سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: نيٺ ڇا ڪجي

باب: -

صفحو : 10

باب اوڻيتاليهون

مون کي پاڻ بابت جو ڪجهه چوڻو هو، سو چئي ختم ڪيو اٿم، پر هر انسان سان جيڪي ڳالهيون واسطو رکن ٿيون، تن جي بيان، ۽ جن نتيجن تي آءٌ پهتو آهيان تن جي تصديق لاءِ، مفيد سوچ ويچار پيش ڪرڻ کان هتي رهي نه ٿو سگهان.

مان اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان ڇو ٿو سمجهان ته اسان جي طبقي جا گهڻا شخص لازمي طور انهن نتيجن تي ئي پهچندا، جن تي مان پهتو آهيان، ۽ اهو پڻ ته جيڪڏهن ڪي ٿورا شخص به مون سان هم خيال ٿيا، ته ان جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو.

مان سمجهان ٿو ته اسان جي طبقي جا اڪثر شخص ساڳين نتيجن تي پهچندا جن تي مان پهتو آهيان، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو رڳو پنهنجي آس پاس سنجيدگيءَ جا روز بروز وڌندڙ عذاب، جيڪي کين ظاهر ظهور تباهيءَ جي اوڙاه ڏانهن گهلي رهيا آهن، ڏسي هوند ڊڄي وڃن، ايماندار شخص پنهنجي زندگيءَ جا ظلم ۽ بي انصافيون ڏسي هوند وائڙا ٿي وڃن، ۽ بي همت ۽ ڊڄڻا شخص وري جنهن خطري ۾ سندن زندگي ورتل آهي، ان خطري کي ڏسي هوند ڪنبي وڃن.

اسان جي زندگيءَ  جا ڏک: اسان پنهنجي زندگيءَ جي ڪمزور ۽ ڪرندڙ ديوارين کي ڪيترو به سنڀاليون ۽ سائنس ۽ فن جي هزار حيلن بهانن سان کين ڪيترو به بچايون، پر اها حقيقت آهي ته زندگي سال بسال وڌيڪ ڪمزور، وڌيڪ بيمار ۽ وڌيڪ دکدائڪ ٿيندي وڃي ٿي، هر سال خود ڪشيءَ ۽ ٻارن ڪيرائڻ جا واقعا وڌندا رهن ٿا، هر سال اسان جي طبقي وارا شخص نٻل ۽ نستا ٿيندا وڃن ٿا، ۽ هر سال اسان پنهنجي زندگيءَ جا ڏک وڌندا محسوس ڪريون ٿا.      

ظاهر آهي ته زندگيءَ جي عيش آرام وڌائڻ، طبي علاجن جي  نون طريقن ايجاد ڪرڻ، هٿرادو ڏندن وجهائڻ ۽ وارن لڳائڻ، ساهه کڻڻ جي نين نين مشقن ڪرڻ ۽ نئين نئين قسم جي مالش وغيره جي استعمال سان ڪو به فائدو حاصل ڪو نه ٿيندو. هيءَ ڳالهه ايتري ته عالم آشڪار آهي، جو اميرن لاءِ پيٽ جي هاضمي واسطي پائوڊرن وغيره جا شتهار اخبار ۾ هن عنوان سان ڇپجن ٿا: ”غريبن سان قدرت جون ڀلايون!“ جن ۾ گهڻو ڪري اهو ٻڌايو ويندو آهي ته غريبن جو ئي هاضمو ٺيڪ رهي ٿو، باقي اميرن کي پيٽ جي صفائيءَ ۽ درستيءَ لاءِ  هيءُ  پائوڊر يا هو پائوڊر وغيره ڪتب آڻڻ گهرجن.

ڪنهن به وندر ورونهن، سک سهوليت، دوا درمل ۽ پيٽ جي پائوڊر سان سست زندگيءَ جي هن عذاب جو علاج ڪرڻ ناممڪن آهي – انهيءَ زندگيءَ جي هن عذاب کان ڇوٽڪاري ملڻ لاءِ“ خود زندگيءَ  ۾ مناسب ۽ معقول تبديلي آڻڻي پوندي.

زندگيءَ ۽ ضمير جي اڻبڻت: انسان ذات سان پنهنجي غداريءَ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي اسان هزار ڪوشش ڪريون، پر عام کليل حقيقتن جي اڳيان، اسان جا سڀ بهانا مٽيءَ ۾ ملي وڃن ٿا. اسان جي اکين آڏو، سوين هزارين شخص گهڻي پورهئي ۽ بک سبب ڦٿڪي ڦٿڪي مري رهيا آهن، ۽ اسان آهيون، جو فقط دل وندرائڻ، ۽ مونجهه مٽائڻ لاءِ، کاڌو ڪپڙو، ۽ انساني پورهيو اکيون ٻوٽي لُٽائي رهيا آهيون. تنهنڪري ظاهر آهي ته اسان جي طبقي مان ڪنهن به شخص وٽ جيڪڏهن ضمير جو ذرو به رهجي ويو آهي، ته اهو کيس ڪڏهن به سک سان سمهڻ نه ڏيندو، اسان جو ضمير اسان جي زندگيءَ جي سڀني سکن ۽ سهوليتن جي حقيقت اسان تي هر گهڙيءَ ظاهر ڪندو رهي ٿو، جيڪي اسان جا سک ۽ سهوليتون بک ۽ برف ۾ تباه ٿيندڙ اسان جهڙن ئي انسانن اسان کي ميسر ڪري ڏنيون آهن.

۽ نه رڳو هر ايماندار شخص اها ڳالهه پاڻ محسوس ڪري ٿو (ان کي وسارڻ سان هو خوش ته ڏاڍو ٿئي پر ويچاري لاءِ مصيبت اها آهي، جو هن زماني ۾ ڳالهين کي وساري سگهجي ئي نٿو)، پر سائنس ۽ فن جو بهترين حصو – جنهن اڃا پنهنجو اصل مقصد نه وساريو آهي – اڄ به اسان کي اسان جي بي انصافيءَ ۽ زيادتيءَ تي ٻڌل وڏو ماڻهو ياد ڏياريندو رهي ٿو. اڳوڻا ظاهر ۽ ظهور ۽ معقول نظر ايندڙ عذر سڀ ختم ٿي ويا آهن، هاڻي، ”فن براي فن“ ۽ ”سائنس براي سائنس“ جا نوان ڪمزور ۽ ڪين جهڙا دليل ته عام رواجي سمجهه اڳيان به بيهي نه ٿا سگهن.

حقيقت هيءَ آهي ته انسان جو ضمير، هاڻي، نون نون بهانن سان نه، پر زندگيءَ جي معقول تبديليءَ سان ئي مطمئن ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پوءِ پاڻ کي هر حالت ۾ بهانا ڪبهانا ڪري، حق بجانب ثابت ڪرڻ جي ضرورت ئي نه رهندي.

خطري ۾ ورتل اسان جي پنهنجي زندگي: اسان انهيءَ سادي سنئين سڌي کليل خطري کي – مجبورن ۽ مظلومن جي صبر جو پيالو ڇلڪي ڇلڪي متان ڪنهن ڏينهن اُٿلي پوي – پاڻ کان لڪائڻ جي هزار ڪوشش ڪريون، اسان انهيءَ خطري کي، دغابازيءَ، ڏاڍ مڙسيءَ ۽ چالاڪيءَ سان دور ڪرڻ جي ڪيتري به ڪوشش ڪريون، پر اهو خطرو وڌي وڌي هڪ وڏو طوفان بڻجي پيو آهي. هٿ کس، خوني ۽ دل ڏاريندڙ ڏهڪاءُ واري ’مزور – انقلاب‘ جو هاواڻو نه رڳو اسان کي پري کان ڏڪائي رهيو آهي، پر حقيقت ۾ اسان گذريل ٽيهن سالن کان انقلاب جي انهيءَ ٻرندڙ جبل جي بنهه مٿان بيٺا آهيون، ۽ ڪنهن نه ڪنهن حيلي بهاني سان مڙيئي پاڻ بچايو پيا اچون. سڄي يورپ جي به اڄڪلهه اهڙي حالت آهي، پر اسان جي ان کان وڌيڪ خراب حالت آهي،  ڇاڪاڻ ته اسان وٽ بچاءَ  جا ڪي به وسيلا نه آهن. عام ماڻهن جي نظر ۾، ”زار“ کان سواءِ، باقي ٻين ڦرلٽ ڪندڙ طبقن وٽ عوام کي ٺڳڻ، ستائڻ ۽ ڏکوئڻ جو ڪو به معقول سبب نه رهيو آهي، اهي سڀ عام ماڻهو فقط ڏاڍ مڙسيءَ، چالاڪيءَ، ۽ موقعي پرستيءَ يعني نهايت حرفتبازيءَ سان دٻايا ويا آهن، پر اهو به ياد رکڻ گهرجي  ته انهن چڱن توڻي مٺن عام ماڻهن ۾، اسان ”شريفزادن“ خلاف، ڏينهون ڏينهن نفرت وڌندي رهي ٿي.

گذريل ٽن چئن سالن ۾، عام ماڻهن جي زبان تي هڪ نئون ۽ هڪ عجيب لفظ گشت ڪري رهيو آهي، جيڪو مون اڳ ڪڏهن به نه ٻڌو هو، اهو لفظ عام طور رستن ۽ بازارين ۾ نهايت بُريءَ  طرح ۽ کُليو کُلايو استعمال ٿي رهيو آهي - ۽ اهو لفظ اسان وڏن ماڻهن کي سست، بيڪار، کائو ”مکا“ يا ”ڄورون“ ٿو سڏي.

مظلوم عوام جي دلين ۾ اسان لاءِ نفرت ۽ ڌڪار وڌندي وڃي ٿي، ۽ ساڳئي وقت شاهوڪار شخصن جي جسماني توڙي اخلاقي طاقت گهٽجي وڃي ٿي، ”مومل جي ماڙي“ جُهرندي وڃي ٿي، ٺڳيءَ جا ٺاٺ ڊهندا وڃن ٿا، ۽ اڄ هن موتمار خطري جي پيش نظر، اسان شاهوڪارن ۽ دولتمندن وٽ دل وندرائڻ لاءِ باقي ڪجهه به نه رهيو آهي.

پراڻن طريقن ڏانهن موٽي وڃڻ ناممڪن آهي، ۽ ويل عزت وري هٿ نه ايندي، اهي شخص، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جا طور طريقا بدلائڻ نه ٿا چاهين، تن لاءِ فقط اهو ئي خود فريبيءَ  جو ڏڍ باقي وڃي رهيو آهي ته ”اسان جي ڏينهن ۾ انقلاب نه ايندو“ ۽ هو ”اسان کان پوءِ جيڪي ٿيڻو هجي، سو ڀلي ٿئي!“  جي اميد تي ئي تڳندا ٿا رهن.

بي سمجهه ۽ انڌن سرمايه دارن جو انبوهه، اکيون ٻوٽي، اجهو ائين ڏينهن پٺيان ڏينهن گذاريندو رهي ٿو، پر سندن زندگيءَ جو خطرو گهڙيءَ گهڙيءَ  وڌندو رهي ٿو، ۽ هنن لاءِ هن دنيا جي قيامت ويجهي ايندي ئي رهي ٿي.

شاهوڪار ۽ دولتمند طبقي جي شخصن کي ٽن سبب ڪري، پنهنجي زندگيءَ جي طور طريقي کي بدلائڻ جي فوري ضرورت آهي: (1) خود پاڻ ۽ پنهنجي عزيزن قريبن کي بنيادي طور خوشحال رکڻ جو خيال، جنهن کي موجوده حالتن هيٺ هو ڪنهن به صورت ۾ عمل ۾ نه ٿا آڻي سگهن، (2) پنهنجي ضمير جي آواز تي هلڻ جي خواهش، جيڪا ظاهر آهي ته هن ماحول ۾ ڪنهن به طرح پوري نٿي ٿي سگهي، ۽ (3) سندن زندگيءَ جو روز بروز وڌندڙ خوف ۽ خطرو، جنهن کي ڪنهن به ٻاهرئين وسيلي سان هو دور ڪري نٿا سگهن. اهي ٽيئي سبب، شاهوڪار شخصن کي، سندن زندگيءَ جي طور طريقي بدلائڻ تي آماده ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن – هڪ اهڙي تبديلي، جيڪا سندن خوشحالي آڻيندي، سندن ضمير کي راضي رکندي ۽ هر قسم جي خوف خطري وٽانئن ٽاري ڇڏيندي.

اهڙي قسم جي فقط هڪ ئي تبديلي ٿي سگهي ٿي: يعني، دغا دولاب بند ڪرڻ، توبه تائب ٿيڻ ۽ پورهئي کي عذاب نه پر زندگيءَ جي هڪ فرحت بخش سرگرمي سمجهڻ!

”پر منهنجي ڏهه، اٺ يا پنج ڪلاڪ جسماني پورهئي مان ڪهڙو نتيجو نڪرندو، جڏهن اهو ساڳيو پورهيو منهنجن ٻن چئن روپين تي هزارين لکين ڪڙمي ڪاسبي رضا خوشيءَ سان ڪرڻ لاءِ تيار آهن؟“ – عام طور جواب ۾، مان ائين ئي ٻڌندو آهيان.

پهريائين ته اُن جو سڀ کان سولو ۽ پڪو پختو نتيجو اهو نڪرندو، جو توهين وڌيڪ سکي، سلامت، سٻاجها ۽ صحتمند ٿيندا، توهان کي خبر پوندي ته صحيح معنيٰ ۾ زندگي ڇا کي چئجي – جنهن کان توهين پاڻ کان لڪائيندا رهيا آهيو يا جيڪا توهان کان هيستائين لڪل رهي آهي!

