سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا

باب: --

صفحو :11

انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي پڇاڙين کي ذهن ۾ رکي هزارين اصطلاح ترتيب ڏئي سگھجن ٿا. عام طرح، هر اڳياڙي ڪنهن نه ڪنهن لفظ جو اڳيون حصو ۽ هر پڇاڙي ڪنهن نه ڪنهن لفظ جو پٺيون حصو آهي ۽ وچاڙي، ڪانه ڪا اهڙي پڇاڙي آهي جنهن کانپوءِ ان لفظ ۾ وڌيڪ پڇاڙيءَ اچي ان کي وچاڙي ٺاهي ڇڏيو آهي. گھرج آهر سوين اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ٺاهي سگھجن ٿيون، رڳو ڄاڻ ۽ سگھڙائپ هجي.

12. اکرن ۾ اسرارَ عجيب

هر هڪ لفظ هيري __ــ کاڻ جي عنوان سان هڪ مضمون لکيم، هڪ رسالي جي ” مددگار ايڊيٽر“ پنهنجي رسالي ۾ ڇپڻ لاءِ زوريءَ کڻي ورتو ۽ گم ڪيو. ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي عبرت مئگزين  ۾ ڇپڻ لاءِ کنئي وئي ۽ چيو ويو ته ڊسمبر 1993 جي پهرين تاريخ ڇپجي ايندو __ــ فهرست ۾ مضمون جو عنوان ڇپيو ۽ اندر مضمون اڻلڀ! (اهو مضمون ڪينجھر ۾ مارچ 1994ع ۾ ڇپيو).

هڪ اکرا لفظ نالي مضمون تيار ڪيو اٿم. ايٽم جيان  هر هڪ لفظ ۾ به هڪ اسرارن ڀري دنيا لڪل آهي. توهان کان جيڪڏهن پڇجي ته سوگھائي، سوگھارو، سوگھاڻ، سوگھو، سگھائجڻ، سگھائتو، سگھاتو، سگھائي، سگھرو، سگھت، سگھڻ سگھو ۾ بنيادي لفظ ڪهڙو؟ سمجھان ٿو ته اوهين هڪدم چوندا، ”سگھ“. وري جي پڇجي ته آگھائپ، آگھائي، آگِھي ۽ آگھو ۾ بنيادي لفظ ڪهڙو؟ ___ ”اگھ“

سگھ معنيٰ سٺي يا گھڻي طاقت، زور، ٻل ۽

آگھ معنيٰ هيڻائي يا طاقت، زور، ٻل جي اڻهوند، ته

اصل لفظ ٿيندو گھ، جيڪا گھاتُ، گھاتَڪ، گھاتوُ وغيره لفظن ۾ پڻ پنهنجي معنيٰ ۽ حقيقت کي چٽيءَ طرح ظاهر ڪري ٿي. طاقت جي معنيٰ رکندڙ هڪ آواز _ گھ _ هڪ مڪمل لفظ آهي ۽ هڪ اکر وسيلي لکجي ظاهر ٿئي ٿو ۽ ايٽم جيان هڪ مڪمل وجود رکڻ باوجود اڪيلي صورت ۾ نه ٿو لڀي. جيئن ايٽم اها بنيادي ”سِر“ آهي جنهن وسيلي سڄي ڪائنات اڏجي ٿي تيئن ڳالهائڻ جو ”آواز“ (۽ لکت جو ”اکر“) اها بنيادي سر آهي جنهن وسيلي سڄي ٻولي جُڙي ٿي. ٿي سگھي ٿو ته موهن دڙي/ مَهن دڙي جون مهرون پڙهڻ لاءِ اهو طريقو هڪ ڪُنجي ثابت ٿئي.

مٿي ڏنل لفظن تي ڌيان ڏئي ڏسي سگھون ٿا ته ڪيئن هڪ لفظ ٻيا ڪيترائي لفظ ٺاهي ٿو. اسان جا عالم، اڪابر ۽ سگھڙ جيڪڏهن آوازن، اکرن ۽ لفظن ۽ انهن جي هر هڪ اڳياڙي ۽ پڇاڙيءَ تي ڌيان ڏين ۽ انهن جا قدر مقرر ڪن ته ڪو سبب ناهي جو ٺيٺ سنڌي طريقي سان سوين/ هزارين لفظ ۽ اصطلاح نه ٺاهي سگھون.

هڪ لفظ جون ڪيئي معنائون ٿين ٿيون ۽ هڪ مطلب کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪيئي لفظ ٿين ٿا. سنڌي توڙي دنيا جي ٻين ٻولين ۾ اهڙا سوين مثال موجود آهن.

ان هوندي به، هر ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ محسوس ٿا ڪن ته وٽن ڪيترن ئي مامرن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ لفظن کوٽ آهي.

