سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا

باب: --

صفحو :1

انسائيڪلو پيڊيا اڪيڊمي

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

پيش لفظ

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، منهنجي محبتي ڀاءُ، جي 9_اپريل 1997ع تي، اوچتي جوانيءَ ۾، وجود ڌوڏيندڙ وفات کان پوءِ، اسان، ڪجھ سنگتي _ خاص ڪري ستار هڪڙو، ڀائو در محمد ٻرڙو، خادم رند ۽ مان _ اهو ئي سوچي سگھياسون ته سڄاڻ جو پرچار ڪندڙ پنهنجي اداري کيرٿر سائنس اڪيڊمي، جنهن جو ٻالڪپڻو 1989ع ۾ موهن جو دڙو سائنس ڪلب جي نانءُ سان شروع ٿيون، جو نالو ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي رکجي ته جيئن پنهنجي ڏيهه لاءِ مڙني ممڪن پاسن کان ذميواريون نڀائيندڙ هڪ ڏاهي سپوت جي مڃتا ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي ڪم جاري رکي ۽ سندس ياد کي حال سان سلهاڙي سگھجي.

ان ريت ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قائم ٿي، جنهن جي منشور ۾ مخلتف علمي ۽ تعليمي موضوعن کي سنڌي ماڻهن لاءِ ارپڻ ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ڇپرائڻ لاءِ جاکوڙڻ سميت اهو نڪتو به رکيو ويو ته ڊاڪٽر محبت جي ڪيل سموري قلمي توڻي ليڪچر ڏنل مواد کي ڇپي پڌرو ڪيو ويندو. اڪيڊمي جي ان نُڪتي جو هڪ عملي ۽ علمي روپ ڊاڪٽر محبت جو هيءُ ڪتاب انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا آهي. انسائيڪلوپيڊيا جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت 1991ع ۾ ڪم شروع ڪيو، پر پوءِ کيس محسوس ٿيو ته سنڌي ٻولي ۾ انسائيڪلوپيڊيا ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته سائنسي ۽ فني اصطلاحسازي به سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود هجي. ان گھرج کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر محبت ٻول گھاڙيتو ۽ سنڌي ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاحسازي مقالا لکيا، پر جيئن ته انسائيڪلوپيڊيا توڻي اصطلاحسازي تي ڪم ڪرڻ بنا وسيلن واري ڪنهن هڪ فرد جي دائري کان گھڻو ٻاهر هيو، ۽ زندگي به ڊاڪٽر کي وڌيڪ وقت نه ڏئي سگھي، جنهنڪري اهو اهم ترين ڪم گھڻو اڳتي وڌڻ کان رهجي ويو.

اسان، هن ڪتاب ۾، ڊاڪٽر محبت پاران انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ اصطلاحسازي جي سلسلي ۾ ڪيل سموري سڌاريل ۽ چڪاسيل ڪم کي، موضوع ۽ مواد آڏو رکي، مرتب ڪري، سنڌي ماڻهن لاءِ پيش ڪيو آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ لاءِ ڊاڪٽر محبت جي ڏسيل واٽ تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

رياضت ٻرڙو

1998. 03. 25

قمبر

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا

ٿوري ڄاڻ سڃاڻ

انساني سمجھ

ماڻهوءَ جو اوائلي استاد پورهيو آهي ۽ قدرت ماڻهوءَ سميت هر ساهواري جي ماءُ. اڻٿڪ پورهيي نه رڳو ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي سولو ڪيو پر سمجھ به ڏني. انساني سمجھ ئي آهي جيڪا ماڻهوءَ _ جھڙي_ساهواري کي جانورن _ جھڙي __زندگيءَ مان ڪڍي انساني سماج ۾ وٺي آئي. سمجھ جو اهڃاڻ اڄ کان 10-لک ورهيه اڳ تائين پڪ سان ۽ ڪاٿي موجب 30_ لک ورهيه اڳ تائين ملن ٿا. اڄ کان 5 _ هزار ورهيه اڳ تائين وارا ماڻهوءَ _ سمجھ جا اهڃاڻ ماڻهن جي جوڙيل ۽ خلقيل پٿر جي اوزارن، ٿانوَن ۽ گھرن جي صورت ۾ ملن ٿا. سندن ڏاڪي به ڏاڪي وڌندڙ، سڌريندڙ، سلجندڙ ۽ نت نيون جوڙون جوڙيندڙ سمجھ هر ڏينهن نسبتن سوَلي، ستابي، سُکي ۽ سونهن ڀري ٿيندڙ حياتيءَ مان چٽيءَ طرح بَکي ٿي جنهن جو قصو ڏهاڙي سڌرندڙ ۽ سڻائو ٿيندڙ شڪاري اوزارن گھريلو واهپي جي شين، ٻني ٻاري ۽ پوکي راهيءَ جي زباني اڄ به ٻڌي، ڏسي ۽ سمجھي سگھجي ٿو. هيءُ قصو ڏکن سورن، اهنجن ايذائن، بردباين ۽ دليرين، سُکن ۽ ستابائين، ارڏاين اوچاين، سورهيائين ۽ سرويچاين جو رنگارنگ تپرس ۾ وجھندڙ ڪيڏارو  يا جنگ  نامو آهي.