ٻيو ته جيڪڏهن توهان کي ضمير آهي، ته اُهو ٻين کي ڪم ڪندو ڏسي، اڄ ايترو جو ڏکوئجي رهيو آهي، سو نه رڳو وڌيڪ ڪو نه ڏکوئبو، پر توهين پاڻ به هر وقت تازا توانا رهندا، ۽ پنهنجي دل جي گهراين مان ائين پيا سوچيندا ته ڏينهون ڏينهن ضمير جي چوڻ تي وڌيڪ هلجي، ۽ اهڙيءَ ذليل حيثيت مان (جنهن ۾ عام ماڻهن کي ڪو به فائدو نٿو پهچائي سگهجي) جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلد نڪرجي، مطلب ته توهان آزادگيءَ ۽ ڪنهن سان چڱائي ڪري سگهڻ جي توفيق سان زنده رهڻ جي خوشي محسوس ڪندا، جنهن کان هيترو وقت محروم رهندا پئي آيا آهيو، اوهان گويا پنهنجي گهٽيل ۽ ٻوساٽيل زندگيءَ ۾ اخلاقي روشنيءَ جو اهو طاق کوليندا، جيڪو اوهان کي زندگيءَ جي تازگيءَ ۽ حقيقي مسرت سان، شايد پهريون ڀيرو، روشناس ڪرائيندو؛ پنهنجي احمقانه براين جي انتقامي سزا جي دائمي خوف ۾ ڳرڻ جهرڻ بدران ، ٻين پاڻ جهڙن بدنصيبن کي ان انتقامي سزا کان بچائڻ جي ڪم ۾ پاڻ کي رڌل محسوس ڪندا، ۽ سڀ کان وڌيڪ اوهان ائين محسوس ڪندا ته بيشمار ڏتڙيل ۽ مظلوم عوام کي نفرت ۽ انتقامي جذبي جي دوزخي عزاب کان، پنهنجي ان پنجن، اٺن، يا ڏهن ڪلاڪن جي پورهئي ۽ پنهنجي ان انسانيت معرفت هميشه لاءِ بچائي رهيا آهيو.

پر، اسان جي طبقي جا ماڻهو عام طور هينئن چوندا آهن: ”پر اسان، هن سماج جا اسان ماڻهو، جن کي هيترن سارن فلسفيانه، سائنسي، سياسي، فني، ديني ۽ سماجي مسئلن سان منهن ڏيڻو آهي – اسان وزير، اسيمبلين جا ميمبر، علمي ۽ فني مجلسن جا رڪن، پروفيسر، اديب ۽ موسيقار – اسان، جن جي زندگيءَ جو منٽ منٽ وڏي اهميت رکي ٿو – سي جيڪڏهن پنهنجو وقت بوٽن صاف ڪرڻ، قميصن ڌوئڻ، کوٽائي ڪرڻ، پٽاٽن پوکڻ يا ڪُڪڙين، ڳئن وغيره کي چاري وجهڻ، ۽ ٻين اهڙن معمولي ۽ خسيس ڪمن ۾ وڃائينداسين، جيڪي نه رڳو اسان جا پنهنجا نوڪر چاڪر پر ٻيا اسان جي وقت جو قدر ڪندڙ هزارين شخص پڻ خوشيءَ سان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن – ته سچ پچ اها ته هڪ کل جهڙي ڳالهه چئبي!“

چڱو ڀلا، اسان پنهنجا ڪپڙا پاڻ ڇو ٿا پايون، در دروازا بند ڪري پنهنجو بت پاڻ ڇو ٿا صاف ڪريون، پاڻ کي پاڻ ڇو ٿا کنهون، (تفصيل ۾ وڃڻ لاءِ معاف ڪجو) حاجت ضروريءَ جو ٿانءُ پنهنجي اڳيان ڇو ٿا جهليون، پنهنجي پيرن سان پاڻ ڇو ٿا گهمون، عورتن ۽ مهمانن کي ڪرسيون ڇو ٿا کڻي ڏيون، دروازا ڇو ٿا کوليون ۽ بند ڪريون، هٿ ڏيئي مهمانن کي گاڏين ۾ ڇو ٿا ويهاريون، ۽ ٻيا اهڙا سوين هزارين ڪم اڄ پنهنجن هٿن سان پاڻ ڇو ٿا ڪريون، جيڪي ڪلهه تائين اسان جا شخصي غلام اسان لاءِ ڪندا هئا؟

ڇاڪاڻ ته اسان سمجهو ٿا ته اهي ڪم اسان کي پاڻ کي ئي ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته انساني شان وٽان به اهائي ڳالهه آهي، ۽ ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ انسان جو فرض پڻ آهي.

جسماني پورهئي جي به ڳالهه ساڳي آهي. انسان جي شان، سندس مقدس فرض ۽ ذمداريءَ جا تقاضا آهي ته جنهن مطلب لاءِ هٿ پير مليا اٿس، تنهن مطلب لاءِ انهن کي استعمال ڪري، ۽ جو ڪجهه کائي پيئي ٿو، سو کاڌي پيتي پيدا ڪرڻ جي پورهئي ۾ ئي خرچ ڪري، ۽ نه، ته ويهي ويهي سمهي سمهي، پنهنجي هڏن کي ساڙي سڪائي ڇڏي، ۽ انهن سڪل سڙيل هڏن کي ڌوئي ڌوئي، آرسيءَ وانگر صاف ۽ چلڪڻو بنائي، رڳو کاڌي کائڻ، پاڻيءَ پيئڻ ۽ سگريٽ وات ۾ وجهي سوٽن هڻن ۾ ئي ختم ڪري ڇڏي!

هر سماج ۾، هر شخص جي لاءِ، جسماني پورهئي جو اهو ئي مطلب آهي، پر اسان جي سماج ۾، جِتي انهيءَ قدرتي قانون جي انحرافي اسان سڀني جي لاءِ هڪ قسم جو عذاب ٿي پيئي آهي، جسماني پورهئي مان هڪ ٻيو – انسان ذات کي الاهي آفتن جي خطري کان بچائيندڙ علم ۽ عمل جو – مطلب به سڌ ٿئي ٿو. ائين چوڻ ته هڪ پڙهيل ڳڙهيل شخص جي لاءِ، جسماني پورهيو ڪا به معنيٰ نه ٿو رکي، ائين ئي آهي، جيئن ڪنهن عبادت گاه کي ٺهندو ڏسي، ڪو پڇي ته هڪ پٿر کي ان جي پنهنجيءَ جاءِ تي ٺاهي رکڻ ۾ ڪهڙو فائدو آهي؟

اسان جا سڀ مکيه ۽ ضروري ڪم، خاموشيءَ، سادگيءَ ۽ نهٺائيءَ سان ٿين ٿا، نه هر ڏيڻ، نه عمارت اڏڻ، نه مال چارڻ ۽ نه وري سوچ ويچار ڪرڻ جي لاءِ ئي ڪنهن خاص پوشاڪ، بجلي بتيءَ يا هُل هنگامي جي ضرورت پوي ٿي. خاص مقرر ٿيل پوشاڪون، رنگ برنگي بجلي بتيون، هُل هنگاما، ناچ گانا، صفائي ۽ رونق، - اهي سڀ پر تڪلف چيزون، جن سان ڪنهن موقعي يا مهل جي اهميت کي ظاهر ڪرڻ يا وڌائڻ چاهيندا آهيون، سي هميشه، اسان جي ان وهم جي بنهه ابتڙ، اهو ئي ڏيکارينديون آهن ته انهيءَ خاص موقعي يا مهل کي ڪا خاص ۽ ذاتي اهميت ئي ڪا نه آهي.

وڏا ۽ سچا ڪم، هميشه سادا ۽ سڌا سنوان ٿيندا آهن.  

اڄ، اسان جي سڀ کان وڌيڪ مکيه ڪم – يعني اسان جي سماجي زندگيءَ ۾ موجوده خطرناڪ تضادن کي دور ڪرڻ جر ڪم – جي به اها ئي ڳالهه آهي.

۽ انهن خطرناڪ تضادن کي دور ڪندڙ ڪم به اهي ساڳيا سادا، سنوان سڌا، صاف، سولا ۽ ظاهر ۾ بلڪل معمولي قسم جا عمل آهن – يعني، هڪ ته پنهنجي خذمت پاڻ ڪري، ۽ ٻيو ته پنهنجي پاڻ لاءِ، ۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ته ٻن چئن ٻين انسانن جي لاءِ، جسماني پورهيو ڪرڻ - ۽ اهي ٻه ”مختصر“ ۽ سنوان سڌا ڪم، ٻين ماڻهن وانگر اسان اميرزادن کي به – جيڪڏهن اسان اميرزادا پنهنجي موجوده سماجي حيثيت جي بدنصيب، ناجائز ۽ خطرناڪ هجڻ کان واقف آهيون – لازمي طور ڪرڻا ئي آهن.

جيڪڏهن مان ۽ مون جهڙا ڏهه ويهه ٻيا شخص، جسماني پورهئي کان نفرت نه ڪريون، پر پاڻ ان کي سک، سلامتيءَ ۽ ضمير جي سُڪون کاءِ ضروري سمجهون، ته ڇا ٿيندو؟ اهو ئي ته اسان اهي هڪ يا ٻه يا ڏهه ويهه شخص، ڪنهن به ذاتي، سرڪاري يا انقلابي تشدد کان سواءِ پنهنجي لاءِ هڪ اهڙو مشڪل مسئلو حل ڪري ڇڏينداسون، جنهن اڄ ڪلهه دنيا جي سڀني ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو آهي، ۽ حل به اهڙي نموني ڪنداسون، جو آئنده بهتر ۽ برتر زندگي گذارينداسون، اسان جا ضمير مطمئن رهندا، ۽ بُراين جو ڀؤ به اسان کي ڪو نه ستائيندو، نتيجو اهو نڪرندو جو ٻيا شخص به ڏسندا ته جنهن چڱائيءَ کي هو در در ڳولي رهيا آهن، سا ته سندن گهر اندر ئي آهي، سندن ضمير ۽ زماني جي ٺاهه ٺوهه جي وچ ۾ ظاهري طور حل نه ٿيندڙ تضاد، پنهنجو پاڻ، ڏاڍيءَ آسانيءَ ۽ خوش اسلوبيءَ  سان دور ٿي سگهن ٿا، ۽ عام رواجي ماڻهن کان ڊڄڻ بدران، کين گهرجي ته انهن جي ويجهو وڃي، کين پيار ۽ محبت ڪن، ۽ انسانن سان گڏجي، پاڻ به انسان بنجي وڃن.

اسان جو ظاهر ۾ حل نه ٿيندڙ هيءُ  اقتصادي ۽ سماجي سوال به ”ڪريلوف جي صندوق“ * وارو سوال آهي، جا تمام سولائيءَ سان کُلي ٿي، پر هيءُ سوال به، انهيءَ صندوق وانگر، تيستائين نه کُلندو، جيستائين ڪو شخص سڀ کان پهريائين سڀ کان سولو ڪم، يعني ان کي کولڻ جو ڪم، نه ڪندو!  

هيءُ ظاهر ۾ حل نه ٿيندڙ سوال به اهو ساڳيو پراڻو – هڪڙن جو ٻين جي محنت مزوريءَ تي قبضي جو سوال آهي، ۽ اڄ اسان جي ڏينهن ۾ اهو سوال ”ملڪيت“ جي مسئلي سان گهرو تعلق رکي ٿو.

اڳ، زور زبردستيءَ  سان – يعني غلاميءَ وسيلي – ئي ٻين جي محنت ڦُري ويندي هئي. اڄ اهو ساڳيو ڪم، اسان ”ملڪيت“ جي مدد سان ڪريون ٿا.

ملڪيت سڀني بُراين جي پاڙ آهي: [1]ملڪيت جي مالڪن يا جن کان ملڪيت کسي ويئي آهي، تن جا دک درد، ملڪيت کي غلط نموني ۾ استعمال ڪندڙ شخصن جي ضمير جا وڍ، ۽ اميرن ۽ غريبن جي ٽڪرجڻ جو ڀؤ – اهي سڀ مسئلا به شخصي ملڪيت جي وجود سبب پيدا ٿيا آهن.

ملڪيت هر بُرائي جي پاڙ آهي، ۽ ساڳئي وقت، انهيءَ هڪڙي شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي، اڄ، اسان جي سماج جون سڀ سرگرميون جاري آهن. مطلب ته اڄ ”ملڪيت“ ئي اسان جي ساريءَ دنيا جي اڳواڻي ڪري ٿي.

حڪومتون هڪ ٻئي جي خلاف سازشون ڪن ٿيون، هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏين ٿيون، ۽ هڪ ٻئي سان لڙائي ڪن ٿيون، سو به انهيءَ ملڪيت لاءِ

– رائين (Rhine) جي بئنڪن، ۽ آفريڪا، چين ۽ بالڪن اپٻيٽ ۾ بيٺڪن جي لاءِ، صراف واپاري، ڪارخانيدار، زميندار، وغيره، به ملڪيت جي لاءِ ئي ڪوشش ڪن ٿا، رٿون رٿين ٿا، ۽ پاڻ کي توڙي ٻين شخصن کي تڪليف ۾ وجهن ٿا، ڪامورا ۽ ڪاريگر به انهيءَ ملڪيت جي لاءِ ئي وڙهن ٿا، ٺڳيون ڪن ٿا، ظلم ڪن ٿا ۽ تڪليفون سهن ٿا، اسان جون امن ۽ انصاف عطا ڪندڙ عدالتون ۽ امن امان قائم رکندڙ پوليس ۽ فوجون پڻ انهيءَ ملڪيت جو بچاءُ ڪن ٿيون، ۽ اسان جا جيل، قيد خانا توڙي ڏوهين کي ڏهڪائيندڙ ٻيا سڀ ادارا به انهيءَ ملڪيت جي تحفظ لاءِ موجود آهن.

ملڪيت سڀني بُراين جي پاڙ آهي، ۽ ملڪيت جي ورهاست توڙي ان جو بچاءُ اڄ ساريءَ دنيا تي ڇانئيل آهي.

پوءِ، ڀلا، هيءَ ”ملڪيت“ نيٺ ڇا آهي؟

عام ماڻهو ائين سمجهڻ تي هريل آهن ته ملڪيت اها شيءِ آهي، جنهن کي انسان سچ پچ پنهنجو سمجهي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري ئي ته ان کي ”ملڪيت“ ڪوٺيو وڃي ٿو – جيئن اسان هڪ گهر يا هڪ هٿ بابت چوندا آهيون ته هيءُ ”منهنجو پنهنجو“  گهر، يا ”منهنجو پنهنجو“ هٿ آهي.

