڪ داناء، ديندار ۽ سچي مريد محمد رضا ٺٽوي ”بيان العارفين و تنبيہ الغافلين“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ قلمبند ڪئي. ٻين سمجهاڻين ۽ نصيحتن سان گڏ ان ۾ جيڪي بيت هئا، سي خود محمد رضا پاڻ ۽ ٻين مريدن ميين شاهه ڪريم کان روبرو سندس زباني ٻڌا هئا.

محمد رضا ’بيان العارفين‘ کي فارسي ۾ لکيو ۽ پوءِ ان جا سنڌي ۾ پڻ ترجما ٿيا ۽ ڇپيا. خوش قسمتيءَ سان ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم کي خود محمد رصا جو اصلي هٿ لکيل ’بيان العارفين‘ (فارسي) ملي ويو، جنهن تان سنڌي بيتن کي ڀيٽي درست ڪري پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام“ ۾ شامل ڪيائين، جنهن جا حوالا  هن کان اڳ پنجين باب هيٺ اچي چڪا آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ سؤ کان وڌيڪ بيت شامل آهن، جن مان 94 بيت (ٻي ڪنهن ثابتي نه هئڻ سببان) ڊاڪٽر مرحوم ميين شاهه ڪريم جا ڪري لکيا آهن. مگر ان سان گڏ اهو پڻ صاف ڪري ڄاڻايو اٿس ته:

”يقين سان چئي نٿو سگهجي ته انهن 94 بيتن مان ڪيترا خود سندس آهن؛ ڇاڪاڻ ته ”بيان العارفين“ واري، ڪن ٿورن هنڌن کان سواءِ، ڪٿي به ائين صاف نه ڄاڻايو آهي ته اهي بيت خود شاهه ڪريم جا آهن“ (1)

اها راءِ بالڪل صحيح آهي ته ’يقين سان چئي نٿو سگهجي‘ ته ’بيان العارفين‘ ۾ ڪهڙا بيت خود شاهه ڪريم جا آهن. ڪتاب ۾ جملي هڪ سؤ ٽي سڄا بيت (2) ۽ ٻه مصراعون ڏنل آهن. انهن مان موجوده معلومات توڙي اسان جي پنهنجي ويچار موجب ڪم از ڪم 15 بيت يقيني ٻين جا چيل آهن (1)؛ ۽ باقي 88 بيتن ۽ ٻن مصراعن مان پڻ سڀني بابت پوري پڪ سان چئي نه سگهبو ته ڪو ميين شاهه ڪريم جا ئي آهن (2). مگر انهن مان گهڻا بيت ميين شاهه ڪريم جا ٿي سگهن ٿا، ۽ خاص طرح اهي جيڪي ميين شاهه ڪريم ٻينجي بيتن جي جواب ۾ چيا، سي يقيني طور سندس ئي چيل آهن. بهرحال اهي سڀ ئي بيت (۽ مصراعون) مريدن، ميين شاهه ڪريم کان روبرو سندس وفات (1032هه/1623ع) کان اڳ سندس زباني ٻڌا، ۽ پوءِ محمد رضا اهي رجب  1038 هه (1629ع) ۾ لکيا. ميون شاهه ڪريم پاڻ ٺٽي جي پرڳڻي جو رهاڪو هو ۽ محمد رضا پڻ ٺٽي ۾ رهندڙ هئا. هدايت ۽ نصيحت طور اهي بيت ميين شاهه ڪريم سندس زندگي جي آخري ٽيهن ٻٽيهن سالن ۾ ئي پنهنجن مريدن آڏو پڙهيا هوندا، ۽ پڻ انهن کي ايتري عرصي ۾ پڙهيل بيت ئي ياد رهيا هوندا. انهيءَ ڪري ڪافي وثوق سان ڇئي سگهجي ٿو ته انهن بيتن جي ٻولي ۽ پڙهڻي، جيڪا لکيت ۾ اسان تائين پهتي آهي، سا اندازاً 1000 - 1038هه (1591 - 1629ع) واري دور جي سنڌي ٻولي آهي، جيڪا لاڙ ۾ خصوصاً ٺٽي واري پرڳڻي ۾ هلندڙ هئي. ’بيان العارفين‘ ۾ ڏنل قاضي قادن ۽ ٻين ڪن شاعرن جا بيت پڻ انهيءَ ٻولي جي اُچارن موجب بيان ٿيا ۽ لکيا ويا. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته ’بيان العارفين‘ ۾ ڏنل جملي بيت، 16 صدي جي آخر ۽ 17 صدي جي پهرئين اڌ واري ’لاڙي سنڌي‘ جا پڪا پختا دستاويز ۽ مستند مثال آهن. سنڌي ٻولي ۽ شعر جو اهو آڳاٽي ۾ آڳاٽو ۽ وڏي ۾ وڏو ذخيرو آهي، جيڪو ان دور جي ’معاصرانه‘ تحرير ۽ لکيت ۾ اسان تائين پهتو آهي.

