سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: نيٺ ڇا ڪجي

باب: -

صفحو : 8

 

باب ايڪٽيهون

پورهئي جي ورڇ جو قاعدو هِن هُن زنده چيز سان لاڳو آهي، ۽ تنهنڪري انسان سماجن سان به لاڳو هجڻ گهرجي!

ڳالهه برابر ائين آهي، پر سوال اڃا به پنهنجي جاءِ تي قائم آهي. ”ڇا، انساني سماجن ۾ موجود پورهئي جي ورڇ، جيئن هجڻ گهرجي، تيئن آهي؟“ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪا پورهئي جي ورڇ، عام ماڻهن جي خيال ۾ عقل ۽ انصاف جي خلاف آهي، ته دنيا جي ڪا به سائنس کين ائين نه چئي سگهندي ته جنهن ڳالهه کي هو عقل ۽ انصاف جي خلاف سمجهن ٿا، سا لازمي طور ائين ئي قائم رهڻ گهرجي.

مذهبي نظريي جو چوڻ هو ته طاقت سڀ خدا طرفان مليل آهي؛ ڳالهه برابر ائين هئي. پر سوال تڏهن به پنهنجي جاءِ تي قائم هو: ”ڪنهن جي طاقت خدا طرفان آهي؟ ڪئٿرين جي، يا ”پگاچيف“ (1) جي؟“ ۽ مذهب جي ڪا به دليبازي انهيءَ شڪ کي دور نه ڪري سگهي!

فلسفهء روح رياست کي شخصيت جي تڪميل جو هڪ مظهر ڪري ڏيکاريو آهي، پر سوال اڃا به قائم هو: ”ڇا، ’نيرو‘ يا چنگيز خان جي رياست کي به شخصيت جي تڪميل جو مظهر سمجهڻ گهرجي؟“ ۽ ڪنهن به قسم جي آفاقي لفاظي، انهيءَ مسئلي کي حل ڪري نه ڪري سگهي.

 

اڄ ڪلهه سائنسدانن جي سائنس جي به ساڳي ڳالهه آهي! چي: پورهئي جي ورڇ منظم جسمن ۽ انساني سماجن جي زندگيءَ جو هڪ لازمي شرط آهي؛ پر سوال ٿو اُٿي ته: ”انساني سماجن ۾ ڪهڙيءَ پورهئي جي ورڇ کي جسماني تنظيم جو ضروري جُز سمجهڻ گهرجي؟“ سائنس، ساپي (Tapeworm) جي جسماني تنظيم ۾، پورهئي جي ورڇ جو کڻي ڪيترو به اڀياس ڪري، اها سموري معلومات انسان کان اهڙي ڪا به پورهئي جي ورڇ مڃائي نه سگهندي، جنهن کي سندس عقل ۽ ضمير قبول نه ڪندو.

منظم جسمن جي مختلف جزن ۾ پورهئي جي ورڇ جا ثبوت ڪيترو به قائل ڪندڙ ڇو نه هجن، پر جيستائين انسان کان سمجهه نه کسي ويئي آهي، تيستائين هو ائين ئي چوندو رهندو ته ڪنهن به شخص کي (پاڻ اڌ اگهاڙو رهي) ساري عمر ڪپڙو نه اُڻڻ گهرجي، ۽ اهڙو ڌنڌو پورهئي جي ورڇ نه، پر سنئون سڌو ظلم ۽ عام ماڻهن لاءِ  عذاب آهي.

”اسپينسر“ ۽ ٻيا چون ٿا ته ڪورين جا باقاعدي ڪٽنب، پاڙا ۽ قبيلا آهن، ۽ تنهنڪري هڪ ڪوريءَ جي سرگرمي به پورهئي جي تنظيمي ورڇ ئي آهي. پر ائين چوندي، هي حضرت به سچ پچ اها ساڳي ڳالهه ڪن ٿا، جيڪا مذهبي اڳواڻن ڪئي هئي.

”هر اقتدار خدا وٽان آهي، پوءِ اهو ڪهڙي به قسم جو هجي! پورهيتن ۾ ڪوري به آهن، تنهنڪري اها به پورهئي جي صحيح ورڇ آهي.“

حقيقت ۾ اها ورڇ تڏهن ئي صحيح ڇئجي ها، جڏهن اهو اقتدار ۽ ڪورين جا ڪٽنب پنهنجو پاڻ پيدا ٿين ٿا، ۽ ازل کان ائين هجن ها. پر اسان کي خبر آهي ته اهي ٻئي ڳالهيون پاڻمرادو پيدا ڪو نه ٿيون آهن، ۽ اسان ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي. تنهنڪري، اسان کي اها خبر رکڻي آهي ته اسان اهو اقتدار خدا جي مرضيءَ سان قائم ڪيو يا پنهنجي ارادي سان، ۽ هنن ڪورين کي جسماني تنظيم جي ڪنهن قاعدي پٽاندر پيدا ڪيوسون يا ڪنهن ٻئي اصول هيٺ؟

عام ماڻهو، جيئن سڀني لاءِ مناسب به آهي، پاڻ کي زراعت تي زنده رکن ٿا ۽ ان جي معرفت ئي پنهنجو پيٽ پاليندا رهن ٿا: هڪ شخص ڌنوڻي دکائي، پنهنجو هر ٺاهي ٿو، ته سندس پاڙيسري به وٽس پنهنجي هر ٺهرائڻ لاءِ اچي ٿو ۽ موٽ ۾ ڪجهه نقد پئسن يا پورهئي جي صورت ۾ ڪجهه ڏيڻ جو وعدو ڪريس ٿو. هڪ ٻئي پٺيان ٻيا شخص به هن وٽ اچن ٿا، ۽ اهڙيءَ  طرح انهن ۾ پورهئي جي ورڇ ٿي ويئي ۽ هڪ لوهار پنهنجو ڌنڌو شروع ڪري ڏنو. هڪ ٻيو شخص پنهنجي ٻارن کي چڱيءَ طرح پاڙهي ٿو، ته سندس پاڙيسري به پنهنجا ٻار هن وٽ پڙهڻ لاءِ وٺي اچي ٿو. هڪ ماستر به مقرر ٿيو. پر لوهار ۽ ماستر. هر هڪ اهو ڌنڌو انهيءَ ڪري اختيار ڪيو، جو سڀني کيس چيو، ۽ رڳو تيستائين لوهار يا ماستر رهندو، جيستائين کيس چيو ويندو. پر جيڪڏهن لوهار ۽ ماستر ضرورت کان وڌيڪ ٿي پون يا سندن پورهئي جي گهرج باقي نه رهي، ته هي سڀ، جيئن هميشه ٿيندو آهي ۽ جيئن ٿيڻ به گهرجي، هڪدم اهي غير ضروري ڌنڌا ڇڏي، واپس وڃي پوک تي گذران ڪندا.

عام ماڻهو، جيڪي ائين ڪن ٿا، سي حقيقت ۾ پنهنجي ذهن ۽ ضمير جي رهنمائيءَ تي هلن ٿا، تنهنڪري اسان ماڻهو به، جن کي ذهن ۽ ضمير ٻيئي آهن، پورهئي جي انهيءَ ورڇ کي ئي معقول ۽ مناسب سمجهون ٿا؛ پر جيڪڏهن ڪي لوهار زور زبردستيءَ سان پنهنجي بدران ٻين کي ڪم تي ويهاري، گهوڙن جا نعل وغيره ٺاهيندا رهن (حالانڪ، انهن جي ضرورت به نه هجي)، ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ماستر به ائين مفت ۾ پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ زندگيءَ جون ضرورتون گهرندا رهن، جڏهن وٽن پڙهڻ وارو به ڪوئي نه هجي. ته هر اهو شخص، جنهن وٽ ذهن ۽ ضمير ٻيئي آهن، سو ائين ئي سمجهندو ته اها ڪا پورهئي جي ورڇ نه، پر ٻين جي پورهئي جي ڦرلٽ آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جي سماجي سرگرمي پورهئي جي مناسب ۽ معقول ورڇ جي اڪيلي معيار – ٻين طرفان ڪنهن خاص پورهئي جي طلب ۽ ان جي اجرت جي رضاڪارانه آڇ – جي انحرافي ڪري ٿي! ۽ تنهن هوندي به اسان جي سائنسي سائنسدانن جي سائنس، اهڙي ئي قسم جي ڦرلٽ کي اڄ به ”پورهئي جي ورڇ“ سڏي ٿي!

اسان جي سماج ۾ هڪڙا شخص اهڙيون شيون به ٺاهين ٿا، جن جي خريدڻ جو ٻيا شخص ڪڏهن به خيال به نه ڪندا آهن، ۽ اهي خود – ساخته ڪاريگر، پهريائين اهڙين بيڪار شين جي عيوض پنهنجي زندگيءَ جون سڀ ضرورتون طلبين ۽ وصول ڪن ٿا، ۽ آخر ۾ ائين به چون ٿا ته پورهئي جي ورڇ واري اصول مطابق جيڪي ٿئي پيو، سو سڀ مناسب ۽ معقول آهي!

اڄ ڪلهه حڪومت ۽ ان جا حواري ئي انسانن مٿان وڏي ۾ وڏو عذاب آهن، جنهن، نه رڳو اسان جي ملڪ ۾ پر هر هنڌ، عوام کي بيحد گهڻو تنگ ڪيو آهي، ٻيو ته اسان جي دؤر ۾ اقتصادي گهوٽالي جو مکيه سبب ضرورت کان زياده پيداوار آهي – يعني ڪن اهڙين غير ضروري شين جي گهڻي انداز ۾ پيدا ٿيڻ، جن جي ڪنهن کي به ضرورت نه آهي يا ماڳهين انهن جي استعمال جي به خبر نه اٿن - ۽ وڏي ڳالهه ته اهو سڀ ڪجهه نتيجو به وري انهيءَ عجيب و غريب عقيدي جو آهي، جنهن کي عام طور ”پورهئي جي ورڇ“ چيو وڃي ٿو.

هڪ موچي جيڪڏهن پراڻي فيشن جا غير ضروري بوٽ ٺاهيندو رهي ۽ دل ۾ ويچاري ته عام ماڻهو کيس کارائڻ پيارڻ لاءِ ٻڌل آهن، ته ڪهڙي نه عجيب ڳالهه چئبي! پر حڪومت، ڪليسا، سائنس ۽ فن جا ڪارڪن، جيڪي عوام لاءِ ڪا به مفيد ۽ حقيقي چيز پيدا نه ٿا ڪن، ۽ جن جي پيداوار جي ڪنهن کي به ضرورت نه آهي، پر تنهن هوندي به (پورهئي جي ورڇ جي وڪالت ڪندي) وڏيءَ جرات سان پنهنجي کاڌ خوراڪ، لٽو ڪپڙو ۽ عيش آرام، جو سامان عام جام گهرندا رهن ٿا – انهن بابت اوهان ڇا چوندا؟

ائين برابر آهي ته ڪي جادوگر اهڙا به هوندا، جن جي سرگرمين جي سندن ماڻهن کي ضرورت هوندي، ۽ موٽ ۾ کين مال پڙا ملندا رهندا هوندا، پر اهو ته سوچي ئي نه ٿو سگهجي ته اهڙا به جادوگر ٿي سگهن ٿا، جن جي عام ماڻهن کي قطعاً ضرورت نه هجي، پر تنهن هوندي به، هو، وڏيءَ جرات سان، پنهنجي کاڌ خوراڪ، لٽو ڪپڙو ۽ عيش آرام جو سامان گهرندا ۽ وصول ڪندا رهن!

پر، هن دنيا ۾، اسان جي اکين آڏو، حڪومت، مذهب، سائنس ۽ فن جي ميدانن ۾ ڪم ڪندڙ هي ”جادوگر“ ائين ئي ڪن ٿا - ۽ اهو ئي سڀ، ”پورهئي جي ورڇ“ کي غلط سمجهڻ جو نتيجو آهي، جنهن کي عام انسان جي ذهن ۽ ضمير نه، پر اڄ ڪلهه جي سائنسي سائنسدانن، پنهنجي متفق معلومات جي بنياد تي، ائين بيان ڪيو آهي.     

پورهئي جي ورڇ هميشه کان رهي آهي، ۽ هميشه رهندي، پر ان کي تڏهن ئي صحيح چئي سگهبو، جڏهن انسان جو ذهن ۽ ضمير ٻئي فيصلو ڪن ته پورهئي جي ڪهڙي ورڇ قائم رهڻ گهرجي - ۽ ائين نه ته انسان رڳو بيوس بنيو ڏسندو رهي ته هڪ طرح جي پورهئي جي ورڇ موجود آهي! ۽ انسان جو ذهن ۽ ضمير انهيءَ  مسئلي جو فيصلو نهايت آسانيءَ سان، بي شڪ و شبهه ۽ اتفاق سان راءِ هميشه ڪندو ئي رهي ٿو.

