سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ماڻهوءَ جو ڀاڳ

باب: --

صفحو :2 

 

 

ٻه ناٽڪ

 

 

آزاديءَ ڏانهن

منظر پهريون

(ڀيانڪ شڪل وڏو پيٽ هڪ هٿ ۾ چهبڪ چيلهه سان هڪ ڪٽيل ڪنجي ۽ هڪ جرڪندڙ تلوار ٻڌل ٻئي هٿ ۾ مضبوط رسو جهليل، جيڪو هڪ زبون حال انسان جي چيلهه سان ٻڌل آهي، جنهن جي اکين تي پٽي ويڙهيل آهي ۽ هٿن ۾ هٿڪڙيون جڙيل آهن. پردو هٽي ٿو ۽ ”ظلم“ پنهنجي انهيءَ سموري ساز سامان سان، انتهائي غرور ۽ فرعوني ڪيفيت جو مظاهرو ڪندو، وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندو. دنجندو، پنهنجي ڪمال نفرت ۽ انسان دشمنيءَ جو گويا عام اعلان ڪندو، اسٽيج تي نمودار ٿو ٿئي. ۽ مظلوم غلام کي رسيءَ سان جهٽڪو ڏيئي، پاسي ڀر ڪيرائي، چهبڪ وهائي ٿو ڪڍي غلام ٿورو ڪنڌ ٿو کڻي يا ڪنجهڪارو ٿو ڪري، ته جهٽ ”ظلم“ جو هٿ تلوار ڏانهن کڄي وڃي ڪنجي ٻاهر ڪڍي، غلام جي هٿڪڙين کي لوڏي، خاطريءَ سان ڏسڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته هن جون هٿڪڙيون مضبوط جڙيل آهن يا نه! ٻڌندڙن ڏانهن مخاطب ٿي نهايت ڪڙي ۽ ڊڄاريندڙ آواز ۾ ڳالهائي ٿو...)

”آءٌ ڪير آهيان؟ منهنجي شڪل ۽ صورت ڏسو، منهنجا مهانڊا. منهنجا هٿيار، منهنجا طريقا ۽ منهنجا ڪارناما ڏسو غور سان ڏسو، ۽ جانچيو،. مون کي سڃاڻو ۽ ٻڌايو ته آءٌ ڪير آهيان؟... آءُ ”ظلم“ آهيان غلامي منهنجو فصل آهي. جسماني غلامي جسماني غلاميءَ کان وڌيڪ ذهني غلامي پيدا ڪرڻ ۽ پيدا ڪري هميشه قائم رکڻ منهنجو مقصد آهي...

”غلاميءَ جو هيءَ زهريلو فصل، آءٌ جهالت ۽ افلاس جي زمين تي پوکيندو آهيان. ۽ ان کي اوهان جي ئي هٿان بزدليءَ ۽ خوف جا پاڻي پياريندو آهيان: اوهان جي دل ۽ اوهان جي دماغ کي. بيسود ۽ بيڪار خيال پرستين ۾ محو رکي، ٺلهن ۽ غير ممڪن آسرن ۽ اميدن جي نشي ۾ مدهوش ڪري. آءٌ اوهان جي روح کي پنهنجي بيرحم پيرن هيٺان لتاڙي، چيچلائي ۽ چيڀاٽي. بي حسن ۽ بي خبر بنائي ڇڏيندو آهيان... پوءِ اوهان کي اها به خبر نه رهندي آهي ته آءٌ اوهان جو دشمن آهيان. منهنجا پگهاردار ڇاڙتا، ۽ اهي جن جا غرض ۽ مفاد منهنجي وجود سان وابسته هوندا آهن.، سي منهنجا مبلغ آهن. پوءِ اوهين انهن جي پيچ در پيچ ڳالهين ۾ منجهي، جهالت، خوف ۽ نااميديءَ جي شڪنجن ۾ ايترو ته جڪڙجي ويندا آهيون: جو پنهنجي غلاميءَ کان نفرت ڪرڻ بدران اوهين ان سان محبت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهيو: ۽ پوءِ اوهين مون کي پنهنجو آقا، سردار، سائين، رئيس، ڀوتار ۽ عالم پناهه ڪري سمجهندا ۽ پڪاريندا آهيو: منهنجي حضور ۾ هٿ ٻڌي هميشه حاضر رهندا آهيو: مون کي پيرين پوندا آهيو ۽ پاڻ کي منهنجي دروازي جا ڪتا، ٽڪريل. خاڪپا ۽ ٻانهيءَ جا ٻار سمجهي، منهنجي عزت ڪندا آهيو مون سان محبت ڪندا آهيو، ۽ مون کان خوف کائيندا آهيو. پر.....ايتري ساري اٽالي ۽ اهتمام هوندي به آءٌ اوهان کان ڊڄندو ۽ ڪنبندو آهيان. ۽ پاڻ وٽ چهبڪ، تلوار، بندوق، بندي خانا، جاسوس ۽ هٿياربندو چوڪيدار هر وقت موجود رکندو آهيان. ڇا ڪاڻ  ته اوهان جي زندگي ۽ منهنجي زندگي هڪ اٽل ۽ لازمي ضد ۾ آهن: منهنجي موت ۾ اوهان جي زندگي آهي، ۽ اوهان جي موت ۾ منهنجي زندگي آهي. آءٌ زنده فقط تيستائين آهيان جيستائين اوهين انڌا، ٻوڙا، بزدل، هڪٻئي جا دشمن، غفلت جي اگهورننڊ  ۾ ستل، لاپرواهه، غافل ۽ جاهل آهيو ۽ مون کي زنده رهڻ ڇڏيو ٿا!

