سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا

باب: --

صفحو :12

15. مرڪب ۽ ٻٽا لفظ

گراف (Graph) جي بدران ڊاڪٽر قاضي صاحب جو ”نگار“ لفظ ڪم آندو آهي: برق نگار، طيف نگار، طريق نگار ۽ هوانگار.

ان اصول موجب ”فوٽوگراف“ لاءِ مناسب متبادل ٿيندو ”روشن نگار“ يا ”روشني نگار“ ۽ ”آٽوگراف“ لاءِ ”خودنگار“. ساڳيءَ طرح ”ڪئليگرافي“ لاءِ ”خوشخط نگاري“ ۽ ”جاگرافي“ لاءِ ”زمين نگاري“ ۽ ”جاگرافڪ“ يا ”جاگرافيڪل“ لاءِ ”زمين نگاري وارو“ مقرر ڪرڻا پوندا.

”گراف پيپر“ چورس خانن واري پني کي چئجي ٿو، ۽ ”گراف“ جي اصولي معنيٰ آهي، ليڪ يا ليڪن وارو خاڪو جيڪو (پرک هيٺ شيءِ/ عمل جي ) لاهه چاڙهه (گھڻا وڌيَ يا اڳَ ۽ پوءِ هجڻ) کي ظاهر ڪري.

سنڌي ۾، پنهنجيءَ ڄاڻ آهر سمجھان ٿو ته ”گراف“ جي متبادل طور (1) ڪجھ لفظن پويان ”گراف“ ئي رکڻو پوندو، (2) ڪجھ لفظن پويان ”سڌُ“ رکي سگھبو ۽ (3) ڪجھ لفظن پويان ”ليک،“ ”لِيڪ“ يا ڪا اهڙي پڇاڙي جيڪا ”ليک“ يا ”ليڪ“ بدران ڪم آڻي سگھجي (ٽيليگراف ۾ اهو لفظ گراف هڪ قسم جي مشينري جي نمائندگي ڪري ٿو).

ڪو دوست سوال پڇي سگھي ٿو ته ”بايوگرافي“ بدران ”جيانگاري“ ۽ ”آٽو بايوگرافي“ جي بدران ”خود جيانگاري“ ڇو ڪم نه ٿا آڻي سگھجن؟

جواب ۾ چئي سگھجي ٿو ته ”نگار“ ۽ ”نگاري“ ڪم آڻڻ جي ڪري اسان کي بايو گرافيڪل، بايو گرافر، آٽو بايوگرافيڪل ۽ اهڙن ٻين سڀني لفظن لاءِ جيڪي متبادل ايندا اهي خود لفظ ۽ جملي جي بناوت، سهنجائي ۽ ترنم کي ٽوڙي ڇڏيندا.

”جاگرافي“ هاڻي زمين جي خاڪن ۽ لِيڪن تائين محدود رهندڙ عام ڄاڻ کان مٿي چڙهي هڪ باقاعدي سائنس ٿي چڪو آهي جيڪا ڌرتيءَ جي مٿاڇري، ان جي صورتن ۽ علائقن ۽ (هر قسم جي) آباديءَ، اپت، موسم/ آبهوا وغيره جو اڀياس ڪري ٿي. تنهنڪري، ان قسم جي ”گرافي“ لاءِ مون کي وڌيڪ مناسب ۽ موزون لفظ ”سڌ ڀانئجي ٿو:

ڀوُسڌُ، ڌرسڌُ                   Geopgraphy

ڀوُسُڌي، ڌرسڌي                       Geographical,Geographic

ڀوسڌَير، ڌرسڌير                        Geographer

”__ Geo“ اڳياڙي ڀُو، ڀوُن، ڀوءِ، ”ڀوم“، ”ڀومي“، ڌر، ڌرت، ڌرتي، زمين جي نمائندگي ڪري ٿي. سنڌي ۾ ان جي بدران ”ڀُو“ يا ”ڌَر“ جھڙا بنيادي لفظن ڪم آڻي سگھجن ٿا.

