صفحو :3  

باب: -

ڪتاب: نيٺ ڇا ڪجي

سيڪشن؛ ادب

 

باب يارهون

انهيءَ آزمودي منهنجي خود – فريبيءَ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. هينئر مون تي ظاهر ٿيو ته مون جيڪا مهم هٿ ۾ کنئي هئي، سا نه رڳو احمقانه پر مڪروهه پڻ هئي. پر تنهن هوندي به مون خيال ڪيو ته انهيءَ سموري ڪم کي هڪدم ڇڏي ڏيڻ مناسب نه ٿيندو. مون کي ائين پئي معلوم ٿيو ته مان هن مهم کي اڳتي نيڻ لاءِ ٻڌل هوس. ڇاڪاڻ جو هڪ ته مون ڇپيل مضمون وسيلي، ۽ غريب آباد ۾ عام غريبن سان ملاقاتون ۽ کين وعدا ڏيئي، منجهن خواهه مخواهه جون اميدون جاڳايون هيون، ۽ ٻيو ته انهيءَ  ساڳئي مضمون ۽ روز روز جي تقريرن ڪري، ڪيترن رحمدل انسانن جون همدرديون پڻ هٿ ڪيون هيم، جن مون سان پئسي توڙي ٻيءَ مدد جو باقائدي وعدو ڪيو هو. مان هينئر انهن ٻنهي طبقن (مدد جي مستحق ۽ مدد ڏيندڙن)کان درخواست ۽ اطلاعن اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس، ۽ انهن سڀني سان بهترين نموني نبرڻ جي نيت ڪئي هيم.

مٿي ذڪر ڪيل پهرئين طبقي جو احوال هن ريت آهي: مون وٽ هڪ سوء کان به وڌيڪ خط ۽ درخواستون آيون، ۽ مان جيڪڏهن ائين چوان ته هي سڀ خط ۽ درخواستون ساون ستابن غريبن وٽان آيون هيون، ته ان ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ نه ٿيندو. انهن مان ڪن کي ته مان پاڻ ڏسڻ به ويس، ۽ ڪيترن کي جواب ڏيڻ به مناسب نه سمجهيم. حقيقت اها آهي ته مان ڪنهن به هنڌ ڪجهه ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيس. هي سڀ درخواستون اهڙي شخص وٽان آيون هيون، جن کي پنهنجي زندگي ءَ ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن ڪا رعايتي حيثيت حاصل هئي (منهنجو مطلب آهي ته اهڙي حيثيت، جنهن ۾ هڪ شخص ٻين کي ڪجهه ڏيڻ کان وڌيڪ انهن کان وصول ڪندو آهي)، جا پوءِ هنن وڃائي ڇڏي هئي، ۽ هيئنر هڪ دفعو وري ان خوشبخت حيثيت کي هٿ ڪرڻ جي آرزو پئي ڪيائون. هڪ شخص، پنهنجي روز بروز پوئتي  پوندڙ ڌنڌي کي قائم رکڻ ۽ پنهنجي ٻارن جي تعليم پوري ڪرڻ ٿي چاهي، جنهن لاءِ کيس گهٽ ۾ گهٽ ٻه سوء روبيل کپندا هئا؛ ٻئي کي فوٽو گرافيءَ جو دڪان کولڻو هو؛ ٽئين پنهنجو رهيل قرض چڪائڻ ۽ گرويءَ مان پنهنجي عزت آبروءَ وارا ڪپڙا ڇڏائن ٿي چاهيا؛ چوٿين پاڻ کي موسيقيءَ ۾ ماهر بنائي، موسيقي جو ڌنڌو اختيار ڪري،   ڪٽنب پالڻ لاءِ هڪ پيانو ٿي طلبيو. ڪيترن ته رقم ٻڌائڻ کان سواءِ مدد گهري هئي، پر جڏهن سندن گهربل چيزن کي ٿي ڏٺوسين، ته سندن گهرجون ملندڙ مدد جي حساب سان وڌڻ واريون هيون، پوري ٿيڻ واريون نه هيون. جنهن جي معٰني ته هو ڪنهن به ريت راضي ٿيڻ وارا ڪين هئا. مان هڪ دفعو وري به ائين چوندس ته اهو سڀ انڪري به ٿيو هوندو، جو مون کي انهن سان منهن ڏيڻ به پئي آيو، پر اها به حقيقت آهي ته مون ڪنهن کي به سچي ۽ ڪارآمد مدد ڪانه ڏني، جيتوڻيڪ ڪيترين حالتن ۾ مون پنهنجي طرفان ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايو.

مدد ڏيندڙ طبقي يعني رحمدل ۽ غريبنواز شاهوڪارن جي مدد جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ! غريبن جي مدد لاءِ، جن شخصن پئسن ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو، تن مان ڪنهن به پائي نه ڏني. مون کي اميد هئي ته انهن شخص وٽان اٽڪل ٽي هزار روبل ملندا، پر هڪڙي حضرت به پنهنجو قول نه پاڙيو. باقي غريب شاگردن کي شاباش هجي، جن آدمشماريءَ جي محنت عوض مليل اجرت مون کي ڏيئي ڇڏي، جا مشڪل سان ٻارهن روبل هئي. انهيءَ ڪري، اميرن کان بيشمار روبل امداد وٺي، سون هزارن غريبن کي بک، بيماريءَ ۽ بدڪاريءَ مان ڇوٽڪاري ڏيڻ جي منهنجي ساري مهم پسي پيئي، ۽ آخري طور هن ريت اچي بيٺي:

مون کان جن گهريو، تن کي ڪجهه روبيل سوچ سمجهه بنا ڏيئي، باقي شاگردن وارا ٻارهن ۽ ميونسپل طرفان مليل پنجويهه روبيل پاڻ وٽ بچائي رکيم. مان سمجهي نه ٿي سگهيس ته انهيءَ خسيس رقم سان آخر ڪنهن کي خوش ڪري ڪنهن کي خوش ڪندس.

هي معاملو ائين ختم ٿيڻ تي اچي بيٺو. ماسڪو کي الوداع چئي، ڳوٺ اسهڻ کان اڳ، ڪارنيوال واري هفتي جي آچر تي صبح جو سوير، باقي بچيل ستٽيهه روبيل به غريبن ۾ ورهائي جان ڇڏائڻ لاءِ روزانوف هائوس ويس.

مان انهن گهرن ۾ جن شخصن کي سڃاڻيندو هوس، تن سان ملڻ ويس، اتي هڪ بيمار مرد مليو، جنهن کي ڪجهه ڏوڪڙ ڏنم، جي ڀانيان ٿو ته پنج روبيل هئا. اتي خيرات وٺڻ لائق ٻيو ڪو به نظر نه آيم. هونئن ته خير گهڻن ئي گهرڻ شروع ڪيو، پر مان کين چڱيءَ طرح ڪين سڃاڻندو هوس، تنهنڪري باقي بچيل ٻٽيهه روبيل به نيڪال ڪرڻ لاءِ مون فيصلو ڪيو ته هوٽل جي مالڪ، سيٺ اوان فدوتيڪ، سان صلاح ڪريان. ڪارنيوال جو پهريون ڏينهن هو. هر شخص بهترين پوشاڪ پاتي هئي، پيٽ ڀري کاڌو هو، ۽ ڪيترا نشي ۾ مست هئا. اڱڻ ۾، گهر  جي ڪنڊ وٽ، ڦاٽل ڳوٺاڻي ڪوٽ ۽ ڇنل جتيءَ ۾ هڪ ٻڍو ڪٻاڙي، جو وڏي عمر هوندي به اڃان تڪڙو بيٺو هو، جدا جدا ڍيرن ۾ چمڙو، لوهه ۽ ٻيون شيون ڦٽي ڪندو، پنهنجي ٽوڪريءَ جو خزانو به ورهائي رهيو هو، ۽ وڏي سر ۾ هڪ مزيدار راڳ به ڳائي رهيو هو. مون بيٺي بيٺي هن سان ٻه چار لفظ ڳالهايا، هو ستر سالن جو هو ۽ ردي سدي وڪڻي پيٽ گذر پيو ڪندو هو، ۽ نه رڳو ڪا شڪايت نه ڪيائين، پر اهو به ٻڌايائين ته کيس کائڻ پيئڻ ۽ موج مزي لاءِ به ڪافي پئسا هئا.

” اهڙو ڪو خاص ضرورت وارو شخص سجهيئي؟“ مون کانئس پنهنجي ڪم جي ڳالهه پڇي. پهريائين ته ڪجهه منجهي پيو، پر پوءِ صاف چئي ڏنائين: ” موالين ۽ بيڪار سستن کان سواءِ، ٻئي ڪنهن کي ته ڪا خاص ضرورت ڪانهي!“ پر پوءِ وري منهنجي ڳالهه تاڙي، مون کان شراب لاءِ پنج ڪوپيڪ گهري ورتائين، ۽ هڪدم هوٽل ڏانهن ڊوڙي ويو. هوٽل ڀريو پيو هو. ميزون سڀ والاريل هيون. ڪيترا شخص نشن ۾ ٻٽ پيا هئا. رنگ به رنگي ڇوڪريون ڇال ڏينديون، هڪ ميز کان بي ميز ڏانهن اچي وڃي رهيون هيون. هڪ ننڍي ڪمري ۾ ڪوئي هارمونيم وڄائي رهيو هو ۽ ٻه ڄڻا نچي رهي هئا. هوٽل جي مالڪ، سيٺ اوان فدوتيڪ، منهنجي عزت ڪري، ناچ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ هڪ خالي ميز تي مون سان اچي ويٺو.

” تون پنهنجي مسواڙين کي چڱيءَ طرح سڃاڻين! مون کي ڪجهه پيسا خيرات ڪرڻاآهن، ٻڌائيندين ته ڪهڙن ڪهڙن شخصن کي پيسي جي سخت ضرورت آهي؟“ مون کانئس پڇيو.

سيٺ اوان فدوتيڪ – (ويچاري ٻئي سال وفات ڪئي) – جيتوڻيڪ پنهنجي ڌنڌي ۾ مشغول هو، پر تڏهن به ڌنڌو ڇڏي، منهنجي مدد لاءِ اٿي آيو. هن ڪجهه سوچيو ۽ ٿوريءَ دير لاءِ منجهي پيو. هڪ پوڙهي نوڪر اسان جي گفتگو ٻڌي ورتي، ۽ هو اچي اسان جي محفل ۾ ويٺو.

هنن ٻنهي اتان اٿي مسواڙين ( جي سڀئي هوٽل ۾ ويٺا هئا) ڏانهن وڃڻ جو خيال ڪيو، پر پاڻ ۾ نه ٺهي سگهيا.

” پارامونونا!“ نوڪر مشورو ڏنو.

” ها! ڪڏهن ڪڏهن فاقا ڪڍندي آهي، پر عيش گاهن ۾ به ويندي آهي.“

” پوءِ ڇا آه؟ انهيءَ هوندي به . . . .“

” ۽ اسپيڊون اوانووچ؟ هن کي به ته ننڍا ننڍا ٻار آهن!“

پر اوان فدو تيڪ کي اسپريڊون اوانوچ خلاف ڪا شڪايت هئي.

”اڪولينا؟ پر هن کي ته ”مهينو“ ملندو آهي. نابينا بابت توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“

نابينا تي مون اعتراض ورتو. انهيءَ مهل ئي هن اسي ورهين جي نابينا کي ڏسي آيو هوس، جنهن کي ڪوبه مٽ مائٽ ڪونه هو. ٻيو ڪوئي ائين سمجهندو ته هن کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن جي حالت خراب نه هوندي. پر مون ته اڃان تازو ڏٺو هومانس – نشي ۾ ٻٽ، هڪ وڏي گاديلن واري هنڌ تي ليٽيو پيو هو، ۽ مون کي نه ڏسڻ سبب، نسبتاً هڪ جوان عورت کي، جيڪا هن سان گڏ ستل هئي، نهايت کهري آواز ۾ ڪچيون گاريون پئي ڏنائين. هنن پوءِ هڪ ٺونٺي ڇوڪر جو نالو ورتو، جيڪو پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندو هو.

مون ڏٺو ته سيٺ اوان فدوتيڪ، پنهنجي ايمانداريءَ ۽ روشن ضميريءَ سبب ڏاڍو پريشان هو، ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو پئي ته ڪارنيوال جي موقعي تي جو ڪجهه خيرات ڪبو، سو وٽس هوٽل ۾ موٽي ايندو. ۽ مون کي به ٻٽيهن روبلن کان جان ڇڏائڻي هئي، تنهنڪري مون به ڏاڍو زور ڀريس، ۽ پوءِ جيئن تيئن ڪري پيسا ورهائي پورا ڪياسين. جن شخصن کي به پيسا ڏناسين، سي گهڻو ڪري عمدين پوشاڪن ۾ هئا، ۽ اسان کي گهڻو پري وڃڻو به نه پيو. ڇاڪاڻ ته هو سڀ انهيءَ ساڳي هوٽل ۾ ويٺا هئا.ٺونٺي ڇوڪر کي وڏو بوٽ، ڳاڙهي ريشمي قميص ۽ صدري پيل هئي.

اهڙيءَ طرح منهنجي خيراتي سرگرميءَ جي پڄاڻي ٿي، ۽ مان سڀني ڳالهين منجهان ڪڪ ٿي – جئن هميشهه اهرين حالتن ۾ ٿيندو آهي – ڳوٺ روانو ٿيس، ڇاڪاڻ ته مون بنيادي طور هڪ بددماغيءَ ۽ بدنيڪيءَ جو ڪم پئي ٿي ڪيو. منهنجي ”خيرات“ بي نتيجي نڪتي، ۽ منهنجي هيءَ فضول مهم ماٺ ماٺ ۾ ختم ٿي ويئي، پر منهنجي اندر ۾ خيالن ۽ احساسن جي آيل اٿل نه رڪجي سگهي ۽ پاڻ ٻيڻيءَ طاقت سان هلندي رهي.

 

باب ٻارهون

 

انهن سڀني ڳالهين جو آخر مطلب ؟

مان ڳوٺن ۾ رهيو هوس ۽ هميشه ڳوٺاڻي غريبيءَ سان ئي واسطو رهيو هوم. ڪسر نفسيءَ واريءَ نوڙت کان نه، پر پنهنجي خيالن ۽ احساسن جي سموري رجحان کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ، دل جي صداقت سان، اڄ اعتراف ٿو ڪريان ته مون ڳوٺن ۾ به غريبن لاءِ ڪا خاص ڳالهه ڪانه ڪئي هئي، پر انهن جون گهرجون اهڙيون ته مناسب هيون، جو مان جيڪو به ٿورو ڪجهه ڪيو، سو انهن غريبن لاءِ تمام ڪمائتو ثابت ٿيو. ۽ منهنجي چوڌاري به هڪ قسم جي پيار ۽ اطمينان جي فضا پيدا ٿي سگهي. جنهن ۾ مان پنهنجي غلط طريقه زندگيءَ جي ڏنگيندڙ احساس کي ٿورو گهڻو احساس ڏيئي سگهندو هوس. اسان جڏهن شهر ڏانهن لڏي آياسين، ته مون کي ساڳئي نموني جي زندگي گذارڻ جي اميد هئي. پر هت شهر ۾ ته مون غريبيءَ جو نمونو ئي ٻيو ڏٺو. شهري غربت، ڳوٺاڻي غربت کان گهڻو نمايان پر وڌيڪ ايذاءُ ڏيندڙ ۽ دل ڏکوئيندڙ هئي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هتي هڪڙي هنڌ ئي ايتري غربت هئي، جو مان پنهنجي دل ۽ دماغ تي هڪ ناقابل برداشت بار محسوس ڪرڻ لڳس. مون لياپن هائوس وٽ جو ڪجهه ڏٺو، تنهن ته هيڪاري مون کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪراهت کان آگاهه ڪري ڇڏيو. منهنجي اندر پيدا ٿيل اهو جذبو ڏاڍو سچو ۽ سگهارو هو، پر انهيءَ دلي جذبي جي ايتري سچائي ۽ سگهه هوندي به پهريائين پاڻ کي ڏاڍو ڪمزور محسوس ڪرڻ لڳس، ايتري قدر جو انهيءَ جذبي منهنجي زندگيءَ ۾ جيڪو انقلاب آڻڻ چاهيو، تنهن کان ڊڄي، زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان ٺاهه ڪري ويٺس. هر شخص مون کي ائين ئي چيو ( ۽ ازل کان وٺي ماڻهو ائين چوندا آيا آهن) ته عيش آرام ۽ پئسي ڏوڪڙ ۾ ڪا برائي نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي نعمتون به ڌڻي تعاليٰ جون عطا ڪيل آهن. ۽ اسين عياشي ڇڏڻ کان سواءِ به محتاجن جي مناسب مدد ڪري سگهون ٿا. مون به ان ڳالهه تي کڻي ڳنڍ ٻڌي، ۽ ائين ڪرڻ چاهيم. ان سلسلي ۾ مون هڪ مضمون پڻ لکيو، جنهن ۾ شاهوڪار شخصن کي مدد لاءِ پڪاريم.  سڀني شاهوڪارن مون سان يڪراءِ ٿيڻ لاءِ، پاڻ کي اخلاقي طور ٻڌل هجڻ جو اقرار به ڪيو – پر خبر نه آهي، هنن جي پنهنجي مرضي نه هئي، يا غريبن کي ڪجهه ڏيڻ ۽ انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ کان واقعي هو قاصر هئا. مون پنهنجي سر غريبن سان ملڻ شروع ڪري ڏنو، ۽ اتي، جو ڪجهه ڏٺم، تنهن جو مون ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو. اتي مون جيڪي ماڻهو ڏٺا، تن کي مدد ڏيڻ جو ته سوال ئي نه پئي اٿيو، ڇاڪاڻ ته هو سڀ مزدور هئا، ۽ محنت ڪرڻ توڙي سورن سهڻ تي هريل هئا، ۽ تنهنڪري زندگيءَ تي به مون کان هزار دفعا وڌيڪ ضابطو هون. پر انهيءَ ساڳئي هنڌ مون اهڙا بدنصيب شخص به ڏٺا، جن کي مان ڪنهن به طرح ڪا مدد ڏيئي نه ٿي سگهيس، ڇاڪاڻ ته مان پاڻ به انهن جهڙو ئي محتاج هوس. مون جيڪي به بدنصيب ڏٺا، تن مان گهڻا ته فقط انڪري دکي هئا، جو هنن پنهنجي پگهر جي پورهئي سان پيٽ پالڻ جي لياقت، خواهش ۽ عادت ڇڏي ڏني هئي. يعني انهن جي بدنصيبي به انهيءَ ڪري هئي، جو  اهڙا هئا جهڙو آءٌ پاڻ هوس.