پر هيءَ ظاهر ظهور هڪ غلطي ۽ وهم آهي.

اسان کي خبر آهي – يا جيڪڏهن خبر نه اٿئون، ته سولائيءَ سان سمجهي سگهون ٿا – ته ملڪيت رڳو ٻين ماڻهن جي محنت مزوريءَ کي ڦٻائڻ جو هڪ ذريعو آهي؛ ۽ ظاهر آهي ته ٻين جي محنت مزوري ”اسان جي پنهنجي“ ٿي نه ٿي سگهي. ان کي ملڪيت جي مٿئين صاف ۽ سنئين سڌي تصور سان به ڪو تعلق ڪو نه آهي. انسان هميشه فقط انهيءَ شيءِ کي ئي ”پنهنجو“ ڪوٺيو آهي ۽ آئنده به ڪوٺيندو رهندو، جيڪا سندس ارادن جي غلام ۽ سندس جسم سان وابسته هجي. پر جيئن ئي ڪو شخص هڪ اهڙيءَ  شيءِ  کي ’پنهنجي ملڪيت‘ سمجهي ٿو، جيڪا سندس پنهنجي جسم سان ڳنڍيل نه آهي، پر تنهن هوندي به هو پنهنجي جسم وانگر ان کي به پنهنجي ارادن جو غلام بڻائڻ چاهي ٿو، ته چئبو ته هو هڪ وڏي غلطي ڪري ٿو، پنهنجي لاءِ هڪ فريب ۽ هڪ عذاب خريد ڪري ٿو، ۽ ٻين کي فريب ڏيڻ ۽ تڪليف ۾ وجهڻ لاءِ  پاڻ کي مجبور بنائي ٿو.

هي شخص پنهنجي زال، ٻارن ٻچن، غلامن ۽ ٻين شين بابت هميشه کان ائين چوندو آيو آهي ته اهي سڀ شيون سندس پنهنجون آهن، پر حقيقت هميشه کيس سندس غلطيءَ کان آگاه ڪندي آئي آهي، ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن کيس يا ته اهو وهم ڇڏڻو پيو آهي، يا وري ٻين سان گڏ کيس پاڻ کي به عذاب ڏسڻا پيا آهن.

اسان جي ڏينهن ۾، انسانن جي مالڪيءَ تان دستبردار ٿيڻ کان پوءِ، ”پئسن“ ۽ حڪومت طرفان پئسن جي جمعبنديءَ  جي سرشتي سبب، اسان ”پئسن جي مالڪيءَ“ – يعني ٻين شخصن جي محنت مزوريءَ جي مالڪيءَ – جي دعويٰ ڪريون ٿا.

پر جهڙيءَ ريت، زال، ٻار، غلام يا گهوڙي گڏه جي مالڪيءَ جو حق هڪ من گهڙت افسانو آهي، جو حقيقت اڳيان ڪا حيثيت نه ٿو رکي، ۽ رڳو پنهنجي دعويدار کي دکي ڪري ٿو – ڇاڪاڻ ته منهنجي زال، منهنجو پٽ وغيره ڪڏهن به منهنجي جسم وانگر مهنجي ارادن جا غلام نه ٿيندا، ۽ رڳو منهنجو پنهنجو جسم ئي منهنجي سچي پچي ملڪيت رهندو – ساڳيءَ ريت مالي ملڪيت پڻ، ڪڏهن به منهنجي پنهنجي نه ٿندي، پر رڳو مان پاڻ کي ٺڳيندو رهندس ۽ تڪليفن ۾ مبتلا ڪندو ايندس، ۽ منهنجي حقيقي ملڪيت وري به اهو ساڳيو منهنجو پنهنجو جسم ئي رهندو – جيڪو هميشه منهنجي ارادن جو غلام ۽ منهنجي پنهنجي سمجهه ۽ اشاري سان ٻڌل رهي ٿو.        

رڳو اسان هاڻوڪن انسانن کي ئي، (جيڪي پنهنجي جسم کان وڌيڪ ٻين ٻاهرين شين کي پنهنجي ملڪيت سمجهڻ تي هريل آهيون،) اهڙو جهنگلي وهم مفيد نظر اچي سگهي ٿو، پر اسان انهيءَ معاملي جي حقيقت تي ٿورو ئي ويچار ڪنداسين، ته اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته هيءُ وهم به، ٻين وهمن وانگر، اسان لاءِ نهايت خطرناڪ ثابت ٿيڻ وارو آهي.

اچو ته هڪ تمام سولو مثال وٺون.

مان پاڻ ته پنهنجي ملڪيت آهيان، پر ڪنهن طرح هڪ ٻئي شخص کي به پنهنجي ملڪيت سمجهان ٿو.

مان پنهنجي منجهند جي ماني تيار ڪرڻ چاهيان ٿو. هاڻي، مان جيڪڏهن ٻئي شخص کي پنهنجي ملڪيت سمجهڻ جي فريب ۾ مبتلا نه هجان ها، ته ظاهر آهي ته ٻئي ضروري ڪم وانگر اهو هنر به پنهنجي حقيقي ملڪيت يعني جسم (پاڻ) کي ئي سيکاريان ها، پر جيئن حقيقت آهي، مان اهو هنر پنهنجي خيالي ملڪيت کي سيکاريان ٿو، ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري، جو ڪنهن وقت منهنجو بورچي منهنجو چيو نه ٿو مڃي، يا مون کي خوش ڪرڻ نه ٿو چاهي، يا بيمار وغيره ٿي ڀڄي ٿو وڃي، يا فرض ڪريو ته مري ٿو وڃي، ته مان پنهنجي جسم کي ضروري خوراڪ ڏيڻ کان محروم رهجي ٿو وڃان، ساڳئي وقت مون کي اهو خيال به ٿئي ٿو ته جيترو وقت انهيءَ بورچيءَ  جي ڳڻتين ۾ گذريم، اوتري وقت ۾ مان پاڻ رڌ پچاءُ سکي، سٺو رڌي پچائي سگهان ها. جاين، لٽن ڪپڙڻ، ٿانون غير متحرڪ ۽ متحرڪ ملڪيت جي مالڪيءَ جي به ساڳي ڳالهه آهي، هر خيالي ملڪيت، مون ۾ هڪ قسم جي نامناسب تقاضا پيدا ڪري ٿي، جا هر وقت پوري ٿي نه سگهندي، ۽ ساڳئي وقت مون کان اهو امڪان به کسي وٺي ٿي ته مان پنهنجي حقيقي ۽ بلا اعتراض ملڪيت – منهنجي پنهنجي جسم – جي لاءِ اُهو علم، اُهو هنر، اُهي عادتون ۽ اها ڪماليت حاصل ڪري سگهان، جا مان حاصل ڪري سگهان ٿو.

نتيجو هميشه اهو نڪتو ته مون کي – منهنجي حقيقي ملڪيت کي – ڪنهن به فائدي ملڻ کان سواءِ، مان پنهنجي قوت ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي پوري زندگي اُنهيءَ شيءِ تي خرچ ڪئي آهي، جا ڪڏهن به منهنجي حقيقي ملڪيت نه هئي، ۽ نه وري ڪڏهن ٿي ئي سگهي ٿي.

مان، ڪتبخاني، تصويرخاني (Picture Gallery) ڪمرن ڪوٺين ۽ لٽن ڪپڙن  کي ”پنهنجو“ سمجهي، انهن جو انتظام ڪريان ٿو، ۽ ”پنهنجا“ پئسا حاصل ڪريان  ٿو  ته جيئن جيڪي چاهيان، سو خريد ڪري سگهان. پر نتيجو اهو ٿو نڪري ته انهيءَ ”خيالي“ ملڪيت سان مشغول رهڻ ڪري مان پنهنجي حقيقي ۽ انهيءَ خيالي ملڪيت ۾ فرق معلوم ڪرڻ کان رهجي وڃان ٿو، ۽ اها خبر نه ٿي پويم ته منهنجي سچي ملڪيت ڪهڙي آهي، جنهن سان مان محنت ڪريان، جنهن تي ڀروسو رکان، ۽ جا منهنجي اوکيءَ سوکيءَ خذمت ڪري سگهي، ۽ هميشه منهنجي ضابطي هيٺ رهي، ۽ منهنجي ڪوڙي ملڪيت ڪهڙي آهي، جيڪا نه منهنجي ملڪيت آهي ۽ نه منهنجي ملڪيت ٿي سگهي ٿي، پوءِ مان کڻي ان کي ڇا به ڪوٺيان، ۽ نه وري منهنجي سرگرميءَ جو مقصد ئي ٿي سگهي ٿي.

اسان جيستائين ڪنهن به لفظ کي پاڻ ڄاڻي واڻي غلط معنيٰ نه ڏينداسين، تيستائين اهو لفظ هميشه ۽ صاف طور پنهنجي صحيح معنيٰ ٻڌائيندو ئي رهندو.

ته پوءِ ”ملڪيت“ جي ڪهڙي معنيٰ آهي؟

ملڪيت اُها شيءِ آهي، جا منهنجي ۽ فقط منهنجي آهي، جنهن سان مان، جو ڪجهه چاهيان، سو هميشه ڪري سگهان، جا مون کان ڪو به شخص ڦُري نه سگهي، جا منهنجي آخري دم تائين مون سان گڏ رهي، ۽ جنهن کي ئي باقاعدي استعمال ڪرڻ، وڌائڻ ۽ سڌارڻ، منهنجو پهريون فرض آهي.

انهيءَ حساب سان هر شخص فقط پنهنجي پاڻ جو ئي مالڪ آهي، ۽ تنهن هوندي به، انهيءَ ئي معنيٰ ۾، عام ماڻهن جي خيالي ملڪيت پڻ سمجهي وڃي ٿي – اُها ساڳي ملڪيت جنهن جي لاءِ دنيا جهان جون تباه ڪندڙ برايون واقع ٿين ٿيون: جنگيون، جهيڙا فساد، قتل عام، قاعدي قانون جون ڪورٽون، جيل، قيد خانا، عياشون، گناه ۽ عام نقصان!

تنهنڪري، جيڪڏهن ڏهه ٻارهن شخص پنهنجي ٻني پاڻ کيڙيندا، ڪاٺيون چيرايندا، ۽ جُتيون ٺاهيندا – ضرورت جي خيال کان نه، پر ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته انسان کي پورهيو ڪرڻ گهرجي ۽ جيترو انسان وڌيڪ ڪم ڪندو اوترو سندس پنهنجي لاءِ چڱو ٿيندو – ته ان جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ اهو ئي ته هڪڙا ڏهه ٻارهن شخص (يا ڀلي اهو هڪڙو ڄڻو ئي هجي)، پنهنجي علم ۽ عمل سان، ٻين کي ڏيکاريندا ته هو جنهن تباه ڪندڙ برائيءَ سبب ان کان اڳ عذاب ڀوڳي رهيا هئا، سو ڪو قسمت جو قانون، خدا جي مرضي يا ڪا تاريخي تقاضا نه، پر هڪ اهڙو ڪمزور ۽ خسيس وهم هو، جنهن مان جند ڇڏائڻ جي لاءِ، هنن وانگر، سڀني کي گهرجي ته هينئر ان کي نه مڃين، ۽ ڪوريئڙي جي ڪچي ڄار وانگر، ان کي ڇني ناس ڪري ڇڏين.

اُهي شخص، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي هن فرحت بخش قانون جي پوئواريءَ لاءِ پورهيو ڪن ٿا، سي خانگي ملڪيت جي خطرناڪ وهم ۽ فريب مان پاڻ کي هميشه لاءِ آزاد ڪن ٿا، ۽ دنيا جا اهي سڀ ادارا، جيڪي اسان جي پنهنجي جسم کان ٻاهر جي نام نهاد ملڪيت کي قائم رکڻ لاءِ زنده آهن، سي سڀ انهن شخصن جي لاءِ نه رڳو غير ضروري پر ٿڪائيندڙ ۽ هاڃيڪار ثابت ٿا ٿين، ۽ اهڙيءَ طرح آهستي آهستي سڀني ماڻهن کي پڻ ساڳيءَ ريت خبر پوندي ته اهي ادارا نه رڳو غير ضروري آهن، پر نقصانڪار، غير قدرتي ۽ زندگيءَ جي غلط حالتن لاءِ جوابدار پڻ آهن.

هر اهو شخص جيڪو محنت مزوريءَ کي عذاب نه پر هڪ فائديمند فرحت سمجهي ٿو، تنهن جي لاءِ سندس پنهنجي جسم کان ٻاهر رهندڙ ملڪيت، يعني، ٻئي ڪنهن شخص جي محنت مزوريءَ کي استعمال ڪرڻ جو حق، نه رڳو بيڪار، پر هڪ مطلق عزاب ٿيندو.

مان جيڪڏهن پنهنجي ماني پاڻ تيار ڪرڻ چاهيان ۽ پنهنجي ماني پاڻ تيار ڪرڻ تي هريل پڻ آهيان، ته ٻئي ڪنهن شخص جو منهنجي ماني تيار ڪرڻ مون کان منهنجي روزمره جو مشغلو کسي وٺي ٿو، ۽ مون کي اها خوشي به نه ٿي ملي، جيڪا مون، پنهنجي ماني پاڻ تيار ڪري، پاڻ کي پهچائي هئي، ان کان سواءِ، هر اهو شخص، جيڪو محنت مزوريءَ جي ضرورت آهستي آهستي گهٽ ٿيندي وڃيس ٿي، يعني پنهنجي بيڪار وقت گذارڻ جي لاءِ – بيڪار زندگيءَ جي عيش عشرت ۽ هار سينگار جي لاءِ – ملڪيت جو محتاج نه ٿو رهي، ظاهر آهي ته اهڙي شخص لاءِ هن خيالي ملڪيت جو واقعي موجود هجڻ بنهه بيڪار، ۽ محض هڪ عذاب ٿيو پوي.

