سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ماڻهوءَ جو ڀاڳ

باب: --

صفحو :1

ماڻهوءَ جو ڀاڳ

محمد ابراهيم جويو

پبلشر پاران

سائين جي. ايم. سيد. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز ۽ محترم ابراهيم جويو صاحب سنڌ جي سياست، تاريخ ۽ ادب جا چار وڏا چمڪندڙ روشن ستارا آهن. جن جي روشنيءَ جي شعائن ويهين صديءَ کي هر لحاظ کان روشن ۽ منور ڪيو آهي. دراصل، اهي چارئي عظيم شخصيتون سنڌ جي شناخت، آزاديءَ ۽ بيداريءَ جا روشن مينار آهن، جن پنهنجي اڻ ٿڪ ڪوششن ۽ محنتن سان سنڌ جي ماڻهن ۾ جيڪا جاڳرتا ۽ ساڃاهه پيدا ڪئي آهي، اها صدين تائين يادگار رهندي. انهن چئني قدآور شخصيتن مان محترم ابراهيم جويو صاحب پڻ هڪ گهڻ رخ عالم، اديب ۽ تعليمي ماهر آهي. جنهن سنڌ جي ماڻهن ۾ تعليم جي روشنيءَ سان گڏ سنڌي زبان ۽ ادب جي لاءِ پڻ تمام گهڻي جاکوڙ ۽ محنت ڪئي آهي.

محترم جويي صاحب جي علمي ۽ ادبي پورهيي جو ڪو ڪاٿوئي ڪونهي. پاڻ پنهنجي زندگيءَ کي سجايو ۽ سڦلو بنائڻ لاءَ هر وقت سنڌي زبان جي خدمت ۾ رڌل رهيو آهي. سندس ڇپيل مواد کان سواءِ مختلف موضوعن تي ٻيون ڪيتريون ئي تخليقي شيون اڃا به قلمي صورت ۾ وٽس موجود آهن. جنهن کي سنڌي قوم جو وڏو قيمتي اثاثو سمجهي ڇپرائڻ گهرجي.

آءٌ سائين جويي صاحب جو بيحد شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي ڪهاڻين/ آکاڻين (طبعزاد/ ترجمو ٿيل) مضمونن ۽ شاعريءَ جو مجموعو ”ماڻهو جو ڀاڳ“ ٻئي اشاعت لاءِ اداري جي حوالي ڪيو.

هن کان اڳ هي ڪتاب سن 1980ع ۾ سسئي پبليڪيشن، سلطان آباد طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو هو. هن نئين ايڊيشن ۾ محترم جويي صاحب جي خواهش مطابق سندس ڪجهه ٻيا مضمون به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي وڏي اهميت جوڳا آهن، ان کان سواءِ سندس هڪ ڪهاڻي ”ٽنڊڻي جو روح“ (سائنسي نوعيت جي ڪهاڻي) به ڪتاب ۾ شامل ڪئي ويئي آهي.

اميد ته هن ڪتاب ۾ آيل سمورو مواد پڙهندڙن کي پسند ايندو. اهڙيءَ طرح سان اسان جي آئينده به اهائي ڪوشش رهندي ته اوهان کي معياري ادب سان روشناس ڪرايون.

 

سڪندر ملاح

مارئي اڪيڊمي

سڪرنڊ/ حيدرآباد، سنڌ


 

مهاڳ

1. ڪتاب ۽ ڪڻڪ جي رکي ماني:

مان نه ٿو سمجهان ته پڙهندڙ هڪدم قبول ڪندا ته ڪنهن به ڪتاب جو رکيءَ مانيءَ سان به ڪو لاڳاپو هوندو آهي. پر مان ڪتاب ”ماڻهوءَ جو ڀاڱ“ تي پنهنجو مهاڳ هن لاڳاپي سان جي شروع ڪريان ته چڱو.

ڏاڪڻيون چڙهي چڙهي، جڏهن هڪ ڪمري ۾ بنهه حيدرآباد جي مٿان، تلڪ چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تي، پهچبو هو، تڏهن هڪڙو شخص سرخ چهرو ۽ اڇا وار وٺي اسان کي بي تڪلفيءَ سان کيڪاريندو هو ۽ پوءِ يڪدم سنجيدو ٿي ويندو هو. هر شخص هن لاءِ هر روز نئون هوندو هو. ان ڪري پهريائين ته هو سوچيندو هو ته اڄ هن جو پرابلم (Problem) ڪهڙو هوندو، يا هن سان اڄ ڪهڙو طريقو اختيار ڪجي، يا اڄ هو منهنجي باري ۾ ڇا ٿو سوچي.