مان هڪ فاقه ڪش عورت، اگنفيا، کان سواءِ ٻيو هڪڙو محتاج به اهڙو نه لهي سگهيس، جنهن کي هڪدم اهڙي مدد ڏيئي سگهان، جنهن جي واقعي هن کي گهرج هئي. هاڻي ته مان ان ڳالهه جو قائل ٿي چڪو هوس ته عام ماڻهن کي زندگيءَ کان پري رهي، خاص ڪري انهن شخصن کان، جن کي مون مدد ڏيڻ ٿي چاهي، مون کي اهڙا بدنصيب ملي ئي نٿي سگهيا، ڇاڪاڻ ته ضرورت جي وقت کين پنهنجا پاڻ جهڙا ڏينهن رات گڏ گهاريندڙ بد نصيب ئي ڪم ٿي آيا، ۽ مون اها ڳالهه به سمجهي ڇڏي ته هي غريب ماڻهو جيڪا ذلت ڀري زندگي گذارين ٿا، تنهن کي بدلائڻ لاءِ پئسا بلڪل ناڪافي آهن، ۽ ان ڪم لاءِ منهنجي ڪنهن به ڪم نٿا اچي سگهن. مون اهي سڀ حقيقتون پروڙي ورتيون هيون، پر پنهنجي ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي ڏيڻ جي ڪوڙي شرم ۽ پاڻ کي سخي مرد سمجهڻ جي خود فريبيءَ سبب، مون ان مهم کي ڪجهه وقت تائين جاري رکيو – تان جو اها تحريڪ پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويئي، مان به وڏي مشڪل کان پوءِ اوان فدوتيڪ جي مدد سان ستٽيهن روبلن کان جند ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿيس.

ائين برابر آهي ته مان پنهنجي مهم کي جاري رکي، سخاوت جو هڪ مثال قائم ڪري ٿي سگهيس؛ پنهنجي عزم ۽ استقلال سان ماڻهن کان واعدا وٺي ۽ ٻي چڱي چوکي رقم گڏ ڪري خيرات ڪري ٿي سگهيس؛ پر مون ڏٺو ته هڪ طرف اسين امير ماڻهو غريبن لاءِ پنهنجي هيڏيءَ ساريءَ دولت مان نه ڪجهه پاسيرو ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ نه وري ائين  ڪري ئي سگهون ٿا، ۽ ٻئي طرف اسين جيڪڏهن رزانوف هوٽل ۾ ڪيل خيرات وانگر نه پر سچ پچ ڪنهن سان صحيح چڱائي ڪرڻ چاهيون ٿا، ته هڪڙو شخص به پيسن وٺڻ لائق نه آهي؛ ۽ اهڙيءَ طرح مون انهيءَ ڳالهه کي اتي ئي چڏي ڏنو، ۽ نا اميد ٿي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيس.

هتي مون پنهنجي انهيءَ آزمودي کي بيان ڪرڻ ۽ پنهنجي مهم جي ناڪاميابيءَ جي سمجهاڻي ڏيڻ لاءِ هڪ مضمون لکڻ چاهيو. منهنجي مرضي هئي ته آدم شماريءَ بابت ڇپيل منهنجي مضمون خلاف اٿاريل اعتراضن ۽ عتابن جو جواب ڏيان، ۽ ساڳئي وقت شهري غربت کي پيدا ڪندڙ سببن مان، سماج جي لاپرواهيءَ کي به هڪڙو بنيادي سبب ثابت ڪري، ان کي ننديان، ۽ شهري غربت کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيئي، ڪي عملي اپاءَ به ٻڌايان. مون پوءِ اهو مضمون لکڻ شروع ڪري ڏنو ۽ خيال هئم ته انهيءَ مضمون ۾ ڪيتريون مفيد ڳالهيون اچي وينديون. پر مواد جي غيرمعمولي ڪثرت، خيالن جي اکٽ خزاني ۽ پنهنجي گهڻيءَ ڪوشش هوندي به مان اهو مضمون هلندڙ سال (1886- 1885ع) جي سياري تائين پورو نه ڪري سگهيس، ڇاڪاڻ جو هڪ ته غصي جي اثر هيٺ لکڻ شروع ڪيو هوم، ۽ ٻيو ته انهيءَ مسئلي کي صحيح روشنيءَ ۾ ڏسڻ کان روڪڻ وارين سڀني شين کان اڃان پوريءَ ريت آزاد نه ٿيو هوس، ۽ سڀ کان وڌيڪ ڳالهه ته مان پاڻ انهيءَ ساري معاملي جي اصل سبب کان به اڃان شعوري طور آگاهه نه ٿيو هوس، (حالانڪه اهو تمام صاف ۽ سولو بنيادي سبب منهنجي وجود سان ئي وابسته هو).

اخلاقي دائري اندر ڪڏهن ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه به ٿي گذرندي آهي، جا حيرتناڪ هوندي به خيال ۾ نه ايندي آهي.

مان جيڪڏهن ڪنهن اڻڄاڻ شخص کي علم طبقات الارض، علم هيئت، تاريخ، طبيعات يا حسابن جي علم بابت ڪجهه ٻڌائيندس،  جنهن جي هن غريب کي اڳواٽ خبر نه هوندي، ته هُو انهن ڳالهين کي، نئين خبر چار سمجهي، ضرور قبول ڪندو،۽ مون کي ڪڏهن به ائين نه چوندو ته ”انهيءَ ۾ ڀلا ڪهڙي نئين ڳالهه آهي؟ اها ته سڀني کي خبر آهي ۽ مان به گهڻي وقت کان ڄاڻان ٿو“؛ پر ڪنهن شخص کي بلڪل صاف ۽ سولن لفظن ۾ ڪا وڏي ۾ وڏي اخلاقي صداقت ته چئي ڏسو ! هر معمولي شخص به، جو اخلاقي مسئلن ۾ ڪا دلچسپي نٿو وٺي ۽ خاص ڪري اهو شخص جنهن کي اخلاقيات جو ڌڪ ابتو ٿي لڳي ٿو، ائين ئي چوندو:” پر به انهيءَ ڳالهه جي ڪنهن کي خبر نه آهي؟ اسان جا وڏا به ائين چوندا هئا.“ سچ پچ هن غريب کي ائين ئي نظر ايندو ته اها ڳاله بلڪل انهيءَ ساڳئي نموني گهڻو اڳ به چئي ويئي هئي. تنهنڪري رڳو اُهي ئي شخص، جن لاءِ اخلاقي صداقتون ڪا حيثيت رکن ٿيون، سمجهي سگهن ٿا ته اِهي (اخلاقي صداقتون )ڪيترو مفيد ۽ مکيه آهن ۽ ڪيترن ڪشالن کان پوءِ اسين انسان سندن سمجهاڻيءَ تائين سولائيءَ سان پهچي سگهيا آهيون.

اسان سڀ ائين سمجهندا آهيون ته اخلاقي تعليم هڪ تمام خشڪ ۽ بي معنيٰ ڳالهه آهي ، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي دلچسپي يا نواڻ پيدا نه  ٿي سگهندي ؛ پر انهن سڀني ڳالهين هوندي به جيڪڏهن ”اندر جي اکين“ سان ڏٺو وڃي، ته انساني زندگيءَ جو مقصد، سندس سمورين پيچيدگين ۽ ٽڙيل پکڙيل سرگرمين سان گڏ (جيڪي ظاهر ۾ اخلاقي دائري کان ٻاهر نظر اچن ٿيون ) ، اخلاقي صداقت کي جيئن پوءِ تيئن زياده عام فهم، قابل قبول ۽ قابل عمل بنائڻ ۽ ان کي همه گير بنائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.

مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي ماسڪو جي ڪنهن گهٽيءَ مان لگهندي، مون هڪ شخص کي هڪ دڪان مان ٻاهر ايندي ڏٺو، هن شخص ٻاهر نڪرڻ سان پهريائين ته رستي جي پٿرن کي چتائي ڏٺو، پر پوءِ انهن مان هڪ پٿر چونڊي ان جي ڀرسان پلٿي ويٺو، ۽ ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو ته گهڻيءَ محنت ۽ مشقت سان ان پٿر کي مهٽيائين پئي.

”رستي تي ڇا ٿو وٺو ڪري؟“  مون پنهنجي دل ۾ سوچيو. سندس ڀرسان وڃي ڏٺم ته هو هڪ ڪاسائيءَ جو ڇوڪر هو، ۽ رستي جي پٿرن تي پنهنجي ڪاتي تکي ڪري رهيو هو. هن ڇوڪر  پهريائين پٿرن کي جاچڻ وقت به خاص پٿرن ڏانهن خيال ڪونه ٿي ڪيو ۽ ڪاتي تکي ڪرڻ وقت ته کيس ماڳهين  انهن جو خيال ڪونه هو. هو ته صرف پنهنجي ڪاتي تکي ڪري رهيو هو. هن کي گوشت ڪاٽڻ لاءِ پنهنجي ڪاتي تکي ڪرڻي هئي ۽ بس؛ برعڪس ان جي، مون سمجهيو ته هو ڄڻ خود پٿر تي ڪاريگري ڪري رهيو آهي. ساڳيءَ طرح ڏسڻ ۾ جيتوڻيڪ ائين ٿو اچي ته انسان علم، ادب، هنر، ڪاريگري، مالي ڏي وٽ، واپار، جنگ وغيره ۾ ئي رڌل رهن ٿا، پر حقيقت ۾ انسان ذات لاءِ فقط هڪڙي ڳالهه ۽ ان جي عملي صورت ئي اهميت رکي ٿي. يعني انسان کي گهرجي ته زندگيءَ جي اخلاقي دستور وقت بوقت سولو، سمجهه ڀريو، پورو ۽ پختو بنائيندو رهي.اخلاقي قانون ته هميشه موجود هوندا آهن، انسان ذات رڳو انهن کي پنهنجي لاءِ کولي، صاف ڪري سمجهائيندي رهي آهي. اخلاقي قانونن جي تشريح ۽ توضيح هر انهيءَ شخص کي خسيس ۽ بيڪار نظر ايندي، جو اخلاقي قانونن کي زندگيءَ جو بنياد بنائڻ نه ٿو چاهي، اخلاقي قانونن جي تشريح ۽ توضيح انسان ذات جو نه رڳو مکيه پر اڪيلو واحد ڪم آهي. انسان ذات جو هيءُ پورهيو به عام طرح، ڪاسائي ڇوڪري  جي مڏيءَ ڪاتيءَ کي تکي ڪرڻ واري ڪم وانگر، ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. نه رڳو ايترو، پر ڪاتي مڙيوئي ڪاتي آهي، ۽ جنهن شخص کي انهيءَ ڪاتيءَ سان ڪجهه وڍڻو نه آهي، سو ڪاتيءَ جي مڏيءَ يا تکيءَ هجڻ جو فرق ڪير ڪونه ڏسندو. پر جنهن شخص کي خبر آهي ته سندن سموري زندگيءَ جو دارومدار انهيءَ ڪاتيءَ جي مڏي يا تکي هجڻ تي آهي، تنهن لاءَ ڪاتيءَ کي تکي ڪرڻ جي ڪا انتها ئي ڪانهي، ۽ ڪاتي تيستائين ڪاتي آهي جيستائين تکي آهي ۽ هر ضروري چيز کي وڍي سگهي ٿي.

مان جڏهن هي مضمون لکڻ ويٺس، ته مون سان به اها ساڳي ويڌن ٿي. مون خيال ڪيو ته لياپن هائوس وٽ توڙي آدمشماريءَ جي دوران ۾، منهنجي تاثرات منهنجي ذهن ۾ جيڪي سوال اٿاريا هئا، مان اهي ۽ انهن بابت سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿو. پر مان هينئر جڏهن انهن کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ قلمبند ڪرڻ ويٺس، ته معلوم ٿيو ته ڪاتي مڏي آهي، جنهنڪري کيس ڪارائتي بنائڻ لاءِ تکو ڪرڻ گهرجي. ڀرين ٽن سالن کان پوءِ، مان محسوس ٿو ڪريان ته منهنجي ڪاتي تکي ٿي چڪي آهي، ۽ هاڻي انهيءَ ڪاتيءَ سان جو چاهيان سو وڍي سگهان ٿو.

حقيقت ۾ مون ڪا نئين ڳالهه نه سکي آهي. منهنجا ويچار اڄ به ساڳيا ئي آهن؛ فرق فقط ايترو آهي ته اڳ اهي ساڳيا ويچار ڪجهه جهڪا هوندا هئا، هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي هليا ويندا هئا ۽ هڪ هنڌ نه ٽڪندا هئا؛ وڏي ڳالهه ته انهن ۾ ڪو خاص اثر به نه هو، اڄ  وانگر هڪ سولي ۽ صاف نقطي تي جمع به نه ٿيندا هئا.

 

باب  تيرهون

 

مون کي ياد آهي ته شهر ۾ بدنصيب انسانن کي ڪجهه مدد ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش واري سموري عرصي ۾، مان پاڻ کي هڪ انهيءَ شخص وانگر ڏسي رهيو هوس، جو ٻين کي ته ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍڻ چاهي ٿو، پر پاڻ اڳ ۾ ئي انهيءَ ساڳيءَ ڌٻڻ ۾ گتو بيٺو آهي.

منهنجي هر ڪوشش مون کي، پنهنجي پيرن هيٺان پيل زمين جي ناپائداريءَ جو احساس ٿي ڏنو. مون محسوس ڪيو ته مان پاڻ به هڪ ڌٻڻ ۾ گرفتار آهيان، پر انهيءَ احساس ان وقت مون کي پنهنجي پيرن هيٺان پيل زمين کي وڌيڪ خبرداريءَ سان جاچڻ لاءِ تيار نه ڪيو، ۽ مان اهو سارو وقت صرف پنهنجي چوڌاري پيل گندگيءَ کي پري ڪرڻ لاءِ ٻاهريان ذريعا ڳولي رهيو هوس.

مون ان وقت اهو به محسوس ڪيو ته مان ڏاڍي خراب حياتي گذاري رهيو هوس، ۽ اهڙي قسم جي حياتيءَ گذارڻ مان ڪجهه به نه ٿيندو. پر اهو سمجهندي به ته مان ڏاڍي خراب حياتي گذاري رهيو هوس، ۽ مون کي ائين نه رهڻ گهرجي، مان انهيءَ صاف ۽ سولي نتيجي تي نه پهچي سگهيس ته مون کي پنهنجي حياتيءَ جو نمونو سڌاري، بهتر طريقي سان رهڻ گهرجي؛ پر انهن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻين جي حياتيءَ کي بهتر بڻايان ۽ تنهنڪري مون ٻين کي سڌارڻ جو فيصلو ڪيو. مان شهر ۾ رهندو هوس ۽ سهوليت جي خيال کان شهر ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن جي حياتي سڌارڻ جي مهم شروع ڪيم، پر جلد ئي مون سمجهي ورتو ته ائين ڪرڻ محال آهي؛ ۽ تنهنڪري شهري حياتي ۽ شهري غربت تي ڪجهه سوچ ويچار ڪرڻ لڳس.