جيڪڏهن ڪنهن شخص، محنت مزوري ڪري، پنهنجي زندگي ڀرپور بڻائي ڇڏي آهي، ته کيس وڏن وڏن شاندار ڪمرن پلنگن ۽ ميز ڪرسين، سينگار جي سامان ۽ خوبصورت ڪپڙن جي ضرورت ئي نه ٿي رهي: کيس پر تڪلف طعامن، اچ وڃ جي لاءِ عمدين گاڏين ۽ ٻيءَ وندر ورونهه جي پڻ ضرورت ته ڪا نه ٿي رهي وڏي ڳالهه ته جو شخص، محنت مزوريءَ کي پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي زندگيءَ جو فرحت بخش فرض سمجهي ٿو، سو ڪڏهن به پرائي پورهئي جي مدد سان پنهنجو بار هلڪو نه ڪندو.           

هر اهو شخص، جو زندگيءَ کي محنت سمجهي ٿو، سو جيئن جيئن هنر، هوشياري ۽ اورچائي سکندو ويندو، تيئن تيئن محنت مزوريءَ کي پنهنجي مقصد بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ويندو، ۽ پنهنجي زندگيءَ کي ڀرپور ۽ مڪمل پڻ ڪندو رهندو.

اهڙي شخص جي لاءِ، جو پنهنجي زندگيءَ جي معنيٰ محنت، ۽ نه ان جو ڦل يعني ملڪيت گڏ ڪرڻ يا ٻين جي محنت تي قبضو ڪرڻ، سمجي ٿو  محنت مزوريءَ جي ساز سامان جو سوال ئي نه ٿو اُٿي.

اهڙو شخص جيتوڻيڪ پنهنجي پورهئي کي زياده ۾ زياده ڦلڪدائڪ ڪرڻ لاءِ هميشه تمام گهڻي اپت وارا اوزار چونڊي کڻندو، پر اها حقيقت آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اپت وارن اوزارن سان ڪم ڪندي به کيس اهڙي ئي خوشي ۽ تسڪين ملندي.

جيڪڏهن ٻاڦ تي هلندڙ هر ملندس، ته اهو ڏيندو، جيڪڏهن، نه ته گهوڙو ٻڌي رڪ جي گهوٻي وارو هر ڏيندو، ۽ جيڪڏهن اهو به نه ملي سگهيس، ته ڳوٺاڻو ڪاٺيءَ جي چونيءَ وارو هر ئي ڏئي ڇڏيندو، يا جيڪڏهن اهو به نه مليس ته، پوءِ ڪوڏر سان يا رنبي سان ئي پنهنجو ڪم ڪڍندو – مطلب ته هر حالت ۾، هو پنهنجي توڙي ٻين جي لاءِ مفيد محنت مزوريءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جا چار ڏينهن گذاري، پنهنجي مراد ماڻيندو، ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي ڀليءَ  ڀت گذريل زندگيءَ سان هن کي هميشه ۽ هر حالت ۾ مڪمل خوشي حاصل رهندي.

اهڙي شخص جي زندگي، ٻاهرينءَ  توڙي اندرينءَ، ٻنهي حالتن ۾، ملڪيت ميڙن کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهندڙ شخص جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ سکي ۽ آرام واري گذرندي.

ٻاهرينءَ حالت ۾، اهڙو شخص ڪڏهن به محتاج نه رهندو، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو به، هن جي محنت مزوري ڪرڻ جي خواهش ڏسي، هميشه اها ئي ڪوشش ڪندا ته سندس ڪم وڌ ۾ وڌ نفع بخش ٿئي – جهڙيءَ ريت هر ڪو پنهنجي منهن جانڊه جي ڦيٿي کي ڦيرائيندڙ آبي چرخيءَ کي هر وقت سڌاريندو ٿو رهي - ۽ سندس اوڙي پاڙي جا سڀ ماڻهو سندس مادي زندگيءَ جي مادي حالتن جي سلامتيءَ جي ضمانت ئي انسان جي لاءِ سڀ ڪجهه آهي.

اندرئينءَ حالت ۾ به، اهڙي شخص جي زندگي، ملڪيت پٺيان ڀڄندڙ شخص جي زندگيءَ ڱان وڌيڪ سکي ۽ آرام سان گذرندي، ڇاڪاڻ ته ملڪيت پٺيان ڀڄندڙ شخص ڪڏهن به پنهنجي آخرين مراد نه ماڻيندو، پر ٻئي پاسي محنت مزوري ڪندڙ شخص، پنهنجي طاقت مطابق، جو ڪجهه چاهيندو، سو ماڻيندو ۽ ان تي مطمئن رهندو: ڪمزور، ٻُڍو، مرندڙ شخص، پنهنجي پوئين وقت ۾ به، هٿ ۾ اوزار کڻي ٿورو گهڻو پورهيو ڪندو رهندو يا ان جي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريندو رهندو، ۽ اهڙيءَ طرح هو آخري دم تائين پنهنجي زندگيءَ مان ڀرپور خوشي ۽ اطمينان ماڻيندو رهندو - ۽ ٻيا شخص به کيس مرڻ گهڙيءَ تائين گهڻو پيار ۽ عزت ۽ احترام ڏيندا رهندا. 

تنهنڪري جيڪڏهن هڪ ٻه يا ڏهه ٻارهن ”چريا، مغز ڦريا“ شخص سگريٽ پيئڻ، تاس راند کيڏڻ ۽ ڏهه ئي ڪلاڪ (جيڪي هر ذهني ڪم ڪندڙ شخص کي ڪنهن مفيد ڪم ۾ خرچ ڪرڻ گهرجن) پنهنجي من جي مونجهه پاڻ سان کڻي در در ڀٽڪڻ بدران، هر ڏيندا، جتيون ٺاهيندا ۽ اهڙي قسم جو ٻيو جسماني پورهيو ڪندا، ته ان مان اجهو اهو فائدو ٿيندو! ۽ منهنجي خيال ۾، اهو فائدو هن آفت رسيده دنيا لاءِ  ڪو ٿورو فائدو نه آهي!

مطلب ته هي ”چريا، مغر ڦريا“ شخص ئي عملي طور ثابت ڪري ڏيکاريندا ته اها خيالي ملڪيت جنهن جي پٺيان عام ماڻهو ڀٽڪندا، تڪليفون سهندا، ٻين کي به مصيبت ۾ وجهندا رهن ٿا، سا زندگيءَ جي سُک ۽ آرام لاءِ نه رڳو ضروري نه آهي پر هڪ اهڙو دلفريب وهم آهي، جو زندگيءَ جي راهه ۾ پهاڙ جيڏي رڪاوٽ ثابت ٿئي ٿو، ۽ اهو پڻ ڏيکاريندا ته ملڪيت، يعني سچي ملڪيت، فقط انسان جي پنهنجي مغز، هٿن ۽ پيرن ۾ ئي آهي، ۽ سچ پچ انهيءَ صحيح ۽ سچيءَ ملڪيت کي چڱي نموني استعمال ڪرڻ جي لاءِ، محض هيءُ ضروري آهي ته اسان پنهنجي جسم کان ٻاهر واريءَ ملڪيت جي غلط تصور کي – جنهن جي پٺيان اسان پنهنجي زندگيءَ جون بهترين صلاحيتون خرچ ڪريون ٿا – رد ڪري ڇڏيون.

هي شخص پنهنجي عملي زندگيءَ رستي اهو پڻ ڏيکاريندا ته اسان خيالي ملڪيت ۾ اعتبار رکڻ فقط تڏهن ئي ڇڏيندو، جڏهن هو پنهنجي حقيقي ملڪيت – پنهنجي صلاحيتن ۽ پنهنجي جسم – کي استعمال ڪندو، جنهن مان نفعو به گهڻو ملندس، ۽ خوشي به اهڙي ڏسندو، جنهن جو اسان تصور به نه ٿا ڪري سگهون، ان کان سواءِ، شخصي طور، صحتمند، مفيد ۽ مهربان به وري اهڙُو ثابت ٿيندو، جو جتي به ڦٽي ڪبس، اتي پنهجي پيرن تي بيهي سگهندو، هر هنڌ، هر شخص سان ڀاءُ ٿي هلندو، ۽ هر هنڌ، هر وقت قدر پيو ٿيندس. هن هڪ يا ڏهه ٻارهن انسان کي ڏسي، عام ماڻهو به سمجهندا ته ”مايا ڄار“ مان ٻاهر ڪيئن نڪرجي، زندگيءَ جا صحيح قدر ڪهڙا آهن، ۽ جسم ۽ جان ٻنهي کي ساڳئي وقت سکي رکڻ جي لاءِ ڪهڙي واٽ وٺجي.

”پر هيڏي ساري اختلاف رکندڙ هجوم ۾، هڪ ڄڻو ڇا ڪري سگهندو؟“

هن کان وڌيڪ بد نيتي ٻئي ڪنهن به عذر ۾ نه لڀي سگهندي.

مير بحر گڏجي، ٻيڙيءَ جي رسي ڇڪي، ٻيڙيءَ کي اوڀارو نيندا آهن – هڪ ڄڻي جي ته مجال نه آهي، جو اڪيلي سر ٻيڙيءَ  کي اوڀارو نيئي سگهي. پر ڪهڙو ميربحر بيوقوف هوندو، جو رسيءَ ڇڪڻ کان انڪار ڪندي، هيءُ بهانو ڏيندو ته ”اڪيلي سر آءٌ ته ٻيڙيءَ کي اوڀارو ڇڪي ئي نه ٿو سگهان!“     

هر اهو شخص، جو پنهنجي حيواني زندگيءَ  جي حقن – کاڌي ۽ آرام – سان گڏ، ڪجهه انساني فرض به سڃاڻي ٿو، تنهن کي ڀليءَ ڀت خبر آهي ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي. (جهڙيءَ  طرح ٻيڙيءَ جي رسي ڇڪيندڙ هر ملاح کي پنهنجي ڪم ڪار جي پوري خبر هوندي آهي.) ٻيڙيءَ جي رسيءَ کي ڇڏي ڏين کان پوءِ ئي، پنهنجي شرم کي پرچائڻ لاءِ  هر ڪنهن کان هو صلاحون ۽ مشورا وٺندو رهندو.

ٻيڙيءَ جي رسي ڇڪيندڙ ملاحن وانگر يا هڪ مشترڪ مهم کي منهن ڏيندڙ گهڻن ماڻهن وانگر، انسان ذات جي به ساڳي ڳالهه آهي: هر شخص کي گهرجي ته هو رسيءَ کي ڇڏي نه ڏئي، پر ناکئي جي ٻُڌايل طريقي تي ٻيڙيءَ کي اڳتي ڇڪيندو ئي رهي، ۽ انهيءَ لاءِ ته اسان مان هر هڪ جو پنهنجو زور ٻن ساٿين سان گڏجي ٻيڙيءَ کي سڌو اڳتي ئي نيندو رهي، اسان کي عقل جهڙي نعمت عطا ڪئي ويئي آهي، ته جيئن پنهنجي زندگيءَ  جو اهو ئي طريقو اختيار ڪيون، جيڪو ان مقصد جي حاصلات لاءِ ضروري آهي.

اسان جي آس پاس رهندڙ عام ماڻهن جي روزمره واريءَ زندگيءَ ۾، هر پورهيت انسان جي پنهنجي ذهن ۽ ضمير جي هن مطابق، اهو طريقو اهڙو ته صاف ۽ سنئون سڌو مستعمل آهي، جو فقط ڪم – چور ماڻهو ئي چئي سگهندو ته کيس اهو طريقو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.

تنهنڪري، ’هڪڙو ڄڻو ڇا ڪري سگهندو؟‘    

اهو ئي ته هڪ يا ٻه شخص رسي ڇڪڻ لڳندا، ۽ کين ڏسي ٽيون شخص به اچي شامل ٿيندن، ۽ اهڙيءَ طرح جيستائين معاملو اڳتي وڌي ۽ پنهنجو پاڻ وڌندو هلي، ڪيترائي سٺا سٺا انسان پاڻ ته اچي ڪم ۾ شريڪ ٿيندا، پر پاڻ سان گڏ، چئن ٻين بي سمجهه شخصن کي به ڪوٺيندا ايندا، ۽ کين به انهيءَ مهم ۾ شريڪ ٿيڻ جي ترغيب ڏيندا.

شروعات ۾ سوچي سمجهي هن خدائي قانون جي پوئواري ڪندڙ شخصن سان اڌوگابرو سمجهندڙ ۽ ايمان آڻيندڙ شخص اچي ملندا، ان کان پوءِ، ڪيترائي شخص ان جو مثال سامهون ڏسي، رڳو اعتبار تي اچي ساڻن شريڪ ٿيندا، ۽ اهڙيءَ  طرح ٿيندي ٿيندي، نيٺ ماڻهن جي اڪثريت ان مثالي صورتحال جو اعتراف ڪندي، ۽ ان کان پوءِ ئي سڀ انسان تباهيءَ کان نجات پائيندا ۽ سچي خوشي ماڻيندا، اهو ڪم هوند تمام جلد ٿئي، جيڪڏهن اسان جي حلقي جا ماڻهو، ۽ انهن جي پوئتان محنت مزوري ڪندڙ عام شخص، ڪاڪوس صاف ڪرڻ ۽ گند ڪچرو ٻاهر ڦٽي ڪرڻ ۾ ڪنهن قسم جو شرم محسوس نه ڪن، پر ڪاڪوس ڀري، گند ڪچرو گڏ ڪري، پاڻ جهڙن ٻين انسان ڀائرن لاءِ ڇڏي ڏيڻ ۾ ئي شرمسار ٿين، پنهنجي هٿن سان ٺاهيل جوتا پائي، پاڙيسرين وٽ وڃڻ ۾ شرمندو ٿيڻ ڇڏي ڏين، پر پيرن اگهاڙي گهمندڙ شخص ڀرسان اچڻ وڃڻ ۾ ڪو شرم محسوس نه ڪن، فرانسيسي زبان يا تازيون تازيون خبرون نه ڄاڻڻ ڪري نه، پر پچائڻ جي هنر کان سواءِ ماني کائڻ سبب شرمندا ٿين، ڪلف لڳل قميص ۽ صاف ڪپڙن پاڻ ڪري شرمسار ٿين، ۽ ميرن ۽ کهرن هٿن هجڻ ڪري نه، پر پورهئي نه ڪرڻ سبب نازڪ ۽ نرم ٿي ويل هٿن هجڻ سبب شرمندا ٿين.