چوڻ لڳو: ”ماني به تيار آهي، اڳ ۾ تون به ٻه گرهه وجهه، ته پوءِ ٿا ڪريون ڳالهه ٻولهه“. مان بس ڪري ويهي رهيس، ماني آئي، انتهائي انڪساريءَ سان پاڻ پاڻي به کڻي آيو ۽ اسان ان ڏينهن پهريون ڀيرو گڏجي کاڌو. مان گرهه ڀڃي، ٻوڙ مان ٻوڙي کائڻ شروع ڪيو، ۽ هن ”همراهه“ گرهه ڀڃي، رکوئي وات ۾ وڌو. ساڳيءَ ريت جڏهن هن ٻيو گرهه به وات ۾ وڌو ۽ ٻوڙ کي ڏٺائين به ڪونه، تڏهن مان به چپ چوريا: ”توهان رکي ماني ٿا کائو ڇا!“  ”هائو، پوءِ ڇا ٿي پيو! ڪڻڪ جي رکي ماني ۽ تازي ۽ اٽو سٺو ۽ وري ان کي گهڻو چٻاڙي رکو ئي کائجي، ته سچ پچ ته ڏاڍو لطف ٿو اچي، توهان منهنجو خيال ئي نه ڪريو، کائيندا رهو. آءٌ به توهان سان ويٺو ٿو کاوان.“ مون ٿورو کٽاڻ به کاڌي ۽ پٽاٽن جا ٻٽي ڳترا به کائي ويس. تڏهن چوڻ لڳو: ”مان توهان کي تڪليف ڏيڻ لاءِ به سوچي رهيو آهيان. منهنجون ڪي لکڻيون آهن جيڪي گهڻو ڪري ڇپيل آهن، پر سنگت جو خيال آهي، ته انهن کي يڪجاءِ ڪري ڇپايان. توهان جو خيال ڇا آهي. ڀا!“ ”ڪم ته چڱو ٿيندو پر توهان ايترن ڪمن ۾ هٿ ڪيئن ٿا وجهو!“ چوڻ لڳو: ”انسان جي ڀاڳ جو سوال آهي، آءٌ رکي ماني جو مزو به وٺندو رهيو آهيان ۽ سڄي عمر اڄ تائين ڪم به ڪندو رهيو آهيان.“ رخ بدلائي چوڻ لڳو: ”خير، پر هاڻي توهان جي صحت گهڻي سڌريل ٿي ڏيکارجي. خيال پوءِ به ڪندا رهجو.“ ”منهنجي لاءِ ڪو حڪم آهي ڇا؟“ ”وري به صلاح ڪبي، پر شايد اهڙي ڪنهن مجموعي تي توهان کي لکڻو پوي.“ دل ۾ چيم ڪٿي ٿيو ڪوهيار، ڪٿي ٿي هٿڙا هڻي! لڳ ڀڳ ٻن سالن کان پوءِ هاڻي ڇپيل ڪتاب جي ڊمي مون ڏي موڪلي، لکيو اٿن ته ”هن ڪتاب جو نالو ڪو ٻيو به رکي ٿو سگهين.“

پر مان هن ڪتاب جي نالي جي باري ۾ مصنف جي حق کي افضل ۽ پنهنجي پهچ کان مٿي سمجهي، اهوئي چئي ٿو سگهان ته ماڻهوءَ ۽ ان جي مستقبل جي سوال کان وڌيڪ وڏو سوال ڪوبه منهنجي سامهون نه آهي، ان ڪري به هيءُ نالو رهي. البت لفظ ”ڀاڳ“ جي باري ۾ خدشا پيدا ٿي سگهن ٿا، جو ڀاڳ مان مراد قسمت به ورتي ويندي آهي. رنڊا روڙيندي، مان هن سوال سان پاڻ به دلچسپي جو اظهار ڪندس، پر اسان هن سوال جو موزون جواب ڏيئي سگهنداسون به يا نه، اهو سوال هڪ کليل سوال ۽ اهم ترين سوال آهي. ۽ جويو صاحب پاڻ هن سوال کي هر شخص لاءِ کليل ٿو سمجهي. قابل مصنف پاڻ به هن سوال جو جواب ڏيئي ٿوسگهي، ۽ هو پهريائين آزاديءَ کي انسان جو مستقبل، مقدر ۽ ”ڀاڳ“ ٿو سمجهي. ۽ چوي ٿو ”آزاد آ انسان!“ پر ڇا، انسان جي تاريخ هن جواب جي حمايت ڪري ٿي ته انسان جو مقدر ۽ انتها آزادي آهي ۽ انسان آزاد هستي آهي؟