”آءٌ ڪير آهيان؟ منهنجي شڪل ۽ صورت ڏسو، منهنجا مهانڊا منهنجا هٿيار، منهنجي پوشاڪ، منهنجا طريقا ۽ منهنجا ڪارناما ڏسو، ۽ جانچيو. مون کي سڃاڻو سڃاڻو ۽ ٻڌايو ته آ۽ ڪير آهيان؟...

”آءٌ آهيان اوهان جو دشمن ازلي ۽ ابدي دشمن!“

”اوهان جي دل ۽ دماغ مٿان بي عمليءَ ۽ جهالت وسيلي ۽ اوهان جي جسم مٿان ڏنڊي ۽ ڏاڍ وسيلي، آءٌ حڪومت هلائيندو آهيان. منهنجو وجود اوهان کي هڪ کلمکلي چيلنج آهي. هڪ کلمکلي دعوت آهي ته اٿو اي مظلوم ۽ غلام انسانو! اٿو.  همت ڪيو، ڊوڙو! اچو، اچي مون کي ختم ڪيو!... ڇا ڪاڻ ته منهنجو وجود آهي ئي ختم ڪرڻ لاءِ يا ختم ٿيڻ لاءِ!“

(غلام کي چهبڪ هڻي، رسو ڇڪي، اٿاري، گهلي پاڻ سان وٺي ٿو وڃي پردو آهستي آهستي ڪري ٿو.)

 

منظر ٻيو

(صاف، سنجيده ۽ پاڪيزه چهرو هڪ هٿ ۾ وڏي ٿالهي، جنهن ۾ مس، قلم، نوٽبوڪ، اخبار ۽ ڪتاب: ۽ وچ ۾ هڪ روشن شمع، جنهن جي ڀرسان هڪ ڪنجي رکيل آهي. پردو کڄي ٿو. اسٽيج تي اڳئين منظر وارو ”غلام“ پنهنجي اصلوڪيءَ صورت ۾ اداس ۽ بيوس. هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ”علم“ نهايت محبت ڀرين نظرن سان ڏانهس نهاري ٿو. ۽ نهايت اطمينان ۽ سنجيدگيءَ سان اڳتي وڌي. سندس ويجهو وڃي ٿو. ۽ نوڙي، کيس هڪ هڪ ڪري ۽ چپ چاپ علم جي سمورين نعمتن سان روشناس ٿو ڪري نهايت ادب ۽ احترام سان اٿي. ”غلام“ جي اکين تان پٽي لاهي ٿو. ۽ هٿڪڙي کي ڪنجيءَ سان کولي ٿو ”غلام“ علم ”ڏانهن ڪجهه حيرت ۽ خوف وچان نهاري، وري دلگداز نراساين ۾ گويا دفن ٿي ٿو وڃي ”علم“ نهايت همدرديءَ واري لهجي ۾ کيس مخاطب ٿي چوي ٿو...)

”اي محترم انسان! ڪنڌ مٿي کڻ، هيڏانهن نهار، مون کي سڃاڻ! مون تولاءِ روشني جو پيغام ۽ آزاديءَ جو سنبهو آندو آهي. تون پنهنجي ذهن جا دروازا کول ۽ منهنجي روشنيءَ کي اندر اچڻ ڏي! منهنجي نور کي پنهنجي تاريڪ روح ۾ جاءِ ڏي! جهالت جا سمورا پردا، اوندهه جا غلافن مٿان غلاف. آءٌ ئي هٽائي پري ڪندو آهيان. غلاميءَ جون سموريون زنجيرون، افلاس ۽ غربت جون سموريون پابنديون، حيوانيت جا سمورا اٽڪاءَ ۽ حدبنديون، بيوسي، ضعف ۽ بيچارگيءَ جون سموريون رڪاوٽون، اهي سڀ جون سڀ منهنجي ئي دم سان دور ٿينديون آهن! توکي تنهنجي عظمت، شرافت ۽ انسانيت جو احساس منهنجي ئي هٿان ٿيندو. مون وٽ همت، مردانگيءَ، خود شناسيءَ، خوداعتماديءَ ۽ خودداريءَ جا بي بها زيور آهن، جن سان آءٌ تنهنجي ويران زندگيءَ کي سينگاريندس. مون وٽ اميد جا اڻ کٽ خزانا آهن، جن سان آءٌ تنهنجي سکڻيءَ زندگيءَ کي سڦلو بنائيندس. آءٌ توکي اها سمجهه ۽ اها طاقت بخشيندس جنهن سان تون پنهنجي لڪل توڙي ظاهر، پنهنجي توڙي پروان دشمنن کي خوب سڃاڻي سگهندين، ۽ انهن سان مقابلي لاءِ همٿ ساري سگهندين ۽ مٿن پنهنجي تنظيم، اتحاد ۽ بهادريءَ سان غالب پئجي سگهندين، ۽ پنهنجي وڃايل متاع زندگي نئين سر حاصل ڪري سگهندين...