اهو سڀ تڏهن ئي ٿي سگهندو، جڏهن عام ماڻهو اهڙي قسم جو آواز اُٿاريندا، ۽ عام ماڻهو به تڏهن ئي اهڙي قسم جو آواز اٿاريندا، جڏهن کانئن سچ کي لڪائيندڙ سمورا وهم ۽ فريب ختم ٿيندا. منهنجي پنهنجي سانڀر ۾ ئي، انهيءَ قسم جون ڪيتريون تبديليون آيون آهن، ۽ مون کي چڱيءَ  طرح ياد آهي ته اهي سڀ تبديليون عام راءِ ڪري ئي آيون. مون کي ياد آهي ته امير آدمي، چئن گهوڙن ۽ ٻن چاڪرن کان سواءِ گاڏيءَ تي ٻاهر نڪرڻ، نوڪر يا نوڪرياڻيءَ جي مدد کان سواءِ ڪپڙن بدلائڻ، بوٽ پائڻ، وغيره، ۾ شرم محسوس ڪندا هئا، پر هينئر اهڙو وقت آيو آهي، جو اهي ساڳيا ماڻهو پنهنجا ڪپڙا پاڻ نه بدلائڻ، بوٽ پاڻ نه پائڻ ۽ چئن چاڪرن سان گڏ سواري ڪرڻ ۾ ئي شرم محسوس ڪن ٿا. اهي سڀ تبديليون عام راءِ ڪري ئي آيون آهن.

ڇا، هينئر به، عام ماڻهن جي دل ۽ دماغ ۾ جيڪي تبديليون پيدا ٿي رهيون آهن، سي ظاهر نه آهن؟ پنجويهه سال اڳ، رڳو غلاميءَ کي صحيح ثابت ڪندڙ دوکي جو دليل کي ناس ڪرڻو هو، ۽ انهيءَ غلط دليل جي ناس ٿيڻ سان ئي عام ماڻهن ۾ سٺي ۽ خراب جي تميز پيدا ٿي ۽ زندگيءَ جو رخ بدلجي ويو. اڄ ڪلهه وري زر پرستيءَ ۽ انسان مٿان پئسي جي حڪومت کي صحيح ثابت ڪندڙ دليل کي رد ڪرڻو آهي، ۽ انهيءَ غلط دليل جي رد ٿيڻ سان ئي اوهان ڏسندا ته سٺي ۽ خراب بابت عام راءِ بدلجي ويندي، ۽ زندگي پڻ نئون صحتمند رخ  اختيار ڪندي.

پئسي جي حڪمرانيءَ کي صحيح ثابت دليل جو خاتمو ۽ ان سلسلي ۾ عام راءِ جي تبديلي، اڳ ۾ ئي تيزيءَ سان اچي رهي آهي. اهو دوکي جو دليل اڳ ۾ ئي پڌرو ٿي رهيو آهي، ۽ هينئر سچ کي نه ٿو لڪائي سگهي. عام راءِ ۾ انهيءَ تبديليءَ کي ڏسڻ لاءِ، جا نه رڳو اچڻ گهرجي پر جا اڳ ۾ ئي اچي چڪي آهي – پر اڃا ان کي پوريءَ ريت لفظن جو لباس پهرائي سندس هستيءَ جو اعتراف نه ڪيو وڃي. ضروري آهي ته اسان حقيقتن جو ذرا غور سان مطالعو ڪريون. اڄ به چار درجا پڙهيل شخص به جيڪڏهن دنيا بابت پنهنجن خيالن تي ويهي ويچار ڪندو، ته کيس خبر پوندي ته اڄ به، عملي زندگيءَ ۾، سٺي ۽ خراب، ۽ ساراه جوڳي ۽ شرمناڪ فعلن جو معيار مقرر ڪندڙ سندس اخلاقي قدر خود سندس پنهنجي نظرياتي عالمي تصور سان ظاهر ظهور دست وگريبان آهن.

اڄ به اسان جي زماني جو ڪو شخص جيڪڏهن ٿوريءَ دير لاءِ پاڻ کي پنهنجي عملي زندگيءَ کان پري رکي، ان تي ذرا غور ڪندو، ۽ پنهنجي عملي زندگيءَ کان پري رکي، ان تي ذرا غور ڪندو، ۽ پنهنجي عالمي تصور تي ان کي پرکڻ جي ڪوشش ڪندو، ته کيس پنهنجي عملي زندگيءَ جي تضاد ۽ اونداهيءَ جي پوري پوري خبر پئجي ويندي.

اچو ته هڪ عام رواجي نوجوان امير شخص جو ئي کڻي مثال وٺون – (نوجوان ۾ زندگيءَ جي قوت ذرا وڌيڪ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي سمجهه گهٽ هوندي آهي). هر مهذب نوجوان ڪنهن ٻڍي شخص، ٻار يا محتاج عورت کي مدد نه ڪرڻ شرمناڪ فعل آهي. هر شخص ”شلر“ واتان ”ڪرغيز“ لوڪ جي ٻڌايل فعل کي غير مهذب ۽ شرمناڪ سمجهي ٿو: ۽ شلر جو چوڻ آهي ته طوفان وقت ڪرغيز لوڪ پنهنجي زالن ۽ ٻين ٻڍين عورتن کي ٻاهر تنبوءَ جي ڪنڊن کي جهلي بيهڻ لاءِ موڪلي، پاڻ تنبوءَ اندر آرام سان ويهي شراب پيئندا آهن. اڄ هر شخص پنهنجي ذاتي ڪم لاءِ ڪنهن ٻئي ڪمزور شخص کي وهائڻ ۾ شرم محسوس ڪندو؛ ڏکئي وقت ۾، جهڙوڪ، باهه جي لپيٽ ۾ آيل جهاز تي، جيڪڏهن ڪمزور کي ڪلهو هڻي ۽ ٻين پاڻ جهڙن انسانن کي پٺيان خطري ۾ ڇڏي، ڪو ڏاڍو مڙس پهريائين پاڻ بچاءَ واريءَ ٻيڙيءَ ۾ لهڻ جي ڪوشش ڪندو، ته ان کي به غلط ۽ غير مهذب فعل سمجهيو ويندو ۽ مٿس ”شرم شرم“ جي ڦٽڪار پوندي. انهن سڀني ڳالهين کي اسان جا امير زادا شرمناڪ سمجهن ٿا، ۽ ڪن خاص غير معمولي حالتن ۾، هو پاڻ به شايد اهي ۽ ٻيا اهڙا شرمناڪ ڪم نه ڪن، پر پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾، بلڪل اهڙا ۽ ڪن ڳالهين ۾ ته انهن کان به خراب ڪم هو ڪندا رهن ٿا – تنهن جو سبب رڳو اهو آهي ته انهن ڪمن جي بيهودگيءَ کان هو بنهه بيخبر آهن.  

رڳو ٻه منٽ آرام سان ڪٿي ويهي ذرا ويچار ڪن، ته جيڪر کين اصل حقيقت معلوم ٿي وڃي.

نوجوان امير زادو، هر روز صاف ڌوتل قميص پائي ٿو. کيس اهي، ايتريون ساريون قميصون، تلاءَ جي برف جهڙي ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڪير ٿو ڌوئي ڏئي؟ هڪ محتاج عورت، ويچاري ڪهڙيءَ حالت ۾ به هجي، خوش هجي، بيمار هجي – هن شريفزادي کي ان سان ڪهڙو مطلب! گهڻو ڪري هيءَ غريب ڌوٻياڻي انهيءَ شريفزادي جي عمر جيڏي هڪ نوجوان جي ماءُ يا ڏاڏي هوندي آحي، جو ڪڏهن ڪڏهن بيمار به پوندو هوندو. اهڙيءَ حالت ۾ هڪ محتاج ماءُ جو بيمار پٽ ڇا چوندو ته هڪ بي سمجهه امير زادي، الائجي ڪهڙي پور پورڻ تي، اڇي ڌوتل قميص لاهي، پنهنجي ماءُ جيڏيءَ  ٻڍيءَ ڪمزور عورت کي، ان جي ڌوئڻ لاءِ، ٻاهر برف جهڙي ٿڌي تلاءَ تي موڪلي ڇڏيو!

هڪ ٻئي امير زادي کي وري گهوڙن جو شوق آهي. پر شروع شروع ۾ هو نئين جَڙ گهوڙي تي چڙهي، ته جيڪر مڻڪو ڀڄيس، اهڙي ڏکئي وقت ۾ ته، ٻيو، سندس پيءَ ڏاڏي جيڏو، ٻڍو ۽ ڪمزور شخص، پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، گهوڙي کي ٺاهي تيار ڪري، آڻي سندس آڏو حاضر ڪري، ۽ پوءِ، ڪنهن به خوف خطري کان سواءِ، هيءُ اميرزادو مزي سان گهوڙي سواري ڪري، پنهنجي دل وندرائيندو رهي! اهڙي شخص کي ڇا چئجي، جيڪو پاڻ بچائي، ٻين کي مصيبت ۾ مبتلا ڪري، ۽ انهيءَ مصيبت سان منهن ڏيندڙ محتاجن جي محنت تي عيش ڪندو رهي؟

شاهوڪار شخصن جي سموري زندگي اهڙن ڪارنامن سان ڀري پيئي آهي. پير مردن، معصوم ٻارن ۽ ڪمزور عورتن جو سندن وت کان وڌيڪ ڳهڻ ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي اسان جي هوائي خيالن (اسان جي سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هجي ها، ته به چڱو!) کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ ڏکيا ڏکيا ڪم ڪرڻ اسان جي آسوديءَ ۽ خوشحال زندگيءَ کي ممڪن بڻائي ٿو. اسان جي لاءِ مڇي پڪڙيندي، ڪٿي ڪو مهاڻو ٻڏي مئو هوندو، ته ڪٿي وري ڪنهن ٻڍيءَ ڌوٻياڻيءَ کي سيءَ تپ نهوڙي نيو هوندو، ڌنوڻي ڌئيندي ڌئيندي، لوهار اکين جي روشني وڃائي ويهن ٿا، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزور بيٺي بيٺي مشينن جي منهن ۾ اچي قيمون ٿي نڪرن ٿا، ڪاٺير، ڪرندڙ وڻن جي چپيٽ ۾، چيپاٽجي مرن ٿا، رازا ڪواز تان ڪِري جان ڏين ٿا، ۽ درزي وري سلهه جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿين ٿا، مطلب ته اسان جي سماج ۾، سمورو سچو پچو ڪم نقصان ۽ جان جي جوکي سان ئي ٿئي ٿو. انهيءَ حقيقت کي لڪائي رکڻ، ۽ نه ڏسڻ نا ممڪن آهي. انهيءَ حالت مان آزاد ٿيڻ ۽ چو طرف بند قلعي مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ، ۽ انهيءَ لاءِ ته اسان جي ڏينهن ۾، زندگيءَ جا بار ٻين جي ڪلهن تي ڦٽي ڪندڙ ڪو شخص، پنهنجي ضمير جي ڦٽ لعنت تي، پاڻ کي بدمعاش ۽ بزدل چوڻ تي مجبور نه ٿئي، فقط هڪ ئي رستو آهي، ۽ اهو هيءُ ته هر شخص پنهنجو ڪم پاڻ ڪري، ۽ ٻين کان فقط اهو ڪم وٺي، جو سندس زندگيءَ لاءِ  نهايت ضروري هجي.

هڪ وقت اهڙو به ايندو – تيزيءَ سان اچي رهيو آهي – جڏهن نه رڳو نوڪر هٿان تيار ٿيل ست رڇيون کائڻ پنهنجي بي عزتي ۽ بيشرمي سمجهي ويندي، پر ڪنهن به دعوت کائڻ لاءِ خود ميزبانن کي پنهنجي مهمانن لاءِ ماني تيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو؛ نه رڳو برق رفتار موٽرن پر عام رواجي بگيءَ ۾ گهمڻ کي به شرمناڪ سمجهيو ويندو؛ (ڇا ڪاڻ ته گهمڻ ڦرڻ لاءِ هر شخص وٽ اڳيئي پنهنجون ڄنگهون موجود آهن.)ڪم ڪرڻ وقت مخصوص پوشاڪ، بوٽ  ۽ دستانا پائڻ، جن سان ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي؛ يا پنهنجو بار ٻين جي ڪلهن تي وجهي پاڻ هزار ڏيڍ واري پياني تي ويهي راڳ گاني سان دل وندرائڻ؛ ڪتي کي کير ۽ ڪڻڪ جي ماني کارائڻ، جڏهن عام ماڻهن کي ڏڌ جي جهڻ ۽ ٻاجهري جي ماني به نه ٿي ملي، ۽ ڪم کان سواءِ به بتيون ٻارڻ يا ڪمرن ڪوٺين کي بجليءَ جي چُلهن سان گرم رکڻ، جڏهن پاڻ جهڙن ٻين انسانن کي سرگرميءَ ۽ روشنيءَ  جون معمولي سهوليتون به نه ٿيون ملي سگهن – مطلب ته انهن ۽ انهن جهڙن ٻين سڀني ڪمن کي غير مهذب ۽ غلط سمجهيو ويندو. اهڙي زماني ڏانهن اسان تيزيءَ سان وڌي رهيا آهيون. اسان اڳ ۾ انهيءَ نئين زندگيءَ جي سرحدن تي بيٺا آهيون، ۽ انهيءَ قسم جي نئين زندگيءَ کي باقاعدي بحال ڪرڻ عام راءِ جو ڪم آهي، خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو اڄ، عام راءِ، نهايت تيزيءَ سان پاڻ کي انهيءَ عظيم انقلاب لاءِ تيار ڪري رهي آهي. عورتون ئي عام راءِ کي ٺاهين ٿيون، ۽ اسان جي ڏينهن ۾ عورتون وڏي طاقت رکن ٿيون.