وجوديت، ماحوليت ۽ جبريت (Determinism) جهڙا فلسفا قابل احترام مصنف جي خيال سان اتفاق ڪونه ٿا ڪن. اهڙيءَ ريت روسو جهڙا دانشور به انسان کي هر هنڌ غلام ٿا سمجهن. والٽيئر، جيڪو آزاديءَ کي هر شيءِ کان مٿي ۽ مقدم ٿو سمجهي. اهو آزاديءَ کي آفيم جي گوليءَ جيان خواب خياليءَ ۽ عيش ڪوشيءَ جي خيالي تصوير ٿو ڏئي ۽ ان جي حصول جي راهه ۾ ڪا مدد ڪانه ٿو ڪري. فقط متنبي ۽ امراءَ القيس، خوشحال خان خٽڪ ۽ هيمنگوي ۽ ٿوريو (Thoreu) جهڙا لڙاڪو اهو ادبي فيصلو ڪري ٿا سگهن ته آزادي ڇا آهي ۽ ڪيئن ٿي حاصل ٿئي. شاهه عنايت صوفي، دولهه دريا خان، شهيد اعظم هوش محمد ۽ مخدوم بلاول هن ڏيهه ۾ آزاديءَ جي ڪنهن نه ڪنهن تصور سان ٻڌل هئا: پر هيءُ ڪتاب اهڙيءَ ڪنهن به ڪوشش ڏانهن توهان جو ڌيان ڪونه ٿو ڇڪائي. جو هو اديب نه هئا ۽ هنن ان سوال جو جواب اکرن ۾ اسان لاءِ ڪونه ڇڏيو آهي.

 

2. مواد:

 هيءُ ڪتاب جويي صاحب جي ڪن آڳاٽين تحريرن جو مجموعو آهي، جن ۾ ٻه ناٽڪ، پنج ”هڪ ڏينهن جون ڳالهيون“ ۽ وڌيڪ لوڪ ڪهاڻيون آهن جيڪي ملڪ جي عام ماڻهوءَ ۽ ٿوري پڙهيل ماڻهوءَ لاءِ افسانن جي انداز ۾ لکيون ويئون آهن. هڪڙي آکاڻي ”ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ به هنن ۾ شامل آهي.

3. ماڻهوءَ جو ڀاڳ:

سو هيءَ آهي اها تحرير، جنهن تي لکڻ لاءِ تمام آڳاٽو ئي مون کي خبردار ڪيو ويو هو. ڪتاب جو نالو ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ آهي، مون هن کان اڳ ۾ هڪڙو ڪتاب ”هيومن ڊيسٽني“ (Human Destiny) به پڙهيو آهي پر هيءَ ٻي شيءِ آهي. خبر نه آهي ته لائق مصنف ان ڪتاب تي ڪٿي نظر وڌي آهي به يا نه. پر ان ڪتاب جي ڪاڳرن تي انسان جو وڏو ۾ وڏو سوال اهوئي آهي ته ”انسان جي مقدر ۾ ڇاهي يا انسان جي انتها ۽ انجام ڪهڙو ٿيندو؟“ هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن سوال جا جواب هڪ کان وڌيڪ ٿين ٿا. بهشت، دوزخ، ڏک، موت، مفلسي، محتاج، تابعداري، شاهوڪاري، عيش، سڪون، ۽ عذاب هي سڀ جواب آهن. ۽ ڏنا ويا آهن. پوءِ آخر مٿاڪٽ ڇاجي آهي؟ رڳڙو رڳو اهو آهي ته انهيءَ لائق مصنف سوال کي پنهنجي تجربي ۽ دنيا جي ادبي معيارن ۾ اضافي سان گڏ سمجهائڻ ٿي گهريو. ته جيئن اهڙي وڏي سوال جو ڪو جواب به تلاش ڪري سگهجي. سائين جويو ”ڪوزه گر“ ناهي ۽ نه ئي ”بت تراش“ آهي، هو ”انسان تراش انسان“ بڻيو رهيو آهي ۽ هن طرح هن سڄو پورهيو جنهن ۾

ڦٽيا پير فقير جا، چڙهندي چاڙهاڪا،

هين جيءَ اندر جا ڪا، ويا پڄائي پنهنجي (شاهه)

ڪيوئي انهيءَ لاءِ آهي ته ههڙي وڏي سوال جو جواب ڪو عام ماڻهو به ڏئي، پاڻ هن سوال سان وچڙيو ئي ناهي.

دنيا جي عالمن جهڙوڪ ولي برانٽ، ٽئائن بي، گبن ۽ راڌا ڪرشنن وٽ توڙي برٽرائڊ رسيل وٽ هي سوال خاصو اهم هو، پر ڪنهن به عالم هن سوال جو جواب سڌو سنئون ڪونه ڏنو. توڙي جو هيءُ سوال علوم عمرانيءَ جي بنيادن تي آڻڻ گهربو هو. انهن وٽ به هي سوال انهيءَ صورت ۾ اچي نه سگهيو جيڪا انسان ذات جي لاءِ ڪم نصيبيءَ جي ڳالهه آهي. گبن انسان جي تاريخ نه پر روم جي بادشاهن جي تاريخ لکي ۽ اها به اصل ۾ پنهنجو موضوع زوال کي ٿي بڻائي. جنهن سان سڄي انسان ذات جي مستقبل جي باري ۾ راءِ قائم ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. وري اها به حقيقت آهي ته ملڪن ۽ قومن جي آزاديءَ جو سوال سياسي آهي. جنهن جي پويان انسان جون عجيب ۽ غريب اٽڪلون آهن. ان ڪري هن سوال کي به انسان جي آزاديءَ جي سوال سان ڳنڍي نه ٿو سگهجي. پاڻ ان خيال کان. يعني سياسي طور، آزاد ملڪ وڌيڪ پرماري ۽ وڌيڪ ايذائيندڙ ٿيندا ٿا وڃن.