انسان جي ذهن ۽ ضمير جو فيصلو اهو آهي ته پورهئي جي ورڇ تڏهن ئي مناسب ۽ معقول چئي سگهبي، جڏهن ڪنهن شخص جي ڪا خاص سرگرمي ٻين کي ايتري قدر ضروري گهربل هجي، جو هو سندن خذمتون کائنس گهري حاصل ڪن، ۽ انهن جي عيوض کيس پنهنجي رضا خوشيءَ سان اهو ڪجهه معاوضو آڇين، جيڪو مناسب هجي.  

پر هڪ شخص، جيڪڏهن ڄمڻ کان وٺي ٽيهن سالن جي عمر تائين، اهو واعدو ڪندي ته تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ هو ڪجهه نه ڪجهه مفيد ڪم ڪندو، (جنهن لاءِ هن کي ڪنهن منٿ ڪا نه ڪئي آهي)، ٻين جي ڪلهن تي بار بنجي رهي سگهي ٿو، ۽ ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين، اها دعويٰ ڪندو ته هو ڪو نه ڪو مفيد ڪم ضرور ڪري رهيو آهي (جنهن لاءِ وري به هن کي ڪو منٿ ڪو نه ٿو ڪري)، ساڳيءَ طرح زنده رهي سگهي – ته اها ڳالهه ڪڏهن به پورهئي جي ورڇ نٿي ٿي سگهي، ۽ نه اسان جي سماج ۾ ان کي ائين چئي سگهبو. انهيءَ کي ته صاف لفظن ۾ ڏاڍن جو هيڻن جي پورهئي تي زوريءَ قبضو ئي چوڻ گهرجي: اهڙيءَ ساڳيءَ ڦرلٽ کي ڦورن جي حق ۾ اڳين وقتن جا مذهبي اڳواڻ ”خدا جو راضپو“، ۽ ان کان پوءِ جا فيلسوف ”زندگيءَ جو لازمي مظهر“ چوندا هئا، ۽ اڄ ڪلهه وري سائنسي سائنسدان انهيءَ ساڳيءَ بي انصافيءَ کي ”پورهئي جي تنظيمي ورڇ“ چون ٿا.

اڄ ڪلهه جي با اثر ۽ بر سر اقتدار سائنس جي سموري اهميت انهيءَ هڪڙيءَ صاف سئينءَ سڌيءَ ڳالهه ۾ ئي رکيل آهي.

اڄ ڪلهه ته اهو نظريو بيڪاريءَ جا پروانا به ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان کي ئي اختيار آهي ته پنهنجي ادارن ۾ امتحان وٺي فيصلو ڪري ته سماج جي ”جسماني تنظيم“ ۾ ڪهڙو ڪم طفيلي آهي ۽ ڪهڙو ڪم تخليقي – ڄڻ ته هر انسان پنهنجي ذهن ۽ ضمير جي صلاح سان انهيءَ ڳالهه کي زياده آسانيءَ سان ۽ زياده صداقت سان، پنهنجي منهن، سمجهي ئي نه ٿو سگهي!

۽ جيئن اڳين ڏينهن ۾، ڪليسا جي پادرين ۽ پوءِ حڪومت جي اراڪين جي سامهون اها ڳالهه ”اظهر من الشمس“ هوندي هئي ته خود کانئن زياده ضروري ۽ مفيد دنيا ۾ ڪو به ٻيو ڪو نه هو، تيئن هينئر به ڏسجي ٿو ته سائنسدانن جي سائنسي ائين ٿي سمجهي ته سندن سرگرمي ئي، بنا شڪ شبهي جي، بي مثل ۽ بي بدل تخليقي ڪم آهي – يعني هي سائنسدان ۽ فنڪار خود پاڻ ئي اسان جي سماج جا سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ مفيد فرد آهن. پر خدا ڀلو ڪرين! ڀلي ته جيئن وڻين تيئن اڳين ڏينهن جي مذهبي اڳواڻن ۽ ڪج بحث عالمن وانگر کائين، پين ۽ عيش آرام واري زندگي گذارين – پر رڳو ايترو ڪن، جو ائين مذهبي اڳواڻن ۽ ڪج بحث عالمن وانگر عام ماڻهن کي گمراه نه ڪن!

جڏهن کان هيءَ ذي عقل هستي يعني انسان ذات هن جهان ۾ موجود رهي آهي، تڏهن کان انسانن نيڪيءَ ۽ بديءَ ۾ فرق رکيو آهي، ۽ پشت به پشت هو انهيءَ فرق مان فائدو وٺندا رهيا آهن. انسان هميشه بديءَ خلاف جدوجهد ڪئي آهي، سچو ۽ سٺو رستو اختيار ڪيو اٿس، ۽ آهستي آهستي پر باقاعدگيءَ سان ان رستي تي وک وڌائيندو رهيو آهي، - ۽ اها به حقيقت آهي ته انهيءَ وچ ۾ ڪيترائي وهم ۽ فريب، کيس ائين ڪرڻ لاءِ کان روڪڻ لاءِ سندس راه ۾ رڪاوٽ بڻجي آيا، ته جيئن هو اڳي وانگر جهالت ۽ ذلت واريءَ زندگيءَ جو فڪر ۽ سعيو نه ڪري. سڀ کان پهريائين ڪليسا جا قديم، خطرناڪ فريب پيدا ٿيا، ۽ انسان، آهستي آهستي، هزار تڪليفن سان، انهن مان جند ڇڏائي مس، ته انهي پراڻي فريب جي جاءِ ڀرڻ لاءِ رياستي فلسفي جو هڪ نئون فريب اٿي کڙو ٿيو، انسان ان منجهان به پاڻ کي آزاد ڪيو، پر هينئر وري هڪ اڃا به نئون ۽ وڌيڪ خطرناڪ فريب سندس راه روڪي بيٺو آهي – اهو آهي هن سائنسي سائنس جو فريب.

حقيقت ۾ هيءُ نئون فريب به اڳين پراڻن فريبن جهڙو ئي آهي: هن فريب جو اصل مقصد اهو آهي ته انسان خود پنهنجي ذهن ۽ ضمير کي استعمال ڪرڻ بدران ڪنهن ٻيءَ ٻاهرينءَ شيءِ جو سهارو وٺي. مذهب جي تعليم ۾ اها ٻاهرين شيءِ ”وحي“ هو، ۽ سائنسي سائنس انهيءَ ٻاهرينءَ شيءِ کي ”مشاهدو“ ڪوٺي ٿي. سائنس، پنهنجيءَ جاءِ تي اها کيڏ کيڏي آهي ته عام ماڻهن جو ڌيان سندن پنهنجي ذهن ۽ ضمير جي استعمال کان هٽائي ڪنهن اهڙي وهم ۽ فريب ۾ لڳايو وڃي، جو ماڳهين انساني ذهن ۽ ضمير مان اعتبار نڪري وڃين، ۽ انهيءَ وهم ۽ فريب کي سائنسي نظريي جو معلمو چاڙهي، کين ڪوڙو يقين ڏياريو وڃي ته اندر جي آواز کان ڪَنَ ٻوڙا ڪيو، ٻاهرينءَ دنيا جي حيرتناڪ ”حقيقتن“ کي محسوس ڪرڻ سان ئي کين انساني زندگيءَ جي ”قاعدن قانونن“ جي صحيح خبر پوندي!

۽ اها هن سائنسي سائنس جي کيڏ ئي ته آهي، جو اسان ماڻهن، جيڪي ڳالهيون ذهن ۽ ضمير مطابق طي ٿيڻ گهرجن، سي ٻاهرينءَ ”جاچ جوچ“ تي فيصل ڪري، نيڪ ۽ بد جي ساڃاه وڃائي ڇڏي آهي ۽ نتيجو اهو نڪتو آهي، جو هن مهل تائين انساني ذهن ۽ ضمير ’نيڪ‘ ۽ ’بد‘ جا جيڪي معيار مقرر ڪيا آهن، تن کي سمجهڻ جي صلاحيت به نه رهي اٿئون! چي: اهي سڀ (نيڪ ۽ بد جون) ڳالهيون داخلي ۽ مشروط آهن، ۽ تنهنڪري انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڏجي – عقل جي مدد سان سچ کي ڪڏهن به نه سمجهي سگهبو، ڇاڪاڻ ته انسان خطا جو گهر آهي ۽ ڪڏهن به غلطي ڪري وڃي! ان جي عيوض هڪ ٻيو غلطين کان پاڪ و صاف ۽ بلڪل آسان ۽ سنئون سڌو رستو پيو آهي، ۽ اهو هيءُ ته انسان کي گهرجي ته ”حقيقتن“ جو اڀياس ڪري! سائنسدانن جي سائنس کي سڀ ڪجهه سمجهي، سندن ٻن بي بنياد نظرين – ’اثباتي‘ ۽ ’ارتقائي‘ – جي بنياد هٿ ڪيل ”حقيقتن“ جو محلات اڏي، ان ۾ لڪي ويهي رهي!

اڄ سائنس به انهيءَ ساڳيءَ مذهب واريءَ سنجيدگيءَ ۽ پاڪائيءَ سان اعلان ڪري ٿي تي ته زندگيءَ جي سڀني مسئلن جو حل ”قدرت“ جي ٻاهرين ”حقيقتن“، ۽ خاص ڪري ”منظم جسمن“ جي گهري ”اڀياس“ سان سان ناممڪن ٿي سگهي ٿو.

سائنس جي هن نئينءَ ڳالهه کان – جنهن کي نه رڳو اڃا رد نه ڪيو ويو آهي، پر ڪا خاص تنقيد به نه ٿي اٿس – متاثر ٿي، بيڪار نوجوانن جي هڪ انبوه، ”قدرتي“ سائنس جي انهن نام نهاد حقيقتن کي ئي، زندگيءَ جي سڀني مسئلن جي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جو اڪيلو رستو سمجهي، انهن ٻاهرين ”قدرتي حقيقتن“ جو اڀياس شروع ڪري ڏنو آهي.

پر نام نهاد سائنسي جا هي معتقد ۽ مريد، انهن قدرتي حقيقتن جو جيترو وڌيڪ اڀياس ڪن ٿا، اوترو وڌيڪ زندگيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي نه رڳو امڪان پر خيال کان به پري ٿيندا وڃن ٿا، ۽ پنهنجي اکين سان ڏسڻ بدران ٻين کان مليل معلومات تي جيترو وڌيڪ ايمان آڻين ٿا، اوترو وڌيڪ سندن اکين آڏو اصل حقيقت تي پردو پوندو وڃي ٿو، جسم، جان کي ڍڪي ڇڏي ٿو، نيڪ بد جي ساڃاه نڪرندي وڃي ٿي، ۽ انسان ذات، هن مهل تائين جيڪي نيڪ بد جا معيار مقرر ڪيا آهن، تن کي سمجهڻ جي صلاحيت ئي معدوم ٿيندي وڃي ٿي. اڄ ڪلهه جي سائنس جا هي ظاهر پرست شاگرد، روايتي بيان بازيءَ جي مخصوص سائنسي لفاظي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ اختيار ڪندا وڃن ٿا، بنهه اونداهين حقيقتن جي بيابان ۾ ڀٽڪندا رهن ٿا، نه رڳو پنهنجي دل ۽ دماغ جي آزادگيءَ سان سوچڻ، پر پنهنجي پاڪ ڪتابن کان ٻاهر بيان ٿيل تازن انساني خيالن کي سمجهڻ جي صلاحيت به وڃائيندا رهن ٿا، ۽ سڀ کان وڌيڪ مکيه ڳالهه اها آهي ته هو پنهنجي زندگيءَ جو بهترين عرصو، زنده رهڻ لاءِ ضروري جدوجهد يعني هڏن جي پورهئي ۾ ڪندي ٿا گذارين، پر ان کان ڪوهين دور رهن ٿا، ۽ هڪ طرف آهستي آهستي پاڻ کي حق بجانب ۽ پنهنجي بيڪار محض حيثيت کي صحيح ثابت ڪرڻ تي هِرندا وڃن ٿا، ته ٻئي طرف وري جسماني طور ڪمزور، ڪنهن نه ڪم جا، هڏن سُڪا ۽ مفتخور ٿي پون ٿا، بلڪل ڪليسائي پادرين ۽ ڪتابي ڪيڙن وانگر اکرن ۾ اڙجي، پنهنجي دماغن کي معطل ڪري، سوچ ويچار جي هر تازگيءَ کان محروم ٿيندا وڃن ٿا، ايترو نه ٿا ڏسن ته ههڙيءَ طرح جيتري قدر پنهنجي ذهن ۽ ضمير کي جواب ڏيو ويٺا رهندا، اوتري قدر جو هو وڌيڪ خود پسند ۽ خود پرست ٿيندا، ۽ هٺ وڏائي اڀمان ۽ خود فريبي وڌندي رهندين – جيڪا اڳتي هلي – کانئن هميشه لاءِ، سوچڻ سمجهڻ جي سولي، صاف ۽ سنئين سڌي طريقي ڏانهن موٽڻ جو امڪان بنهه کسي وٺندي.

