سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: نيٺ ڇا ڪجي

باب: -

صفحو : 9

                     

 

 

باب پنجٽيهون

ائين چوڻ ته سائنس ۽ فن جي سرگرمي (جيڪڏهن سائنس ۽ فن جي سرگرميءَ مان مراد اڄ ڪلهه جي سائنسي ۽ فني سرگرمي آهي) انسان ذات جي ترقيءَ ۾ مدد ڏئي ٿي – ائين ئي آهي، جيئن ڪو شخص چوي ته ونجهه هڻڻ وقت آڏو ايندڙ پاڻيءَ جون ڇوليون ٻيڙيءَ کي اڳتي هلڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. حقيقت ۾ وهڪري سان هلندڙ ٻيڙيءَ لاءِ اهي ته پاڻ رڪاوٽ آهن!

پورهئي جي اها نام نهاد ورڇ، يعني پرائي پورهئي تي زوريءَ قبضو، جيڪو اڄ ڪلهه سائنسدانن ۽ فنڪارن جي سرگرمين جو مقصد ٿي پيو آهي، سو هميشه کان انسان ذات جي ترقيءَ ۾ سست رفتاريءَ جو مکيه سبب رهيو آهي. انهيءَ ڳالهه جو خود سائنسدان ۽ فنڪار پاڻ به اعتراف ڪن ٿا جڏهن چون ٿا ته دولت جي غلط ۽ غير برابر ورڇ سبب، سائنس ۽ فن جون نعمتون محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن تائين  نٿيون پهچي سگهن!

۽ انهيءَ ورڇ جي بي انصافي، سائنس ۽ فن جي ڪاميابين سان گهٽجي ڪا نه ٿي، پر پاڻ وڌي ٿي. ۽ نه وري انهيءَ ڳالهه تي عجب ئي لڳڻ کپي، ڇاڪاڻ ته دولت جي اها بي انصافيءَ تي ٻڌل ورڇ به انهيءَ ساڳئي پورهئي جي ورڇ واري نظريي جو لازمي نتيجو آهي، جنهن کي سائنس ۽ فن جا استاد پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ايترو گهڻو ساراهيندا ۽ اُڀاريندا رهن ٿا. سائنس پورهئي جي ورڇ کي هڪ عام پاڪ ۽ صاف، بي عيب ۽ مقدس قاعدو سمجهي، هر وقت سندس حمايت ڪندي رهي ٿي، ۽ اهو ڏسندي به ته پورهئي جي ورڇ واري نظريي تي ٻڌل دولت جي ورڇ غلط نقصانڪار آهي، دعويٰ ٿي ڪري ته سندس سرگرميءَ مان انسان ذات کي وڏو فائدو پهچندو! سائنس جو گويا چوڻ هيءُ آهي ته ڪي شخص برابر پرائي پورهئي کي مفت ۾ هضم ڪرڻ تي هريل آهن، پر جيڪڏهن اهي شخص تمام گهڻي وقت تائين ۽ ان کان به وڌيڪ وقت تائين پرائي پورهئي کي تيئن زياده مفت هضم ڪندا رهيا، ته اها بي انصافيءَ تي ٻڌل ٻين جي پورهئي جي ڦرلٽ ۽ دولت جي غلط تقسيم ائين ٿيندي ٿيندي هڪ ڏينهن پنهنجو پاڻ نيٺ ختم ٿي ويندي!

ڪي شخص پاڻيءَ جي هڪ سدا – وڌندڙ چشمي مٿان بيٺا آهن، ۽ ان کي اڃايل عوام کان موڙي پري ڪري ڇڏڻ جي ڪوشش ۾ لڳا رهن ٿا، پر دعويٰ اها اٿن ته هو ئي ’سخي مرد‘ اهو پاڻي پيدا  ڪن ٿا، ۽ جلد ئي ايترو ته گهڻو پاڻي ڪٺو ٿي ويندو، جو آئنده ڪنهن کي به پاڻيءَ جي شڪايت نه رهندي. پر حقيقت هيءَ آهي ته اهو ساڳيو پاڻي، جيڪو اصل کان لڳاتار وهندو رهيو آهي ۽ ساريءَ انسان ذات جي اُڃ اُجهائيندو رهي ٿو، سو نه رڳو انهن چشمي مٿان بيٺل بي خير شخصن جي محنتن جو نتيجو نه آهي، پر ان جي ابتڙ، پاڻي روڪڻ جي سندن هزار ڪوششن جي باوجود، هميشه کان وهندو، وڌندو ۽ انسان ذات جي اڃ اُجهائيندو رهيو آهي، ۽ آئنده به ان جو هيءُ اجهل وهڪرو ائين ئي وهندو ۽ اڳتي وڌندو رهندو.

هر زماني ۽ هر دؤر ۾ هڪ سچي، مخلص ڪليسا به موجود رهي آهي – يعني هر دؤر ۽ هر زماني ۾، انساني ذهن ۽ ضمير مطابق ان زماني جي زندگيءَ جي ڄاتل سڃاتل عظيم صداقت لاءِ عام ماڻهو گڏ ٿيندا رهيا آهن، پر هيءَ عوام دوست ڪليسا، هميشه انهيءَ  زمانه ساز، پوپ پادرين واريءَ ڪليسا کان جدا رهي آهي، جنهن انهيءَ ڳالهه جي محض دعويداريءَ کي پنهنجو شان ٿي سمجهيو. ساڳيءَ ريت سچو فن ۽ سچي سائنس به هميشه کان موجود رهيا آهن، پر اهي ان سائنس ۽ فن کان هميشه الڳ رهيا آهن، جن پاڻ کي محض انهن نالن سان سڏي فخر پي ورتو.

انهن شخصن کي، جيڪي ڪنهن به خاص دؤر ۾ پاڻ کي سائنس ۽ فن جا ٺيڪيدار سمجهندا آهن، هميشه ائين نظر ايندو آهي ته هنن حضرتن ڄڻ ڪي بنهه اچرج جهڙا ڪم ۽ معجزا ڪيا آهن يا ڪري رهيا آهن، يا اجهو هينئر ڪرڻ وارا آهن، ۽ اهي شخص هيمشه انهيءَ غلط فهميءَ ۾ مبتلا رهيا آهن ته انهن کان سواءِ ڪا به سچي سائنس يا فن نه ڪڏهن هو نه وري هينئر آهي. ڪن ڏينهن ۾ سو فسطائي، فڪر جي مختلف مڪتبن جا استاد، ڪيميا گر، شعبده باز ۽ يهودي عالم فاضل به ائين سمجهندا هئا، ۽ اڄ اسان جي سائنسي سائنسدان توڙي ”فن براي فن“ جا دعويدار ۽ حمايتي به ائين سمجهن ٿا.  

 

باب ڇٽيهون

”پر به سائنس ۽ فن! تون سائنس فن کان ٿو انڪار ڪرين! يعني تون انهن چيزن کان ٿو انڪار ڪرين، جيڪي انسان ذات کي زنده رکن ٿيون!“ سائنس ۽ فن جا شيدائي مون تي باقاعدي اهي اعتراض ڪندا رهن ٿا، ۽ منهنجي خيالن تي سوچ ويچار ڪرڻ کان سواءِ ئي، انهن کي رد ڪرڻ لاءِ اها واٽ ورتي اٿن.

چي: ”هي شخص سائنس ۽ فن جو منڪر آهي، هن جي مرضي آهي ته انسان پنهنجي اڳوڻيءَ اڻ سڌريل جهنگلي حالت ڏانهن موٽي وڃي! اڃا به سندن دليل ٻڌون ۽ ساڻس بحث ڪريون؟“ پر، اها سراسر بي انصافي آهي. مان نه رڳو سائنس يعني انسان ذات جي سمجهه ۽ سياڻپ سان ڀريل سرگرميءَ، ۽ فن يعني انهيءَ سمجهه ۽ سياڻپ سان ڀريل سرگرميءَ ۽ ان جي اظهار کان انڪار ڪو نه ٿو ڪريان، پر پاڻ انهيءَ سرگرميءَ ۽ ان اظهار جي حمايت ۾ ڳالهايان ٿو، ته جيئن اڄ ڪلهه جي غلط تعليم سبب، انسان ذات نفسا نفسيءَ ۽ نخوت جن جنهن اوڙاهه ڏانهن وڃي رهي آهي، ان مان سندس بچاءَ جو ڪو به بندوبست ٿي سگهي.

سائنس ۽ فن انسان ذات لاءِ اهڙا ئي ضروري آهي، جهڙا کاڌ خوراڪ ۽ لٽو ڪپڙو – ۽ اڃا به ڪجهه وڌيڪ – پر اهي ان ڪري ضروري نه آهن، جو اسان پنهنجي فيصلي موجب جنهن چيز کي سائنس يا فن سڏيون، سي ضروري سمجهيا وڃن؛ پر رڳو ان ڪري، جو سائنس ۽ فن سچ پچ انسان ذات لاءِ از حد ضروري آهن.

ڪي ماڻهو جيڪڏهن رواجي گاهه کي انسان جي جسماني خوراڪ جو نالو ڏيئي دنيا جي اڳيان پيش ڪن، ته منهنجو پنهنجو کڻي ان ۾ ڪيترو به پختو يقين ٿي وڃي ته گاهه انساني کاڌو آهي، ته به گاهه ڪڏهن به انساني کاڌو نه ٿو ٿي سگهي. ان حالت ۾ مون کي ائين هرگز نه جڳائي، جو ماڻهن کي بيهي چوان: ”توهان گاهه ڇو نٿا کائو، جڏهن اهو به توهان جو کاڌو آهي! کاڌو ته سڀ کان ضروري چيز آهي!“ کاڌو برابر ضروري چيز آهي، پر سوچڻو پوندم ته جنهن کاڌي جي آڇ مان ڪري رهيو آهيان، سو انساني کاڌو آهي يا نه!

اسان جي سائنس ۽ فن سان به ساڳي ويڌن آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته ڪنهن يوناني لفظ پوئتان اسم جي نشاني ”لاجي“ (logy) ڳنڍي، کيس سائنس ڪوٺينداسين، ته اها سائنس ٿي پوندي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن بُرائيءَ جهڙوڪ اگهاڙين عورتن جي ناچ وغيره کي ڪنهن يوناني ٻوليءَ جي نادر نالي سان سڏينداسين، ته اهو فن ٿي پوندو. اسان ڪيترو به ائين چئون، پر اسان جن ڳالهين ۾ رڌل آهيون – وڻن جا پن ڳڻڻ، ڪَتِيءَ جي ڪيمياوي تحقيق، جل – پرين جون تصويرون ڪڍڻ جا افسانا گهڙڻ ۽ مختلف راڳڻيون ٺاهڻ، وغيره – سي تيستائين سائنس يا فن جون ڳالهيون نه ٿي سگهنديون، جيستائين عام ماڻهو پنهنجي رضا خوشيءَ سان انهن کي قبول نه ڪندا، ۽ اها حقيقت آهي ته هن مهل تائين انهن سرگرمين کي عام ماڻهن رضا خوشيءَ سان قبول نه ڪيو آهي.

اناج اپائڻ جو حق جيڪڏهن ڪن خاص شخصن وٽ محدود هجي ها ۽ ٻين سڀني کي ان ڌنڌي ۾ هٿ وجهڻ کان منع ڪجي ها يا انهن لاءِ ائين ڪرڻ ناممڪن بڻائي ڇڏجي ها، ته مان سمجهان ٿو ته اسان جي کاڌي جي خاصيت گهڻي گهٽجي وڃي ها، ۽ جيڪڏهن کاڌي جي پيداوار جي هڪ هٽي روسي ڪڙمين کي ڏيئي ڇڏجي ها، ته سندن دلپسند کاڌي – رائي، پٽاٽي، بصر ۽ لسيءَ – کان سواءِ، روزمره جي کاڌي ۾ ٻي ڪا به شي شامل نه هجي ها، ساڳيءَ طرح جيڪڏهن سائنس ۽ فن جو مقاطعو به ڪنهن خاص گروه يا فرقي کي لکي ڏجي ها، ته انسان جي هن عظيم سرگرميءَ سان ائين ئي ٿئي ها. فرق رڳو اهو ٿئي ها، جو جسماني کاڌي جي حالت ۾ قدرتي حالتن کان گهڻو انحراف نه ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته رائي ۽ بصر ٻيئي جيتوڻيڪ ذائقي وارا کاڌا نه آهن، پر تڏهن به قوت بخش ضرور آهن، پر روحاني خوراڪ جي حالت ۾، انهيءَ قسم جي گهڻي انحراف ٿين جو امڪان آهي. جيتوڻيڪ ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪي شخص گهڻي وقت تائين اهڙو روحاني ۽ ذهني کاڌو کائيندا رهن، جيڪو انهن لاءِ بنهه غير ضروري يا اڃا به نقصانڪار ۽ زهري هجي. جيئن ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي پاڻ به آفيم کائي کائي ۽ شراب پي پي آهستي آهستي پاڻ کي ماريندا رهن ٿا ۽ اها ساڳي خوراڪ عام ماڻهن لاءِ به پنهنجي دسترخوان تي هر وقت کولي رکيو ويٺا ٿا رهن!

در حقيقت، اسان منجهه به ائين ئي ٿيندو آيو آهي، ۽ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ائين ٿيو آهي، جو سائنسدانن ۽ فنڪارن هڪ خاص رعايت واري حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي، ۽ ان ڪري به جو اسان جو دور ۾ سائنس ۽ فن ساريءَ انسان ذات جي سمجهه ڀري سرگرمي نه رهيا آهن، ۽ علم ۽ فن جا استاد پنهنجي سموري سمجهه ۽ سگهه سائنس ۽ فن جي خذمت ۾ نٿا لڳائين، اڄ ڪلهه سائنس ۽ فن انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شخصن جي سرگرمي آهي، جيڪي سائنس ۽ فن کي پنهنجي جاگير سمجهي، پاڻ کي سائنسدان ۽ فنڪار چوائين ٿا، ۽ تنهنڪري سائنس ۽ فن جي اصل مقصد کان منهن موڙي، پنهنجي سائنسي ۽ فني مشغلن کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو اٿن، ۽ هينئر رڳو ڪن خاص بيڪار محض گراهڪن کي خوش ڪرڻ ۽ کين ورچجڻ کان بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هن دنيا ۾ شروع کان وٺي، انسان وٽ سنئين سڌي۽ صاف معنيٰ ۾ سائنس موجود رهي آهي، ”انسان جي سموري علم“ جي معنيٰ ۾ سائنس هميشه موجود رهي آهي ۽ رهي ٿي، ۽ ان کان سواءِ، زندگيءَ جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي: سائنس نه ڪنهن جي حملي کان ٿي ڊڄي نه ڪنهن جي جلهه کان، ۽ نه وري ڪنهن کان بچاءُ ئي گهرجيس ٿو. پر ڳالهه هيءَ آهي ته علم جي حڪومت جون سرحدون ايتريون ته وسيع ۽ ساڳئي وقت ايتريون ته گهڻيون آهن، ۽ ان ۾ هر قسم جي معلومات ايتري ته گهڻي داخل ٿيل آهي – لوهه هٿ ڪرڻ جي علم کان وٺي، ويندي آسماني جسمن جي چرپر تائين – جو انسان انهيءَ چڪر ۾ بلڪل گم ٿي وڃي ٿو، ۽ تيستائين گم رهي ٿو، جيستائين سندس سامهون ڪو ”نشان“ نه آهي، جنهن جي مدد سان اهو فيصلو ڪري سگهي ته ڪهڙو علم هن لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ ڪهڙو گهٽ اهم آهي.

تنهنڪري انساني سياڻپ جي وڏي ۾ وڏي مراد اها ئي رهي آهي ته انهيءَ رهبريءَ ڪندڙ ”نشان“ کي ڳولي لهي، ۽ پوءِ انساني علمن کي سندن اهميت وار هڪ معقول سلسلي ۾ ٺاهي رکي، تان ته کيس معلوم رهي ته ڪهڙي علم جي ڪيتري اهميت آهي!          

۽ هميشه اهو ئي علم، جيڪو ٻين سڀني علمن جي رهنمائي ۽ نشاندهي ڪري ٿو، اصل ۽ صحيح معنيٰ ۾ سائنس سڏبو پئي آيو آهي، ۽ انسان جي اوائلي جهنگلي حالتن مان نڪرڻ کان وٺي اڄ اسان جي پنهنجي ڏينهن تائين، اهڙي سائنس هميشه انساني سماجن ۾ موجود رهي آهي.

انسان ذات، جنهن ڏينهن کان وٺي، هن دنيا جي تختي تي پيدا ٿي آهي، ان ڏينهن کان وٺي، هميشه، هر قوم ۾ معلم (سيکاريندڙ) ايندا رهيا آهن، جن انهيءَ خاص معنيٰ ۽ سائنس تخليق ڪئي آهي – يعني ان ڳالهه جو علم ڏنو آهي ته انسان لاءِ ڪهڙي چيز ڪيتري قدر ضروري آهي. انهيءَ سائنس هميشه انساني بهبوديءَ وارن علمن سان واسطو رکيو آهي، ۽ اصل کان انهيءَ تلاش ۾ رهي آهي ته انسان ۽ انسان ذات جي ڀلائي ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ آهي  ۽ اها سائنس، شروعات کان، انسان کي، نشانن پٺيان نشان، ٻين سڀني علمن توڙي خود پنهنجي ذات جي اظاهري سرگرميءَ يعني فن جي اهميت فيصل ڪرڻ لاءِ ڏسيندي ۽ ٻڌائيندي رهي آهي.

اُهي سڀ علم، جن انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ خوش بختيءَ جي بنيادي علم جي ويجهو اچي ان جي مدد ڪئي، سي عام ماڻهن جي نظر ۾ هميشه عزت ۽ احترام وارا رهيا آهن. ڪنفيوشس، گوتم ٻڌ، موسيٰ، سقراط، يسوع مسيح ۽ محمد (صلعم) جي سائنس به اهڙي ئي هئي. اها ئي صحيح سائنس آهي، ۽ اسان جي نام نهاد پڙهيل لکيل طبقي کان سواءِ، ٻين سڀني ان کان ائين سمجهيو آهي ۽ اڄ به ان کي هو ائين ئي سمجهن ٿا.

اهڙيءَ سائنس، هميشه کان علمن جي صف ۾ نه رڳو پهرين جاءِ والاري آهي، پر اها ئي سائنس آهي، جنهن اڪيلي سر، ٻين سڀني علم لاءِ پنهنجي پنهنجي جاءِ ۽ اهميت مقرر ڪري ڇڏي آهي.

اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري ڪو نه ٿيو – جيئن اڄ ڪلهه جا نام نهاد عالم سمجهن ٿا – ڇاڪاڻ ته ڪن ٺڳن، پوپ پادرين، امامن ۽ فقيهن، هن سائنس کي ايتري اهميت ڏني، پر ڇاڪاڻ ته سچ پچ، جيئن هر شخص پنهنجي روحاني آزمودي مان سکي سگهي ٿو، انسان جي انهيءَ ڀلائيءَ ۽ خوش بختيءَ واريءَ سائنس کان سواءِ ڪنهن به علم، هنر، فن ۽ سائنس جي چونڊ يا قدر ٿي نه ٿو سگهي - ۽ تنهنڪري سائنس جو خود اڀياس به نه ٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته سائنسي ڇنڊ ڇاڻ ۽ اڀياس لاءِ بيشمار موضوع پيا آهن، مون ”بيشمار“ لفظ تي زور ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي سندس لُغوي معنيٰ ۾ ئي استعمال ڪرڻ چاهيان ٿو.

انهيءَ ڄاڻ کان سواءِ، ته سڀني انسانن جي ڀلائي ۽ خوش بختي ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ آهي، ٻيا سڀ علم ۽ فن هڪ بيڪار ۽ مُضر مشغلو ٿي پون ٿا. انسان گهڻي عرصي کان هن دنيا ۾ رهيو آهي، پر ائين ڪڏهن به نه ٿيو، جو هِن فلاح و بهبود جي رستي ڏيکاريندڙ سائنس کان سواءِ رهيو هجي. ائين برابر آهي ته انساني ڀلائيءَ ۽ خوش بختيءَ جي هيءَ سائنس، ٻاهرئين ليکي، ٻوڌين، برهمڻ، يهودين، عيسائين، ۽ ڪنفيوشس ۽ لائوزي جي پوئلڳن جي اختلافي صورتن ۾ ورهايل نظر اچي ٿي (جيتوڻيڪ ٿوري غور ڪرڻ سان ئي انهن سڀني جي تعليم ۾ بنيادي هڪجهڙائي معلوم ٿي ويندي)، پر اسان جتي به تهذيب جي دائري اندر داخل ٿيل انسان ڏسون ٿا، اُتي هيءَ سائنس لازمي طرح نمايان طور موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر هينئر اوچتو ئي اوچتو ڪن شخصن اها فتويٰ ڏني آهي ته اها ساڳي سائنس، جنهن هن مهل تائين هر انساني علم جي رهنمائي ڪئي آهي، اسان جي راهه ۾ رنڊڪ بڻجي بيٺي آهي!

ماڻهو جاءِ جوڙائين ٿا، ۽ هڪ انجنير هڪڙو نقشو ڪڍي ٿو ته ٻيو انجنير ٻيو، ۽ ٽيون انجنير ٽيون – نقشا ٿورو گهڻو بدليل آهن، پر هر نقشو پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آهي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهن ٽنهي نقشن مان ڪنهن به هڪ نقشي مطابق ڪم ٿيندو، ته جاءِ اوس جُڙي راس ٿيندي.

ڪنفيوشس، گوتم ٻُڌ، موسيٰ ۽ يسوع مسيح به انساني روح جا اهڙائي انجنير هئا.

پر هينئر اوچتو ئي اوچتو ڪي شخص اچي، اسان کي اهو يقين ڏيارين ٿا ته نقشن جو هجڻ ڪا خاص ضروري ڳالهه نه آهي، ۽ ڪنهن به طرح، ڪم هلندي، جاءِ تي نظر وجهڻ سان، جاءِ ٺهي سگهي ٿي، ۽ انهيءَ ”ڪنهن به طرح“ کي ئي هي حضرت سڀ کان وڌيڪ تز ۽ سائنسي سائنس ڪوٺين ٿا، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن اڳين ڏينهن ۾ پوپ پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ سمجهدار ۽ پاڪن – پاڪ چوائيندو هو. هي شخص هر سائنس کان انڪار ڪن ٿا – سائنس جي روح يعني انسان جي ڀلائيءَ ۽ خوش بختيءَ جي علم ۾ به اعتبار ڪو نه اٿن، ۽ پنهنجي انهيءَ انڪار ۽ بي اعتباريءَ کي ئي ”سائنس“ چون ٿا.

جنهن ڏينهن کان وٺي انسان اک کولي آهي، هن دنيا ۾ وڏا وڏا عاقل شخص پيدا ٿيا آهن، جي هميشه پنهنجي ذهن ۽ ضمير جي چوڻ تي پاڻ کان پڇندا رهيا آهن:

”انساني ڀلائي ۽ خوش بختي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي؟“

”اها عظيم طاقت، جنهن اسان کي پيدا ڪيو، ۽ اڄ به سان جي رهنمائي ڪري ٿي، سا مون کان ۽ هر شخص کان، ڇا ٿي گهري؟“      

”پنهنجي شخصي ڀلائيءَ ۽ عام ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ منهنجي دل ۾ جيڪا ازلي خواهش دٻيل آهي، سا ڪيئن پوري ڪريان؟“

”مان هڪ ڪُل آهيان، ۽ ساڳئي وقت ڪنهن بيحد ۽ بي انت شيءِ جو هڪ جُزو پڻ! مان پاڻ جهڙن ٻين ’جزن‘ ۽ انهيءَ بيحد ۽ بي انت ’ڪُل‘ سان ڪهڙو رستو رکان؟“

انهن سوالن جي موٽ ۾ اسان جي ذهن ۽ ضمير مان آيل آواز ۽ اڳين توڙي پنهنجن همعصر بزرگن جي انهن ساڳين سوالن تي سوچ ويچار جي مدد سان، انسان ذات جي هنن عظيم استادن هڪ عام تجويز – صاف، سنئين سڌي، سڀني کي سولائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ ۽ هر وقت عمل ۾ اچڻ جهڙي تجويز – ٺاهي پيش ڪئي آهي.

اهڙي قسم جا پهرئين درجي، ٻئي درجي، ٽئين درجي، ۽ تنهن کان گهٽ درجي جي عظمت وارا شخص برابر ٿي گذريا آهن. هيءَ دنيا اهڙي قسم جي ماڻهن سان ڀري پيئي آهي.

سڀ زنده دل انسان پاڻ کان اهو سوال پڇندا آيا آهن: اسان پنهنجي ذاتي ڀلائيءَ جي خواهش ۽ پنهنجي ذهن ۽ ضمير طرفان عام انسان خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جي تقاضائن جو ٺاهه ڪيئن ڪريون؟ ۽ انهيءَ عام ذهني ڪشمڪش منجهان ئي زندگيءَ جا نوان نوان روپ، ذهن ۽ ضمير جي تقاضائن کي ويجهو ٿيندا، آهستي آهستي پر باقاعدي نڪري نروار ٿيندا رهيا آهن.

پر اوچتو ئي اوچتو خود ساخته عالمن جو هڪ گروهه پيدا ٿي پوي ٿو، جيڪي چون ٿا: اها سڀ بڪواس آهي ۽ انهيءَ تي ڪنهن به قسم جو ڌيان نه ڏيڻ گهرجي، اهو سوچ ويچار ڪرڻ جو استباطي طريقو آهي (جيتوڻيڪ استنباطي ۽ استقرائي طريقن ۾ ڪهڙو فرق آهي، سو اڃا تائين به ڪو شخص سمجهائي نه سگهيو آهي)، جيڪو ڪليسائي ۽ مابعد الطبيعاتي دؤرن ۾ استعمال ٿيندو هو. يعني انسانن پنهنجي اندر جي آزمودن مان ۽ انساني زندگيءَ جي قاعدن سان تعلق رکندڙ شعور جي مدد سان، جو ڪجهه پرايو آهي، ۽ هن مهل تائين انسان ذات جي عظيم رهنمائن ان جدوجهد م جو ڪجهه حصل ڪيو آهي، سو سڀ غير اهم ۽ فضول  آهي!

هيءَ نام نهاد نئين تعيليم جيڪي اوهان کي ظاهري طور ٻڌائيندي، تنهن مان اوهان کي ائين معلوم ٿيندو ته ”توهان هڪ منظم جسم جا جزا آهيو ۽ پنهنجي مقرر ٿيل ڪاروباري سرگرميءَ جي خبر رکڻ ئي توهان جي سمجهه ۽ سياڻپ سان ڀريل سرگرميءَ (سائنس) جي مراد آهي، ۽ انهيءَ گهربل خبر حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان کي پاڻ کان ٻاهر رهندڙ شين کي ئي ڏسڻ وائسڻ گهرجي. توهان هڪ وڏي منظم جسم جو هڪ اهڙو جزو آهيو، جيڪو سوچي ٿو، سمجهي ٿو، ڳالهائي ٿو ۽ تڪليف سهي ٿو، ۽ تنهنڪري توهان پاڻ جهڙي ڪنهن ٻئي جُزي کان برابر پڇي سگهو ٿا ته هُو به توهان وانگر سوچي ٿو، سمجهي ٿو، ڳالهائي ٿو ۽ تڪليف سهي ٿو يا نه، ۽ اهڙيءَ طرح توهان پنهنجي آزمودي جي تصديق ڪري سگهو ٿا. ٻيا لکين ڪروڙين جزا به توهان جي مشاهدن جي تصديق ڪن ٿا، ۽ سڀ کان وڌيڪ ڳالهه ته توهان پاڻ جيئرا جاڳندا جُزا آهيو ۽ هميشه سئين سڌي شخصي آزمودي مان ئي پنهنجي ڪاروباري سرگرمين جي سچ ڪوڙ جي خبر رکي سگهو ٿا.“

پر، جي اوهان ائين سمجهيو، ته پوءِ هيءَ نام نهاد نئين تعليم اوهان کي چوندي ته ”نه، اوهان ڀليل آهيو – سوچڻ جو اهو طريقو ۽ خبر حاصل ڪرڻ جا اهي سڀ طريقا بي معنيٰ، غلط ۽ ڪوڙا آهن. سچو سائنسي طريقو اجهو هي اٿو: ’توهان جيڪڏهن اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته توهان جي ڪاروباري سرگرمي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي، يعني توهان ۽ توهان جي انساني برادريءَ ۽ ساريءَ انسان ذات جو پنهنجو پنهنجو ڪاروبار ۽ ڀلائي ڪهڙي آهي، ته مهرباني ڪري سڀ کان پهريائين ذهن ۽ ضمير ان بابت جو ڪجهه چيو آهي، تنهن تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ انهن سڀني ڳالهين کي خسيس سمجهي، پنهنجي سوچ ويچار جو سلسلو نئين سر شروع ڪريو، ۽ نئين سر معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريائين توهان کي خوردبين منجهان ”اميبيا“ جيو گهرڙي جي چرپر ۽ ”ساپن“ جيت وغيره جي جزن ڏانهن نهارڻ گهرجي، يا اڃا به آسان طريقو اهو آهي ته سائنس جا مستند استاد انهن شين بابت جو ڪجهه اوهان کي ٻڌائين، تنهن تي اکيون ٻوٽي ايمان آڻيو، ۽ پوءِ انهن اميبيا ۽ ساپن جي جزن جي چرپر ڏسي يا ٻين جي ڏٺل ۽ بيان ڪيل ڳالهين کي ڪتابن ۾ پڙهي، اهو معلوم ڪريو ته اهي جزا ڇا ٿا چاهين، ڇا لاءِ ٿا جدوجهد ڪن، ڪهڙين ڳالهين تي هريل آهن، ۽ سندن سوچ ويچار ڪهڙي آهي، ۽ پوءِ توهان کي گهرجي ته پنهنجا انساني احساس ۽ جذبا جيو گهرڙن جي انهن جزن ڏانهن منسوب ڪريو، ۽ جيڪو جيو گهرڙن جي جزن جو اوهان مشاهدو ڪيو آهي، يا انهن متعلق اوهان کي ٻڌايو ويو آهي، تنهن سڀ جو پاڻ سان ۽ پاڻ جهڙن ٻين انسانن سان تطابق ڪري، اهو فيصلو ڪريو ته توهان ڇا آهيو، توهان جو ڪهڙو ڪم آهي، ۽ ڪهڙين ڳالهين ۾، توهان جي پنهنجي ۽ توهان جي ٻين پاڻ جهڙن انساني جزن جي ڀلائي سمايل آهي. پاڻ کي سمجهڻ لاءِ، توهان نه رڳو اگهاڙين اکين سان نظر ايندڙ ساپن جو، پر انهن خوردبين تي ڏسڻ ۾ ايندڙ هستين جو پڻ اڀياس ڪريو، جن کي توهان هنن اگهاڙين اکين سان ڏسي نه ٿا سگهو، ۽ ان کان سواءِ هڪ هستيءَ مان ٻيءَ هستيءَ ۾ تبديل شين تي به غور ڪريو، جيڪي ڪنهن به ڪڏهن نه ڏٺيون آهن، ۽ خود اوهان کي به ڪڏهن ڏسڻ ۾ ڪين اينديون!‘“

فن متعلق به اها ئي ساڳي ڳالهه اهي! حقيقت هيءَ آهي ته جتي به سچي سائنس موجود رهي آهي، اتي هميشه فن به انهيءَ سائنس يعني انساني ڪاروبار ۽ خوشحاليءَ جي علم جو اظهار ڪندو رهيو آهي.

انسان ذات جي شروعات کان وٺي، انسان جي مختلف علمي سرگرمين مان انهيءَ سرگرميءَ کي ئي مکيه سرگرمي سمجهي چونڊيو ويو، جنهن انساني ڪاروبار ۽ عام ڀلائيءَ جي نمائندگي ڪئي، ۽ خاص انهيءَ علمي سرگرميءَ جي علمي اظهار کي ئي فن چيو ويو. هن دنيا ۾، اصل کا وٺي، ڪي بيحد حساس شخص ۽ انساني ڪاروبار ۽ عام ڀلائيءَ جي تعليم ڏانهن خاص ڌيان ڏيندڙ شخص رهيا آهن، جن ”گهڙي ۽ يڪتاري“ تي، لفظن ۾ ۽ اشارن سان، دنيوي وهمن ۽ فريبن خلاف انساني جدوجهد جو بيان ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جدوجهد جي دک درد، نيڪيءَ جي آخرين سوڀ جي اميد، برائيءَ جي وقتي ڪاميابيءَ تي مايوسيءَ، ۽ آئنده جي برڪت ڀرين نعمتن بابت بي گناه خوشيءَ جا جذبا ظاهر ڪيا آهن.   

جڏهن کان وٺي انسان هن دنيا جي تختي تي رهيو آهي، سچي فن جو مول مقصد انساني ڪاروبار جي سر انجاميءَ ۽ عام ڀلائيءَ جي اظهار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه رهيو آهي. فن هميشه کان زندگيءَ جي تعليم ۽ تربيت جا فرض انجام ڏيندو رهيو آهي – جنهن کي ڪجهه عرصي کان پوءِ ”مذهب“ چوڻ لڳا، ۽ هن مهل تائين رڳو اهو ئي فن عزت آبروءَ وارو ليکيو ويندو هو، پر انساني ڪاروبار ۽ عام ڀلائيءَ جي سائنس جي ظاهر ٿيڻ سان (ڇاڪاڻ ته سائنس پنهنجي معنيٰ ۽ مراد وڃائي ڇڏي آهي، ۽ سچيءَ سائنس کي نفرت وچان ”مذهب“ سڏيو وڃي ٿو)، فن به هڪ اهم انساني سرگرميءَ جي حيثيت سان، ختم ٿي چڪو آهي.

جيترو وقت، ڪليسا انساني ڪاروبار ۽ عام ڀلائيءَ جي تعليم ڏيندڙ اداري طور زنده رهي، فن ڪليسا جي خذمت ڪندو رهيو ۽ صحيح معنيٰ ۾ فن هو، پر جڏهن کان: فن ڪليسا کي ڇڏي ڏنو ۽ ان جي جاءِ تي سائنس جي خذمت ڪرڻ لڳو (۽ سائنس پاڻ وري جيڪي هٿ لڳس ٿي، ان جي خذمت پئي ڪئي). فن پنهنجي اصلي اهميت وڃا ڇڏي، ۽ پنهنجي روايتي دعوائن توڙي واهيات اصرار ته ’فن، فن جي خذمت ڪري ٿو‘ جي باوجود، فن هاڻي هڪ واپار ٿي پيو آهي، جيڪو عام ماڻهن جي نفس جون دلپسند چيزون تيار ڪري، مارڪيٽ ۾ آڻي پيش ڪري ٿو، ۽ تنهنڪري لازمي طور ٻين هار سينگار ۽ عيش عشرت جي فنن (جن جا خالق به اڄ ڪلهه جا شاعرن، مصورن ۽ موسيقارن وانگر پاڻ کي فنڪار چوائين ٿا) سان گڏجي ويو آهي.     

اسان منهن ورائي ڏسنداسين ته اسان کي، گذريل هزارن سالن ۾، ڪروڙن ۽ اربن ماڻهن مان، مشڪل سان، ڪنفيوشس، گوتم ٻڌ، سولون، سقراط، سليمان، هومر، يسع ۽ دائود جهڙا ساٺيڪو کن شخص نمايان طور نظر ايندا. ظاهر آهي ته اهڙا شخص ڏاڍي مشڪل کان پوءِ ملندا هئا – جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾، اهي شخص ڪنهن به خاص فرقي مان نه پر ساري عوام مان چونڊ جي نڪرندا هئا، روحاني خوراڪ جا اهڙا سچا فنڪار ۽ سائنسي خالق تمام ٿورا ٿي گذريا آهن، ۽ اهو ئي سبب آهي، جو انسان ذات انهن کي ايتري گهڻي عزت ڏني ۽ ڏيئي رهي آهي. پر هينئر چون ٿا ته سائنس ۽ فن جون اهي سڀ عظيم، هستيون اسان جي ڪم جون نه رهيون آهن! اڄ، سائنس ۽ فن جا خالق، پورهئي جي ورڇ واري اصول تي، مشينن وانگر پيدا ڪري سگهجن ٿا، ۽ هن مهل تائين پيدا ٿيل سائنسدانن ۽ فنڪارن کان ڏهوڻا سائنسدان ۽ فنڪار ڏهاڪو سالن ۾ پيدا ڪري سگهون ٿا!