”هيءَ شهري حياتي ۽ شهري غربت آخر آهي ڇا؟ مان شهر ۾ رهي به، شهري غريبن جي خاطر خواهه مدد ڇو نه ٿو ڪري سگهان؟“ مون پاڻ کان پڇيو. مان سچ سچ انهن شخصن لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان، ڇاڪاڻ جو هڪ ته هو هڪڙي هنڌ ئي ايتري تعداد ۾ آهن، ۽ ٻيو ته هي شهري غريب، ڳوٺاڻن غريبن کان بنهه جدا قسم جا ٿين ٿا. ڳوٺن ۾ جيڪي شخص پاڻ نه پالي سگهندا آهن، سي ئي هت شهر ۾ شاهوڪارن جي چوڌاري مڙي ڪٺا ٿيندا آهن، ۽ انهن جي خصوصيت بس اها ئي آهي ته هي شخص پنهنجا گهر گهاٽ ڳوٺن ۾ ڇڏي، پاڻ پالڻ لاءِ شهرن ۾ آيا آهن (اهي شهري غريب جيڪي پاڻ يا سندن پيءُ ڏاڏا شهرن ۾ ڄاوا، نپنا، تن جا به وڏا دراصل هت شهرن ۾ پاڻ پالڻ ئي آيا هئا).

”شهر ۾ پاڻ پالڻ“ جي معني؟ ويچار ڪبو ته انهن چئن لفظن ۾ هڪ قسم جي عجيب ۽ کل جهڙي ڳالهه نظر ايندي. ڳوٺن جا رهاڪو، پنهنجا ٻنيون ٻارا، سرسبز کيت، گاهه پاڻي، ڏڌ مکڻ، ۽ چوپايو مال وغيره. مطلب ته زمين جا سمورا ذخيرا-پوئتي ڇڏي، شهرن ۾ پاڻ پالڻ ڪيئن ايندا، جتي نه گاهه نه ساوڪ، رڳو سرون، پٿر ۽ مٽي، ۽ زمين جي تنگي تنهن کان سواءِ؟ آخر انهن چئن لفظن جي معني ڇا آهي، جن کي ايترو دهرايو وڃي ٿو، ڄڻ ته پاليندڙ ۽ پلجندڙ ٻئي انهن لفظن جي مطلب کان باقاعدي واقف آهن؟

مون کي اڄ به اهي سوين هزارين شهري ياد اچن ٿا، جن سڀني ماسڪو شهر ۾ اچڻ جو سبب ٻڌائيندي، اهائي ڳالهه ڪئي ته:

 

 شهر ماسڪو آهي اهڙو، نه پوکي نه پيدا ڪري ڪجهه،
تڏهن ڀي هميشه ڀريل آهي دولت سان، آهيس سڀ ڪجهه.

 

يعني ماسڪو ۾ هرشيءَ جي گهڻائي آهي، ۽ تنهنڪري ماسڪو شهر ۾ ئي اٽي لٽي، ڍور ڍڳي، گهر ٻار ۽ زندگيءَ جي ٻين ضروري شين لاءِ گهربل پئسو ڪمائي سگهجي ٿو. پر تنهن هوندي به، حقيقت اها آهي ته ڳوٺ ئي انسان جي زندگيءَ لاءِ گهربل سموري دولت جا سرچشما آهن ۽ اتي ئي سچي ۽ صحيح دولت ملي سگهي ٿي؛ اناج، ڪاٺ، گهوڙا ۽ ٻي هر چيز. پوءِ انهن ساڳين شين وٺڻ لاءِ شهر ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اٽو، چانور، ڀاڄي ڀتي ۽ ڍور ڍڳا، جن جي خود ڳوٺاڻن کي ضرورت آهي، سي ڳوٺ مان ڍوئي، شهر ۾ ڇو ٿا آندا وڃن؟

مون سوين دفعا شهر ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن سان اها ڳالهه ڪئي آهي، ۽ سندن گفتگو توڙي پنهنجي مشاهدي مان سمجهان ٿو ڳوٺاڻن جو ايتري گهڻي تعداد ۾ پنهنجا پراڻا پکا ڇڏي شهرن اچي ڪٺو ٿيڻ ڪجهه لازمي ۽ ڪجهه مخياري آهي ؛ لازمي ان ڪري جو هي غريب ٻئي ڪنهن نموني پنهنجو پيٽ پالي نٿا سگهن، ۽ مخياري ان ڪري جو شهر جا شوق کين پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا. ائين برابر آهي ته ڳوٺ ۾ انهن غريب ڪڙمين جي حالت، ڪڏهن ڪڏهن اهڙي به اچي ٿئي ٿي، جو هُو هڪ نه ٻيءَ مجبوريءَ هيٺ پنهنجا ان ڪڻا ۽ ڍور ڍڳا وڪڻڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهن، جيتوڻيڪ انهن کي خبر آهي ته اهي چيزون کين به ضرورت ۾ آهن؛ ۽ ان ڪري ، هُو  انهيءَ ڳالهه کي پسند ڪن يا نه، کين اهي چيزون وري حاصل ڪرڻ لاءِ شهرن ۾ ئي اچڻو پوي ٿو. پر اها به حقيقت آهي ته شهري زندگيءَ جو عيش آرام ۽ ڇانوَ جو پورهيو کين ڪشش ڪن ٿا ۽ ”شهر ۾ پاڻ پالڻ“ جي بهاني هُو سولي ۽ ٿڌي ڪم، سٺي کاڌي، ڏينهن ۾ ٽي دفعا چانهه، لٽي ڪپڙي، شراب چُڪي ۽ ٻئي عيش لاءِ شهرن ۾ اچن ٿا. اصل سبب ٻنهي جو ساڳيو آهي: يعني دولت جو ”اپائيندڙ“ هٿن مان نڪري ”نه _ اپائيندڙ“ هٿن ۾ اچڻ ، ۽ آخر شهر ۾ وڃي ڪٺو ٿيڻ.“ سچ پچ سرءُ ايندي ئي ساري دولت ڳوٺ ۾ اچي ڪٺي ٿيندي آهي ؛ پر اها به حقيقت آهي ته جلدئي لاپو، رسائي، ڍل، مسواڙ، قرض توڙي فوجي ڀرتي وغيره لوازما اچي ڪنڌ تي ڪڙڪندا ۽ شادين مرادين خواه ميلن ملاکڙن جا شوق به نئين سر جا ڳندا. اهڙيءَ طرح ، هڪ نه ٻئي نموني، هر قسم جي دولت _ رڍون ، ڳئون ، گهوڙا ، ڪڪڙ ، آنا ، مکڻ ، چڻا ، مٽر ، تيلي ٻج وغيره ۽ ٻيون ڪيترون ڪارائتيون شيون ، اپائيندڙ هٿن مان نڪري اجنبي هٿن ۾ اچن ٿيون، ۽ ننڍن شهرن مان ٿينديون آخر وڏن شهرن ۾ ڪٺيون ٿين ٿيون. انهيءَ حساب سان ويچارو ڳوٺ جو ڳنوار ماڻهو، پنهنجي ضرورتن توڙي ٻين اڍنگن ڪمن سبب انهي دولت تان هٿ کڻي، محتاجيءَ جو مُنهن ڏسي ٿو، ۽ پنهنجي هٿن سان پيدا ڪيل دولت جي پُٺ وٺي آخر شهر ۾ اچي ٿو؛ ۽ اتي هُو، ڪجهه ڳوٺ ۾ گهربل چيزن جي وٺڻ لاءِ چار ڏوڪڙ ڪمائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ڪجهه شهر جي شوقن تي هر کجي ٻين سان گڏ پاڻ به خوار خراب ٿئي ٿو.

روس ۾ هر هنڌ، ۽ مان سمجهان ٿو ساريءَ دنيا ۾، ائين پيو ٿئي. ڳوٺن جي غريب اپائيندڙن جي دولت سندن هٿن مان نڪري زميندارن، واپارين، ڪارخانيدارن ۽ سرڪاري عملدارن جي هٿن ۾ اچي گڏ ٿئي ٿي، ۽ هي سڀ شخص انهيءَ سان عيش ڪرڻ چاهين ٿا. هي ماڻهو اهو عيش شهرن ۾ ئي چڱيءَ طرح ڪري سگهن ٿا. ڳوٺن ۾ جئن ته ماڻهو گهڻو ڪري ڇڊا ۽ پري پري رهن ٿا، ۽ اتي دڪان ، هوٽل ، ڪارخانا ، بئنڪون وغيره ۽ سماجي دلچسپيءَ جا ٻيا سامان ڪو نه آهن، تنهنڪري شاهوڪار شخص جون دلي خواهشون اُتي پوريون ٿي نٿيون سگهن. ٻيو ته دولت جي ”نعمتن“ مان مکيه ۾ مکيه نعمت_ هٺ وڏائي يعني ٻين کان هر ڳالهه ۾ گوءِ کڻڻ ۽ ان تي خوش ٿيڻ جو جذبو_ گهٽ ۽ ڇڊيءَ آباديءَ سبب، ڳوٺن ۾ پوريءَ طرح مطمئن ٿي نٿو سگهي. ڳوٺن ۾ عيش آرام جا پارکو گهٽ آهن ۽ اتي ڪو به ڪنهن کي پنهنجي ٺٺ ٺانگر سان حيرت ۾ نٿو وجهي سگهي. گهر ڪيترو به سينگاريل هجي ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ  ڪهڙيون به عمديون ۽ قيمتي شيون ڇو نه وٺي رکي، پر ڪوبه ان جي واکاڻ نه ڪندو، ۽ نه وري ڪو ريس ئي ڪندس؛ ڇاڪاڻ ته ڳوٺاڻن کي انهيءَ ڳالهه يعني عيش آرام جي سامان جي ڪائي خبر ڪوئي خاص  احساس نه ٿو رهي.ٽيون ته ڳوٺ ۾ جنهن به شخص کي ضمير ۽ خدا جو خوف هوندو.ان لاءِ عيش آرام هميشه اڻ وڻندڙ ۽ مڪروه ڳالهه ٿيندي. ڳوٺ ۾ کير سان وهنجڻ يا ڪتن کي کير تي پالڻ، جڏهن انهيءَ ساڳئي پاڙي ۾ ڪيترا معصوم ٻار کير لاءِ رڙي رڙي، ماٺ ڪري خالي پيٽ سمهي پوندا هوندا، ڏاڍو اڻ وڻندڙ ۽ دل ڏکوئيندڙ ڪم آهي؛ گند ڪچري سان ڀريل جهوپڙين ۾ رهندڙ عام مسڪين ۽ محتاج ماڻهن اڳيان وڏا وڏا، صاف سُٺا ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ محلات توڙي باغ باغيچا ٺهرائڻ به ساڳيءَ طرح ڏاڍو دل کي تڪليف ڏيندڙ ڪم آهي . وڏي ڳالهه ته ڳوٺ ۾ جاهل ڪڙمين کي ضابطي ۾ رکڻ وارو به ڪوئي نه آهي؛ ڪهڙي خبر ته هي خر_ مغز ڳوٺاڻا ڪهڙي وقت پنهنجي جهالت سبب عيش آرام جي انهيءَ ساري سامان کي ڀڃي ناس ڪري ڇڏين!

تنهنڪري ئي ته سڀ شاهوڪار پاڻ ۾ يڪمشت ٿي شهرن ۾ رهندا آهن، جتي سندن عيش آرام جي هر چيز نهايت خبرداريءَ سان ، پوليس جي نظر هيٺ محفوظ رهي ٿي . اهڙن سڀني شاهوڪارن جو مرڪز، سرڪاري عملدار آهن، ۽ انهن جي آس پاس ئي هر قسم جا واپاري ۽ ڪمي ڪاسبي رهن ٿا. هتي ڪو شاهوڪار ڪنهن چيز جو رڳو ارادو مس ڪندو، ته اها چيز کيس هڪدم گهر ويٺي ملي ويندي؛ سندس پگهر جي پورهئي جي ڪا ضرورت نه آهي. شهر ۾ شاهوڪار شخص جو رهڻ هونئن نه وڌيڪ وڻندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهي، ڇا ڪاڻ ته هِت هُو پنهنجي خود پسنديءَ يعني هٺ وڏائيءَ واري جذبي کي به خوش رکي سگهي ٿو. هِت هن سان عيش آرام ۾ همسري ڪرڻ وارا ٻيا به موجود آهن، ۽ هِتي ئي کيس ٻين سان مقابلي ڪرڻ ۽ پاڻ موکڻ جو موقعو ملي ٿو. ٻي ڳالهه اها به آهي ته ٻهراڙيءَ ۾ ڌن دولت موجود هوندي به شاهوڪارهميشه بي آرام ۽ غير مطمئن رهندو، پر شهر ۾ ان جي ابتڙ هر قسم جي سهولت، جان مال جي حفاظت ۽ عيش آرام جو سامان وٺي سگهي ٿو، ۽ ٻين پاڻ جهڙن دولتمندن کي عيش ڪندو ڏسي ، پاڻ به عيش سان رهندو. ڳوٺ ۾ جيڪا ڳالهه کيس نامناسب ۽ بي موقعي لڳندي هئي، سا هت بلڪل بجا ۽ درست سمجهڻ ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿينديس. شاهوڪار سڀ ، شهرن ۾ حڪومت جي حفاظت هيٺ گڏ رهي، ماٺ ميٺ ۾ هر چيز ڳوٺن مان گهرائي وٺن ٿا. ٻئي پاسي، ويچارو ڦُريو ماريو ڳوٺاڻو، ڪجهه ته شاهوڪار جي سدا_بهار زندگيءَ جو ديدار ڪرڻ ، پنهنجي وڃايل وٿ کي استعمال ٿيندو ڏسڻ ۽ شاهي دسترخوان تان ڪريل سڻڀي ٽڪر ملڻ جي اميد تي، ۽ ڪجهه وري هر هنڌ اميراڻي آسايش ۽ عيش عشرت کي مشهور ۽ مقبول ٿيندو ڏسي، پاڻ به پنهنجي اُجڙيل زندگيءَ کي انهيءَ ريت سينگارڻ سنوارڻ لاءِ شهر ۾ ايندو آهي.

اهڙيءَ طرح هي ويچارو ڳوٽ جو رهاڪو، شهر ۾ اچي، هيڏانهن هوڏانهن واجهه وجهندو، شاهوڪارين کي ڳوليندو رهي ٿو، ۽ کانئن سندن پنهنجي زندگيءَ لاءِ ضروري گهربل شيون هر قيمت تي (پئسي کان سواءِ ٻي هر قيمت ڏيڻ لاءِ هو تيار آهي، ڇاڪاڻ ته پئسو غريب وٽ آهي ئي ڪونه) واپس وٺڻ چاهي ٿو . هي غريب شاهوڪارن جي هر خواهش پوري ڪرڻ لاءِ هر وقت حاضر رهي ٿو؛ غسلخانن ۾ صاحب بهادر کي وهنجارڻ، هوٽلن ۾ صاحب جي خذمت چاڪري ڪرڻ، گاڏين ۾ صاحب کي سيروتفريح ڪرائڻ، خانگي جاين ۾ صاحب جي نفساني خواهشن کي پورو ڪرڻ، ۽ صاحب جي عيش آرام جو ٻيو سڀ سامان ميّسر ڪرڻ، هن غريب_ مرد توڙي عورت_ جي زندگيءَ جو معمول بڻجي چڪو آهي؛ ۽ صاحب سان سدائين گڏ رهڻ ڪري، آهستي آهستي صاحب کان صاحب جي زندگي گذارڻ جو ڍنگ به_ يعني پنهنجي پگهر جي پورهئي تي نه، پر هر حيلي بهاني سان ٻين جي ملڪيت هضم ڪرڻ تي_ زندگيءَ جو بنياد رکڻ سکي ٿو. اهڙيءَ طرح هي ڳوٺاڻو غريب ، شهر ۾ خوار خراب ٿي، آخر ختم ٿي وڃي ٿو. اهائي شهري ڌن دولت هٿان خوار خراب ٿيل مخلوق آهي جنهن مان شهري غربت جي خبر پوي ٿي، ۽ جنهن کي سڌارڻ سنوارڻ لاءِ مان ٺهي سنڀري گهران نڪتو هوس پر ناڪام ۽ نامراد ٿي موٽي آيس.

سچ پچ انهن غريب ڳوٺاڻن جي حالت به ڏسڻ وٽان آهي ؛ هي ويچارا پيٽ پالڻ يا ڍلن جي بقايا لاءِ گهربل پئسن ڪمائڻ جي سلسلي ۾ شهر ۾ ايندا آهنن  ۽ هت شهر ۾ هر هنڌ روزانه هزارين روبيل اجايا سجايا خرچ ٿيندا، ۽ انهن کان به وڌيڪ روبيل ڪن خوشبختن کي گهر ويٺي ڪمائيندا ڏسي، (حالانڪ پاڻ پگهر ولوڙي به ٻه چار روبيل مس ڪمائي سگهندا آهن ) ڏاڍا حيران ۽ پريشان ٿيندا آهن، ۽ عجيب کائيندا آهن ته سخت محنت ڪرڻ کان پوءِ به پاڻ مزور جا مزور رهي وڃن ٿا، ۽ ڪنهن به ڌنڌي، پن منڱ، ٺڳيءَ توڙي ڦرمار سان پاڻ ڪڏهن به اهڙو سولو ڌن نه ٿا ڪمائي سگهن.