13. ”انگريزي“ هڪ کُٽل ٻولي

سياست ڪندڙ ۽ سياست ڄاڻندڙ ۾ فرق آهي. اهڙيءَ طرح ڪنهن به علم جي ڄاڻندڙ ۽ واسطيدار علم  جي سيکڙاٽ ۾ فرق آهي. صنعت ٺاهيندڙ ۽ صنعت هلائيندڙ جي وچ ۾ فرق آهي پر انهن لاءِ اهڙا لفظ موجود ناهن جو اهو لفظ ڳالهائڻ يا پڙهڻ سان سمجھي سگھجي ته اهو ڪنهن لاءِ. مثال طور، ”زوُلاجِسٽ“ توڻي جو عام طرح ان علم جي ماهر، ڄاڻڪ لاءِ ڪم ايندو آهي پر ان علم جي سيکڙاٽ/ شاگرد/ پاٺڪ لاءِ به اهوئي لفظ ڪم ايندو. بيشڪ، انگريزي ۾ اصطلاحي مواد تمام گھڻو آهي، ان هوندي به اها کٽل آهي.

”زولاجي“ جي بدران، جيڪڏهن، پسوُڄاڻ/پسو ڀياسڪ (۽ اهڙو ٻيو هر اصطلاح) قبول ڪيو وڃي ته ”پسو ڄاڻڪ“ ماهر لاءِ ۽ ”پسوڀياڪ“ شاگرد/ سکندڙ لاءِ مخصوص  ڪري سگھجي ٿو.

Ethics ايٿڪس= لڇڻڄاڻ/لڇڀياس) جو متبادل عام طرح ”اخلاقيات“ ڏنو وڃي ٿو (ڊاڪٽر قاضي صاحب جن شايد ”علم اخلاق“ وڌيڪ پسند ڪن) جڏهن ته Ethical جو  جو متبادل ”اخلاقيات بابت“ يا ”اخلاق بابت“ نه پر ”اخلاقي“ (”اخلاق جو“ يا ”اخلاق سان واسطيدار“)  ڪيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ ايٿيڪل جا ٻه مفهوم آهن ۽ سنڌي ۾ اهي ٻئي ڌار ڌار ڏئي سگھجن ٿا، يعني ”لڇڻائي“ يا ”لڇڻي“ ۽ لڇڻڄاڻي/ لڇڻڀياسي ___ اخلاقي (اخلاق سان واسطيدار ) ۽ ”اخلاقياتي“ (اخلاقيات سان واسطيدار).

اهڙيءَ طرح، ”بائالاجيڪل“ جا به ٻه متبادل ڏئي سگھجن ٿا يعني جياڄاڻي/ جيا ڀياسي (جياڄاڻ سان واسطيدار) ۽ جيائاڻي (توڻي جو هن ۾ ساڳي ئي معنيٰ لڪل آهي پر ”جيوت رکندڙ شيءِ“ سان واسطيدار به).

پر اهو لازمي شرط ناهي ته هر حالت ۾ ”al _“ پڇاڙي  لاڳاپيل لفظ جون ٻه معنائون ظاهر ڪري، جيئن بئڪٽيريل )جيوڙائي/ جئڏائي) جي هڪ معنيٰ آهي ۽ بئڪٽيريالاجيڪ (جيوڙ ڄاڻي/ جيوڙڀياسي يا جئڏڄاڻي/ جئڏڀياسي) جي به هڪ معنيٰ آهي.

ان ڪري سنڌي متبادل مقرر ڪرڻ وقت اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي ئي پوندي ته ڪهڙي اصطلاح ۽ ان جي پڇاڙي ڪهڙي هنڌ ڪهڙي معنيٰ ظاهر ڪري ٿي.

14 . ”بصر وانگر بابت“!

ڊاڪٽر قاضي صاحب جن ”ose _“ پڇاڙي لاءِ سڄو لفظ ”جيان“مقرر ڪندي ”بصر جيان“ (adenose)، ”داڻي جيان“ (Glebulose)، ”ماناري جيان“ (favose) ۽ ”ميوي جيان“ (fruiticsoe ) متبادل آندا آهن.

بصر جيان  سنهڙيون پاڙون رکندڙ.

ميوي جيان مٺو ۽ مزيدار.

موتي جي داڻي جيان چمڪدار.

ماناري جيان هن گھر جا ڪمرا به ڇهه ڪُنڊا آهن.

ليڪ ڏنل لفظن بدران ڇا اهي لفظ ڪم آڻي سگھبا جن بدران اهي لفظ ڊاڪٽر قاضي  صاحب جن مقرر ڪيا آهن ۽ ڇا هيٺ ڏنل جملن ۾ ليڪ ڏنل لفظن بدران سندن مقرر ڪيل لفظ ڪم آڻي سگھبا ؟

_ It seems like an adenose.

_ Fruiticose is availed from fruits.