”اي معصوم انسان! آءٌ علم آهيان  ڄاڻ آهيان، خبر آهيان! ائين هرگز وسهي ويهي نه رهج ته جيڪڏهن تو لکڻ، پڙهڻ ۽ حسابن جي جوڙڪٽ سکي ورتي ته تون ڪو ڄاڻو. باخبر يا با علم ٿي چڪين. اهي انگ اکر ته فقط ٻوليءَ جي تحريري صورت آهن: ٻولي ته توکي هونئن به اچي ٿي انگ اکر ته فقط هڪ قسم جا وسيلا آهن. جن جي مدد سان تون ”مون“ تائين پهچي سگهين ٿو. ائين به هميشه ٿيندو آهي ته انهن ئي وسيلن معرفت، انهن ئي انگن اکرن ۾ اڙائي تنهنجا دشمن توکي مون علم کان محروم، ڄاڻ کان اڻڄاڻ ۽ خبر کان بي خبر رکندا آهن. تنهنڪري ياد رک، اي سمجهدار انسان! ته اها هر ڪا چيز جيڪا تنهنجي جسماني توڙي ذهني غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي ٿي، جيڪا توکي تنهنجي آزاديءَ جون واٽون ڏيکاري ٿي. جيڪا تنهنجي زندگي موٽائي توکي هٿ ۾ ڏئي ٿي ۽ جيڪا تنهنجي زبون حال زندگيءَ جي بهتريءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هن ئي دنيا کي جنت ۾ تبديل ڪرڻ جون خوشخبريون توکي ڏسي ٿي اها ئي چيز ”علم“ آهي.

”اي معزز انسان! ڪنڌ مٿي کڻ، هيڏانهن نهار. مون کي سڃاڻ آءٌ علم آهيان! مون تولاءِ روشنيءَ جو پيغام ۽ آزاديءَ جو سنيهو آندو آهي! تون پنهنجي ذهن جا دروازا کول، ۽ منهنجي روشنيءَ کي اندر اچڻ ڏي. منهنجي نور کي پنهنجي تاريڪ روح ۾ جاءِ ڏي!“

”ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين مون کي ڳوليندو رهه. جتي به ۽ جنهن به ٻوليءَ ۾ آءٌ توکي هٿ اچان توڙي جو تون مون کي چين ۾ ڏسين مون کي هڪدم حاصل ڪر، پنهنجو بناء.......! ڇاڪاڻ ته تنهنجي زندگيءَ جو راز آءٌ آهيان. آءٌ ئي تنهنجي زندگي آهيان!“

(”علم“ پنهنجا ساز سامان ”غلام“ جي حوالي ڪري ٻاهر هليو ٿو وڃي. ”غلام“ ڪنڌ مٿي ڪري منهن تي هڪ ضعيف مرڪ آڻي، کيس ڊگهين ۽ پائدار نظرن سان پٺيان ڏسي ٿو... ”علم“ جي ڇڏيل نعمتن کي پوري ادب، شوق ۽ محبت سان ڇهي ٿو. ۽ سندس منهن تي هڪ عجيب. معجزي جهڙي چمڪ ۽ تازگيءَ جا آثار نمودار ٿين ٿا... پردو آهستي آهستي ڪري ٿو.)

 

منظر ٽيون

(پردو هٽي ٿو  تهن مٿان تهن ۾ ويڙهيل هڪ ٻيو ”غلام“ اسٽيج تي هڪ ٺلهه مثل بڻيو ويٺو آهي. انهن غلافن مان ڳچي ٻاهر ڪڍڻ جي ائين ڪوشش ڪري رهيو آهي. گويا هومنجهن ٻوساٽجيءِ گهٽجي رهيو آهي، غلافن تي هڪٻئي پٺيان هي وڏا وڏا لفظ نقش آهن: ”ظلم“، ”جهالت“، ”بک“، ”بيماري“ ، ”رشوت“ ”خوف“
وغيره، جنهن ڳالهه جي تماشبين صاحبن کي پوءِ ٿي خبر پوي تنهن کان اڳ ٻه نوجوان، تيز ۽ چست، جن مان هڪ اهوئي اڳيون ”غلام“ آهي ۽ جن ٻنهي جي هٿن ۾ جهنڊا آهن. ”آزاد انسان. آزاد انسان!“ ترانو ڳائيندا. قدم سان قدم ملائيندا، بي خوف ۽ بي خطر اسٽيج تي اچن ٿا ۽ سندن اک هڪدم غلافن ۾ ويڙهيل مجبور انسان تي ٿي وڃي پوي ۽ ائين چئي. هو ٻيئي ڊوڙي ويجهو وڃن ٿا، ۽ هڪڙو هڪڙي پاسي کان ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان بيهي غلافن ۾ چئو کنڀي ويڙهيل ”غلام“ جا غلاف هڪٻئي پٺيان لاهڻ شروع ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح. جو هر هڪ غلاف حاضرين چڱيءَ طرح ڏسن ٿا. اهڙيءَ طرح سمورا غلاف هٽن ٿا، تڏهن هو ٻيئي آزاد نوجوان پاڻ جهڙي غلام جوان کي نهايت محبت ۽ خبرداريءَ سان اٿارين ٿا. سندس اکين تان پٽي لاهين ٿا، هٿڪڙيون کولين ٿا. ۽ کيس پنهنجي وچ ۾ بيهاري ”آزاد آ انسان آزاد آ انسان!“ ترانو ڳائيندا، قدم سان قدم ملائيندا، اسٽيج تان هليا وڃن ٿا انهيءَ رستي سان جنهن رستي تي هيءُ نشان. هٿ جي اشاري سميت، وڏن حرفن ۾ لکيل آهي ”انصاف، برابريءَ ۽ برادريءَ ڏانهن ويندڙ شاهراهه“... پردو آهستي آهستي ڪري ٿو.)

(سال 1950ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين. حيدرآباد، جي سالياني جلسي ۾ ڪاليج جي ناٽڪ هال ۾، اسٽيج تي آيل.)


 

 

هاري ۽ تعليم

 

منظر پهريون

(شام جو وقت آهي. وڏيرو چٽو خان اڃا گهوڙي تان لهي مس ٿو، ته ڪمدار کوسو خان بسم الله! بسم الله ڪندو اچي گهوڙي وٺيس ٿو.)

