سيڪشن؛ادب

ڪتاب: ماڻهوءَ جو ڀاڳ

باب: --

صفحو :4  

 

 

 

اٺ لوڪ ڪهاڻيون

 

 

پاڻ وهيڻي پري

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو ڪو غريب شخص هو، تنهن کي گذران جي تنگيءَ اهڙو ته اچي ورايو. جو لاچار ٻي ڪا واهه نه ڏسي. گهر واريءَ کي چيائين ته ”اٽي لپ ڪا پلاند ۾ ٻڌي ڏينم ته پرديس ۾ وڃي ڪٿي قسمت آزمايان. باقي هتي ته ويٺي ويٺي ويلا ٿا پئجي وڃنسون!“ جوڻس تنهن تي اندر اٿي وڃي ٿانو ٿپا اٿلايا پٿلايا: پر تس ۾ هٿ گهمائي کڻي جو ڏسي ته اٽي جي ان ۾ چپٽي به ڪانه لڀي! دل ڏاڍي ڪري چلهه مان ڇار جون ٻه چار مٺيون ڀري. اجرڪ جي پلو۾ ٻڌي، آڻي مڙس کي هٿ ۾ ڏنائين. ۽ چيائين ته ”هي اٿئي مانيءَ ٻن جو اٽو پرتين الله کي! پٺيان جي توکان لڪل ڪانهي، ورجانءِ مڙيوئي سيگهڀرو!

مڙس ويچارو پٽڪي جو ابتو سبتو ور ڏيئي. اجرڪڙي ڪلهي تي رکي، اٿي کڙو ٿيو. نه سوچيائين، نه ويچاريائين، جيڪو رستو منهن سامهون آيس، الله توهار ڪري، اهو وٺي ٿيو اڳتي روانو، هلندي هلندي، همراهه کي سج لهي ويو. سٽ اڌ پنڌ جي ٻي ڪري، نيٺ اچي هڪڙي ڳوٺ ڀيڙو ٿيو. ڳوٺ پرايو، نه ڄاڻ نه سڄاڻ، ڪيڏانهن وڃي ڪيڏانهن وڃي! اڃا انهيءَ ڀڃ گهڙ ۾ ئي بيٺو هو. ته پري کان ملي جي ٻانگ جو آواز ڪن تي پيس. سو نهاريندو نهاريندو، اچي الله جي گهر جي دروازي وٽ بيٺو: همت ٻڌي، وضو ساري، ٻين گناهن جون دل ئي دل ۾ معافيون پنندو. لنگهي ٿيو اندر، ملو به بس مسجد مان نڪرڻ تي هو: سو، جو اوپري ماڻهوءَ کي ايندو ڏٺائين، ته دهلجي بيهي رهيو، حالي احوال ٿيڻ کان پوءِ وڃي دلجاءِ ٿيس، نيٺ هٿ کان جهلي، پاڻ سان وٺي، آڻي ٻاهر حجري ۾ ويهاريائينس. ۽ واٽ الله جون مليل ٿوٻيءَ جهڙيون ٻه مانيون آڻي آڏو رکيائينس. هيءُ مولائي به هو سڄي ڏينهن جو بکايل، ويتر جو ڪيو هئائين صبح کان وٺي ايڏو سارو پنڌ سو، لاڳاپو لاهي. گوڏو ڀڃي، ويٺو ماني تي...نه ڇڏيائين جو هڪڙو ڀور! پوءِ ته ملي کي پنهنجي اجرڪ جي پارت ڪري اتي جو اتي ڪنڌ هيٺان سروٽو ڏيئي. بُک تي سنئون نئون ٿي سمهي رهيو. ۽ سمهڻ سان اهڙن ته کونگهرن ۾ پئجي ويو، ڄڻ ڏس ته پيهي تي چڙهيو مڙس جهار بيٺو هڪلي!

ملي جي دل ۾ اچي آئڙي ته ”هي الله جو بندو ايڏي سفر تي نڪتو آهي. سو ثمر ته پاڻ سان ايترو کنيو ئي ڪونه اٿس ڏسجي ته انهيءَ اجرڪ جي پلو ۾ ڇا ٻڌو اٿس. جو سمهڻ مهل به ان جون پارتون پيو ڪري!“ کولي جو کڻي ڏسي ته چلهه جي سڙيل ڇار کان سواءِ ٻيو ته ان ۾ ڪي به ڪينهي! قادر جي قدرت تي حيران ٿي، چپ چاپ، جيئن ڳنڍ ڇوڙي هئائين، تيئن ئي ان کي موٽائي ٻڌي، اتي جو اتي اجرڪ کي هڪ پاسي ڪري رکي ڇڏيائين.

