سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ماڻهوءَ جو ڀاڳ

باب: --

صفحو : 5 

 

ٽي ڀائر

ڪنهن سمي ملڪ ۾ ڏڪار اهڙو اچي منهن ڪڍيو. جو ماڻهو ته ماڻهو، پر جهنگ جا جانورن جا پيٽ به وڃي پٺيءَ سان لڳا، ساوڪ ۽ سرهاڻ اپائيندڙ ڌرتي سڪي ٺوٺ ٿي ويئي، وڻ ٽڻ ٻنيون ٻارا، گل ڦل ڄڻ ڪڏهن اپجندي، سر سبز ٿيندي، کلندي ٽڙندي ڪنهن ڏٺائي ڪونه هئا. اناج ايترو اڻلڀ، جو ساهه سنئون به نه ملي، ڪير، جو ڪنهن سان حال ڀائي ٿئي! هرڪو پنهنجو منهن مٿو وٺيو. هڏن جي مڙهي بنيو. حياتيءَ جي عذاب جون گهڙيون ڳڻيندو رهيو. موت جي منحوس ڏائڻ وات ڦاڙيو، هر هنڌي نوسيندي رهي، جيت جناور، پکي، پسون، مرون ماڻهو مطلب ته سڀ ساهوارا، جي جتي سي تتي، پنڊپهڻ بنيا، وقت جي ڪٺور نگاهن ۾ گهوريندا رهيا، ائين پئي ڏٺو، ڄڻ زندگي ڪڏهوڪو ملڪ مان موڪلائي، هميشه لاءِ ڪنهن اهڙي منهن گم ٿي ويئي هئي. جو هڏانئن پڃرن ۽ مٽيءَ جي ڍيرن کان سواءِ، پوئتي ان جو ٻيو ڪو نالو نشان باقي رهي، سو ممڪن ئي نه هو.

تنهن سمي، انهي ملڪ ۾ هڪڙا ٽي ڀائر رهندا هئا، تن ويٺي ويٺي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ائين هٿ تي هٿ رکئي ويٺي رهڻ مان ڪي ڪين ورندو. مٺي ساهه لاءِ ماڻهو کي ڪجهه ڪرڻ ئي کپي! جيئندا آهي، جي جيئرو رهي ڄاڻندا. مانيءَ وگهي ماڻهو ائين اکيون ٺپي ٺپي مري وڃي، حيف آهي اهڙي جيئڻ ۽ مرڻ تي! هونئن به مرڻ کان پوءِ جيڪي سو جيئڻ مشڪل آهي: ۽ جي مرڻو آهي ته پنهنجي پيرين سيرين ٿي مرجي، ته بهتر، جيڪو گهر گهر نه رهي، ۽ ڦري مرڳو کائڻ اچي، تنهن گهر کي گهر سمجهي چنبڙي ويهڻ مان ڪهڙو سود! مردن لاءِ ملڪ ۾ مال اسباب جي کوٽ ئي ڪانهي، گهر ويٺي بخت به ڪنهن سان ڀيڙو ڪونهي، پاڻ لاءِ داڻو پاڻي جيڪڏهن هتي لکيل نه آهي ته ملڪ مولا جو ٻيو به گهڻو ئي پيو آهي، ڏاهن چيو آهي ته پرديس پارس آهي. لوهه مان سون ۽ مٽي مان ماڻڪ ڪنهن کي ڪرڻو آهي ته وڃي پرديس ڪمائي!

ائين سوچيندي سوچيندي، نيٺ پڪو پهه ڪيائون، ۽ همت جو سندرو ٻڌي. ٽيئي ڀائر هڪڙو منهن ڪري اٿي پنڌ پيا. هلندي هلندي ڪونجن جو هڪڙو ولر واٽ تي نظر چڙهي وين. تير ڪمان سڀ ڪنهن کي ساڻ هو: شست ٻڌي ڪشي کڻي پنهنجا تير اڇلايائون قدرت کي ائين منظور هو: ٽن ڪونجن ڪرڪندي، اچي انهي ساعت پٽ تي سندن پيرن وٽ ڦهڪو ڪيو. مئل دلين ۾ ڄڻ نئين سر ساهه پئجي ويو! چي، پهرين وٽي کير ڀري. ٻي به آئي ڪي آئي. اٿندي ئي گنج ٿي ويا اڳتي به پورهئي کي پرواهه ئي ڪانهي! ڪونجن کي ڪهي، حلال ڪري، کڻي اٿيا اڳتي روانا. ويندي ويندي سج به اچي لٿن ۽ پير به اڳتي چرڻ کان جواب ڏيئي بيهي رهين. ويچار ڪيائون ته رات وڳڙو آهي ۽ هن پٽ کان به پاڻ واقف ڪين آهيون: چڱائي هن ۾ آهي ته رات جا چار پهر هتي ئي گذارجن.

ٿورو پرڀرو، هڪڙو چشمو نِظر آين: رڙهي وڃي ان جي ڪپ تي، ڪک پن پاسي ڪري، باهڙي ٻاري، چوڌاري ڪانيون ٻڌي ويهي رهيا. وڏي ڀاءَ  چين ته ”پاڻ آهيون سڄي ڏينهن جا ٿڪل ٽٽل، ليٽياسون ته سج اڀري ويندو سار ئي ڪانه ٿينديسون، ننڊ آهي موت جي ننڍي ڀيڻ! ائين نه ٿئي جو هينئر سمهون، ۽ صبح ٿئي ته هجون ئي ڪونه! ويجهڙائي ۾ ڪا وسهن به ڪانهي، جتي ڪو پنهنجو سڏ ئي اونائجي ڪو وقت نه ڪنهن جهڙو، ڪٿي ڪا آفت اچي مٿي کان بيٺي ته سڀاڻي سڪل هڏيون به پنهنجون ڪنهن کي هٿ ڪين اينديون، ههڙي سڃ ۾ جهنگ جي بلائن کان جيڪڏهن بچڻو آهي ته سنوا نوان ٿي اجرڪون تاڻي، ائين بي اونا سڀ سمهي رهون، سا ڳالهه سٺي نه آهي پاڻ مان هڪڙي کي مڙيوئي سجاڳ ويهڻ گهرجي، اوجاڳو برابر بري بلا آهي، پر سر جو جيڪڏهن خير گهرڻو آهي. ته پاڻ مان ڪنهن نه ڪنهن کي جاڳڻو ئي پوندو. رات جي چئن پهرن مان پهريون پهر ته ويٺي ويٺي گذري ويو. باقي ٽي پهر به گذرڻ ۾ ويرم ڪانه ڪندا. پوئين پهر جو پهرو آءٌ پاڻ تي ٿو کڻان باقي ٻن پهرن مان پهريون پهر ننڍي ڀاءُ جي بلي آهي ۽ ٽيون پهر وچون ڀاءُ جاڳي گذاري، هي رات سا ائين خير سان گذري، باقي سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان ڏينهن شينهن آهي، هلي ڪنهن نه ڪنهن بستيءَ ڀيڙا ٿينداسون.“