وڏيرو - ڪمدار! گهوڙو ڏاڍو هلاڪ ٿيو آهي. واهي کي ڏينس ته چڱيءَ طرح گهمائي، کرکرو هڻيس ۽ وهنجاريس، جيئن ٿڪ لهيس، سڀاڻي تون مکڻ جي سير اڌ کي ڪنهن مردار هاريءَ کان جهٽي هڻ، ته ڪميت کي ڪو ڍو ڪرايون.

ڪمدار: حاضر سائين، صبح ٿيڻ ڏيو، گهوڙي جي هستي ئي اور ڏسندؤ. پر جنهن ڪم سان ميرپور ويا هئا، سو به فتح ڪري آيا نه؟ پاڻ وري صوبيدار صاحب کي ته ڪيس مان ڇڏائي آيو نه؟ ٿيو ڪو هن نمڪ حرام ٻٻر ماڇيءَ جو ڪارو منهن. رن پٽ جو مٿو ڦريو آهي. ڪميڻي ڪم اهڙو ڪيو آهي. جو جيئري گڏهه جي کل ۾ سبائي ڇڏجيس. رهي ٿو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي ۽ وجهي ٿو واڳن سان وير!

وڏيرو - ڪمدار، ڪم اهڙو ٿيو، جو نه ڪڏهن ٿيو نه ٿيندو. صوبيدار صاحب کي بنهه پئسين ڳنهي آيو آهيان. شاهدن کي دٻائي، منجهائي، ڪجهه لٺ سان ڪجهه چٺ سان پنهنجي پاسي ڪري. سڄو ڪيس ئي ڊانواڊول ڪري ڇڏيومانس. هيءُ ماڇياڻيءَ جو پٽ به هليو هو اسان جي فيصلي کي اورانگهڻ. پر ڪمدار، اڄ چڱائيءَ جو وقت ڪونهي. ويچاري صوبيدار صاحب اسان جي چوڻ تي هن ڪمذات کي کڻي ڇڏيو، نه ته ڇڏيونس ها ته حال ته وڃي وڏي گهر ۾ ڇهه ٻارهن مهينا بي دريافتو چڪيون چڪي ها بدمعاش، هليو هو صوبيدار تي رشوت جو ڪيس ڪرڻ... هاڻي مورڳو ٿو ڪيس ڳچيءَ کان وٺيس. مان به صوبيدار کي چئي آيو آهيان ته ڪر انهيءَ حرامزادي ٻٻر جي پٽ تي بدناموسيءَ جو ڪيس. ڀلي ته ڪريس اڳتي ۽ ٿئيس الهه تلهه چٽ، پوءِ ڄٽ کي خبر پوي ته گهڻين ويهين سئو آهي.

ڪمدار: واهه سائين واهه! اڄ ته توهان جا پير ڌوئي هوند کڻي پيان. هن ماڇياڻيءَ جي پٽ جو به مٿو ويو هو ڦري... جي آءُ بي گناهه ٿي ٻڌو ويس. پڇينس ته ڪميڻا هتي گناهه بي گناهه جي ڪهڙي ڳالهه هئي، وڃي پوين ها جيل ۾ ته ڪتو به ڪونه ڀونڪئي ها. روپيا 100 ڏيئي پنهنجي جند ڇڏايئه. اسان جو ٿورو ٿوري جي ماڳ، الٽو هليو آهين صوبيدار کي جهلائڻ! بادشاهي پنهنجي پيءُ جي ڏٺي هئائين.

ويرو - پر، ڪمدار. هاڻي ڏسجانءِ سيکت ته اهڙي ملنديس، جو هڪ سهندو لک سکندا. ٻيو وري ماءُ کان پڇي پوءِ اهڙي سڌ ڪندو. اڃا ته مر دود پنجين ڪوهين تي پنڌ ۾ هوندو. اسان کي ارمان رڳو منهنجي ڪميت جو آهي. اوٽ موٽ ڏهه ڪوهه هڻي آيو آهي. وارو ڪر واهي کي ڏس. ڪو گاهه داڻو گهوڙي کي ڏنائين يا وڃي جوءَ جي ڪڇ ۾ ساجهر ئي ستو؟

(ڪمدار گهوڙي جي ٽهل ۾ لڳي وڃي ٿو. ۽ وڏيرو گهر وڃي ٿو آرامي ٿئي.)

 

منظر ٻيو

(صبح جو وقت آهي. وڏيرو ڇٽو خان اوطاق ۾ کٽ تي ليٽيو پيو آهي. ڪمدار کوسو خان پاسي ۾ ڪانڀ ڪڍيو، منجيءَ تي ويٺو آهي ۽ رکي رکي مڇون مروٽي ۽ کنگهڪارون پيو ڪري.)

وڏيرو - ڪمدار وڏا، ملڪ ويو مزي مان نڪري!

ڪمدار: سو وري ڪيئن؟

وڏيرو - اڙي ڪيئن وري ڪيئن! ڪالهه ميرپور ۾ اسڪولن جو صاحب گڏيم... چي، وڏيرا زوري تعليم شروع ٿي ويئي آهي اوهين پنهنجي هارين کي سمجهايو، پنهنجا ٻار اسڪول ۾ ڇڏين. نه ته مٿن ڏنڊ وجهندس. جيل ۾ اماڻيندس. بس ڪٿان پيو اچي ڪٿان پيو وڃي!