انهن بيتن جي مطالعي مان، ان دور جي لاڙي سنڌي ٻولي بابت عموماً ۽ ٺٽي پرڳڻي واري ٻولي بابت خصوصاً هيٺيان نتيجا قائم ڪري سگهجن ٿا.

(الف)  باوجود سنڌ ۾ عربي ۽ فارسي جي تعليمي سلسلي ۽ انهن ٻولين ۽ ولين ۽ عالمن جي ڄاڻ جي (1) سنڌي ٻولي نج صورت ۾ لکي ڳالهائي ويندي هئي. ’بيان العارفين‘ ۾ ڏنل هڪ سؤ ٽن بيتن ۽ ٻن مصراعن جي وڏي ذخيري مان، جن ۾ وڏي علم ۽ فڪر وارا ڳوڙها خيال سمايل آهن، فقط 27 کن عربي لفظ (2) ۽ چار کن فارسي لفظ (3) استعمال ٿيل آهن.

(ب)    ٻولي جئن ڳالهائبي هئي تئن لکبي ۽ پڙهبي هئي: يعني ته عوام جي ٻولي ۽ پڙهيلن جي ٻوليءَ ۾ فرق ڪونه هو. انهيءَ فرق نه رکڻ خاطر ئي عالمن ۽ پڙهيلن گهڻو ڪري لفظ ائين ئي لکيا، جئن سڄي عوام ۾ اهي ڳالهائبا هئا. عربي ۽ فارسي لفظن سان پڻ ’غلط العام‘ وارو اصول لاڳو هو، جنهن تي هيٺيان مثال شاهد آهن:


(4) . اصل. ’ترسائئي‘ ۽ ’موهڪي’ (= مون کي).

(5) . اصل ’سڪائئي‘، ’تيهي‘ ۽ ’انئي‘ (ائين).

(6) . اصل ’چڙهائئي‘، ’هو‘.

(7) . اصل. ’تو ترسائين ترسڻ، تو ڪي بسڻ نيڻ‘؛ (ٻيءَ سٽ ۾) ’ڪنن ڪي‘.

(8) . اصل. ’متٿي‘ (مٿي).

(9) . اصل. ’ارواهين عرس جيون’ ۽ ’موڏان‘. (ٻي سٽ ۾) ’اَن اڏون‘ (= اَنءَ ڏون).

(10). اصل. ٻنهي سٽن ۾ ’فرمان‘، ’عرس‘ (عرش)، ’مومن‘ (مومنن) ٻيءَ سٽ ۾ ’موجو‘ (= مون جو).

* . کاوڙ ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو.

(1). سنڌ ۾ عمرڪوٽ تعلقي جي ٻن تپن مان دينور جو اڌ ۽ ڪپلور جو ڪجهه حصو،کپري تعلقي جو ڏکڻ - اڀرنديون ڪجهه حصو، ڇاڇري تعلقي جو گڍڙو سرڪل يعني ٽي تپا پارنو، ڏاهلي ۽ گڍڙو. سنڌ کان ٻاهر هندوستان طرف جيسين دَر، سُودرو، گرهاب ۽ رامسر وارو ڀاڱو. هن وقت ڍاٽڪي بولي هيٺين حدن جي وچ واري ڀاڱي ۾ ڳالهائجي ٿي. جيتوڻيڪ اها خاص طرح کاوڙ جي مکيه ٻولي آهي. اتر ۾ ٻڌي ٻائري (جتي جوڌپور، جيسلمير ۽ سنڌ جون سرحدون ملن ٿيون)، ڏکڻ ۾ ٻاکاسر (تعلقو ننگرپارڪر)، اوڀر ۾ ڇهوٽڻ جبل (هندوستان) ۽ اولهه طرف عمرڪوٽ.

(1). هنن بيتن لکڻ وقت اهي نالا ذهن ۾ اچن ٿا. جيتوڻيڪ اسان سنڌ اندر ڪي صحبتن ۽ ڪچهرين ۾ بين درويشن جا دوها پڻ ٻڌا آهن.