  

 

باب چاليهون

انجيل ۾ آيل آهي ته ’مرد کي ڪم ڪرڻ ۽ عورت کي ٻار ڄڻڻ جو قانون سونپيو ويو آهي.‘

جيتوڻيڪ ”موليئر“ جي ڪردار جي چوڻ موجب ’مشينون ڪم ڪنديون، مشينون ٻار ڄڻينديون – مردن ۽ عورتن کي ڪنهن تڪليف ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي!‘ بهرحال مرد ۽ عورت جو قانون اٽل آهي، (جهڙيءَ طرح، ”موليئر“ جي ان ساڳئي ڀوڳائي ڪردار جي ٻيءَ راءِ هوندي به، جيرو ته پنهنجي جاءِ تي ئي رهي ٿو!) ۽ انهيءَ قانون جي ڀڃڪڙيءَ ڪري اڄ به موت واري سزا ملي ٿي.

فرق فقط ايترو آهي ته سڀ مرد، جيڪڏهن پنهنجي فرض کان عام بي تعلقيءَ  جو اظهار ڪن، ته کين فوراً موت جي سزا ملندي، ۽ سڀ عورتون جيڪڏهن ائين ڪنديون، ته کين به سزا اها ساڳي موت جي ملندي، پر ڪجهه دير سان. مردن طرفان قدرتي قانون جي عام ڀڃڪڙي سڀني مردن کي هڪدم نامرد ڪري ڇڏيندي، ۽ عورتن کي طرفان قدرتي قانون جي عام ڀڃڪڙي انهن عورتن کي نه، پر سندن آئنده نسل کي ناس ڪري ڇڏيندي، ڪجهه مردن ۽ ڪجهه عورتن طرفان انهيءَ قدرتي قانون جي ڀڇڪڙي عام انسان ذات کي ته خير ناس نه ڪندي، پر خود ڏوهين کي پنهنجي انساني معقول فطرت کان ضرور محروم رهڻو پوندو.

مردن طرفان قدرتي قانون کان بي پرواهي سڀ کان پهريائين انهن طبقن ۾ شروع ٿي، جيڪي ٻين کي هيسائي ۽ دٻائي ٿي سگهيا، ۽ اها بي پرواهي باقاعدي وڌندي وڌندي، اڄ چريائپ جي حد تائين اچي پهتي آهي – ”شهزادي بلوخين“، ”رينان“، ۽ سموري تعليم يافته دنيا طرفان بيان ٿيل بنهه مثالي بي پرواهيءَ جي حد تائين اچي پهتي آهي: مشينون اسان جو ڪم ڪنديون، ۽ اسان – محض هڏا ۽ چمڙيون – موج مزي سان زندگي گذاريندا رهنداسون! عورت طرفان پنهنجي فرض کان بي پرواهي ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه ايندي هئي. عصمت فروش عورتون البت پنهنجي قدرتي فرض کان بي پرواهه رهنديون هيون. شاهوڪار شخصن جڏهن پنهنجا قدرتي فرض وساري ڇڏيا، تڏهن سندن عورتون ئي پنهنجو فرض پورو ڪنديون رهيون، ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو عورتن جو اثر اڳي کان زياده ٿيو، هو مردن تي حڪومت ڪرڻ لڳيون، اڄ تائين ڪنديون رهن ٿيون - ۽ کين ڪرڻ به گهرجي – ڇاڪاڻ ته مردن قدرتي قانون جو النگهن ڪري، پنهنجي عقل جو ڏيوالو ڪڍيو آهي.

اڪثر چيو ويندو آهي ته ’عورتون (فرانسيسي عورتون، ۽ انهن ۾ به خاص طور اُهي، جن کي ٻار ٻچو ڪونهي)، جديد تهذيب جا سڀ هنر سکي، اهڙيون ته من موهيندڙ ٿي پييون آهن، جو پنهنجي ناز نخري سان مردن کي غلام بڻائي ڇڏيو اٿن.‘ اها ڳالهه نه رڳو غلط، پر حقيقت جي بنهه ابتڙ آهي. مرد کي غلام بڻائڻ واري ۽ سندس دل تي حڪومت ڪرڻ واري، اها ڇڙواڳ ۽ رستن جي رولاڪ بي اولاد عورت نه، پر پنهنجي قدرتي قانون جي پوئواري ڪندڙ ٻارن ٻچن جي ماءُ ئي آهي، (خاص طرح تڏهن، جڏهن مرد پنهنجو قدرتي قانون صفا وساري ڇڏيو آهي).

اڄ ڪلهه جي فئشن پرست عورت، جا مصنوعي طور پاڻ کي بي اولاد رکي ٿي، ۽ پنهنجن اگهاڙن ڪلهن ۽ پيچ در پيچ زلفن سان مرد کي موهي ٿي، سا حقيقت ۾ مرد تي حڪومت ڪندڙ عورت نه، پر هڪ اهڙي، مرد هٿان کريل، عورت آهي، جنهن پاڻ کي ان کريل مرد جي سطح تي هيٺ لاٿو آهي، جنهن مرد وانگر پنهنجو بنيادي فرض وساري ڇڏيو آهي، ۽ زندگيءَ جي هر معقول تصور کي ترڪ ڪيو آهي.

انهيءَ ڳالهه کي صحيح طور نه سمجهڻ مان ئي اُها عجيب بڪواس اُڀري نڪتي آهي، جنهن کي ”عورتن جا حق“ چيو وڃي ٿو.

انهن جي حقن جو حاصل مطلب هي آهي: ”آها! توهان مرد پنهنجي پورهئي جي بنيادي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري، هينئر چاهيو ٿا ته اسين پنهنجو فرض پورو ڪريون. ائين نه! جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ اسين به، توهان وانگر پورهئي جو بهانو ڪري، بئنڪن، وزارتن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، مجلسن ۽ نگارخانن جي ڪمن ۾ شريڪ ٿي سگهون ٿيون، اسين به توهان وانگر پنهنجو پنهنجو بار ٻين جي ڪلهن تي رکي، انهن جي محنت جو ڦل مفت ۾ کائڻ ۽ فقط پنهنجي نفساني خواهشن پوري ڪرڻ لاءِ ئي زنده رهڻ چاهيون ٿيون!“

عورتون زبان سان به ائين چون ٿيون، ۽ عملي طور پڻ ائين ڪري ڏيکارين ٿيون – يعني، هيءُ ته، پورهئي جي معاملي ۾، مردن کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه، پر پاڻ بهتر بهانا بڻائي سگهن ٿيون.

اهو نام نهاد عورتن جو مسئلو انهن مردن ۾ اٿي سگهي ٿو ۽ اٿيو آهي، جن پورهئي جي اصلي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، تنهنڪري هينئر به جيڪڏهن پورهئي جي انهيءَ اصلي ۽ قدرتي قانون جي پيروي ڪئي وڃي، ته هيءُ ”عورتن جو مسئلو“ ڪو مسئلو ئي نه رهي.

جن عورتن کي سندن مخصوص، لازمي ۽ يقيني پورهيو ڏنو وڃي ٿو، اهي ڪڏهن به ٻنين، کاڻين ۽ ڪارخانن وغيره جي ڪم ۾ مردن سان شريڪ ٿيڻ جو ”مطالبو“ ڪو ن ٿيون ڪن، ۽ هونئن به جيڪي عورتون مردن جي پورهئي ۾ شريڪ ٿيڻ جو مطالبو ٿيون ڪن، سر رڳو شاهوڪار ۽ آسائشي شخصن جي نام نهاد پورهئي ۾ شريڪ ٿيڻ جو مطالبو ڪن ٿيون!

اڳين ڏينهن ۾، عورت مرد کان وڌيڪ مضبوط هوندي هئي، ان ڪري نه ته وٽس ناز نخرو ۽ نزاڪت گهڻي هئي يا مرد وانگر پورهئي جي منافقانه بهانن بڻائڻ ۾ زايده چست ۽ چالاڪ هئي، پر ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي قدرتي ۽ فطري قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪندي هئي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي جان کي جوکي ۾ وجهي، هوءَ پنهنجو فرض پورو ڪندي هئي، ڇاڪاڻ ته هوءَ، مرد وانگر، پنهنجي قدرتي، لازمي ۽ يقيني پورهئي مان، بهانا ڪبهانا ڪري، پنهنجي جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪندي هئي.

پر منهنجي پنهنجي سانڀر ۾ ئي، عورت جو زوال – سندس فرض کان سندس لاپرواهيءَ  جي صورت ۾ - شروع ٿيو آهي، ۽ ڏسندي ڏسندي، منهنجي اکين اڳيان، وبا وانگر، اهو چو طرف پکڙجي ويو آهي.

عورت به، پنهنجو قدرتي قانون وساري، سمجهي ٿي ته سندس اصل طاقت ناز نخري يا مردن جي نام نهاد ڪم جي نقل ڪرڻ واريءَ استاديءَ ۾ لڪل آهي.

پر ٻار، ٻنهي، مرد توڙي عورت، جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. تنهنڪري اڄ ڪلهه سائنس (سائنس ته هر بڇڙي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندي آهي!) جي مدد سان، شاهوڪار شخصن ڄم روڪ جا نوان نوان طريقا ڳولي لڌا آهن، ۽ ڄم روڪ جون دوائون ۽ ٻيو سامان عورتن جي سينگار ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ۽ تنهنڪري مٿين طبقن جون مائر – عورتون، جيڪي گهرن ۾ هونئن به مرضيءَ جون مالڪياڻيون ٿيون پيون گذارين، بازاري عورتن جي ريس تي ۽ انهن کان پوئتي نه رهڻ جي خيال کان، ٻار ڪيرائي رهيون آهن.

اها برائي گهڻي پکڙجي ويئي آهي، هر روز اڳي کان وڌيڪ پکڙجي ٿي، ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي، جڏهن دنيا جي سڀني شاهوڪار شخصن جون زالون انهيءَ  برائيءَ  ۾ مبتلا  نظر اينديون، ۽ پوءِ هو به تنزل پذير مردن جي سطح تي هيٺ لهي اينديون، ۽ مردن وانگر زندگيءَ جي هر معقول تصور کي ترڪ ڪنديون، ۽ پوءِ انهيءَ مرض جو ڪو به علاج نه ٿي سگهندو: پر ان ۾ البت اڃا وقت آهي.

انهن سڀني ڳالهين جي هوندي به، عورتون، مردن جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ فرض شناس آهن؛ منجهانئن اڪثريت پنهنجي قدرتي قانون جي تعميل ڪري رهي آهي، اسان جي طبقي ۾ به ڪيتريون سياڻيون ۽ سمجهدار عورتون آهن، ۽ مٿئين مرض جو علاج انهن جي ئي هٿ ۾ آهي.

ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو اهي عورتون پنهنجو قدر ۽ قوت سڃاڻي، پنهنجي سمجهه ۽ سياڻپ، پيار ۽ شفقت کي پنهنجي مڙسن، ڀائرن ۽ ٻارن ٻچن جي بچاءَ ۾ ڪم آڻين، ۽ انسان ذات کي بي پناه تباهيءَ  کان بچائي وٺن!           

شاهوڪارن طبقن جون مهربان مائرون! توهان جي ئي هٿن ۾ اسان جي دنيا جي مردن کي براين کان بچائڻ جو علاج آهي! اهي عورتون نه، جيڪي سمورو وقت پنهنجي جسم جي هار سينگار ۽ سينڌ سرمي ۽ ٻين سماجي سرگرمين ۽ مردن جي دلين ڌتارڻ ۾ گذارين ٿيون، جيڪي پنهنجي مرضيءَ  خلاف، غفلت وچان يا مايوسيءَ  ۽ مجبوريءَ  سان، ٻار ڄڻي، ٿڃ پيارڻ لاءِ، داين کي ڏيئي ڇڏين ٿيون، اهي عورتون به نه، جيڪي يونيورسٽي ليڪچر ٻڌن ٿيون، ۽ سائنس ۽ رياضيءَ  جي دقيق مسئلن تي گفتگو ڪن ٿيون، ۽ جيڪي پنهنجي نام نهاد ترقيءَ ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ جي خيال کان ٻار ڄڻڻ پسند نه ٿيون ڪن – پر اهي عورتون، جيڪي نفس جي فطري ضابطي دوران ڄم روڪ جي طاقت پڻ رکن ٿيون، ۽ ساڳئي وقت نهايت نهٺائيءَ ۽ سوچ سمجهه سان انهيءَ ابدي ۽ اٽل قانون جي تعميل پڻ ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ ته ڄاڻن ٿيون ته انهيءَ تعميل جي محنت ۽ مصيبت، سندن فرض آهي. اسان جي شاهوڪار طبقن جون اهي ئي مائرون ۽ ٻيون عورتون آهن، جن جي هٿن ۾ مردن جي مصيبتن جو علاج آهي. توهان، خدائي قانون اڳيان نهايت نماڻائيءَ ۽ نهٺائيءَ سان ڪنڌ نوائيندڙ عورتون! توهان ۽ فقط توهان ئي، اسان جي خوار خراب زندگيءَ جي سچيءَ ۽ مڪمل معنيٰ کان واقف آهيو، ۽ فقط توهان ئي، پنهنجي مثال سان، عام ماڻهن کي ڏيکاري سگهو ٿيون ته زندگيءَ جي سچي خوشي قدرتي قانون جي انحرافي ڪرڻ ۾ نه، پر ان جي تسليم ڪرڻ ۾ ئي آهي، توهان کي ئي خبر آهي ته زندگيءَ جا جوش جذبا، احساس ۽ امنگ توهان جي ڀرپور وجود کي ڪيئن زندگي بخشيندا آهن، ۽ مرد به جڏهن قدرتي قانون کي بيپرواهي نه ڪندو آهي، ته کيس ڪهڙي نه بي پناه نعمت عطا ٿيندي آهي! توهان کي پنهنجي مڙسن سان پيار ڪرڻ جي خوشيءَ  جي به پوري پوري خبر آهي – هڪ اهڙي خوشي، جا ڪڏهن نه کٽي ٿي ۽ نه وري ٻين خوشين وانگر کوکلي ۽ اڻپوري آهي، پر ڪيئن اها پنهنجي معصوم اولاد سان پيار ڪرڻ جي تهان ئي هڪ نئين خوشيءَ جي شروعات ڪندڙ، ڀرپور ۽ سڌا حيات آهي. توهان جڏهن ساديون، سنيون سڌيون ۽ قدرتي قانون جي تعميل ڪندڙ عورتون آهيو، ته توهان ۽ فقط توهان ئي اهو پورهيو – مخصوص پوشاڪن ۽ رنگ برنگي بتين سان ٻرندڙ ڪمرن ۾ پورهئي جي کل جهڙيءَ ۽ بهاني بازيءَ تي بيٺل شڪل وارو نه، پر ڌڻيءَ طرفان اسان جي لاءِ لازمي طور تسليم ٿيل پورهيو – ڄاڻو ٿيون، ۽ توهان کي اها به خبر آهي ته اهو قدرتي پورهيو ڪهڙيون نه سچيون خوشيون ۽ اکٽ نعمتون پاڻ سان کڻي اچي ٿو!