هينئر ته سائنسدانن ۽ فنڪارن جو هڪ باقاعدي طبقو ٺهي پيو آهي، ۽ هُو، هڪ ٺهيل ٺڪل طريقي سان، عوام کي هر قسم جي روحاني خوراڪ تيار ڪري ڏين ٿا، ۽ هن مهل تائين ايتري ته گهڻي خوراڪ تيار ڪئي اٿن، جو اڳيان پويان سڀ استاد وساري ڇڏجن – چون ٿا ته انهن پراڻن استادن جون سرگرميون مذهبي ۽ مابعد الطبيعاتي دؤرن جون يادگار آهن، ۽ تنهنڪري انهن کي بلڪل وساري ڇڏجي، ۽ سچي پچي، سمجهه ۽ سياڻپ سان ڀريل سائنسي سرگرمي ته رڳو هينئر اٽڪل پنجاهه سالن کان شروع ٿي آهي! انهن پنجاهه سالن جي مختصر عرصي ۾، اسان تمام گهڻا وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، انهيءَ حد تائين جو هڪڙي جرمن يونيورسٽيءَ ۾ ئي هينئر ايترا عالم فاضل آهن، جو هن مهل تائين ساريءَ دنيا ۾ مشڪل سان پيدا ٿيا هوندا، ۽ سائنسون به اسان ايتريون گهڻيون پيدا ڪيون آهن – خوش نصيبيءَ سان سائنس پيدا ڪرڻ ڏاڍو سولو ڪم ٿي پيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به يوناني ”اسم“ پوئتان ”لاجي“ (Logy) لفظ ڳنڍي، ان کي هڪ ٺهيل ٺڪيل خاني ۾ رکي، هڪ نه ٻي سائنس چئي سگهجي ٿو – جو نه رڳو ڪو به شخص اهي سڀ ڄاڻي نه ٿو سگهي، پر حقيقت اها آهي ته انهن سڀني جا فقط نالا ياد ڪرڻ به ڪنهن هڪ شخص جي وس کان ٻاهر آهن، انهن سائنسن جا رڳو نالا ئي لکجن، ته هڪ وڏي لغت ٺهي پوي، ته هتي هر روز نيون سائنسون ٺهي رهيون آهن!

اسان ايتريون ته گهڻيون سائنسون ٺاهيون آهن، جو انهن تي هڪ ”فنش“ ماستر جي ڳالهه ياد ٿي اچي، جنهن هڪ روسي زميندار جي ٻارن کي فرانسيسي ٻوليءَ سيکارڻ بدران ”فنش“ ٻولي سيکاري ڇڏي هئي! اسان وٽ به استادن اهي سڀ سائنسون تمام سهڻي نموني سيکاريون آهن، پر افسوس رڳو اهو آهي، جو انهن استادن جون هي سڀ سائنسون اهڙيون آهن، جن جي عام ماڻهن کي نه ضرورت آهي ۽ نه انهن کي هي سمجهي ئي سگهن ٿا.

پر ان ڳالهه جو به هڪ عدد سبب گهڙي ڇڏيو اٿن: چي، ”عام ماڻهو سائنسي سائنس جي افاديت نه ٿا سمجهن، ڇاڪاڻ ته هُو اڃا تائين مذهبي تعليم جي اثر هيٺ آهن، ۽ مذهبي دور کي ڪو نه وساريو اٿن“ – اهو ساڳيو مذهبي دور، جنهن ۾ يهودين، چينين، هندن ۽ يونانين پنهنجي وقت جي استادن کي بلڪل چڱيءَ طرح سمجهيو ۽ سندن هر طرح قدر ڪيو.

پر اهو آخر ڪيئن به ٿيو، بهرحال حقيقت اها آهي ته سائنس ۽ فني ٻئي، هميشه انسانن وٽ موجود رهيا آهن، ۽ جڏهن انهن ۾ صداقت هئي، عام ماڻهو انهن کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهندا هئا ۽ کين هميشه انهن جي ضرورت پڻ رهندي هئي.

اڄ ڪلهه اسان هڪ اهڙي مشغلي ۾ رڌل آهيو، جنهن کي اسان ته فن ۽ سائنس ڪوٺيون ٿا، پر حقيقت ۾ اسان جو ڪجهه ڪري رهيا آهيون، تنهن کي سائنس ۽ فن چوڻ سائنس ۽ فن جي بي عزتي ڪرڻي آهي.       

 

 

باب ستٽيهون

”پر تون ته رڳو سائنس ۽ فن جي هڪڙي ٻي سمجهاڻي ڏيئي رهيو آهين، جيڪا زياده تنگ ۽ محدود رهي آهي، ۽ جنهن سان سائنس شامل راءِ نه آهي“ – ڪي شخص مون کي اهو جواب ڏين ٿا – ”. . . پر انهيءَ جي معنيٰ اها ٿوري آهي ته ٻين سائنسي علمن کي ڇڏي ڏجي، گئليلو، برونو، هومر، ميڪائيل، ائنجيلو، بيٿووين، واگنر ۽ ٻيا سڀ اهڙا ننڍا وڏا سائنسدان ۽ فنڪار، جن سائنس ۽ فن لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون، تن سڀني جي سائنسي ۽ فني سرگرمي اڄ تائين به ساڳيءَ طرح قائم آهي، ۽ موجود آهي.“ اهو گهڻو ڪري هو انهيءَ لاءِ چوندا آهن، جيئن اڳين ۽ هاڻوڪن سائنسدانن ۽ فنڪارن جي وچ ۾ هڪڙي قسم جو سلسلو ثابت ٿي سگهي، ۽ ساڳئي وقت هو پورهئي جي ورڇ واري نئين اصول کي چپ چاپ وساري ڇڏڻ جو ڪوشش ٿا ڪن، جنهن جي بنياد تي سندن سائنس ۽ فن ۽ خود هو پاڻ هينئر ايڏي ته مٿاهينءَ حيثيت وارو محل اڏي ويٺا آهن.  سائنس  محدودٻي سمجهاڻي ڏيئي پر پهرين ڳالهه ته اڳين ۽ هاڻوڪن سائنسي ۽ فني ڪارڪنن جي وچ ۾ سلسلو ملائڻ ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته اوائلي پاڪباز عيسائين جي زندگيءَ ۽ اڄ ڪلهه جي پوپ پادرين جي زندگيءَ ۾ ڪا به مشترڪه ڳالهه نه آهي، ۽ ساڳيءَ ريت گئليلو، شيڪسپيئر ۽ بيٿررين جهڙين هستين جي سرگرميءَ ۽ ٽنيڊال، وڪٽر هيوگو ۽ واگنر جهڙن شخصن جي سرگرميءَ ۾ به ڪا مشترڪه ڳالهه نه آهي. جيئن اڳين ڏينهن جا مخلص پادري اڄ ڪلهه جي زمانه ساز پادرين سان پاڻ ڳنڍڻ هوند عيب سمجهن، تيئن سائنس جا اوائلي اڳواڻ به اڄ ڪلهه جي سائنسي سائنسدانن ۽ فنڪارن کي هوند ڪڏهن پنهنجي ويجهو ويهڻ به ڪين ڏين.

ٻيو ته موجوده سائنس ۽ فن پاڻ ڏانهن جيڪا اهميت منسوب ڪئي آهي، تنهن جي ئي روشنيءَ ۾، اسان کي خود سائنس هڪ صاف ۽ سنئون سڌو معيار پيش ڪري ڏنو آهي، جنهن سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته سائنس ۽ فن پنهنجو مقصد پورو ڪن ٿا يا نه، ۽ تنهنڪري ڪنهن خود خياليءَ نه پر اُن تسليم ٿيل معيار جي بنا تي آسانيءَ سان فيصلو ڪري سگهجي ٿو ته موجوده سائنسدانن ۽ فنڪارن جي سرگرمي، جنهن کي هو سائنس ۽ فن چون ٿا، تنهن کي سچ پچ ائين چوائڻ جو حق آهي يا نه!

جڏهن مصري ۽ يوناني پادري، عوام کان لڪي، ڪي اچرج جهڙا ڪم ڪندا هئا، ۽ چوندا هئا ته انهن معجزن ۾ ئي هر سائنس ۽ هر فن سمايل آهي، ته اسان، عوام کي کانئن جيڪي فائدا پهچندا هئا، تن جو حساب ڪري سندن سائنس جي صداقت جي تصديق نه ٿي ڪري سگهياسين، ڇاڪاڻ ته هو خود پنهنجي سائنس ۽ فن کي هڪ مافوق الفطرت سرگرمي سمجهندا هئا؛ پر هينئر ته اسان کي بنهه صاف ۽ سنئون سڌو معيار مليو آهي، جو ڪنهن به مافوق الفطرت ڳالهه کي خيال ۾ نه ٿو آڻي: هينئر سائنس ۽ فن، انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ، ذهني پورهئي ڪرڻ جو ذمو کنيو آهي! تنهن ڪري اسان کي حق آهي ته اسان فقط ان سرگرميءَ کي ئي سائنس ۽ فن سڏيون، جنهن جي ڌيان ۾ هميشه اهو ئي مطلب ۽ مقصد هجي، ۽ اُها اسان کي حاصل به ڪري ڏيکاري.

تنهنڪري فوجداري، ديواني ۽ بين الاقوامي قاعدن قانونن جا ٺاهيندڙ نين نين بندوقن ۽ گولي بارود جا موجد، اگهاڙين ۽ اعتراض جوڳين تصويرن، فحش سنگيت ناٽڪن ۽ واهيات ناولن وغيره جا مصنف پاڻ کي ڪيترو به پڙهيل ۽ پرجهيل ڇو نه چوائين پر سندن اهڙيءَ سرگرميءَ کي سائنس ۽ فن سڏڻ جو اسان کي ڪو به حق ڪو نه آهي – ڇاڪاڻ ته انهيءَ سرگرميءَ جو مقصد ۽ مراد انساني ۽ انساني سماج جي عام ڀلائي نه، پر انهن کي ڏکوئڻ ئي هوندو آهي. تنهنڪري اهو سڀ، ٻيو کڻي ڇا به هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ سائنس ۽ فن نه آهي. ساڳئي نموني، اهي شخص، جيڪي پنهنجي سادگيءَ وچان، خوردبين سان معلوم ٿيندڙ ساهوران ۽ دوربين سان نظر ايندڙ سيارن جي اڀياس لاءِ پنهنجيون زندگيون وقف ڪري ڇڏين ٿا، يا اهي فنڪار، جيڪي تاريخ کان اڳ جي تهذيبن جا قصا پڙهي پڙهي، تاريخي ناولن لکڻ، تصويرن ڪڍڻ يا سهڻين سهڻين نظمن جوڙڻ ۽ راڳڻين ايجاد ڪرڻ ۾ مشغول آهن، سي ڪيترو به کڻي پاڻ کي داناءَ بيناءَ چوائين، پر خود انهن طرفان ڏنل سائنس جي سمجهاڻيءَ موجب، ۽ سندن ايتري شوق ۽ محنت جي هوندي به، کين سائنسدان يا فنڪار نه چئي سگهبو – ڇاڪاڻ ته (1) سندن سائنس جي سرگرمي فقط سائنس لاءِ ۽ سندن فن جي سرگرمي فقط فن لاءِ آهي، ۽ نه انساني ڀلائيءَ ۽ خوش بختيءَ لاءِ، (2) اسان سندن سرگرمين جو عملي نتيجو انسان ۽ انساني سماجي جي عام ڀلائيءَ ۾ ڪٿي به نه ٿا ڏسون. ائين برابر آهي ته سندن سرگرميءَ مان، ڪڏهن ڪڏهن، چند خاص خوش نصيب شخصن لاءِ ڪا مفيد ۽ مزي جهڙي ڳالهه پيدا ٿي پوندي آهي، پر خود سندن طرفان شايع ٿيل مذڪور معيار مطابق، اها ڳالهه به کين سائنسدان ۽ فنڪار چوائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي.

بلڪل ساڳيءَ طرح، اهي شخص جيڪي (1) بجليءَ کي روشنيءَ، گرمي ۽ طاقت يا ڪنهن ٻيءَ صورت ۾ تبديل ڪري ڪم آڻڻ جا طريقا ڳولي لهن ٿا، يا (2) نيون نيون ڪيميائي ترڪيبون ٺاهي، سهڻا سهڻا ۽ چمڪدار رنگ ايجاد ڪن ٿا (3) بيٿووين جون راڳڻيون صحيح طور ڳائي سگهن ٿا، يا ٿئيٽر ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکارين ٿا، سٺيون سٺيون تصويرون، روزمره جي زندگيءَ جا عڪس، قدرتي نظارا يا ڪي ٻيا نقش چٽين ٿا، دل وندرائيندڙ ۽ مزيدار ناول لکن ٿا (جن جو مول مقصد شاهوڪارن جي وندر ورونهن ئي هوندو آهي) – هي سڀ شخص پاڻ کي ڇا به کڻي چوائين، پر انهن جي سرگرميءَ کي سائنس يا فن ڪڏهن به نه چئي سگهبو، ڇاڪاڻ ته اها سرگرمي، منظم جسم جي مغزي سرگرميءَ وانگر بني نوع انسان جي عام ڀلائيءَ لاءِ نه آهي، پر ان جي مراد ۽ مقصد محض ذاتي نفعا، رعايتون ۽ ڌن دولت ئي آهي، جي انهيءَ نام نهاد سائنس ۽ فن جي ايجادن ۽ تخليقن جي عيوض حاصل ٿين ٿا، تنهن جي معنيٰ ته هيءَ سرگرمي به ٻين عام رواجي، ذاتي ۽ مفاد پرست سرگرمين، جهڙوڪ هوٽلن جي مالڪن، ريس ڪورس جي گهوڙيسوارن، عصمت فروشيءَ جي اڏن هلائيندڙ مردن ۽ عورتن جي سرگرمين مان نه پهرين، نه ٻي ۽ نه وري ٽين سرگرمي ئي سائنس ۽ فن جي تعريف هيٺ اچي سگهي ٿي، جنهن پورهئي جي ورڇ واري اصول تي، انسان ۽ انساني سماج جي عام ڀلائيءَ جو ذمو کنيو آهي.

سائنس طرفان، سائنس ۽ فن جي بيان ڪيل تعريف بلڪل صحيح آهي، پر بدنصيبيءَ جي ڳالهه آهي، جو سائنس ۽ فن جي سرگرمي البت انهيءَ مطابق نه آهي! سائنس ۽ فن جا ڪي ڪنهن نمائندا سنئون سڌو انسانن کي نقصان پهچائي رهيا آهن، ته ڪي فضول ۽ بيڪار ڪم ۾ رڌل آهن، ۽ ڪي وري اهو ڪجهه ڪري رهيا آهن، جو، انداز توڙي اهميت ۾ خفيف ۽ هيچ آهي ۽ صرف اميرن کي ئي حاصل ٿي سگهي ٿو.

ائين برابر آهي ته ٻيءَ طرح هي سڀ تمام سٺا ماڻهو آهن، پر خود سندن پنهنجي چوڻ موجب جنهن ڪم جو ذمو کنيو اٿن، سو پورو نه ٿا ڪن، ۽ تنهنڪري کين پاڻ کي سائنسدان ۽ فنڪار سمجهڻ جو به ڪو حق نه آهي – بلڪل ساڳيءَ طرح جيئن اڄ ڪلهه جي فرض فراموش پادرين کي آسماني صداقت جي دعويٰ ڪرڻ جو حق نه آهي.

سائنس ۽ فن جا سرگرم ڪارڪن پنهنجو ڪم ڇو نه ٿا پورو ڪن ۽ ڇو نه ٿا پورو ڪري سگهن، سا ڳالهه سمجهڻ به ڪا خاص ڏکي نه آهي، هو پنهنجو ڪم پورو نه ٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته هنن پنهنجي ”فرضن“ کي ”حقن“ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. سائنس ۽ فني سرگرمي تڏهن ئي صحيح معنيٰ ۾ مفيد ٿي سگهي ٿي، جڏهن سائنسدان ۽ فنڪار، پنهنجا ”حق“ وساري، رڳو پنهنجا فرض سڃاڻندا. انسان ذات هن سرگرميءَ جو هيستائين ايترو گهڻو قدر به فقط ان ڪري پئي ڪيو آهي، جو هيءَ سرگرمي، جيڪڏهن کري ۽ صالح آهي، ته هميشه انهيءَ قسم جي ئي رهي آهي، ۽ وڏي ڳالهه ته خطري طور ان جو بنياد خود قربانيءَ تي بيٺل آهي.

اهي شخص، جي سچ پچ دماغي پورهيو ڪري، ٻين جي خذمت ڪن ٿا، سي هميشه انهيءَ ڪم ۾ تڪليفون ڏسندا، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن جسم ويم جي تڪليفن ۽ دک درد سان پيدا ٿئي ٿو، ته روحاني دنيا ان کان به وڌيڪ سورن ۽ عذابن سان پيدا ٿئي ٿي.

مفڪر ۽ فنڪار کي قدم قدم تي ڪشالا ڪڍڻا ئي پوندا، ڇاڪاڻ ته سندس دل جو مقصد ۽ مراد عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ خوش بختي آهي. عام ماڻهو ڏکي آهن، هو تڪليفون سهندي سهندي مري کپي وڃن ٿا، هن ميدان ۾ فرصت جي گنجائش ئي ڪانهي، جو ڪو ٻه گهڙيون ترسي ڪٿي پاڻ کي خوش ڪري وٺي.

مفڪر يا فنڪار ڪڏهن به آسماني اوچاين تي ويهي فرحت بخش گهڙيون ڪو نه گذاريندو (جيئن اسان اڪثر سوچيندا آهيون)، هو هميشه حيران، پريشان ۽ منتظر رهڻ واري هستي آهي، ٿي سگهي ٿو ته هو ڪا اهڙي ڳالهه ڳولي وٺي يا چئي ڏئي، جيڪا عام ماڻهن کي ابدي نعمتون بخشي ۽ کين روزمره جي عزابن کان ڇوٽڪارو ڏئي، پر هو ڃا تائين ائين ڪين ڪري سگهيو آهي، ۽ سڀاڻي تائين شايد ڏاڍي دير ٿي وڃيس – ائين به ٿي سگهي ٿو ته هو ايڏي ننڊ جي آغوش ۾ وڃي آرامي ٿئي!

ياد رکڻ گهرجي ته اهو شخص ڪڏهن به مفڪر يا فنڪار نه ٿي سگهندو، جنهن هڪ اهڙي اداري ۾ تعليم ۽ تربيت ورتي هي جتي عالمن ۽ فنڪارن کي مشينن وانگر وڏي پيماني تي پيدا ڪيو وڃي ٿو، ۽ لياقت جون سَنَدون به ورهايون وڃن ٿيون، پر فقط اهو ئي شخص مفڪر ۽ فنڪار ٿيندو، جيڪو هونئن پنهنجي دل اڀرندڙ ڪنهن ڳالهه تي نه سوچڻ ۽ ان جي بيان نه ڪرڻ تي ته شايد آماده به ٿي سگهي، پر ڪنهن به صورت ۾ انسان جي ٻن عظيم طاقتن – ضمير جي آواز ۽ عوام جي مفاد جي مطالبن کي رد ڪري خاموش ويهي ڪين سگهندو.

ٿلها، متارا، پاڻ تائين پورا ۽ کائيندڙ پيندڙ شخص ته مفڪر ۽ فنڪار ٿيندا ئي نه آهن!