ڀوڄاڻ، ڀوڀياس، ڌرڄاڻ، ڌرڀياس               Geology

ڀوڄاڻڪ، ڌرڀياسڪ، ڀوڀياسڪ  ڌرڀياسڪ    Geologist

ڀوڄاڻي، ڀوڀياسي، ڌرڄاڻي، ڌرڀياسي Gelogical ۽

ڀوماپ                 Geometry

ڀُوماڄاڻڪ     Geometrician ۽

ڀوماپي Geometrical وري ان علم لاءِ ڪم آڻي سگھجي ٿو جيڪو ڪنهن زماني  ۾ رڳو ڌرتيءَ جي ڪنهن ٽڪري جي ڪڇ، ماپ، ڪاڇي، ماپي سان واسطيدار هو ۽ هاڻي رچجي ”ليڪن، ڪُنڊن ۽ مٿاڇرن جي گڻن ۽ ناتن جي سڄاڻ“ بنجي چڪو آهي (يا ليِڪُنڊ ڄاڻ، ليڪنڊ ڄاڻڪ، ليڪنڊ ڄاڻي).

وڻ ٽڻ، ماڻهو مِرون، جيت جناور، ڀاڙو ڀتو، پيار پريت، ڪرڙ ڪانڊيرو، ميٺ محبت، سُڌ سماءُ، خَير خبر ۽ اهڙا ٻيا سوين لفظ سنڌي ۾ عام مروج آهن. انهن کي عام طرح ٻٽا لفظ چيو ويندو آهي. اهي مرڪب لفظ آهن ۽ هر لفظ کي هڪ معنيٰ آهي.

ٻٽي لفظ سان عام طرح اهو تصور وابسطه رکيو ويندو آهي ته ان جي پهرين لفظ جي ته هڪ معنيٰ آهي پر ٻي حصي جي ڪا به معنيٰ ناهي، جيئن ”وڻ ٽڻ“ ۾ ”وڻ“ جي ته معنيٰ آهي پر ”ٽڻ“ جو ڪو به مطلب ناهي، اهو اجايو/ غير ضروري آهي ۽ لفظ کي رڳو شاعراڻو مزاج ڏي ٿو. آءٌ ان سان اختلاف رکندڙ مان آهيان پر هتي ان تي بحث ڪرڻ بدران ”ڏيک“ سان گڏ ايندڙ لفظ ”ويک“ (ڏيک ويک) کي انگريزي ۾ ڪم ايندڙ لفظ ”اسڪوپ“ (scope) جي بدران ڪم آڻڻ گھران ٿو.

”اسڪوپ“ جي متبادل طور اي. ٽي. شاهاڻيءَ ”جاءِ، مقصد، آزادي، گنجائش ۽ ميدان“ لفظ ڪم آندا آهن. آڪسفورڊ لرنرس (Learner`s ( ڊڪشنري ۾ opportunity (وَجھ، موقعو، سُجھ)، outlet (نيڪال، رستو) ۽ Range of action or observation (عمل يا مشاهدي جي پهچ، حد، دائرو) معنائون ڏنل آهن. ويک، ويکڻ، ويکنا (ڏٺ، ڏسڻ، ڌٺائي) کي جيڪو ڪجھ ڏسي، جاچي سگھجي جي معنيٰ ۾ ڪم آڻجي ته ”اسڪوپ“ جي متبادل طور آڻي سگھجي ٿو.

پٿويک (پٿ+ ويک)          Microscope (پٿيک)

پٿويکي                     Microscopical,microscopi (پٿيکي)

    پٿويکپ                    Microscopy (پيٿکپ)

پِٿ                                     Micro

پِٿوج (Microbe)، ننڍڙو، ذرڙو جيو/ جئڏ جيڪو رڳو پٿويک (پٿيک) جي مدد سان ڏسي سگھجي. بئڪٽيريا جا مخلتف قسم.

پٿوجي (Microbial)، پٿوج سان واسطيدار

پٿو جيا ڄاڻ (Microbiology)، پٿ ___ جِيوَ جو اڀياس= پٿوجياڀياس.