 

 

باب ٻٽيهون

 

انساني سماج ۾، پورهئي جي ورڇ هميشه کان رهي آهي ۽ شايد هميشه رهندي، اسان جي لاءِ سوال اهو نه آهي ته انساني سماج ۾ سچ پچ پورهئي جي ورڇ رهي آهي ۽ آئنده به رهندي يا نه، پر ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙن اصولن تي عمل ڪرڻ سان اسان کي خبر پوندي ته پورهئي جي ورڇ مناسب ۽ معقول آهي يا نه؟

اسان جيڪڏهن صرف ”مشاهدي“ کي ئي پنهنجو معيار مقرر ڪنداسين، ته پوءِ ائين چئبو ته اسان ٻيا سڀ معيار رد ڪريون ٿا، ۽ پورهئي جي جيڪا به ورڇ، اسان جي اکين آڏو موجود آهي ۽ جنهن کي اسان پنهنجي لاءِ ٺيڪ سمجهون ٿا، تنهن کي اکيون ٻوٽي معقول ۽ مناسب سمجهنداسين ۽ قبول ڪنداسين ۽ حقيقت ۾ ”سائنس“ جو مطلب ئي اهو آهي!

پورهئي جي ورڇ! ”هڪڙا شخص ذهني ۽ روحاني ڪمن ۾ مشغول آهن، ۽ ٻيا جسماني پورهيو ڪن ٿا.“ ڪهڙي نه يقين ۽ خود – اعتماديءَ سان ماڻهو ائين چوندا آهن! ظاهر آهي ته هُو پاڻ ان ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ چاهيندا آهن، ۽ پوءِ کين سچ پچ ائين لڳندو آهي ته پورهئي جي يا ”خذمتن“ جي سؤ في صد صحيح مٽاسٽا ٿي رهي آهي! پر حقيقت ۾ جيڪا ڪجهه ”مٽاسٽا“ آهي، سا زور زبردستيءَ ۽ تشدد جي صاف، سنئين سڌي، ڄاتل سڃاتل، تمام پراڻيءَ شڪل کان سواءِ ٻي ڪجهه به نه آهي.

”تون، يا اڃا به، توهان“ (ڇاڪاڻ ته هڪڙي جي پيٽ ڀرڻ لاءِ گهڻن جا ئي هٿ گهرجن)، ”مون کي کارايو، منهنجو بدن ڍڪيو، ۽ جنهن چيز جي گهر ڪريان سان مون کي ميسر ڪري ڏيو – مان پالڻي کان توهان جي ڪلهن تي ويهڻ جو عادي آهيان - ۽ موٽ ۾ ايترو ڪري سگهان ٿو ته توهان لاءِ دماغي ڪم ڪندو رهان، جنهن تي اصل کان آءُ هريل آهيان! توهان مون کي جسماني کاڌو ڏيو، مان توهان کي روحاني خوراڪ ڏيندس.“ ڏسڻ ۾ ته حساب ڪتاب سنئون سڌو ۽ صحيح ٿو لڳي، ۽ سچ پچ به صحيح هجي ها، جيڪڏهن خذمتن جي مٽاسٽا پاڻ مرادو ۽ دل جي خوشيءَ  سان ٿئي ها، يعني جسماني کاڌو پهچائيندڙ شخص، روحاني خوراڪ ملڻ کان اڳ، جسماني کاڌي پهچائڻ تي مجبور نه ڪيا وڃن ها.

روحاني خوراڪ جو پيدا ڪندڙ چوي ٿو ته: ”انهيءَ لاءِ، ته مان توهان کي روحاني خوراڪ پهچايان، توهان مون کي کاڌو ڏيو، منهنجو بدن ڍڪيو، ۽ مان جيڪو گند ڪچرو ڪريان، سو سڀ صاف ڪريو.“ پر حقيقت اها آهي ته جسماني کاڌي پيدا ڪندڙ کي، اهي سڀ ڪم، عيوض ۾ ڪنهن به چيز جي طلبڻ کان سواءِ، پورا ڪرڻا آهن، ۽ جيڪڏهن روحاني خوراڪ نه به مليس، ته به سندس فرض آهي ته جسماني خوراڪ باقاعدي پهچائيندو رهي. پر جيڪڏهن اها مٽاسٽا رضا ڪارانه ٿئي ها، ته ٻنهي ڌرين جا شرط ۽ حالتون ضرور ساڳيون ۽ هڪ جهڙيون هجن ها.

اسان قبول ٿا ڪريون ته انسان لاءِ روحاني خوراڪ به جسماني کاڌي جيتري ئي ضروري آهي. پر اسان جا عالم، فاضل، اديب ۽ فنڪار دوست چون ٿا: ”اسان عام ماڻهن جي، روحاني خوراڪ جي صورت ۾، خذمت ڪريون، تنهن کان اڳ، اسان کي جسماني کاڌي جي ضرورت آهي!“ پوءِ جسماني کاڌو پيدا ڪندڙ ائين ڇو نه ٿو چوي ته ٻين کي جسماني کاڌو پيدا ڪندڙ ائين ڇو نه ٿو چوي ته ٻين کي جسماني کاڌي پهچائڻ کان اڳ کيس روحاني خوراڪ گهرجي ٿي، ۽ جيستائين اها نه ملنديس، تيستائين هو ڪو به ڪم نه ڪري سگهندو؟

توهان فرمايو ٿا: ”مون کي روحاني خوراڪ تيار ڪرڻ لاءِ، ڪڙميءَ، لوهار، موچيءَ، ڊکڻ، سربند، ڀنگيءَ ۽ ٻين جي پورهئي جي ضرورت آهي!“ هر پورهيت کي به ائين چوڻ گهرجي: توهان جي لاءِ جسماني کاڌو تيار ڪريان، تنهن کان اڳ، مون کي روحاني خوراڪ گهرجي ٿي. پنهنجي بت ۾ پورهئي جي سگهه پيدا ڪرڻ لاءِ، مون کي مذهبي تعليم، سماجي زندگيءَ جو سٺو نظام، سائنسي اوزارن جي استعمال ۽ علم ۽ فن مان ملندڙ خوشيءَ ۽ دل اطمينان جي ضرورت آهي. مون کي ايتري فرصت ڪٿي، جو ماڻ پان زندگيءَ جي معنيٰ، مقصد ۽ ماهيت جي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهان! مون کي اهي نعمتون توهان ڏيو! مون کي ايتري فرصت ڪٿي، جو سماجي زندگيءَ جا اهڙا قاعدا قانون ٺاهيان، جيڪي انصاف سان هٿ چراند ڪندڙن کي هميشه جي لاءِ روڪي ڇڏين! اها نعمت به مون کي توهان ئي ڏيو. مون کي ايتري فرصت ڪٿي آهي، جو پاڻ سيڙائي، حساب ڪتاب، ڪيميا، طبيعات ۽ ٻين صنعتي علمن جو اڀياس ڪريان! مون کي اهڙا آسان ڪتاب ڏيو، جو خبر پويم ته مان پنهنجا اوزار، پنهنجي ڪم ڪار جا طريقا، پنهنجو گهر ٻار ۽ گهر ۾ گرميءَ ۽ روشنيءَ جو بندوبست ڪيئن بهتر بڻايان. مون کي ايتري فرصت ڪٿي آهي، جو گهر ۾ بيڪار ويهي، شعر و شاعريءَ، راڳ رنگ ۽ رقص و سرود سان دل وندرايان! زندگيءَ ۽ زنده دليءَ لاءِ گهربل اهي ضروري شيون – فنون لطيفه جا شاهڪار – به مون کي توهان ڏيو. توهان چئو ٿا ته ’محنتي مزورن جي پورهئي کان سواءِ، توهان انسان جي روحاني خوراڪ پيدا ڪرڻ جهڙو اهم ۽ ضروري فرض ادا ڪري نه ٿا سگهو‘؛ پر مان چوان ٿو ته ’مون کي به جيڪڏهن منهنجي ذهن ۾ ضمير سان ٺهڪي ايندڙ مذهبي تعليم، منهنجي محنت جي محافظ حڪومت، منهنجي پورهئي کي آسان ۽ مفيد بڻائيندڙ هنري تربيت ۽ منهنجي پگهر کي پاڪ ۽ صاف ڪندڙ فني مسرت نه ملندي، ته مان به هر ڏيڻ، زمين پوکڻ، ان اپائڻ ۽ توهان جي گند ڪچري کي صاف ڪرڻ جهڙا اهم ۽ ضروري ڪم نه ڪري سگهندس.‘ هن مهل تائين ته توهان مون کي روحاني خوراڪ طور، جو ڪجهه آڇيو آهي، سو مون کي قبول نه آهي، نه رڳو ايترو پر مان اهو به نٿو سمجهي سگهان ته اها روحاني خوراڪ ڪنهن به شخص کي ڪو فائدو پهچائي سگهي ٿي، ۽ تنهنڪري مون کي جيستائين منهنجي لاءِ ٺيڪ ۽ مناسب روحاني خوراڪ نه ملندي، تيستائين مان پنهنجي هڏن جي پورهئي سان پيدا ڪيل کاڌو توهان کي نٿو کارائي سگهان!“ محنتي مزور جيڪڏهن توهان کي اها ڌُرپت ٻڌائي ته توهان ڇا ڪندا؟

هو جيڪڏهن سچ پچ اها ڳالهه ڪري، ته ان کي مسخري نه، پر سنئون سڌو انصافي انصاف ئي سمجهو.

هڪ عام محنت مزوري ڪندڙ شخص جيڪڏهن سچ پچ اها ڳالهه ڪري، ته انصاف، هڪ دماغي ڪم ڪندڙ کان وڌيڪ، هِن جسماني ڪم ڪندڙ جي پاسي سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته مزور جو پورهيو دماغي ڪم ڪندڙ جي پورهئي کان وڌيڪ اهم ۽ وڌيڪ ضروري آهي، ۽ ٻيو ته دماغي ڪم ڪندڙ جي آڏو ڪا به رڪاوٽ ڪانهي ته مزورن کي ساڻن انجام ڪيل روحاني خوراڪ پهچائي ڏئي، حالانڪ اها حقيقت آهي ته محنتي مزور ٻين کي پوري مقدار ۾ کاڌو پهچائي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس اپايل ان اڪثر سندس پنهنجي سر ۽ سندس ٻارن ٻچن لاءِ به ڪافي نه آهي.

پر جيڪڏهن اسان دماغي ڪم ڪندڙ شخص کان سچ پچ اهڙا صاف سنوان سڌا ۽ جائز مطالبا ڪين وڃن، ته اسان ڪهڙو جواب ڏينداسين؟ اسان اهڙن سوالن ڪندڙ ڪنهن دو دوستي مزور کي ڪيئن راضي ڪري سگهنداسين؟ ”فلريٽ“ جي مذهبي سوال جواب، ”سو خولوف“ جي پاڪ آکاڻين ۽ سينٽ اسحاق جي ديول مان مختلف پادرين طرفان شايع ٿيل تبليغي اشتهارن سان؟ قاعدن قانونن جي ڪتابن، عدالتن جي فيصلن ۽ سرڪاري ڪاميٽين جي مختلف ڪارواين سان؟ ستن رنگن سان ٺهيل سج جي وشنيءَ جي اڀياس، ڪهڪشان جي پيمائش، تجريدي اقليدس، خورد بيني تحقيق، روحانيت ۽ فلسفه خير الامور جي جهڳڙن ۽ سائنسي مجلسن جي مذڪرن ۽ مقالن سان؟ اهي ته ٿيا هن جي مذهبي، عدالتي ۽ علمي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ اسان جي اٺسٺا! چڱو ڀلا، سندس فني صورتون ڪين پوريون ڪنداسين؟ پشڪن، دستووسڪي، ترجنيف ۽ ليوٽالسٽاءِ جي ادبي شاهڪارن، قدرتي نظارن، پَٽ ريشم، مخمل ۽ اڌ – اگهاڙين عورتن، روزمره جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندڙ تصويرن، ۽ اسان جي پنهنجي استاد موسيقارن خواه ”واگنر“ جي دلنواز موسيقيءَ سان؟ پر يقين ڄاڻو ته انهن شين مان هڪڙي به هن محنتي مزور کي قبول نه آهي، ۽ نه قبول پئجي سگهيس ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان ”خوش نصيب“ انسانن، عام ماڻهن جي پورهئي مان فائدي وٺڻ کي پنهنجو پيدائشي حق سمجهي، ۽ ٻين لاءِ روحاني خوراڪ پيدا ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ذميداري محسوس نه ڪري، پنهنجي سرگرمين جي بنيادي ۽ حقيقي مقصد کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي اها به خبر نه آهي ته محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کي ڇا گهرجي! اسان سندن زندگيءَ  جو طور طريقو، سماجي نقطه نگاه، ۽ ڳالهائڻ جو انداز وساري ڇڏيو آهي، وڏي ڳالهه ته اسان خود مزور کي وساري ڇڏيو آهي ۽ کيس هڪ اڻ لڀ انساني نسل يا نئين دريافت ٿيل آمريڪا وانگر هڪ نئين عجيب و غريب چيز سمجهي، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورٽسٽين جي چوديوارين ۽ ٿڌين ڇانون ۾ ويهي سندس ”اڀياس“ ڪريو ٿا!