هڪ اهڙي قسم جي ذهني سرگرمي ۽ ان جو عملي اظهار، جنهن جي عوام کي ضرورت آهي، انسان لاءِ ڏکئي ۾ ڏکيو ۽ انتهائي جوکم وارو ڪم آهي – اها انسان جي هڪ عظيم آزمائش آهي، جيئن انجيل ۾ به آيو آهي - ۽ انهيءَ ڪم لاءِ لائقيءَ جو اڪيلو ثبوت مطلق خود فراموشي آهي – يعني ٻين جي فائدي لاءِ انسان جي اندر ۾ جيڪا قوت ۽ صلاحيت موجود آهي، تنهن جو اظهار ۽ استعمال لاءِ مڪمل خود قرباني.

دنيا ۾ ڪل ڪيترا جيت آهن يا سج ۾ ڪهڙي قسم جا داغ آهن – انهن ڳالهين جو معلوم ڪرڻ ۽ ناول خواه سنگيت ناٽڪ لکڻ ته ڏاڍو سولو ڪم آهي، ان ۾ ڪا به تڪيلف ڪانهي، پر عام ماڻهن کي سندن عام ڀلائي سيکارڻ – جيڪا خود قربانيءَ ۽ خلق جي خذمت ڪرڻ ۾ ئي لڪل آهي - ۽ انهيءَ علم کي پوريءَ طاقت سان بيان ڪرڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، اهو ڪم تڪليفن ۽ عذابن سهن کان سواءِ بنهه نا ممڪن آهي.     

ڪليسا به تيستائين ڪليسا رَهِي، جيستائين ڪليسا جي ڪارڪنن رياضت ڪئي ۽ دک درد سَٺا، پر جيئن ئي انهن پنهنجي جسم تي چرٻي چاڙهڻ شروع ڪئي، سندن تعليمي سرگرمي ختم ٿي وئي.

ڪڙمي چون ٿا ته ”اڳين ڏينهن ۾ پادري سونا، ۽ ڪُوزا ٺڪر به هوندا هئا، پر هينئر ڪُوزا ڦري سونا ٿيا آهن ۽ پادري ٺڪر جا!“ 

يسوع مسيح، جو صليب تي دم ڏنو، تنهن جو به سبب هو؛ اهو ته دک درد سهڻ. خود قربانيءَ سان سڀ ڪجهه فتح ڪري سگهجي ٿو.

اسان جي سائنسدانن ۽ فنڪارن کي گهر ويٺي سڀ ڪجهه ملي ٿو، ويندي سندون به کين ڪنهن جسماني پورهئي ڪرڻ کان سواءِ ملن ٿيون، ۽ عام ماڻهن جو هنن سان ٻيو ڪو به واسطو نه آهي، سواءِ ان ڳالهه جي ته هنن حضرتن جي خذمت ڪرڻ هنن لاءِ اڃا به ناممڪن ٿي پوي.

سچي سائنس ۽ سچي فن جون ٻه پڪيون نشانيون هونديون آهن: (1) اندرين-يعني سائنس ۽ فن جو خدمتگار ڪڏهن به ذاتي نفعي لاءِ نه، پر خود قربانيءَ جي خيال کان پنهنجو ڪم ڪندو رهي ٿو؛ (2) ٻاهرين-يعني سائنس ۽ فن جي خذمتگار جي هر تخليق انهن سڀني ماڻهن کي سمجهه ۾ ايندي، جن جي ڀلائيءَ جي خيال کان هو اها تخليق ڪري ٿو.

عام ماڻهن جنهن به ڳالهه کي پنهنجي ڪاروبار ۽ عام ڀلائيءَ  جي نمايندهه سمجهندا، سائنس انهيءَ ڪاروبار ۽ ڀلائيءَ جي تعليم ڏيندي، ۽ فن انهيءَ تعليم جو اظهار ڪندو. سليمان ۽ ڪنفيوشس جا اصول سائنس آهن؛ موسيٰ ۽ يسوع مسيح جي تعليم سائنس آهي؛ اٿينس جون عمارتون، دائود جا گيت ۽ ڪليسا جي خذمت فن ۾ داخل آهن؛ پر مادي جي چوٿين ماپ يا ڪيميائي مرڪبن جي ترتيب وغيره کي ڪڏهن به سائنس نه سمجهيو ويو آهي ۽ نه وري ڪڏهن سمجهيو ئي ويندو. اڄڪلهه سچيءَ سائنس جي جڳهه فقيهي تعليم (Theology) ۽ علم قانون والاري آهي، ته سچي فن جي جڳهه وري ڪليسا ۽ رياستي آب تاب ۽ ڏيک ويک ! انهن مان ڪنهن هڪ ۾ به عام ماڻهن جو اعتبار ڪونه آهي، ۽ نه وري انهن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي ڇڪجي ٿو. اسان جن ڳالهين کي سائنس ۽ فن چئون ٿا، سي حقيقت ۾ سست خيال ۽ بيڪار احساس جي پيدوار آهن، جن جو مقصد به ساڳئي قسم جي سست خيالن ۽ بيڪار احساسن کي خوش ڪرڻ آهي - ۽ وڏي ڳالهه ته عام ماڻهن کي سمجهه ۾ ئي ڪو نه ٿيون اچن، ڇاڪاڻ ته ته عام ماڻهن جي ڀلائي انهن جي خيال ۾ ئي ڪا نه آهي.

جنهن زماني کان انساني زندگيءَ جو ٿورو نشان اسان کي ملي ٿو، ان زماني کان اسان هر هنڌ ۽ هر دور ۾ هڪ اهڙي قسم جي تعليم جو به زور ڏسون ٿا، جيڪا ڪوڙ ڳالهائي پاڻ کي سائنس سڏائي ٿي، ۽ عام ماڻهن کان زندگيءَ جي معنيٰ لڪائي، کين اصل حقيقت جو منجهه سلڻ نه ٿي چاهي. قديم مصرين، هندين ۽ چيناين ۾ ائين هو، ۽ ڪنهن حد تائين يونانين (سو فسطائين)، توڙي پوءِ جي صوفين، يهودين جي باطني فرقي وارن ۽ عيسائي عارفن ۾ به ائين هو، وچئين زمانن جي ”استادن“ ۽ ڪيميا گرن ۾ به ائين هو، ۽ حقيقت اها آهي ته اڄ ڏينهن تائين هر هنڌ ائين ئي ٿيندو آيو آهي.

اسان به ڪهڙا نه خوش نصيب آهيون، جو خاص انهيءَ وقت پيدا ٿياسين، جڏهن پاڻ کي سائنس سڏائيندڙ ذهني سرگرمي، نه رڳو ڪا غلطي نه ٿي ڪري، پر (جيئن وقت بقوت سائنسدان يقين ڏياريندا رهن ٿا) غير معمولي طور ڪامياب پڻ ويئي آهي! ڇا، هِن عجيب خوش نصيبيءَ جو اهو احساس ان ڳالهه جو نتيجو ته نه آهي، ته انسان ڪڏهن به پنهنجو عيب قبول نه ٿو ڪري، ۽ نه ڪري ٿو سگهي! ڀلا، ائين ڪيئن ٿيو، جو اُنهن ٻين سائنسن، فقيهي ۽ باطني علمن، جو يادگار ته ٺلهن لفظن کان سواءِ اسان وٽ ٻيو ڪجهه به نه رهيو، باقي پنهنجي اڄوڪيءَ سائنس جي ڇانوَ ۾ اسان ئي اهڙا خوش نصيب رهجي وياسين؟

اوهان ڏسندا ته آثار بنهه ساڳيا آهن: اها ئي ساڳي خود – پسندي ۽ انڌو يقين ته اسان ۽ فقط اسان ئي صحيح راه تي آهيون، ۽ اها ئي ساڳي خوش فهمي ته انهيءَ راه تي ئي هلڻ سان اسان ڪا غير معمولي ڳالهه ٻولهه لهنداسين، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اها ئي ساڳي ڀانڊو ڦوڙيندڙ مشترڪه نشاني ته اسان جي سموري سياڻپ اسان سان ئي آهي، باقي عام ماڻهو نه سمجهن ٿا، نه قبول ڪن ٿا ۽ نه وري کين انهيءَ جي ضرورت ئي آهي!

تحقيق اسان جي حالت تمام نازڪ آهي، پر سوال آهي ته انهيءَ حالت جو اُٿي مقابلو ڇو نه ڪريون؟

واقعي هيءُ وقت آهي، جو اسان پنهنجو هوش سنڀاليون، ۽ پنهنجي چوڌاري منهن ورائي حقيقتون معلوم ڪريون!

اسان سچ پچ پاکنڊي پنڊت آهيون، جن پاڻ کي پاڻ پيغمبرن جي جاءِ تي ويهاري، بهشت جي بادشاهت جون ڪنجيون کڻي ورتيون آهن، ۽ هينئر نه پاڻ ٿا دروازا کولي اندر وڃون ۽ نه ٻين کي ٿا اندر ڇڏيون!

اسان، سائنس ۽ فن جا پادري ته بنهه بيڪار ۽ فريبي آهيون، ۽ پنهنجيءَ مٿانهينءَ حيثيت تي ڪليسا جي چالاڪ ۾ چالاڪ ۽ بدمعاش ۾ بدمعاش پادريءَ کان به گهٽ حق اٿئون! حقيقت ۾ اسان کي پنهنجي خاص رعايت واري مٿانهينءَ حيثيت تي ڪو به حق نه آهي، ڇاڪاڻ ته اسان اها حيثيت ڊوهه سان هٿ ڪئي آهي، ۽ ان کي ڊوهه سان قائم رکڻ چاهيون ٿا.

قديم غير عيسائي، پادري، اسان جا پنهنجا عيسائي پادري، توڙي ڪئٿولڪ ڪليسا جا پادري کڻي ڪهڙا به وِيَل هئا، پر تڏهن به کين پنهنجي حيثيت تي پورو پورو حق هو، ڇاڪاڻ ته هنن گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي طرفان عام ماڻهن جي زندگيءَ جي معنيٰ ۽ آئنده نجات سيکارڻ جو اقرار ته ڪيو هو! اسان انهن شخصن جي پاڙ پٽي ڇڏي آهي، ۽ ثابت ڪيو اٿئون ته هو وڏا ٺڳ هئا، ۽ پاڻ انهن جي جاءِ والاري اٿئون، پر عام ماڻهن کي اهو ڪو نه ٿا سيکاريون ته زندگي ڪيئن گذارين يا نجات ڇا ۾ آهي، اسان ته پاڻ وڏي واڪ ائين چئي رهيا آهيون ته اهڙين ڳالهين سکڻ مان ڪو به فائدو نه آهي! انهيءَ هوندي به اسان عام ماڻهن جو رت چوسيندا رهون ٿا، ۽ پنهنجي اولاد کي يوناني توريت (يهودين جو پاڪ ڪتاب) ۽ لاطيني گرامر سيکاريون ٿا، ته جيئن وڏا ٿي هو به اسان وانگر مفتخوريءَ جي زندگي گذارين.

اسان چئون ٿا: اڳي برابر ذات پات جو ڀيد هوندو هو، پر هينئر اسان وٽ ڪو نه آهي! پوءِ ڀلا  ائين ڇو آهي ته هڪڙا شخص ٻارن ٻچن سميت ڏينهن رات مزوريءَ ۾ ڳهندا، بک ۽ برف تباه ٿيندا رهن ۽ ٻيا مفتخور مَکَ بالم بڻيا آرام سان ويٺا هجن؟ چئن ذاتين ۾ مڃڻ واري ڪنهن به هندوءَ کي، جيڪو اسان جي ٻولي نه ڄاڻندو هجي، اسان جي ملڪ ۾ وٺي اچو، ۽ کيس اسان جي پشت هلندڙ زندگيءَ جي جهلڪ ڏيکاريو، هو هڪدم پنهنجو ڄاتل سڃاتل ٻه مکيه ذاتيون پورهيت ۽ مزدور (سودر) ۽ مفتخور (برهمڻ) سڃاڻي وٺندو. انهن هندن وانگر، اسان کي به ڪم نه ڪرڻ ۽ تنهنڪري پرائي پورهئي هضم ڪرڻ جو حق، هڪ خاص قسم جو دستاربنديءَ ڏنو آهي، جنهن کي اسان وڏي فخر سان سائنس ۽ فن – يعني، تعليم – سڏيون ٿا!  

انهيءَ تعليم ۽ ان تي مدار رکندڙ عقلي خرابيءَ  ئي اسان کي اهڙيءَ حالت ۾ پهچايو آهي، جو اڄ اسان پاڪ و صاف ۽ بي داغ حقيقتون به ڏسي نه ٿا سگهون.

اسان پنهنجي عام انساني ڀائرن جون زندگيون کائي کپائڻ کان پوءِ به پاڻ کي يسوع مسيح جا پوئلڳ، ڀلمانس، پڙهيل ڳڙهيل، سڌاريل سنواريل ۽ هن ڳالهه ۾ صحيح ۽ بلڪل حق بجانب سمجهون ٿا.   

 

باب اٺٽيهون

”نيٺ ڇا ڪجي؟ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“

اهو سوال، جنهن ۾ انهيءَ اعتراف سان گڏ ته اسان جي زندگيءَ جو طور طريقو غلط ۽ خراب آهي، ائين پڻ ظاهر ڪيو وڃي ٿو ته زندگيءَ جي انهيءَ طور طريقي کي بدلائي نه ٿو سگهجي – اهو سوال سڀني طرفن کان ٻڌان ٿو، ۽ انهيءَ ڪري، پنهنجي هن ڪتاب جو عنوان به اهو ئي چونڊيو اٿم.

مان هن ڪتاب ۾ پنهنجا دک درد، پنهنجا شخصي آزمودا، پنهنجي جاچ جُوچ، ۽ مٿئين سوال جو جواب – سڀئي بيان ڪيا آهن. مان به ٻين عام ماڻهن جهڙو هڪ رواجي انسان آهيان، ۽ جيڪڏهن پنهنجي پاڙي وارن کان ڪنهن به ريت مختلف آهيان، ته اهو هن طرح ته مون ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾، دنيا جي غلط تعليم جي خذمت گهڻي ڪئي آهي، ۽ ان تي گهڻا ڪک رکيا اٿم، مروجه مڪتبه فڪر جي ماڻهن منهنجي گهڻي ساراه ڪئي آهي، ۽ تنهنڪري، ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ بگڙجي، خراب ٿي، گمراه به گهڻو ٿيو آهيان.

تنهنڪري منهنجو خيال آهي ته انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ، مون پنهنجي لاءِ جيڪو حل ڳولي لڌو آهي، سو انهن سڀني ايماندار شخصن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو، جيڪي پاڻ کان اهو ساڳيو سوال پڇن ٿا.

سڀ کان پهريائين، انهيءَ سوال جي جواب ۾ ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ مون پاڻ کي صلاح ڏني: مون کي ڪڏهن به ڪنهن سان – پاڻ سان ٻين سان – ڪوڙ نه ڳالهائڻ گهرجي، ۽ نه وري ڪڏهن سچ کان ڊڄڻ ئي گهرجي، پوءِ چاهي اهو سچ مون کي ڪيڏانهن به وٺي وڃي. اسان سڀني کي خبر آهي ته ٻين سان ڪوڙ ڳالهائڻ جي معنيٰ ڇا آهي، ۽ تنهن هوندي به ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائيندا رهون ٿا: ”گهر ۾ ڪونهي“، جڏهن گهر ۾ موجود به هونداسين، ”ڏاڍو خوش ٿيس،“ جڏهن بنهه خوش نه ٿيا هونداسين، ”مون وٽ پئسا ڪو نه آهن،“ جڏهن کيسي ۾ پئسا پيا به هوندا، ”منهنجا سلام“ جڏهن سلامن ڏيڻ تي دل به نه ٿيندي هوندي، وغيره، اسان ٻين ماڻهن سان ڪوڙ – ڪي خاص ڪوڙ – ڳالهائڻ خراب سمجهندا آهيون، پر پاڻ سان ڪوڙ ڳالهائڻ کان بنهه نه ٿا ڊڄون، پر حقيقت ۾ پاڻ سان ڳالهايل ڪوڙ جي ڀيٽ ۾، جنهن تي اسان پنهنجي زندگيءَ جو بنياد رکيو آهي، ٻين سان ڳالهايل خراب ۾ خراب، سنئون سڌو ۽ ٺڳيندڙ ڪوڙ ڪجهه به نه آهي.

تنهنڪري، اسان جيڪڏهن چاهيون ٿا ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ سوال جي تسلي بخش جواب ڏيئي سگهون، ته اسان کي گهرجي ته پاڻ سان ڪوڙ ڳالهائڻ جو گناه ڪڏهن به نه ڪريون.

مان انهيءَ سوال جو تسلي بخش جواب ڪيئن ڏيئي سگهندس، جڏهن منهنجو سمورو ڪم ڪار، منهنجي پوري زندگي، هڪ وڏي ڪوڙ کي سچ چئي، پاڻ کي ۽ پاڻ سان گڏ ٻين ماڻهن کي به ٺڳي رهيو آهيان؟

انهيءَ معنيٰ ۾ ڪوڙ نه ڳالهائڻ معنيٰ  ”سچ کا نه ڊڄڻ“، ذهن ۽ ضمير جي آواز کي پاڻ کان لڪائڻ لاءِ بهانا نه گهڙڻ، ۽ نه وري ٻين طرفان گهڙيل اهڙا بهانا پاڻ قبول ڪرڻ: پنهنجي اردگرد رهندڙ ٻين ماڻهن سان اختلاف رکڻ يا اڪيلي سِر ذهن ۽ ضمير جي آواز تي لبيڪ چوڻ نه ڊڄڻ، ۽ ان ڳالهه تي يقين رکڻ ته سچ جي ٻيڙي لڏندي پر ٻڏندي ڪڏهن به نه.

اسان خاص رعايتن واريءَ مٿانهينءَ حيثيت جي مالڪن، ذهني ڪارڪنن، جي حالت ۾ ڪوڙ نه ڳالهائڻ جي معنيٰ آهي پنهنجي اعمال نامي کي چڪاسڻ کا نه ڊڄڻ. پنهنجو حساب ڪتاب هميشه صاف رکڻ ئي گهرجي – ممڪن آهي ته اسان اڳ ۾ ئي ايترا مقروض ٿي ويا هجون، جو هينئر پڄي ئي نه سگهون، پر هر حالت ۾ حقيقتن سان منهن ڏيڻ ئي بهتر آهي. ڪوڙ جي رستي تي اسان ڪيترو به پري ڇو نه نڪري ويا هجون، پر انهيءَ ڪوڙ جي رستي تي وڌيڪ هلڻ کان بهتر آهي ته اسان واپس موٽي اچون. ٻين سان ڪوڙ ڪرڻ صرف نقصانڪار آهي: هر معاملو، ڪوڙ جي ڀيٽ ۾، سچ سان وڌيڪ تڪڙو ۽ سنئون سڌو طي ڪري سگهجي ٿو – ٻين سان ڪوڙ ڪرڻ رڳو مسئلي کي منجهائي، ان کي حل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وجهي ٿو. پر پاڻ سان ڪوڙ ڪرڻ بنهه زندگي تباه ڪري ٿو ڇڏي.