هن پس منظر ۾، اها ڳالهه ڏاڍي ڇرڪائيندڙ آهي ته سائين جويو صاحب انسان جي آزاديءَ جو تصور ڏئي ۽ ان کي ئي انسان جو مقدر سمجهي ۽ اهو به نه ٻڌائي ته آخر انسان جي تاريخ جو اهو ڪهڙو دور هو جنهن ۾ ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“  آزادي هو ۽ انسان آزاد هو! بروبر انسان آزاد ڄائو آهي. پر اها آزادي فقط ڊارون ئي سمجهي سگهيو آهي. ماڻهو اگهاڙو هو صدين جون صديون، ماڻهو هڪ کان وڌيڪ عورتون رکي سگهندو هو ۽ صدين جون صديون عورتون به هڪڙو مرد يا گهڻا مرد رکي سگهنديون هيون. عورت کي انسان جو ڀاڳ به سمجهيو ويو آهي ۽ مرد جو نڀاڳ به. قانون قبيلي جي سردار جو بڻايل هوندو هو ۽ غذا توڙي رهائش جي باري ۾ وڏو ڊگهو انسان بانبڙا ڏيندو هو. ارتقا جي عمل سان گڏوگڏ هڪڙو ٻيو ”ڀاڳ“ جو عمل به چالو رهيو ۽ اڄوڪو انسان ان عمل جي درميان پيسجي رهيو آهي. برنارڊشا کان پڇو ته هو قانون لاءِ ڇا ٿو چوي! هو وڏو ڏاهو ماڻهو هو ۽ جويو صاحب ان کي سڃاڻي ٿو.

جويي صاحب کي خوب معلوم آهي ته اينٽن چيخوف ”ٽي ڀينرون“ (Three Sisters) جوالميو (Tragedy) لکي جڏهن اسٽيج تائين آيو ۽ سندس ناٽڪن جي ڊائريڪٽر هيءُ ناٽڪ اداڪارن کي پڙهي ٻڌايو. تڏهن اسٽيج تي ويٺل ماڻهن ۾ روڄ پئجي ويو. پر چيخوف چيو ته ”هي ناٽڪ توهان شايد نه سمجهيو آهي. هيءُ اصل ۾ الميو ناهي، پر هي ناٽڪ انسان جي حالات جي چڪر ۾ انسان جي کلائيندڙ صورتحال ڏيکارڻ لاءِ لکيو اٿم.“ خود ڊائريڪٽر جيڪو ناٽڪ پيش به ڪري رهيو هو، سو به اها ڳالهه سمجهي نه سگهيو پر اڄ اسان سمجهون ٿا ته ”الميا“ سڀ روئارڻ جي لاءِ نه ٿا لکيا وڃن. ۽ ڪي، مثال طور ”آڊيپس“ جيڪو سوفو ڪلس جو ناٽڪ آهي ۽ الميو آهي، ۽ افلاطون جو سمپوزيم (Symposium) جيڪو ارسطو عظيم به ڏٺو هو، سي انسان جي مقدر لاءِ اهوئي چوڻ گهرن ٿا ته اهو ايترو ته المناڪ آهي، جو ان تي کلڻ گهرجي انهيءَ خيال کان ته هيءُ مخلوق ڪيترو نه غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهي ۽ ڪيتريءَ نه خوش فهميءَ ۾ گم آهي. ”سمپوزيم“ پاڻ ارسطوء به ڏٺو هو. پر جڏهن هزارين ماڻهو روئندا ٻاهر نڪتا، تڏهن ارسطو ٽهڪن ۾ گم هو ۽ يارن سان کل ڀوڳ ڪري رهيو هو.

”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ به ايتروئي ويڪرو ۽ وڏو سوال هو. پر فاضل مصنف هن سوال کي ان جي فلسفيانه سلسلي کان ڇني ڌار ڪيو آهي. هو انهيءَ سوال تي ڪجهه به چوڻ نه ٿو گهري ته انسان جي ڀاڳ جو اصل سوال ڪهڙو ۽ ڪيترو آهي.