اسين پنهنجي لاءِ جسماني کاڌو گهري، ٻين لاءِ روحاني خوراڪ تيار ڪرڻ جو ذمو کنيو آهي – پر پورهئي جي هڪ خيالي ورڇ سبب، جنهن نه رڳو اسان کي پهريائين کائڻ ۽ پوءِ ڪم ڪرڻ جي، پر نسلن پٺيان نسلن کي ڪنهن به شيءِ پيدا رڪرڻ کان سواءِ پيٽ ڀري کائڻ جي اجازت پڻ ڏني آهي، اسان محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کي روحاني خوراڪ مهيا ڪري ڏيڻ بدران، هڪ اهڙو معجون مرڪب ٺاهيو آهي، جيڪو سائنس ۽ فن لاءِ ته خير ٺيڪ معلوم ٿئي ٿو، پر انهن عام ماڻهن لاءِ  جن جي محنت جو ڦل اسان ان بهاني هضم ڪيو ويٺا آهيون ته کين روحاني خوراڪ ڏينداسين، بنهه بيڪار، سمجهه ۾ نه ايندڙ ۽ سخت نقصانڪار آهي.  

اسان پنهنجي انڌ ۾، پنهنجي زميداريءَ کان ايتري ته اک ٻوٽ ڪئي آهي، جو پنهنجي سرگرمين جي اصل مقصد کي وساري ويٺا آهيون، ۽ انهن ساڳين محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کي، سندن خذمت ڪرڻ بدران، پنهنجي سائنسي ۽ فني سرگرمين جو موضوع بڻائي ويهي رهيا آهيون.

اسان عام ماڻهن جو اڀياس ڪري، کين خود پنهنجي وندر ورونهن لاءِ فن جي شاهڪارن جي حيثيت ۾ بحيثيت ”لافاني“ ڪردارن جي پيش ڪريون ٿا، ۽ بلڪل وساري ڇڏيو اٿئون ته اسان کي سندن فني اڀياس ڪرڻ بدران، سندن خذمت ڪرڻ جڳائي.

اسان پنهنجي ذميداريءَ کي ايتري قدر ته نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، جو اها به خبر رکي ڪين سگهيا آهيون ته اسان سائنس ۽ فن جي ميدان ۾ ڪجهه ڪرڻ جو ذمو کنيو هو، سو اسان نه پر ڪن ٻين شخصن اڳ ۾ ئي پورو ڪري ڇڏيو ۽ اسان جي جاءِ والارجي ويئي! ڳالهه هن ريت آهي ته اڳين ڏينهن جي مذهبي اڳواڻن وانگي جيڪي خدا جي پاڪ و صاف تصور ۽ تعريف تي پيا وڙهندا هئا، جنهن وقت اسان ڪڏهن فلسفه روح جي موشگافين تي، ڪڏهن ائٽم جي شڪل تي ته ڪڏهن ان ڳالهه تي ته ماده حيات ۾ ڇا آهي، ۽ اهڙين ٻين هزارن ڳالهين تي مغز ماري ڪري رهيا هئاسين - ۽ عام ماڻهو اهو سارو وقت روحاني خوراڪ گهرندا رهيا – ته ان وقت سائنس ۽ فن ۾ شڪست کاڌل شخص، ذخيره اندوز ڪارخانيدارن ۽ نفع خور واپارين جي فرمائش تي، عام ماڻهن لاءِ روحاني خوراڪ ٺاهڻ ۾ مشغول هئا! يورپ ۾ چاليهن سالن کان ۽ هت روس ۾ ڏهن سالن کان، هزارين لکين ڪتاب ۽ تصويرون، ۽ ڳائڻ وڄائڻ جون چوپڙيون عام ماڻهن ۾ ورهائبيون رهيون آهن، کيل تماشا ڏيکاربا رهيا آهن ۽ عام ماڻهو اهي ڏسندا، پڙهندا، کلندا، کائيندا، راڳ ڳائيندا – روحاني خوراڪ نوش جان ڪندا – رهيا آهن، پر اسان پاڻ هنن لاءِ ڪنهن قسم جي سالم ۽ صحتمند روحاني خوراڪ تيار ڪرڻ بدران، پنهنجي بيڪاريءَ ۽ تن آسانيءَ کي جائز ۽ صحيح ثابت ڪرڻ واريءَ انهيءَ شرمناڪ دعويٰ کي پنهنجي ويهاڻي هيٺان رکي، پنهنجي نيم خوابيءَ ۾ غلطان ٿيا، نمڪائيءَ ۽ سستيءَ جون اوٻاسيون ڏيندا رهيا آهيون! پر هاڻي شايد اسان وٽ هنن اوٻاسين ڏيڻ جي مهلت به ڪا نه رهندي، ڇاڪاڻ ته هيءَ اسان جي آخري بهانيبازي به هاڻ اسان جي پيرن هيٺان کسڪندي پئي وڃي!

اسان ماهر آهيون ڇاڪاڻ ته اسان هر ڳالهه ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي، اسان کي پنهنجي هڪ خاص تنظيمي سرگرمي آهي! اسان عوام جو ذهن آهيون. هو اسان کي کاڌو ڏين ٿا، اجهو ڏين ٿا، لٽو ڪپڙو ڏين ٿا، ۽ موٽ ۾، اسان وري کين پاڙهڻ ۽ تهذيب و تمدن سيکارڻ جو ذمو کنيو آهي، ۽ انهيءَ حساب سان، اسان پان کي هڏن جي پورهئي کان آزاد رکيو آهي! اسان مزورن کي ڇا پاڙهيو آهي ۽ کين ڇا پاڙهي رهيا آهيون! هو غريب هڪ سال، ٻه سال، هزارين سال ترسيا آهن! ۽ هيڏانهن اسان آهيون، جو اڃا تائين پاڻ ۾ بحث ۽ مناظرا پيا ڪريون، هڪ ٻئي کي سيکارڻ ۾ پورا آهيون، ۽ هڪ هزار طريقن سان پنهنجي دل جي وندر ورونهن خلقيون ٿا، پر محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن – پنهنجي ان داتائن – کي صفا وساري ڇڏيو آهي، جو ٻين غير معتبر ۽ مفاد پرست شخصن کين ”پاڙهڻ“ شروع ڪري ڏنو، ۽ اسان خبر به نه رکي! پورهئي جي ورڇ بابت، اسان جي گفتگو ڪهڙي نه غير سنجيده ۽ شرمناڪ گفتگو هئي!  

       

 

باب ٽيٽيهون

ڪو زمانو اهڙو به هو، جڏهن ڪليسا عام ماڻهن جي روحاني زندگيءَ جي رهنمائي ٿي ڪئي، ڪليسا پوءِ عام ماڻهن کي روحاني نجات جو آسرو ڏنو، ۽ انهيءَ بهاني پاڻ کي انسان ذات جي اجتماعي جدوجهد ۾ شرڪت ڪرڻ جي فرض کان آزاد ڪيائين. مطلب ته پنهنجي مقصد کان هٽي ويئي، ۽ عام ماڻهن به کانئس منهن موڙي ڇڏيو. حقيقت ۾ خود ڪليسا جي پنهنجي ڪا غلطي ڪا نه هئي جنهن کيس تباه ڪيو، پر اها غلطي ڪليسا جي عملدارن ۽ هرڪارن جي هئي، جن، شهنشاه ”ڪانسٽنٽائين“ جي زمين ۾، سرڪار جي پٺڀرائيءَ سان، پاڻ کي پورهئي جي اصول جي اطلاق کان آزاد ڪري ڇڏيو. پوءِ ڪليسا جي عملدارن جي انهيءَ عيش آرام واريءَ زندگيءَ جي رعايت ڪئي، ڪليسا۾ بيشمار ڪمزورين ۽ غلطين جي پيدا ٿيڻ جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ ڪليسا صرف ڪليسا لاءِ ئي زنده رهڻ شروع ڪيو، ۽ نه عام ماڻهن لاءِ جن جي ڀلائيءَ جو هن ذمو کنيو هو. پورهئي کان آزاد رهڻ جي رعايت ڪليسا جي پوپ – پادرين ۽ ان جي ٻين عملدارن کي ڪنن سوڌو بيڪاريءَ ۽ بڇڙائيءَ جي ڌٻڻ ۾ پوري ڇڏيو.

ڪو زمانو اهڙو به هو، جڏهن رياست، عام ماڻهن جي زندگيءَ جي رهبريءَ جو ذمو کنيو. رياست عام ماڻهن کي امن امان، انصاف، سٺي انتظام، حفاظت ۽ سندن عام روحاني ۽ مادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جو وعدو ڏنو، ۽ انهيءَ حساب سان ئي، رياست جي ڪارڪنن زنده رهڻ لاءِ ضروري جدوجهد کان پاڻ کي آزاد ڪيو، ۽ ڪليسا جي ڪارڪنن وانگر، رياست جي هنن وزيرن مشيرن به، جيترو جلد ٿي سگهين اوترو جلد، ٻين جو پورهيو پنهنجي ڪم آڻڻ شروع ڪري ڏنو، سندن زندگيءَ جو مقصد عوام نه پر رياست ٿي پئي، ۽ روم، فرانس، انگلينڊ، روس ۽ آمريڪا ۾، بادشاهن کان وٺي ويندي ننڍڙن ڪامورن تائين، مطلب ته هر ننڍي وڏي سرڪاري عملدار، پاڻ کي بيڪاريءَ ۽ بڇرائيءَ جي رستي تي لائي ڇڏيو. آخر عوام به ڪڪ ٿي رياست جي افاديت ۾ اعتبار رکڻ ڇڏي ڏنو ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو ڪجهه وقت کان، لا قانونيت يا نراجيت (Anarchy) جو فلسفو، شعوري طرح، بطور علاج جي پيش ٿي رهيو آهي.  

رياست ۾ عام ماڻهن لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪشش باقي نه رهي، رڳو ان ڪري، جو ڪليسا جي پوپ پادرين وانگر، رياست جا ڪارڪن به ٻين جي پورهئي تي پنهنجو ازلي حق سمجهڻ لڳا.

اڄ سائنس ۽ فن به، حڪومت جي پشت پناهيءَ سان، ساڳي ڳالهه ڪئي آهي. انهن پڻ بيڪاريءَ ۽ پرائي پورهئي جي استعمال کي پنهنجو حق سمجهيو آهي، ۽ بلڪل ساڳيءَ طرح هنن به پنهنجي پيشي جي بنيادي مقصد سان دغا ڪئي آهي.

سائنس ۽ فن به رڳو ان ڪري غلطيءَ جو شڪار ٿيا، جو سائنس ۽ فن جي استادن، پورهئي جي ورڇ واري غلط سمجهيل اصول تي عمل ڪري، پرائي پورهئي تي پنهنجو حق ڄمايو، ۽ پنهنجي سرگرمين جو اصل مقصد عوام جو فائدو نه، پر سائنس ۽ فن جو غير مرئي فائدو سمجهي، پنهنجي سڀني سرگرمين کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو، ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو ڪليسا جي ڪارڪنن وانگر، هي حضرت به وڃي بيڪاريءَ ۽ بڇڙائيءَ (نفساني گهٽ، ذهني وڌيڪ) جي اوڙاه ۾ پيا.