 

ٻولي

انساني سمجھ جي اظهار جو ٻيو روپ، سوچن جو ڌاتوئي خول، ٻولي آهي. ڪروڙين قسمن جا ساهوارا ڪو به واڪو (آواز يا لفظ) اچاري نه ٿا سگھن، اهي رڳو رنگن ۽ ڳنڌن (سنڳنڌن ۽ ڪُڳنڌن) جي ٻولي سمجھن ٿا، گاهه، ٻوٽا ۽ وڻ، لکين قسمن جا جيت ۽ ٻن چئن کان سواءِ باقي سڀ قسم جون مڇيون ڪوبه واڪو (آواز، لفظ) ڪو نه ٿيون ڪڍن ۽ خاص طرح وڻ ٽڻ ۽ جيت جڻيا رڳو رنگ ۽ ڳنڌ وسيلي ئي فطري لڳ لاڳاپي، پيار پنهنجائپ ۽ سمجھ جو اظهار ڪن ٿا. واڪيندڙ ساهوارن ۾ ڪجھ ٿورن کان سواءِ باقي سڀ ٽن چئن قسمن جي واڪي وسيلي ئي پنهنجي سمجھ جو ظاهر ڪن ٿا _ تِــڏِ کان تَــتَــرَ تائين، ڏيڏر کان ڏاگھي تائين، جھرڪيءَ کان جھنگلي جانور تائين، سڀ ساهوارا ڪي چند قسمن جا واڪا ڪري پنهنجي سَــڏ، سُــڌ، سَـونسي، خرابيءَ ۽ خطري جي خبر ڏين ٿا. ماڻهو به ڪجھ اهڙن، ٿورن ۽ گھگهن واڪن جي سوڙهيءَ دنيا کان پنهنجيءَ وڌندڙ ۽ ويجھندڙ سمجھ سبب نت نــوَن ۽ ڏينهون ڏينهن بدلجندي سولو ۽ مٺو ٿيندڙِ  واڪن (آوازن، لفظن، ٻولن) وسيلي پنهنجي سمجھ پڌري پئي ڪئي آهي. اڄ نوبت اتي وڃي پهتي آهي جو هر سڌريل ٻوليءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ لک قسمن جا واڪا (ٻول، لفظ، آواز) موجود آهن ۽ سڌريل ٻولين جي ڳڻپ 5 _ سَو کان گھٽ نه آهي.   

 

لکيت

سمجھ ۽ ٻولن کي تصويرن، لِيڪُن ۽ نشانن وسيلي ظاهر ڪرڻ جي تاريخ 5 __ هزار سال کن پراڻي آهي، سنڌ، چين، مصر ۽ بابل نينوا __ــ سمير جون سڀيتائون پنهنجن پنهنجن تهذيبي، تمدني، عملي ۽ ادبي خزانن سان مالا مال پنهنجي پنهنجي اوج وارن ڏينهن ۾ ٻولين جي شاندار واڌ ۽ لکيت جو ڏس پتو ڏين ٿيون، انهن کان پوءِ علم ۽ ادب، فلسفي ۽ سائنس جي روشني ايشيا کان وڌي وڃي يورپ ۾ پهتي. يونانين ٻوليءَ ۽ لکيت کي جيڪي رنگ روپ ۽ نقش ڏنا اهي بيشڪ ساراهه جوڳا آهن. هنن هنر، فن ۽ سائنس جي سوين شعبن ۾ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي هزارين لفظن سان مهڪايو ۽ تحرير (لکيت) وسيلي سنڀالي رکيو. يوناني سڀيتا جي تباهيءَ سان گڏ علم ۽ ادب جو مرڪز هڪ ڀيرو وري عرب ۽ فارس جي ڌرتيءَ ڏانهن موٽيو. چيني سڀيتا پنهنجي سونهن برقرار رکندي پئي آئي جڏهن ته اڻڄاتل دنيا (اتر اميريڪا کنڊ ۽ ڏکڻ اميريڪا کنڊ) ۾ پڻ مايا جھڙين سڀيتائين چلڪاٽ پئي ڪيا. هڪ ڀيرو وري يورپ جي اونداهي ڇٽڻ لڳي ۽ هنر، فن، فلسفي، سائنس ۽ سڀيتا جي نئين ٻهڪار ڦٽي پئي. هاڻي باقاعدي شعوري ڪوشش ڪري ٻوليءَ کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جو ڪم شروع ٿي ويو ۽ سڀ قسم جون لکڻيون عام ماڻهن تائين به پهچڻ لڳيون.