فاضل مصنف لکي ٿو عام ماڻهوءَ لاءِ پر اهو نه ٿو باسڻ گهري ته عام ماڻهو به روئي ۽ کلي سگهي ٿو. اهو عام ماڻهو، جيڪو چيخوف جي ماحوليت(Phenomenology) جي اندر يا سوفو ڪلس جي (Pathos) جي اندر يا سارتر جي ”وجوديت“ جي اندر ڪم ڪري ٿو، سو اهو ماڻهو آهي، جيڪو جويي صاحب جو سماجي ڪردار به آهي، پر پاڻ ان کي هڪ سڌو سنئون، سنڌي ٻوليءَ جو مشاق ڄاڻو، سنڌي رواداريءَ جو حصو ۽ خود پنهنجي ڳوٺ جو ماڻهو ٿا سمجهن، جنهن جي زبان تي ۽ دماغ ۾ ظلم، ظالم ۽ مظلوم ڪردار آهن، ۽ ان کي اکيون ڦوٽاري، چهبڪ هٿ ۾ کڻي، ظالم، هڪ ڪردار بڻجي، ڊيڄاري ٿو، ۽ آخر ۾ اهو عام ماڻهو ئي اهو ثابت ٿو ڪري ته ظالم، ظالم ۽ مظلوم رڳو ماسڪ (Masks) يا پردا آهن، جيڪي انسان پاڻ کي ويڙهيا آهن يا پنهنجي مٿان چاڙهيا آهن، يا هڪ انسان ٻئي انسان کي ويڙهيا آهن. يا ان جي مٿان چاڙهيا آهن باقي اصل انسان، فرد توڙي جماعت جي خيال کان. اجرو ۽ آزاد آهي يا اجرو ۽ آزاد ٿيڻ گهري ٿو.

ظالم ڳاٽ اوچو ڪري ٿو چوي: ”آءٌ آهيان ڪير؟ خبر اٿو! منهنجي پوشاڪ، منهنجا طريقا، منهنجا مهانڊا، منهنجا هٿيار، منهنجا ڪارنامان ڏسو، غور سان ڏسو، مون کي سڃاڻو ۽ ٻڌايو ته آءٌ ڪير آهيان؟“ ۽ وري جواب به پاڻ ٿو ڏئي ۽ چوي ٿو: ”آءٌ ظالم آهيان!“

ناٽڪ جي صورتحال مان پنهنجو پاڻ به اهوئي جواب ٿو ملي ته آءٌ ظالم آهيان، يا ظلم آهيان، ظالم ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي، ڳجهي ڳالهه يا لڪل صورتحال اها آهي ته انهيءَ ظلم يا ظالم جي چنبي ۾ رهي. انسان جي حالت ڪهڙي ته کل جهڙي ٿي ٿئي! هن سوال تي وري به برنارڊشا جو نالو ياد اچي ٿو، جيڪو انسان جي ظاهري صورت شڪل تي ڳوڙها نه ٿو ڳاڙي پر کلي ٿو ۽ چٿرون ٿو ڪري.

ظالم ٿو چوي: ”غلاميءَ جو هي زهريلو فصل آءٌ جهالت ۽ افلاس جي زمين تي پوکيندو آهيان ۽ ان کي اوهان جي ئي هٿان بزدليءَ ۽ خوف جو پاڻي ڏيندو آهيان. اوهان جي دل ۽ اوهان جي دماغ کي بيسود ۽ بيڪار خيالن ۾ رکي، ٺلهن آسرن ۽ اميدن ۾ مدهوش ڪري، آءٌ اوهان جي روح کي بي حس ۽ بي خبر ڪري ڇڏيندو آهيان.

هيءَ تحرير مصنف جي آهي ۽ هتان ئي اهو معلوم ٿو ٿئي ته  ناٽڪ ”آزاديءَ ڏانهن“ جنهن ۾ آزاديءَ کي انسان جو ڀاڳ ڏسيو ويو آهي. ڪنهن جو لکيل آهي، ظاهر آهي ته (1) هيءُ ناٽڪ سنڌ جي ماڻهوءَ لاءِ لکيو ويو هو ۽ نه انسان ذات جي وڏي سوال کي منهن ڏيڻ لاءِ: (2) هيءُ ناٽڪ هڪ استاد جي قلم جو نتيجو آهي ۽ نه هڪ رڌل کاڌل چيخوف جهڙي اوچي آرٽسٽ ۽ اديب جي قلم جو. (چيخوف کلندي کلندي، ادب ۽ آرٽ کي ئي ڳاهيندي، 45 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو.)

مظلوم، جت ڪٿ ۽ هر وقت، اهو اقرار کلئي وات ڪندو رهيو آهي ته ظالم هڪ حقيقت آهي، ظلم به هڪ حقيقت آهي ۽ مظلوم به هڪ حقيقت آهي. اها ڳالهه ڪوبه آرٽسٽ هڪ عام ماڻهوءَ کي سمجهائڻ لاءِ ڪوبه ناٽڪ رچائي نه ٿو سگهي، پر جويي صاحب جن شايد انهيءَ صورتحال کي غير حقيقي، تصوراتي ۽ ڍونگ ٿا سمجهن، ان ڪري ناٽڪ جي آخر ۾ اهو ڏيکارين ٿا ته آزاد مرد اچي، اهي ڪوڙا لباس غلامن جا لاهين ٿا، ۽ پوءِ اهو ثابت ٿو ٿئي ته ”انسان آ آزاد“ آ پر خبر ناهي آزاد مردن جو پنهنجو لباس ڪهڙو هو، يعني اهي پاڻ به آزاد هئا يا آزاديءَ لاءِ اڃا سڪي ۽ سهي رهيا هئا.