ڪمدار: پر سائين صوبيدار صاحب ته پنهنجو آهي. هن اسڪول جي لنگور صاحب کي ڪهڙي طاقت آهي، جو اوهان جي هارين کي جهلائي سگهي! هي هارين جا ٻار پڙهندا ته پوءِ اوهان کي سائين سائين ڪير ڪندو؟ ساري حڪومت ۽ دٻدٻو ئي ختم ٿي ويندو. هو نوري واڍي جو پٽ ئي کڻي ڏسو: چار ڪتابڙيون پڙهيو آهي ته بس سمجهي ٿو ته ملڪ جو والي ئي مان آهيان. ڄٽ پڙهيو الله اڙيو. تنهن ڏينهن اوهان کي رستي تي مليو. ته نوڙي پيرين به ڪين پيو! وري ٻئي ڏينهن اوطاق ۾ آيو ته ڪنڌ ۾ ڇوري کي ور. اچي مون سان منجيءَ تي ويهي رهيو. ائين ته سائين منهنجا هر ڪو آپي شاهه ٿي پوندو پوءِ ته ٻٻر ماڇيءَ جهڙا سو نڪري پوندا. منهنجو خيال آهي ته هن ماڇياڻيءَ جي پٽ کي به انهيءَ ڇوري ئي وٺي کڻي آڀاري آڀاري چوٽ تي چاڙهيو آهي.

وڏيرو_ڪمدار وڏا، اهو ته ٺهيو، پر توکي خبر آهي ته هاڻي اسڪول جي صاحبن کي به ڪورٽ هلائڻ جو اختياريون مليون آهن! هو پاڻ ڪيس هلائي. ڏنڊ وجهندا ۽ سزا ڏيندا. اسان جي صوبيدار کان اها ڳالهه پري آهي. هاڻي ٻيو ڪو رستو ڳولڻو پوندو.

ڪمدار: سائين، اوهين ڇٽا پيا آهيو. آءٌ ٿو پاڻيهي انهيءَ ڪم کي منهن ڏيان، اوهين رڳو ويٺا مزا ڏسو هارين جا پٽ به ٿا پڙهن، ڏاهري به هليا هئا اڀ کي تراريون هڻڻ.

وڏيرو: ته  ٻيلي ڪر ڪو بلو! سڀاڻي اهو اسڪولن جو سانڊو آهي هتي اچڻو. چيائين پئي ته اوهان جي اوطاق ۾ هارين کي سڏائي، انهن کي ڪا سمجهاڻي ڏيندس، ڏسج متان هاري اچي وڃن سندس مٺين مٺين ڳالهين ۾!

ڪمدار: سائين، تنهن جو اوهين ڪوبه خيال نه ڪريو. پر مون کي هڪڙي ڳالهه ته سمجهايو، هي جيڪي وڏا وڏا زميندار ميمبر ۽ وزير ٿيا ويٺا آهن، انهن کي ڪهڙي لنڊيءَ کاڌو آهي. جو پيا ٿا اهڙا پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙا هڻن.؟

وڏيرو: ڪمدار توکي خبر ته آهي اسان جي ڀائرن زميندارن جو ڏوهه ڪونهي. اهي سڀ ووٽ جا معجزا اٿيئي. سچ پڇين، جي هنن بي عقل هارين کي نه اها خبر پئجي وڃي ته هيءَ جيڪا ووٽ جي لٺ وٽن آهي. تنهن سان هوند گهڻن جا ڪنڌ ڀڃي وجهن! اهو نه سربستو پتو پئجي وڃين. ته هوند ڏسين ته اسين ۽ تون سڀ سندن هڪ ئي ڌڪ سان وڃي ڪياڙي کوڙيون. بس هڙئي هنن جي حوالي ٿي وڃي! ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪي به ميمبر چونڊجي ويا آهن. سي هڙئي انهيءَ فڪر ۾ اٿئي ته ڪنهن طرح پنهنجا کيسا گرم ڪريون. ۽ ٻيو آئيندي ووٽ هٿ ڪريون، وڙهيل ته پاڻ ۾ اڳيئي آهن. بس پوءِ پاڻ وڻائڻ لاءِ پيا هڪٻئي جون ڇنڇريون لاهين. جي وزير هينئن نٿا ڪن، هونئن نٿا ڪن! ڪجهه ته ڳالهائڻ لاءِ گهرجين نه. ٻيو وري شهرن مان ٻه چار ميمبر چونڊجي آيا آهن. اهي به ٿا اسان جي زميندار ميمبرن ۽ وزيرن کي پاڻ ۾ ويڙهائين ۽ اخبارن ۾ بدنام ڪرائين. پوءِ اهي اسان جا وزير ڪجهه پاڻ بچائڻ لاءِ ڪجهه پاڻ وڻائڻ لاءِ مڙيئي پيا ٿا ڪڏهن ڪڏهن هارين غريبن ۽ مزورن جا نالا وٺن، باقي مون سان پاڻ اسان جي ميمبر، وڏيري ڪيهر خان، ڪن ۾ ڳالهه ڪئي آهي ته اهي زوري تعليم جا، بالغن جي تعليم جا. ۽ اهڙا ٻيا سوال رڳا هڪڙا ڍونگ آهن ماڻهن کي الو بنائڻ جا.

ڪمدار: اڙي سائين، شل خدا تنهنجو ڀلو ڪندو. ڳالهه اهڙي پتي جي منهنجي مغز ۾ ويهاري اٿئي، جو بس دل خوش ٿي ويم. آءٌ به چوان ته هي جو جاگيرداري ختم ڪرڻ جا سوال، هي هارين جي حقن جون ڳالهيون، هي بٽئيءَ جا فيصلا سڀ اسان جا پنهنجا زميندار ميمبر ۽ وزير ٿا هر هر ڇيڙين، سوهاڻي سمجهيم ته هو ويچارا رضا خوشيءَ سان ائين ڪين ٿا ڪن. ها سائين، هنن کي به ضرور حڪومت هلائڻي آهي. ڏسو نه اسين پاڻ ئي هتي ڪهڙا نه رنگ برنگي منتر شنتر ۽ اڙتيون ڦڙتيون ٿا ويٺا هڻون، تڏهن ٿو مس مس ڪارخانو هلي سگهي.