صبح جو جڏهن ڪڪڙن دس ڏنا ۽ ملي ٻانگ چئي، تڏهن هو غريب شخص ننڊ مان اکيون مهٽي اٿيو، ۽ ملي کان موڪلائي، اها ساڳي پنهنجي ڦاٽل اجرڪڙي ڪلهي تي رکي، ٿيو اڳتي راهي، پنڌ ڪندي ڪندي، جڏهن پورا ٻه پهر ٿيا، ۽ سج بنهه ڪاپار تي اچي بيٺو. تڏهن هن جون ڄنگهون اڳتي هلڻ کان بنهه جواب ڪڍي بيهي رهيون. اڇل کائي، سامهون وري هڪڙي گهاٽي چهچ سائي وڻ هيٺان ساڻو ٿي ڪري پيو، ڏسندي ڏسندي، ڪجهه ٿڪ کان، ڪجهه هيڻائيءَ سببان هڪدم ننڊ کڄي ويس.

مڄاڻ ڪو انهيءَ وڻ تي هڪڙا ٻه طوطا مامو ڀاڻج رهندا هئا ۽ بنهه اوڏي مهل ٻاهران سفر ڪري واپس موٽي مٿان لام تي اچي ويٺا هئا. ويهڻ سان ڀاڻج چيو مامي کي. ”ماما، ڙي ما، ڪا آکاڻي ٻڌاءِ!“ تنهن تي وڏي طوطي ورندي ڏني. ”ڙي بابا! آکاڻيون اسان پوڙهن جون ڪهڙيون! پر ضد ٿو ڪرين ته ڀلا ڪن ڏيئي ٻڌ!“

”هيءُ جيڪو غريب شخص ساڻو ٿيو ستو پيو آهي تنهن جي اجرڪ جي پلاند ۾ چلهه جي سڙيل ڇار ٻڌي پيئي آهي، جيڪا جوڻس هن کي اٽو ڪري ڏني آهي، پر هن اٻوجهه کي اصل جي خبر ئي ڪانهي. خالي پيٽ، ننڊ مان جاڳندو ته اٽي جي بدران رک ڏسي، هن جو الائي ڇا حال ٿيندو!“ اها ڳالهه ٻڌي، ننڍڙي طوطي کي قياس اچي ويو، ۽ وڏي طوطي کي ليلائي چيائين. ”ماما ڙي ماما! پوءِ ته هن واٽ ويندي مسافر جي ڪا واهر ڪرڻ کپي، نه ته پرديس ۾ غريب جو ڪفن ئي رلي ويندو!“ تنهن تي وڏو طوطو ڀڙڪو ڏيئي اڏاڻو ۽ انهيءَ ئي گهڙيءَ هڪڙي چنبي ۾ مٽي جو ذرو، ٻئي چنبي ۾ ڪڻڪ جو داڻو ۽ چهنب ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو کڻي موٽي آيو. ۽ اچڻ سان ننڍي طوطي کي چيائين ”سيگهه ڪر، اجرڪ جي ڳنڍ کول ۽ ڄار هاري. پري ڦٽي ڪر!“ پوءِ هن ڇا ڪيو، جو مٽي، پاڻيءَ ڦڙو ۽ داڻو ٽيئي اجرڪ جي پلو ۾ وجهي، جيئن ڳنڍ اڳي هئي، وري تيئن ٻڌي ڇڏيائين، ۽ کنڀ ڇنڊي، خوش ٿي، ننڍي طوطي کي چيائين. ”هاڻي ويهي ڏس رنگ الله جا!“