هڪڙي ڳالهه هيءَ به آهي ته بين الااقوامي يا ڪل قومي صورتحال کي مقامي حقيقتن سان گڏائي ملائي بيان ڪري نه ٿو سگهجي. انسان ذات وڏي شيءِ آهي ۽ هڪ ڪل (Universal) مثال آهي ۽ اسان جو سماج هڪ جز (Particular) آهي. ڪل حقيقتون جزي حقيقتن جهڙيون ناهن، نه ته متفرق ۽ متنوع سماج جو تصور به ڪري نه سگهجي ها. شايد ان ڪري جويي صاحب رڳو جز تي لکيو.

هن بنياد کان قابل احترام مصنف پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجن قدرن جو خيال رکي اڄ کان ڪي ٽيهه سال اڳ هيءُ چٽڪو لکيو آهي. ان وقت جون تاريخي ۽ عصري ڳالهيون ۽ حالتون اهڙيون ئي هيون، هو بهو اهڙيون جهڙيون قابل مصنف بيان ٿو ڪري. هن لاءِ اهو ضروري هو ته مصنف محترم ظلم، ظالم ۽ مظلوم کي جيئرو جاڳندو ڏيکاري. آءٌ ته جيڪر چوان ته هي به ”الميو“ (Tragedy) آهي، جو اکين واري انسان لاءِ وڌيڪ اکيون ٿيون گهرجن. انسان جي هيءَ حالت به اهڙي آهي، جو ان تي هڪ آرٽسٽ کي کلڻ گهرجي، پر جويو صاحب ”نجات“ جي سوال تي سنجيده آهي. هو ڇوٽڪاري کي ”پهرين وڏي ڳالهه“ ٿو سمجهي. ان ڪري هو فڪري  ۽ فلسفيائي ڳالهه ڇڏي، سڌوسنئون هڪ عام ماڻهوءَ جي سطح تي اچي ٿو بيهي. سندس سماج چيخوف ۽ افلاطون وارو نه هو. هن جو تعلق ڪنهن ”ليئر“ (King lear) سان به نه هو. هو اصل ۾ ماريل هو پنهنجن ماڻهن جو انهن پنهنجن جو. جن مان هر هڪ ٻه پٿر سندس مٿي تي هنيا. ۽ ڪنهن کي به ياد نه آيو ته سر هر انسان جو ٿئي ٿو ۽ منجهانئن به جيڪڏهن ڪنهن کي مٿي تي پٿر لڳندو ته رت به نڪري ايندو ۽ ايذاءُ الڳ محسوس ٿيندو. هنن بنيادن تي چئي ٿو سگهجي ته هي ننڍڙو ناٽڪ فڪري طرز عمل جي مدد سان عام ماڻهوءَ جي سمجهڻ لاءِ لکيو ويو هو ۽ ان جا ڪردار شايد پهريون دفعو اسٽيج تي آيل ڪردار آهن (”هيومن ڪاميڊي“ کان پوءِ“).

4. تڪينڪ:

هن ڪتاب جي تحرير بنيادي طور تي ”بياني“ آهي ۽ جويو صاحب نثر جو استاد ۽ لافاني سنڌي نثر جو خالق آهي. اسان وٽ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته نثر لکڻ ۾، فارم ۽ ٻوليءَ جي خيال کان، جويو صاحب انهن چند عالمن مان آهي. جن کي سند طور قبول ڪري ٿو سگهجي. هر نثر جو ماهر استاد (Technocrat) آهي، هن اسان مان تمام گهڻن کي سنڌي نثر لکڻ ۾ مدد ڪئي آهي.

پر اها به حقيقت آهي ته ناٽڪن ۾ هن قسم جي تحرير کي فني طور تي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. ناٽڪ جي صنف کان جويو صاحب خوب واقف آهي پر سندس پنهنجا ٻيئي ناٽڪ نثري تقاضائون شايد پوريون ڪري نه ٿا سگهن. جو هو هڪ استاد جي قلم جو نتيجو آهن جيڪو پيشي جو پابند آهي ۽ نه ادبي تقاضائن جو. پر هيءَ ڳالهه به اڄ کان ڪي 25_30 سال اڳ جي سندن نثر جي باري ۾ چئي ٿي سگهجي.