اها صلاح بيهاري، ٻه ڀائر پٽڪا ڇوڙي مٿن هيٺان ڏيئي، اجرڪون تاڻي، سڌا ٿي سمهي رهيا: ۽ ننڍو ڀاءُ تير ڪمان پاسي کان رکي، باهه ۾ ٻه سڪيون بنڊيون وجهي، مچ کي جاڳائي، مڳ ٿي ويهي رهيو. دل ۾ چيائين: هيڪلائيءَ جي رات آهي ورهيه برابر: پهر رات جو به وات ۾ ٿو اچي! ائين واندو ويهڻ نه ننڊ به ڪانه ڇڏيندي. الوءِ وانگر اکيون ڦاڙي، ڪيستائين آخر ٺلهو باهه وجهي وجهي ويهڻ سان وقت گذاري سگهبو؟ وقت جو لاڀ آهي وندر، ائين بيڪار اوجهراڻين کائڻ کان ته بهتر آهي ته ڪونج کي پچائي، سيخ ڪري، اڳو پوءِ پيٽ جي تونڻ ئي پوري ڪري وٺان! انهيءَ خيال ايندي ئي مچ جا وڏا وڏا متل ٽانڊا ريڙهي هڪڙي پاسي ڪري، پنهنجي ڪونج کي ڪڍي، کلي ٺاهي، کڻي انهن تي رکيائين. ڪونج به چوي ته اڄ نه پچان ته ڪڏهن پچان! جيئن جيئن پئي ڪونج پڪي تئين تيئن هن همراهه جو ڏسو ته وات پيو بنهه پاڻي ٿئي. آخر جڏهن ڪونج پچي اچي راس ٿيڻ تي بيٺي ۽ پچندڙ گوشت جو ٽڙڪاٽ ۽ ان جا هڳاءُ پري پري هوائن ۾ پکڙجڻ لڳا، تڏهن اوچتو ئي اوچتو پري کان ڪنهن شيءِ جي اچڻ جو آواز ٻڌائين. لوڻو ورائي کڻي جو پويان نهاري، ته ڇا ڏسي ته هڪڙو بنهه آڱر جيڏڙو مڙس آهي. سو ٻليءَ جيڏڙي گهوڙي تي چڙهيو، ٽاپ ٽاپ ڪندو، ڏانهنس ڪاهيندو پيو اچي! ڊپ جي ڳالهه ته هن کي ڌيان ۾ ئي ڪانه آئي: حيرت سا لڳي ويس ته هيءُ ڪهڙو اسرار، جو ماڻهو ته ماڻهن جهڙو، پر قد بت بنهه لڀيس ئي ڪونه! گهوڙا به گهڻئي ٻڌاسون ڏٺاسون پر هيءُ بنهه گرانٺ جيڏو گهوڙو، ڪٿان جو گهوڙو ٿيو! دنيا ته آهي ئي عجائب گهر، پر هيءُ ته بنهه حد ٿي ويئي! گهر کان ٻاهر نڪري، سير سفر ٿو ڪجي ته ڪهڙيون ڪهڙيون ڪرامتون ۽ عجب عجائب ڏسجن ٻڌجن ٿا! سچ آهي ته گهر ۾ ڪئن وانگر منهن لڪائي، ڪنڊ پاسي ويهي رهڻ مان ڪي ڪين ٿو وٽجي، اٽلو انسان کي ٻلين جو کاڄ ٿيڻو ٿو پوي: ٻاهر نڪري ڏسڻ ٻڌڻ سان ئي، ماڻهوءَ کي پتو پوي ٿو ته ڪيڏي دنيا ۽ ڪيڏا ان جا عجيب اسرار آهن!

ايتري ۾ هو حيرت جهڙو همراهه به هڪلي اچي وٽس پهتو، ۽ سلام ورائي بيهي رهيو، چي، ”پري کان پيو ٿو اچان ۽ اڃان به پري وڃڻو اٿم، پري کان باهه جو مچ ڏٺم سو لڙي آيو آهيان، خبرون چارون ڪر ته هڪليان گهوڙي کي ۽ جيئن آيو آهيان تيئن پنهنجي راهه وٺي انهن ئي پيرن تي ٿيان اڳتي روانو.“ ڪونج ڌڻيءَ چيس ته ”ڀلي آئين جيءُ آئين، پر گهوڙي چڙهئي ڪهڙيون خبرون چارون ٿينديون! اول طعام پوءِ ڪلام، گهوڙي تان لهي ٿيءُ هيٺ: گهڙي پلڪ ترسئين ته ڀولو ڪونهي، سڄي رات پيئي اٿئي پنڌ ڪرڻ لاءِ، خدا جو ڏنو جيڪو حاضر آهي، سو جهڙو منهنجو تهڙو تنهنجو، مڙسن جو نصيب مڙس کائين. تڏي آئي خالي پيٽ ڪو موٽي وڃي، اها اڻٿيڻي آهي، مهمان جي ڪهڙي مجال، جو ماني نه کائي! جي آيو آهين. ته دم ساعت ترسي، مون مسافر جو ڪچو پڪو کائي، پاڻيءَ ڍڪ پي، ٿورو ٿڪ لاهي ۽ ساهه پٽ: پوءِ جيڏانهن مرضي پويئي تيڏانهن هليو وڃ!“ ائين چئي، هن کي گهوڙي تان لاهي وٺي اچي پنهنجي اڳيان ويهاريائين. ۽ سچي پڪل ڪونج کڻي سامهون رکيائينس پوءِ ته هو پدمڙو گوڏو کوڙي اچي ڪونج کي لڳو. مڙس بنهه ٺهي ئي ڪونه پر ڪونج کي کائڻ سان حيلا ڪري ڇڏيائين. کائيندي کائيندي، جڏهن باقي ڪل کنڀڙاٽي وڃي ان جي بچايائين، تڏهن اوگرائي ڏيئي اٿي کڙو ٿيو، چي، ”ادا لک لائق تنهنجا: هاڻي الهه واهي، دعا ڪج جيئرا هونداسين ته اوس ملنداسين!“ ائين چئي، لانگ ورائي گهوڙي تي چڙهي، اٿي ٿيو اڳتي روانو. ڏهه ويهه وکون مس کنيائين ته وري موٽي آيو. چي، ”ميان مڙس آهين ٺاهوڪو جنهن پيار ۽ پاٻوهه سان منهنجي مهماني ڪئي اٿئي، تنهن جي مهابي توکي هڪڙي سوکڙي ڏيو ٿو وڃان، پر ٻه شرط هڪڙا توکان وٺندس: هڪڙو ته سج اڀرئي کان اڳي ڪنهن سان ڳالهه نه ڪندين، ۽ ٻيو ته هن منهنجي سوکڙي کي هميشه ساهه سان سانڍيندين.“ ائين چئي، پنهنجي ڪمربند ۾ لڳل هڪ عاج جهڙي اڇي بينسري ڪڍي کڻي هن جي هٿ تي رکيائين: چي، ”هن کي جهڙي تهڙي بينسري ڪري نه ڀانئج. خاص هن جي خوبي هيءَ اٿيئي ته ڪٿي به ويهي هن کي وڄائيندين، ته ان جي آواز تي هڪ ته تنهنجي بت ۾ ڏهن مڙسن جيترو زور پيدا ٿي پوندو. ۽ ٻيو ته جيترا به ماڻهو گهرندين، اوترا هڪدم اچي تنهنجي اڳيان حاضر ٿيندا، پوءِ وڌيڪ تون پاڻ ٿو سمجهين ته پورهئي سان ڇا پيدا نٿو ٿي سگهي!“ پدمڙي جون هي ٻوليون ٻڌي، هي ويچارو هيڪر ته بنهه وسميءَ ۾ پئجي ويو، آخر دل جهلي چيائينس ته منهنجا ڀاءُ، تو ته اصل منهنجو آئيندو اڏي ڇڏيو. هيڏي جبل جيڏو ٿورو جيڪو مون تي ڪيو ٿو وڃين، سو آخر آءٌ ڪيئن لاهي سگهندس! ٻيو نه ته هيترو ئي ٻڌائيندو وڃينم ته تون آهين پاڻ ڪير؟ تنهنجي ڪرت ڪهڙي؟ تون پاڻ هيڏڙو، تنهنجو گهوڙو هي! هيڏي تڙ تڪڙ ۽ هل هلان... آخر ڇا لاءِ؟ پاڻ ته آهيون يار پورهيت مڙس، پورهئي ۽ پيار کان سواءِ ٻي آئي وئي جي پروڙ پاڻ کي مڙيوئي گهٽ اٿيئي. ”تنهن تي هن آڱر جيڏي عجوبڙي جواب ڏنس ته“ پورهئي ۽ پيار کان ٻي ڀلا ڪهڙي دنيا ۾ ڀلي شيءِ آهي؟ مون به توکي پورهئي جو ئي ڏس ڏنو آهي! ٽيئي ڀائر هڪ مڙهيءَ هوندو. ته آئيندو اوهان جو اڏبو پنهنجي پورهئي سان: باقي مون، ڀاءُ منهنجا، توسان اهڙو ڪهڙو وڙ ڪيو آهي، جو ايترا ٿورن مٿان پيو ٿورا منهنجا مڃين! تون پاڻ مون سان ڪو گهٽ پير ڀريو آهي پنهنجي ڳالهه ته توکي ڌيان ۾ ئي ڪانهي! سچ ته پيار وٺي ٿورو، مڃي گهڻو: ڏئي گهڻو، سمجهي ٿورو! هاڻ ائين کڻي سمجهه ته مان پاڻ به پيار، ۽ آهيان به تو جهڙن پيار وارن جو گهوريو. اڄ جڏهن طاقت جو ديو انڌ جي دنير گهوڙي تي چڙهيو ملڪان ملڪ وتي ٿو ”آدم بوءِ آدم بوءِ“ ڪندو، دنجندو ۽ ڊوڙندو تڏهن پيار ئي ته آهي، جيڪو انصاف جي اڀامڙي تي ويهي، جڳهه جڳهه ويران دلين جي ورونهن ۽ ستل سهميل انسانن جو سهارو ٿي سگهي ٿو! ڪم گهڻو، وقت ٿورو. ۽ سيڪڙو ساهه! ڏينهن رات، ويل اويل بس پنهنجو ڪم ادا، جي آهي ته اهوئي آهي. ٻيو ڪونهي. هاڻ محبتي مڙسن جون موڪلاڻيون ڪينهن: حياتي آهي ته هميشه گڏ آهيون!“ ائين چئي، گهوڙي کي هشيار ڪري، هو ائين واءُ ٿي ويو، ڄڻ ڪنهن ڏٺو ئي ڪونه هو.