(1). مثلا پرشُورام چتر ويدي جو ڪتاب ”دادو گرنٿاولي“ (ڇپايل ناگري پرچارڻي سڀا) ۽ شري ناگر جو ڪتاب ”گجرات ڪي سنتون ڪي واڻي“.

(2). ڏسو هيٺ ساڳئي باب ۾ دادو ديال جا بيت.

(3). ٻنهي بيتن لاءِ ڏسو ”قاضي قادن جو ڪلام“، ڇاپو دهلي 1978ع، ص ص 11 ۽ 60- قلمي پستڪ ”سنتون ڪي واڻي“ جنهن تان اهي بيت ورتل اهن، تنهن ۾ مٿيان ٻئي بيت هڪ ٻئي جي پويان ڏنل آهن: يعني ته قاضي قادن جي بيت پويان ڄڻ ساڳي معنيٰ ۾ دادو ديال جو بيت لکيو ويو آهي.

(1). اهي بيت اسان کي هندوستان مان هيري ٺڪر وٽان مليا. هيري کان اسان کي دادو ديال جا ڪي سنڌي بيت ۽ وايون نموني طور پهتيون. بيتن جي سٽاء ۽ ٻولي دادو ديال واري هئي؛ پر وايون، جن ۾ نالو دادو ديال جو هو، تن جي ٻولي وڌ ۾ وڌ سٺ ستر کن سال اڳ واري پئي لڳي.

(1) . جيئن ته دريا خان جي اوائلي زندگي بابت ڪو به پڪو پختو تاريخي بيان موجود ناهي، انهيءَ ڪري رڳو عام لاءِ نه پر خاص لاءِ پڻ سندس اوائلي زندگي هڪ افسانو آهي. ايڏي وڏي تاريخي شخصيت بابت اهو اڃا تائين پڪيءَ طرح معلوم ٿي نه سگهيو اهي ته هو ڪير هو ۽ ڪٿان جو هو. هڪ گمنام ڇوڪري جو وزير ۽ سپہ سالار ٿيڻ ان دور جي عوام لاءِ هڪ معجزو هو. سيد ۽ ولي کان سواءِ ٻيو ڪوبه انهيءَ درجي تي پهچي نه ٿي سگهيو، انهيءَ ڪري کيس سيد زادو سڏيائون ۽ ڏانهس ڪرامتون منسوب ڪيائون. ’دولهه دريا خان ۽ همون‘ واري داستان ذريعي انهيءَ راز کي آشڪار ڪيائيون ته هو سيد شاهه ڪبير جو پٽ ۽ شاهه جلالي جو پوٽو هو. اهو داستان ايترو ته مشهور ٿيو جو ’تاريخ طاهري‘ جي مصنف به ڀانيو ته دريا خان ڪنهن سيد جو ٻار هو. قصن ۽ افسانن جي دائرن کان ٻاهر ٻين وڌيڪ وزندار روايتن مطابق هو لاشاري قبيلي جو هڪ نهايت ذهين ڇوڪرو هو جنهن لاشاري ڌر جي قبيلن طرفان سوچيل سمجهيل رٿا موجب ٺٽي ۾ پهريائين اچي وزير جي نوڪري ڪئي ته جيئن اڳتي هلي هو پنهنجي ترقي ۽ ڪاميابي سان وزير ۽ سنڌ جي ڄام کي لاشارين جي طرفدار بنائي سگهي ۽ سندس مدد سان لاشارين جي مخالف ڌر رندن (جن سندن نوجوان بيبرگ ذريعي ارغونن کي پنهنجو طردار پئي ڪيو) کي شڪست ڏيئي سگهجي.

(1) . هن قصي روايت ۽ دريا خان جي تاريخي، حيثيت تي اسان لوڪ ادب سلسلي جي اوڻٽيهين ڪتاب ”مشهور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيہ داستان -1 “ (سنڌي ادبي بورڊ، ڇپيل سال 1964ع) جي مقدمي (ص ص 21 - 26) ۽ متن (ص ص 229 - 272) ۾ وڌيڪ روشني وڌي آهي.

(2) . هن داستان ۽ ڳاهن بابت ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو اوڻٽيهون ڪتاب )اڳئين حاشيي ۾ حوالو ڏنل)، مقدمو ص ص 2- 4،متن ص ص 3 - 20.

(1) . قصي جي تفصيل ۽ ڳاهن لاءِ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو اوڻٽيهون ڪتاب (هن کان اڳئين حاشيي ۾ حوالو ڏنل) مقدمو، ص ص 21 - 20، ۽ متن 185 - 227.