وڏيرو: ته پوءِ هاڻي جي ڪم جو مڙيئي ڪو بندوبست ڪري ڇڏجانءِ.

ڪمدار: سائين رک الله تي. ڪم ته نازڪ آهي. پر ڏسون ته آخر ڇا ٿو ٿئي. لڳي من اسان کي به ڪو وارو، سڀ سڻائي ٿي پوندي. رکو اوهان ڪم ڪريم تي.

(ڪمدار ٻاهر نڪري وڃي ٿو. وڏيرو سنئون نئون ٿي، چادر تاڻي، سمهي ٿو رهي.)

 

منظر ٽيون

(ٻنپهرن جو وقت آهي، ڪمدار گهوڙي تي چڙهي ٻنين ۾ گهمري تي ٿو نڪري. هڪ ٻنيءَ ۾ لابارو چالو آهي. پنج ست همراهه ۽ ٻه چار زالون ڪڙٻ لڻڻ ۾ مشغول آهن. ڪمدار کي پري کان ايندو ڏسي، پاڻ ۾ ڪمدار جي باري ۾ ڳالهيون ٿا ڪن.)

حمزو: اچيو ٿو بي غيرت بدمعاش، الائي ڪهڙي ٿو مصيبت کنيو اچي پاڻ سان!

الهورايو: ٻيلي، هي زميندار ته ڪمدار ڳولي اهڙا ٿا پاڻ وٽ رکن، جيڪي ڏيهان راڄان تڙيل، جن کي نه پنهنجن جي نه پراون جي. پنهنجي پيءَ کي به هوند ڪين ڇڏين!

علي دوست: اهڙا جي ڪمدار نه رکن ته پوءِ سندن ها ۾ ها ڪير ملائي، چوريون ڪير ڪرائي، خون ۽ ڌاڙا ڪير هڻائي. اسان ۽ توهان جو رت ڪير چوسي، سندن ڀڙوت ڪير ڪري، حرامخورن جي وات ۾ حرام جي هڏي ڪير وجهي؟ چوندا ڪين آهن ته چورن جا ڀائر ڳنڍيڇوڙ!

بختاور: انهي مارئي ڏاڙهيءَ ڪوڙئي کي ڪهڙي ٻين جي لڄن جي ڪهل، ڪهڙي ٻين جي نياڻين سياڻين جي ساڃهه، جنهن پنهنجي زال کي ئي کڻي ڦٽو ڪيو، جنهن پنهنجي معصوم نياڻيءَ کي کڻي ٽڪين وڪڻي ڇڏيو. جنهن پنهنجي سڳي چاچي جو ڌاڙو هڻائي، جيل ۾ اماڻائي ڇڏيو، تنهن ۾ وري ڪهڙي چڱ مڙسيءَ جي اميد رکبي؟ پرائي مال تي ڪمدار بنيو، وتي ٿو پنهنجن مٿان چوڪسيون ڪندو! لائي چائي چغلي چوري ته انهيءَ نانگن کاڌي جو ڌنڌو آهي.

ڀاڳل: ادي، ماريو نيٺ ته پنهنجا ڪيتا ڏيندو، شل ڪيئان ڳاڙي مرندو. مون رن زال جو ڇيلڙو ڪاهي وڃي ڪار منهين وڏيري جو ڀڀ ڀريائين. (ڪمدار ويجهو اچي کڙڪي سان سلام ٿو ورائي. هڪڙو هاري وڌي گهوڙو ٿو وٺيس.)

حمزو: ڪمدار وڏا، ڏيو خير جا حال احوال، خوش ته آهيو؟

ڪمدار: يار، ويٺا خير جي الله الله ڪريون. وڏيرو صاحب ڪالهه ويوهو ميرپور. ڏاڍي هڪڙي ڳري ڳالهه ٻڌي آيو آهي. چيم ته اوهان کي چتائي ڇڏيان، متان وري مياري ڪري وجهو.

علي دوست: ڪمدار صاحب ٻيو آهي ته خير؟ اڄ ڏاڍي اچي اسان جي ساهه سان لڳي اٿئي، اسين ته ادا اڳي ئي مئا پيا آهيون. هن کان وڌيڪ اسان تي ٻي وري ڪهڙي آفت اچي نازل ٿيندي؟

ڪمدار: ادا علي دوست، ڪهڙي ڳالهه ٿو پڇين! سرڪار زوري تعليم شروع ڪئي آهي. چون ٿا ته جيڪڏهن هاري پنهنجا ٻار اسڪول ۾ نه ڏيندا ته مٿن ڏنڊ وڌا ويندا. کين جيل ۾ اماڻيو ويندو!

علي دوست: ڪمدار، بس ڳالهه به اها! تعليم ۾ سرڪار زوري ڇو ٿي ڪري! اسين ته يار پاڻهي ٻار پڙهائڻ لاءِ تيار ويٺا آهيون. علم نيٺ علم آهي. ٻڌو ڪين اٿئي ته علم بادشاهه آهي. علم ڪو خراب آهي ڇا؟ ڪيئن ٿو ڀانئين ادا الله اوڀايا!!

الله اوڀايو: هائو ادا، جيڪي پڙهيا سي پار پيا، علم کان سواءِ انسان آهي حيوان جي آچار.