اهي اسان ئي آهيون، جيڪي شهر ۾ سدائين ٿيندڙ ڦرمار ۾ شريڪ هجڻ تي اهڙا ته هري ويا آهيون، جو ويهن گهرن کي گرم رکڻ ۽ انهن لاءِ کاڌي تيار ڪرڻ جيتريءَ گرميءَ سان رڳو پنهنجي هڪ گهر کي گرم رکڻ؛ پنجن شاهي ڪمرن ۾ هڪ شخص رهڻ؛ اڌ ميل جي پنڌ لاءِ ٻه نوڪر، ٻه گهوڙا سيڙائڻ؛ ڪاٺ جي فرش کي گلمن ۽ غاليچن سان سينگارڻ؛ ۽ ناچ گاني تي پنج ڏه هزار روبيل اڏائڻ، وغيره_انهن ڳالهين جو ذڪر خير ته مان ڪو نه ٿو ڪريان، پر هڪڙي ”ناتال جي وڻ“ (Christmas tree) تي پنجويهه روبيل خرچ ڪرڻ کي عام رواجي غير قدرتي سمجهون ٿا؛ پر هڪ اهو مسڪين ۽ محتاج شخص؛ جنهن کي پنهنجي معصوم ٻارن جي مانيءَ لاءِ ڏهه روبيل گهرجن يا ست روبيل ٽئڪس نه ڏيڻ ڪري، جنهنجي آخري رڍ به ضبط ٿي رهي آهي ۽ جيڪو ڏينهن رات سخت محنت ڪرڻ کان پوءِ به ڪجهه نٿو بچائي سگهي، سو اهڙي انياءَ کي ڪڏهن به رواجي ۽ قدرتي نه سمجهندو. اسان جي خيال ۾ اهي غريب به انهيءَ سماجي انتظام کي اسان وانگر رواجي ۽ عين قدرتي سمجهندا هوندا؛ ۽ اسان ۾ ڪي اٻوجهه اهڙا به پيا آهن، جي چون ٿا، ”غريب ته پاڻ اسان جا احسانمند آهن ، ڇا ڪرڻ ته اسين پنهنجي عيش آرام سان کين به ڳڀو ٽڪر ڏيون ٿا“، پر غريبي انسان کان سمجهه ته نٿي کسي، ۽ غريب به اسان وانگر سوچي سمجهي سگهن ٿا. جڏهن اسان پاڻ ڪنهن شخص کي ڏهه ويهه هزار روبيل اُڏائيندو ٻڌون ٿا، ته هڪدم سوچيون ٿا، ’هيءُ به ڪهڙو نه بيوقوف ۽ فضول شخص آهي، جو خواه مخواه ايترا پئسا ٿو برباد ڪري؛ مان جيڪر انهن پئسن کي ڪهڙيءَ نه چڱيءَ طرح خرچ ڪريان ها_ بنگلو ٺهرايان ها يا وري زمين سڌاريان ها ‘؛ تَنهن  جي معنيٰ ته غريب به، اجايا سجايا خرچ ڏسي، ضرور اهڙيءَ طرح، پاڻ وڌيڪ صفائيءَ ۽ وزن سان، سوچيندا هوندا؛ ڇا ڪاڻ  جو کين ڪنهن وهم، پُورَ يا ريچڪ تي نه، پر زندگيءَ  جي ضرورتن تي خرچ ڪرڻ لاءِ ئي پئسا کپن ٿا. اسان جيڪڏهن ائين سمجهون ٿا ته غريبن کان اها سڀ ڳالهه لڪل رهي ٿي، ۽ هُو اسان جو عيش آرام، دل ۽ دماغ جي خاموشيءَ سان ڏسي رهيا آهن، ته اسان سخت ڀُليل آهيون؛ انهن ڪڏهن به اها ڳالهه قبول نه ڪئي آهي ۽ نه وري قبول ڪندا ته هڪڙا ته هر روز عيد ملهائين، ۽ ٻيا سدائين روزي سان رهن ۽ سندن پگهر پاڻيءَ وانگر وهندو رهي. پهريائين ته اهڙو انتظام ڏسي کين حيرت به وٺي ٿي ۽ هو غصو به کائين ٿا، پر پوءِ آهستي آهستي ان ڳالهه تي هِري وڃن ٿا، ۽ اهو معلوم ڪري ته سماج ۾ انهيءَ بندوبست کي باقاعدي جائز ۽ مناسب سمجهيو وڃي ٿو ، هُو پاڻ به محنت مزوريءَ کان لنوائي، عيش واري زندگي گذارڻ چاهين ٿا. انهن مان ڪي ته انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب به ٿين ٿا ۽ خوش وخّرم رهن ٿا، ڪي آهستي آهستي پاڻ کي مٿاهين درجي ڏانهن وٺي ويندڙ واٽ تي لڳائين ٿا،۽ محنت مزوريءَ جي عادت وڃائڻ ۽ هڏن سڪي پوڻ ڪري، وڃي بدڪاريءَ جا اڏا آباد ڪن ٿا.

ٻه، سال اڳ، اسان پنهنجي ڳوٽ مان گهرو ڪم ڪار لاءِ هڪ ڪڙميءَ جو ٻار وٺي آياسين، ڇوڪر چوڪيدار سان جهيڙو ڪيو، جنهنڪري کيس ڪڍيو ويو. هن پوءِ هڪ واپاريءَ وٽ پنهنجي جاءِ ڳولي لڌي، ۽ مالڪ کي راضي رکڻ ڪري هينئر مخمل جو بوٽ ۽ صدريءَ مٿان زنجيري چاڙهي،مزي سان گهمندو وتندو آهي. هن جي جاءِ تي اسان هڪ ٻچڙوال ڪڙميءَ کي رکيو. هن شراب پيڻ شروع ڪيو، ۽ ڪجهه پئسا به وڃايائين. اسان ٽيون ماڻهو به رکيو، پر هو وري اڳئين کان به وڌيڪ سخت شرابي نڪتو، ۽ پنهنجا سڀ ٽپڙ-لٽا ڪپڙا وغيره_ شراب تي خرچ ڪري ڇڏيائين، ۽ آخر بدڪاريءَ جي اڏن جا چڪر ڏيندو رهيو. هڪ ٻُڍي بورچيءَ کي به شهر ۾ شراب جي علت پئي، ۽ بيمار ٿي پيو. هڪ سپاهي، جيڪو اڳ ۾ تمام گهڻو پيئندو هو، پر پوءِ ڳوٺ ۾ پورا پنج سال شراب کي ڪو نه ڇُهيو هئائين، گذريل سال، ماسڪو ۾، زال کان سواءِ رهڻ ڪري، وري هن پيڻ شروع ڪيو، ۽ آخر پنهنجي ساري حياتي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيائين. اسان جي ڳوٺ جو هڪ ڇوڪر منهنجي ڀاءُ وٽ نوڪري ڪندو آهي. مان جڏهن ڳوٺ ويو هوس، ته سندس نابينا ۽ پير مرد ڏاڏو مون وٽ لنگهي آيو، ۽ پوٽي لاءِ دانهن ڏيندي چيو هئائين، ”تون ئي کڻي شرمائينس، ڍلن جي بقايا لاءِ ڏهه روبيل کن ته ڏياري موڪلي؛ نه ته لاچار مون کي ڳئون وڪڻڻي پوندي. چوي ٿو ته انسان کي سدائين عمدي پوشاڪ پهرڻ گهرجي، ٺيڪ آ ! وٽس لٽي ڪپڙي سان گڏ پنهنجا بوٽ به آهن.ٻيو وڌيڪ ڇاٿو کپيس؟ کيس گَهڙي به گُهرجي ڇا؟“ ائين چوندي، ٻڍو جيڪا سڀ کان وڌيڪ بي سمجهيءَ واري رٿ سوچي سگهيو ٿي، سان بيان ڪري ويو. ڇوڪر جي ڳالهه (جيڪڏهن ائين سچ هو، ته)سچ پچ ڏاڍي واهيات هئي، ڇا ڪاڻ ته هن نابينا مرد کي روزن جي سموري چاليهي ۾ ڪڏهن سڻڀي ماني نصيب نه ٿي، ۽ هن غريب هيڏي ساري محنت ڪري، جيڪي ڪاٺيون ڪيون هيون، سي سڀ هڪ روبل ڏهه ڪوپيڪ جي قرض نه چُڪائڻ سبب وڃائڻيون ٿي پيس. حقيقت ۾ پير مرد به چرچو ڪو نه ٿي ڪيو. مون پاڻ پنهنجي اکين سان، هن ڇوڪر کي سٺي قيمتي ڪپڙي مان ٺهيل ڪاري اوورڪوٽ ۽ عاليشان بوٽ ۾ ڏٺو، جنهن تي هن اٺ روبيل خرچيا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ، هُن منهنجي ڀاءُ کان ڏهه روبيل پيشگيءَ طور ورتا هئا، ۽ اهو بوٽ وٺي آيو هو؛ منهنجا ٻار به، جيڪي کيس ننڍي هوندي کان سڃاڻن، چون ٿا ته هُو سچ پچ پنهنجي لاءِ هڪ واچ ضروري سمجهي ٿو. هونئن ته هو تمام سٺيءَ طبيعت وارو ڇوڪرو آهي، پر سندس مغز ۾ اهو اُٺ اچي ويٺو آهي ته جيستائين واچ نه وٺندو، تيستائين هر شخص مٿس کلندو رهندو. هن سال وري اسان جي گهر ۾ هڪ ارڙهن سالن جي نوڪرياڻي ڪوچوان سان خراب ٿي، جنهنڪري کيس هڪدم ڪڍي ڇڏيوسين. مون پنهنجي ٻڍيءَ نرس سان اها ڳالهه ڪئي، جنهن وري مون کي هڪ ٻي غريب ڇوڪري ياد ڏياري. هن ڇوڪريءَ جو به ڏهه سال اڳ، جڏهن اسان ٿوري وقت لاءِ ماسڪو ۾ رهيل هئاسين، هڪ چوڪيدار سان رستو ٿي ويو هوس. هن کي به ساڳيءَ ريت ڪڍي ڇڏيو هئوسين، ۽ آخر هوءَ چڪلي ۾ وڃي ويٺي هئي. ٿيندي ٿيندي هوءَ ويچاري ويهن سالن کي به نه پهتي، جو ڪنهن زناني بيماريءَ سبب اسپتال ۾ مري دم ڏنائين.

اسان رڳو پنهنجي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏسون ته اسان کي هڪ اهڙو خوفناڪ وچڙندڙ مرض معلوم ٿيندو، جيڪو اسان پنهنجو پاڻ عيش آرام ۽ تن آسانيءَ سان، هڪدم۽ سنئون سڌو انهن شخصن ۾ پکيڙي رهيا آهيون، جنهن جو پوءِ وري سخي مرد ۽ پر اپڪاري بنجي علاج ڪرڻ چاهيون ٿا.

اهڙيءَ طرح شهري غربت (جنهن کي مان ڪنهن به طرح گهٽائي نه سگهيس )جو تنقيدي جائزو وٺندي، مون محسوس ڪيو ته (1) مان ڳوٺاڻن کان سندن زندگيء لاءِ ضروري گهربل چيزون وٺي شهر ڏانهن کڻي اچان ٿو، (2) هُو پنهنجون وڃايل چيزون  شهر مان واپس وٺڻ لاءِ منهنجي پوئتان اچن ٿا، ۽ (3) مان هت شهر ۾، انهن ساڳين پگهر جي پورهئي سان پيدا ڪل شين کي پنهنجي بي سمجهه عياشيءَ ۾ نهايت بي درديءَ سان کائي کپائي خلاص ڪريان ٿو؛ ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري، جو انهيءَ چڪر ۾ هي سادا سُودا ڳوٺاڻا به شهر ۾ اچي دربدر ٿي ۽ خوار خراب ٿين ٿا.

 

 

باب  چوڏهون

مان هڪ ٻئي بنهه مختلف نقطه نگاه کان به انهيءَ ساڳئي نتيجي تي پهتس.انهيءَ ساري عرصي ۾ شهري غريبن سان پنهنجا لاڳاپا ياد ڪندي، مون محسوس ڪيو ته کين مدد نه ڏيئي سگهڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته هُو مون سان سچا نه هئا. هن سڀني مون کي هڪ انساني دل ۽ دماغ رکندڙ شخص نه پر مڙئي پنهنجي مطلب سڌو ڪرڻ جو هڪ ذريعو پئي سمجهيو. مان هنن سان اخلاص ۽ آزاديءَ سان نه پئي ملي سگهيس؛ مون سوچيو ته شايد مون کي هنن سان ملڻ نٿو اچي. پر اها به حقيقت آهي ته سندن پنهنجي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ کان سواءِ کين ڪنهن به قسم جي مدد ڏيڻ ناممڪن هو. جيڪو شخص سچائيءَ سان پنهنجي پوري حالت نٿو ٻڌائي، تنهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهبي؟ پهريائين ته ان لاءِ مون کين ئي ٿي ڏوهه ڏنو (ٻين کي ڏوهه ڏيڻ ڪهڙو نه آسان آهي)، پر پوءِ هڪ عجيب شخص، ستائيف (جو ان وقت مون وٽ رهيل هو)، جي هڪ مختصر گُفتي مون کي سارو قصو سمجهائي، منهنجي ناڪاميءَ جو اصل سبب مون تي ظاهر ڪري ڇڏيو. مون کي ياد آهي ته استائيف جي دليل ان وقت به مون کي گهڻو  متاثر ڪيو هو، پر اُن جي پوري اهميت مون کي گهڻو پوءِ معلوم ٿي. اها ان وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن منهنجي خود – فريبي پوري عروج تي هئي. مان منهنجي ڀيڻ وٽ ويٺو هوس؛ ستائيف به اتي موجود هو ۽ منهنجي ڀيڻ مون کان منهنجي مهم بابت پڇي رهي هئي. مون هن کي پنهنجي ڪٿا ٻڌائڻ شروع ڪئي، ۽ جئن پنهنجي ڪارگذاريءَ جي پوري پڪ نه هجڻ وقت هميشه ٿيندو آهي، مون کيس پنهنجو ڪم ۽ ان جو اميدن سان ڀريل نتيجو وڏي شوق، گرمجوشيءَ ۽ لفّاظيءَ سان پئي ٻڌايو. مون کيس ٻڌايو ته اسان ڪيئن يتيمن، بيواهن ۽ ٻڍن جي پر گهور لهڻ چاهيون ٿا؛ غريب ڪڙمين کي، جيڪي شهر ۾ گذارو ڪري نٿا سگهن، سندن ڳوٺن ڏانهن واپس موڪلڻ چاهيون ٿا؛ گنهگارن لاءِ نيڪيءَ جو رستو هموار ڪرڻ چاهيون ٿا؛ ۽ جيڪڏهن اسان جي رڳو هيءَ مهم ڪامياب ٿي ته ڪيئن ماسڪو ۾ هڪڙو شخص به بي يار و مددگار نه رهندو. منهنجي ڀيڻ مون سان ڏاڍي همدردي ڏيکاري، ۽ اسان پنهنجي گفتگو ۾ ائين ئي مشغول ويٺا هئاسين. انهيءَ وچ ۾، مون ستائيف ڏانهن به هڪ دفعو نهاريو. مون کي خبر هئي ته ستائيف پڪو عيسائي آهي،  ۽ ضرور خير خيرات کي وڏي اهميت ڏيندو هوندو؛ تنهنڪري مون سمجهيو ته هُو به مون سان ضرور متفق ٿيندو، ۽ پنهنجي ڀيڻ سان گڏ کيس پڻ پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ لاءِ ايترو گهڻو پئي ڳالهايم. ظاهر ۾ ته پنهنجي ڀيڻ سان پئي ڳالهايم، پر جيڪي ڪجهه چئي رهيو هوس سو سڀ ستائيف لاءِ پڻ هو. هُو پنهنجي ڪاري پوستين ۾، (جيڪا عام ڪڙمين وانگر هر وقت پئي هوندي هيس)، خاموش ويٺو هو، ۽ معلوم ائين پئي ٿيو ته ڄڻ هن اسان جي گفتگو ڪا نه پئي ٻڌي ۽ پنهنجي ئي خيالن ۾ محو هو.  هن جون ننڍڙيون اکيون ڪجهه جهَڪيون پئي معلوم ٿيون ، ڄڻ ته کين پنهنجي پاڻ ڏانهن ئي ورائي ڇڏيو هئائين.مون پنهنجي گفتگو پوري ڪري، هن ڏانهن سندس راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ منهن ورايو.