انسائيڪلوپيڊيا

اڄوڪيءَ دنيا وٽ علم ادب هزارين روپن ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي. فلسفو، ادب، فن ۽ هنر ۽ سائنسون __ قدرتي سائنسون __ سماجي سائنسون، ___ طبي سائنسون، هنري سائنسون، انتظامي سائنسون، جنگي سائنسون، انگي سائنسون وغيره ۽ هر شعبي جا ڪيترائي ٿُــڙُ، هر ٿــڙ جون سوين ٽارين جن ۾ وري سوين مکڙيون ۽ پن، گل، ۽ گونچ ۽ ميوا موجود، سونَ مٿان سهاڳو وري هيءُ جو ان قسم جي لڳ ڀڳ هـرَ گل، ميوي، ٿــڙ، پاڙ، ٽاريءَ ۽ پن تي سوين ڪتاب لکجي چڪا آهن.

ايترين، سوين هزار علمي نعمتن جي وَٽَ وٺڻ ۽ چشڪو چکڻ هر ماڻهوءَ لاءِ رڳو ان ڪري ممڪن ناهي جو هر ماڻهو هر شعبي جي مناسب ڄاڻ پرائڻ لاءِ گھڻن ئي ڪتابن تائين پهچي ڪو نه ٿو سگھي. ماڻهن جي علمي سمجھ وڌائڻ جي سِڪ ۽ سَــڌَ رکندڙ ڏاهن ان جو حل ائين ڳولي ڪڍيو ته ڪو اهڙو ڪتاب جوڙجي جنهن ۾ علم ادب جي هر شعبي جو ست سمايل هجي. انهيءَ گھڻيءَ ڄاڻ واري موتين _ مالها ۽ گھڻ شاخي هيري کاڻ جو نالو آهي انسائيڪلو پيڊيا.

انسائيڪلوپيڊيا يوناني لفظ اينسائيڪلوپيڊيا (ENKYKLOPAEDIA) جو انگريزي اچار آهي. اينسائيڪلوپيڊيا جو مطلب آهي گھيرو (گول، دائرو) يا تعليم (ڄاڻ، سکيا). جو مڪمل سرشتو يعني سڀ طرفي ڄاڻ.

پهريَـن انسائيڪلوپيڊيائن کي وسيع پيماني تي سادي سِڌي نموني ڊڪشنري (لغت، ٻولَسُڌ) سڏيو پئي ويو يا وري سرهائي جو باغ، جڏهن پهريون ڀيرو جرئت ڪري اسڪالش نالي ماڻهوءَ انسائيڪلوپيڊيا لفظ ڪم آندو تڏهن ان کي گھڻي ڀليڪار نه ملي تان جو ڊيِنس ڊائڊروٽ ان کي تاريخي حيثيت وارو فرينچ انسائيڪلوپيڊيا لکي عام جام ڪيو. انسائيڪلوپيڊيا جي متبادل طور هڪ لفظ سائيڪلو پيڊيا به ڪم ايندو ۽ قابل قبول ٿيندو رهيو آهي،

انسائيڪلوپيڊيا لفظ جي معنى ۾ به تاريخي اوسر سان گڏ تبديلي ايندي رهي آهي. اڄوڪا گھڻا ماڻهو انسائيڪلوپيڊيا کي سموري ميسر ڄاڻ جو گھڻ جُـلدي ميڙ (مچو) سمجھن ٿا جنهن کي نقشن ۽ تفصيلي پنوتريءَ سان گڏوگڏ ڪتابِسُــڌَن (ببليو گرافيز)، تصويرن، خاڪن، ننڍاڙن (تخفيفن) ۽ پرڏيهي محاورن (اصطلاحن)، ڏيهه سُڌن (گزيٽيئرز) ۽ اهڙي ٻين شين سان سڌارو ويو هجي.