(1) . تفصيل لاءِ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو ستاويهون ڪتاب ”لوڪ ڪهاڻيون - 7: ڳاهن سان ڳالهيون“ (سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع)، مقدمو ص ص 9 - 8 ۽ متن ص ص 122 - 121.

(2) . ڇي لاءِ = ڇا لاءِ.

(1) . تحفة الڪرام، سنڌي ترجمو (سنڌي ادبي بورڊ)، ص ص 449 - 450.

(1) . هي بيت خليفي محمود نظاماڻي ڪڙيي واري نقل ڪيو آهي.

(2) . هي بيت سنه 1965ع ۾ ڪيل هڪ ڪچهري ۾ اسان کي فقير محمد هاشم سنجراڻي ٻڌايو، ۽ چيائين ته کيس صوڀل فقير بنگلاڻي جيڪو فقير حاجي محمد صوفي جي ڪچهري جو ماڻهو هو، تنهن ٻڌايو.

(1) . (1)  . هي ٻئي بيت عام طور مشهور آهن.

 

(2) . تاريخ معصومي (فارسي متن، ص 216) ۾ تاريخ وفات جو ماده‘ ”وفات الحاتم بجوده“ ڏنل آهي، جنهن مان سنه 981 هه نڪري ٿو. ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم هڪ قلمي نسخي مطابق متن ۾ سنه وفات 971 هه ڏنو آهي جو صحيح نه اهي. تحفة الطاهرين (قلمي) مطاب پڻ سنه 981هه ۾ وفات ڪيائين. ”معارف الانوار“ جي مصنف سال وفات سنه 922 هه ڄاڻايو اهي، جو پڻ صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ معصومي ۾ ڏنل ’ماده‘ صاف ظاهر آهي.

(1) . معارف الانوار جي قلمي نسخي تان ورتل. اصل عبارت ”تپندا ٿيون کهارين“ جنهن جي پڙهڻي ٿيندي: ’ته پنڌان ٿيون کارين‘ پر اصل ۾ غالباً اها ئي پڙهڻي هئي جيڪا مٿي ڏني وئي آهي.

(1) . ڏسو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو مضمون ”سنڌي قديم شاعري“، رساله نئين زندگي، ماه سيپٽمبر 1958ع.

* . هي ٻئي بيت قلمي ورق جي فوٽن سميت ماهنامي ”نئين زندگي“، آگسٽ - سيپٽمبر 1981 ۾ پهريون ڀيرو راقم جي مضمون ۾ شايع ٿيا.

(1) . ”لب تاريخ سند“ ۾ خداداد خان اهي بيت انهي صورت ۾ ئي ڏنا آهن (’لب تاريخ سند‘ راقم جو تصحيح سان فارسي متن، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ، 1378هه/1959ع، ص 150). پر اهي بيت مقامي طور مشهور رهيا آهن ۽ ڪن ٻين روايتن موجب انهن جي پڙهڻي ۾ اختلاف آهي. ’تذڪره لطفي‘ (ڀاڱو پهريون، ص 74) ۾ ڄاڻايل آهي ته:

”رسالي غنچہء اميد“ آگسٽ 1923ع ۾ اها گفتگو هيٺينءَ طرح ڏنل آهي:

سوال:  نه تون ڪعبو، نه تون قبلو، رهين منجهه سجود

جواب: ڪوه ڪندا قبيلا، جن سڃاتو سلطان

  پرين اسين پاڻ، ڪريون سجدو ڪنهن کي.

(1) . شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام، 1937ع، ص ص 110 - 111.

(2) . ايضاً، ص 20.

(1) . ايضاً، ص 69.

(1) . ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام‘، ڏسو مقدمي طور ڊاڪٽر دائود پوٽي جو لکيل ’شاهه ڪريم (رحه) جي زندگي جو احوال، ص ص 26 - 27.

(2) . ڊاڪٽر دائود پوٽي جن سڄن بيتن ۽ ٻن مصراعن کي نمبر ڏنا آهن، سي جملي 94 آهن، پر هن هڪ ساڳئي بيت کي ٻه دفعا ڳڻيو آهي؛ حقيقت ۾ نمبر 15 ۽ نمبر 81 ساڳيو بيت آهي. انهيءَ جي معنيٰ ته نمبر ڏنل بيت 91 ۽ ٻه مصراعون، جملي 93 عدد آهن. انهن کان سوا3 12 ٻيا سنڌي بيت آهن (صفحا 20، 27، 28، 36، 61، 69، 83، 88، 94، 111 ۽ 113).