چون ٿا ته سائنس ۽ فن انسان ذات کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. اهو بلڪل صحيح آهي.

ڪليسا ۽ رياست به انسان ذات کي گهڻو ڪجهه ڏنو. ائين برابر آهي ته انهن پنهنجي طاقت کي غلط نموني استعمال ڪيو، ۽ سندن ڪارڪنن انسان جي ازلي ذميداريءَ – زنده رهڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان پاڻ پورهئي ڪرڻ – کان پاسو ڪيو، پر انهيءَ هوندي به ڪليسا ۽ رياست کان انسان ذات کي گهڻو ڪجهه مليو.

ساڳيءَ ريت، سائنس ۽ فن به – انهيءَ ڳالهه جي باوجود ته سائنسدان ۽ فنڪار، پورهئي جي ورڇ کي بهانو بڻائي، محنت مزوري ڪندڙ ماڻهن جي ڪلهن تي چڙهيا ويٺا آهن – انسان ذات کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. رومي جمهوريت ڏاڍي  مضبوط هئي، ان ڪري نه ته سندس شهرواسي بيڪار ۽ بڇڙي زندگي گذاريدا هئا، پر فقط ان ڪري جو انهن منجهه ڪي سٺا انسان به هئا.

سائنس ۽ فن انسان ذات کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي – ان ڪري نه ته سائنس ۽ فن جي استادن کي (اڳ ڪڏهن ڪڏهن ۽ هينئر سدائين) بيڪار رهڻ ۽ پرائي پورهئي تي حق ڄمائڻ جو موقعو مليو آهي، پر فقط ان ڪري، جو انهن بيڪار محض شخصن ۾ ڪي هستيون اهڙيون به هيون ۽ آهن، جن موقعي پرستي نه ڪئي، پر پنهنجي پر اخلاص فرض ادائيءَ سان انسان ذات کي اڳتي وڌايو.

عالم، فاضل، اديب ۽ فنڪار، جيڪي پورهئي جي غلط ورڇ کي بنياد بڻائي، پرائي پورهئي تي پنهنجو حق ڄمائين ٿا، سي ڪڏهن به سچي علم ۽ سچي فن جي ترقيءَ ۾ مدد نه ٿا ڏيئي سگهن – ڇاڪاڻ ته ڪوڙ ڪڏهن به سچ جي تخليق نه ڪندو آهي.

اسان پنهنجي هنن دماغي پورهئي جي ”ٿلهن متارن“ ۽ نخريباز نمائندن سان اهڙو ته هِري مِري ويا آهيون، جو اڄ ڪنهن به پڙهيل لکيل شخص کي جسماني پورهئي لاءِ چوڻ پنهنجي غير مهذب هجڻ جو اظهار سمجهون ٿا. اسان ائين ٿا سمجهون ته هر ڪاهڻ ۽ ڀاڻ ڏسڻ سان هن جي سموري سياڻپ برباد ٿي ويندي، ۽ هن جي سيني اندر لڪل علم ۽ فن جا عظيم شاهڪار، ٻج سان گڏ ڀاڻ مٽيءَ ۾ گڏجي ڪيڏانهن گم ٿي ويندا، پر اها حقيقت آهي ته اسان، هن ڏسڻي وائسڻي بيڪار محض شخص (سائنسدان يا فنڪار) جي زندگيءَ سان اهڙو ته هِري مري ويا آهيون، جو هيءُ حضرت ٻين کي انهن ڪمن تي مجبور ڪري (جيڪي در حقيقت خود کيس گهرجن)، پنهنجو اڌ کان به وڌيڪ وقت لذيذ طعامن کائڻ، سگريٽن پيئڻ، بٽ شٽ هڻڻ يا ”آزاد خيال“ گفتگو ڪرڻ، اخبارن ۽ ناولن پڙهڻ ۽ کيلن تماشن ڏسڻ ۾ گذاري ٿو، ته اسان کي ڪنهن به قسم جو عجب نه ٿو لڳي! اسان پنهنجي هن فيسلوف دوست کي، ريستوران، ٿئيٽر يا ناچ گهر ۾ ڏسي به عجب نه ٿا کائون، ۽ نه وري اهو معلوم ڪري اسان کي ڪا حيرت ٿي وٺي ته اسان جي نفس کي پاڪ و صاف روح کي مسرور ڪندڙ جيءُ فنڪار، جيڪڏهن ٻيو ڪجهه بُرو نه ٿو ڪري، ته رات ڏينهن شراب نوشيءَ، حسن پرستيءَ، عياشيءَ ۽ جوابازيءَ ۾ ضرورت گذاري رهيو آهي!

سائنس ۽ فن برابر سهڻيون شيون آهن، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته ڇاڪاڻ ته اهي سهڻيون شيون آهن، تنهنڪري کين ٻين بُرين شين سان گڏي خراب ڪري ڇڏجي!

سائنس ۽ فن انسان ذات کي اڳتي وڌايو آهي: برابر! پر سائنس ۽ فن جي استادن ته، پورهئي جي غير مناسب ۽ نامعقول ورڇ کي بهانو بڻائي، پنهنجي ڪهڻيءَ توڙي رهڻيءَ سان، عام ماڻهن کي اهو ئي سيکاريو آهي ته ڍاڍ مڙسيءَ ۽ پنهنجي بالا حيثيت جي جائز ناجائز استعمال سان، ٻين جي مفلسيءَ ۽ دک درد مان پورو پورو فائدو وٺجي، ۽ انسان ذات جي عام مفاد يعني زنده رهڻ لاءِ ضروري جدوجهد ۾ پنهنجي هٿن سان پاڻ پورهئي ڪرڻ جي اولين ۽ آخرين ذميداريءَ کان پاڻ کي هر طرح آزاد رکجي!

 

باب چوٽيهون

”پر پورهئي جي ورڇ، ۽ سائنس ۽ فن جي استادن جي پورهئي کان آزاد ئي ته آهي، جنهن اسان جي دؤر ۾ سائنس ۽ فن جي غير معمولي ترقيءَ کي ممڪن بڻايو آهي!“ مٿين ڳالهين جو ماڻهو اهو جواب ٿا ڏين.

”جيڪڏهن هر شخص کي پوک ڪرڻي هجي ها ته اهي هيترا سارا حيرتناڪ ڪارناما ۽ عجيب و غريب سائنسي ايجادون ٿين ئي ڪين ها، انساني ترقي به ايتري نه ٿئي ها، جنهن انسان کي قدرت تي غالب ٿيڻ ۾ مدد ڏني آهي، ۽ نه وري آسماني سيارن جي خبر چار ئي پوي ها، جنهن انساني دماغ کي هيترو متاثر ڪيو آهي، ۽ سامونڊي سفر کي به اڳي کان هزار دفعا وڌيڪ سلامت ۽ سهوليت وارو بڻايو آهي، وڏي ڳالهه ته هي جهاز، ريلوايون، زير – زمين رستا، وڏا وڏا واهه، ۽ انهن تي عجيب عجيب پليون، ڪئميرا، ڪلوروفارم، ڪاربولڪ ائسڊ، وغيره، به جيڪر ڏسڻ ۾ ڪين اچن ها!“

مان ته انهن ۽ ٻين اهڙين سڀني سهوليتن جو پورو بيان ئي نه ٿو ڪري سگهان، جن تي اڄ اسان ماڻهن کي ايترو ناز آهي. اڄ ڪلهه گهڻو ڪري هر اخبار، رسالي توڙي ڪتاب ۾، اها بيانبازي ۽ پنهنجي پاڻ  ۽ پنهنجي حاصلات تي فخر ڪرڻ جي عادت نمايان طور ڏسي سگهجي ٿي. اهو پنهنجو پاڻ سان خوش ٿيڻ جو اظهار ايترو ته گهڻو ڪيو وڃي ٿو ۽ پاڻ کي ايترو ته خوش نصيب سمجهيو وڃي ٿو، جو ”جوليس ورنيءَ“ جي لفظن ۾، اسان سچ پچ انهيءَ غلطي فهميءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون ته سائنس ۽ فن اڳ ڪڏهن به اهڙي ترقي ڪا نه ڪئي هئي!

۽ اها سموري حيرتناڪ ڪاميابي، پورهئي جي ورڇ سبب ئي ممڪن ٿي سگهي آهي، تنهنڪري ان کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ ڪين رهي سگهبو؟

چڱو، قبول ڪيوسين ته اسان جون مادي ڪاميابيون سچ پچ عجيب، حيرتناڪ ۽ غيرمعمولي آهن، ۽ اسان واقعي خاص الخاص ۽ خوش نصيب انسان آهيون، جو هن دؤر ۾ زندگيءَ ماڻڻ جو موقعو مليو اٿئون! پر اچو ته انهن ڪاميابين کي خود پسنديءَ جي معيار تي نه، پر پورهئي جي ورڇ واري انهيءَ ساڳئي اصول تي جاچي ڏسون، جنهن جي بچاءَ ۾ اهي سڀ سهوليتون بيان ڪيون ويون آهن، اهي سڀ ڪاميابيون برابر بي مثال ۽ حيرتناڪ آهن، پر اها به حقيقت آهي ته ڪنهن منحوس حادثي سبب، (خود سائنسدان به ان ڳالهه جو اقرار ڪن ٿا) انهن سڀني مادي ڪاميابين، اڄ ڏينهن تائين، مزورن ۽ پورهيتن جي حالت سڌاري ته نه آهي، پر جيڪا سا خراب ضرور ڪئي آهي.

هڪ مزور جيڪڏهن پيرين پنڌ وڃڻ بدران، ريل رستي آسانيءَ سان وڃي سگهي ٿو، ته ٻئي طرف انهيءَ ساڳيءَ ريل هن جا ٻيلا ۽ چراگاه ڪپي ۽ ساڙي ٻاري خلاص ڪيا آهن، سندس اکين سامهون اناج ڍوئي کڻي ويئي آهي، ۽ خود کيس ريل جي مالڪن جو تقريباً غلام بنائي ڇڏيو اٿس.

هڪ محنتي مزور، جيڪڏهن ريل ۽ ٻين مشينن جي مهربانيءَ سان ڇيٽ جو ڪپڙو خريد ڪري سگهي ٿو، ته ٻئي طرف انهن ساڳين مشينن کيس، گهر جي ڪمائيءَ کان محروم ڪري، ڪارخانيدارن جي مڪمل غلاميءَ ۾ گرفتار به ڪيو آهي.

جيڪڏهن شهرن ۾ ڪي تار – گهر کليا آهن (جن مان فائدي وٺڻ جي هڪ محنتي مزور کي منع ته ڪا نه ڪئي ويئي آهي، پر اتفاق سان سندس آمدني ايتري نه آهي، جو انهن مان فائدو وٺي سگهي)، ته ٻئي طرف جيئن ئي سندس هٿن سان ٺهيل شين جا اگهه چڙهن ٿا، ته انهن ساڳين تار – گهرن جي مدد سان، پري پري جا شاهوڪار اهي شيون هن کان سستي اگهه ۾ خريد ڪري پنهنجا گدام ڀري ڇڏين ٿا - ۽ هن کي وچ جي ڪا خبر ئي نه ٿي رهي.

جيڪڏهن ٽيليفون، دوربين، شعر و شاعريءَ جا شاهڪار، ناول، ناچ گانا، سنگيت ناٽڪ، نمائشون، وغيره، ۽ ٻيون اهڙيون نعمتون عام ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، ته انهن سڀني ڪو محنتي مزور جي حالت بهتر ڪا نه بڻائي آهي – ڇاڪاڻ ته انهيءَ ساڳئي مٿي بيان ڪيل منحوس اتفاق سبب، اهي سڀ نعمتون هن غريب جي پهچ کان پري آهن. تنهنڪري انهن سڀني غير معمولي ايجادن ۽ فني تخليقن، هن مهل تائين، محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جي زندگي جيڪڏهن بگاڙي نه، ته گهٽ ۾ گهٽ سڌاري به نه آهي. (سائنسدان خود به اها ڳالهه قبول ڪن ٿا).

تنهنڪري، جيڪڏهن سائنس ۽ فن جي ڪاميابين جي حقيقت جي پرک، خوش فهميءَ جي آڌار تي نه، پر انهيءَ ساڳئي پورهئي جي ورڇ جي بچاءَ ۾ پيش ٿيندڙ معيار – يعني محنتي مزور ماڻهن کي فائدي پهچائڻ واري معيار – تي ورتي ويندي، ته خبر پوندي ته اسان کي اڃا تائين ته ايترو خوش ٿيڻ ۽ ڪپڙن ۾ نه ماپجڻ جو ڪو خاص سبب ڪو نه آهي!