ايتري ۾، هو سڀاڳو شخص به پاسا ورائيندي اٿيو، ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري، دل ۾ سوچيائين ته “ڪا باهڙي دکائي مانيءَ جو لولو پچائي وٺان پيٽ ۾ گرنهه هوندو ته ڊوڙي ڪنهن وسنهن ڌاري به وڃي رسبو، نه ته جهنگ ۾ رات پيئي ته محشر ئي چٽ!“ سو جهٽ پٽ ڪري، ڪاٺڙيون ميڙيائين، ڪک گڏ ڪيائين، چڻنگ ڪڍي باهه مچايائين، ۽ پوءِ اجرڪ کي ڇڪي لڳو ڳنڍ کولڻ ته اٽو پسائي، ڪو ڪچو ڦڪو مانيءَ جو ڍوڍو گهڙي وٺجي، تڙ تڪڙ ۾ ڳنڍ جو کڻي کوليائين... ته سڄو وڻ خوشبوءَ سان واسجي ويو... ۽ اکيون ڦاٽي ويس! اعتبار ئي نه پيو اچيس. ڇا ڏسي ته گيهه  ۾ ڀڳل، ڪوسي ڪوسي ڪڻڪ جي ڪٽي پلاند ۾ ٻڌي پيئي آهي! دانهن نڪري ويس ۽ ڊڄندي ڊڄندي، ٻن آڱرين سان چپٽي ڀري، کڻي جو وات ۾ وڌائين ته تاڪ لڳي ويس! ڪا لذت ۽ ميٺاج هو ڪٽيءَ ۾! پڪ ٿيس ته ”خواب ۾ ڪو بهشتي کاڌو پيو کان. هن ڌرتيءَ تي اهڙو کاڌو بادشاهن کان سواءِ اسان جهڙن هٿ پورهيتن جي نصيب ۾ ڪٿي!“ بس، پوءِ ته جهڙي هيس بک، تهڙو اونڌو ٿي ڪٽيءَ تي ڪري پيو اچي بيمانيءَ واريس ته ”شل پوري پوي: ڪو ڦري نه وڃيم.“ کائيندو به وڃي ۽ جاچيندو به وڃي ته ڪيتري کٽي ۽ ڪيتري بچي! بک اهڙو ته بي سرتيو ڪري وڌو هوس، جو پهريائين ته پتوئي ڪونه ٿي پيس پر آهستي آهستي جڏهن ٿوري ڪک ساڄي ڪيائين ۽ ڪجهه هانءَ ٻل ٿيس. تڏهن ڏٺائين ته ”ڪٽي ته ڳنڍ ۾ اوتري جي اوتري پئي آهي! جيتري ٿو کان اوتري ٿي وڌي! چوندا آهن ته کاڌي کوهه کٽي ويندا آهن: پر اهي کوهه ڪي ٻيا! هيءَ ته قدرت جي بر جر وانگر اناج جي اڻکٽ امانت ٿي ڏسجي، جنهن کي جيترو لڻجي اوترو ان تي اڳي ئي پڪو بيٺو آهي!“ بس، ائين ويچاريندي ۽ کائيندي، کائيندي ۽ وري ويچاريندي جڏهن  ڏٺائين ته هاڻي ڪٽي بنهه منهان ٻاهر ٿي نڪري تڏهن هٿ ڇنڊي، اوگرائي ڏيئي، ڇڪي کڻي ڳنڍ کي ٻڌائين! ۽ اجرڪ کي ڊوهي ڪلهي تي رکي، پنهنجي ستل بخت جي بيدار ٿيڻ تي بهار بهار ٿيندو، هڪدم اٿي پوئتي هلڻ لڳو.

مڙس کي ڪا خوشي هئي، هوا جي جهوٽن سان گڏ جهومندو پکين جي مٺن مٺن نغمن سان گڏ ڳائيندو ۽ جهونگاريندو، وڻن جي لڏندڙ لامن ۽ ڦڙڪندڙ پنن سان گڏ نچندو ٽپندو، بنهه ننڍڙن معصوم ٻارڙن وانگر ٻٽيون ٻٽيون ٻرانگهون ڀريندو سج بيٺي ئي موٽي اچي انهيءَ ڳوٺ ۾ پهتو جتي ويندي ويندي رات جا چار پهر گذاريا هئائين. سڌو وڃي ملي سڳوري کي حجري ۾ سلام ورايائين ۽ ساڻس دير دير تائين خوش خيرعافيت ڪندي ڪندي آخر ۾ وري به کيس پنهنجي اجرڪ جي پارت ڪري، اتي جو اتي هيٺ تڏي تي ڊگهو ٿي سمهي رهيو. ملي دل ۾ سوچيو، ”اڃا ڪالهه ڪالهوڻي هي خدا جو بندو ويو پئي پرديس ڪمائڻ اڄ پيو موٽي وڃي پنهنجي ملڪ: چي، پنهنجي قمست پاڻ سان کنيو پيو وڃان! ٻيو ته وٽس ڪي به ڪين ٿو ڏسجي اجرڪ جو پلو سو اهو ساڳيو ئي ٻڌو پيو اٿس...!“ ائين ويچاريندي ويچاريندي، هن جي دل ۾ قاضيءَ هن سان احوال اوريو ته ”جيڪڏهن قدرت جو ڪو ڪرشمو آهي، ته اجرڪ جي انهيءَ ئي ڳنڍ ۾ آهي. جنهن ۾ ڪالهه رات ڇار ٻڌل هئي!“ سو وجهه وٺي، هن اٿي اجرڪ جي اها ڳنڍ کولي، ڳنڍ کلڻ سان، ڪٽيءَ جي خوشبوءِ وڃي ملي سڳوري جي مغز ۾ جايون ورتيون پوءِ ته خطا جي گهر انسان کان پنهنجي پرائي جو خيال ڇڏائي ويو ۽ نفس پليت جي چوڻ تي لڳي، اکيون بند ڪري، اچي ڪٽيءَ تي ڪڙڪيو. جوش ۾ يڪساهيءَ جڏهن پندرنهن ويهه لنبڙ هڻي لاٿائين، تڏهن وڃي هوش جاڳيس چي: ”هي ڇا! امانت ۾ خيانت! مولا پاڪ ڪيئن مرهيندو؟ وڏي ڳالهه ته هن شخص کان ڪيئن جان ڇٽندي؟“ بس، ملي سڳوري جو هٿ ۽ وات اهي ئي چرندا رهيا! اتي اکيون کولي، جڏهن ڪٽيءَ ۾ هن چتائي ڏٺو، تڏهن تپرس وٺي ويس: ڏٺائين ته ڪٽي ته اوتري جي اوتري ئي پيئي هئي! هيءُ اسرار الاهي ڪهڙو؟ پوءِ ته هن ڇيهه ڪري ڇڏيا! کائڻ ته کائڻ جي ماڳ. پر جيڪي ٿانو برتن، مٽ ديڳڙا وٽس موجود هئا. اهي سڀ ڪٽيءَ سان چوٽيارا ڀري، لڪائي پاسيرا رکي، ٻانهن سيراندي ڏيئي، زير زمين جيتامڙن کي به کاڌي پهچائيندڙ رازق رب رحيم جا لکين احسان ۽ ڪروڙين ڪرم ڳڻيندي، ۽ شيطان لعين تي لاتعداد لعنتون موڪليندي، ملو سڳورو مزي سان سمهي رهيو.