5. هڪ اهم نثري تحرير جو مثال:

هن ڪتاب ۾ هڪ اهم ڪهاڻي، جنهن جو تعلق ان جي خاص نالي سان به آهي ”ماڻهوءَ ۽ ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ هن ڪهاڻيءَ جو هيرو هڪ بدنصيب پورهيت آهي. صاحب قلم جو لکي ٿو: ”لڙيءَ منجهند جو مجيريءَ جي گهران هن لاءِ ماني آئي جوئر جا ٻه ڍوڍا، بصر جي ڳنڍ (اسان وٽ ”ڳنڍ“ نه پر ”ڳنڍو“ ٿا چون)، ٽڀو لسيءَ جو ۽ ڍڪڻيءَ تي لوڻ جي چپٽي.“ ڪل ٿانو ٿيا ڍڪڻي، ٽڀو ۽ پنڊي يا دٻڪي، هيءُ آهي دولت پر بدنصيب پورهيت هن دولت کي هٿ ڪري، مالڪ تائين موٽائڻ لاءِ ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي ٿو پوي ۽ پوءِ ”چوندا هو ته ڪو آورٿو ٻيلي بيهاريو اٿئون، ماني کايو ٿانو اتي ئي واڙيءَ ۾ اونڌا اڇلايو ڇڏي ته ڀل جهنگ جا نجس (پليت) مرون انهن کي لڪين ۽ چٽين!“

هن کان پوءِ هن پورهيت ٻيلپي ڏيڻ واري ماڻهوءَ جو تعلق وري به روايتي ۽ غيبي ڪردار سان ٿو پوي. ۽ هتان هڪ ڏند ڪٿا پيدا ٿئي ٿي. جا ڪهاڻيءَ کي ڀاڳ (بخت) جي سوال تي اڳتي وڌائي ٿي، ۽ ان کان پوءِ ”ستن سمنڊن جي وچ ۾ مڙس ستو پيو آهي سو وڃان ٿو ان کي ڳولڻ. حياتي هوندي ته هن کي ورائي پاڻ سان وٺي ٿو اچان، ۽ پاڻ به موٽي ملنداسين ۽ پوءِ ٿينديون پنهنجون عيدون! نه ته پرتينءَ ڌڻيءَ کي.“

ڦيلهي يا پاٽوڙ ڀت جو جڏهن همراهه کي مليو، تڏهن ”وڏ ڌڻيءَ“ حال اهو ٻڌايو ته ”ٻيو ڏنو خدا جو گهڻو آهي، راڄ ڀاڳ، کير پٽ، سڀڪي آهي، پر باهه آهي جا اندر پيئي کائي.“ ان کان پوءِ واريءَ منزل تي وري هن جو ڪردار آهي: صوفڻ ٻيرچي ”ڀاڳ جو ڳولو آهين ته ڀاڳ تنهنجي هٿن ۾ آهي، ڀاڳ توکي ملندو!“

هاڻي جنهن ماڻهوءَ جو ڀاڳ سندس ئي هٿ ۾ آهي سو ماڻهو پنهنجي ڀاڳ کي ڳولڻ ويو آهي “ست سمنڊ پار“ ۽ اهو به مڇيءَ جي مهربانيءَ سان ٿو اتي پهچي ۽ ڪهاڻي آهي سنڌ جي لوڪ ڪهاڻي جون 1980ع جي لکيل يا نئين سر لکيل، ۽ ليکڪ آهي هڪ ”سڌاتوري، سڀاڳي هاريءَ جو پٽ جويو. جنهن کي خبر آهي ته سنڌ جي غريب جو ڀاڳ هن جي هٿ ۾ هوندي به هن جو ڪونهي.

خير، ڀاڳ ورائي همراهه موٽيو سنڌ جي طرف ۽ جواب ڏيندو آيو سماج ۽ انساني سوالن جا، پر مڇيءَ کي ۽ ِٻير کي، ۽ آخر ٽوڙ اچي ڪيائين ”وڏ ڌڻيءَ“ وٽ جنهن جي سوال جو جواب سماجي مسئلن ۽ انساني مامرن تي جويي صاحب جي فڪر کي پيش ٿو ڪري. پر ڀاڳ کي ڌونڌاڙي اٿارڻ کان اڳ هڪ ڀيرو وري به تصديق ٿو ڪري ته ”ڀاڳ ورائڻ ڪو ڏکيو به آهي ڇا مڙد جو ڀاڳ هن جي هٿن ۾ ئي ته هوندو آهي!“ ڀاڳ ٿو چوي. ”مان توسان ڪونه هلندس! تون اهوئي آهين نه، جنهن مون کي لتون هڻي، پاڻ وٽان لوڌي ڪڍيو هو!”ڀاڳ جي رسي وڃڻ جو سبب به جويو صاحب ٻڌائي ٿو، جو هو به آهي انتريامي ۽ دلين جو حال به ڪو سمجهي ٿو وٺي. لکي ٿو“ ياد ڪر! روئڻو، منهن سوڻو ۽ ڇنل کٽولي تي سمهڻو! سو ميان جيسين تون اهو آهين تيسين توسان اسان جي ياراڻي ڪانه ٿيندي اسان يار هت سمنڊن جي وچ تي ستل ئي ٺيڪ آهيون! ”آخر ميڙ منٿ ۽ قول قرار تي ”سهمتي“ يا ”پڪ پڪاڻي“ ٿي ۽ ان کان پوءِ هلندو هلندو هي جويي صاحب جو ”آديسي“ اچي ٿيو مکاميل دعوت باز وڏيري سان، جنهن جو کانئس سوال ڪيل هو ۽ هن جي“ ڳالهه ايڏي ته وڏي ۽ ڪم واري هئي. جو سندس پنهنجي ڀاڳ ۽ ٻين سندس سڀني هٿ پورهيت ۽ هاري ڀائرن جي ڀاڳ جو آڌار به ان ڳالهه تي هو.“