پٿوجياڄاڻڪ، پٿوجياسڪ     Microbiologist

پٿو جيا ڄاڻي، پٿو جيا ڀياسي   Microbiologcal

پٿ __ــ ڪمپوٽر            (Micro computer)

پٿوس (Micro-cosm)، ڪنهن به شيءِ (خاص ڪري، ماڻهو بابت اڳوڻن فلاسفرن سمجھيو پئي ته ان) انسانذات يا سنسار جي نمائندگي پئي ڪئي.

پٿ ___ فلم (Microfilm)

پٿ __ــ ميٽر (Micrometer) ميٽر جو ڏهه ___ لکون حصو. ”پٿماپر“ (هڪ اوزار).

پِٿم (Micron)، ڊيگھ ماپڻ جو هڪ ايڪو (unit)، ان جو نشان ”م“ (m) آهي ۽ ميٽر جي ڏهين لکين حصي جيترو ٿئي ٿو.

پٿجِئڏ (پٿوگَ) (Micro-organism)، هڪ جئڏ ايترو ننڍڙو جو رڳو پٿيک (پٿويکَ) وسيلي ڏسي سگھجي.

پٿ ___ ٻولڪ (Micro-phone

پٿ _ لهر (Micro-wave)

پٿوٽ (Microdot)، فوٽو گراف جيڪو هڪ نقطي جيترو ننڍوڪيو ويو هجي.

پرويک Telescope (پَريک)

پرويکي Teloscopic (پريکي)

پرويکپ Telescopy (پريکپ)

Tele (ٽيلي) هڪ اڳياڙي آهي. پَر، پَري، پَريون، پرينءَ، پرانهون، پرڏيهه، پرديس، پرمار، پروڪو، پريوگ، پرلوڪ جھڙن سڀني لفظن ۾ ”پر“بلڪل اها ساڳي معنيٰ ڏي ٿي جيڪا ”انگريزي“ اڳياڙي

Tele“ ڏي ٿي.

Tele communication

Tele-gram                    پرنياپ، ”تارَ“

Telegraph                     (پرسُڌاَرڪ، پرسُڌڪ)

Telepost                      پرچوُنڪيِ

Tele-lone

Telegrapher                  پرسڌيَر

Telegraphic                  پرسُڌي

Telepole                              پرٿنڀ

Tele wire

Telegraphese           پرسُڌوڪي (پرنياپن ۾ ڪم ايندڙ ٻولي)

Telegraphisty                پرسُڌيڪ/ پرسَڌيَر

Telegrapy             پرسُڌ

 

Tele metry پرماپ (هڪ پرانهين پنڌ کان پاڻمرادي ”نشريات“ ۽ ڄاڻوڪي جي ماپ، عام طرح ريڊيو وسيلي).

Teleology

Teleologist

Teleological

Telepathy                     پرچتڄاڻ (پرچتگيان)

Telepathic            پرچتڄاڻي، پرچيتي

Telepathist           پرچتڄاڻڪ

Telephone      پرڳال (پرڳالهه) ”پر پرڳالڻ“ فعل ۾ ”پر ڳالڪ“ اسم

Telephony            پرڳالڄاڻ

Telephotolens

Telephotograph             

Teleprintet           پرڇاپڪ

Teleprompter                 پريادڪ

Telescope            پريک/پرويک

Telescopic            پريکي/ پرويکي

Radio-telescope              ريڊيو پرويک/ ريڊيو پريکي

Tele-type-writer          پرٽائيپ __ــ ليکاري/ پرٽائيپ __ پريکي

Televiosn             پرڏٺاڪَ

Televise                      پرڏٺاڪڻ

Telelx                 پرڇاپارڪِ (پرڇاپڪ سرشتو)

Telefax                       پرڇاپَ

 

لهرويک                       Osciloscope (لهريک)

لهرويکر                        Osciloscopic (لهريکي)

لهرويکپ                       Ociloscopy (لهريکپ)

سيني ويک/ سيِنيک       Stethoscope

سيني ويکي/ سيِنيکي        Stethoscopic

سيني ويکپ/ سينيکپ       Stethoscopy

؟                       Cystoscope

نڙي _ ويک           Laryngoscope

نڙ گھٽ ويک         Pharyngscope

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com