علي دوست: ڪمدار صاحب، ٻڌئي، هي سڀيئي چوندا آهن ته اسان هارين کي علم لاءِ چاهه ڪونهي ۽ اچي ڊگها واعظ ڪندا آهن ته علم ههڙو، علم ههڙو. سي ته ٻيلي يا ته ٺڳ ٿا معلوم ٿين يا چريا ۽ ڳهيلا ٿا ڏسجن. علم کي ڪير نه چاهيندو؟ اسين ته ٻيلي ٿڌا شوڪارا ڀري ڀري پنهنجي قسمت تي پيا روئون. پر من اسان جي ٻچن جو ڪو ڀاڳ وري، ڪي چار اکر پڙهي پون، ڪمدار صاحب، سرڪار کي وڃي چئو ته زوريءَ جي هتي ڪا ڳالهه ئي ڪانهي. ڪڏهن طبيب به بيمار جو ڪو زوريءَ علاج ڪندو آهي! حلوي کائيندي اسان جا ڏند ڪونه ڏکندا.

حمزو: ٻيلي ڳالهه ته علي دوست تنهنجي بنهه لک لهي. پر ڇوڪرا ڏيون اسڪول ۾، پوءِ اسان جي ماني ڪير کڻي ايندو. گاڏيءَ تي ڪير ويهندو. ڍور ڪير هڪليندو، ڪم ڪار ۾ اسان سان ڪير ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندو؟ ٻئي ٽئين ڏينهن وڏيري جي ڪاٺين جي، کاٽيءَ جي، گاهه جي، شڪار جي، هن جي، هن جي بيگر به ائين ئي بيٺي آهي، ٻيلي اسين پورهيت ماڻهو ڪم ۾ ڳهي ڳهي عمر به ڳري ويئي اٿئون. تڏهن به پاندي پوري ڪانهي. ڇوڪرا جيڪا سا ونڊي اڌ ونڊي ڪمايو پيا اسان کي ڏين، ڪيئن قصو ٿيندو. ٻيلي ڪا خبر ته پويئي ڪا نه ٿي!

علي دوست: ادا حمزا، ڳالهه ته آهي ئي اها نه! تنهن ڏينهن ”هاري حقدار“ وارو هڪڙو جوان گڏيم، تنهن ته ڳالهه ئي اها ٻڌائي ته جيسين زمينداري قائم آهي. جسين اوهان جي پگهر جي پورهئي جي ڪمائيءَ جون پيون بٽيون ٿينديون تيسين اوهان اهڙائي پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا پيا رهندو! تسين نه اوهان جي پيٽ جي پورت ٿيندي نه اوهان جا ٻچا ڪو علم پڙهي سگهندا، پوءِ ڀلي کڻي ڪو زوري تعليم شروع ڪري يا کڻي اوهان سڀني کي جيلن ۾ بند ڪري اوهان کي پڙهائي.

الله اوڀايو: اوهه واهه! اڙي هاري حقدار نوجوان، شل خوش هجين! ڪٿي نه وڃي مرض جي نبض تي هٿ رکيو اٿئي! سچ ته اسان کي پنڻ کان پڙهڻ ڪٿي ٿو ياد اچي. مون کي ياد آهي ته پر سال هڪڙي ٻئي هاري حقدار جوان ميرپور ۾ پئي تقرير ڪئي ته روس ملڪ ۾ جتي هارين زمينداريءَ کي ختم ڪري پنهنجي سرڪار ٺاهي آهي. اتي ڏهن سالن جي ٿورڙي ئي ويرم ۾ سڀ ماڻهو، ننڍا وڏا، زالين مڙسين، جهٽ پڙهي پيا ۽ هاڻ اتي اڻ پڙهيل آهي ئي ڪونه!

ڪمدار: اڙي گمراهه هاريو! اسين به ڏسي رهنداسون. اوهان کي اهي هاري حقدار وارا جوان ڪٿي ٿا عرشين اڪارين، اڙي بيوقوفو! اهي اوهان کي جهنم جي تري ۾ وڃي ڦٽو ڪندا.

(ڪمدار گهوڙي تي لانگ ورائي، ککو وکو ٿي، تکو تکو هليو وڃي ٿو.)

علي دوست: اڙي ازلي دشمن، تنهنجي ۽ تنهنجي ڪڌاتوري وڏيري جي بهشت کان اهو اسان کي پنهنجو دوزخ به ڀلو.

 

منظر چوٿون

 (ڳوٺ جي اسڪول ۾ اسڪولن جو وڏو صاحب ميز آڏو ڪيو، ڪرسيءَ تي ويٺو آهي، اسڪول جو ماستر صاحب اٿي 17 هارين جا نالا پڪاري ٿو. جن جا ڇوڪرا اسڪول ۾ غير حاضر رهيا آهن. 17 هاري جن تي اڳئي سمنون تعميل ٿيل آهن. اچي ٿا حاضر ٿين. وڏيرو ڇٽو خان، ڪمدار کوسي خان سميت، هارين سان گڏ اندر اچي ڪرسيءَ تي هڪ پاسي ويهي ٿو رهي، ڪورٽ شروع ٿئي ٿي.)

ماستر صاحب: حضور هي 6 هاري اڳئين دفعي به حاضر ٿيا هئا ۽ مٿن اوهان 2_2 روپيا ڏنڊ وڌو هو، هي ماڻهو ٻيهر انهيءَ ڏوهه ۾ اوهان وٽ پيش ٿيا آهن.