پويان، هي همراهه  ڪا مهل ته اتي جو اتي ڪاٺ بنيو بيٺو رهيو، آخر جڏهن مغز جاءِ تي آيس، تڏهن ڪونج جي بچيل کنڀڙاٽي کڻي، ڪوسي ڪري، کائڻ ويهي رهيو.کائيندو وڃي... کائيندو وڃي کنڀڙاٽي کٽي ئي نه! سڄي ڏينهن جي هيس ڀلا بک، سو کائڻ سان بس روهيون ڪري ڇڏيائين، نيٺ کائي جڏهن چڙهه ڪيائين، تڏهن سندس پهر به اچي پورو ٿيو. سو بينسري ور ۾ وجهي، ويٺي ويٺي پنهنجي وچين ڀاءُ کي هڪل ڪيائين، ۽ سري وڃي هن کي هٿ کان جهلي ڌونڌاڙي، هشيار ڪيائين، ۽ پوءِ پٽڪو لاهي، ڪنڌ هيٺان ڏيئي، پاسو ورائي، هڪ منو ٿي سمهي رهيو، ۽ سمهڻ سان گهڙيءَ ۾ ننڊ کڻي ويس.

وچين ڀاءُ به ڏٺو ته ويٺي ويٺي وقت ڪين گذرندو ۽ بک به مڙس کي بنهه بيحال ڪيو ويٺي هئي. سو هن به پنهنجيءَ ڪونج کي ٺاهي جوڙي، اتي جو اتي کڻي ٽانڊن تي رکيو، پچندي پچندي، آخر ڪونج جڏهن اڳئين وانگر پنهنجا هڳاءُ ڪڍڻ شروع ڪيا، تڏهن ڪيڏيءَ مهل اهو ساڳيو آڱر جيڏڙو ماڻهو پنهنجي ٻليءَ جيڏڙي گهوڙي تي چڙهيو، ٽاپ ٽاپ ڪندو اچي نڪتو: چي، ”ترسڻو مون کي ڪونهي، اڃا دس پنڌ جي اڳتي پيئي اٿم، خير جا حال احوال ڪر ته بيٺي ئي موڪلايون، تنهن تي هن جواب ڏنس ته ”تڪڙ مان هوند نه شڪر: پري کان پنڌ پئي ٿو ڏسجين: خالي پيٽ هوندين: پهرين گرهه ٻه گرهه وجهي، ڪجهه ايمان ۾ اچ: پوءِ هو پنڌ، هو تون!“ ائين چئي، سڄي پڪل ڪونج کڻي سامهون رکيائينس، پوءِ هي هو جيڏڙو همراهه به گهوڙي تان لهي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري، اچي ڪونج کي لڳو: نه ڇڏيائينس ڪو هڪڙو سالم ڀنجهر، کائي، هٿ ڇنڊي، ٻيو سلام نه ڪلام، هڪدم ٽپ ڏيئي گهوڙي تي چڙهي ويٺو، ۽ جيئن آيو هو تيئن هڪلي گهوڙي کي ٿيو اڳتي روانو. ڪا گهڙي نه گذري ته وري موٽي آيو. چي، ”حال ٻيو ته ڪي ڪين اٿم، هيءُ ڳوٿري توکي نشاني ڏيو ٿو وڃان، پر صبح ٿيڻ تائين ڳالهه ڪنهن سان نه ڪج ۽ ڪڏهن به پنهنجي هٿ کان هن کي پري نه ڪج! هن ڳوٿري جي ڳالهه هيءُ اٿيئي ته جيترو به ناڻو گهرج ۾ هوندئي، اوترو هن مان هميشه پيو توکي ملندو، ناڻو آهي ملهه پورهئي جو: ناڻو آهي ته هر شيءِ حاضر ناڻي، سان ماڻهو به مريد - پيا تولا پورهيا ڪندا،“ ائين چئي، وٺي جو گهوڙي کي کنيائين ته اک ڇنڀ ۾ نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو بيٺي بيٺي ائين غائب ٿي ويو، ڄڻ اتي آيو ئي ڪونه هو.

اتي رات جو پويون پهر به اچي سهڙيو: وچون ڀاءُ سمهي پيو ۽ وڏو ڀاءُ اٿي پنهنجو وارو سنڀالي ويهي رهيو. ڪا مهل نه گذري ته اهو ساڳيو آڱر جيڏو مڙس پنهنجي ساڳئي ٻليءَ جيڏي گهوڙي تي چڙهيو، ٽاپ ٽاپ ڪندو، اچي اتي نڪتو. هو ته اويلو مهمان، پر هيڏانهن به ويرم ئي ڪانه لڳي، سڄي جي سڄي پڪل ٺهيل ڪونج هڪدم هن جي اڳيان اچي حاضر ٿي، جنهن کي وٺي اتي جو اتي چٻاڙي، ڪرٽي کائي، باقي ڪا ان جي هڏي اڌ بچائي نه ڳالهه نه ٻولهه جهڙو تکو آيو هو اهڙو تکو همراهه پٺي ورائي هڪلي ٿيو اڳتي راهي. سٽ پنڌ جي ئي نه ڪيائين، ته انهن ئي پيرن تي مڙس موٽي آيو. ۽ اچڻ سان پنهنجي ڪلهن جي چادر لاهي کڻي وڏي ڀاءُ کي هٿن ۾ ڏنائين، چي،”هيءَ اٿئي خوشيءَ جي اڏند چادر، خوشيءَ جهڙي دنيا ۾ ڪا شيءِ ڪانهي، ماڻهو ميڙي به ٿو خوشيءَ لاءِ خرچي به ٿو خوشيءَ لاءِ، خوشي آهي ته سڀ ڪجهه آهي، خوشي کان سواءِ پورهيو، ناڻو سڀ بيڪار ماڻهو بنهه موڳي جو موڳو. خوشي اياڻپ جي به ٿئي، سياڻپ جي به ٿئي. هن چادر جي خوبي هيءُ آهي ته جيتر ساڻ هونديئه، تيتر خوشيءَ جي خزانن سان گڏ ڏاهپ جا نت نوان نوان رستا به پيئي توکي ڏيکاريندي، ۽ اها توکي خبر آهي ته ڏاهپ جا پر وجهي، ماڻهو آسمانن تائين اڏامي سگهي ٿو. هونئن به، وڇائي مٿس ويهي رهندين، ته جتي به چوندينس اک ڇنڀ ۾ هيءُ نيئي توکي اتي ڇڏيندي.“ ائين چئي، انصاف جي گهوڙي تي آيل پيار جو هيءُ پدمڙو، ڏسندي ڏسندي، ائين الوپ ٿي ويو، جو وڏي ڀاءُ کي اعتبار ئي نه پيو اچي ته گهڙي ٻه گهڙيون اڳي اهو عجوبڙو بنهه سندس اکين اڳيان اتي بيٺو هو.