”اها سڀ اجائي ڳالهه آهي“، هن چيو.

”ڇو؟“

”تون جنهن سماج جو بنياد رکڻ چاهين ٿو، سو ڪنهن به ڪم جو نه ٿيندو“،  هن پنهنجي يقين جو اظهار ڪيو.

”ڇو ڀلا ؟ سوين ، هزارين محتاجن کي مدد ڏيڻ بيڪار آهي ؟ ڇا اگهاڙن جو انگ ڍڪڻ ۽ بکايلن کي ماني کارائڻ غلط آهي؟ پاڪ ڪتابن ۾ ته انهن سڀني ڳالهين کي چڱو چيو ويو آهي !“

”هائو ! مون کي خبر آهي ! پر تون صحيح ڪم نه ٿو ڪرين. ڇا محتاجن کي مدد ڏيڻ جو اهوئي طريقو آهي؟ توهان ٻاهر گهمڻ نڪرو ٿا ۽ رستي تي هڪ شخص توهان کان ويهه ڪوپيڪ گهري ٿو. توهان هڪدم کيس ويهه ڪوپيڪ ڪڍي ڏيو ٿا. ڇا اها خيرات آهي؟ هن غريب کي روحاني خيرات ڏيو، ڪجهه سيکاريوس ! پر توهان ڇا ٿا ڪريو؟ هن کان رڳو پنهنجي جند ڇڏايو.“

”نه، نه ! اسان ائين ڪونه ٿا چئون. اسان ته عام ماڻهن جون ضرورتون معلوم  ڪرڻ ۽ پئسي ڏوڪڙ توڙي ڪم ڪار وٺي ڏيڻ سان سندن مدد ڪرڻ چاهيون ٿا.“

”ان طرح ته توهان کين ڪنهن به قسم جي مدد نه ڏيئي سگهندا.“

”ڇا ٿو چئين؟ کين ڇڏي ڏيون، ته ڀلي بک ۽ برف ۾ مري وڃن !“

”مرن ڇو؟ ايترا گهڻا آهن ڇا؟“

”تمام گهڻا !“ مون سوچيو ته هوُ ان ڳالهه کي ايترو هلڪو ۽ غير اهم انهيءَ ڪري سمجهي رهيو آهي، جو کيس محتاجن جي بيشمار هجڻ جي خبر نه هئي. ”توکي خبر آهي ته رڳو ماسڪو ۾ ئي اٽڪل ويهه هزار شخص بک ۽ برف ۾ زندگيءَ جو قيد ڪاٽي رهيا آهن ! اڃا پيٽرسبرگ ۽ ٻين شهرن ۾......“

هو مرڪيو ۽ چيائين، ”ويهه هزار ؟ ۽ روس ۾ گهر ڪيترا آهن؟ ڏهه لک کن؟“

”ها ! پوءِ ڇاهي؟“

”پوءِ ڇاهي !“ هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ هن ۾ ڄڻ ته جان اچئي ويئي. ”ڇو نه انهن سڀني کي اسان پاڻ وراهي کڻون ! مان شاهوڪار نه آهيان، پر تڏهن به ٻه ڄڻا کڻندس. توهان وٽ جيڪو ڇوڪرو بورچيخاني ۾ هو، تنهن کي مون پاڻ سان هلڻ لاءِ چيو آهي، پر هو نه ٿو هلي. هي ته ويهه هزار آهن، پر اسان انهن کان ڏهوڻا آباد ڪري سگهون ٿا. هڪ تون کڻ، هڪ مان ٿو کڻان.آءُ ۽ هو پاڻ ۾ گڏجي ڪم تي وينداسين. هو مون کي محنت ڪندو ڏسي، پاڻ به زنده رهڻ سکهندو. آءُ ۽ هو هڪ ئي ميز تي وهنداسين ۽ هُو ٻه لفظ مون کان سکندو ۽ ٻه ٻئي کان. اهائي صحيح خيرات آهي؛ باقي تنهنجي تجويز ته بنهه بيڪار ۽ فضول پئي ڏسڻ ۾ اچي .“

ستائيف جي هن سنئين سڌيءَ ۽ ساديءَ ڳالهه مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو، ۽ مان ان جي سچائي مڃڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس.پر ان وقت مون خيال ڪيو ته جيتوڻيڪ اها ڳالهه برابر آهي، تڏهن به ٿي سگهي ٿو ته منهنجي مهم به مفيد ثابت ٿئي. پر مان جيترو وڌيڪ پنهنجي مهم سان اڳتي ٿي وڌيس، ۽ جيترو گهڻو غربين سان ٿي مليس، اوترو وڌيڪ مون کي ستائيف جا مٿيان لفظ ياد پئي آيا، ۽ منهنجي دل ۾ انهن جي اهميت وڌندي ٿي رهي.

مون وٽ هڪ وڏيءَ بها وارو پشم جو ڪوٽ آهي ۽ مان پنهنجي عمديءَ گاڏي ۾ سواري ڪريان ٿو؛ مون وٽ ٻن هزارن روبيلن واري هڪ اوطاق به آهي ۽ کل خوشيءَ سان پنج روبيل خيرات ۾ به ڏيان ٿو.هاڻي جڏهن هڪ پيرين اگهاڙو، اُڃيو ۽ بکيو شخص منهنجا اهي افعال ڏسندو، تڏهن ضرور ائين ئي سمجهندو ته مون تمام گهڻا پئسا ڪٺا ڪيا آهن، شايد اڳ ڪڏهن خيرات نه ڪئي اٿم ۽ هنئر مون وٽ ضرور ڪي فالتو پئسا هوندا، جيڪي ظاهر آهي ته مون هن جهڙن ٻين غريبن کان ئي ڦُريا هوندا. هيءُ شخص ته مون کي هڪ ڦورو ۽ ڌاڙيل ئي سمجهندو، جنهن سندس حق هضم ڪيا آهن. هن جي مون سان ڪهڙي همدردي رهندي؟ اها ئي نه، ته مون هن کان ۽ هن جي ٻين هم پيشه ساٿين کان جيڪي پئسا ڦريا آهن، سي ڪنهن به صورت ۾ هو مون کان واپس ڦري وٺي. مان اهڙي ماڻهوءَ سان ئي ملڻ ۽ سندس نزديڪ اچڻ چاهيان ٿو، ۽ اڃا به شڪايت اٿم ته هُو دل کولي پنهنجا احوال مون کي نه ٿو ڏئي !پر ساڳئي وقت منهنجي پنهنجي اها حالت آهي، جو هن جي بستري تي ويهڻ کان ڊڄان ٿو ته متان جونئان چنبڙن يا ڪا ٻي وچڙندڙ بيماري اچي وٺيم، -هن کي پنهنجي ڪمري ۾ اچڻ ته ڪڏهن به ڪين ڏيندس. هُو جيڪڏهن بکئي پيٽ سان به مون کي ڏسڻ ايندو، ته کيس ٻاهر هال ۾ (جيڪڏهن ڀاڳ وارو هوندو ته) يا ماڳهين ٻاهر در وٽ ترسڻو پوندو.تنهن هوندي به مان هن جي شڪايت ٿو ڪريان ته هو صاف دل نه آهي ۽ مان ساڻس کليءَ دل ۽ آزاديءَ سان نٿو ملي سگهان !

ظالم ۾ ظالم شخص به جيڪڏهن بُکين جي وچ ۾ ويهي، ست رڇين کائڻ جي ڪوشش ڪندو ، ته، بکين کي چپ چٽيندو ڏسي،  هن کان به گره نه اُڪلندو. تنهنڪري بکين جي ملڪ ۾ لذيذ، مقوي ۽ سڻڀا طعام سهولت سان کائي سگهڻ لاءِ ضروري آهي ته هميشه کانئن لڪائي کائجي. اسان پاڻ به ته سڀ کان پهريائين ائين ڪندا آهيون نه !

مون هاڻي زندگيءَ کي وڌيڪ ويجهو وڃي ڏٺو ته غريبن سان اسان جو ملڻ جُلڻ، جو ايترو مشڪل آهي، سو ڪو محض اتفاق نه آهي؛ پر اسان پاڻ سوچي سمجهي ، پنهنجي زندگيءَ کي اهڙيءَ طرح ٺاهيون ٿا، جو هنن سان اسان جو ملڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. پر، ان کان به وڌيڪ ، جڏهن هڪ مَنو ٿي پنهنجي، يعني اميرن جي زندگيءَ کي چتائي ڏٺم، ته معلوم ٿيو ته اسان جي زندگي ءَ جون سڀ سهولتون، جنهن کي اسان آرام چئون ٿا، لازمي طور ان ڳالهه تي مدار رکن ٿيون ته اسين امير ماڻهو غريب لوڪن کان جيترو ٿي سگهي، اوترو پري گذاريون. سچ پچ اسان جي اميراڻي زندگيءَ- کاڌي ڪپڙي، اجهي آرام ۽ ڦڻيءَ ڦوڪاري کان وٺي ويندي تعليم تائين – مطلب ته هر ڳالهه جو پهريون ۽ پويون مقصد پنهنجي سماج  ۾ امير ۽ غريب کي هڪ ٻئي کان الڳ رکڻ ئي آهي؛ ۽ اسين اهڙيءَ طرح پاڻ کي غريبن کان علحده ۽ پري رکڻ ۾ ئي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي نوي سيڪڙو دولت خرچ ڪريون ٿا.

هر شاهوڪار پهرين ڪم اهو ڪندو آهي، جو عام ٿانون منجهان کائڻ بند ڪري، پاڻ کان هيٺ درجي وارن سان گڏجي کائڻ ڇڏي ڏيندو آهي، ۽ پنهنجا جدا قيمتي ۽ نفيس برتن وٺي، پاڻ کي رڌڻي ۽ رڌڻي وارن کان الڳ رکندو آهي. پنهنجي نوڪر کي پورو کاڌو ڏيندو آهي، پر انهيءَ لاءِ ته سندس لذيذ ۽ ذائقي وارا طعام ڏسي نوڪر جو وات پاڻي پاڻي نه ٿئي؛ پاڻ ٻين سڀني نوڪرن چاڪرن کان الڳ کائيندو آهي، پر جئن ته اڪيلي کائڻ سان انسان گهڻو ڪري اٻاڻڪو ٿيندو آهي، تنهنڪري هن حضرت ان جي تلافيءَ لاءِ طعامن جا عجيب عجيب قسم ۽ کاڌي جي ڪمري کي سينگارڻ جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪيا آهن؛ ۽ هاڻي ته کاڌي کائڻ جو نمونو به هٺ وڏائيءَ يعني وڏ ماڻهپي جو موضوع ٿي پيو آهي.جهڙي قسم جو کاڌي کائڻ جو نمونو، تهڙي قسم جو پاڻ کي ٻين کان الڳ رکڻ جو انداز ! هڪ امير ماڻهو ته ڪنهن غريب شخص کي دعوت ڏيئي پاڻ سان گڏ ماني کارائڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي. فقط شاهوڪار طبقي جي شخص کي ئي ڪنهن خاتون کي ميز ڏانهن وٺي وڃڻ جو انداز، جهڪي سلام ڪرڻ جو سليقو، ويهڻ، ماني کائڻ ۽ هٿن ۾ پيالن جهلڻ جو طريقو، معلوم آهي. لٽن ڪپڙن جي به ساڳي ڳالهه آهي.هڪ شاهوڪار شخص به جيڪڏهن ٻين عام غريبن وانگر صرف موسم جي خيال کان، سادا ڪپڙا- جهڙوڪ هڪ اوورڪوٽ، پوستين، فليٽ ٽوپي، چمڙي جا بوٽ، ڦڻي، پتلون ۽ قميص- پائي، ته هن جون گهرجون به جيڪر گهڻي قدر گهٽجي وڃن، ۽ جيڪڏهن وٽس ٻه ڪوٽ هوندا ته هڪ ڪوٽ ٻئي مسڪين کي (جنهن وٽ هڪ ڪوٽ به نه هوندو) ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندو.پر هت حالت اها لڳي پيئي آهي، جو شاهوڪاري شوق کي پوري ڪرڻ لاءِ، ڪپڙن جي شروعات ئي هڪ اهڙي پوشاڪ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ ڏهه پنڌرهن ڪپڙا اچي وڃن ٿا، ۽ جا صرف ڪن خاص موقعن تي ئي پائجي ٿي. شاهوڪارن وٽ هر وڳي لاءِ جدا ڪوٽ، صدري، جئڪيٽ، چمڙي جو بوٽ، فرانسيسي کڙين سان بوٽ، وڏي ڪوٽ مٿان پهرڻ لاءِ گول ڪپڙو، شڪاري پوشاڪ وغيره، هر وقت موجود رهن ٿا، جيڪي غريبن کان ڪوهين دور رهي ڪري ئي استعمال ۾ آڻي سگهبا آهن؛ مطلب ته پوشاڪ به غريبن کان الڳ رهڻ جو هڪ ذريعو بڻجي چڪي آهي، ۽ حقيقت ۾ اهو فيشن ئي آهي، جو امير غريبن کي هڪ ٻئي ايترو پري رکي ٿو. جاين جڳهين ۽ گهرن جي بناوت وغيره ۾ ته اها ڳالهه اڃا به چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ ايندي.

ڏهن ڪمرن ۾ اڪيلي رهڻ لاءِ ضروري آهي ته هڪ ڪمري ۾ ڏهه رهندڙ انهيءَ حقيقت کان واقف نه ٿين.

هڪ شخص جيترو وڌيڪ شاهوڪار هوندو، اوترو وڌيڪ وٽس پهچڻ ڏکيو ٿي پوندو. امير وٽ جيترا گهڻا اردلي هوندا، غريبن کي غاليچا لتاڙي آرام ڪرسيءَ تي ويهڻ جا، اوترا گهٽ موقعا ملندا.

سواريءَ جا به ذريعا ائين آهن. بيل گاڏي هلائيندڙ غريب ٻئي پيادي غريب کي هڪدم سڏ ڪري گاڏيءَ ۾ وهاريندو. حقيقت ۾ هڪ غريب وٽ، ٻئي پاڻ جهڙي شخص کي وهارڻ لاءِ اکين ۾ به جاءِ آهي؛ پر گاڏي جيئن وڌيڪ نفيس ۽ نازڪ هوندي، تئين ڪنهن ٻئي شخص کي سهوليت ڏين جو امڪان گهٽ آهي. امير جي گاڏي به رٺل ٻار وانگر ڪنهن ٻئي جي ٽڪي واريءَ ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه [1] هوندي آهي.

”صفائي“ لفظ زندگيءَ جي جنهن سليقي کي بيان ڪري ٿو، ان جي به اهائي حالت آهي.

صفائي ! اهي ماڻهو، خاص ڪري عورتون، جيڪي هميشه صفائيءَ جي صفتن کي وڌائي وڌائي اخلاقن جي حدن تي پهچائينديون آهن، تن کي به اسين چڱيءَ طرح سڃاڻون ٿا. اسان کي اها ڄاڻ به آهي ته ٻين جي محنت ۽ مدد سان صفائيءَ جا بي انداز طريقا ايجاد ٿين ٿا. سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته اميراڻي صفائيءَ تي هرڻ لاءِ شروعات ۾ ڪيتري نه تڪيلف برداشت ڪرڻي پوي ٿي. چوڻي آهي ته ”اڇا اُجرا هٿ هميشه ٻين جي محنت پسند ڪندا آهن“.

اڄ هر روز قميص بدلائن ۾ صفائي آهي؛ سڀاڻي صبح شام قميص بدلائڻي پوندي. اڄ هر روز هٿ منهن ڌوئڻ گهرجي؛ سڀاڻي هر روز پير به ڌوئڻا پوندا، ۽ پرين سارو بدن ! اڄ ٻه ڏينهن لاءِ ميزپوش وڇائجي ٿو، سڀاني هر روز بدلائڻو پوندو، ۽ پوءِ ڏينهن ۾ به کپندا. اڄ نوڪر جا هٿ صاف هجڻ گهرجن، سڀاڻي کيس صاف ڌوتل دستانا پائڻا پوندا ۽ کيس هر چيز صاف ڌوتل هٿن سان صاف ڌوتل طشت (Tray) ۾ آڻڻي پوندي، ۽ اها صفائي جڏهن ٻين ماڻهن جي محنت تي مدار رکي ٿي، تڏهن ته سندس انت ئي ڪونهي. اها صفائي پاڻ کي ٻين کان الڳ رکڻ ۽ عام ماڻهن سان ملڻ جلڻ کي ناممڪن بڻائڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ڪم جي نه آهي. مان جڏهن اڃا به اڳتي وڌي، تعليم جو تنقيدي جائزو ورتو، ته مون کي اتي به اها ساڳي ڳالهه نظر آئي. ٻولي ڪڏهن به نه ٺڳندي آهي. عام ماڻهو ڪو لفظ جنهن معنيٰ ۾ ڪم آڻيندا آهن، ان لفظ جي اها ئي صحيح معنيٰ هوندي آهي. عام ماڻهن جي خيال موجب تعليم معنيٰ ”عمدي پوشاڪ، شائسته گفتگو، صاف هٿ منهن ۽ هڪ خاص قسم جي عام صفائي!“ هو ٻين عام ۾ ماڻهن جي ڀيٽ ۾، اهڙي قسم جي غير رواجي شخص کي ئي تعليم يافته چوندا آهن. مٿئين طبقي ۾ به تعليم يافته هجڻ لاءِ اهي ڳالهيون ضروري سمجهيو وڃن ٿيون، پر انهن سان گڏ پيانو وڄائڻ، فرانسيسي ٻولي سکڻ، سٺي ۽ صحيح روسي ٻوليءَ ۾ خط پٽ لکي سگهڻ، ۽ ڪجهه وڌيڪ ٻاهرين صفائي وغيره به ضروري آهن.