صبح جو سوير جڏهن ڪڪڙن پهريان دس ڏنا، ۽ ملو اڃا ننڊ ۾ پيو هو، تڏهن هو شخص جاڳيو، ۽ هٿ منهن ڌوئي، ملي کي ٻانگ صلوات لاءِ ڌونڌاڙي اٿاريائين،  پاڻ اجرڪ چيلهه سان ٻڌي. ٿيو انهن ئي پيرن تي واپس پنهنجي ڳوٺ روانو، ڀلا جنهن ماڻهوءَ وٽ اهڙي املهه نعمت هجي، تنهن کي ڏينهن اڌ جو پنڌ ڪهڙي شيءِ آهي! واٽ تي هڪڙي واهه جي ڪپ تي ويهي، ڪٽيءَ مان هڪڙو چڙهه به ڪيائين، ۽ اڃا سج لڙيو ئي مس هو ته اچي پنهنجي گهر ٺڪاءُ ڪيائين. جوڻس کيس ڏسي وائڙي ٿي ويئي، چيائينس: ؟ ”هيءَ وري ڪهڙي مسخري؟ جهڙو وئين اهڙو ورئين!“ مڙ س جواب ڏنس، چري، ڌيرج ڪر! هٿين خالي ڪونه موٽيو آهيان. ها هي وٺ! ”پنهنجي قسمت انهيءَ ڳنڍ ۾ اٿئي!“ مائي تنهن تي تپي باهه ٿي ويئي، چي، ”ڇائي ۽ ڇار تنهنجي قسمت ۾ هوندي ته هوندي منهنجي قسمت ۾ ڪانهي!“ مڙس وراڻيس. ”موڳي، پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا نه لاهه! تون وڏي دل ڪري، اندر وڃي ڳنڍ کولي ته ڏس!“ جوڻس تنهن تي مٽون ڦوڪي، ڏنڊ ڪرٽيندي ۽ بت کي موڙا ڏيندي اندر گهڙي ويئي، ۽ چلهه تي بيهي دل ۾ چيائين ته ”ڳنڍ ڇوڙي ڇار ته موٽائي چلهه ۾ اڇلائي ڇڏيان، ته من ٿانون مانڃڻ ۾ ڪم اچيم!“ ائين سوچي، اٻهرائيءَ ۾ ڳنڍ کي جو کڻي کولي، ته هيڪر ته گيهه جي هٻڪار ۽ ڪٽيءَ جي سڳنڌ ۾ بنهه ٻڏي ويئي. بيٺي بيٺي، ڀڙڪو کائي، اکيون جو پٽيائين ته سامهون تازي تازي، ڪوسي ڪوسي ڪٽي ڏسي، اصل نئين سر جي پيئي! گرهه جوڙي وات ۾ وڌائين، ته واڇون ئي ٽڙي ويس. ٻاهران مڙس واڪو ڪري چيس، ”انڌي. سمجهه ته اها پنهنجي ٻني اٿئي! کٽڻ جي ئي ڪانهي! جيترو  پيئي ان مان کڻنديئن، يا عمر اوترو ئي پيئي اها توکي ڏيندي!“ پوءِ ٻيئي زال مڙس کلي، خوش ٿي، پلٿي ماري گڏجي، ڪٽي کائڻ ويهي رهيا.