ڪو شخص جيڪڏهن ڪوڙ جي رستي تي هلڻ کان پوءِ ان کي سچي واٽ سمجهي قبول ڪري ٿو، ته انهيءَ راهه تي کنيل هر قدم کيس سندس مقصد کان پري وٺي ويندو. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪو شخص گهڻي وقت کان ڪوڙ جي رستي تي هلندو رهيو آهي، ۽ هينئر سجاڳ ٿي سمجهيو اٿس يا ٻئي ڪنهن سمجهايو اٿس ۽ هو غلط راهه تي آهي، پر انهيءَ خيال کان ڊڄي ٿو ته هو صحيح واٽ کان تمام گهڻو پري نڪري اوجهڙ ۾ وڃي پيو آهي، پاڻ کي دم دلاسا پيو ڏئي ته انهيءَ ئي ساڳئيءَ واٽ تي هلندي نيٺ صحيح راهه ڳولي لهندو، ته يقين ڄاڻو ته کيس صحيح راهه ڪڏهن به نه ملندي: ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو شخص سچ کان ڊڄي ٿو ۽ سچ معلوم ڪرڻ کان پوءِ به ان کي قبول نه ٿو ڪري، پر ان جي بدران ڪوڙ کي قابو جهليو بيٺو آهي، ته هو ڪڏهن به سمجهي ڪين سگهندو ته کيس نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي.

اسان، نه رڳو اميرزادا پر خاص رعايتن جا مالڪ نام نهاد تعليم قافته شخص پڻ، ڪوڙ جي رستي تي هلي هلي، ايترو پري نڪري ويا آهيون، جو پاڻ سڃاڻڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ جي ڪوڙ کي تسليم ڪرڻ لاءِ، اسان کي يا ته هڪ محڪم ارادي يا وري انهيءَ ساڳئي ڪوڙ جي رستي تي اڃا به گهڻين تڪليفن ڏسڻ جي ضرورت آهي.

ڪوڙ جي رستي تي هلڻ سبب، مون تمام گهڻيون تڪليفون سَٺيون، ۽ انهن جي مهربانيءَ سان پنهنجي زندگيءَ جو ڪوڙ به سڃاڻي ورتم، ۽ پنهنجي زندگيءَ جي ڪوڙ کي تسليم ڪرڻ کان پوءِ، مون ۾ ڪنهن به ڊپ ڊاءَ کان سواءِ پنهنجي ذهن ۽ ضمير مطابق هلڻ جي همت پڻ پيدا ٿي. انهيءَ همت جو انعام به مون کي پورو پورو مليو. منهنجي اندر ۾، انهيءَ همت جي اچڻ سان ئي، زندگيءَ جون سڀئي منجهيل، سمجهه ۾ نه ايندڙ ۽ بي معنيٰ ڳالهيون هڪدم صاف ٿي پيون، ۽ انهن منتشر ۽ منجهيل ڳالهين جي وچ ۾ منهنجي پنهنجي حيثيت به، جيڪا عجيب و غريب ۽ هڪ ڳري بار هيٺ دٻيل معلوم ٿيندي هئي، هڪدم سولي، ۽ قدرتي ٿيڻ لڳي، ۽ انهيءَ نئين حالت ۾، منهنجي سرگرمي به خود بخود متعين ٿي پيئي، ۽ جيئن مان سمجهندو هوس، ان جي بنهه بر خلاف، هينئر منهنجي نئين سرگرمي، اڳي کان وڌيڪ اطمينان ڏيندڙ، مقبول ۽ مسرت بخش هئي. اهي ساڳيون شيون، جيڪي اڳي مون کي ڏڪائي ڇڏينديون هيون، هينئر منهنجي لاءِ دلپذير ٿي پيون.

تنهنڪري مان سمجهان ٿو ته جيڪو شخص ايمانداريءَ سان پاڻ کان اهو سوال پڇي ٿو ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ ۽ انهيءَ سوال جي جواب ڏيڻ ۾ پاڻ سان ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي، پر ذهن ۽ ضمير جي واٽ وٺي ٿو، ته يقين ڄاڻو ته ان شخص کي پنهنجي اندر مان اڳ ۾ ئي جواب ملي وڃي ٿو. ضرورت فقط ان ڳالهه جي آهي ته هُو پاڻ سان ڪوڙ نه ڳالهائي؛ - باقي ”ڇا ڪري“، ”ڪيئن ڪري“، ۽ ”ڪيڏانهن وڃي“ جي خبر پاڻهي پئجي ويندس. هڪ ئي چيز جيڪا شايد سندس راه روڪي، حقيقت معلوم ڪرڻ نه ڏئيس، سا هُن جي پاڻ ۽ پنهنجي حيثيت بابت ڪُوڙي خوشفهمي ئي ٿي سگهي ٿي. مون سان به ساڳي ڳالهه هئي، ۽ تنهنڪري منهنجي لاءِ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ سوال جو ٻيو جواب – جيڪو حقيقت ۾ پهرئين جواب مان ئي نڪري ٿو – اهو ئي هو ته: مان پنهنجي ڪَئي تي پڇتاءُ ظاهر ڪريان، يعني پنهنجي حيثيت ۽ سرگرميءَ جو معيار بلڪل بدلائي ڇڏيان. اسان کي گهرجي ته پنهنجي مٿانهينءَ ۽ خاص رعايتن واريءَ حيثيت کي مفيد ۽ غير معمولي طور اهم سمجهڻ بدران ان جي نقصانڪار، ۽ هلڪڙي هجڻ جو اقرار ڪريون، پنهنجي تعليم تي فخر ڪرڻ بدران پنهنجي جهالت تسليم ڪريون، پنهنجي اخلاق ۽ رحمدليءَ تي خوش ٿيڻ بدران پنهنجي بد اخلاقيءَ ۽ سنگدليءَ تي شرمسار ٿيون، ۽ پاڻ کي سماجي طور اهم سمجهڻ بدران پنهنجي خسيس ناڪاري هجڻ جو اعلان ڪريون.

مان چوان ٿو ته پاڻ سان ڪوڙ نه ڳالهائن کان سواءِ، مون کي پڇتائڻو به ضروري هو، ڇاڪاڻ ته اهي ڳالهيون جيتوڻيڪ هڪ ٻئي سام سلسليوار ڳنڍيل آهن، پر منهنجي ذهنيت تي پنهنجي وڏ – ماڻهپي، ۽ غير معمولي اهميت جو ڪوڙُو خيال ايترو ته گهڻو ڇانئيل هو جو جيستائين ايمانداريءَ سان پڇتائي انهيءَ خام خيال کي بَري ۾ اُڇلائي ڦِٽي نه ڪيم، تيستائين پاڻ سان ڳالهايل ڪوڙ جو ڳپل حصو مون کي نظر ئي نه پئي آيو. مون جڏهن پڇتاءُ ظاهر ڪيو يعني پاڻ کي خاص الخاص انسان سمجهڻ ڇڏي ڏنم، ۽ ٻين عام رواجي انسانن جهڙو هڪ رواجي انسان سمجهڻ لڳس، تڏهن ۽ فقط تڏهن ئي، مون کي پنهنجو رستو صاف ۽ سنئون سڌو نظر اچڻ لڳو.

ان کان اڳ ۾، مون وٽ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ سوال جو ڪو به جواب نه هو، ڇاڪان ته مان پاڻ کان سوال ئي اونڌو پڇندو هوس. مان چوندو هوس: مان، هيترو سارو پڙهيل لکيل ۽ بيشمار لياقتن جو مالڪ، ڇا ڪريان، ۽ پنهنجي لاءِ ڪهڙي سماجي سرگرمي چونديان؟ مان، هيتري ساري تعليم ۽ بيشمار لياقتن جي مدد سان، پنهنجو قرض ڪيئن چُڪايان؟ يعني ڪڙمين هيترا سال جيڪو مون کي کارايو پياريو آهي، سو سندن ٿورو ڪيئن لاهيان؟ حقيقت ۾ اهو سوال ئي اونڌو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سوال مان ائين پئي معلوم ٿيو ته مان ٻين انسانن جهڙو عام انسان نه، پر ڪو خاص الخاص خوش نصيب هوس، جنهن کي چاليهن سالن جي اڻ ٿڪ محنت کان پوءِ هٿ ڪيل تعليم ۽ تجربن سان عوام جي خذمت ڪرڻي هئي ڏسڻ ۾ ته مان اڻڄاڻ ٿي، پاڻ کان اهي سوال پڇي رهيو هوس، پر حقيقت ۾ مون اڳي ئي، پنهنجي دلپسند سرگرمي پاڻ چونڊي کنئي هئي، ۽ پاڻ کي پنهنجي سوال جو جواب ڏيئي ڇڏيو هو. مان پاڻ کان پڇي رهيو هوس: مون جهڙو مشهور ۽ معروف اديب، جنهن اُٺ ڪتابن جا پڙهيا آهن، هيترو سارو علم حاصل ڪيو آهي، ۽ بي شمار صلاحيتون رکي ٿو، سو اهي سڀ املهه خزانا، عوام جي خذمت ۾ ڪيئن خرچ ڪري؟ حقيقت ۾ مون کي اهو ساڳيو سوال هن ريت پڇڻ کپندو هو: مون جهڙو بدنصيب انسان، جنهن پنهنجي زندگيءَ جا بهترين سال قلب کي ڪارو ڪندڙ بيڪار مشغلن ۾ گذاريا آهن، ۽ جيڪو پنهنجي ساري عمر، محنت مزوري ڪرڻ يا زندگيءَ جي طور طريقي سکڻ بدران، فرانسي ٻولي، گرامر، جاگرافي، قانونداني، شعر و شاعري، پيانو، آکاڻيون، ناول، فلسفانه نظريا ۽ فوجي مشق تي بيڪار وقت وڃائيندو رهيو هو، سو، هاڻي، ماضيءَ جي انهن بدنصيب روايتن جي باوجود، پنهنجي مهربانن – ان پاڻي ۽ پوشاڪ ميسر ڪري ڏيندڙ پورهيتن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڇا ڪري! منهنجي سامهون، جيڪڏهن اهو ساڳيو سوال اڃا به هن ريت پيش ٿئي ها – ”مون جهڙي گمراه ۽ کريل شخص کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ ته جواب ڏيڻ ڏاڍو آسان ٿي پوي ها، - يعني هيءُ ته سڀ کان پهريائين پاڻ کي ايمانداريءَ سان پالڻ جي ڪوشش ڪر، يعني ٻين جي ڪلهن تي ويهي زندگي گذارڻ کان پرهيز ڪرڻ سک، ۽ انهيءَ ڳالهه سکڻ جي دوران ۾ توڙي ان کان پوءِ، هر ممڪن طريقي سان – هٿن پيرن، دل، دماغ، مطلب ته هر قوت کي ڪم آڻي، ٻين شخصن جي خذمت ڪرڻ جو موقعو هٿان نه وڃاءِ!

تنهنڪري مان چوان ٿو ته اسان جهڙن ماڻهن لاءِ، پاڻ يا ٻين ماڻهن سان ڪوڙ نه ڳالهائڻ کان سواءِ، پنهنجي ڪَئي تي پڇتاءُ ظاهر ڪرڻ، پنهنجي ذهن مان تعليم، تهذيب، نفاست ۽ فضيلت جي هٺ وڏائيءَ جا خام خيال تڙي ڪڍڻ، ۽ پاڻ کي عام ماڻهن تي احسان ڪندڙ يا انهن ۾ پنهنجا ذهني خزانا خيرات ڪندڙ سمجهڻ بدران پاڻ کي هر طرح گنگهار، کريل، خراب ٿيل ۽ بنهه بيڪار، ڪنهن نه ڪم جا شخص سمجهڻ به ضروري آهي – جيڪي ٻين تي احسان ڪرڻ بدران پاڻ کي سڌارڻ چاهين ٿا، ۽ آئنده ڪنهن کي به ڏکوئڻ نه ٿا چاهين.

مان گهڻو ڪري ڪيترن چڱن ڀلن نوجوانن کان، جن کي منهنجي تعليم جي منفي ڀاڱي سان همدردي هوندي آهي، هيٺيان سوال ٻڌندو آهيان: پوءِ ڀلا هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ مان يونيورسٽيءَ جي تعليم ورتل شخص ڀلا ڇا ڪريان؟ مان ڀلا ڪنهن جي ڪهڙي ڪم اچي سگهان ٿو؟

هي نوجوان پڇڻ ڪاڻ ته اهڙا سوال پڇن ٿا، پر پنهنجي دل جي گهراين ۾ اڳي ئي فيصلو ڪري ڇڏيو اٿن ته سندن ورتل تعليم ۾ ئي انهن لاءِ وڏا فائدا آهن، ۽ فقط انهن فائدن جي ذريعي ئي کين عام ماڻهن جي خذمت ڪرڻ گهرجي. تنهنڪري هڪڙي ڳالهه جيڪا هو ڪنهن به قيمت تي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، سا اها آهي ته جنهن چيز کي تعليم چون ٿا، تنهن جو ايمانداريءَ سان تنقيدي جائزو وٺن، ۽ پاڻ کان پڇي ڏسن ته اها تعليم چڱي آهي يا خراب؟ جيڪڏهن ائين ڪندا ته کين لازمي طور پنهنجي دستوري تعليم ترڪ ڪرڻي پوندي ۽ نئين سر ڪجهه ڪارائتي چيز سکڻ تي مجبور ٿيندا، ۽ انهن شخصن لاءِ اها ڳالهه ضروري آهي.

اهي شخص ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ سوال جي تسلي بخش جواب ڏيڻ کان معذور آهن، ڇاڪاڻ ته هُو انهيءَ سوال کي چڱيءَ طرح سمجهي ئي نه ٿا سگهن.

حقيقت ۾ اهو ساڳيو سوال کين هن طرح پڇڻ گهرجي: مان، هڪ بيڪار ۽ بي پهچ شخص، جنهن، بدنصيب حالتن سبب، پنهنجي زندگيءَ جا بهترين سال، جسم ۽ جان ٻنهي لاءِ نقصانڪار، سائنسي علمن سکڻ ۾ ضايع ڪيا آهن، هينئر هن غلطيءَ کي ڪيئن سڌاريان، ۽ عام ماڻهن جي خذمت لاءِ ڪيئن ڪم آڻيان؟ ۽ تنهنڪري جيستائين پڇتائبو نه ۽ پاڻ کي ٺڳڻ نه ڇڏبو، تيستائين ’نيٺ ڇا ڪجي؟‘ سوال جو جواب ملڻ مشڪل آهي. پڇتاء کان ڊڄڻ به نه گهرجي (جهڙيءَ ريت سچ کان نه ڊڄڻ گهرجي)، ڇاڪاڻ ته سچ وانگر دلي پڇتاءُ به مفيد ۽ مسرت بخش ٿئي ٿو. انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ لاءِ، ته ڪنهن به شخص کي ڪي خاص حق يا رعايتون نه مليل آهن، ۽ نه وري هو رکي سگهي ٿو، پر مٿس رڳو بي انت فرض ۽ غير محدود ذميداريون ئي عائد ٿيل آهن، اسان کي پوريءَ ريت پڇتائڻ ۽ سچ کي مڪمل طور قبول ڪرڻ گهرجي. سچ پچ ته پنهنجي ۽ ٻين عام ماڻهن جي زندگيءَ جي مدد لاءِ زندگيءَ جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيڻ ئي انسان جو پهريون ۽ پويون فرض آهي.

۽ انساني فرض ادائيءَ جو اهو اقرار، ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ سوال جي نئين جواب جو روح مهيا ڪري.

مون ڪوشش ڪئي ته پاڻ سان ڪوڙ نه ڳالهايان، مون ڪوشش ڪئي ته پنهنجي تعليم ۽ ٻين لياقتن جي اهميت جي ڪوڙي احساس جي پاڙ پتي ڇڏيان، مون ڪوشش ڪئي ته پنهنجي ڪئي تي پوريءَ ريت پڇتاءُ ظاهر ڪريان، ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ سوال کي حل ڪرڻ ۾ هڪ نئون مسئلو رڪاوٽ وجهڻ لڳو - ۽ اهو هيءُ ته: زندگيءَ جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيڻ  لاءِ هيترن سارن ڪمن مان ڪهڙو خاص ڪم ڪريان؟ ۽ انهيءَ سوال جو جواب به مون پنهنجي بُراين جي دلي پڇتاءَ سان ئي ڏنو. ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ ”نيٺ ڪهڙو خاص ڪم ڪجي؟“ هر شخص اهي ئي سوال پڇي ٿو، ۽ مان به جيستائين پنهنجي مشغلي کي برتر سمجهڻ جي غلطفهميءَ ۾ مبتلا هوس، پاڻ کان اهي ئي سوال پڇندو رهيس، ۽ اها خبر ڪا نه پيم ته منهنجو پهريون ۽ پويون فرض اهو آهي ته مان پنهنجو ان پاڻي، لٽو ڪپڙو ۽ گهر گهاٽ پاڻ مهيا ڪريان، ۽ تنهن سان گڏ ٻين ماڻهن جي به خذمت ڪندو رهان، ڇاڪاڻ ته هن دنيا جي شروعات کان وٺي، هر شخص جو اهو ئي پهريون ۽ پويون فرض سمجهيو ويو آهي.

انهيءَ ڪم ڪرڻ سان ئي، انسان (جيڪڏهن سچ پچ هو انهيءَ ڪم ۾ شريڪ ٿئي) پنهنجي روحاني ۽ جسماني تقاضائن کي مڪمل طور پورو ڪري سگهي ٿو. پاڻ کي کارائڻ پيارڻ ۽ پنهنجي سار سنڀال لهڻ سان، هو پنهنجون جسماني ضرورتون پوريون ڪري ٿو، ۽ اهڙيءَ ريت ٻين عام ماڻهن جي سار سنڀال لهي، هو پنهنجون روحاني ضرورتون پوريون ڪري ٿو.

انسان جون ٻيون سڀ سرگرميون فقط تڏهن ئي حق بجانب ۽ جائز ٿين ٿيون جڏهن هو پنهنجو هيءُ اولين ۽ آخرين فرض پورو ڪري ٿو.