پر اکين سان جيڪي ڏٺو هئانين ۽ ڪنن سان جيڪي ٻڌو هئائين تنهن کي به ڪوڙو ڪري ڪين ٿي سگهيو. نيٺ، اهي آچار ويچار ڪندي ڪندي، پهر رات جو اچي پورو ڪيائين، ۽ مٿان اچي ڏينهن ٿيس. ايتري ۾ ٻيا ڀائر به ڪنهن مهل ٽپ ڏيئي، اکيون مهٽي، اٿي ويهي رهيا. اٿڻ سان ڪوڙو ڪري، هڪٻئي سان ويهي راتو ڪا حال احوال ڪيائون ڏاڍا خوش ٿيا، ننڍا ڀائر ته اصل آپي ۾ ئي نه پيا اچن: چي، ”ادا رنگ لڳي ويا: جو ڪجهه اسان کي اڄ هٿ آيو آهي تنهن کان وڌيڪ ماڻهوءَ کي ٻيو ڇا ملي، جو پاڻ کي سڀاڳو سمجهي؟ هاڻي پنهنجن ڪکن ڀيڙا ٿيون. جنهن ڳالهه لاءِ سهي سنبري نڪتا هئاسون پرديس ڪمائڻ سا ڳالهه اسان جي هتي ئي حل ٿي ويئي، باقي پاڻ کي ٻيو ڇا گهرجي، جنهن لاءِ اڃان به اڳتي هلي، ڏني نه ورتي پاڻ کي ڏولاون ۾ وجهون؟“

تنهن تي وڏي ڀاءُ ورندي ڏنين ته ”ميان، ڳالهه ته اوهان جي لک لهي، پر جو ڪجهه هي پاڻ کي مليو آهي، سو ته اسان وٽ اڳيئي موجود هو سوچڻ ويچارڻ لاءِ هيءَ کوپري، هلڻ چلڻ لاءِ پير ۽ پورهئي لاءِ هي ٻه هٿ ته پاڻ وٽ هونئن ئي هئا: باقي رهيو ناڻو، سو ته آهي ئي پيدا پورهئي جي! سو، آءٌ ته ادا سمجهان پيو ته پاڻ کي نئين شيءِ ته ڪا اڄ ملي ئي ڪانهي. جنهن تي پاڻ ايترو پيا ٿا آپي کان نڪرون! منهنجي ويچار، ۾ ڳالهه اصل هيءَ آهي ته هنن سڀني شين کي ڪيئن ٿو ڪو ڪم آڻي انهيءَ تي آهي دارومدار هر چيز جو: خود خوشيءَ جو آڌار به انهيءَ ڳالهه تي آهي. ٺلهو هٿن پيرن ۽ هن هڏي جي کوپريءَ تي ڪو ڪونه ٿو جيئي: جيئڻ لاءَ اول گهرجي ان، پاڻي ۽ هوا هوا ۽ پاڻي ڪته خير اڃا ڪنهن جي ايترو هٿ وس ڪين ٿيا آهن، جو انهن تي هو پنهنجا حڪم هلائين. ۽ مٿن روڪ وجهي ويهي رهن ته ڍلون ڏيئي يا ايريا ڀري پوءِ ماڻهو نڪان هوا نين ۽ واتان پاڻي پين: پر ان پيدا ٿئي ٿو ڌرتيءَ مان ۽ ڌرتيءَ تي هر هنڌ پٽا نڪتا پيا آهن، جن تي ڪاريهر نانگ ڄڀن مرڪائيندڙ ڦڻيون ڪڍيو ۽ وات ۾ زهر ڀريل نيش وجهيو، ڏينهن رات پيا ٿا پهرا ڏين، هاڻي سوال آهي ته ماڻهو هلي ته ڪٿي هلي. پورهئي سان ڌرتيءَ مان اناج اپائي ته ڪيئن اپائي؟ قدرت جي ڏنل ڌرتي ٿي انهن جي. جي  ماءُ پيٽان ان جا پروانا ڪڍي پاڻ سان کڻي آيا آهن، تنهنڪري پورهئي سان ان مان جيڪا به اپت ٿئي، تنهن تي هي خدا جا خاص خلقيل هميشه پنهنجا پهريان حق ڄمايو، ڍنڍ بنيا، بيٺا آهن. پورهيت آهي ئي ٽڪر ٽڪر لاءِ محتاج - انگ اگهاڙا، پيٽ بکيا اجهي لٽي کان عاجز، سنجهي صبح پيا ٿا جهرجهنگ جهٽ پٽين - ۽ هوڏانهن هو ڌرتيءَ جا ڌڻي آهن، جيڪي پاڻ ته اوبارين پر سندن ڪتا به اوبارين: آڦرجيو آڦرجيو نڪان پيا الٽيون ڪن: گرنهه کائين، پاٽيون وٽاڙين. مطلب ته کائين ته به ٺهيو. رڳو اولڙ ڪيو بيٺا آهن، هر ڪنهن تي هڏ ڪارون پيون پونن. جتي پورهيت بک ۾ ائين پيو پاهه ٿئي، ۽ سکئي ساهه لاءِ سڪندي سڪندي ، اَڻاسيءَ زندگيءَ جون گهڙيون ائين پيون گذرن، جو سک ۽ سونهن جي ساڃهه ته پري رهي، پر ٺلهي ساهه کڻڻ جي سرت به نه هجيس. اتي پاڻ کي پورهئي مان نيٺ به ڇا پلئه پئجي سگهندو. جو، هيڏن ڪشالن ڪڍڻ کان پوءِ، بنا ڪجهه ڪئي، جيئن آيا هئاسين تيئن هٿين خالي، موٽي اوڏانهن هلون؟ جنهن ملڪ کي پاڻ پوئتي ڇڏي آيا آهيون. اتي اڄ به هر چڱيءَ چيز جي اڻاٺ آهي. اهائي بک، اهوئي ڏک، اهائي بيماري، اهوئي ڏڪار جيڪو اکئين ڏسي آيا هئاسين، سو اڄ به اهڙوئي اتي موجود آهي، جهڙو اڳي هو! ٻئي ڪندي، ملڪ ته هيءُ به اهوئي اسان جو آهي. سو هيترين سارين ڳالهين مقالن کان پوءِ هتان جو موٽي پوئتي هلون، تنهن ۾ نه هوند نه شڪر: تنهن کان ته هلو ته ڪو اهڙو هنڌ هلي وسايون، جتي بيهڻ لاءِ پيرن هيٺان اهڙي ته ڪا جاءِ هجيسون، جنهن تي پس پيش پنهنجو هٿ پير، ٿڙي ٿاٻڙجي، وري به ڪٿي ڦٻي ته سگهي؟ پٽ هاڻي پاڻ کي اهو ڳولڻ گهرجي، جتي هوا، اس ۽ پاڻي وانگر هيءَ ڌرتي  پڻ سڀني لاءِ ساڳي هجي. بس جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي: جتي پورهيو ڪنهن جو پائبند نه هجي جو ڪجهه ڪمايون، سو پنهنجي لاءِ ڪمايون، سڄي عمر ٻين لاءِ ڪمائي ڪمائي سچ پچ ته هونئن به پنهنجا هڏ ئي ڳري ويا آهن.“