هڪ غريب ڪڙمي ريل تي چڙهي ٿو، سندس زال ڇيٽ جو ڪپڙو خريد ڪري ٿي، کين گهر ۾ ٺڪر جي ڏيئي بدران ٽين جي چمنيءَ سان بتي آهي، ۽ پاڻ پنهنجو پائيپ (يا سلفي) ٽانڊي بدران ماچيس جي تيليءَ سان دکائي ٿو – اها برابر سهوليت آهي: پر پوءِ به اسان کي ڪهڙو حق آهي، جو چئون ته ريلواين ۽ ڪارخانن عام ماڻهن کي فائدو پهچايو آهي؟   

ڪڙمي جيڪڏهن ريل رستي سفر ڪري ٿو، ۽ ڇيٽ جو ڪپڙو، چمنيءَ واري بتي ۽ ماچيس خريد ڪري ٿو، ته اهو انهيءَ ڪري آهي، جو کيس ائين ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي، پر اسان سڀني کي خبر آهي ته اهي ريلوايون ۽ ڪارخانا، محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جي فائدي لاءِ ڪو نه ٺاهيا ويا هئا – تنهنڪري انهن اتفاقي سهوليتن کي، هنن لاءِ ريلواين ۽ ڪارخانن جي مفيد هئڻ جي ثابتيءَ طور ڇو پيش ڪجي؟

اسان سڀني کي خبر آهي ته انهن ريلواين ۽ ڪارخانن جي برپا ڪندڙن، هنرمند شخصن ۽ سرمايه دارن، جيڪڏهن ڀلجي ڪري به مزورن بابت ڪڏهن سوچيو هوندو، ته رڳو هيءُ ته مزورن جي پگهر جو آخري ڦڙو ڪيئن نپوڙي وٺجي، ۽ جيئن اسان ڏٺو آهي، هت روس ۾ خواه يورپ ۽ آمريڪا ۾، سرمايه دار پنهنجي انهيءَ مقصد ۾ پوريءَ ريت ڪامياب ٿيا آهن!

هر برائيءَ ۾ ٿوري گهڻي چڱائي هوندي ئي آهي. باهه لڳڻ کان پوءِ، اسان پاڻ کي گرم ڪري سگهون ٿا، ۽ ٻرندڙ باهه جي ڀنڀٽ مان پنهنجا پائيپ به دکائي سگهون ٿا، پر ائين ڇو چئجي ته باهه لڳڻ مان وڏا فائدا آهن؟

اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي ٺڳڻ ته نه گهرجي! اسان سڀني کي خبر آهي ته ريلوايون ۽ ڪارخانا ڪهڙي مقصد سان ٺهيا، ۽ گاسليٽ توڙي ماچيس ڇو ايجاد ٿيا!

هڪ هنرمند انجنيئر، ريلوائي رستو يا ته حڪومت جي فوجي مقصدن لاءِ يا وري سرمايه دارن جي مالي مطالبن خاطر ٺاهي ٿو. هو مشينون انهيءَ ڪري ٺاهي ٿو ته کيس به فائدو پهچي، ته مشين جو مالڪ ڪارخانيدار به وڏا وڏا نفعا ڪمائي. هر هنرمند شخص، جو ڪجهه ٺاهي ٿو، گهڙي ٿو ايجاد ڪري ٿو، سو سڀ حڪومت، ڪارخانيدار ۽ پئسي واري جي مفاد لاءِ ئي آهي. هن شخص جون گهڻو ڪري سڀ ايجادون يا ته سنئون سڌو عوام کي ڏکوئڻ لاءِ – توبون، ٽوٻا جهاز، ڪال ڪوٺڙيون، شراب چِڪائڻ جون مشينون، تار – گهر وغيره، يا اهڙين شين پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪي نه رڳو عوام لاءِ مفيد نه آهن، پر سندن پهچ کان به پري آهن – بجليءَ جو سامان، ٽيليفون وغيره، يا وري اهڙين شين تيار ڪرڻ لاءِ آهن، جن سان عام ماڻهن کي خوار خراب ڪري، کين سندن پگهر جي آخرين ڦڙي تان به هٿ کڻڻ تا آماده ڪري سگهجي – جيئن ”ووڊڪا“، بيئر، آفيم ۽ تماڪ، يا ڇريل ڪپڙو، گنجيون، رومال ۽ ٻيون اهڙيون فضول چيزون.

سائنسدانن جون ايجادون ۽ ڪاريگرن ۽ انجنيرن جا ڪم، جيڪڏهن اتفاق سان عام ماڻهن کي به ڪجهه فائدو پهچائين ٿا – جهڙوڪ ريلوي، ڪپڙو، گهرو استعمال جا برتن، ڏاٽا، ڪوڏريون – ته ان مان رڳو اهو ٿو ثابت ٿئي ته هن جهان ۾ سڀ شيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيون پيون آهن، ۽ هر نقصانڪار سرگرميءَ مان ڪو نه ڪو فائدو ضرور ملي ٿو، خود انهن شخصن کي به جن جي لاءِ اها سرگرمي عام طور نقصانڪار هوندي آهي.

سائنسدان ۽ فنڪار تڏهن ئي چئي سگهن ها ته سندن سرگرميون عام ماڻهن لاءِ مفيد آهن، جڏهن هو پنهنجين انهن سرگرمين ۾ محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جي خذمت کي ئي پنهنجو مقصد ۽ مراد بڻائين ها – جيئن اڄ ڪلهه حڪومت ۽ سرمايه دارن جي خذمت کي پنهنجي سڀني سرگرمين جو مقصد ۽ مواد بڻايو اٿن! اسان خود به چئي سگهون ها ته سائنس ۽ فن جا ماهر عام ماڻهن کي وڏا وڏا فائدا پهچائي رهيا آهن، جيڪڏهن هي شخص عوامي خذمت کي پنهنجو واحد مقصد بنائين ها. پر حقيقت اها آهي ته سائنسدانن ۽ فنڪارن مان ڪو به اهڙو نه آهي، جنهن ائين ڪيو هجي.

علم فضل ۽ فن جا سڀ استاد پنهنجي پنهنجي شيخيءَ ۽ علاميت ۾ مشغول آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو ماده حيات (Protoplasm) ۽ تارن جي تجلياتي اڀياس وغيره جهڙيون چيزون ته هر وقت سندن زير مطالع رهن ٿيون، پر ڪهڙي قسم جي ڳن يا ڦار وارو ڪهاڙو ڪاٺ وڍڻ يا ڏارڻ لاءِ زياده ڪارآمد ٿيندو، ڪهڙي قسم جي ڪارائي بهتر ڪم ڏيندي، ڪهڙو اٽو ڪهڙي انداز سان ڳوهجي جو زياده لذيذ ٿئي، اسان جي روس جهڙي برفاني ملڪ ۾ آسانيءَ سان باهه ڪيئن ٻارجي چلهه ڪيئن ٺاهجي، ڪهڙيءَ موسم ۾ ڪهڙو کاڌو، ڪهڙو طعام ۽ ڪهڙو شربت تيار ڪجي، ڪهڙيون کُنڀيون کائڻ گهرجن ۽ کين ڪيئن ٺاهجي – اهڙين ڳالهين تي سائنس ڪڏهن ويچار نه ڪيو آهي، حالانڪ سائنس جي جاچ جوچ لاءِ اهو قيمتي مواد ٿي سگهي ٿو.

مان چئي سگهان ٿو ته سائنس خود پنهنجي موجوده تعريف موجب به هڪ بيڪار مشغلو شمار ٿيڻ گهرجي، پر اهو ظاهر ظهور هڪ نامعقول ۽ زوراوريءَ وارو دليل ٿيندو. عام ماڻهن جي خذمت ڪرڻ سائنس جو پهريون ۽ پويون فرض آهي. اسان تارون، ٽيليفون، ۽ فونو گرام ته ايجاد ڪيا آهن، پر انسان جي حقيقي زندگيءَ يعني عام ماڻهن جي پورهيت زندگيءَ ۾ ڪهڙا سڌارا آندا ائٿون؟ اسان ويهه لک جيت ڳڻيا آهن، ۽ انهن مان هر هڪ کي الڳ الڳ سائنسي نالو به ڏنو اٿئون. پر بائيبل جي زماني کان پوءِ، جڏهن اڄڪلهه جا سڀ گهرو جانور اڳي ئي پاليا ويا هئا، ڇا ڪنهن هڪڙي نئين جانور کي به پالي گهرو جانور بنائي سگهيا آهيون؟ اهي سانبر، اهي ٻارهن سڱا، اهي تتر، اهي ٻٽير ۽ سها – سڀ جا سڀ اڄ اُهي جهنگلي جانور آهن. علم نباتات جي استادن زنده جسمن ۾ خانا، خانن ۾ مادهء حيات، مادهء حيات ۾ ٻيو ڪجهه، ۽ ان ٻئي ڪجهه ۾ اڃا به ڪو ٻيو ڪجهه دريافت ڪيو آهي. اهي مشغوليون سون هزارن سالن ۾ به ختم نه ٿينديون، ڇاڪاڻ ته انهن ڪو انت ئي نه آهي، ۽ تنهنڪري اسان جي سائنسدانن کي عوام جي حقيقي ضرورتن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جو وقت ئي ڪو نه آهي. ساڳيءَ طرح آڳاٽي زماني جي مصري – يهودي – تهذيبن کان وٺي، جڏهن ڪڻڪ ۽ مهري جي دال عام پوکي ويندي هئي، اڄ ڏينهن تائيم، عام ماڻهن جي کاڌي ۾ پٽاٽن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به چيز جو اضافو نه ٿيو آهي، ۽ اهي پٽاٽا به اسان کي سائنس پيدا ڪو نه ڪري ڏنا.

ٽوٻا جهاز ۽ شرابن جي هڪ هٽيءَ، توڙي ڪاڪوسن لاءِ گهربل سامان ته ٺاهيو اٿن، پر اسان جو چرخو، آڏاڻو، هر، ڪهاڙي، ڪوڏر، ڏانداري، ڏول ۽ پاڃاري وغيره، اڃا تائين، اهي ساڳيا ”رورڪ“ (پهريون روسي شهزادو 830ع – 879ع) جي ڏينهن وارا استعمال ٿين ٿا، يا جيڪڏهن ڪجهه ڪجهه بدليا به آهن ته گهٽ ۾ گهٽ سائنسدانن انهن کي ڪو نه بدليو آهي.

فن جي حالت ۾ به اها ئي ڳالهه آهي. ائين برابر آهي ته اسان بيشمار ماڻهن کي وڏن وڏن ادبي ۽ فني مرتبن تي پهچايو آهي، سندن شهپارن جا باريڪ تجزيا ڪيا آهن، ۽ مٿن وڏيون وڏيون، شيطان جي آنڊي جيڏيون تنقيدون لکيون آهن، انهن تنقيدن تي تنقيدون لکيون آهن، ۽ انهن تنقيدن تي لکيل تنقيدن تي تنقيدون لکيون آهن، مصوريءَ جي شاهڪارن سان گئلرين جون گئلريون ڀري ڇڏيو آهن، فنون لطيف جي ذري گهٽ سڀني مڪتبن جو اڀياس ڪيو آهي، ۽ اهڙا ته سنگيت – ناٽڪ ۽ بئنڊ باجا ايجا ڪيا آهن، جو خود اسان پاڻ به انهن کي ٻڌي سمجهي نٿا سگهون. پر عوامي آکاڻين، روايتن، ٽوٽڪن ۽ گيتن ۾ ڪهڙو اضافو ڪيو اٿئون؟ عام ماڻهن کي ڪهڙيون تصويرون ۽ ڪهڙا ناچ گانا ڏنا اٿئون؟ ”نڪولسڪي“ گهٽيءَ *(1) ۾ عام ماڻهن جي پڙهڻ جا ڪتاب عام جام ملن ٿا، ۽ ”تلاءَ“ شهر ۾ باجا به ٺهن
ٿا، پر اسان – علم ۽ فن جا بي نظير استاد – انهن مان ڪنهن هڪ چيز ۾ به دلچسپي نه ٿا وٺون.

سڀ کان وڌيڪ عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ته اسان جي سائنسدانن ۽ فنڪارن جو غلط طريقو آهي، جيڪو انهن علم ۽ فن جي ميدانن ۾ اختيار ڪيو آهي، ٻيو ڪو جيڪر ائين سمجهي ته انهن ’عالم جي ابن‘ جون سرگرميون، علم ۽ فن جي اصلي مقصدن مطابق، عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ ئي هونديون، پر حقيقت ۾ سندن سڀيئي سرگرميون عام ماڻهن کي ڪنهن به فائدي پهچائڻ بدران نقصان ئي پهچائين ٿيون.