انسان هونئن ته پاڻ لاءِ کڻي ڪهڙي به ڌنڌي جو انتخاب ڪري – ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ جو، پنهنجي ملڪي ڀائرن جي بچاءَ ڪرڻ جو، ڪليسا جي خذمت بجا آڻڻ جو، ٻين کي تعليم ڏيڻ جو، زندگيءَ جي لذتن کي وڌائڻ لاءِ نون نون طريقن ايجاد ڪرڻ جو، قدرت جي قاعدن قانونن ڳولي لهڻ جو، يا فني تصورات ۾ ابدي صداقتن کي سموئڻ جو – بهرحال سمجهدار انسان لاءِ، ٻين عام ماڻهن توڙي خود سندس پنهنجي زندگيءَ کي قائم رکڻ واسطي، قدرت سان جدوجهد ۾ شريڪ ٿيڻ ئي هميشه پهريون ۽ سڀ کان وڌيڪ ضروري فرض رهندو. اهو فعل ان ڪري به هر انسان جو هميشه پهريون ۽ سڀ کان ضروري فرض سمجهيو ويندو، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت زندگيءَ جي ئي آهي، تنهنڪري عام ماڻهن جو بچاءَ ڪرڻ، کين تعليم ڏيڻ ۽ سندن زندگيءَ کي وڌيڪ دلچسپ بڻائڻ لاءِ ضروري آهي، ته پهريائين خود پنهنجي زندگيءَ کي سلامت رکجي – زندگيءَ جي انهيءَ بنيادي جدوجهد ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۽ ٻين محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جو پورهيو مفت ۾ ويهي هضم ڪرڻ، ٻين جي زندگيءَ کي تباهه ڪرڻو آهي، ۽ تنهنڪري ٻين جي زندگي تباه ڪندي، سندن خذمت ڪرڻ جي دعويٰ جي ڪوشش محض چريائپ آهي ۽ ظاهر ظهور هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.

زنده رهڻ لاءِ قدرت سان جدوجهد ڪرڻ، انسان جو هميشه پهريون ۽ سڀ کان ضروري فرض تصور ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اهو زندگيءَ جو بنيادي قانون آهي، جنهن کي لنوائڻ سان، لازمي طور انسان تي سندس جسماني يا دماغي زندگي تباه ٿيڻ جي سزا عائد ٿيندي رهندي. جيڪڏهن ڪو شخص الڳ ٿلڳ ٿي ڪنڊ پاسي ويهي رهندو، ۽ زنده رهڻ لاءِ“ قدرت سان ضروري جدوجهد ۾ حصو نه وٺندو، ته لازمي طور فوراً سزاياب ٿيندو – سندس جسم تباه ۽ برباد ٿيڻ شروع ٿيندو. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن سماج ۾ رهندي ڪندي، ڪو شخص ٻين کان ڪم وٺي، پاڻ کي انهيءَ بنيادي فرض کان آجو رکي ٿو، ته هن کي به هڪدم سزا ملي ٿي – سندس زندگي غير معقول ۽ نامناسب ٿيو پوي.

منهنجي گذريل زندگيءَ مون کي اهڙو ته گمراه ڪري ۽ کاري ڇڏيو هو، ۽ اسان جي سماج ۾ اهو مکيه قدرتي قانون اهڙو ته خاموش ۽ پوشيده رهي ٿو، جو زندگيءَ جي انهيءَ بنيادي قانون تي عمل ڪرڻ ۾ مون کي هڪ قسم جو عجيب ڀؤ ۽ شرم محسوس پئي ٿيو – ڄڻ ته هڪ ابدي ۽ سڀ کان ضروري قانون جي ڀڃڪڙي نه، پر ان جي پوئواري ئي عجيب، ڀوائتي ۽ شرمناڪ ٿي سگهي ٿي!

پهريائين ته مون کي ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته هٿ – پورهئي ڪرڻ لاءِ مون کي ڪنهن خاص بندوبست يا تنظيم جي ضرورت ٿيندي! مثلاً، هم خيال ماڻهن جو حلقو، پنهنجي ڪٽنب جي اجازت، ٻهراڙيءَ ۾ رهايش، وغيره! پنهنجي سنگت ۾ جسماني پورهئي جهڙي ”تمام غير معمولي“ ڪم ڪرڻ جي خواهش ڏيکارڻ وقت، مان ماڳهين شرمسار ٿيڻ لڳس، ۽ خبر ئي نه ٿي پيم ته ڪم ڪيئن شروع ڪريان.

پر حقيقت ۾ مون کي رڳو ان سمجهڻ جي ضرورت هئي ته جسماني پورهيو ته ڪا خاص غير معمولي سرگرمي نه آهي، جنهن کي پهريائين رٿي، ٺيڪ ڪري، پوءِ عمل ۾ آڻجي، جسماني پورهيو ڪرڻ ته فقط ڪوڙ ڪپت جي زندگيءَ مان نڪري پنهنجي اصلوڪيءَ قدرتي حيثيت ۾ اچڻ آهي – يعني مون کي رڳو پنهنجي غلط ڪاريءَ کي سڌارڻو هو، جنهن ۾ هيترا سال گرفتار هوس، مون کي ته پنهنجي سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ پنهنجي سمورو رک رکاءَ کي دور ڪرڻ لاءِ رڳو اها هڪڙي ڳالهه قبول ڪرڻي هئي.

حقيقت ۾ ان ڪم لاءِ ڪنهن به خاص بندوبست، انتظام، تربيت يا ٻين کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ئي ڪا نه هئي، ڇاڪاڻ ته مان جنهن به حالت ۾ هوس، ڪي نه ڪي شخص منهنجي خذمت ۾ هميشه رڌل پئي رهيا، جي پنهنجي پاڻ کان سواءِ  منهنجي لاءِ به کاڌ خوراڪ، لٽي ڪپڙي ۽ ننڊ آرام جو سازو سامان تيار ڪندا پئي آيا، ۽ تنهنڪري جيڪڏهن مون کي سچ پچ ڪم ڪرڻ جي نيت هئي، ته مان هر هنڌ ۽ هر حالت ۾ پاڻ لاءِ توڙي ٻين لاءِ اهو سڀ ڪجهه آسانيءَ سان ڪري ٿي سگهيس! ۽ نه وري مان انهيءَ نئين، اڻ ڪيل پورهئي ۾ ڪو ڪوڙو شرم ئي محسوس ڪري ٿي سگهيس، ڇاڪاڻ ته مان اڳ ۾ ئي انهيءَ ڪم نه ڪرڻ سان، ڪُوڙو نه پر سؤ في صدي سچو شرم محسوس ڪري رهيو هوس. نيٺ انهيءَ شعور ۽ ان مان نڪتل عملي نتيجن تي سان، مون کي پنهنجو پورو پورو اجورو ملي ويو، ڇاڪاڻ ته پوءِ مان ذهن ۽ ضمير جي آواز کان وڌيڪ ڪو نه ڊنس، ۽ هُو مون کي جيڏانهن وٺي هليا، اوڏانهن هليو ويس.

انهيءَ عملي نتيجي تي پهچڻ کان پوءِ، مون کي ته ڳالهه جي سنوت ۽ سادگيءَ تي عجب وٺي ويو، جنهن مون لاءِ هيترا پريشان ڪندڙ، ڏکيا ۽ منجهيل سوال، سڀ جا سڀ، ڪنهن به تڪليف کان سواءِ حل ڪري ڇڏيا.

’مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟‘ سوال جي جواب ۾ ڏٺو ته سڀ کان وڌيڪ صاف ۽ شڪ گمان کان پاڪ جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته مان پنهنجي ضرورت جا سڀ ڪم پاڻ ڪريان – پنهنجي ڪمري جو خيال پاڻ رکان، پنهنجي چلهه پاڻ ٻاريان، پنهنجو پاڻي پاڻ ڀريان، پنهنجا لٽا ڪپڙا پاڻ ٺيڪ ڪريان، ۽ پنهنجي لاءِ جيترو ٿي سگهي پاڻ ڪم ڪريان! مون خيال ڪيو ته اها ڳالهه نوڪرن کي ضرور عجيب لڳندي، پر معلوم ٿيو ته اهو عجب فقط ٻه چار ڏينهن هليو، ۽ ان کان پوءِ جيڪڏهن وري پنهنجي پراڻين عادتن ڏانهن وران ها، ته برابر هر ڪنهن کي عجب لڳي ها!

انهيءَ سوال جي جواب ۾ ته ”جسماني پورهئي لاءِ ڪو خاص انتظام، ۽ شهري ماڻهن جي هڪ خاص ڳوٺاڻي برادريءَ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي يا نه؟“ مون کي اها خبر پيئي ته اهي سڀ غير ضروري ڳالهيون آهن، ڇاڪاڻ ته پورهئي ڪرڻ مان جيڪڏهن مقصد پنهنجي ضرورتن پوري ڪرڻ جو آهي، ۽ نه محض سستيءَ کان بچڻ جو، يا پرائي پورهئي کي مفت ۾ هضم ڪرڻ جو (جيئن اهو، جن جو مقصد پئسا ڪمائڻ هوندو آهي، هميشه اهڙن موقعن تي سوچيندا آهن)، ته پوءِ انسان پنهنجو پاڻ شهر ڇڏي، ڳوٺ ۾ اچي ٿو، جتي خود ڪفيل ٿيڻ لاءِ انهيءَ قسم جو پورهيو سڀ کان وڌيڪ اُپائيندڙ ۽ خوش ڪندڙ هر وقت موجود رهي ٿو.

شهرين جي ڪنهن ڳوٺاڻيءَ برادريءَ جو بندوبست ڪرڻ به غير ضرور هو، ڇاڪاڻ ته جيڪو شخص پاڻ ڪم ڪري ٿو، سو قدرتي طور، محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جي برادريءَ ۾ ازخود داخل ٿي وڃي ٿو.

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ته ”هيءُ جسماني پورهيو، منهنجو سمورو وقت ته نه کسي وٺندو؟ ۽ منهنجي انهيءَ دلپسند دماغي ڪم ۾ رڪاوٽ ته نه وجهندو، جنهن سان مان پيار ڪريان ٿو، جنهن تي هيترو هريل آهيان، ۽ جنهن کي ڪيترين حالتن ۾ عوام لاءِ مفيد به سمجهندو آهيان؟“ – هن سوال جو مون کي تمام غير متوقع جواب مليو، يعني هٿ – پورهئي ڪرڻ سان منهنجي دماغي پورهئي جي طاقت گهٽجڻ سان پاڻ وڌي ويئي، ۽ جيتري وڌيڪ جسماني محنت ٿي ڪيم، جيترو وڌيڪ خزافات مان آزاد ٿي ٿيس، منهنجي دماغي پورهئي جي طاقت اوترو ئي وڌيڪ تيز پئي ٿي!

مون ڏٺو ته اٺ ڪلاڪ جسماني پورهئي ڪرڻ کان پوءِ به (اڳي ته پورو اڌ ڏينهن، موڳائيءَ کي دور ڪرڻ ۾ گذاريندو هوس)، مون وٽ اٺ ڪلاڪ بچيا ٿي، جن مان دماغي ڪم لاءِ مون کي پنج ڪلاڪ مس کپندا هئا.

هاڻي حساب وڃي هيئن بيٺو: مون جهڙو ڀرپور اديب، جنهن گذريل چاليهن سالن ۾ لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم نه ڪم ڪار نه ڪيو آهي ۽ اٽڪل پنج هزار صفحا ڪارا ڪيا آهن، سو جيڪڏهن اهي چاليهه سال هڪ عام رواجي ڪڙميءَ جو ڪم ڪري ها، ته سياري جا بيڪار ڏينهن ۽ شامون ڇڏي به، هر روز پنج ڪلاڪ پڙهي اڀياس ڪري، رڳو موڪلن ۾ ئي ٻه صفحا روز لکي ها، ته اهي پنج هزار صفحا جيڪر صرف چوڏهن سالن ۾ ئي پورا ڪري ڇڏي ها!

مون کي هڪ ٻي مزيدار حقيقت به معلوم ٿي – هڪ تمام سادو ۽ سولو زباني حساب جيڪو ستن ورهين جو ٻار به ڀڃي سگهي ها، پر افسوس اٿم جو مان اهو ڪڏهن به نه ڀڃي سگهيس؛ اٺن پهرن ۾ چوويهه ڪلاڪ ٿين ٿا – اٺ ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ کان پوءِ به، سورهن ڪلاڪ بچن ٿا، جيڪڏهن ڪو ”دماغي پورهيت“ ڏينهن ۾ پنج ڪلاڪ به ڪم ڪري ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو، باقي روزانو هن جا يارهن ڪلاڪ ڪيڏانهن ٿا وڃن؟

حقيقت اها آهي ته جسماني پورهيو، دماغي ڪم کي ڏکئي يا ناممڪن بڻائڻ بدران، پاڻ ان کي سڌاري ۽ سنواري ٿو ڇڏي.

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ته ”جسماني پورهئو مون کا انساني زندگيءَ جون بي ضرر لذتون، جهڙوڪ علم ۽ فن ماڻڻ جي خوشي، عام ماڻهن سان ميل ميلاپ، ۽ زندگيءَ جي عام خوشي وغيره ته نه کسي وٺندو؟“ مون کي عملي طور اهو معلوم ٿيو ته حقيقت ان جي بنهه ابتڙ آهي. جسماني پورهئو جيئن وڌيڪ سخت هوندو هو، ۽ زمين جو ڪم جيئن وڌيڪ ٿڪائيندڙ هوندو هو، تيئن مون کي وڌيڪ خوشي ملندي هئي ۽ چيزن متعلق زياده معلومات حاصل ٿيندي هئي، ۽ عام ماڻهن سان منهنجو ملڻ ڪرڻ به وڌيڪ سڪ، پيار ۽ ڀائپيءَ  وارو ٿيندو هو، مجموعي طور زندگيءَ مان وڌيڪ سک پرائڻ  ٿيڻ لڳو هوم.         

اڃا به هڪ ٻئي سوال (جيڪو عام طور ڪوڙا شخص ئي پڇندا هئا) جي جواب ۾ - ته ”منهنجي خسيس ۽ ذري جيتري جسماني ڪم مان ڇا ورندو، جڏهن مان پاڻ ٻين عام ماڻهن جو جبل جيڏو پورهيو کپائي رهيو آهيان؟“ – هڪ تمام عجيب ۽ غير متوقع ڳالهه معلوم ٿي.

اها هيءَ ته جسماني سستيءَ ۽ بيڪاريءَ سان گڏ، جيڪي ٻيون خراب عادتون ۽ غير مفيد ضرورتون مون سان لاڳو ٿي چڪيون هيون، انهن جي خود بخود ختم ٿي وڃڻ لاءِ، مون کي گهڻو اڳي کپندو هو ته جسماني پورهئي کي پنهنجي زندگيءَ جو معمول بڻائي ڇڏيان ها. ۽ ٿيو ائين، جو جسماني پورهئي کي پنهنجي زندگيءَ جو معمول بنائڻ سان نه رڳو ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪرڻ، ۽ هنڌ بستري، لٽي ڪپڙي توڙي روايتي ڇنڊ ڦوڪ جون عادتون – جيڪي اڳتي هلي ڏکيون ۽ اڻ وڻندڙ ٿي پونديون آهن – سي، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته منهنجي روزمره جي خوراڪ به بلڪل بدلجي ويئي.

لطيف، لذيذ، مٺن، مقوي، نفيس ۽ زائقيدار طعامن بدران، جيڪي اڳ گهڻي ڇڪ ڪندا هئا، هينئر سادي ۾ سادو کاڌو – رٻ ڀت، رواجي چانهه ۽ گوبيءَ جو شوروو به عجيب دلپسند معلوم ٿيڻ لڳم.

تنهنڪري، نه رڳو سادن سنون سڌن ۽ غريب ڪڙمين جي مثال وانگر – جيڪي ٿوري گهڻي تي راضي رهندا آهن – پر منهنجون پنهنجون گهرجون واقعي به اک ڇنڀ ۾ گهٽجي ٿوريون ٿي پيون . . . تان جو جيتري قدر پاڻ کي پورهئي تي هيريم ۽ پورهئي جون عادتون اختيار ڪيم، اوتري قدر منهنجي جسماني پورهئي جو خسيس ذرو ايترو اهميت حاصل ڪرڻ لڳو، جيتري قدر منهنجو پنهنجو ڪم وڌيڪ مفيد ۽ نفع بخش ثابت ٿيو، اوتري قدر ٻين جي پورهئي تي منهنجي تقاضا گهٽ ٿيڻ لڳي، ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو منهنجي زندگيءَ ڪنهن به خاص ڪوشش يا نقصان کان سواءِ، اهڙي ساده روش اختيار ڪئي، جو ٻيءَ صورت ۾ مان ڪڏهن خواب ۾ به نه ڏسي سگهان ها. آخر ۾ مون کي اهو به معلوم ٿيو ته منهنجي زندگيءَ جون وڌ ۾ وڌ تقاضائون – منهنجي هٺ وڏائيءَ ۽ موڳائيءَ مان اڀرندڙ تقاضائون – به سنئون سڌو منهنجي سست ۽ بيڪار زندگيءَ ڪري هيون.

جسماني پورهئي ۾ مشغول رهڻ سا، نه هٺ وڏائيءَ جي گنجائش هئي، ۽ وري ڪنهن ٻيءَ وندر ورونهن جي ضرورت ئي هئي، ڇاڪاڻ ته منهنجو سمورو وقت موج مزي ۾ پئي گذريو، ۽ ٿڪجي ٽٽجي، چانهه پي، ڪتاب پڙهڻ يا پنهنجي سنگيتن ساٿين سان رهاڻ ڪرڻ – ٿئيٽر، تاس، ناچ گاني يا وڏن وڏن ماڻهن سان ملقات ڪرڻ کان، جيڪي سڀ سرگرميون ڏاڍيون مهانگيون پئي پيون – نسبتاً زياده پسنديده ڳالهه هئي.

مان جسماني پورهئي تي هريل ڪو نه هوس ۽ هينئر به اهو انديشو هوم ته متان جسماني پورهئو منهنجي صحت نه خراب ڪري ڇڏي، پر تجربي ثابت ڪري ڏيکاريو ته مون جيترو وڌيڪ سخت پورهيو پئي ڪيو، اوترو وڌيڪ پاڻ کي تندرست، خوش ۽ باجهارو پئي محسوس ڪيم. ان مان ظاهر آهي ته جيئن ٻيون سڀ اٽڪلبازيون – اخبارون، رسالا، ناول، ناچ گانا، ناٽڪ گهر، ٿيئٽر، تاس وغيره – صرف محنت مزوري ڪرڻ کان سواءِ، پنهنجي ذهني زندگيءَ کي سلامت رکڻ جا ذريعا آهن، تيئن کاڌ خوراڪ، گهر گهاٽ، هار سينگار، لٽي ڪپڙي، دوا درمل، سوڍا ليمن، تيل مالش، وندر ورزش توڙي بجليءَ رستي علاج ڪرڻ جي نون نون طريقن لاءِ سڀ حڪمتي ۽ سائنسي ايجادون پڻ، انسان جي ذهني صحت کي برقرار رکڻ جي اٽڪلن کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به نه آهن – جنهن ذهني صحت جي ماليت لاءِ، فطرت جي دائري ۾، ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ توڙيءَ پنهنجي پنهنجي پاڻ لاءِ انسان تي پورهئي ڪرڻ جو شرط لازمي طور عائد ٿئي ٿو. اهي سموريون ايجادون ۽ اٽڪلون ائين آهن، جيئن ڪنهن بند ڪمري ۾، ڪيميائي اوزارن رستي، پاڻيءَ مان آڪسيجن گئس پيدا ڪري، اُها بهترين غذا طور ٻوٽن کي ڏجي – جڏهن ضرورت فقط ان ڳالهه جي آهي ته ڪمري جون دريون کولي ڇڏجن ۽ قدرتي اُس ۽ هوا کي اندر اچڻ ڏجي، ۽ بس! ظاهر آهي ته نه رڳو جانورن لاءِ، پر اسان انسانن لاءِ به ضروري آهي ته کاڌي کائڻ کان پوءِ، اسان ۾ جيڪا قوت پيدا ٿي ٿئي، سا جسماني پورهئي ذريعي خرچ ڪريون.  