وڏي ڀاءُ جون هي ويچار ڀريون ڳالهيون ٻڌي ننڍن ڀائرن کڻي چپ ڪئي. بس ائين ڪڇن جهڙي ڀت، تنهن تي وڏي ڀاءُ نه ڪئي هم نه تم، امالڪ پاڻ واري اڏندڙ چادر کولي کڻي آڏو پٿاريائين. ۽ ٽيئي ڀائر ٽپ ڏيئي ان تي چڙهي ويهي رهيا، چي، ”هل ڙي اڏند چادر اتي، جتي اسان جي دل ٿي گهري!“ پوءِ ته اڏند چادر وٺي اڏاڻي بس ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن! ڏس ته بنهه هوائن سان ڳالهيون ڪندي پئي وڃي. هڪساريڪي مٿي ائين اڏامندي ٿي ويئي، ڄڻ ڪو ڪڪر هو، جنهن کي وايو ديوتا پاڻ پنهنجن ڪلهن تي کنيو آڪاش جا سير ڪرائي رهيو هو.، پر وڏي ڀاءُ جي اک اهائي ڌرتيءَ تي . ڳوٺن جا ڳوٺ هڪٻئي پٺيان هن جي اکين اڳيان پئي آيا ويا. ڳوٺ ۽ ڳوٺ جا ماڻهو ته هيٺ ڌرتيءَ تي هونئن به هن هيشه پئي ڏٺا، پر هن ڀيري مٿان ويهي هن جو ڪجهه ڏٺو، تنهن ته هن جون ڏندين آڱريون لائي ڇڏيون، ويچار ۾ پئجي ويو ته بنهه گرانٺ اڌ جيترا ماڻهو، جيڪي جيتن جڻين وانگر هيڏانهن هوڏانهن پئي چريا پريا، تن ۾ اها ننڍ وڏائي ته ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ٿي آئي. جيڪا هڪڙن کي ٻين  جي آڏو هميشه هٿ جوڙ ڪرايو ملهه ڳڌل ٻانهن جيان جهڪايو بيٺي هوندي آهي! البت انهن جي گهرن تي جڏهن نظر ٿي پيس تڏهن منجهي ٿي پيو ته هيءَ ماجرا ڪهڙي، جو سڄن سڄن ڳوٺن ۾ ٻيون ته سڀ ڪکن ۽ ڪانن جون ٺهيل بنهه پکين جي آکيرن جهڙيون جهوپڙيون، جن مان آرپار اڇو الله پيو ڏسجي: باقي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٻه محل آهن. جن جون چوٽيون، کليل پٽ ۾ اڪيلن ٻن اتانهن وڻن وانگر اوچا ڳاٽ کنيو، ڄڻ آسمان سان بر ميچيو بيٺيون آهن! پر پوءِ ستت ئي جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ ويٺيس. تڏهن دل جو دل ۾ مرڪي ماٺ ۾ اچي ويو، ۽ ياد پيس ته اهي ٻه محل ته آسمان ۽ ڌرتيءَ جي ڌڻين جا آستان آهن، جيڪي ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيو، هڪٻئي جي آڌار تي سڀني کان الڳ ٿلڳ، ايڏي اڊمنبر سان اڀا ٿيا بيٺا آهن ڄڻ ته پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ملڪ ۾ موجود ئي ڪونه ٿا سمجهن! پوءِ هڪڙي محل جون نيلون ۽ منارا ۽ ٻئي جي ڪوٽ جا ڪنگرا ڏسي، هن اهي سڃاڻي ورتا، ۽ سمجهي ويو ته ٻنهي جي ايتري ويجهڙائي ۽ سٻنڌ جو اصلي گر ڪهڙو هو، مطلب ته ائين مٿان اڏند چادر تي ويهي، گهڻي گهڻي تائين، هو هيٺ ڌرتيءَ تي الله ۽ انسان جا اهي عجيب رنگ اکين سان ڏسندو ۽ دل ۾ وهڃائيندو رهيو ايتري ۾ ڪجهه ڌيان سان جو هيٺ نهاري، ته ڏسي ته هڪڙو وڏو درياءُ آهي. جو بي پرواهه پنهنجي مستيءَ ڀريءَ موج ۾، ٻنهي ڪپن سان همڪنار ٿيو، ڇوليون ماريندو، اڇلون کائيندو، گڙگاٽ ڪندو، مزي سان اڳتي وهندو پيو وڃي، هن ڀرئي ڀاڳئي درياءَ جي هڪڙي پاسي وڏو گهاٽو چهچ سائو ٻيلو، ڪوهن جا ڪوهه ڦهليو بيٺو هو. ۽ سامهون ٻئي پاسي دل کي ڌتاريندڙ، ڀانت ڀانت جي گلن ڦلن  سان ڇانيل، سنئين سڌي، سائي ستابي ڌرتي، ديهن جون ديهون، اڪيلي ئي اڪيلي، ائين پکڙي پيئي هئي، ڄڻ برپٽ ۾ ڪا نئين نويلي ڪنوار کهنبا ويس ڍڪيو، هار سينگار ڪيو، ميندي رتڙن هٿن پيرن سان پنهنجي ڪنهن پنهل جي راهه ۾، اوسيڙي ۽ انتظار جون اکيون وڇايو ويٺي هجي،. هيءَ ڀلي ڀٽاري ڌرتي ۽ هو دائمي وهندڙ درياءُ ڏسي، وڏي ڀاءُ جي دل خوشي ۾ ٽمٽار ٿي ويئي ۽ من ۾ آيس ته هتان کان بهتر هنڌ ٻيو هٿ ڪونه ايندو بس توڪل ڪري هتي ئي لهي پئجي. دل ۾ اهو خيال اڃا پورو پيدا ئي ڪونه ٿيو هوس ته اڏند چادر ازخود مڙي ڌرتيءَ ڏانهن منهن ڪري، ڌيري ڌيري هيٺ لهڻ لڳي ويئي، ۽ انهيءَ ئي گهڙي جنهن جاءِ تي وڏي ڀاءُ گهريو ٿي، اتي اچي سواءِ ڪنهن لوڏي لمي جي، سنئين سڌي ٿي پئجي رهي.

ننڍا ڀائر، دل ئي دل ۾ وڏي ڀاءُ جا ٿورا مڃي، چپ چاپ اٿي چادر تان پير پري ڪري، هٽي هڪ پاسي کان ٿي بيهي رهيا، ۽ وڏي ڀاءُ به لهي، اتي جو اتي چادر کي چنڊي ڦوڪي، ويڙهي تهه ڪري، ورائي کڻي پنهنجيءَ چيلهه سان سوگهو ٻڌو ۽ پوءِ هيٺ ڌرتيءَ مٿي آسمان ۽ سامهون درياءَ تان نظر ڦيرائي، وري جو پاڻ ڏانهن ۽ پاسي ۾ بيٺل ڀائرن ڏانهن ڏٺائين... ته ڇا چئجي بس بهار بهار ٿي ويو! جي ”پورهئي جي ويل اويل آهي ئي ڪانه: ڪم آهي ڪرڻ سان: جيترو جڏهن ٿئي، تڏهن چئبو ماڻهوءَ ساري کٽي، بيٺي ڪا شيءِ ڪانه ٿي بڻجي، ڳالهين جا وقت ٻيا به گهڻا: هاڻ وٺو ته ڪم کي وٺون!“ تنهن تي، ننڍي ڀاءُ هڪدم ور مان بينسري ڪڍي، چپن تي رکي، ۽ ان مان اهڙا ته امنگ اٿاريندڙ آلاپ ۽ رس ڀريا سٻاجها سر کڻي ڪڍيائين، جو جنهن ٿي ٻڌا، امالڪ اتان ڊوڙندو انهيءَ گهڙيءَ اچي ٿي وٽن اتي نڪتو، مطلب ته ڏسندي ڏسندي ماڻهن جا ميڙ لڳي ويا. تنهن سان گڏ ڪم جي هيج حالت هيءَ، جو هر ڪو ڏس ته ڏهن ڏهن مڙسن جي ڏيکائي پيو ڏئي! بس پوءِ ته الهه توهار ڪري اچي ڪم کي ورتائون ڇا لڳي ڪم، ڇا لڳن مڙس! کڻي جو نگاهه ڪيو ته جادوگرن وانگر ڏسندي ڏسندي ڇا منجهان ڇا بنائي ڇڏيائون: جهنگ لڳي ويا. لاهه نڪري ويا، ڌرتي سنوارجي ويئي، نار چڙهي ويا ريج اچي ويا، هرن مٿان هر ڏجي ويا، ٻج ڇٽجي ويا، ٻنيون پوکجي ويون مطلب ته منڊل لڳي ويا وڏي ڀاءُ جو وري به هر ڪنهن کي اهوئي چوڻ ته ”ادا، جو کيڙي سو ميڙي جو پوکي سو کائي! هوءَ ڌرتي هي اوهان ڪاهيندي اٿو حال!“