سو سائينءَ کي چوان ته تنهنجي سوال جو جواب هي آهي ته تون جئين ٿو ٻين جي ڪمائيءَ تي ۽ اوبارين ٿو گهڻو. پوءِ نه پيٽ ٿو ڀرجئي ۽ نه ان جي سدائين ان نموني ڀرجڻ جي پڪ ٿي بيهئي. ائين تنهنجي اندر ۾ هٻڇ جي باهه آهي... ۽ ڊپ ان جو ٻارڻ آهي... تنهنجو من به توهان ڪونه ٿو ريجهي... ”۽“ علاج” زمين. جيڪا هوا، پاڻيءَ ۽ اس وانگر ڪنهن جي به ڪانهي (ڪنهن به هڪ جي ملڪيت ناهي) ۽ سڀني جي آهي... تنهن جي دعويٰ ڇڏ...“ پوءِ ”ماڻهو هئا. جي گلن وانگر ٽڙي پيا.“... ”هاڻي تون ڄاڻ، تنهنجا هي ماڻهو ڄاڻن. هوندن ڀاڳ سجاڳ ته پنهنجي ڌرتيءَ جو ٽڪر هٿ ڪري وجهندا.“

هيءُ ڪهاڻي هن فڪري نڪتي تي اچي پوري ٿي. انهيءَ فڪر جي باري ۾ اختلاف موجود آهن ۽ انهي طرح هيءَ ڪهاڻي فڪري اعتبار کان سخت تنقيد جي هيٺ ايندي. پر ”هت منهنجا پر سڙندا.“ سو آءُ گهران ٿو معافي صاحب قلم ۽ پڙهندڙن کان. جو پهريائين ته ڪرڻو آهي مون کي به ڀاڳ سجاڳ، جيڪڏهن آءُ معزز مصنف جي فڪر جو انڪار نه ڪندس ۽ جي ڪندس اقرار ته اچي ڳالهه ڳچيءَ ۾ پوندي. سو رڳو اهو عرض ٿو ڪريان ته جويي صاحب جو فڪر جيڪو اسان ۽ عام فهم آهي. اهو ڀاڳ جي ڳولا ۾ نڪري ئي نه ها ته چڱو هو. جو ڀاڳ انسان جي هٿن ۾ آهي. باقي ماڻهو رڳي ڳالهه ٻڌي گلن وانگر ٽڙي پيا... ته اها خوش فهمي آهي.

5. سدائين گڏ:

هاڻي آءُ پڙهندڙن کان اجازت وٺان ته چڱو. پر پهريائين وضاحت ڪريان ته مون ڪتاب جي تمام ٿوري حصي تي لکيو آهي. منهنجي آڏو نه ته مقدر جو سوال آهي ۽ نه ڀاڳ بخت جو. انهن مامرن کي صاحب قلم ڄاڻي ته ان جا پارکو ۽ پڙهندڙ حضرات ڄاڻن.

صاحب قلم، جو عظيم رهنما، دوست، مخلص، محنتي استاد، گورڪيءَ جي ٽڪر جو نه ته اهڙي ادب جو شيدائي ۽ ڳولائو ۽ اديب، منفرد فڪر جو حامي ۽ پاڻ مفڪر آهي. آءُ سندس لکڻين تي ويهي ادبي تنقيد ڪريان اها ٿي پوندي هوڙهيائپ. آءُ سڏبس پاڻ هرتڙو، هلڪو، جويي صاحب کي جڳ سڃاڻي ٿو.

هن ڳالهيون لکيون آهن ۽ ڳالهيون به من اندر جون. ماڻهو موڙهو ويٺو آهي ته اهي پاڻ پڙهي يا پڙهائي ٻڌي. ”گهنگهريا گهڻ ڄاڻ ۽ موڙهي مت مهائين“ ته به جويو صاحب ڀاڳ جاڳائڻ جو ڪم ڪندو رهيو، ڪري پيو ۽ اڳتي به ڪندو.

آءٌ صاحب قلم ۽ قارئين حضرات جي وچ ۾ نه اچان ها ته چڱو هو. هاڻي سدائين گڏ. موڪلاڻي ڪانهي سلام سنگت کي گهڻي کون گهڻا.

 الهداد ٻوهيو، خيرپور

12 آگسٽ 1980

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org