وڌيڪ مٿڀري طبقي جي سامهون تعليم معنيٰ اهي سڀ ڳالهيون ۽ انگريزي ٻولي، ڪنهن اعليٰ تعليمي اداري جي سند ۽ اڃا به وڌيڪ صفائي، پر حقيقت ۾ تعليم جا اهي ٽيئي مفهوم ساڳيءَ ڳالهه کي بيان ٿا ڪن – يعني اهو علم ۽ اهي طريقا، جيڪي انسانن جي وچ ۾ ويڇو وڌائين. تعليم جو مقصد به صفائيءَ جي مقصد جهڙو آهي – يعني پاڻ کي عام انسانن کان الڳ رکڻ، جيئن بک ۽ برف ۾ تباه ٿيندڙ اها عام مخلوق اسان جي ’تهذيب‘، تفريح ۽ عيش عشرت نه ڏسي سگهي. پر ماڻهن کان پاڻ کي لڪائڻ ناممڪن آهي، هو سڀ ڪجهه ڏسن ويٺا.

اهريءَ طرح، مون کي خبر پئي ته شهري غريبن کي معقول مدد ڏيڻ ۾ اسان  اميرن جي ناڪاميءَ جو مکيه سبب امير غريب جو سماجي فرق ۽ اسان جو انهن غريبن کان دور رهڻ ئي آهي. وڏي ڳالهه ته امير غريب جي وچ ۾ اهو سماجي ويڇو پڻ اسان پاڻ پنهنجي زندگيءَ جي طريقه ڪار ۽ دولت جي استعمال سان ئي پيدا ڪيو آهي. هاڻي مان ان ڳالهه جو قائل ٿيس ته اسان اميرن ۽ عام غريبن جي وچ ۾ ”تعليم ۽ صفائي“ جي هڪ اوچي ديوار بيٺي آهي، جيڪا اسان پاڻ پنهنجي دولت سان کڙي ڪئي آهي، ۽ غريبن کي سچي مدد ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريائين اها ديوار ڊاهيون، ۽ پوءِ ستائيف جي صلاح تي عمل ڪري سڀني غريبن کي پاڻ ۾ ورهائي کڻون. مطلب ته هن نقطه نگاهه کان پڻ مان انهيءَ ئي نتيجي تي پهتس، جنهن تي شهري غربت تي سڌيءَ طرح سوچ ويچار ڪندي اڳي ئي پهتو هوس – يعني مفلسن جي مفلسيءَ جو اصل سبب جيڪڏهن آهي، ته اسان دولتمندن جي دولت ئي آهي –  ٻيو ڪونهي. 

 

باب پندرهون

مان هن مسئلي تي اڃا به ٻئي – خالص شخصي نقطه نگاهه سان غور ڪرڻ لڳس. منهنجي خيراتي سرگرمين وقت هڪ اهڙي عجيب و غريب ڳالهه به ٿي، جنهن مون کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو، ۽ جنهن جي سمجهاڻي مون کي گهڻي وقت کان نه پئي ملي. مان جڏهن به ڪنهن گهٽيءَ ۾ يا گهر ٻاهران ڪنهن غريب پينوءَ کي، ساڻس ڳالهائڻ کان سواءِ، ڪجهه ڏيئي ڇڏيندو هوس، ته سندس منهن تي هميشه خوشي، اطمينان ۽ احسان جا آثار پيا بکندا هئا (يا مون کي ائين ڏسڻ ۾ ايندو هو)، ۽ مان پاڻ به اهڙن موقعن تي ڏاڍي خوشي محسوس ڪندو هوس. مان سمجهندو هوس ته مون هن شخص جي ضرورت پوري ڪئي، ۽ پنهنجو فرض ادا ڪريو، پر اتفاق سان جيڪڏهن ڪجهه وقت بيهي، سائل سان ٻه چار لفظ ڳالهائيندو هوس ۽ کانئس سندس اڳيون پويون احوال وٺي ساڻس همدرديءَ جو اظهار ڪندو هوس، ۽ پنهنجا کيسا ڦولهي کيس ڪجهه وڌيڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، ۽ اهڙن موقعن تي مون اڪثر ائين ئي ڏٺو ته ان غير معمولي وڌيڪ خيرات ملڻ تي به فقير خوش نه ٿيندو هو. مان جيڪڏهن اڃا به وڌيڪ ڪنهن سائل سان گهرو ٿيندو هوس، ته کيس پئسن ڏيڻ ۾ پاڻ وڌيڪ منجهي پوندو هوس، ۽ جيترو به گهڻو ڏيندو هومانس، هو هميشه ناراض ۽ ناخوش موٽي ويندو هو. انهيءَ ڳالهه مان، مون ائين سمجهيو ته ڪنهن غريب سان ڪجهه گهرو ٿي کيس هڪ ئي وقت ٻه چار روبيل به ڏيندس، ته به سندس منهن تي ڏک، ڪاوڙ ۽ ناراضپو ئي نظر ايندو. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو، جو ڪو فقير ڏهه روبيل وٺي ’مهرباني‘ چوڻ کان سواءِ هليو ويندو هو، ڄڻ ته مون کيس وڏو صدمو پهچايو هو، ۽ اهڙن موقعن تي مان هميشه پاڻ کي ڏاڍو بي چين، شرمندو ۽ گنهگار محسوس ڪندو هوس، مان جيڪڏهن ڪنهن محتاج شخص سان ڪجهه ڏينهن، مهينا يا سال ملندو هوس، کيس باقاعدي مدد ڏيندو هوس، پنهنجا خيال ٻڌائيندو هوس ۽ ساڻس گهرو ٿيندو هوس، ته مون کي هميشه سندس صحبت ۾ هڪ قسم جي عذاب جو احساس ٿيندو هو، ۽ مان ڏسندو هوس ته هو به مون کان نفرت پيو ڪندو هو، (مان سمجهان ٿو ته کيس ائين ڪرڻ جو هرڪو حق هو).   

مون اڪثر ڏٺو آهي ته رستي ويندي ڪو شخص جيڪڏهن مون کان ٻه چار ڪوپيڪ گهري ۽ مان هڪدم ڪڍي ڏيانس، ته مان هن لاءِ هڪ سٺو ۽ شريف اجنبي آهيان، ۽ بس، حالانڪ منهنجي اها خيرات هڪ انگ اگهاڙي شخص کي قميص ڏيڻ بدران رڳو هڪ ڌاڳي ڏيڻ برابر آهي. (هن غريب کي اسان اميرن ۾ ڌاڳي کان وڌيڪ ٻي اميد به ته ڪانهي!) انهيءَ هڪڙي ’ڌاڳي‘ ملڻ تي به هو غريب ڏاڍو خوش ٿيندو آهي، ۽ گهڻيون گهڻيون دعائون ڏيندو آهي. پر مان جيڪڏهن کيس ٻه منٽ بيهاري ڪجهه پنهنجائپ سان ڳالهايان، سندس ڏک سور معلوم ڪريان، ۽ کيس اهو محسوس ڪرايان ته مان هن لاءِ عام رواجي واٽهڙوءَ کان ڪجهه وڌيڪ به ٿيڻ چاهيان ٿو، ته پڪ ڄاڻو ته هو ڪڏهن به مون کي رواجي واٽهڙو نه پر پنهنجو هڪ مهربان همدرد سمجهندو – يعني هو مون کي ائين ئي سمجهندو جيئن مان چاهيان ٿو ته هو مون کي سمجهي. پر واقعي مان جيڪڏهن اهڙو ئي مهربان شخص آهيان، ته منهنجي مهرباني ويهن ڪوپيڪن ۽ ڏهن يا ڏهن هزارن روبيلن تائين محدود ڪرڻ ناممڪن آهي. سمجهيو ته مون کيس گهڻو ڪجهه ڏنو آهي – کاڌ خوراڪ، لٽو ڪپڙو ۽ پڻ خرچي وغيره - ۽ انهيءَ لاءِ ته آئينده ڪنهن به ٻئي شخص جو محتاج نه ٿئي، مون کيس ايترو ڏنو آهي، جو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي، پر جيئن اڪثر ڏٺو اٿم، هو اهي سڀ پئسا کائي پي خلاص ڪري، ۽ رلي پني هڪ دفعو وري به انگ اگهاڙو ۽ پيٽ بکيو ٿي مون وٽ مدد لاءِ اچي ٿو. ڇا! هاڻ هٿين خالي موٽائي ڪڍانس! ڇو؟

منهنجي سرگرمين جو اصل مقصد جيڪڏهن صرف ڪنهن محتاج کي ٻه چار ڏوڪڙ يا ڪو اوورڪوٽ وغيره عطا ڪرڻ آهي، ته پوءِ اهي هن کي ڏيئي، منهنجي دل کي ضرور آرام اچڻ گهرجي. پر منهنجي سرگرمين جو اصل مقصد اهو نه آهي: اصل مقصد آهي ’مهربان‘ ٿيڻ جي خواهش، يعني هر محتاج، مظلوم ۽ سکي شخص ۾ آءُ پنهنجي پاڻ کي ڏسڻ چاهيان ٿو. هر انسان جي مهربان ٿيڻ جي خواهش مان اها ئي مراد هوندي آهي. تنهنڪري توهان جيڪڏهن ڪنهن کي ويهه دفعا مالي مدد ڏيو ۽ هو ويهه ئي دفعا توهان کان مليل ڏوڪڙ ڀنگ ڀڳڙو ڪري، وري به بک ۽ برف ۾ تباه ٿيندو هجي، ته توهان – جيڪڏهن سچ پچ مهربان شخص آهيو ته – کيس وري به ڪجهه ڏيڻ کان رهي نه سگهندا، ۽ کيس تيستائين ڏيندا رهندا، جيستائين توهان وٽ هن کان وڌيڪ ڏوڪڙ آهن. پر ائين ڪرڻ ۾ توهان اهو سڀ ڪجهه پنهنجي مهربان هئڻ ڪري نه، پر صرف خود ان محتاج ۽ پڻ ٻين جي نظرن ۾ مهربان معلوم ٿيڻ لاءِ ڪري رهيا آهيو.

مان به اهڙن ماڻهن جي روبرو، جن کان پوئتي هٽي، کين خيرات ڏسڻ بند ڪري، پنهنجي رحمدليءَ کي ترڪ ڪرڻو ٿي پيم، هڪ قسم جي عذاب ڏيندڙ شرمندگي محسوس ڪندو هوس.

اها شرمندگي آخر ڇو؟

مون انهيءَ قسم جي عذاب ڏيندڙ شرمندگي، لياپن هائوس وٽ محسوس ڪئي هئي، ۽ ان کان اڳ ۽ پوءِ به ڪيترائي دفعا ڳوٺ ۾ توڙي شهري غريبن سان ملاقات ڪرڻ وقت، مون جڏهن به کين پئسا ڏوڪڙ يا ٻيو ڪجهه ڏنو ٿي، مان ڏاڍي عذاب ڏيندڙ شرمندگي محسوس ڪندو هوس.

اهڙي شرمندگيءَ جي هڪ تازي واقعي مون کي پنهنجا اڳيان پويان سڀ واقعا ياد ڏياريا، ۽ انهن جي سمجهاڻي پڻ مهيا ڪئي.

هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ڳوٺ ۾ ڪنهن مسافر کي خيرات ڏيڻ لاءِ مون کي ويهه ڪوپيڪ کپندا هئا، مون پنهنجي پٽ کي اهي ويهه ڪوپيڪ ڪنهن کان وٺي اچڻ لاءِ چيو. منهنجي پٽ هڪدم ويهه ڪوپيڪ آڻي مسافر کي ڏنا، ۽ مون کي ٻڌايائين ته هن اهي پئسا اسان جي پنهنجي بورچيءَ کان اڌارا ورتا هئا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، ڳوٺ ۾ ٻيا مسافر به آيا، ۽ مون کي وري به ويهه ڪوپيڪ کپندا هئا. مون موٽ هڪ روبيل هو، ۽ اهو ياد ڪري ته بورچيءَ وٽ لنگهي ويس.

”مون توکان ويهه ڪوپيڪ اڌارا ورتا هئا، اجهو هي روبيل آهي . . . “ مون اڃا جملو پورو ئي نه ڪيو، ته بورچيءَ پنهنجي زال کي ٻئي ڪمري مان سڏ ڪري چيو: ”پراشا! اچ، صاحب کان هي وٺ!“

مون اهو سوچي ته کين منهنجي مطلب جي ضرور خبر هوندي، جوڻس کي هڪ روبيل ڪڍي ڏنو. مان اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿو سمجهان ته بورچيءَ کي اسان وٽ آئي هفتو کن مس ٿيو هو، ۽ مون جيتوڻيڪ سندس زال ڏٺي هئي، پر تڏهن به ان سان ڳالهائڻ جو موقعو نه مليو هوم. مان کانئس روبيل مان باقي بچيل رقم گهرڻ تي هوس، ته هوءَ هڪدم ڪجهه جهڪي منهنجي هٿ کي چمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. هن جي خيال ۾ مان کين ويهن ڪوپيڪن جي موٽ ۾ سارو روبيل ڏيئي رهيو هوس. مون ڪجهه ڀڻ ڀڻ ڪئي، ۽ بورچيخاني مان نڪري آيس. مان ڏاڍو شرمندو ٿيڻ لڳس، ۽ ورهين ۾ ايترو عزاب ڏيندڙ شرم ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هوم. مان دل ۾ ڏاڍو لڇي ڦٿڪي رهيو هوس ۽ شرم وچان ڪنڌ هيٺ ڪري، بورچيخاني مان ٻاهر ڊوڙي نڪتس. هن اوچتي ۽ اتفاقي شرم جي غلبي مون کي ڏڪائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو هڪ ته گهڻي وقت کان اهڙي قسم جي ڪا به ڳالهه محسوس نه ڪئي هيم، ۽ ٻيو ته مان هڪ ٻڍو شخص جنهن نموني جي سادي ۽ اڻ ڏکوئيندڙ زندگي گذاري رهيو هوس، تنهن ۾ اهڙي ڪنهن پڇتاءَ يا شرم جي احساس جي ضرورت ئي نه ٿيڻ کپندي هئي. انهيءَ ڳالهه مون کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو. مون انهيءَ حادثي جو ذڪر پنهنجي گهر جي ڀاتين ۽ ٻين واقفڪارن سان به ڪيو، ۽ انهن سڀني ائين ئي چيو ته هو پاڻ به اهڙيءَ حالت ۾ ائين محسوس ڪن ها. تنهنڪري هينئر مون پاڻ کان پڇڻ شروع ڪيو ته انهيءَ واقعي مونکي ايترو شرسار آخر ڇو ڪيو؟ انهيءَ سوال جو جواب وري هڪ ٻئي واقعي ڏنم، جيڪو مون سان ڪجهه وقت اڳ ماسڪو ۾ ٿيو هو.

مون انهيءَ واقعي تي ٿورو ويچار ڪيو، ته مون کي بورچيءَ جي زال اڳيان ٿيل شرم جو احساس به سمجهه ۾ اچڻ لڳو، ۽ هڪ هڪ ڪري شرم جا اهي سڀ احساس به سمجهڻ لڳس، جن جو تجربو مون کي خيراتي سرگرمين وقت ماسڪو ۾ ٿيو هو، - ۽ جن جو تجربو اڄ به ٿيندو رهيم ٿو، جڏهن ڪن ماڻهن کي عام مسافرن ۽ رواجي فقيرن کان ڪجهه وڌيڪ ڏيئي، ان کي خيرات نه پر پنهنجي ذاتي انسانيت ۽ شرافت سمجهندو آهيان.

توهان کان جيڪڏهن ڪو شخص روشني گهري ۽ توهان وٽ ماچيس به هجي، ته هن لاءِ تيلي ٻارڻ توهان جو فرض آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو محتاج ٻه چار ڪوپيڪ يا کڻي ڪجهه روبيل به گهري ۽ توهان پٽ پئسا به هجن، ته توهان کي سندس سوال ضرور مڃڻ گهرجي. اها ته سنئين سڌي شرافت جي تقاصا آهي، ۽ نه خيرات!