اڄ به هڪ جديد انسائيڪلوپيڊيا کي هڪ ڊڪشنري (لغت، ٻولَسُڌ) سڏي سگھي ٿو پر ڪنهن به ڊڪشنريءَ، تان جو سٺي ڊڪشنريءَ کي به اڃا سوڌو انسائيڪلوپيڊيا نه سڏيو ويو آهي.

انسائيڪلوپيڊيا جي ٿوري تاريخ

انسائيڪلوپيڊيا جي تاريخ لڳ ڀڳ 2_هزار ورهيه پراڻي آهي پر انسائيڪلوپيڊيا جو جديد روپ ڪي 5_سَـؤ سال کن اڳ نروار ٿيڻ شروع ٿيو.

انسائيڪلوپيڊيا جا اُهڃاڻ اوڀر (مشرق) ۾ اولهه (مغرب) کان وڌيڪ آڳاٽا سمجھيا وڃن ٿا.

پهرين انسائيڪلوپيڊيا جو ڏس پتو چين ۾ ملي ٿو جيڪو 2_هزار ورهيه کن اڳ لکيو ويو ۽ پوءِ ان کي نت نئون ٺاهڻ بدران جھڙوڪر ساڳيو ئي ورجائبو پئي رهيو. ان جي جوڙجڪ ۾ نمايان  اڪابرن حصو ورتو پر پوءِ به اهو ڄڻڪ چونڊ ادبي تخليقن جو ڳٽڪو هو ۽ منجھس ڪجھ عنصر ڊڪشنري (لغت، ٻولسڌ) جھڙو هو. ان جو گھڻي ۾ گھڻو واهپو انتظامي معاملن لاءِ شهري عهديدار تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٿيو. پهرين ڄاتل چيني انسائيڪلوپيڊيا هُئانگ __ ئن (شهنشاه جو آئينو) شهنشاه جي حڪم تي 220ع ڌاري تيار ڪيو ويو. ان جو ڪو به حصو ڪونه ٿو ملي. 600ع ۾ تيار ڪيل پائين _ چــوُ (ادبي موتين مالها، ادب جا پويل موتي) جو ڪجھ حصو اڄ به ملي ٿَــوَ.  620ع ۾ 100 بابن ۽ 47 حصن ۾ ورهايل آءِ _ وين لِــئِي_چُـو (فن ۽ ادب جو جھڳٽو) اوُ_ يانگ هُسوُنِ تيار ڪيو. انهن کان پوءِ پِئيِ_تانگ شُ _ چاو (ڪتابن جو سَتُ)، چوُــ هُسُئيه چِي (تعليمي سکيا ۾ داخلا) ۽ توُنگ _ تائين _ (ذهين پتلا) جڙي راس ٿيا. تــوُنگ __ تائين کي وين هسِيئنِ تُــنگ ڪاؤ (ادبي بچتن جو عام اڀياس) وسيلي زبردست واڌ ڏني وئي ۽ اهو سوين ويس پهريندو ۽ بدلائيندو نئين زماني جون نيون شيون جذب ڪندو لُـو اَره_ڪــوُئِي جي تخليق تزوُ _يُـئانِ جي نالي سان 1915ع ۾ پڌرو ٿيو جنهن کي 1931ع ۾ اڃا به وڌايو ويو. دنيا ۾ شايد سڀ کان وڏو انسائيڪلوپيڊيا يُـنگ _لو _ تا _ تيئنِ (مهان ڪتاب) هو جيڪو پندرهين صديءَ جي منڍ ۾ ظاهر ڪيو ويو. نڀاڳ چَـئجي جو ان جي 22 _ هزار 9 _ سَـو 37 _ بابن مان ٿورو حصو ئي زماني جي لاهين چاڙهين کان بچي سگھيو. ڪيترائي ٻيا ننڍا ننڍا انسائيڪلوپيڊيا ڇپيا پر ڪارائتو وري سَ ين توسائي تــوُ _ هُــئِــي (7. 16) هو جيڪو هيو ته ننڍو پر تصويرن سان سينگاريل هو.