(1) . انهن مان 7 قاضي قادن نالي سان ڏنل آهن (’شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام’، ص ص 26، 27، 28، 36، 88، 94 ۽ 113)؛ هڪ (ايضاً بيت نمبر 30) دهلي مان ڇپيل قاضي قادن جي بيتن جي ذخيري ۾ (نمبر 33) موجود اهي؛ هڪ (ايضاً، بيت نمبر 78)، ترجمي جي صورت ۾ محمد غوثي گواليار سندس ڪتاب ”گلزار ابرار“ ۾ قاضي قادن جي نالي سان ڏنو آهي؛ هڪ ٻيو (ايضاً، بيت نمبر 48) ’پراڙ‘ ذات جي شاعر جو چيل آهي ۽ بيت ۾ سندس نالو موجود آهي؛ ۽ ٻيو هڪ (ايضاً، ص 111) مخدوم عثمان اگهمي جو چيل آهي؛ باقي چار ٻيا بيت (ايضاً، ص ص 20، 61، 69 ۽ 83) اهڙا آهن جن مان هڪ واٽ ويندي ميين شاهه ڪريم جي آڏو سندس هڪ سڃاڻو پڙهيو، ۽ ٽي ٻين شاعرن جا جن جي معنيٰ مريدن ميين شاهه ڪريم کان پڇي.

(2) . ’بيان العارفين‘ ۾ ڏنل اهي بيت جن بابت ڄاڻايل آهي ته پوءِ پاڻ هي (هڪ يا ٻه) بيت پڙهيائون‘ سي اڪثر ميين شاهه ڪريم جا ئي آهن؛ ٻيا اهي جيڪي ڪنهن ڳالهه جي پوري ٿيڻ تي فقط ’بيت‘ جي عنوان سان ڏنا ويا آهن، تن مان ڪي ٻين جا ٿي سگهن ٿا. اسان جي گمان موجب، انهن بيتن مان ٻه چار بيت اهڙا آهن جيڪي شايد ٻين جا آهن. شروع وارو نمبر (1) ڪو اڳ جو بيت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو قاضي قادن جو هڪ بيت ڄڻ ته ان جي معنوي جواب طو رچيل آهي. نمبر 71 غالبا قاضي قادن جوئي آهي جو قاضي قادن ئي ’کاهوڙين‘ واري معنوي مضمون جي شروعات ڪئي، جنهن تي سندس هڪ بيت (دهلي مان ڇاپيل ڪلام، بيت نمبر 36) پڻ شاهد آهي. ٻيو ته هن بيت ۾ ’کاهوڙيان‘ لفظ جي جمع واري صورت شاهه ڪريم جي لاڙي ٻولي واري ناهي، بلڪ اتر واري قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي. نمبر 77 قاضي قادن جو ٿي سگهي ٿو جو ان کان پوءِ وارو بيت (نمبر 78) به قاضي قادن جو آهي جنهن جي غوثي تصديق ڪئي آهي. نمبر 28 به غالبا ڪنهن ٻئي جو آهي، جو ان ۾ آيل لفظ ’سيڱ‘ جي معنيٰ ميين شاهه ڪريم سمجهائي.

(1) . ميين شاهه ڪريم کي فارسي جي سٺي تعليم مليل هئي. کيس مولانا رومي جي ’مثنوي‘ توڙي ’ديوان ڪبير‘ مان اشعار ياد هئا. مريدن سان پنهنجن صحبتن ۾ ڪلام پاڪ جون آيتون ۽ فارسي شعر پڙهندا هئا. سندن سڻايل هڪ فارسي شعر غالباً سندن پنهنجو ئي هو، جيڪو محمد رضا صحيح نه لکيو آهي ۽ اصل ۾ شايد هن طرح هو ته:

گر دست من تِهيست، ولي چشم من پراست

درياي دل من ست کہ آن پر از گوهر است.

(2) . انهن کان سواءِ ٻيا چار پنج لفظ عربي مان نڪتل مگر سنڌي صورت ۾ آهن، جاب (جواب)، هو (هُوَ)، مجازي حقيقين، سلامي. ٻيا ٽي نالا عربي ڪتابن جا آهن جئن ته ڪنز، قدوري ۽ ڪافيہ.

(3) . دم، داغ، نابودي ۽ ناديدي. هڪ لفظ ’ملو‘ سنڌي صورت ۾ آندل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org