ماڻهن کي ڀلا زمين ملي بنهه نويڪلي ۽ نج پنهنجي نه ڪو چوڻ وارو نه ڪو آکڻ وارو، نه ڪنهن جي غرض نه ڪنهن جي ڪاڻ سو پورهئي ڪرڻ سان بنهه حيلا ڪري ڇڏيائون، هلندي هلندي، ديهن جون ديهون ڪاهي وڃي مٿي چڙهيا بس برپٽ ۾ باغيچا بنائي ڇڏيائون.

تنهن وچ ۾، هڪڙي ڏينهن، وڏي ڀاءُ سڀني کي سامهون ويهاري چيو ته ”ادا اجهي کان سواءِ ماڻهو آهي اگهي جي آچار: ڪوسيءَ ٿڌيءَ، مينهن واچ، ڏک ڏسک ۾ گهر ئي آهي، جتي بکيو اڃو، ٿڪو ماندو ماڻهو ڊوڙيو وڃي چار گهڙيون آرام ۽ آسائش جون گذاري سگهي ٿو، پکي پکڻ جيت جڻئي مطلب ته سڀڪنهن ساهواري کي مٿي لڪائڻ لاءِ مڙيوئي ڪو بچاءُ گهرجي، جتي بر جر جي بلائن کان بي اونو ٿي، اکيون بند ڪري، پهر اڌ پاسائون ٿي، سک سهنج سان هو سمهي سگهي. سو، پاڻ آخر ڪيستائين وڻن جي اوٽ ۾ ائين ئي اوڙڪ اڏيو پيا رهنداسون! ٻنيون به خير سان کيڙي ڍڪيون، اس ڏانهن اکيون کنيو. سايون ستابيون ٿي بيٺيون آهن، جيسين وڃي خير سان ڍڍي  چونڪ رسن، تيسين پاڻ کي ٻي ڪا اون ڪانهي ڌرتي ڀٽاري پاڻيهي پئي انهن کي تاتيندي، تنهن وچ ۾ وٺو ته مڙسي ڪري پنهنجيءَ لاءِ ڪي چڱا  موچارا اجها اڏي وٺون.“

وڏي ڀاءُ جو ايترو چوڻ، ۽ هوڏانهن ننڍو ڀاءُ وري به پورهئي جي بينسري چپن تي رکي بيهي رهيو، هونئن ته هو پنهنجا پاڻ ۾ به هاڻ ڳچ جيترا همراهه هئا، پر بينسريءَ جي وڄڻ سان ڪٿان ڪٿان جا ڪمي ڪاسبي ۽ ڪاريگر به هڪدم اچي ڪٺا ٿيا، وچون ڀاءُ به ناڻي جي ڳوٿري سنڀالي اچي سڀني سان ڪم ۾ شامل ٿيو. پوءِ ته نقشا ٺهي ويا. بنياد پئجي ويا، ڀتيون کڄي ويون، عمارتن پٺيان عمارتون جڙي ويون، مطلب ته سالن جو ڪم مهينن ۾ ۽ مهينن جو ڪم ڏينهن ۾ پورو ٿي ويو. ۽ جتي اڳي بنهه سنئون سڌو پٽ لڳو پيو هو، اتي ٿيندي ٿيندي ٿورن ئي ڏينهن ۾ هڪڙو عاليشان شهر اڏجي ويو، ۽ شهر وري ڪهڙو؟ ڇا چئي ڇا چئجي! ماڻهن جا صاف سٿرا گهر ۽ اوطاقون وڻج واپار لاءِ گدام ۽ بازاريون، مال وجهه لاءِ وٿاڻ ۽ واڙا، ننڍن وڏن جي راند روند لاءِ ميدان ۽ باغ باغيچا، ٻارن ۽ ٻڍن ۽ بيمارن لاءَ خاص بندوبست، اچ وڃ لاءِ وڏيون ويڪريون گهٽيون، جن جي ٻنهي پاسي رات جو شمعدان پيا ٻرن. درياءُ جي ڪپ سان پاڻيءَ جا تڙ ۽ وهنجڻ جا گهاٽ جتي صبح شام ڏسو ته ماڻهن جا بس مارڪا متا پيا آهن. مطلب ته شهر ته نه هو، جنسي ڪنهن آسماني ولايت جو هڪ ٽڪرو هو، جيڪو هي پورهئي ۽ پيار تي پلجندڙ انسان پنهنجن هٿن سان پاڻ لاهي هيٺ ڌرتيءَ تي کڻي آيا هئا. شهر جي هيءَ ريت رونق هڪ طرف ته شهر واسين جو سٻنڌ ۽ ساءُ سواد ٻئي طرف هر ڪو ڀانئي ته ٻئي جو ڀلو ٿئي، چوري چڪاري، زور زبردستي، هوس حسد ۽ جهيڙا فساد ٿين اتي، جتي هڪڙن جي ڪمائي ٻيا کائين، هتي ته اها ڳالهه ئي ڪانه هئي، وري به آخر هو انسان هئا. سو ڪٿي ڪا ڪمي پيشي ڪڏهن منجهن پيدا ٿي پوندي هئي.، ته وڏو ڀاءُ جهٽ وڃي وچ ۾ پوندو هو. چي، ”ادا اچو ته گهڙي پل ڏاهپ جي چادر ويڙهي رکون: ڏسون ته ڏوهه ڪنهن ڏانهن آهي!“ بس ائين، اتي جو اتي ڀائپيءَ ۽ ڀل مانسائيءَ جا هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي، کير کنڊ ٿي، کلي خوش ٿي، ڌريون اٿي کڙيون ٿينديون هيون. ڀلا جتي هر ڪنهن کي پنهنجي مان ئي پورائي پئي ٿيندي هجي، اتي نيٺ به ڇو ڪير ڪنهن جو مٺگهرو ٿئي؟

ٿورن ئي ڏينهن ۾، شهر جي ههڙي هاڪ ۽ شهر واسين جي هيءَ ناموس هنڌين ماڳين عام ٿي ويئي، ۽ بک ڏک جي ماريل مخلوق جتان ڪٿان پنڌ پئي، اچي اتي انهن وٽ آباد ٿيڻ لڳي، بس ائين کڻي چئجي ته سڄي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هي شهر امن امان، خير خوشي جو مرڪز بنجي پيو، ۽ ٿيندي ٿيندي، پسگردائي ته پسگردائي پر پري پري جا ڳوٺ به ڪي لڏي اچي ان جي آسپاس ويٺا. ۽ ٻيا وري جتي هئا اتي پڙ ڪڍي بيهي رهيا چي، ”اسين به ائين ڪنداسين، جيئن هنن ڪيو آهي!“ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳالهيون پکڙجي ويون. ماڻهو اٿي کڙا ٿيا، گهر گهر ۾ اهائي ڳالهه: چي، “جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي، ڌرتي ڪنهن جي ملڪيت ڪينهي. جي آهي ته انهن جي جيڪي آن اپائين ٿا، ڌن ۽ خوشي آهن پورهئي جي پيدائش: اسين پورهيت بکيا ۽ ڏکيا گذاريون آئينده ائين ڪين ٿيندو!“