اهڙيءَ ريت جڏهن ٻه چار ڏينهن گذاريائون تڏهن زال مڙس کي صلاح ڏني ته ”وڃ! وڃي بادشاهه کي دعوت ڏيئي وٺي اچ ته ڪٽي کارايونس ان ۾ پنهنجو ئي شان آهي. مٺگهرا ماڻهو پنهنجا ڳوٺ ۾ گهڻائي آهن، جي هونئن ئي پيا پنهنجيءَ قسمت تي جلن پچن، تن جي هانءَ تي به ته مگ ڏريون! هميشه لاءِ انهن جي هوس کان ڇٽي پونداسين. بادشاهه پاڻ وٽ ماني کائڻ ايندو، ته ڄاڻين ٿو، ملڪان ملڪ پنهنجي ڪيتري ناموس ٿي ويندي!“ مڙس ورندي ڏنيس ته ”اياڻي نه ٿيءُ ڳوٺ جا ماڻهو پوءِ به پنهنجا ڀائر آهن انهن کان ڪهڙو ڀئو؟ پاڻ زورن کان ڀڄ پري! سياڻن چيو آهي ته ڏاڍن جي نه اڳيان هججي ۽ نه پويان! پاڻ غريب ماڻهو، ڪن لڪايو ويٺا آهيون پنهنجو ڪهڙو ڪم، جو بادشاهن کي ويٺا دعوتون ڏيون! اٺان مينهان دا ڪيها ميلا، اوچرن جهنگ، او چرن ٻيلا! دعا ويٺي گهر ته اهڙيءَ لور لور کان مولا پاڪ شل پناهه ۾ رکي!“ پر مڙس هڪڙيءَ تي زال ٻيءَ تي آخر ويچارو مجبور ٿي پيو. ۽ هڪڙي ڏينهن ڪنڌ تي ڪاتي، ڊڄندي ڊڄندي، وڃي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ پلو پاند وجهي، منٿون ميڙيون ڪري، بادشاهه سلامت کي دعوت ڏيئي پنهنجي گهر وٺي آيو.

بادشاهه آيو ته هن سان گڏ سندس نوڪر چاڪر، ڪاراوا ڪمدار، امير وزير، ڊمبلي جو ڊمبلو اچي مڙيو. نکون وڇائجي ويون: تن تي اڀريون سڀريون رليون ۽ ميريون سيريون ڇنل ڦٽل چادرون پٿر جي ويئون، ٺڪر جا پيالا ۽ پاٽيون ڪت خلق لاءِ ته ٿالهيون ۽ ڍاڪنئان اميرن وزيرن لاءِ اچي ويا. بادشاهه سلامت کي ماڻهن سڀني کان پري، پٿراڻي وڇائي، ان تي ريشم جي لونگي پکيڙي ويهاريو ويو. ۽ هن جي سامهون ڪاشيءَ جا طباخ آڻي رکيائون، پوءِ هٿ منهن ڌوئي، گرڙي ڪري، جڏهن سنڀري تيار ٿي سڀ اچي دستر خوانن تي ويٺا، تڏهن هو غريب شخص ڪنبدو ڪنبدو، پنهنجي اها ڪٽيءَ واري ميري گپ جهڙي، پراڻي ڦاٽل اجرڪ کڻي وڃي بادشاهه جي سامهون هٿ ادب جا ٻڌي، پٿراڻيءَ کان هيٺ، پٽ ۾ گوڏا ڀڃي ويٺو، ۽ عرض ڪيائين. ”حضور آءٌ غريب، ٻانهي جو ٻار، سائينءَ جي جتي. جو ڪجهه اٿم سو هيءُ آهي!“ ائين چئي ڳنڍ جو کڻي کوليائين ته سڀني دعوتين جون ناسون ٽڙي ويون. خود بادشاهه، جيڪو غريب جي بنهه بٺي تي اڇلڻ جهڙي اجرڪ سامهون ڏسي، ڪاوڙ ۾ ڦوڪجي، اصلي ڦاٽڻ تي اچي بيٺو هو، سو پڻ هيتري سرهاڻ ۽ سڳنڌ هوا ۾ پکڙجندي ڏسي، هڪدم ڍرو ٿي ويو! بس پوءِ ته سڀ لڳي ويا ڪٽيءَ کي کائڻ ۽ حيرت ۾ اکيون ڦاڙي لڳا هڪٻئي کي تڪڻ  ته هيءُ جادو ڪهڙو. جو جيتري پئي هڙ مان ڪٽي نڪري، اوتري پئي ان ۾ ڀرجي! کائي کائي، جڏهن سڀني بنهه نڪان تار اچي ٿيا. تڏهن بادشاهه  پنهنجي ها ۾ ها ملائيندڙ اميرن، وزيرن ڏانهن منهن ڪري چيو، ”هيءَ بهشتي خوراڪ ته بادشاهن وٽ سونهي ٿي هن جهنگ جي جانور وٽ ان جو ڪهڙو قدر؟“ سڀني آواز ۾ آواز ملائي چيو ”برابر جيئندا قبلا! اصل اها آهي ئي اوهان جي ابن ڏاڏن جي خود خدا وٽان آندل! خبر نه آهي ته هن ڄٽ جي هٿ هاڻي ڪيئن چڙهي ويئي آهي؟“ پوءِ بادشاهه هنن ڏانهن نهاري مرڪيو. ۽ پاڻ ڏاڍن سان پڇ اٽڪائڻ واري هن غريب شخص ڏانهن ٽانڊن جهڙيون ٻرندڙ غضب جون اکيون ڪڍي نهاريائين: ۽ نه پڇا نه ڳاڇا ڪٽيءَ جي ڳنڍ هٿ ۾ سوگهي ڪري، پاڻ اڳيان ۽ سندس پڇ لٽڪائو ٽڪريلن جو ٽولو پويان: ٽهڪن مٿان ٽهڪ ڏيندا، اٿي اڳتي هليا.