افلاطون جي ڀائٽي، سپيو سيپس (مرڻو 338 _ 339ع ق.م) جي لکت جا ڪجھ ٽُڪرا ئي بچي سگھيا آهن جيڪي يورپ ۾ لکيل پهرين انسائيڪلوپيڊيا جو حصو ڳڻيا وڃن ٿا. سپيو سيپس قدرتي تاري، مئٿميٽڪس (انگ + اڀياس = انگڀياس)، فلسفي ۽ ٻين موضوعن تي پنهنجي چاچي جي خيالن کي لکڻي وسيلي ظاهر ڪيو. ارسطو جا لائسيمَ ۾ مختلف موضوعن تي ليڪچر پڻ اثرائتا هئا. افلاطون ۽ ارسطو ئي انسائيڪلو پيڊيا، ذهين ثقافتي پس منظر کي اجاگر ڪندڙ ڪتاب، جو پايو وجھندڙ ثابت ٿيا.

ڪيٽو دي سينسَر کي روم ۾ پنهنجي پٽ کي نصيحت (لڳ ڀڳ 183 ق. م) نالي خَـطن لکڻ ڪري انسائيڪلوپيڊيا جي پهرين ليکڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. انهن خطن ۾ زندگي گذارڻ ۽ ماڻهن جي رهنمائي ڪرڻ بابت زبري ڄاڻ ملي ٿي. هاڻي اهي خط اڻلڀ آهن. ان کان پوءِ هڪ ملهائتي ڪوشش هڪ اڪابر اطالوي ليکڪ مارڪَس ٽيرينشس پنهنجن ڊسيپِليناريَـم ليبري 9 _ (تعليمي سکيا جا نَــوَ ڪتاب)، يُن جا يادگار قَاعدا، الوهي ۽ انساني  ۽ سوچون (خيال) نالي ڪتابن ۾ فن، انساني ڪاوشن ۽ رومي ماڻهن جي زندگين تي روشني وڌل هئي. پر سڀني کان اهم ليک پِلاِئني جو هسٽَريا نيچرلَس (قدرت جي تاريخ) آهي جنهن ۾ ڄاڻ کي درجي بند ڪري ڳٽڪن جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

رَئيبَـنَـس مارَس (ڄَمُ، لڳ ڀڳ 776، مرڻو 856ع)، جيڪو انگريز عالم الڪُوئِن جو لائق شاگرد هو، جي ڪتاب ڊِي يونيورسو (سنسار بابت) ڊگھي ناماچاري ماڻي ۽ وچين دور ۾ اثرائتو رهيو. ان کان پوءِ ڪيتريون ئي ٻيون ڪوششون به ڪتابي صورت ۾ پڌريون ٿيون. ڊيِ او مينيفاريا ڊاڪٽرينا (ڀانت ڀانت جا نظريا) انساني ۽ سائنسي ڄاڻ بابت سوالن ۽ جوابن جي صورت ۾ لکيل هو. هنن ئي ڏينهن ۾ ڌرمي ڇاپ کان آجي ۽ وَڏ ــ شهري (ميٽرو پوليٽن) تعليم ۽ ڄاڻ لاءِ سِڪ وڌي رهي هئي. هَگ آف سينٽ _ وڪٽر (ڄم، شايد 1096 _مرڻو 1141ع ) پنهنجو ڊِڊا سڪيليَـن، جنهن ۾ علمي معاملن سان گڏوگڏ آجن فَـنَــن (لبرل آرٽس) تي وڌَيڪ ڌيان ڏنل هو، ڄاڻ جي زبردست درجي بندي تي مضبوطي سان بيهاريو. ان ايندڙ انسائيڪلو پيڊيائن تي پنهنجو سٺو اثر ڇڏيو. لڳ ڀڳ انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ انسائيڪلو پيڊيائي ڊڪشنري جنهن کي سُئداس سڏجي ٿو، الف ــ ب وار ترتيب ڏنل مواد سان ظاهر ٿي پراڻين روايتن کي ڀڃي ڇڏيو. ان ۾ اهڙي ته زبري ڄاڻ ڏنل هئي جو ايندڙ صدين ۾ اهو هڪ اهم وسيلي طور پنهنجي حيثيت برقرار رکي سگھيو. پر وچين دور ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان ۽ لاڀائتو ونسينٽ آف بيووائسِ جو اسپيڪيولم ميجس (وڏو آئينو) ثابت ٿيو. هيءَ لکيت 10 _ هزار بابَن تي پکڙيل 80 __ــ ڪتابن ۾ سهيڙيل هئي. وِنسينٽ بنيادي طرح ليکڪ ڪو نه هو پر سندس اورچ ڪشالو لاڀائتو ثابت ٿيو. قَد بت ۾ هن کان وڏو ڪتاب 18 _ صدي جي وچ تائين پڌرو نه ٿي سگھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com