ظاهر آهي ته بادشاهن کان اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن به ڳجهيون رهي ڪين ٿيون سگهن، سو ملڪ جي بادشاهه کي جڏهن هن ڳالهه جي خبر پئي، تڏهن تپي باهه ٿي ويو چي، ”هن بغاوت جا باني ڪير آهن؟“ بادشاهه ته بادشاهه، پر بادشاهه جا امير وزير، نواب ۽ سردار ته هيڪاري هل هلان ۾ اچي ويا، ۽ جڏهن ٻاهر نڪري ملڪ جي روئداد ڏٺائون ٻڌائون، تڏهن ڊپ ۾ دم ائين اچي گهٽجڻ لڳن، ڄڻ ڪو سچو پچو عزرائيل ساهه قبض ڪرڻ لاءِ بنهه سيرانديءَ کان اچي بيٺو هون، ڊوڙي اچي بادشاهه کي خبر ڪيائون ته ”جيئندا قبلا، حضور جي سربخت جو خير هجي، هيءُ سڄي حرڪت هڪڙن ٽن ڀائرن جي آهي، جن مان هڪڙي وٽ پورهئي جي بينسري، ٻئي وٽ ناڻي جي ڳوٿري ۽ ٽئين وٽ خوشيءَ ۽ ڏاهپ جي اڏند چادر آهي. انهن جي آڌار تي ملڪ ۾ فساد مچائي ڏنو اٿن، ڪيترن کي برغلائي، ساڻ وٺيو وڃي جدا هڪڙو شهر ٻڌو اٿن جتي سڀ ائين آزاد پيا گهمن ڄڻ ملڪ ئي سندن آهي! ديهن جون ديهون زمين جون ريءَ موڪل کڻي جهليون اٿن، فصلن تي فصل پيا کڻن ته ڍل نه ايريو، ٻيئي مٿا ٻهاريو کنيو وڃن جيڪو ٿو منهن ۾ ملين، تنهن سان  اها ئي مقال ته ”پورهئي جي پيدا پورهيت ئي کائيندا! ڌرتيءَ تي ڪنهن جي ملڪيت ڪانهي، بس، جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي!“ هاڻي هن ڳالهه جو ڪو ترت بلو ٿيڻ گهرجي، نه ته، حضور جي بادشاهي سلامت، حضور جي بادشاهيءَ کي سخت خطرو آهي!“

بادشاهه هي ڳاليهون ٻڌي غضب ۾ اچي ويو، اکيون ڪرڙيون ڪري، ڏند ڪرٽي، مٺيون ڀيڙي، ڌرتيءَ تي دڙهو هڻي، وٺي جو زور سان دانهن ڪيائين ته ڀانءَ ته ڳچيءَ جون نسون ڦوڪجي ڦوڪجي مرڳو ٿيون ڦاٽنس چي، ”ڪٿي آهي اسان جو لشڪر؟ هينئر جو هينئر چڙهائي ٿئي! انهن بغاوت جي بانين، ٽن ڀائرن کي، ڳچيءَ ۾ رسا ٻڌي گهوڙن کان گهلائي، سڀوڪي سج ۾ هتي اسان وٽ آندو وڃي، سندن باغي شهر کي بنا دير جي ڊهرايو وڃي، ڊهرائي ساڙايو وڃي، ساڙائي ڊهرايو وڃي مطلب ته ان جو نالو نشان نه رهي، ٺلهو دڙي جو دڙو باقي وڃي بچي بلڪ ان تي به هر ڪاهرائي، ڪيڻون گهمرايون وڃن ته جيئن بنهه زمين سنئين زمين ٿي وڃي!“

بادشاهه جو وزير هو ڏاهو ڪانءُ، تنهن سوچيو ته ملڪ بيٺو آهي تتو، تنهن تي تيل جو ڇنڊو ٿيندو ستل باهه کي هٿ وٺي جاڳائڻ، چوڌاري ڀنڀٽ ڀڙڪي اٿندا، ايڏيءَ اٻهرائي مان ڪي ڪين ورندو، مرڳو ڳالهه اچي ڳچيءَ کان وٺندي، تنهن وجهه وٺي. هٿ ادب جا ٻڌي، بادشاهه کي عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا، بندو جان جي امان ٿو گهري، پر ڏاهن چيو آهي ته”جا ننهن سان ڇڄي تنهن کي ڪاتي نه هڻجي.“ پاڻ کي هيءُ ڪم ائين ڪرڻ کپي، جو نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي. آءٌ سمجهان ٿو ته هنن ٽن ڀائرن وٽ اهي جيڪي پورهئي، ڌن ۽ ڏاهپ جون ٽي چيزون آهن، جن تي اڄ هيتري هستي ڪيو بيٺا آهن، سي جيڪڏهن کانئن کسي وٺجن، ته سارو معاملو هوند جيئن آهي تيئن اتي جو اتي هڪدم رفع دفع ٿي وڃي، ترڪيب ان ڪم جي منهنجي ذهن ۾ هيءَ ٿي اچي ته شڪار جي مقصد سان فوراً هتان نڪري اوڏانهن هليا هلون. ۽ سندن شهر جي آمهون سامهون، درياءَ جي ٻئي ڪناري تي جيڪو شاهي ٻيلو آهي، تنهن ۾ هلي منزل ڪيون.، اتي پهچي ڪنهن حيلي بهاني سان ٽنهي ڀائرن کي پاڻ وٽ گهرائي وٺون. هڪ ڀيرو هو پاڻ کي ائين هٿ اچن، پوءِ باقي ڪارروائي ڪا خاص ويرم ڪانه وٺندي مون کي پڪ آهي ته اهي ٽي شيون، جيڪي وٽن ٻڌجن ٿيون. سي هر حالت ۾ ساڻ هوندين!“ بادشاهه وزير جي اها صلاح ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. ۽ هن کي جوڳا انعام اڪرام ڏيئي حڪم ڪيائين ته ”هڪدم شڪار جي تياري ڪئي وڃي“....۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، اميرن وزيرن سميت، پنهنجي سموري شاهي اٽالي سان اٿي ٿيو اوڏانهن روانو: ۽ هلندي هلندي، ڪن ڏينهن پڄاڻان نيٺ ٽن ڀائرن واري نئين شهر جي بنهه آمهون سامهون، دريا جي ٻئي ڪپ تي، وڏي شان مان ۽ تاب طولان سان اچي منزل انداز ٿيو.

اتي پهچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن، وزير کي پاسيرو نيئي، صلاح پختي ڪري، بادشاهه پنهنجا خاص هڪڙا ٻه اعتبار جوڳا ماڻهو ڏياري موڪليا ته ٽن ڀائرن کي دعوت ڏيئي، وڏي عزت آبروءَ سان خاص شاهي ڪشتيءَ ۾ ويهاري، پاڻ سان گڏ وٺي اچن.، هوڏانهن شهر ۾ چوٻول مچي ويو چي، ”بادشاهن جا قدم ڳرا خيري توڙي ناخيري، ٻنهي کان پناهه! هن پٽ ۾ بادشاهه جي هيءَ بي مندائتي منزل لاشڪ ڪا آبدا آڻيندي!“ وري جو پرينءَ ڀر کان شاهي ڪشتيءَ کي پنهنجي پاسي ايندو ڏٺائون، ته هيڪاري هراسجي ويا، ۽ ڊوڙي وڃي وڏي ڀاءُ کي وٺي آيا ته من ڪو معاملي جو سنئون منهن ٿئي. وڏو ڀاءُ اچڻ سان ڪناري تي ٿي بيهي رهيو. ۽ جڏهن شاهي ڪشتي ڪناري ڀيڙي ٿي، تڏهن وڌي ان جو پڳهه ورتائين. ۽ سلام ورائيندي ، آيلن جي آدرڀاءُ لاءِ وک وڌائي وٽن ويو، ۽ ساڻن حالي حوالي ٿي، سڀني کي خير جي خاطري ڏيئي، مهمانن کي سڌو پنهنجي اوطاق تي وٺي آيو.