هيڏانهن ويچارو هيءُ مسڪين شخص انهن ئي پيرن ئي ائين سمجهي سسي بيهي رهيو. ڄڻ سالن کان ڪنهن پيرن ۾ ڪليون ٽنبي، اتي کوڙي سوگهو ڪري ڇڏيو هجيس. وات مان وائي نه اڪليس، اکين اڳيان اونداهه اچي ويس. دير دير تائين وائڙن وانگر بت بنيو ات بيٺو رهيو، تان جو جوڻس روئندي روئندي اچي هٿ کان ورتس، ۽ هو ساڻس بنڊ جو بنڊ بنيو، جيئن هو تيئن، چپ چاپ پٺ ورائي، پير پير ۾ ڏيندو، موٽي گهر هليو ويو.

ٻئي ڏينهن، غريب شخص زال کي چيو، ”پنهنجي ڀاڳ ۾ جيڪو ڀاڱو آيو. سو پاڻ کان زوران زوريءَ کسجي ويو: هاڻي هتي هٿين خالي ويهڻ مان ڪهڙو فائدو؟ وري به ڪا اٽي لپ ٻڌي ڏينم ته وڃي ڪنهن جبل سان ئي مٿو ڦوڙي اچان!“ زال ويچاري به ڇا ڪري، اٽو گهر ۾ هجيس ته ٻڌي ڏئيس! سو وري به چلهه جي ڇار جا ٻه چار ٻڪ ميڙي، پوتڙي ۾ ٻڌي، کڻي هٿ ۾ ڏنائينس. ۽ هو به ڪنڌ هيٺ ڪري ساڳيا اڳوڻا پير وٺي اٿي اڳتي هليو. ويندي ويندي، واٽ تي اڳي وانگر ملي وٽ راتاهو ڪيائين، ۽ سمهڻ تائين هن کان صبر ۽ شڪر جون صلواتون ٻڌندي، ٻئي ڏينهن ٽاڪ منجهند جو وڃي انهيءَ ساڳئي وڻ وٽ دم پٽيائين. ۽ انهيءَ گهڙيءَ ويٺي ويٺي اک لڳي ويس!

الله جي ڪرڻي اهڙي. جو اهي ساڳيا ٻه طوطا مامو ڀاڻج به انهيءَ مهل اتي ويٺا هئا. جڏهن طوطن جي نظر هن غريب شخص تي پيئي، تڏهن وڏي طوطي هن ڏانهن اشارو ڪري ننڍي طوطي کي چيو، ”سچ چيو اٿن هيڻو هر ڪنهن وهيڻو! هٿان راند هارائي! جهڙو هو تهڙو خالي هٿين موٽي آيو آهي. پوتڙيءَ ۾ اهائي ساڳي ڇار ٻڌي پيئي اٿس!“ تنهن تي ننڍي طوطي پڇيو، ”پوءِ ماما، ان جو علاج! وڏي طوطي نه ڪڇيو نه پڇيو هڪدم ڀڙڪو کائي اٿي اڏاڻو. گهڙيءَ ۾ ڪوهه قاف جبل تان پاڻ وهيڻي پريءَ جي نرم نرم پيرن جا ٻه پراڻا پادر کڻي آيو، ۽ انهن کي پويان دٻي جي پاڻيءَ مان پسائي، جهٽ پٽ وڃي پوتڙيءَ جي پلاند کي ڇوڙي، ان جي ڇار هڪ پاسي هاري ڇڏيائين. ۽ ان جي جاءِ تي اهي پاڻ وهيڻي پريءَ جا به ٻنهه آڱر جيڏڙا ننڍڙا پادر ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏيائين! پوءِ موٽي وڃي پنهنجي ڀاڻج جي ڀر ۾ مٿي وڻ تي ويٺو، ۽ چيائينس. ”هاڻي ويٺي ويٺي، هي تماشو به اڳو پوءِ ڏسي ڇڏج!“