اهو مذڪوره واقعو هن ريت ٿيو. مان مٿي انهن ٻن ڪڙمين جا نالا لکي آيو آهيان، جن سان گڏ ٻه سال اڳ ماسڪو ۾ ڪاٺيون چيريندو هوس. هڪ ڇنڇر جي شام جو، منهن اونداهيءَ مهل، هنن سان گڏ مان به شهر ڏانهن وڃي رهيو هوس. هو ٻئي پنهنجي سيٺ کان مزوري وٺڻ پئي ويا. ”ڊرئگوميلو“ پل وٽ اسان کي هڪ ٻڍو شخص مليو. هن ڏسڻ سان خيرات گهري، ۽ مون ويهه ڪوپيڪ ڪڍي ڏنس. هن ٻڍڙي کي خيرات ڏيندي، مون سوچيو ته منهنجو هي خير جو ڪم سائمن کي ڏاڍو وڻندو. سائمن اهو ساڳيو والامير وارو ڪڙمي هو، ۽ کيس ماسڪو ۾ هڪ زال ۽ ٻه ٻار به هئا. اسين هينئر پاڻ ۾ ”روحاني ڳالهين“ تي گفتگو ڪري رهيا هئاسين. ايتري ۾ سائمن به بيهي رهيو، اوورڪوٽ جو پلؤ مٿي ڪري کيسي مان ٻٽوئون ٻاهر ڪڍيائين، ۽ ڳولي ڦولهي ان ٻڍي فقير کي ٽي – ڪوپيڪ ڏيئي، کانئس باقي ٻه ڪوپيڪ گهرڻ لڳو. ٻڍڙي وٽ ٻن ٽن ڪوپيڪن جا سڪا ۽ هڪ الڳ ڪوپيڪ هئا. ظاهر آهي ته هن فقير وٽ سائمن کي ڏيڻ لاءِ ٻه ڪوپيڪ کليل نه هئا. سائمن سڪن ڏانهن نهاريو ۽ هڪ ڪوپيڪ کڻڻ تي هو، پر پوءِ خيال بدلائي ڇڏيائين، ۽ ٽوپي لاهي، ٿورو جهڪي، سيني تي سليب جو نشان ٺاهي، ان فقير کي ٽيئي ڪوپيڪ ڏيئي رمندو رهيو. مون کي سائمن جي حيثيت جي پوري خبر هئي، کيس پنهنجي جاءِ، توڙي مال ملڪيت بنهه ڪا نه هئي. ان ڏينهن تائين سندس ڪل ڪمائي ڇهه روبيل ۽ پنجاه ڪوپيڪ هئي. هوڏانهن منهنجي ملڪيت ڇهه لک روبيل هئي. منهنجن ٻارن ٻچن جهڙا سائمن کي به هئا. هو عمر ۾ مون کان ننڍو هو، ۽ ٻه ٻار به گهٽ هئس، پر هن جا ٻار اڃا ننڍا هئا، ۽ مون کي ٻه وڏا ڪم – لائق پٽ هئا. مطلب ته، ملڪيت کان سواءِ، اسان جي باقي حيثيت تقريباً هڪجهڙي هئي، بلڪ اها به منهنجي حالت ۾ اڃا به ڪجهه بهتر هئي. هن ٽي ڪوپيڪ ڏنا، ۽ مون ويهه. هن ڇا ڏنو هو، ۽ مون ڇا ڏنو؟ هن سان هڪ جهڙي ٿيڻ لاءِ مون کي، پنهنجي حيثيت سارو ڇا ڏيڻ کپندو هو؟ هن وٽ ڇهه سؤ ڪوپيڪ هئا، جن مان هن پهريائين هڪ ڪوپيڪ ڏنو، ۽ پوءِ ٻه ٻيا به ڏيئي ڇڏيائين. مون وٽ ڇهه لک روبيل هئا. سائمن جيتري خيرات ڏيڻ لاءِ مون کي به ٽي هزار روبيل ڏيئي، جهڪي سلام ڪري، سيني تي صليب جو نشان ٺاهي، پنهنجو رستو وٺڻ گهيو هو، - ۽ پوءِ، سائمن وانگر، بلڪل آرام ۽ اطمينان سان ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزورن جي زندگيءَ ۽ سمولينسڪ مارڪيٽ ۾ رڌيل اوجهريءَ ۽ پڪل جيرن جي قيمت تي ڳالهائيندي ائين هليو وڃڻ گهربو هو، ڄڻ ٽي هزار روبيل خيرات ڏيئي، مون اهڙي ڪا خاص غير معمولي ڳالهه ڪا نه ڪري وڌي هئي. اها چيز به ان وقت به منهنجي خيال ۾ آئي هئي، پر انهيءَ واقعي جي منطقي نتيجي تي گهڻي وقت کان پوءِ پهچي سگهيس. هن وقت به اهو نتيجو  اهڙو ته عجيب ۽ غير رواجي پيو لڳي، جو ان جي منطقي صداقت مڃيندي به ان کي قبول ڪرڻ کان ذهن پيو نٽائي، هر وقت ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا غلطي ضرور آهي، - پر حقيقت ۾ غلطي ڪا به ڪانهي. اهو رڳو اسان جي خود فريبيءَ جو ڌنڌ آهي، جنهن ۾ حقيقت هميشه اسان کان لڪل رهي ٿي.

مان جڏهن انهيءَ نتيجي تي پهتس ۽ ان جي صداقت به مڃيم، تڏهن وڃي مون کي غربت محتاجن ۽ بورچيءَ جي زال اڳيان ٿيل شرمندگيءَ جي احساس جي اصل حقيقت معلوم ٿي.

آخر، مان غريبن ۽ محتاجن کي ڏيندو ئي ڇا آهيان؟ ۽ بورچيءَ جي زال به جيڪي سمجهيو پئي ته مان کيس ڏيئي رهيو هوس، اها رقم ئي ڪهڙي هئي؟ اڪثر حالتن ۾، اها رقم منهنجي ملڪيت جو ايترو ته خسيس ڀاڱو هوندي آهي، جو اهو اڻپور انگ جي صورت ۾ جيڪڏهن سائمن ۽ بورچيءَ جي زال کي ٻڌائجي، ته کين سمجهه ۾ ئي اچي نه سگهي. اها رقم گهڻو ڪري ڏهه لک روپيل تي هڪ روپيل هوندي آهي. حقيقت ۾ مان ايتري ته ٿوري ۽ خسيس رقم ڏيندو آهيان، جو ان جي ڏيڻ سان مون کي ڪنهن به قسم جي کوٽ ڪا نه ٿي ٿئي ۽ نه ٿيندي، اها ته منهنجي لاءِ هڪ قسم جي وندر آهي، جنهن سان جڏهن به چاهيان دل کي خوش ڪري سگهان ٿو. بورچيءَ جي زال به منهنجي هن خيرات بازيءَ جو اهو ئي مطلب سمجهيو هو. مان جيڪڏهن رستي ويندي ڪنهن ست – ڌار ئي شخص کي ويهه ڪوپيڪ يا روبيل ڏيان ٿو، ته پنهنجي بورچيءَ جي زال هڪ روبيل به نه لهڻو ڇا؟ بورچيءَ جي زال جي نظر ۾ اهڙيءَ طرح عام جام پئسا ورهائڻ ائين آهي، جئين شهرن جا ”شريف“ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن محتاجن جي ميڙ ۾ مانيءَ ٽڪر ڦٽو ڪندا آهن، پئسو ”چريو“ آهي، ۽ پئسي وارن لاءِ اها به هڪ قسم جي وندر ليکبي. مون بورچيءَ جي زال اڳيان شرمندگي محسوس ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن جي غلطيءَ مون کي صاف ڏيکاريو ته هوءَ ۽ ٻيا سڀ غريب مون بابت ائين ئي سمجهن ٿا ته ”هيءُ شخص پنهنجا ’چريا‘ (اڻ ڪمايل) پئسا هيڏانهن هوڏانهن ائين ئي اڇلائيندو وتي ٿو.“

منهنجا پئسا به آخر آيا ڪٿان؟ ڪجهه پئسا پنهنجي پيءُ کان ورثي ۾ مليل زمين مان ٺاهيا اٿم. ڪڙمي غريب به قرض ۾ پنهنجي رهي کهي رڍ يا ڳئون وڪڻي مون کي پئسا ڏيندا آهن. ملڪيت جو باقي ٻيو حصو مون پنهنجي ڪتابن مان ٺاهيو آهي. منهنجا ڪتاب جيڪڏهن نقصانڪار آهن، ته مان، جو رڳو ڪنهن نه ڪنهن طرح پڙهندڙ کي هر کائي کانئن خريد ڪرايان ٿو، سو اهڙيءَ طرح اها ڪمائي به ناجائز سمجهڻ گهر، پر ڪتاب جيڪڏهن مفيد آهن، ته ڳالهه پاڻ وڌيڪ خراب آهي! مان پنهنجا ڪتاب ماڻهن کي مفت ۾ ڪو نه ٿو ڏيان، پر کين چوان ٿو ته ”سترهن روبيل [2] ڏيو، ته پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيانوَ!“ جيئن غريب ڪڙميءَ کي پنهنجي آخري رڍ وڪڻي به پنهنجي قرض  جي پوئواري ڪرڻ پوي ٿي، تيئن هن حالت ۾ ڪنهن غريب شاگرد، ماستر يا ڪنهن ٻئي سفيد پوش شخص کي زندگيءَ جي ٻين ضروري چيزن تان هٿ کڻي، مون کي اهي سترهن روبيل ڏيڻا پون ٿا. اهڙيءَ طرح مون جهجهي ملڪيت گڏ ڪئي آهي، پر ان کي خرچ ڪهڙي نموني ٿو ڪريان؟ پهريائين ته مان انهيءَ دولت کي شهر ۾ آڻيان ٿو، ۽ پوءِ غريبن کي انهيءَ شرط سان آڇيان ٿو ته هو به منهنجي پوئتان شهر ۾ اچن، منهنجون ابتيون سبتيون ڳالهيون مڃين، رستا صاف ڪن، منهنجا بوٽ پالش ڪن ۽ منهنجي لاءِ ڪارخانن ۾ باقاعدي ڪم ڪندا رهن، ۽ وڏي ڳالهه ته انهن ساڳين پئسن معرفت پڻ کانئن جو ڪجهه وٺي سگهان ٿو  سو اڳواٽ وٺندو آهيان – يعني جيتري قدر ٿي سگهندو آهي، مان کين گهٽ ۾ گهٽ رقم ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ۽ ان جي عوض کانئن وڌ ۾ وڌ ڪم وٺندو آهيان –ائين ڪندي ڪندي، اوچٿو ئي اوچتو، بلڪل غير ارادي طور، ڪهن به خاص سبب کان سواءِ، اهي ساڳيا سندن ئي پگهر مان ڪمايل پئسا آءٌ منجهانئن ئي ڪن غريبن ۾ ورهائڻ شروع ڪري ٿو ڏيان – منجهانئن سڀني ۾ نه، پر فقط ڪن خاص شخصن ۾، جن کي مان پاڻ پسند ڪريان ٿو. هن صورتحال ۾، لازمي آهي ته منجهانئن هر ڪوئي ائين سوچي ته ٻين سان گڏ هو پڻ اهو خوش نصيب انسان ٿي سگهي ٿو، جنهن سان مان ٻين جي ڪمايل ملڪيت ورهائڻ وقت پنهنجي دل وندرائيندس!

هي سڀ شخص مون کي ائين سمجهندا آهن، ۽ بورچيءَ جي زال به مون کي ائين ئي سمجهيو هو، پر مان پاڻ اهڙي انڌي فريب ۾ ڦاٿل هوس، جو هڪ هٿ سان هن طرح غريبن ۾ پئسن ورهائڻ ۽ ٻئي هٿ سان انهن ساڳين غريبن منجهان هزارن لکن روبيلن ميڙن کي ’چڱو ڪم‘ پئي سمجهيم! تنهنڪري مون جيڪڏهن شرمندگي محسوس ڪئي، ته ان ۾ ڪهڙو عجب! ڇاڪاڻ ته ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ کان اڳ مون کي پاڻ برائيءَ کان پاسو ڪري اهڙين حالتن هيٺ رهڻ گهرجي، جو مون کي توڙي هنن کي بُري ٿيڻ جو موقعو ئي نه ملي. مان هڪ لک روبيل خيرات ڪري به ڪنهن سان چڱائي ڪري نه سگهندس، ڇاڪاڻ ته مون وٽ پوءِ به پنج لک روبيل رهندا. مان چڱائي رڳو تڏهن ئي ڪري سگهندس، جڏهن مون وٽ ملڪيت بنهه نه رهي، ۽ اها چڱائي به شايد اهڙي نه هجي، جهڙي مٿي ذڪر ڪيل هڪ رنڊيءَ پنهنجي بيمار پاڙيسرڻ ۽ سندس ڌيءَ سان ڪئي هئي. اها ايڏي ساري چڱائي ان وقت مون کي ڪهڙي نه خسيس ۽ معمولي نظر آئي هئي! ڇا، مان اڃا به ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جي دعويٰ ڪري سگهان ٿو؟ لياپن هائوس وٽ، بک ۽ برف ۾ تباه ٿيندڙ انسانن کي ڏسڻ سان مون جو ڪجهه محسوس ڪيو هو، اها هڪ ڳالهه ئي حقيقت ۾ صحيح ۽ درست هئي (يعني خود مان ئي انهيءَ عام دک ۽ پيڙا لاءِ جوابدار آهيان.)

”پوءِ ڀلا  اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ جيڪڏهن اڃا به ڪنهن کي انهيءَ سوال جو جواب کپي، ته خدا گهريو آهي ته ان جي ايندڙ صفحن ۾ هڪ مفصل جواب پيش ڪندس.

 

 

باب سورهون

منهنجي لاءِ اصل حقيقتن کي پروڙڻ ڏاڍو ڏکيو هو، پر پوءِ جڏهن ڳالهه معلوم ٿي، تڏهن خبر پيئي ته مان ڪهڙي نه فريب ۾ مبتلا هوس. مان پاڻ ڪنن تائين گپ ۾ گتو پيو هوس، ۽ سمجهيم پئي ته ٻين کي انهيءَ گپ مان ٻاهر ڪڍي سگهندس!

پر به مون کي کپي ڇا؟ حقيقت ۾ مان چڱائي ڪرڻ ۽ سماج ۾ هڪ اهڙي نظام جو بنياد وجهڻ چاهيان ٿو  جو عام ماڻهو بک ۽ برف ۾ تباه نه ٿين، پر کين انسانن جهڙي زندگي گذارڻ جو موقعو ملي.

مان فقط ايترو چاهيان ٿو: پر پنهنجي اکين سان ڏسان ٿو ويٺو ته ظلم، زبردستيءَ، ڏاڍ، سختيءَ ۽ ٻين اهڙين هزار ترڪيبن سان، (جن کي مان پاڻ به استعمال ڪريان ٿو) پورهيتن کان سندن زندگي جون ضرورتون کسيون وڃن ٿيون ۽ اسان پارا بيڪار شخص انهن ساڳين محنت مزوري ڪندڙن جي هڏن جي پورهئي کي نهايت بي درديءَ سان اڏائي رهيا آهن.

مان اهو به ڏسان ويٺو ته اها ڦرمار اهڙي ته منظم طريقي سان ڪئي وڃي ٿي، جو ڦرمار ڪندڙ (يا سندس ابا ڏاڏا، جن جي ملڪيت کيس ورثي ۾ ملي آهي) جيترو وڌيڪ چست ۽ چالاڪ هوندو ۽ جيتريون وڌيڪ غير معمولي ترڪيبون استعمال ڪندو، اوترو وڌيڪ آسانيءَ سان ٻين جي محنت تي قبضو ڪري سگهندو، ۽ خود کيس اوترو ئي گهٽ پورهيو ڪرڻو پوندو.

پهريائين هڪ ”اسٽيگلز“، هڪ ”درويز“، هڪ ”موروزوو“ ۽ هڪ ”يوسفوو“ [3]اچن ٿا، ۽ پوءِ انهن جي پٺيان وڏا وڏا صراف، واپاري، زميندار ۽ سرڪاري عملدار ظاهر ٿين ٿا. پوءِ رواجي صراف، واپاري، ڪامورا ۽ زميندار (جن منجهان هڪڙو مان به آهيان) اچن ٿا. پوءِ دڪاندار، رواجي هوٽلن وارا، سود خور، پوليس عملدار ۽ سپاهي، ماستر، منشي، ۽ موسيقار، انهن کان پوءِ گهرو نوڪر، چوڪيدار، ڪوچوان، پخالي ۽ گهورڙيا، ۽ سڀني کان پوءِ پڇاڙيءَ ۾ محنت مزوري ڪندڙ پورهيت، ڪمي ڪاسبي ۽ ڪڙمي اچن ٿا، جيڪي تعداد ۾ مٿين سڀني کان ڏهوڻا ٿيندا.    