اوطاق تي پهچڻ سان هنن جي پنهنجن ننڍن ڀائرن سان ملاقات ڪرايائين: پوءِ کين ماني ٽڪر کارائي هنڌ ٽپڙ ڏيئي، آرامي ڪري. ٽيئي ڀائر گوشائتا ٿي پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ ويهي رهيا، ننڍا ته ننڍا، پر وڏو ڀاءُ به منجهي پيو ته هاڻي ڇا ڪجي! دعوت ڀلا بادشاهه جي، سو موٽائڻ به مشڪل! نيٺ، سوچيندي سوچيندي، ڳالهه کي ته هو سمجهي ويا ته ڪا مڙيئي سٽيل آهي، نه ته بادشاهه، ۽ کين ايڏي آب مان ۽ اشتياق مان دعوت ڏياري موڪلي، سا آخر ڇا لاءِ! هاڻي جي انڪار ٿا ڪن، ته مرڳو شهر ئي ٿو اچي وڃي آئيءَ ۾! اتي، وڏي ڀاءُ ڳالهه کي وچ ۾ ڪپيندي، چيو ته ”ادا، هلڻو پاڻ کي ضرور پوندو، پوءِ جيڪا جڙي آئي، سا بر سر مٿي تي. چوندا آهن ته ”پٿر کي پٿر سان ڀڃبو آهي: پاڻ وٽ، جي طاقت نه آهي، ته هوش کي پوءِ به هٿان ڪونه ڇڏينداسين: عقل ۽ اٽڪل سان جن به ماڻهوءَ جا مطيع ٿيو پون. بادشاهه جيڪڏهن پاڻ عقل سان عقل جي کيڏ ٿو ڪري، ته وسان پاڻ به ڪين گهٽائينداسين، پر جي طاقت سان ٿو اسان کي مات ڪرڻ گهري ته هيءُ ڀيرو ته پاڻ به سندس قبضي ۾ اچڻ وارا ڪين آهيون، پوءِ اڳتي جي ڳالهه اڳتي سان. ماڻهن جي اسان کي به کوٽ ڪانهي: نڪي وري ملڪ ۾ بادشاهه ٺلها گل ئي پئي پوکيا آهن!“ ائين چوندي، وڏي ڀاءُ پنهنجي اڏند چادر کي هٿ ۾ جهلي، ڇنڊي، وري کڻي ڪلهي تي رکيو، مطلب ته دير دير کان پوءِ هڪ صلاح بيهاري، پنهنجن ڪن خاص حال ڀائين کي معاملي جي خبر ڏيئي، ٽيئي ڀائر موٽي بادشاهه جي ماڻهن وٽ آيا: چي، ”بادشاهه سلامت جو عين احسان آهي، جو اسان مسڪينن کي ياد فرمايو اٿن اسين ته هوند هونئن به سندن خدمت ۾ اچي حاضر ٿيون ها: اوهين آيا آهيو، ته اسان جي اکين تي: جڏهن ارادو هجي، تڏهن بس حڪم جي دير آهي، اسين هر طرح تيار آهيون“ اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه جا ماڻهو اٿي بيهي رهيا: چي، ”دير جي ڳالهه ئي ڪانهي، بادشاهه سلامت اسان جي انتظار ۾ هوندو: سج به اچي لهڻ تي بيٺو آهي: جي هلڻو آهي، ته هينئر ئي هلجي ته بهتر“ قصو ڪوتاهه ته ٽيئي ڀائر بادشاهه جي ماڻهن سان گڏجي، اچي شاهي ڪشتيءَ ۾ سوار ٿيا.  واءُ به سڻائو پئي لڳو، سو خير سان درياءُ اڪري، سج اڃان لٿوئي مس ته سڀ اچي بادشاهه جي حضور ۾ حاضر ٿيا.

بادشاهه وٽ دعوت جي اڳيئي تياري ٿي پئي هئي دستر خوان وڇايا پيا هئا. طرح طرح جا طعام تيار رکيا هئا. بادشاهه ۽ بادشاهه جا امير وزير ۽ درٻاري سڀ پنهنجين پنهنجين جاين تي ويٺا هئا مطلب ته باقي مهمانن جوئي انتظار هو. ٽن ڀائرن کي پري کان ايندو ڏسي، وزير اٿي اڳتي وڌي آيو ۽ کين نيئي پهريائين بادشاهه سان ملاقات ڪرايائين. ۽ پوءِ دسترخوان جي هڪڙي پاسي پنهنجين مقرر ٿيل جاين تي بيهاريائين. وڏي ڀاءُ. هيڏانهن هوڏانهن نهاري، چپڙي ڪري، پنهنجي اڏند چادر کولي کڻي سامهون وڇائي، ۽ ٽيئي ڀائر ان تي چڙهي ويهي رهيا. وڏي ڀاءُ جي اها ڏاهپ ڏسي، وزير چپ چاپ بادشاهه کي ڏيڍيءَ اک جو اشارو ڏنو. ۽ پوءِ ٻنهي، منهن ٻئي پاسي ڪري کلي ڏنو. ايتري ۾ قسمين قسمين کاڌا سامهون رکجي ويا، شراب خانه خراب جا دؤر شروع ٿي ويا، رقص ۽ سرود جا رنگ مچي ويا. مدهوش دعوتين جا ٽهڪن مٿان ٽهڪ فضا ۾ گونجي ويا مطلب ته بادشاهي دعوت ۾ جيڪي ڪجهه ٿيڻ گهرجي، هتي هر ڳالهه ان کان اڃا ٻه رتيون ڪسر کنيو بيٺي هئي، هيڏانهن هي ويچارا ٽي ڀائر، حيران ۽ پريشان، هر هر هڪٻئي ڏانهن نهاري، اڌارن انسانن وانگر ڊڄي ڊڄي، گرنهه ٻه گرنهه کڻندا رهيا... ۽ آخر شربت جو گلاس گلاس گهرائي، پي، هٿ ڇنڊي، پنهنجو منهن وٺي، چپڙي ڪري ويهي رهيا هوڏانهن بادشاهه توڙي وزير، اڻ ڄاڻ بنيا، منجهن ائين اکيون وجهيو ويٺا رهيا، جيئن ڪنهن بيٺل پاڻيءَ ۾ ٻگهه پکي مڇين جهلڻ لاءِ ساهه سڪايو، جوهه وجهيو، ويٺا رهندا آهن... تان جو ٽن ڀائرن شربت گلاس پي اڃان پورائي مس ڪيا، ته وزير ۽ بادشاهه ٻئي هڪدم ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهيا گهڙي نه گذري ته ائين ويٺي ويٺي، ٽيئي ڀائر اتي جو اتي ڍرڪي، ساڻا ٿي، ڪري پيا! هوڏانهن سڀ  دعوتي حال ته هيبت ۽ هراس ۾ وٺجي ويا! بادشاهه ۽ وزير ائين اڳتي وڌيا، ڄڻ هيءَ هنن لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي، پوءِ ٽن ڀائرن جي مٿان بيهي، بادشاهه پنهنجي هٿن سان هڪڙي کان پورهيو کسيو، ٻئي کان ڌن ڦريو، ۽ ٽئين کان خوشي ۽ ڏاهپ چورائي ورتي، ان کان پوءِ بيٺي ئي بيٺي حڪم ڏنائين ته ”هنن کي ٻيڙيءَ ۾ وجهي، رات وچ ۾، پرينءَ پر ڦٽي ڪري اچو: سجاڳ ٿيندا ته پاڻيهي پتو پوندن ته ملڪ ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي: ڀل ته ٻيا به هنن جي حالت ڏسي عبرت جو سبق سکن!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org