اتي هو شخص به اکيون مهٽي، لڱ ساهي اٿيو، مانيءَ لولي پچائڻ لاءِ ڪاٺيون ميڙي، ۽ باهڙي دکائي جهڙو ٿو اٽي ڳوهڻ لاءِ پوتڙي جي ڳنڍ کولي... ۽ تهڙو پادرن جو ٿو مڙس تي اچي وسڪارو ٿئي! پاڻ وهيڻيءَ پريءَ جا بنهه آڱر جيڏڙا پادر ڦنڊي ڦنڊي اصل پورا ٻه گرانٺيا گيتلا ٿي پيا. ۽ غريب جو جيڪو ٿي هڏ چريو سو ٿي سٽي سوٽ ڪيائون. هن جي هئي، جا دانهن مٿان دانهن پئي پئي چي، ”گهوڙا مون کي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو؟ مون پاڻ سان پاڻ ئي ڪئي! سچ چيو اٿن. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي!“ .....اتفاق جي ڳالهه اهڙي ٿي، جو اڃا هن ائين چئي بس ئي ڪين ڪئي ته پادرن سسي وڃي پنهنجي اصلوڪي شڪل ورتي. ۽ نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو موٽي، چپ چاپ پوتڙي جي پلاند ۾ ڇپ هڻي پئجي رهيا! هن کي حيرت وٺي ويئي ته آخر هيءَ ڪهڙي ماجرا ٿي! ڳنڍ کوليم ته موچڙا وسي ويا. ۽ چيم ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ ته ڄڻ هٿ ۾ وٺي، انهن کي ڪنهن جهلي، بيهاري ڇڏيو! ائين سوچي، هن پوتڙي جي پلاند کي کڻي ڳنڍ ڏني... ۽ پوءِ دير دير سان پڪ ڪرڻ لاءِ کڻي ٿو جو ان کي وري ڇوڙي، ته اهي ئي ٺونٺ جيڏا ٺوٺ سڪل کرڪڻ وريو ٿا اچيو وٺنس! بس، پوءِ ته الله ڏئي، ٻانهون سهي! وري به جڏهن چيائين، ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“، تڏهن وڃي جند ڇٽيس! اتي هن کي پنهنجي ملڪ جو بادشاهه سلامت ياد اچي ويو جنهن کائنس الهه تلهه کسي صفا سڃو ڪري ڇڏيو هو، ۽ اهو ڪجهه کسي ورتو هو، جنهن تي هن جو جياپو هو! ۽ پوءِ هو دل ۾ ڪجهه سوچي مرڪيو، ۽ پوتڙي چيلهه سان ٻڌي انهن ئي پيرن تي اٿي پوئتي موٽيو.

رات وري به هو شخص ملي وڃي واٽ تي ملي جو مهمان ٿيو، خير جون خبرون چارون ڏيندي وٺندي، ملي کي چيائين، ”سائين سڳورا، آهي برابر اوهان جي ڳالهه وانگر هيءُ بندو عيبدار گهنگار، پر اوهان نيڪن نمازين جي دعا سان اڄ ويل قسمت واريو پيو وڃان!“ ملو بنهه ماٺ ۾ پئجي ويو، ۽ ڳالهه دل ۾ ڳڻي سمهي رهيو، پر ننڊ جنهن جو نالو سا ملي کي اچيئي نه، پاسن تي پاسا اٿلائيندي، جڏهن ڏٺائين ته هو همراهه ننڊ ۾ بنهه الوٽ آهي. تڏهن پير پير ۾ ڏيئي، وڃي هن جي پوتڙيءَ ۾ هٿ وڌائين: ۽ کڻيس ٿي کٽي، سو آهستي آهستي جهلي کڻي ٿو ان جي ڳنڍ کولي... پوءِ ته ملي سان محشر مچي ويا! سڄو ڳوٺ اچي مڙيو. ڪنهن کي جرئت ڪانه ٿي جو ملي کي کڻي ڇڏائي، هو موچڙن جو ڌڻي ته ملي جي پهرينءَ ئي ڪوڪر تي اٿي ويٺو هو، پر اهو ويچاري ته ملي کي پڪ ئي پڪ ڪٽيءَ جي هير هيءُ ڏينهن ڏيکاريو هو. ڪجهه دم جهلي ويهي رهيو، آخر جڏهن ملي جي بنهه دل تي مرمت ٿي چڪي، تڏهن وڃي ملي جي ڀرسان بيٺو، ۽ چيائينس ته ”حضرت! ڪٽيءَ مٺي،  ڪين موچڙا مٺا؟ هاڻي چئو ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ ته ڪٿي وڃي ڪا جند ڇٽئي!“ پوءِ جڏهن ملي ائين چيو، تڏهن وڃي ويچاري تان آفت ٽري!

ٻئي ڏينهن پوئين پهر، هو شخص اچي پنهنجي ڳوٺ واپس پهتو، ۽ زال کي پوتڙي هٿ ۾ ڏيئي، چيائين. ”هن کي قابو ڪري رک! خدا گهريو آهي ته ويل ڀاڱ ورائي وجهنداسون!“ پر جوڻس کي به هو ڪو لڱن ۾ سور، سو کنيو ٿي پوتڙي جي ڳنڍ کولي! ڀانيائين ته هن ڀيري اڃا ئي ڪا ٻي سٺي سوغات هن ۾ ٻڌل آهي! پوءِ ته جيڪا هن ويچاريءَ سان ٿي گذري، سا چئي ڇا ٻڌائجي! جسين مڙس هن جون رڙيون ٻڌي، در کان اندر ٿئي ئي ٿئي، تيسين هوءَ ويچاري ڪٽجي، ڍير ٿي، پٽ تي ڪري پيئي، ۽ موچڙا هئا، جن جي مٿانئس سٽ سٽان لڳي پيئي هئي! نيٺ مڙس ڀڄي ڪا واهر ڪيس، نه ته بنهه بج بج ٿي وڃي ها.