هر شخص ائين ئي سمجهندو ته انجنيئرن، ڊاڪٽرن، ماسترن، فنڪارن ۽ ليکڪن کي عام ماڻهو جي خذمت ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سندن ڌنڌن جو اصل مقصد به اهو ئي آهي. پر ٿئي ڇا ٿو؟ موجوده رجحان اهو ئي ٻڌائي ٿو ته اهي سڀ استاد، عام ماڻهن کي ڏکوئڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿا ڪن.

هڪ انجنير يا هڪ وڏي مستريءَ ۽ ڪاريگر کي پنهنجي ڌنڌي هلائڻ لاءِ ڏوڪڙ کپن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڏوڪڙن کان سواءِ هو بيڪار آهي. سندس علم ۽ هنر ئي اهڙي پيماني ۽ انداز جو آهي، جو ان کي پوريءَ طرح استعمال ڪرڻ ۽ ان مان خاطر خواه فائدي وٺڻ لاءِ کيس جهجها ڏوڪڙ ۽ وڏي پئماني تي پرائي پورهئي جو استعمال کپي ٿو، ۽ وڏي ڳالهه ته هي حضرت پاڻ به سال ۾ ٻه هزار يا گهٽ ۾ گهٽ پندرهن سؤ روپيل ذاتي طور خرچ ڪرڻ تي هِريل آهي، ۽ تنهنڪري ظاهر آهي ته ڪنهن به ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ هو رهي ئي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته اتي ڪو به شخص ايترو اجورو نه ڏيندس - ۽ تنهنڪري خود سندس ڌنڌو ئي اهڙو آهي، جو کيس عام ماڻهن جي خذمت کان معذور بنائي ڇڏي ٿو. هي شخص رياضي ۽ اقليداس جي اعليٰ تعليم جي مدد سان پل جي ڊيگهه ماپي سگهي ٿو، موٽر جي طاقت ۽ صلاحيت جو حساب به لڳائي سگهجي ٿو، ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا به وڏا وڏا ڪم ڪري سگهي ٿو، پر پورهيت ڪڙمين جا سنوان سڌا مسئلا ٻڌي منجهي پوي ٿو. ڳوٺاڻي هر يا گاڏيءَ کي ڪيئن بهتر بڻائجي، دريائن کي ڪيئن تانگهو ڪجي – انهن سڀني حالتن کان، جن ۾ ڪڙمي رهن ٿا، هي شخص غير واقف آهي، ۽ هڪ سنئين سڌي دودستي ڄٽ کان به گهٽ ڄاڻي سمجهي ٿو؛ وڏا وڏا ورڪشاپ کولي ڏيوس، هر قسم جا مزور مهيا ڪري ڏيوس، ٻاهرين ملڪن مان نيون نيون مشينون به گهرائي ڏيوس - ۽ پوءِ هي صاحب اوهان کي ”وڏا وڏا ڪم“ ڪري ڏيکاريندو! پر هزارن لکن محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جي موجوده حالتن ۾، هي شخص ڪنهن به صورت ۾ سندن پورهئي کي هلڪي ۽ مفيد بڻائڻ جا رستا نه ٿو ڳولي سگهي، ۽ وڏي ڳالهه ته هن جون پنهنجون مشغوليون، عادتون ۽ گهرجون ئي اهڙيون آهن، جو کيس اهڙي ڪم لائق بڻائي نه ٿيون سگهن.

ڊاڪٽر جي حالت ته تنهان ئي زياده نازڪ ۽ پيچيده آهي. هن جي نام نهاد سائنس جي تربيت ئي اهڙي آهي، جو هو رڳو انهن شخصن جو علاج ڪري سگهي ٿو، جيڪي هميشه بيڪار آهن، ڪجهه به نه ٿا ڪن ۽ ٻين جي پورهئ تي پنهنجو حق ڄمائي سگهن ٿا. هن شخص کي، سائنسي نموني ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ، تمام گهڻا وڏين وڏين قيمتن وارا اوزار، دوائون، ڪشادا ۽ عام صحت جي اصولن تي ٺهيل ڪمرا، کاڌا ۽ پاڻيءَ جا نلڪا کپن، کيس سندس پنهنجي وڏيءَ پگهار کان سواءِ، ٻيا به اهڙا ڳرا خرچ گهرجن، جو سندس هڪ هڪ خوش نصيب مريض جي علاج لاءِ ٻئي طرف سون هزارن مزورن کا فاقا ڪڍڻا پون ٿا. هن شخص وڏن وڏن شهرن ۾ اهڙين هستين جي هٿ هيٺ تعليم ورتي آهي، جن وٽ فقط اهي ئي مريض داخل ٿي سگهن ٿا، جيڪي اسپتالن ۾ رهي سگهن، ۽ علاج دوران ۾ دوائن  سُين تي ڳاٽي ڀڳا خرچ ڪري سگهن، ۽ سندس هدايت تي اتر کان ڏکڻ ۽ هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ صحت لاءِ عمديءَ آبهوا وارن سامونڊي شهرن يا پهاڙي صحت گهرن ڏانهن وڃڻ جي وسعت هجين.

هن شخص جي سائنس وري اهڙي آهي، جو هر ”زيستوو“[1]ڊاڪٽر شڪايت ٿو ڪري ته کيس پورهيتن ۽ مزورن جي علاج جا معقول ۽ مناسب وسيلا ميسر نه آهن، سندس اهي بدنصيب مريض اهڙا ته غريب ۽ مسڪين آهن، جو کين تندرست حالتن ۾ رکڻ ناممڪن آهي؛ ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب اها شڪايت ٿو ڪري ته اسپتالون ٿوريون آهن، سموري ڪم کي هو اڪيلي سر منهن نه ٿو ڏيئي سگهي، ۽ تنهنڪري کيس وڌيڪ نائب، ڊاڪٽر ۽ تربيت يافته نرسون گهرجن. انهيءَ جو مطلب؟ انهيءَ جو مطلب اهو احي ته محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جي مکيه ۽ بنيادي مصيبت، جيڪا سندن بيماريون پيدا ڪري ٿي، انهن بيمارين کي پکيڙي ٿي ۽ آخرڪار کين علاج کان سواءِ رهجي وڃڻ تي مجبور ڪري ٿي، سا حقيقت ۾ سندن گذران جي تنگي ئي آهي.  

۽ هيڏانهن هيءَ طبي سائنس آهي، جو هر قسم جو شرم ۽ حياءَ کي پاسيرو رکي، انهن ساڳين محنت مزوريءَ ۾ ڳهي ڳهي مرندڙ ڳوٺاڻن ۽ شهري غريبن جي مدد جو نعرو هڻي، پورهئي جي ورڇ جي جهنڊي هيٺ، پنهنجي معتقدن ۽ جوانمردن کي جمع ڪري رهي آهي! حقيقت هيءَ آهي ته هن سائنس پاڻ کي شاهوڪار طبقن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ حساب سان ئي وڏن طبقن لاءِ وقف  ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ حساب سان ئي وڏن وڏن ماڻهن ۽ سيٺين واپارين جي هر علاج لاءِ تيار ٿي نڪتي آهي، پر مصيبت اها آهي، جو مفلس مزورن کي به علاج جا ساڳيا ئي ڏس ڏئي ٿي، جو انهن لاءِ وٽس ٻيو علاج آهي ئي ڪو نه!

پر سائنس جي عام ڪاميابيءَ لاءِ گهربل وسيلا، يعني پئسا، ميسر نه آهن، ۽ تنهنڪري پهريائين اهي وسيلا ملڪ جي غريب ۽ مسڪين ڳوٺاڻن کان جيڪي اڳي ئي بيمارين ۽ وبائن ۾ ورتا پيا آهن، ڪنهن طرح وصول ڪري ضرورت آهر موجود ڪرڻ گهرجن! اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي بيمار ڳوٺاڻا انهن ساڳين ”وسيلن“ جي اڻاٺ سبب ڪڏهن به پوريءَ ريت تندرست ۽ سگهارا نه ٿا رهي سگهن!

عام ماڻهن لاءِ ڊاڪٽري علاج جي سفارش ڪندڙ هميشه ائين چوندا آهن ته هن ڌنڌي اڃا ٿوري ترقي ڪئي آهي!

ظاهر آهي ته هن ڌنڌي واقعي ٿوري ترقي ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن – خدا نه ڪري – ان کي ترقي ڏني ويئي ۽ عام ماڻهن جي پٺيءَ تي هر ضلعي پٺيان ٻن ڊاڪٽرن، داين ۽ تربيت يافته نرسن بدران اهڙا ويهه پنجويهه ڊاڪٽر، دايون ۽ تربيت يافته نرسون رکيون ويون – جيئن رٿيو ويو آهي – ته پوءِ علاج لاءِ هڪڙو شخص به نه ملندن!

عام ماڻهن لاءِ سائنسي امداد، جنهن جي سائنس جي حمايتن هيتري وند لائي ڏني آهي، سا حقيقت ۾ بلڪل ٻيءَ طرح هجڻ گهرجي، ۽ اهڙي قسم جي سائنسي امداد اڃا شروع ئي نه ٿي آهي. اهڙي قسم جي واقعي مفيد سائنسي امداد تڏهن ئي شروع ٿيندي، جڏهن سائنس جا صاحب، انجنير، ڊاڪٽر ۽ ٻيا، پورهئي جي موجوده ورڇ يعني ٻين جي پورهئي تي پنهنجي ناجائز قبضي کي صحيح نه سمجهندا، ۽ عام ماڻهن کان منجهانئن هر هڪ پنهنجي فيءَ يا ”معاوضي“ لاءِ سوين هزارين روبيل ته خير مان نه چوندس پر رڳو هڪ هزار پنج سؤ روبيل به نه وٺندو – پهريائين هو محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جي پورهئي تي پلجندڙ هيءَ سائنس، هنن ساڳين محنت مزوري ڪندڙ بيشمار عام ماڻهن جي ڪسمپرسيءَ کي بنهه وساري ڇڏيو آهي، ۽ اڄ به سندن انهيءَ ڪسمپرسيءَ ڏانهن ڪو ڪو ڌيان نه ٿي ڏئي، ۽ ان ڪري خود کيس ئي تمام گهڻو ڌڪ لڳو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس سمورو علم ۽ فضل عام ماڻهن لاءِ ڪنهن ڪم جو ڪونهي.

انجنيري علم وانگر، ڊاڪٽري علم جو ميدان به اڃا خالي پيو آهي. محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهو، جن حالتن ۾ رهن ٿا، تن سان تعلق رکندڙ سوال – ته ڪم جا وقت ڪيئن ورهائجن، پنهنجي خوراڪ ڪيئن تيار ڪجي، ڪهڙيءَ طرح، ڪهڙيءَ شڪل ۾، ڪڏهن ۽ ڪيئن بهتر ڪپڙا پائجن، پير ڍڪجن، ۽ گهم ۽ ٿڌ کان بچاءُ ڪجي، ٻارن کي ڪيئن سٺي نموني وهنجاري صاف ڪپڙا پارائجن، تنججي ۽ کير پيارجي وغيره – اهي ۽ ٻيا اهڙا بيشمار سوال، عوامي زندگيءَ جي موجوده صورتحال جي پس منظر ۾، ڪيئن حل ڪجن، اڃا پوريءَ طرح رڳو اٿاريا به نه ويا آهن.

ٻين سائنسي ۽ تعليمي علمن سيکاريندڙ استادن جي سرگرمين جي به ساڳي ڳالهه آهي. هن ميدان ۾ به سائنس اهڙو انتظام رکيو آهي، جو رڳو شاهوڪار شخص ئي سائنسي ۽ تعليمي علم پڙهي سکي سگهن ٿا، ۽ استاد به وري، انجنيرن ۽ ڊاڪٽرن وانگر، پنهنجو پاڻ، جتي پئسا آهن، اوڏانهن ڇڪجي وڃن ٿا.

حقيقت ۾ اها ڳالهه ٻيءَ طرح ٿي نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هڪ نئين طرز تي هلندڙ ۽ مثالي سائنسي اسڪول لاءِ (عام طور ڏٺو ويو آهي ته اسڪول کي جيترو وڌيڪ سائنسي ۽ جديد بڻايو ويندو، اسڪول اوترو ئي وڌيڪ مهانگو ٿيندو) ايترو ته گهڻو ۽ قيمتي سازو سامان – عمديون بينچون، ڌرتيءَ جا گولا، جداد جدا ملڪن جا نقشا، لائبرريون وغيره – گهرجي، جو هر ڳوٺ ۾ تعليم جي قيمت ۽ خرچ وڌي ويندو ۽ غريب شاگردن کي ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻيون فيون ڏيڻيون پونديون.