__ Glebulose is not a chemical.

__ What is favose?

ڊاڪٽر قاضي صاحب جن جي ڄاڻايل متبادل موجب مٿي ڏنل سنڌي جملن کي انگريزي ۾ ۽ انگريزي جملن کي سنڌي ۾ الٿو ڪرڻ سان ماڻهو عجيب ڪيفيت ۾ ڦاسيو وڃي. اصطلاح جوڙڻ مهل بنيادي لفظ ۽ ان جي مدد سان ٺهندڙ ٻين اصطلاحن تي گھربل ڌيان نه ڏيڻ سان گڏ پڇاڙيءَ جو قيدي بنائڻ ڪري ڊاڪٽر قاضي صاحب جن جي گھڻن ئي اصطلاحن کي انصاف پلئه وجھڻ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪي متبادل ته مورڳو کل جوڳا ٿي پيا آهن جيئن ”بصر جيان“ جيڪو adenose جي متبادل طور ڪم آندو ويو آهي.

Aden هڪ يوناني لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ آهي ”غدود“/ گٿُ. ”ايڊينوز“ معنيٰ ”غدود سان واسطيدار“ يا غدود جو/جي يا غدود وارو/واري __”گٿوئي“. هيٺ ڪجھ اهڙا لفظ ڏجن ٿا جن ۾ ايڊين (aden) بنيادي لفظ آهي:

Aden= gland                         گُث، گٿو (غدود) ايڊِين)

Adenose (pertaning to aden or gland)     گٿوئِي

Adenoid (Aden=gland+eidos=from)       گٿول

Adenoma (....+oma=raw flesh)     گٿوسو (گٿ + اسو = ماس

جي ڳوڙهي)

Adenitis (Aden+it is=inflammation))     گٿام (....+ کام=

ساڙو، پاچ)

(Adenectomy (....+ektome=excision)     گٿواڍ (گٿ+ واڍ= وڍڻ

جو عمل )

Adenovirus(...+virus=poison).   ..........

Adenomyoma(....+myos+muscle+...)     گٿماسو(....+ماس+

اسو)

Adenopathy(...+pathos=disease)           گٿروڳ (....+روڳ= مرض،

                                                        بيماري)

Adenotonsillectomy(...+tonsil+…)      گٿڪَليواڍ (...+ ڪَلي، ڪَليون+....)

Adenofibroma(+...fibret+…)              گٿنادسو (...+تاندورو+....)

Adenocarcinoma(…+Karkinos+…)    گٿڳڙاسو (...+ ڳڙُ+...)

Adenoidectomy(aden+eidos+ ektome)    گٿولواڍ

Adenosins disucphatie

ader“ جو متبادل ”بصر“ ۽ adenose جو ”بصر جيان“ مقرر ڪرڻ بابت هاڻي ڪهڙو خيال آهي؟

Adenoid“ جو متبادل، ڊاڪٽر قاضي صاحب جن جي رٿيل طريقي موجب ”بصر وانگر“ ٿيندو ڇو ته پاڻ odontoid (ڏند وانگر)،  ovoid (بيضي وانگر)، Anthropoid (بشر وانگر) ۽ thanatoid (زهر وانگر) پيش ڪيا اٿائون. ان ڪري ”Adenoidal“ جي متبادل طور ”بصر وانگر بابت“ آڻڻو پوندو!

”انگريزي“      ڊاڪٽر قاضي موجب  ليکڪ پاران

_______________________________________________

Odontoid         ڏند وانگر           ڏنديل، ڏندَسرو، ڏندير

Ovoid           بيضي وانگر        آنول، آنَسرو، آنيل

Australoid     آسٽريليائي وانگر     آسٽريلسرو

Cauosoid      ڪُؤڪا سري وانگر    ڪؤڪاسرو

Congoid       ڪانگوئي وانگر       ڪانگول، ڪانگوسرو

Capoid       ڪَئپوئي وانگر         ڪئپول، ڪئپوسرو

Mongoloid   منگول وانگر          منگولسرو

Negroid     حَبشي وانگر          حَبشول

Anthropoid   بشر وانگر           مانسول مانسرو

                                    (مانس + سرو)

                  (سُرو؟ جيئن ”ڪارسرو“، ڳاڙهسرو .....)

________________________________________________

Anthropology                         مانسڄاڻ، مانسڀياس

Anthroplogist                 مانسڄاڻڪ، مانسڀياسڪ

Anthropological                      مانسڄاڻي، مانسڀياسي

Anthropmorphology مانسروپڄاڻ، مانسروپڀياس

Anthropmorphologist    مانسروپڄاڻڪ، مانسروپڀياسڪ

Anthropmorpholoogical   مانسروپڄاڻي، مانسروپپڀاس

Thanatoid

Thanatology

Thanatologist

Thanatogical

Thanatoid جي معنيٰ اي. اٽي. شاهاڻيءَ  ”ظاهري مُئل جو مئل ڏسڻ  ۾ اچي“ ڪئي آهي. Thanatose (۾ توڻي جو پڇاڙي ”ose _“ آهي پر ان ) جي معنيٰ آهي ”موت“. ان ڪري ٿئنيٽولاجي جو متبادل ٿيندو موتَڄاڻ، موتڀياس ___ (1) موت جو اڀياس، (2) ڀروسي جوڳي راهه ڳولڻ ته  اهڙو مرڻ (موت) ٿي چڪو آهي جو (ذڪر هيٺ جسم جو) وري __ جيئن ممڪن ناهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com