توهان کي پنهنجي متعلق قدرتي قانون جي پوري پوري خبر آهي، توهان پنهنجي دل جي گهراين مان جنهن پيار جو جوش جذبي، ۽ اميد سان انتظار ڪريو ٿيون، انهيءَ پيار کي ماڻڻ کان پوءِ، اميد واريءَ جو عذاب توهان کي ڀريا نَوَ مهينا بيمار رکي، بي پناه دک درد ڏيئي، موت جي ڪنڌيءَ تائين پهچائي ٿو، توهان سچي پورهئي جي حالتن کان باقاعدي واقف آهيو، توهان ئي زندگيءَ جو سڀ کان وڌيڪ پيڙيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ تڪليفن جي اچڻ ۽ ڏينهون ڏينهن وڌڻ جو خوشيءَ سان انتظار ڪريو ٿيون، ۽ انهن عذابن کان پوءِ عطا ٿيل نعمت جو قدر به فقط توهان ئي ڪري سگهو ٿيون.

انهن سڀني تڪليفن کان هڪدم پوءِ، ڪنهن به آرام ۽ ساهي پٽڻ کان سواءِ، توهان جي لاءِ دک درد ۽ تڪليفن جو نئون دور شروع ٿئي ٿو – ٻارن پالڻ جو دور، جنهن ۾ توهان اسان جي سڀ کان وڌيڪ مضبوط مطالبي يعني ننڊ (جنهن کي عام طور پيءُ ماءُ کان به وڌيڪ پياري چيز چوندا آهن) کي به وساري، ان کي پنهنجي فرض ۽ فطري احساس جو غلام بڻايو ٿيون، ۽ سالن جا سال رات جو آرام ۽ اطمينان سان ننڊ به نه ٿيون ڪري سگهو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته راتين جون راتيون اوجاڳا ڪڍي، پنهنجي بيمار ۽ بي آرام ٻار کي ساڻين ۽ سُتل ٻانهن ۾ کڻي، هيڏي هوڏي گهمنديون رهو ٿيون.

۽ توهان جڏهن، ڪنهن به شخص طرفان داد ملڻ کان سواءِ، ڪنهن به شخص کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ کان سواءِ ۽ ڪنهن به شخص ۾ ساراه يا سوغات جي اميد رکڻ کان سواءِ، اهي سڀ سختيون سهنديون، ۽ انهيءَ ڪم کي هڪ وڏي مهم نه، پر ٻنيءَ تان موٽندڙ ڀرئي ڀاڳئي ڪڙميءَ وانگر پنهنجو بنيادي ۽ قدرتي فرض سمجهي، دليون جانيون پورو ڪنديون، تڏهن ئي توهان کي سمجهي، دليون جانيون پورو ڪنديون، تڏهن ئي توهان کي خبر پوندي ته عام ماڻهن اڳيان ”سرخرو“ ٿيڻ لاءِ نام نهاد پورهيو ڇا آهي، ۽ قدرتي قانون جي تعميل ڪرڻ لاءِ حقيقي پورهيو ڇا آهي – جنهن جو فرق توهان ئي پنهنجي دل ۾ چڱيءَ طرح سمجهي سگهو ٿيون.

توهان کي خبر آهي، (جيڪڏهن توهان سچ پچ اصيل مائرون آهيون) ته نه رڳو ڪو به شخص توهان جي تڪليف ڏسي، توهان سان همدردي نه ٿو ڪري – عام ماڻهو رڳو اهو ئي سمجهندا آهن ته ائين ئي ٿيڻو آهي – پر اهي توهان جا پنهنجا پيٽ ڄڻيا به، جن جي لاءِ توهان هيترا ڪشالا ڪڍيا آهن، نه رڳو توهان جي مهرباني نه مڃيندا، پر اڪثر توهان کي تڪليفون ئي ڏيندا – پر ٻئي ٻار سان، توهان وري به ائين ئي ڪنديون: توهان وري به سور سهنديون، سخت ڪشالا ڪڍنديون ۽ ڪنهن به شخص ۾ ساراه يا سوغات جي اميد نه رکنديون، ۽ وري به ساڳئي روح جي راحت ۽ ساڳيو دل جو اطمينان محسوس ڪنديون.

توهان جيڪڏهن سچ پچ اهڙيون مثالي عورتون آهيو، ته توهان جي ئي هٿن ۾ مردن مٿان حڪومت ڪرڻ جون واڳون هجڻ گهرجن، ۽ توهان جي ئي هٿن ۾ سندن ڇوٽڪارو آهي! هر روز توهان جو تعداد گهٽبو رهي ٿو: ڪي مردن کي موهڻ ۽ بازاري عورتون بڻجڻ ۾ پاڻ کي مشغول رکن ٿيون، ڪي مردن سان، غير قدرتي ۽ خسيس ڪمن ڪارين ۾ مقابلي ڪرڻ جون تياريون ڪن ٿيون، ته ڪي وري، جي اڃا پنهنجي فرض کان بنهه غافل نه ٿيون آهن، دل ئي دل ۾، ان کي رد ڪري ڇڏين ٿيون: هو هڪ عورت ۽ هڪ ماءُ جا فرض برابر پورا ڪن ٿيون، پر ڪڏهن ڪڏهن آزاد ۽ بي اولاد عورت سان ريس ڪندي، ملول به گهڻو گذارين ٿيون، ۽ پنهنجي مکيه انعام – فطرت جي تقاضا پوري ڪرڻ جي اندروني تسڪين – کان پاڻ کي محروم رکن ٿيون، ۽ خوش ٿيڻ بدران اٽلو غمگين ٿين ٿيون.

اسان، پنهنجي زندگيءَ جي راهه ۾ اهڙو ته منهنجي پيا آهيو – اسان مٿئين طبقي جا مرد، پنهنجي زندگيءَ جو مطلب اهڙيءَ ته بريءَ طرح وڃائي ويٺا آهيون، جو هينئر اسان ۾ ڪنهن به قسم جي تميز نه رهي آهي. زندگيءَ جو سمورو بار ٻين جي ڪلهن تي اُڇلائي، اسان، ٻين جي جان جوکي ۾ وجهي، پنهنجي جان سلامت رکڻ وارا، پاڻ کي پنهنجي صحيح نالي، ”بدمعاش“ ۽ ”بزدل“، سان به نٿا سڏي سگهون.

پر عورتن ۾ اڃا به فرق آهي. ڪي عورتون اُهي آهن، جي سچ پچ عورتون آهن، ۽ انسان جو اعليٰ ترين مظهر پيش ڪن ٿيون، ۽ ڪي عورتون اهڙيون آهن، جن کي رنڊيون سڏجي ٿو. عورت ۽ عورت جي وچ ۾ اهو فرق صحيح طور اسان جا آئنده نسل ئي ڪري سگهندا، پر اسان پاڻ به انهيءَ فرق ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿا سگهن.

هر اها عورت، جيڪا جنسي تعلقات کان پري رهي بغير ٻارن ڄڻڻ کان پري رهي ٿي، پوءِ چاهي اها ڪهڙو به لباس پهري، پاڻ کي ڇا به ڪوٺي ۽ ڪيتريءَ به نزاڪت ۽ لطافت واري هجي، سا رنڊي آهي، ۽ هڪ عورت ڪيتري به پست پيل ڇو نه هجي، پر جيڪڏهن، هوءَ ڏسي وائسي ٻارن ڄڻڻ ۽ انهن جي پالنا ڪرڻ ۾ زندگي صرف ڪري ٿي، ته سمجهڻ گهرجي ته هوءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ سٺي سٺي ۽ وڏي ۾ وڏي خذمت سر انجام ڏيئي رهي آهي – ڌڻيءَ جي مرضي ءَ مطابق هلي رهي آهي - ۽ ڪنهن کان به هن حيثيت گهٽ نه آهي.

توهان جيڪڏهن اهڙيون عورتون آهيو، ته توهان ٻن چئن يا پندرهن ٻارن کان پوءِ به ائين نه چونديون ته توهان ڪافي ٻار ڄڻيا آهن – جهڙيءَ ريت پنجاه سالن وارو مزور، جيڪو کائي پئي ٿو، سمهي ٿو، گهمي گهتي ٿو ۽ اڃا سندس هڏ ڪم ڪرڻ گهرن ٿا، ڪڏهن ائين نه چوندو ته هن هاڻي ڪافي ڪم ڪيو آهي ۽ وڌيڪ ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ هو تيار نه آهي. توهان جيڪڏهن سچ پچ اهڙيون عورتون آهيو، ته توهان پنهنجي ٻارن جي کاڌ خوراڪ ۽ پالنا جو ڪم ٻيءَ ڪنهن به ماءُ  تي نه وجهنديون، (جهريءَ ريت هڪ مزور پنهنجو ذري گهٽ پوري ٿيڻ وارو ڪم ٻئي ڪنهن مزور جي ڪلهن تي نه اڇلائيندو،) ڇاڪاڻ ته توهان جو انهيءَ ڪم ۾ ساهه آهي، ۽ تنهنڪري جيترو وڌيڪ اهو ڪم ڪنديون، اوترو توهان جي زندگي وڌيڪ ڀرپور ۽ سکي رهندي.

توهان جيڪڏهن سچ پچ اهڙين عورتن مان آهيو - ۽ مردن جي اها خوش قسمتي آهي، جو اڃا به اهڙيون عورتون موجود آهن – ته پوءِ توهان، ڌڻيءَ جي مرضيءَ مطابق هلڻ واري جنهن قانون تي عمل پيرا آهيو، ان قانون کي پنهنجي مردن، ٻارن ۽ ٻين عزيزن قريبن جي زندگيءَ سان لاڳو ڪرڻ جي به پوري پوري ڪوشش ڪنديون.

توهان جيڪڏهن سچ پچ اهڙين عورتن منجهان آهيو ۽ پنهنجي ذاتي آزمودي مان سمجهو ٿيون ته انسان جي زندگيءَ جو سگهه ۽ سک ڏيندڙ مقصد هيءُ ئي آهي ته ٻين جي زندگيءَ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪندڙ، بي غرض ۽ سچو پورهيو پيش ڪيو وڃي، ته پوءِ توهان اها ساڳي ڳالهه ٻين سان به لاڳو ڪنديون – پنهنجي مڙس کي به اهڙي پورهئي ڪرڻ جي ترغيب ڏينديون، ٻين ماڻهن جو قدر ۽ قيمت به اهڙي پورهئي جي معيار تي مقرر ڪنديون، ۽ پنهنجي اولاد کي پڻ اهڙي صحتمند پورهئي لاءِ تيار ڪنديون.

پر اها ماءُ، جيڪا ٻار ڄڻڻ جي فعل کي هڪ اڻ وڻندڙ حادثو سمجهي ٿي، ۽ سندس خيال آهي ته زندگيءَ جي معنيٰ محض پيار ۽ محبت جون لذتون، سک سهنج، اعليٰ تعليم ۽ سماجي لڳ لاڳاپو آهي، سا پنهنجا ٻار ضروري اهڙي نموني پاليندي، جو کين وڌ ۾ وڌ عيش آرام ۽ سک سهوليت ملي – کين ست رڇيون کارائيندي، سهڻا سهڻا ۽ نرم ۽ نفيس ڪپڙا پهرائيندي، کين مصنوعي موج مزي ۾ مشغول رکندي، ۽ کين ٻين لاءِ جيئڻ، پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي به ٻين کي سک ۽ سهوليت پهچائڻ، ۽ هر ممڪن ڪوشش سان ڪنهن جي ڪم اچڻ جي نه، پر محض ڊگرين ۽ ڊپلومائن وٺڻ ۽ پورهئي نه ڪرڻ جي ڪنهن موقعي هٿ ڪرڻ جي تعليم ڏيندي. رڳو اهڙي عورت ئي، پنهنجي زندگيءَ جي معنيٰ وساري، اسان جي انهيءَ ڪوڙي، ۽ پر فريب مرداني پورهئي سان رشڪ ڪندي، جنهن جي مدد سان سندس مڙس، پاڻ کي انسان جي اولين ۽ اهم ترين فرض کان آجو ڪري، ٻين جي محنت جو ڦل پاڻ به مفت ۾ کائي ٿو، ۽ کيس به کارائي ٿو. رڳو اهڙي قسم جي عورت ئي پنهنجي ڌيءُ لاءِ به پنهنجي مڙس جهڙو مڙس چونڊيندي، ۽ عام ماڻهن کي سندن اصليت ۽ زاتي چڱاين مطابق نه، پر سندن سماجي حيثيت، دولت ۽ ٻين کان سندن محنت جي ڦل ڦري وٺڻ جي طاقت مطابق عزت ڏيندي.