مان ڏسان ويٺو ته نوي سيڪڙو عوام – هارين ۽ مزورن – جي حياتي، هر قدرتي حياتيءَ وانگر، محنت ۽ پورهيو گهري ٿي، پر مٿي بيان ڪيل مختلف ترڪيبن جي مقابلي ۾، جي هنن غريبن کان زندگيءَ جون سڀ سهوليتون کسي، سندن زندگيءَ کي وڌيڪ سخت ۽ صبر آزما بڻائين ٿيون، ويچارا هر سال اڳئين کان وڌيڪ سور ۽ سختيون ڏسن ٿا، ۽ ٻئي پاسي اسان بيڪار شخصن جي زندگي آهي، جا علم ۽ فن جي مدد سان هر سال وڌيڪ خوشحال، ڀرپور ۽ پختي ٿيندي وڃي!

مان ڏسان ويٺو ته اڄ اسان جي ڏينهن ۾ محنتي مزور، خاص ڪري ٻڍا، ٻار ۽ زالون، سخت پورهئي ۽ اڻپوريءَ خوراڪ سبب ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهيا آهن، ۽ کين رڳو زندهه رهڻ لاءِ ضروري شين جي ملڻ جي به پڪ نه آهي، ۽ ٻئي پاسي پرائي پورهئي تي پلجندڙ طبقو هر سال وڌيڪ سکيو ستابو ۽ مالدار ٿيندو وڃي ٿو، ۽ انهيءَ طبقي جا خوش نصيب فرد (جن منجهان مان به هڪڙو آهيان) وڌندي وڌندي عيش ۽ آرام جي هڪ اهڙيءَ منزل تي اچي پهتا آهن، جيڪا اڳين ڏينهن جا ماڻهو رڳو پرين ۽ ديون جي عقل چرخ ڪندڙ آکاڻين ۾ ئي تصور ۾ آڻي سگهندا هئا. اڄ سچ پچ اسين قارون ٿي پيا آهيون، يعني هڪ اهڙي حيثيت ملي اٿئون، جنهن ۾ اسان کي پنهنجي جياپي لاءِ نه رڳو ڪنهن به قسم جي محنت مزوريءَ جي ضرورت ڪا نه آهي، پر پاڻ گهر ويٺي هر طرح جي سهوليت جو سامان مهيا ٿي ملي ٿو، ۽ وڏي ڳالهه ته ويندي ويندي، پنهنجي خزاني جون چاٻيون پنهنجي اولاد يا جنهن کي وڻي تنهن کي سولائيءَ سان ڏيئي، دنيا کي خيرباد چئي سگهون ٿا – ته جيئن پوئتان هو به اسان وانگر ويٺي ويٺي ڍو جون اوڳرايون ڏيندو رهي.  

مان ڏسان ويٺو ته محنتي مزور جي محنت جو ڦل سندس هٿن مان نڪري، آهستي آهستي بيڪار شخصن جي جهوليءَ ۾ پوندو وڃي ٿو، ۽ سماجي عمارت جي پيڙهه جو پٿر، جيئن هن مهل تائين ٿيندو آيو آهي، تڪڙو تڪڙو ڪمزور ٿيندو، ڀرندو، ختم ٿيندو وڃي ٿو، ڄڻ ته ڪولين جي ڏور ۾، ڪولين پنهنجي زندگيءَ جا بنيادي اصول ترڪ ڪري ڇڏيا هجن ۽ ڪي ڪوليون ڪٺي ڪيل ذخيري مان، ان ڪڻا کڻي ٻاهر نڪري، واوکر ڪري ڇڏڻ ۾ مشغول هجن، ۽ اهڙيءَ طرح نظام جي بنياد کي ڪمزور ۽ ڏر جي منهن کي موڪرو ڪري، ٻين ڪولين کي به منهن ۾ ان ڪڻا کڻي، ترو ڇڏي، ٻاهر اچي، انهن کي فضول اڇلائي ڦٽي ڪرڻ تي هر کائينديون رهنديون هجن !

مان ڏسو ويٺو ته اسان جي زندگيءَ جو مقصد محنت مزوري ۽ هڏن جي پورهئي بدران، ٻنهي هٿن سان قارون جو خزانو گڏ ڪرڻ ٿي پيو آحي.

شاهوڪارن (جن ۾ مان پاڻ به اچي وڃان ٿو)، جدا جدا ترڪيبن سان، پنهنجي لاءِ اهو قارون جو خزانو هٿ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ خزاني سان عيش عشرت ڪرڻ لاءِ هو شهر ڏانهن اچن ٿا – يعني هڪ اهڙيءَ جڳهه ڏانهن جتي هر چيز خرچ ته برابر ٿئي ٿي، پر پيدا ڪجهه به نه ٿو ٿئي. محنت مزوري ڪندڙ شخص به، جنهن جي پگهر جي پورهئي سان هنن اهو قارون جو خزانو گڏ ڪيو آهي، سندن پير کڻندو شهر ڏانهن اچي ٿو. هت شهر ۾ به، اهو شاهوڪار نت نراليون ترڪيبون استعمال ڪري ٿو، ۽ انهيءَ اٽڪل بازيءَ جي سودي ۾ يا ته هڪ اهڙي ممتاز حيثيت جو مالڪ بڻجي ٿو، جنهن ۾ غير معمولي طور ٿوريءَ محنت سان گهڻو ڪجهه گڏ ڪري، پورهيت عوام کي اڳي کان به وڌيڪ مجبور ۽ معذور ڪري ٿو، يا وري اهڙيءَ حيثيت کي حاصل ڪرڻ کان اڳ ۾ پاڻ ئي برباد ٿي، بک ۽ برف ۾ تباهه ٿيندڙ ٻين غريبن سان گڏ پاڻ به وڃي محتاجخانو وسائي ٿو.

مان پاڻ به انهيءَ طبقي سان تعلق رکان ٿو، جيڪو جدا جدا ترڪيبن ۽ چالاڪين سان پورهيت عوام کان زندگيءَ جون سڀ سهولتون کسي، پنهنجي لاءِ قارون جو خزانو گڏ ڪري ٿو، هت شهر ۾ اهو ساڳيو قارون جو خزانو وري موٽ ۾ انهن ساڳين بدنصيب شخصن لاءِ رشڪ ۽ ڪشش جو سبب بڻجي پوي ٿو.

مان عام ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو، تنهنڪري سڀ کان پهريان مون کي گهرجي ته کين سندن موجوده حيثيت کان هيٺ نه ڪيرايان، ۽ قارون جو خزانو ڏيکاري کين هيٺ ڪرڻ تي نه هرکايان. نه ته ٻيءَ حالت ۾، مون صدين کان ايجاد ٿيلن حيلن بهانن، ترڪيبن ۽ چالاڪين سان پنهنجي لاءِ هڪ اکٽ ڀنڊار ٺاهي ورتو آهي، - يعني هڪ اهڙيءَ حيثيت کي پهتو آهيان، جنهن ۾ ڪنهن به محنت مزوريءَ کان سواءِ سون هزارن شخصن کي پنهنجي عيش آرام لاءِ پگهر وهائڻ تي مجبور ڪري سگهان ٿو، ۽ انهن ڳالهين هوندي به خوش آهيان ته غريبن تي ڪهل ڪري، سندن ڪجهه مدد ڪرڻ چاهيان ٿو! مان غريب جي پُٺيءَ تي چڙهيو، سندس ساهه ٻوساٽيو، کيس مجبور ڪيو ويٺو آهيان ته چپ چاپ مون کي اڳتي کنيو هليو هلي، ۽ ٻئي طرف پاڻ کي ۽ ٻين کي خاطريون ڏيندو ٿو رهان ته مون کي هن غريب تي بيحد ڪهڪاءُ ٿو اچي ته هن جو بار ڪنهن طرح هلڪو ٿئي – پر هن جي پٺيءَ تان جو لهي پوان، سو ائين پٽيءَ ڪين ڪندس.

سچ پچ ڳالهه ڪهڙي نه سولي ۽ صاف پئي آهي! مان جيڪڏهن سچيءَ نيت سان غريبن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو، غريبن کي غربت مان نجات ڏيڻ چاهيان ٿو، ته مون کي گهرجي ته ڪم از ڪم مان پاڻ ته کين وڌيڪ غريب نه ڪريان. پر موجوده حالت ۾ ته مان، پنهنجي پسند مطابق، زندگيءَ جي راهه ۾ ڪريل غريبن کي ٻه، چار، يا سؤ، هزار روبيل پيو ڏيان، ته جيئن هو اُٿي پنهنجي پيرن تي بيهن، ۽ ساڳئي وقت اهڙائي ٻه، چار يا سؤ، هزار روبيل ٻين اهڙن شخصن کان ڦري رهيو آهيان، جيڪي اڃا، زندگيءَ جي راه تي محڪم بيٺا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح کين سُڃو سکڻو، ذليل ۽ خوار ڪري، هٿ سان ڌڪو ڏيئي ڪيرائي ڇڏيان ٿو!

ڳالهه ڪهڙي نه سولي آهي! پر انهيءَ سوليءَ ۽ صاف ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهڻ لاءِ مون کي ڏاڍي گهڻي تڪليف ڏسڻي پيئي، ۽ جيئن ته مون پنهنجو ڏوهه باسيو، اهي سڀ ڳالهيون، جيڪي شروع شروع ۾ عجيب، اوکيون ۽ منجهيل نظر اينديون هيون، سي بلڪل صاف ۽ سوليون ٿي پيون. سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته انهيءَ سمجهاڻيءَ ۽ صفائيءَ کان پوءِ، خود منهنجي پنهنجي عمل جو رستو عجيب، اوکي، منجهيل ۽ اونداهي هجڻ بجاءِ صاف، سولو ۽ سنئون سڌو ٿي پيو.

آخر آءُ غريبن کي مدد ڏيڻ وارو آهيان ڪير؟ مان عوام کي ٿو مدد ڏيڻ چاهيان - ۽ رات جو دير تائين، ميز تي چار بتيون ٻاري رمي کيڏڻ کان پوءِ، صبح جو يارهين بجي ننڊ مان اٿي، ٿڪل ٽٽل، سون ماڻهن جي مدد جو محتاج، آءٌ سڪيلڌو پٽ، هليو آهيان ٻين جي مدد ڪرڻ! ڪنهن جي؟ انهن شخصن جي، جيڪي صبح سوير پنجين بجي اٿن ٿا، رات جو پٽ تي يا گهڻي ۾ گهڻو ڪاٺ جي تختن تي سمهن ٿا، دال يا گوبيءَ سان سڪل ماني کائن ٿا، هَر ُ ڏيئي ڄاڻن ٿا، لابارو ڪري سگهن ٿا، ڪهاڙي ۽ ڪوڏر هلائي سگهن ٿا، رندو هڻي سگهن ٿا، گهوڙو سنجي سگهن ٿا – يعني اهي شخص، جيڪي محنت، مزوريءَ، هنر، ڪاريگريءَ، طاقت، تربيت ۽ نيڪيءَ توڙي پرهيزگاريءَ ۾ مون کان سو دفعا وڌيڪ آهن! اهڙن ماڻهن سان ملي، مان شرمسار ٿين کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيس؟ انهن منجهان ڪمزور ۾ ڪمزور شخص به – مثلاً رزانوف هائوس ۾ رهندڙ هڪ شرابي، جنهن کي ”لوفر“ چون ٿا – مون کان سؤ دفعا وڌيڪ محنتي ۽ مفيد آهي، هن جي زندگيءَ جو پڙ منهنجي زندگيءَ جي پڙ کان وڌيڪ ڳورو آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي ڀيٽ ۾ هو ٻين کان گهٽ وٺي ٿو ۽ کين گهڻو ڏئي ٿو.

مان اهڙن ئي شخصن کي مدد ڏيڻ چاهيان ٿو! مان غريبن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو! پر غريب نيٺ به آهن ڪير؟ انهن مان هڪڙو شخص به مون کان وڌيڪ غريب نه آهي، مان هڪ بلڪل نٻل، ڪمزور، بيڪار ۽ نڪمو ئي ته آهيان! مان هڪ اهڙو مفتخور آحيان، جيڪو فقط ڪن خاص ۽ غير رواجي حالتن هيٺ ئي زنده رهي سگهان ٿو، - يعني انهن حالتن ۾ جڏهن هزارين شخص محنت مزوري ڪري، هڪڙيءَ بيڪار ۽ فضول حياتيءَ کي قائم رکن. اهو حرامخور ڪيڙو مان ئي آهيان، جيڪو وڻ جي پنن کي کائي، ناس ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ ساڳئي وڻ جي سڌاري ۽ واڌاري جي خام خواهش رکي ٿو.

مان پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن رات هن ريت گذاريان ٿو: کائڻ، ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ، کائڻ، لکڻ يا پڙهڻ (يعني ساڳيو ئي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ)، کائڻ ۽ کيڏڻ، کائڻ ۽ وري ڳالهائڻ ۽ وري ٻڌڻ، کائڻ ۽ ننڊ ڪرڻ، ۽ هر روز بس اهو ئي چڪر، وڌيڪ ڪجهه به نه ٿو ڪريان، ۽ نه وري ٻيو ڪجهه ڪري ئي سگهان ٿو. منهنجي ائين ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين، نوڪر چاڪر، ڪڙمي ڪاسبي، خانساما ۽ بورچي، چوڪيدار، ڪوچوان ۽ ڌوٻي وغيره باقاعدي ڪم ڪندا رهن، ۽ ٻيا محنت مزوري ڪندڙ پورهيت انهن کان سواءِ، جيڪي انهن نوڪرن ۽ ڪڙمين ڪاسبين، خانسامن ۽ بورچين وغيره کي مون لاءِ ڪم ڪرڻ واسطي گهربل ضروري سامان، جهڙوڪ ڪوڏريون، ڪهاڙيون بندوقون، ٿانو ٿپا، ميزون ڪرسيون، کٽون پلنگ، ڪاٺيون ڪلا، اٽو چانور، گيهه گوشت، لوڻ مسالا، وغيره مهيا ڪري ڏين. اهي سڀ شخص هر روز صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين پورهيو ڪن ٿا ۽ پگهر وهائين ٿا، انهيءَ لاءِ ته مان کائي پي، لکي پڙهي، ڳالهائي ٻولهائي، ۽ عيش آرام ڪري سگهان، ۽ مان آهيان، جو انهن ئي شخصن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪي اپاهج جي اهڙيءَ ريت سار سنڀال لهندا رهن ٿا!     

مون کي ان ڳالهه تي هينئر ڪو به عجب نه ٿو اچي ته مان ڪنهن هڪ شخص جي مدد نه ڪري سگهيس، ۽ شرمندگي محسوس ڪيم، پر پاڻ حيران آهيان ته اهڙو واهيات خيال منهنجي دماغ ۾ آيو ڪيئن! بيمار پوڙهي جي خذمت ڪندڙ عورت کيس مدد ڏني، زمين تان مليل مانيءَ ٽڪر ڀڃي، فقير کي ڏيندڙ هارياڻيءَ فقير جي مدد ڪئي، سائمن پنهنجي پگهر جي پورهئي مان ڪمايل ٽي ڪوپيڪ هڪ غريب کي ڏيئي، سندس سچي خذمت ڪئي – ڇاڪاڻ ته اهي ٽي ڪوپيڪ سائمن جي پنهنجيءِ محنت جا هئا؛ پر مون ڪنهن هڪ جي به مدد ڪا نه ڪئي، مون ڪنهن هڪ لاءِ به محنت ڪا نه ڪئي، - ڇاڪاڻ ته چڱيءَ طرح خبر هيم ۽ اٿم ته منهنجا پئسا منهنجي پنهنجي محنت جا نه هئا.

تنهنڪري هينئر مان محسوس ڪرڻ لڳس ته هنن پئسن ۽ پئسن جي مالڪيءَ ۾ ئي ضرور ڪا نه ڪا برائي ۽ بد اخلاقي لڪل آهي، مون سمجهيو ته اهي پئسا ۽ اها حقيقت ته مون وٽ پئسا آهن، منهنجي آس پاس مون کي نظر ايندڙ سڀني براين جو، مکيه سبب آهن: تنهنڪري مون پاڻ کان هڪڙو سوال پڇيو: ”هي پئسا، هيءَ زر، هيءَ دولت آهي ڇا؟“


[1]  شاهوڪارن جي ڪن قيمتي ۽ عمدين گاڏين جا نالا سچ پچ ”رٺل“، ”تيسر“ يا ”روئندڙ“ هوندا آهن.

 

[2]  *  ان وقت ٽالسٽاءِ جي ڪتابي مجموعي جي قيمت سترهن روبيل هئي.

[3]  ٽالسٽاءِ جي ڏينهن ۾ روس جا مشهور شاهوڪار، ڪارخانيدار، وڏا زميندار ۽ وڏا سرڪاري عملدار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org