اسان جي طبقي وارن ماڻهن لاءِ ايجاد ٿيل تن ۽ تندرستيءَ جي علمن جون پيچيدگيون به ائين آهن، جيئن ڪنهن پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ کي پاڻيءَ سان ڀري، ان جون سڀ دريون بند ڪري، ان جي هيٺان باهه جو آڙاهه ٻاري، ڇڏي ڏجي، ۽ پوءِ وري ان کي ڦاٽڻ کان بچائڻ لاءِ ويهي ترڪيبون گهڙجن!

هاڻي جڏهن مون اهي سڀ ڳالهيون چڱيءَ طرح سمجهيون آهن، ته مون کي پاڻ تي کل ٿي اچي، گهڻي شڪ شبهي، جاچ جوچ ۽ سوچ ويچار کان پوءِ مان هن غير معمولي حقيقت تائين پهتو آهيان ته انسان کي ٻه اکيون ڏسڻ لاءِ، ٻه ڪن ٻڌڻ لاءِ، ٻه ڄنگهون پنڌ ڪرڻ لاءِ ۽ ٻه هٿ ڪم ڪرڻ لاءِ آهن؛ ۽ جيڪڏهن هو انهن عضون کان قدرتي ڪم نه وٺندو، ته اها ڳالهه هن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي.

آخر، مان ان جي نتيجي تي پهتس ته اسان خاص الخاص شخص سان به اها ساڳي ڳالهه ٿئي ٿي، جيڪا منهنجي هڪ دوست جي گهوڙن سان ٿي هئي.

ڳالهه هن ريت آهي ته منهنجي دوست جي نوڪر، پنهنجي مالڪ جي چوڻ تي – سٺا سٺا گهوڙا چونڊي، پڙيءَ تي وٺي وڃي – ڇا ڪيو، جو وڳ مان ڪجهه گهوڙا چونڊي، کڻي ڪُڙهه ۾ بيهاريا. هو غريب، گهوڙن جي طبيعت ۽ ضرورتن کان وقف نه هو، ۽ تنهنڪري سندن پوري سنڀال به نه لهي سگهندو هو، سو ڇا ڪيائين، جو کين بيهاري خوب کارايائين پياريائين، ۽ اهڙن قيمتي گهوڙن جي گهڻي خيال رکڻ جي نيت سان، ڪنهن کي به مٿن سواري ڪرڻ، کين گاڏيءَ ۾ ٻڌڻ يا ورزش ڪرائڻ جي اجازت نه ڏنائين. نتيجو اهو نڪتو، جو سڀ گهوڙا بيمار ٽنڊا منڊا ۽ بيڪار ٿي پيا !    

اسان انسانن سان به ساڳي تعدي ٿي آهي، فرق فقط اهو آهي ته گهوڙن کي ڪنهن به ريت ٺڳڻ ناممڪن آهي، ۽ انهيءَ  لاءِ  ته هو ڀڄي نه وڃن، کين ٻڌي بيهاريو ويو هو، ۽ هيڏانهن اسان کي وري دنيا جي لوڀ لالچ ۽ حرص هوس، غير قدرتي ۽ نقصانڪار حالتن ۾ ٻڌي سوگهو ڪيو ويو آهي. اسان به پنهنجو پاڻ تي هڪ اهڙي زندگي وٺي کڻي مڙهي آهي، جا انسان جي اخلاقي ۽ جسماني طبيعت جي بنهه برخلاف آهي.۽ پنهنجي سموري ذهني طاقت عام ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ خرچ ڪري رهيا آهيون ته حقيقت ۾ زندگي اهڙي ئي هجڻ گهرجي! اهي سڀ ڳالهيون، جن کي اسان تهذيب، تعليم ۽ تربيت توڙي سائنس، فن جي زندگيءَ جي سهوليتن جي ترقي سڏيون ٿا، سي سڀ، حقيقت ۾، انسان جي اخلاقي ۽ قدرتي تقاضائن کي ٺڳڻ جا ٺاٺ آهن؛ اهي سڀ ڳالهيون، جن کي اسان تن ۽ تندرستي جا علم ڪوٺيون ٿا، سي سڀ پڻ انساني طبيعت جي قدرتي ۽ جسماني تقاضائن کي فريب ڏيڻ جا بهانا آهن. پر انهن سڀني وهمن، ۽ مڪرن جي به ڪا حد ٿيندي آهي، ۽ حقيقت پڇو ته اسان اڳ ۾ ئي انهنءَ حد کان اڳتي نڪري چڪا آهيون.

”شوپنهاور“ ۽ ”هارٽمن“ جو مشهور ۽ اڄ ڪلهه مقبول عام فلسفو چوي ٿو ته ”انسان جي واقعي زندگي جيڪڏهن اهڙي ئي آهي، ته پوءِ ماڳهين بهتر آهي ته زنده ئي نه رهجي!“ مٿين طبقن ۾ خودڪشيءَ جا روزبروز وڌندڙ واقعا ٻڌائين ٿا ته اهڙي جيئن کان مرڻ واقعي بهتر آهي، ۽ طبي تجربا به سائنس ۽ سندن ايجادن سان چوٽ کائي اهائي فتويٰ ڏين ٿا ته جيڪڏهن انهيءَ جو نالو زندگي آهي، ته پوءِ بهتر آهي ته ايندڙ نسل اصل پيدا ئي نه ٿين!

انجيل مقدس ۾ لکيل آهي ته پگهر جي پورهئي سان ڪمايل کاڌو کائڻ ۽ دک درد سان ٻار ڄڻڻ ۽ نپائڻ انساني زندگيءَ جي قدرتي دستور جا ٻه مکيه قاعدا آهن.

”بوندريف“ جي نالي هڪ ڪڙميءَ، جنهن ان ڳالهه بابت هڪ مضمون به لکيو هو، انجيل جي انهيءَ چوڻيءَ جي سياڻپ تي روشني وجهي، منهنجون اکيون کولي ڇڏيون! (منهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ٻن روسي مفڪرن مون تي گهڻو اخلاقي اثر ڪيو آهي، منهنجا خيال اوچا ڪيا آهن ۽ زندگيءَ  بابت منهنجي نقطه نگاه کي صاف ڪيو آهي. اهي شخص ڪي شاعر، اديب، عالم يا مبلغ نه پر ٻه عجيب انسان هئا، جي اڄ به زنده آهن، ۽ ڪڙمي آهن – ”ستائيف“ ۽ ”بوندريف“ سندن نالا آهن.)

پر “nouns auons charge tout ca” * جيئن ”موليئر“ جو هڪ ڪردار، طبي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ کان پوءِ، گوهر افشاني ڪندي اسان کي ٻڌائي ٿو ته جيرو کٻي پاسي کان ٿيندو آهي.“؛ “nouns auons charge tout ca” مرد ڀلي پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ  پورهيو نه ڪن – مشينون پاڻيهي اهو ڪم ڪنديون؛

 

*  اسان هي سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو آهي.  

عورتون ڀلي ٻار ڄڻڻ ڇڏي ڏين، سائنس اسان کي پاڻيهي سيکاريندي، ۽ هونئن به آدمشماري ڪافيءَ کان زياده آهي!“ 

”ڪوپئسونسڪي“ ضلعي ۾ هڪ ڪڙمي رهي ٿو، جيڪو ڦاٽل ٽٽل ڪپڙن ۾ دربدر رلندو وتندو آهي. جنگ (1887 – 1888 واري روسي ترقي لڙائيءَ) جي زماني ۾، هڪ فوجي عملدار کيس اناج خريد ڪرڻ لاءِ نوڪريءَ ۾ رکيو هو. فوجي عملدار جي صحبت ۾ رهڻ کا پوءِ، ڀائنجي ٿو ته هن مسڪين جو مٿو ڦري ويو ۽ سمجهڻ لڳو ته ٻين شاهوڪار شريفزادن وانگر کيس به پورهئي ڪرڻ جي ڪا خاص ضرورت ڪا نه آهي، ۽ پيٽ پالڻ لاءِ سرڪار نامدار وٽان خرچ پکو ملندو رهندس. هاڻي ته هو پاڻ کي ”عزت ماب – فوجي شهزادو – ’بلوخين‘ – سڀني عهدن جي فوجين لاءِ سيڌي سامان جو ٺيڪيدار!“ چوائيندو ڦرندو ٿو رهي. هُو چوي ٿو ته ”هن سرڪار نامدار جي عملداريءَ جا سڀ عهدا ماڻيا آهن“، ۽ ”فوجي خذمت بجا آڻڻ کان پوءِ“، کيس شهنشاه اعظم زار وٽان ”هڪ کُليل بئنڪ، لٽا ڪپڙا، گاڏيون گهوڙا، چانهه پاڻي، نوڪر چاڪر، سيڌا سامان“ – مطلب ته هر شيءِ مفت ۾ ملندي!

هن چرئي کان جڏهن به پڇون ٿا ته کيس ڪو ڪم گهرجي؟ ته ڳاٽ جهلي، جواب ڏيندو آهي: ”وڏي مهرباني، اهو سمورو ڪم پاڻيهي ڪڙمي ڪندا !“ پر جيڪڏهن کيس چئبو ته ڪڙمي به شايد ڪم ڪرڻ نه چاهين، ته ٺهه پهه جواب ڏيندو: ”ڪڙمين لاءِ پورهئي جي ادائگي ڪا نادر ۽ مشڪل صورتحال پيدا ڪا نه ڪندي!“ (هي شخص هميشه ڏکي ۽ پر تڪلف ٻولي ڳالهائيندو آهي.) ”هينئر ته ڪڙمين جي آسانيءَ لاءِ، سائنس جي مهربانيءَ سان نوان اوزار ايجاد ڪيا ويا آهن. ڪڙمين کي ڪم ڪرڻ ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندي!“ وري کائنس جڏهن پڇجي ٿو: ”ڀلا جئين ڪانهن لاءِ ٿو؟“ ته فوراً جواب ملندو: ”ائين، مڙئي وقت ڪاٽڻ لاءِ!“

مان هميشه هن شخص کي پنهنجي آرسي سمجهندو آهيان، ۽ انهيءَ آرسيءَ ۾ مان پاڻ کي ۽ پنهنجي سموري طبقي کي بلڪل صاف ۽ چڱيءَ طرح ڏسي سگهندو آهيان.

ڪنهن وڏي عزت واري عهدي تي پهچي، ”مڙئي وقت ڪاٽڻ لاءِ“ زنده رهڻ ۽ پڇاڙيءَ ۾ ”کليل بئنڪ“ وصول ڪرڻ، ۽ هوڏانهن ڪڙمين کي ئي سموري پورهئي ڪرڻ جا حڪم احڪام ڏيندو رهڻ (ڇاڪاڻ ته انجڻين جي ايجاد سان هينئر پورهيو ڏکيو نه لڳندن) هيءَ اسان جي طبقي جي ئي نا معقول تجويز نه آهي، ته ٻيو ڇا آهي؟

اسان جڏهن پڇون ٿا: ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ ته سچ پچ اسان، پڇون ڪجهه به نه ٿا، پر فقط ان ڳالهه جي تصديق ٿا ڪريون ته اسان ڪنهن به قسم جو ڪم ڪرڻ نه ٿا چاهيون – اها ٻي ڳالهه آهي ته ”عزت ماب فوجي شهزادي بلوخين“ وانگر، جنهن سڀ عهدا ماڻي، پنهنجو دماغي توازن هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو هو، اسان اها ڳالهه صاف صاف ۽ کليءَ دل سان چئي نه ٿا سگهون.

ڪو به شخص، جنهن جا حواس درست هوندا، اهڙو سوال ڪڏهن به نه پڇندو، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف هو ڏسي ٿو ته سندس پنهنجي استعمال جي هرچيز ڪنهن نه ڪنهن محنتي مزور پورهئو ڪري ٺاهي آهي، ۽ ٻئي طرف هر ڪو تندرست، هڏن – سلامت شخص ننڊ مان اُٿي، اڃا ڪجهه کائي مس ٿو، ته پنهنجي هٿن پيرن ۽ دماغ سان ڪنهن نه ڪنهن ڪم ڪرڻ جو احساس پيدا ٿئيس ٿو – هن کي ڪم ڳولڻ ۽ ان کي پوري ڪرڻ لاءِ فقط ايترو گهرجي، ته ماٺ ڪري ويهي نه رهي. بس رڳو اهو ئي شخص پاڻ کان اهو سوال پڇي سگهي ٿو، جيڪو پورهئي کي ”عيب“ ٿو سمجهي – جيئن هڪ سکر عورت پنهنجي مهمانن کي چيو هو: ”در کولڻ جي تڪليف توهان نه ڪريو – جهٽ ترسو، ته نوڪر کي سڏي وٺان!“    

حقيقت ۾، ضرورت ان ڳالهه جي نه آهي ته پورهئي ڪرڻ لاءِ ويهي ڪم گهڙجن، ڇاڪاڻ ته هونئن به پاڻ توڙي ٻين انسانن لاءِ گهربل سموري ڪم کي ته نه پهچي سگهبو، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان زندگيءَ جو مجرمانه  نظريو، يعني، ”کائو، پيو، موج ڪريو،“ ڇڏي ڏيون، ۽ عام ڪڙمين جي سادي، سنئين سڌي ۽ سچي اصول تي عمل ڪريون ته ”انسان به بنيادي طور هڪ قسم جي مشين آهي، جنهن کي کاڌو ڏيئي، گرم ڪرڻو آهي“، ۽ تنهنڪري اها ڳالهه سمجهي ڇڏيون ته ”کائڻ پيئڻ، پر ڪم نه ڪرڻ“ هڪ شرمناڪ، تڪليف ڏيندڙ ۽ غير فطري فعل آهي، ”کائڻ پيئڻ، پر ڪم نه ڪرڻ“ به وڏيءَ باهه سان مشابهت رکندڙ هڪ تباه ڪندڙ باه آهي. انسان کي رڳو ايتري سمجهه سو هجي، باقي ڪم جي کوٽ ڪا نه اٿس، ۽ سندس پنهنجي بدن خواه روح جي ضرورتن کي پاڻ پوري ڪرڻ ۾ گهڻي خوشي پڻ حاصل ٿيندس. اهو سمورو مسئلو منهنجي اڳيان نيٺ ائين اچي بيٺو: اسان جو کاڌو اسان جي ڏينهن کي، جيئن ڪڙمي چوندا آهن، چئن پهرن ۾ ورهائي ٿو: (1) نيرن جي وقت تائين (2) نيرن کان منجهند جي مانيءَ تائين، (3) منجهند جي مانيءَ کان شام جي مانيءَ تائين، ۽ (4) شام. انسان جي قدرتي سرگرمي به اهڙيءَ طرح چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: (1) سخت جسماني پورهيو – هٿن، پيرن، ڪلهن ۽ پٺيءَ جي سرگرمي، جيڪا انسان جو پگهر وهائي ڇڏي، (2) آڱرين ۽ ڪرائيءَ جي سرگرمي – هنر ۽ ڪاريگريءَ جو سنهو پورهيو، (3) دماغ ۽ دليل دلائل جي سرگرمي، ۽ (4) سماجي ميلاپ ميلاپ جي سرگرمي. اهڙيءَ طرح انساني استعمال جون نعمتون به چئن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون: (1) سخت جسماني پورهئي جي پيداوار – اناج، ڍور ڍڳا، جايون کوهه، وغيره، (2) هنر ۽ ڪاريگريءَ جي پيداوار – لٽو، ڪپڙو، بوٽ، ٿانو، وغيره، (3) ذهني پورهئي جي پيداوار – علم ۽ فن، ۽ (4) عام ماڻهن سان ميل ميلاپ جا فائدا – ساٿ سنگت، مٽي مائٽي، وغيره. ۽ مون کي ائين معلوم ٿيو ته روزمره جون سرگرميون اهڙي نموني ورهائي کڻجن، جو مٿيون چارئي انساني لياقتون عمل ۾ اچن، ۽ انساني زندگيءَ لاءِ ضروري پيداوار جا چارئي قسم به پيدا ڪري سگهجن، ۽ جيئن چارئي پهر ڪم به ٿيندو رهي: پهرئين پهر ۾ جسماني پورهيو، ٻئي پهر ۾ هلڪو دماغي پورهيو، ٽئين پهر ۾ هنر ۽ ڪاريگري، ۽ چوٿين پهر ۾ عام ماڻهن، سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن سان ميل ميلاپ. بهتر ته ائين ٿيندو ته اسان پنهنجي سرگرمين کي اهڙي قسم جي تربيت ڏيون، پر جيڪڏهن ائين نه ٿي سگهي، ته هڪڙي مکيه ڳالهه هميشه ياد رکڻ گهرجيسون، سا اها ته ڪم ڪرڻ جي فرض ادائيءَ يعني هر پهر جي مفيد استعمال کان غافل ڪڏهن به نه رهون.

منهنجو خيال آهي ته اسان جي سماج ۾ پورهئي جي موجوده غلط ورڇ به تڏهن ئي ختم ٿيندي، ۽ ان جي جاءِ تي هڪ اهڙي معقول ۽ منصفانه ورڇ قائم ڪري سگهبي، جيڪا انسان جي عام ڀلائيءَ ۽ خوش بختيءَ ۾ ڪڏهن به خلل نه وجهي سگهندي.

مثال طور، مون پنهنجي سڄي عمر دماغي ڪم ڪندي گذاري آهي. مان هميشه پاڻ کي چوندو هوس: ”مون پورهئي کي اهڙي نموني ورهايو آهي، جو لکڻ پڙهڻ يعني دماغي ڪم ئي منهنجي خاص سرگرمي آهي، باقي ٻئي سموري ڪم ڪار جي مون ٻين کي آزادي ڏيئي ڇڏي آهي.“ پورهئي جي اها ترتيب ظاهر ۾ ته ذهني سرگرميءَ لاءِ ڏاڍي مفيد معلوم ٿيندي هيم، پر حقيقت ۾ خود پنهنجي پسنديده ذهني سرگرميءَ لاءِ انتهائي نقصانڪار هئي.