پر هڪ اصيل ماءُ، جيڪا پنهنجي آزمودي مان ڄاڻي ٿي ته ڌڻي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي ۽ ڪهڙين ۾ نه، سا پاڻ وانگر پنهنجي ٻارن کي به زندگيءَ ۾ ڌڻيءَ جي مرضيءَ رکڻ لاءِ تيار ڪندي. اهڙي ماءُ، پنهنجي ٻارن کي، حد کان وڌيڪ کائيندو، نرم ۽ نفيس ڪپڙا پائيندو ۽ نفس پرست ٿيندو ڏسي، ڏاڍي دکي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته اهي شيون ڌڻيءَ جي مرضيءَ رکڻ ۾، جنهن کي هوءَ تسليم ڪري ٿي، وڏي رڪاوٽ ثابت ٿين ٿيون. اهڙي ماءُ پنهنجي پٽ يا ڌيءُ کي ڪڏهن به اهڙي تعليم نه ڏيندي ته هو پورهئي کان پاڻ ڇڏائڻ جي فريب ۾ مبتلا ٿين، پر کين هميشه زندگيءَ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻڻ جو سبق ڏيندي رهندي. اهڙيءَ اصيل ماءُ کي ڪڏهن به انهيءَ سوال پڇڻ جي ضرورت نه پوندي ته پنهنجي ٻارن کي ڪهڙي تعليم ڏئي ڪهڙي نه، يا کين ڪهڙي قسم جي انسان ٿيڻ جي تربيت ڏئي: کيس چڱيءَ طرح خبر آهي ته انسان کي ڇا ڪرڻو آهي، ۽ تنهنڪري پنهنجي اولاد کي ڪهڙي تعليم ڏيڻ گهرجي ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي. اهڙي اصيل عورت نه رڳو پنهنجي مڙس کي ٻين جي محنت مفت ۾ هضم ڪرڻ واري نام نهاد ۽ برخود غلط پورهئي جي ترغيب نه ڏيندي، پر اهڙيءَ سرگرميءَ کي نفرت ۽ ناراضپي جي نگاه سان ڏسندي، ڇاڪاڻ ته اها سندس اولاد کي ٻن طرحن سان کاري خراب ٿي ڪري – پيءُ جو هو نقل ڪن ٿا، ۽ ناحق جي ڪمائيءَ تي موجون ماڻي عيش پسند ۽ فضول شخص بنجن ٿا. اهڙي عورت، پنهنجي ڌيءُ لاءِ ڪڏهن به اهڙو مڙس نه چونڊيندي، جنهن جا رڳو هٿ پير ۽ لٽا ڪپرا صاف سٺا هجن ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ظاهري طرح فضيلت وارو هجي – پر اهو چڱيءَ طرح ڄاڻندي ته پورهيو ڇا کي چئجي ۽ ٺڳي ڇا آهي، هوءَ همشيه ۽ هر هنڌ، پنهنجي مڙس سوڌو، سڀني شخصن ۾، پگهر جي پورهئي جو لڇڻ ڏسڻ پسند ڪندي، ۽ نالي ماتر، ڪوڙي ۽ ڏيکاءُ واري ڪم کي، جيڪو پگهر جي پورهئي کان ماڻهوءَ کي آزاد ڪري ڇڏي، ڪڏهن به قبول نه ڪندي.

عورت جي بنيادي فرض کان انڪار ڪندڙ، پر ان جي لازمي حقن مان فائدي وٺڻ واريون چون ٿيون ته ”هڪ ماءُ لاءِ زندگيءَ جو اهڙو سخت گير نظريو عملي طور نا ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي ٻارن سان پيار جي ڏور ۾ اهڙي ته سوگهي ٻڌل آهي، جو کين لذيذ طعام، عيش آرام، موج مزي، نرم ۽ نفيس ڪپڙن وغيره ڏيڻ کان انڪار ڪري ئي نه ٿي سگهي، ۽ جيڪڏهن سندس مڙس کي ڪا خاص سماجي حيثيت يا مال ملڪيت نه آهي، ته ٻارن ٻچن کي ائين خالي هٿين سکڻو ڇڏڻ هوءَ سهي ئي ڪين سگهندي، ۽ ڪنوارين ڌين جي شاديءَ وغيره يا گهٽ پڙهيل جوان پٽن جي آئنده جي ڪنهن ڀروسي جهڙي بندوبست لاءِ سوچڻ کان سواءِ هوءَ رهي ئي نه سگهندي!“  

پر، اهو سڀ ڪوڙ آهي، ڏٺو وائٺو ڪوڙ.

هڪ اصيل ماءُ ڪڏهن به ائين نه سوچيندي. ٻارن کي مٺاين ۽ فضول رانديڪن وٺي ڏيڻ يا کين کيلن تماشن ڏيکارڻ ۽ سرڪسن گهمائڻ کان توهان جي دل نه ٿي رهي؟

پر پنهنجي ٻارن کي کارائڻ لاءِ زهريلا ٻير ڏيڻ، کين ٻيڙيءَ ۾ اڪيلو چاڙهي ڇڏي ڏيڻ، ۽ فحش ناچ گاني جي محفلن ۾ وٺي وڃڻ تي توهان جي دل ڪا نه ٿي ٿئي! پوءِ ائين ڇو آهي، ته توهان هڪ ڳالهه کان دل پلي سگهو ٿيون، ۽ ٻيءَ کان نه؟

توهان چئو ٿيون ته توهان کي پنهنجا ٻار  اهڙا ته پيارا آهن، جو توهان کي سندن زندگيءَ، کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپري جو ڏاڍو خيال رهي ٿو، ۽ تنهنڪري، توهان جي مڙسن جي بي انصافيءَ ۽ ناحق تي ٻڌل حيثيت توهان کي سُکي زندگيءَ جي جيڪا ضمانت ڏني آهي، تنهن جو توهان کي قدر رهي ٿو.

توهان ائين به چئو ٿيون ته توهان کي پنهنجي ٻارن جي ايندڙ زندگيءَ ۾ مرهوم مصيبتن – يعني آئنده جي نا معلوم ۽ غير يقيني مصيبتن – جو ايترو ته ڊپ آهي، جو توهان پنهنجي مڙسن کي ڏسي وائسي به غلط ۽ بي انصافيءَ تي ٻڌل ڪمن ڪرڻ جي ترغيب ڏيو ٿيون، پر توهان اهو ٻڌائي سگهنديون ته اڄ، موجوده حالتن ۾، توهان پنهنجي ٻارن کي روزمره جي پر خطر حالتن کان محفوظ رکڻ لاءِ ڇا ڪري رهيو آهيو؟

ڇا، توهان ڏينهن جو ڳچ حصو پنهنجي ٻارن سان گڏ گذاريو ٿيون؟ جيڪڏهن ڏينهن جي ڏهين پتي به پنهنجي ٻارن سان گڏ گذاريو، ته به هوند چڱو ٿئي!

توهان جا ٻار، ڏينهن ۾ تقريباً سمورو وقت، اڻ پڙهيل، عام رواجي ۽ غير واقف شخصن جي هٿن ۾ رلندا رهن ٿا، يا وري اهڙن ادارن ۾ داخل آهن، جو کين انيڪ جسماني ۽ اخلاقي مرضن ۾ مبتلا  ٿيڻ ۾ دير ئي ڪا نه ٿي ٿئي.

توهان جا ٻار کائين ٿا، ۽ کين باقاعدي کاڌ خوراڪ ملي ٿي! پر سندن ماني ڪير ٿو تيار ڪري، ۽ ڇا ڇا ٿو ٺاهي؟ توهان ته گهڻو ڪري ڪو نه ڄاڻنديون هونديون! کين اخلاقي سبق ڪير ٿو سيکاري؟ اميد ته توهان کي ان جي خبر به نه هوندي! تنهنڪري، مهرباني فرمائي ائين نه چئو ته توهان پنهنجي ٻارن جي ڀلائيءَ خاطر ئي پنهنجن مڙسن جون هيتريون ساريون غلط ڪاريون، برداشت ڪريو ٿيون – ڇاڪاڻ ته ائين صحيح نه آهي. توهان کي اهي وڻن ٿيون، تڏهن ئي توهان انهن کي قبول ٿيون ڪريو.

هڪ اصيل ماءُ، جا ٻارن ڄڻڻ ۽ کين پالي تاتي وڏي ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي زندگيءَ جي مقصد ۽ ڌڻيءَ جي مرضيءَ جي تعميل ڏسي ٿي، سا ڪڏهن به ائين نه چوندي.

هوءَ ائين ڪڏهن به نه چوندي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته سندس ٻار وڏا ٿي ڇا ٿيندا، يا کين وڏي هوندي ڇا ٿيڻ گهرجي، يا هيءُ ته زماني جو رخ ڇا ٿو چوي، سو ڄاڻڻ سندس ڪم نه آهي. کيس اها به خبر آهي ته ٻار – آئنده جا ابا – انسان کي هڪ وڏي ۾ وڏي ۽ سڀ کان وڌيڪ پاڪ شيءِ مليل آهن، ۽ اهڙيءَ پاڪ هستيءَ جي پنهنجي پوري وجود سان خذمت ڪرڻ ئي سندس زندگي آهي.

زندگيءَ ۽ موت سان لڳاتار دوچار رهڻ ۽ زندگيءَ جي هنن نازڪ سلن کي مينهن واءَ کان بچائي رکڻ جي دائمي ڪوشش ۾ مشغول رهڻ ڪري، هوءَ ڄاڻي ٿي ته زندگيءَ ۽ موت جو معاملو سندس هٿ ۾ نه آهي – سندس ڪم زندگيءَ جي خذمت ڪرڻ آهي، ۽ تنهنڪري انهيءَ خذمت جي لاءِ هوءَ ڪڏهن به پري پري جي رستن تي هلڻ لاءِ، جن کي هن اڃا ڏٺو ئي ڪونهي، ڪڏهن به پنهنجو مٿو ويهي ڪين کپائيندي، پر جيڪو رستو ويجهو ۽ سامهون موجود اٿس، تنهن تي ئي چپ چاپ ڪري هلندي رهندي.

اهڙيءَ اصيل ماءُ هميشه ٻار ڄڻيندي، ۽ سندن پالنا به پاڻ ئي ڪندي رهندي، پاڻ کان اڳ ٻئي کي کارائيندي، ٻارن لاءِ کاڌو تيار ڪندي، سندن ڪپڙا سبندي، کين وهنجاري سهنجاري اڇو اجرو ڪندي، کين پاڙهيندي، کين سمهاريندي ۽ سمهڻ مهل کين ڳالهيون ٻڌائيندي، ڇاڪاڻ ته هوءَ انهن ڪمن منجهه ئي پنهنجي زندگيءَ جو مطلب ڏسي ٿي، کيس خبر آهي ته روزمره جي زندگيءَ جي ضمانت به محنت ڪري سگهڻ جي طاقت ۾ آهي، تنهنڪري هوءَ پنهنجي مڙس ۽ ٻارن ۾، جان جي بازي لڳائي به، ڌڻيءَ جي مرضيءَ مطابق هلڻ جي اها ساڳي طاقت پيدا ڪندي، جيڪا هن اڪثر پاڻ محسوس ڪئي آهي. اهڙي ماءُ ڪڏهن به پنهنجو ڪم ٻين کان نه ڪرائيندي، پنهنجو بار ٻين جي ڪلهن تي نه اڇلائيندي، ۽ نه وري ٻين کان پڇندي ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي؛ هوءَ پاڻ ئي سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي ۽ سمجهي ٿي، ۽ ڪنهن کان به ڪا نه ٿي ڊڄي، ۽ هميشه دل جي آرام ۽ اطمينان سان مالا مال رهي ٿي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته کيس جو ڪجهه ڪرڻو آهي، سو هر ممڪن طرح هوءَ پورو ڪندي ٿي رهي.

مردن ۽ بي اولاد عورتن لاءِ، خدا جي مرضيءَ متعلق ۽ ان مطابق ڪيئن هلجي، تنهن جي باري ۾ هڪ هزار هڪ شڪ موجود ٿي سگهن ٿا، پر هڪ مهر ڀريءَ ماءُ جي لاءِ، اهو طريقو هڪ صاف سنئون سڌو ۽ نهايت پڪو رستو آهي، ۽ جيڪڏهن نهٺائيءَ ۽ نماڻائيءَ ۽ دل جي صفائيءَ سان ان کي پورو ڪندي، ته هوءَ انسانيت جي معراج تي پهچندي، ۽ هر شخص جي لاءِ خدا جي مرضيءَ مطابق زندگي گذارڻ جو هڪ بهترين مثال پيش ڪندي.

رڳو هڪ ماءُ ئي مرڻ وقت آرام ۽ اطمينان سان پنهنجي پروردگار – جنهن کيس هن جهان ۾ موڪليو ۽ جنهن جي، ٻارن ڄڻڻ ۽ انهن کي پالي تاتي وڏي ڪرڻ سان، هن خذمت ڪئي آهي، جن کي هوءَ پنهنجي جان کان وڌيڪ پيار ڪندي رهي آهي- رڳو اهڙي ماءُ ئي پنهنجي پروردگار کي چئي سگهي ٿي: ”هينئر هِن پنهنجي بنديءَ جي سڪرات سولي ڪر !“ ۽ انسان جي اهائي وڏي ۾ وڏي تڪميل ۽ سٺي ۾ سٺي ڀلائي آهي.

اهي عورتون، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ماٺ ميٺ ۾ پورو ڪن ٿيون، سي مردن جي دلين تي به حڪومت ڪن ٿيون، ۽ انسان ذات جي لاءِ مشعل راهه جو ڪم ڏيڻ ٿيون، اهي عورتون ئي عام راءِ کي ٺاهين ٿيون، ايندڙ نسل تيار ڪن ٿيون، ۽ تنهنڪري انهن عورتن جي هٿن ۾ ئي وڏي ۾ وڏي طاقت – مردن کي موجوده  زماني جي زنده مصيبتن ۽ ايندڙ آفتن کان محفوظ رکڻ جي طاقت – آهي.

هائو، مهربان مائرون ۽ پاڪ عورتون! توهان جي هٿن ۾ دنيا جي نجات آهي.

 

14 فيبروري، 1886  


[1] ”ڪريلوف“ جي ڳالهه ۾ آهي ته هڪ صندوق کي کولڻ جا گهڻائي سعيا ڪيا ويا، پر صندوق نه کُلي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته صندوق ماڳهين بند ئي نه هئي؛ ان جو رڳو ڍڪ مٿي کڻڻو هو!   

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org