غريب ڪڙمين کي پنهنجي پورهئي لاءِ ٻارن جي گهرج رهي ٿي، ۽ ماڻهو جيترو وڌيڪ غريب هوندا، اوترو ٻارن جي گهرج وڌيڪ ٿيندين. سائنس جا حمايتي چون ٿا: تعليم به هينئر عام ماڻهن کي فائدو پهچائي ٿي، ۽ جڏهن ترقي مليس ته پاڻ وڌيڪ اها ڳالهه هنن لاءِ چڱي ٿيندي. پر جيڪڏهن سچ پچ هن تعليم کي ترقي ملي ۽ هر ضلعي ۾ ويهن اسڪولن بدران سؤ اسڪول کليا - ۽ سي به سڀ سائنسي علم وارا، ۽ عام ماڻهن کي خرچ پکي لاءِ به نسبتاً اوترو ڏيڻو پيو، ته غريب ڳوٺاڻا تيئن وڌيڪ غريب ٿيندا، ۽ کين ڪم ڪار ۾ مدد لاءِ ٻارن جي گهرج اڃا به وڌيڪ ٿيندي.

پوءِ ڀلا نيٺ ڇا ڪجي؟ عام ماڻهو هڪ دفعو وري به اهو سوال پڇن ٿا.

حڪومت هتي به يورپ وانگر، پنهنجي طاقت سان زوري تعليم رائج ڪندي، ۽ سرڪاري اسڪول کوليا ويندا، پر ياد رکڻ گهرجي ته خرچ پکي لاءِ گهربل پئسا وري به انهن محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کان ئي ورتا ويندا، جن کي ان لاءِ اڃا به وڌيڪ پورهيو ڪرڻو پوندو، اڳي کان گهٽ واندڪائي ملندين، ۽ نتيجو اهو نڪرندو جو اِها زوري تعليم آخرين طور ڪڏهن به عمل ۾ اچي نه سگهندي. تنهنڪري علاج وري به اهو آهي ته استاد هڪ عام محنتي ماڻهوءَ جي زندگي گذاري، ۽ رضا خوشيءَ سان جيڪو اجورو ملي سگهيس، سو وٺي تعليم ڏئي.

پر ڪهڙو نه غلط رجحان آهي اسان جي سائنسي سائنس جو، جيڪا غريب استاد کان سندس اولين ۽ آخرين فرض – عوامي خذمت – ادا ڪرڻ جو امڪان به کسي وٺي ٿي! ۽ اسان جي عالمن ۽ عاقلن جو اهو غلط رجحان فني سرگرمين ۾ اڃا به وڌيڪ چِٽو ۽ کليل آهي.

سائنس ته خير وري به اهو بيسود عذر ڏيئي سگهي ٿي ته في الحال سائنس محض سائنس جي لاءِ ئي ڪم ڪري ٿي ۽ سائنسدانن جڏهن ان کي پوري ترقي وٺائي، ته ان جو فائدو عوام تائين به پهچي ويندو، پر فن جيڪڏهن سچ پچ سچو فن آهي، ته اهو سڀني تائين پهچڻ گهرجي، ۽ خاص ڪري انهن شخصن تائين، جن جي لاءِ اهو پيدا ڪيو وڃي ٿو. پر اسان جي فن جي موجوده حالت، فن جي خالقن جي عوامي خذمت کان اڻڄاڻائيءَ، بي پرواهيءَ ۽ لاچاريءَ جو نمايان ثبوت آهي.

هڪ فنڪار – مصور جو کڻي مثال وٺو – هن وٽ عظيم شاهڪارن جي تخليق لاءِ هڪ عدد اسٽوڊيو هجڻ لازمي آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه مزور – عام مزورن وانگر بک ۽ برف ۾ تباه ٿيندڙ مزور – هجڻ ضروري آهن، پر اهو به ڪافي نه آهي – کيس هر وقت قدرتي نظارا، جدا جدا قسمن جا لباس ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه، سير ۽ سفر جون سهوليتون گهرجن. ”ائڪيڊمي آف آرٽس“، فن جي ترقيءَ لاءِ، عوام کان وصول ڪيل لکين روبل خرچ ڪري چڪي آهي، پر اهي سڀ فني تخليقون محلاتن ۾ ئي نظر اچن ٿيون، ۽ عام ماڻهن اهي تخليقون نه سمجهي سگهي ٿو ۽ نه وري کيس ضرورت ۾ ئي آهن.

موسيقار کي به ساڳيءَ طرح پنهنجي جذبن جي اظهار لاءِ سفيد نيڪٽاءِ ۽ يونيفارم ۾ اٽڪل ٻه سؤ شخص گهرجن ٿا، ۽ صرف هڪڙي سنگيت ناٽڪ پيش ڪرڻ ۾ هزارين روبيل خرچ گهرجي ٿو پر افسوس ان ڳالهه جو آهي، ته هن فن جون تخليقون به جيڪڏهن عام ماڻهن کي ٻڌڻ جو ڪڏهن موقعو ملي، ته جيڪر ذهني ڪوفت ۽ دل جي مونجهه کان سواءِ کين ٻيو ڪجهه به انهن منجهان حاصل ٿي ڪين سگهي.

ٻيو ڪوئي ائين سمجهندو ته اديبن ۽ شاعرن کي شايد ڪنهن مخصوص ماحول، اسٽوڊيو، قدرتي نظارن، ناچ گانن ۽ ٻين اهڙي قسم جي نرم ۽ نازڪ شين جي ضرورت نه هوندي، پر معلوم ٿو ٿئي ته هتي به هڪ اديب، هڪ شاعر کي، سٺين سٺين تصنيفن جي تخليق لاءِ، عيش آرام ۽ رنگين زندگيءَ جي ضروري سهوليتن سان گڏ، سير ۽ سفر، محل ماڙيون، واندڪائيءَ جو اڀياس، فني موج مزو، ناچ گهر، سنگيت ناٽڪ ۽ سمنڊ جي ڪناري يا ڪنهن پهاڙ جي چوٽيءَ تي اڏيل شهر جي تفريح وغيره سڀ گهرجن ٿا. جيڪڏهن هو پاڻ پئسا نه ٿو ڪمائي، ته کيس سٺن سٺن مضمونن لکڻ جي عيوضي ۾ پينشن ڏني وڃي ٿي - ۽ اهي مضمون به اهڙا، جو اسان ته انهن جي گهڻي ساراه ڪريون، پر عوام جي لاءِ فضول لفاظيءَ کان سواءِ انهن ۾ ڪجهه به موجود نه ٿو رهي، ڇاڪاڻ ته عوام کي اهڙين چيزن جي بنهه گهرج ڪانهي.

سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن هِي علم ۽ فن جا استاد جيڪي گهرن سو کين موجود ڪري ڏجي، يعني روحاني خوراڪ جي انهن خالقن کي کٽ تي ويهاري کارائجي، هر ڳوٺ ۾ انهن لاءِ هڪ لائبريري، هڪ اسٽوڊيو ۽ هڪ راڳ گاني جي محفل قائم ڪجي ۽ کين اهڙو ماحول مهيا ڪري ڏجي، جهڙو عام طور هو ضروري سمجهن ٿا – ته پوءِ هوند معاملو ڪٿي وڃي بيهي؟

مان سمجهان ٿو ته محنتي مزورن کي جلد ئي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته انهن بيڪار محض مَکَن کي کٽ تي ويهاري کارائڻ بدران بهتر ائين آهي ته نه ڪڏهن سندن ڪا فلم ڏسجي، نه سندن ڪو راڳ گانو ٻڌجي ۽ نه وري: سندن شعر و شاعريءَ يا ناول وغيره کي ئي ڪڏهن هٿ لائجي.

پر، سوال آهي ته آخر هي فنڪار ۽ اديب، عام ماڻهن جي خذمت ڇو نه ڪن؟ هر جهوپڙيءَ ۾ ڪي نه ڪي مجسما ۽ تصويرون ضرور هونديون، هر ڪڙمي، مرد توڙي عورت، راڳ سان شوق رکي ٿو ۽ پاڻ به ڪجهه نه ڪجهه جهونگاري ٿو، ڪيترن وٽ ته ساز سرود به هوندا آهن، هي سڀ ماڻهو قصا ڪهاڻيون ٻڌائيندا آهن، ۽ ڪيترا ته پاڻ پڙهي به سگهن ٿا، پوءِ ڀلا، ائين ڇو آهي ته هي ٻه، يعني عوام ۽ اديب، هڪ ٻئي سان ساهه بدن جو تعلق رکندڙ فريق، هڪ ٻئي کان ايترو پري پئجي ويا آهن، جو کين هڪ ٻئي سان ملائڻ جو ڪو امڪان ئي نظر نه ٿو اچي؟

ڪنهن مصور کي چئو ته نگارخاني کان ٻاهر نڪري، اگهاڙين عورتن ۽ ٻئي قيمتي ساز سامان جي مدد کان سواءِ، غريب عوام لاءِ به ڪي سستيون تصويرون ڪڍي، توهان کي هڪ دم چئي ڏيندو ته (سندس سمجهه موجب) ائين ڪرڻ سان کيس فن تا هٿ کڻڻو پوندو! ڪنهن موسيقار کي ئي ڀلا چئو ته يڪتارو، باجو يا گهڙو وڄائي ۽ ڳوٺ جي ڳائڻين کي ڪي سُريلا  گيت سيکاري، ڪنهن اديب يا شاعر کي ئي ڇئو ته پنهنجا شعر، ناول، طنز و مزاح جا مضمون لکڻ ڇڏي ڏئي، ۽ انهن جي بدران گيت، ڪافيون، لوڪ – آکاڻيون، پرين، جنن ۽ ديون ڀوتن جا داستان لکڻ شروع ڪري، جيڪي ويچارا اڻ پڙهيل ڳوٺاڻا به سمجهي سگهن ٿا! هي سڀ شخص يڪ آواز ٿي توهان کي چوندا ته ”توهان سڀ چريا آهيون!“

پر ڇا اها گهٽ چريائپ آهي، جو هي شخص، جن انهيءَ بهاني تي پاڻ کي جسماني پورهئي کان آزاد ڪيو آهي ته هو پنهنجي ان داتا، يعني پورهيت عوام، کي روحاني خوراڪ پهچائيندا رهندا، سي هينئر پنهنجي ذميداريءَ کان ايترو ته غافل ٿي ويا آهن، جو اها خبر به نه ٿا رکن ته سندن هي روزي رسائيندڙ، پورهيت عوام، کانئن ڪهڙي خوراڪ طلبي ٿو، ۽ انهيءَ پنهنجي بي خبريءَ ۽ فرض کان ڪوتاهيءَ کي به هو پنهنجي لياقت سمجهي خوش ٿا ٿين؟

”پر هر هنڌ ائين پيو ٿئي!“ مختصر طور هر هنڌان جواب اهو ٿو ملي!

هائو، هر هنڌ ائين پيو ٿئي! عقل ۽ سمجهه جي ابتڙ پيو ٿئي! ۽ تيستائين ائين ٿيندو رهندو، جيستائين هڪڙا شخص، پورهئي جي ورڇ کي بهانو بڻائي، عوامي خذمت جا ڪوڙا قسم کڻي، محنت مزوري ڪندر عام ماڻهن جو پورهيو مفت ۾ هضم ڪندا رهندا. پر، هنڌ، سائنس توڙي فن طرفان عام ماڻهن جي خذمت تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندي، جڏهن سائنسدان ۽ فنڪار، عام ماڻهن گڏ، عام ماڻهن جي زندگي گذاريندا ۽ محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن تي ڪنهن به حق ڄمائڻ کان سواءِ، کين پنهنجون سائنسي ۽ فني خذمتون آڇيندا، ۽ عام ماڻهن کي آزادي رهندي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان انهن خذمتن کي قبول ڪن يا عدولي ڇڏين.


(1)  عظيم ڪئٿرين 2، روس ۾، 1761 – 1796 تائين حڪومت ڪئي. پگاچيف 1773 – 1775 واري هاري انقلاب جو اڳواڻ هو؛ هن شخص ڪيترا شهر پنهنجي قبضي هيٺ آندا، ۽ ڪيترن ئي صوبن ۾ پنهنجو اختيار قائم ڪيائين.     

(1)     ماسڪو جي هڪ گهٽي، جتي ڪڙمين جي ڏانو جا سستا سستا ڪتاب وڪامندا هئا.

[1] ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ سرڪاري اسپتالن جا انچارج ڊاڪٽر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org