ٻئي ڏينهن سوير صبح جو زال مڙس ٻيئي صلاح ڪري گهران نڪتا، ۽ وڃي بادشاهه سلامت جي درٻار ۾، دربارن سان گڏ، پري در تي، هٿ ادب جا ٻڌي ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري، بيهي رهيا: تان جو دير دير کان پوءِ بادشاهه جي نظر مٿن پيئي، ۽ حڪم ٿيو ته هڪدم کين حضور ۾ حاضر ڪيو وڃي. پوءِ اهي ويچارا ڏڪندا ڏڪندا، ٻه قدم اڳتي ته هڪ قدم پوئتي کڻندا، آخر وڃي مالڪ ملڪ جي منهن قابل ٿيا، ۽ عرض ڪيائون: ”حضور! اوهان جي سر بخت جو خير هجي! اسين اوهان جا ابي ڏاڏي پيسين ڳڌل غلام اوهان جي بادشاهيءَ ۾ ويٺا الله الله ڪيون! عرض ڪرڻ جي اجازت ٿا گهرون!“ وزير، تنهن تي ڪڙو منهن ڪري، ڇڙٻ ڏيئي، چين: ”ها اجائي بڪ بند ڪريو جيڪي گهرڻو هجيو سو گهرو!“ غريب شخص وک اڳتي کڻي بادشاهه سلامت ڏانهن ٻنهي هٿن ۾ پنهنجو پوتڙو ڊگهو ڪري چوڻ لڳو، ”اي هيڻن جا حاڪم، اسان مسڪينن جي قسمتن جي مالڪ! سائينءَ جن لاءِ هڪڙي سوکڙي آندي اٿئون قبول پوي ته پيش ڪريون! هونئن ته بادشاهن وٽ موتين جو ڪال ڪونهي پر هيءُ هڪڙي بنهه نرالي چيز آهي! ايامن کان ٻڌندا ٿا اچون ته بادشاهن جون بادشاهتون هلنديون ئي هن چيز تي آهن!“ ائين چئي، هن وڌي پنهنجو پوتڙو بادشاهه سلامت جي پيرن ۾ رکيو، ۽ عرض ڪيائين، ”جي تڪليف نه ٿئي ته حضور جن پنهنجي مبارڪ هٿن سان پوتڙي جي ڳنڍ پاڻ ڇوڙين سائينءَ جن ڏسندا ته تنهن ڏينهن واري ڪٽي به ڪٽي هئي، پر هيءَ شيءِ تنهان ئي ڪا ٻي شيءِ آهي!“ درٻار جي سڀني اميرن وزيرن جا وات ڦاٽي ويا، ۽ سڀني جون پوتڙي جي ڳنڍ ۾ اکيون کپي ويون. ايتري ۾ بادشاهه به هٿ وڌائي ڳنڍ کڻي ڇوڙي! بس پوءِ ڳنڍ جو هو ڇڙڻ ۽ موچڙن جو هو مڇرجڻ مزي سان وٽجي سٽجي، بادشاهه جي ڀريل ڪوري بت تي، ور ور ڪري اچي ٿي ڪريا! چوڌاري هنگامو مچي ويو. بادشاهه جا رانڀاٽن مٿان رانڀاٽ ڪير جو وچ ۾ پوي! جيڪو پيو ويجهو وڃي سو پيو سٽجي! ۽ بادشاهه هو، جو جيئن نه ڪنهن کي چيلاٽا چنبڙي وڃن، ۽ ساري جو سارو پوءِ پٽ کوهه ۾ پئجي وڃي، بلڪل تيئن بادشاهه سلامت تي به موچڙن جي اها ته وٺ وٺان هئي، جو الامان والحفيظ! پادرن جا اهي ته زيپٽ هئا سندس جسم مبارڪ تي، جو سڄو سارو سڄي سڄي بنهه ڊيڻو ٿي پيو! ڪير، جو سندس دانهون ۽ لولڙاٽ ٻڌي چي، ”مون توبهه ڪئي! جهٽ ڪريو... ڪٽي موٽايو، ته ڪا جند ڇٽيم....!“ تنهن تي ڪٽيءَ جي ڳنڍ ته انهيءَ ئي گهڙيءَ کڄي اچي مالڪ کي ملي: پر پاڻ وهيڻيءَ پريءَ جي پادرن کي ڪير جهلي؟ تنهن وچ ۾ آسپاس جا ڪمي ڪاسبي، هاري ناري سڀ اچي مڙيا ۽ بادشاهه جي هيءَ درگتي ڏسي، سڀني جا منهن سرها ٿي ويا، ۽ دل ۾ چيائون ”مٽي، پاڻي مولا جا... اناج اپايون اسين ۽ ڪٽيون کائين ٻيا! اڳتي ائين ڪونه ٿيندو! هاڻي، هٿين خالي اسين به ناهيون!“

(”مهراڻ“ پهريون پرچو، سال 1956ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org