مون سڄي عمر، پنهجي اُن خاص سرگرميءَ  جي روشنيءَ ۾ پنهنجي کاڌي پيتي، ننڊ آرام وغيره جا وقت مقرر ڪيا هئا، ۽ انهيءَ ڪم کان سواءِ مون ڪڏهن به ٻيو ڪم نه ڪيو هو. نتيجو اهو نڪتو، جو (1) مون پنهنجي سوچ ويچار، علم ۽ مشاهدي جو دائرو محدود ڪري ڇڏيو، ڪڏهن مطالعي جو موضوع نه ملندو هوم، ته ڪڏهن وري عام ماڻهن جي زندگيءَ کي بيان ڪرڻ وقت (۽ عام ماڻهن جي زندگي، هر ذهني سرگرميءَ جو ابدي مسئلو رهيو آهي)، پاڻ کي اڻ ڄاڻ محسوس ڪندو هوس، ۽ تنهنڪري مجبوراً اهي معمولي ڳالهيون به ٻين ماڻهن کان پڇڻيون پونديون هيم!

(2) اڪثر ائين به ٿيندو هو ته مان ڪنهن به اندروني اُڇل کان سواءِ لکڻ ويهي رهندو هوس - ۽ هر شخص مون کان منهنجا خيال نه، پر منهنجي نالي ڄاڻڻ جي خواهش ڪئي. عام طور ناشرن کي منهنجي خيالن کان وڌيڪ منهنجي نالي جي ضرورت رهندي هئي. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته پنهنجي ذهن مان جيترو ٿي سگهي اوترو نپوڙي ٻاهر ڪڍان، پر ڪڏهن ڪڏهن اتان ڪجهه به نه نڪرندو هو، ۽ ڪڏهن وري تمام ردي ۽ بيڪار چيزون لکي ويهندو هوس ۽ مان پاڻ کي ڏاڍو دکي ۽ موڳو محسوس ڪندو هوس، تنهنڪري ڇا ٿيو جو گهڻو ڪري ڏينهن جا ڏينهن گذري ويندا هئا، ۽ ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان سواءِ (غير ضروري ڳالهيون البت جاري رهنديون هيون) کائي پي، بالم بڻجي رڳو ننڊ آرام ڪندو رهندو هوس – يعني اهو ڪجهه ڪندو رهندو هوس، جو محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن مان ڪنهن به ڪڏهن نه ڪيو هوندو. پر هينئر ڪنهن نه ڪنهن پورهئي (سخت هلڪي پورهئي جي هتي ڳالهه ئي ڪانهي) جي ضرورت تسليم ڪرڻ کان پوءِ، تفرقو ئي ڦري ويو. مان هڪ اهڙي قسم جي ڪم ۾ مشغول رهڻ لڳس، جو منهنجي لاءِ سچ پچ مفيد، مسرت بخش ۽ معلومات افزا هو، ۽ تنهنڪري مان اهڙي مفيد مشغلي کي فقط تڏهن ئي ڇڏي، پنهنجي خاص سرگرميءَ، يعني لکڻ پڙهڻ کي وڃي وٺندو هوس، جڏهن هڪ ته خود اندروني اُڇل محسوس ڪندو هوس، ۽ ٻيو وري جڏهن مون کي سنئون سڌو هڪ اديب جي حيثيت ۾ پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ چيو ويندو هو - ۽ فقط اهي ئي ٻه ڳالهيون هيون، جن منهنجي انهيءَ خاص سرگرميءَ جي اهميت ۽ ان جي قدر ۽ خوشيءَ جو مون لاءِ تعين ڪيو.

ان منجهان اها ڳالهه به ظاهر ٿي ته جيڪو جسماني پورهيو هر شخص لاءِ ضروري آهي، اهو پورهيو جڏهن مون پاڻ به ڪرڻ شروع ڪيو، ته ان نه رڳو منهنجي خاص دلپسند سرگرميءَ  ۾ رنڊڪ نه وڌي، پر پاڻ انهيءَ سرگرميءَ جي افاديت، خاصيت  ۽ خوشيءَ لاءِ مون کي گهربل ضروري ماحول پڻ ميسر ڪري ڏنو.

پکيءَ جي بناوت ئي اهڙي قسم جي آهي، جو هن لاءِ اڏامڻ، چڳڻ، پر پکيڙڻ، ڏسڻ وائسڻ ۽ ويچارڻ ضروري ٿيو پوي، ۽ پکي جڏهن اهي سڀ ڪم ڪري ٿو، تڏهن خوش ۽ راضي آهي، يعني تڏهن ئي سچ پچ پکي آهي. انسان جي به ساڳي حالت آهي، جڏهن اٿندو، ويهندو،  گهمندو، ۽ پنهنجي آڱرين، اکين، ڪنن، ڄڀ ۽ مغز سان ڪم ڪندو، تڏهن ۽ فقط تڏهن ئي خوش گذاريندو، ۽ فقط تڏهن ئي سچ پچ انسان چئبو.

هڪ شخص جيڪڏهن پورهيو ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿو، ته قدرتي طور پنهنجي ڪم ڪار کي اهڙي ترتيب ڏيندو، جيڪا سندس اندروني توڙي بيروني گهرجن کي پوري ڪرڻ لاءِ مناسب هوندي، ۽ اها ترتيب فقط تڏهن ئي بدلائيندو، جڏهن پنهنجي اندر ۾ ڪنهن ٻئي خاص ڌنڌي ڏانهن بي ڌڙڪ رغبت محسوس ڪندو، ۽ سماج ۾ ٻيا شخص به کانئس ان ساڳي ڌنڌي جي اميد ڪندا.

پورهئي جي فطرت ئي اها آهي ته انسان کي پنهنجي سڀني ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ، پنهنجي پورهئي ۾ وقت بوقت اهڙي تبديلي آڻڻي ئي پوي ٿي، جيڪا پورهئي کي هن لاءِ هڪ قسم جو بار يا مٿي جو سور نه، پرفرحت بخش فعل بڻائي سگهي ٿي. رڳو اهو ڪوڙو اعتقاد ته ”پورهيو هڪ عذاب آهي“، عام ماڻهن کي پورهئي جي ڪن خاص قسمن کان آزاد ڪري سگهي ٿو – يعني ٻين جي پورهئي کي مفت ۾ هضم ڪرڻ واسطي هنن لاءِ هڪ جواز ميسر ڪري سگهي ٿو – جيئن پورهئي جي ڪن خاص قسمن ۾، پاڻ کان سواءِ، ٻين عام رواجي ماڻهن کي لڳائي سگهجي - ۽ انهيءَ کي ئي اسان جا نام نهاد عالم ۽ سائنسدان ”پورهئي جي ورڇ“ سڏين ٿا.

پورهئي جي ورڇ يا ڪم ڪار جي تربيت جي هن ڪوڙي تصور سان اسان ايترو ته هِري مري ويا آهيون، جو اسان کي ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته جيڪڏهن ڪو به موچي، مستري، اديب يا موسيقار پاڻ کي، سڀني انسانن لاءِ هن قدرتي ڳالهه يعني جسماني پورهئي، کان جيترو آزاد رکندو، اوترو هن جي لاءِ بهتر ٿيندو.

جتي ٻين جي پورهئي کي مفت ۾ هضم ڪرڻ لاءِ ڏاڍ مڙسيءَ جو استعمال نه ٿيندو رهندو، ۽ بيڪاريءَ جي موج مزي کي درست سمجهڻ لاءِ  ڪوڙا جواز نه پيدا ٿيندا رهندا، اتي پنهنجي لازمي ضرورتن جي پورائي لاءِ گهربل جسماني پورهئي کان اهو بهانو ڏيئي ڪو به جند ڇڏائي ڪين سگهندو ته هن کي ڪنهن خاص الخاص دلپسند سرگرميءَ ۾ مشغول رهي، ماڻهو ڪنهن تي ڪو ٿورو ڪو نه ڪري، پر رڳو پنهنجي ذاتي ذوق کي پورو ڪري ٿو - ۽ ذاتي ذوق کي پوري ڪرڻ لاءِ ظاهر آهي ته ڪو به زندگيءَ جي ٻين لازمي فرض اداين ۽ ذميدارين کان سبڪدوش نه ٿو ٿي سگهي.

هڪ ڳوٺاڻو موچي جيڪڏهن پاڻ کي، ٻنيءَ جي ٻهڪائيندڙ رسمي پورهئي کان پري رکي، پنهنجي پاڙيسرين جون جتيون ٺاهي يا ڳنڍي ٿو، ته ظاهر آهي ته ٻنيءَ جي ٻهڪائيندڙ ۽ فائديمند ڪم تان رڳو ان ڪري هٿ کڻي ٿو، جو کيس پنهنجي ڪاريگريءَ سان گهڻو شوق آهي ۽ خبر اٿس ته کائنس بهتر اهو ڪم ٻيو ڪو به ڪري نه سگهندو، ۽ وڏي ڳالهه ته عام ماڻهو به سندس ان ڪم مان گهڻو خوش ٿا رهن؛ پر حقيقت آهي ته هو کيتيءَ جي زندگيءَ بخش پورهئي کان هميشه لاءِ الڳ ڪو نه ٿي ٿو ويهي رهي، ۽ وقت بوقت اهو پورهيو ڪندو ئي رهي ٿو: ڳوٺ جي مکيءَ، مستري، ماستر ۽ حڪيم جي به ساڳي ڳالهه آهي. اهي ته فقط اسان ذليل ذهنيت رکندڙ شخص آهيون، جي سمجهون ٿا ته جيڪڏهن ڪو مالڪ پنهنجي منشيءَ کي موقوف ڪري واپس ڳوٺ ۾ ڪڙمي ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ موڪلي ٿو، يا جيڪڏهن ڪنهن وزير کي معزول ڪري جلاوطن ڪيو ويو آهي، ته ڄڻ کين سزا ملي، ۽ اڳي کان خراب حيثيت ملين، پر دراصل حقيقت هيءَ آهي ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ٻنهي مان هر هڪ سان اها چڱائي ٿي ٿئي، يعني کين سندن خاص الخاص ۽ ڏاڍ مڙسيءَ تي ٻڌل ڪم بدران هينئر کين پورهئي جي هڪ خوش ڪندڙ تبديلي نصيب ٿي آهي.

هڪ ’قدرتي‘ سماج ۾ حالتون بنهه مختلف ٿين ٿيون. مون کي هڪ ’برادريءَ‘ (Commune) [1]جي خبر آهي جنهن ۾ برادريءَ جا ڀائر فقط پنهنجي لاءِ ئي ان اُپائيندا هئا. انهن ۾ هڪ شخص ٻين سڀني کان وڌيڪ

 

پڙهيل لکيل هو، جنهنڪري کيس ٻين سڀني کي پاڙهڻو پيو. سارو ڏينهن تياري ڪري، شام جو وڃي کين سبق ڏيندو هو. هن شخص اها ساري محنت گهڻي شوق سان پئي ڪئي، ۽ سمجهيائين ٿي ته هو ٻين جي ڪم اچي رهيو هو، ۽ مڙيوئي چڱو ڪم پئي ڪيائين پر فقط دماغي ڪم ڪري ڪري، هو ڪڪ ٿي پيو، ۽ سندس صحت خراب ٿي پيئي. برادريءَ جي ڀائرن مٿس رحم کائي، آخر کيس به زمين تي ڪم ڪرڻ جو موقعو پيدا ڪري ڏنو، ۽ هو خوشيءَ سان ان ڪم ۾ جنبي ويو.

انهن شخصن لاءِ، جيڪي پورهئي کي زندگيءَ جو سرور ۽ حاصل مطلب سمجهن ٿا، هميشه قدرت سان جدوجهد ڪرڻ ئي – زمين تي ڪم، هٿ جو ڪم، دماغي ڪم ۽ عام ماڻهن سان ملڻ ڪرڻ جو ڪم – زندگيءَ جو لازمي ۽ اٽل بنياد رهندو.

پورهئي جي انهن قدرتي قسمن مان، ڪنهن به هڪ يا گهڻن کان پاڻ کي آزاد ڪرڻ ۽ هڪڙي قسم ۾ مهارت حاصل ڪرڻ، تڏهن ئي مناسب ۽ بهتر ٿيندو، جڏهن ان ماهر جو انهيءَ خاص ڌنڌي سان دلي شوق هجي، ۽ کيس خبر هجي ته پاڻ، ٻين شخصن کان، اهو ڪم بهتر نموني ڪري سگهي ٿو، ۽ پوءِ هو پنهنجي ذاتي فائدي تان هٿ کڻي، ان خاص ڪم کي بهتر کان بهتر نموني ادا ڪري، ٻين جي گهرجن کي پوري ڪرڻ ۾ همه تن مصروف ٿي وڃي. پورهئي بابت اهڙي خيال ۽ ان منجهان قدرتي طور نڪتل پورهئي جي ورڇ سان ئي اهو ”پورهئي جو عذاب“ لهي وڃي ٿو، ۽ پوءِ هر قسم جي پورهئي مان خوشي پڻ حاصل ٿئي ٿي – ڇاڪاڻ ته ان حالت ۾ يا ته پورهيت بيحد مفيد ۽ خوشي ڏيندڙ ڪم ڪري ٿو، جيڪو ڪڏهن به کيس ڪين ٿڪائيندو، يا وري ٻين عام انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ ڪنهن وڌيڪ ڏکئي ۽ غير رواجي ڪم ڪرڻ پاڻ تي هموار ڪري، شعوري طور، پنهنجي ذاتي خوشيءَ ۽ سک جي قرباني ڏيندو.

”پر پورهئي جي ورڇ ته انهيءَ کان وڌيڪ فائدي واري آهي!“ سوال آهي ته ”ڪنهن جي لاءِ وڌيڪ فائدي واري آهي؟“

اها پورهئي جي ورڇ، گهڻن بوٽن ۽ ڇُريل سوٽي ڪپڙي جي پيداوار لاءِ ته برابر فائدي واري آهي، پر وري به سوال آهي ته اهي بوٽ ۽ ڇُريل ڪپڙا ڪنهن کي ٿا ٺاهڻا پون؟

انهن ساڳين شخصن کي، جي پشت به پشت رڳو بوٽ ٺاهيندا يا ڪپڙا ڇُريندا رهيا آهن. پوءِ ڀلا  انهن لاءِ هيءَ پورهئي جي ورڇ فائدي واري ڪيئن ٿي؟

جيڪڏهن انساني پورهئي جو مول مقصد، گهڻي ۾ گهڻا بوٽ ۽ ڇُريل ڪپڙو ٺاهڻ هجي ها، ته خير ڳالهه ٺهي به ها. پر انساني پورهئي جو اصل مقصد عوام ۽ ان جي ڀلائي آهي، ۽ عوام جي ڀلائي سندس زندگيءَ  ۾ آهي، ۽ سندس زندگي وري پورهئي ۾ آهي. ته پوءِ ڏاڍ مڙسيءَ سان ڪنهن کي سخت ڏکئي ۽ ذلت ڀرئي ڪم تي مجبور ڪرڻ، ان غريب جي حق ۾ ڪيئن مفيد ٿي سگهي ٿو؟

جڏهن انساني پورهئي جو مقصد، عام ماڻهن جي ڀلائيءَ  کي نظر انداز ڪري، ڪن خاص الخاص شخصن کي نوازڻ هجي ها، ته سڀ کان سٺي ڳالهه اها ئي ٿئي ها ته ڏاڍا مڙس هيڻن کي بنهه ڪچو کائي ڇڏين ها؛ چون ٿا ته انساني گوشت کائڻ ۾ لذيذ به ڏاڍو ٿو ٿئي! پر سڀني ماڻهن لاءِ سڀ کان وڌيڪ سٺي ڳالهه اها آهي، جيڪا مان پاڻ لاءِ چاهيان ٿو: جسم، جان ۽ ذهن ضمير جي سڀني ضرورتن کي پورو ڪرڻ، ۽ انهن جي وڌ ۾ وڌ خوشيءَ ۽ اطمينان جي خواهش رکڻ. مان شخصي طور انهيءَ نتيجي تي پهتس ته منهنجي پنهنجيءَ ڀلائيءَ ۾ گهرو ضرورتن جي پورائيءَ  لاءِ  به فقط ان ڳالهه جي ضرورت هئي ته مان ڪرئپيونسڪي چرئي، ”شهزادي بلوخين“ جهڙا احمقانه خيال پنهنجي دماغ ڪڍي ڇڏيان، ـ فقط اهو سوچيان ته مون کي به اهو ئي ڪرڻو آهي، جيڪو هر انسان کي پنهنجين ضرورتن جي پورائي لاءِ لازمي طور ڪرڻو پوي ٿو، ۽ ان نتيجي تي پهچڻ سان، مون کي اها حقيقت به معلوم ٿي ته منهنجن ضرورتن کي پوري ڪرڻ جو ڪم قدرتي طور جدا جدا قسم ۾ ورهائجي وڃي ٿو، جن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڻندڙ آهي، ۽ نه رڳو ٿڪائي نه ٿو پر پورهئي جي مختلف قسمن ۾ مشغول رهڻ سبب انسان جي دل کي آرام پڻ ملي ٿو.

پنهنجي ضرورتن کي خيال ۾ رکي، مون به ٿلهي ليکي پنهنجو ڪم چئن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي، ۽ ڪوشش ڪريان ٿو ته پنهنجون ضرورتون پاڻ پوريون ڪريان.

تنهنڪري آءُ پنهنجي سوال – ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ – جا هيٺيان جواب معلوم ڪري سگهيو آهيان:

 

پاڻ سان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڪريان، ۽ سچ چوڻ کان ڪڏهن به نه ڊڄان – چاهي ڪوڙ جي واٽ تي ڪيترو به پري نڪري ويو هجان،

پنهنجي پاڪائيءَ ۽ ٻين عام ماڻهن کان مٿڀرو بيهاريندڙ خاصيتن توڙي خاص رعايتن ۾ رکيل اعتقاد کي ترڪ ڪريان، ۽ پنهنجي هر تڪليف جو باعث پاڻ کي ئي سمجهان،

انساني زندگيءَ جي ازلي ۽ ڪنهن به شڪ شبهي کان پاڪ و صاف قاعدي – جسماني پورهئي ڪرڻ – جي پيروي ڪريان، ۽ پنهنجي ڀرپور وجود سان محنت ڪريان، ۽ خود پنهنجي ۽ ٻين عام انساننن جي زندگيءَ کي قائم دائم رکڻ لاءِ قدرت سان جدوجهد کي جاري رکان.   


 


[1]      انهيءَ برادريءَ جو بنياد، اڻويهه صديءَ  جي آخر ۾ ’ن چيڪوو سڪيءَ‘ نالي هڪ شخص ’ڪئنساس‘ رياست ۾ وڌو، ۽ اهو پڙهيل لکيل شخص، جنهن ڏانهن هتي اشارو ڪيو ويو آهي، ’و. ڪ. هينس‘ هو، جنهن پنهنجو نالو بدلائي ’وليم. فري‘ رکيو هو. هو شخص، ٽالسٽاءِ سان اڪثر ملڻ ايندو هو.   

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org