صاحب: بابا اوهان کي ڇا چوڻو آهي؟ اهوئي نه ته اوهين غريب آهيو. اوهان جا ڇوڪرا  اوهان کي ڪم اچن ٿا. وغيره، وغيره. بابا، هاڻي اوهين خيال ڏيئي ٻڌو! ڇا به هجي، اوهان کي پنهنجا ڇوڪرا اسڪول ۾ هر روز موڪلڻا آهن ان ۾ اوهان جوئي فائدو آهي، جي نه، ته اوهان تي سرڪار ڳرا ڏنڊ وجهندي، ۽ جي پوءِ به ٻار نه آيا ته اوهان کي شايد جيل ۾ به اماڻيو وڃي. هاڻي اوهان مان جن ڇهن تي اڳئين دفعي ٻه ٻه روپيا ڏنڊ پيو هو. تن تي هن دفعي ڏهه ڏهه روپيا ڏنڊ آهي. ۽ اوهان مان باقي ٻين يارهن ڄڻن تي پنج پنج روپيا ڏنڊ آهي، جلد ڏنڊ جا پئسا پياريو ۽ اڳتي اسڪول ۾ پنهنجا ڇوڪرا باقاعدي موڪليو.

وڏيرو: صاحب، هي وٺو 115 روپيا هنن اسان جي هارين جو ڏنڊ، ڇڏيو ويچارن غريبن جي جند.

صاحب: وڏيرا صاحب، هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي؟ اڳي به اوهان ئي هنن ڇهن هارين طرفان ٻارنهن روپيا ڀري ڏنا هئا. ۽ هاڻي به هڪدم 115 روپيا ڇوڙي ٿا ڏيو. مون کي ته ميان ان ۾ اوهان جي وڏي ڪا خطرناڪ چال ٿي ڏسڻ ۾ اچي.

وڏيرو: سائين انهيءَ ۾ چال وري ڪهڙي آهي؟ هي ويچارا اسان جا ٻچا آهن. اسان جا هاري آهن، اسين ئي انهن کي نه بچائينداسون ته ٻيو وري ڪير هنن جي ويجهو ايندو؟

هاري: (پنهنجي منهن) بٽئيءَ مهل ته تون ئي ترپٽ ٻهاري، هڙئي هارين جي کنيو وڃين. هارين کي اهوئي بوڇڻ ڪلهي تي. پر هتي ته وڏو سخي مرد ٿي ويٺو آهين هارين پاران ٻڪ روپين جا ڀري ڏيڻ! اهو تيل به ضرور انهن ئي ترن مان نڪرندو...

 

منظر پنجون

  (وڏيرو چٽو خان ۽ ڪمدار کوسو خان اوطاق ڏانهن خوش خوش وڃي رهيا آهن. پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪندا ٿا پيا وڃن.)

وڏيرو: ڪمدار وڏا، ٻيلي تون ته هوند سرڪار جو وڏو وزير سونهين. رستو اهڙو ڳولي ڪڍيو اٿئي. جو بس نانگ به پيو مري ۽ لٺ به بچي پيئي آهي.

ڪمدار: سائين، بس رکيو ويٺا هجو الله تي، هاڻي هڪڙو ٻيو ڪم ڪريو، بس پوءِ سمجهو ته سڀ سڻائي.

وڏيرو: ڪمدار وڏا، سو وري ڪهڙو؟

ڪمدار: سائين منهنجا، هاڻي ٻه چار تڏا وٺي. هو جيڪو نه بُهار وارو منهن خالي پيو آهي. تنهن ۾ کڻي رکايو. منهنجي ملان کي کڻي اتي ويهاريو. کوليو کڻي مڪتب. پيا ڄٽن جا ٻار سيپارا پڙهندا، سمجهندا ڌوڙ، پيا جهولندا ۽ مٽيءَ جا مٽ ڀريندا ۽ ڪاٺيون ميڙيندا. چري ڀونڊي ۾ خوش. پوءِ ڏسون ته ڪيئن ٿو اهو زوري تعليم جو اسڪول هلي.

وڏيرو: ڪمدار وڏا، ڳالهه ته اهڙي ڪئي اٿئي، جو بادشاهه هجان ته منهن موتين سان هوند ڀري ڇڏيانءِ.

ڪمدار: سائين، بس هڪڙي ڳالهه اها ڪريو. هوڏانهن وري اها بيگر جي وٺ وٺان هڪ نه ٻئي ڏانهن لايو اچو. باقي اهي ڏنڊ جا سئو ٻه سئو روپيا ڇهين ٻارهين مهيني پيا ڀرينداسون. سي به بٽئيءَ مهل ٻيڻا ٿيو پيا وصول ٿيندا. جوڌيجن جي ڌوڙ جوڌيجن جي منهن  ۾.  اهي ڄٽن جا ٻار پڙهندا، جو اسين سڀئي مري ويا آهيون. الله اوهان کي نيڪي ڏئي، اڃا سنڌ انهن هاري حقدار وارن گدڙن ڪانه کاڌي آهي. پاڻ انهن جا هڻي لاهه...

آواز: ياد رکو: ٻن گدڙن شينهن ماريو هو. ٻئي ڪندي اوهين ته پاڻ رڳو زهريلا مڇر آهيو، جو ستل شينهن کي پيا ٿا کائو ۽ سندس رت چوسيو ستل شينهن اجهو جاڳيو ڪي جاڳيو. پوءِ اوهين موسمي مڇر رڳو ڀون ڀون ڪندا، منهن مٿو پٽيندا رهجي ويندا. اڃا ڀلي ٿورو ترسو، اڃا ڀلي ٿورو وقت وڌيڪ انتظار ڪريو.

”زميندار شاهي عرف ڪمدار جا ڪارناما“ 1953ع ۾ ڇپيل ڪتاب ۾ آيل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org