سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا

باب: --

صفحو :3

اسان جو فرض

اسان مان هر هڪ کي پنهنجو انساني، اخلاقي ۽ علمي فرض نڀائڻو آهي. جيڪڏهن اسان کي پنهنجو حال ۽ آئيندو سنوارڻو آهي ته حال ۾ ئي، اڄ ۽ هاڻي ڪم ڪرڻو پوندو،

ڪَنين مني ماضي، ڪنين استقبال،
حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي.

اسان مان هر هڪ ڇا ڪجھ ڪري سگھي ٿو ۽ جيڪو ڪجھ ڪري سگھي ٿو ۽ جيڪو ڪجھ نه ڪيو اٿائين. اهو سڀ ڪجھ جاچڻ لاءِ ڇا اسان ڪڏهن پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏٺو آهي؟ جيترن ڪمن ڪري سگھڻ جي ڏاهپ، ڏات، ڏيا ۽ ڏانءُ اسان ۾ موجود آهي جڏهن اسان اهي نه ڪيا آهن ته ڇا اسين ڏوهاري نه ليکباسون؟ اسان مان هر هڪ جيڪڏهن پنهنجي اندر جي ماڻهوئڙي، وويڪ، ضمير کي آچاري ۽ آمين واري سچائيءَ سان پنهنجو جائزو پاڻ وٺي ته هو پنهنجي وطن، قوم، ٻوليءَ ۽ ثقافت ۽ علمي ماڻهپي لاءِ ڇا ڪجھ ڪري سگھي ٿو ۽ جيڪو ڪجھه  ڪري سگھي ٿو رڳو اهو، اوترو پنهنجي پتيءَ جو فرض پرور ڪري ته جيڪر ماڻهپي، سنڌ ۽ سنڌي عوام مٿان ڇانيل ڏاڍ جا ڪيترائي ڪڪر ۽ سنڌي ثقافت ۽ ٻولي خلاف ٿيندڙ ڪيتريون ئي سازشون بنهه ختم ٿي وڃن. اچو ته هڪ مثال جاچيون ۽ اهو به مئٽرڪ کان مٿي پڙهيل ماڻهن جو. سمجھو ڪري ته اهڙن پڙهيلن جو انگ رڳو 5 _ لک آهي. هر هڪ ماڻهو جنهن شعبي جي ڄاڻ رکي ٿو ان ئي شعبي جي ڪنهن به هڪ موضوع بابت هڪ سال ۾ رڳو هڪ ڪتاب يا مضمون لکي (هڪ ڏينهن ۾ سراسري طرح رڳو ڏهه سٽون لکجن ته به) پنجن ۽ ڏهن ورهين کان پوءِ اسان جو علم ادب ڪٿي وڃي پهچندو !؟ سمجھو ڪري ته سنڌ ۾ رڳو 5 _ هزار ڊاڪٽر آهن ۽ انهن مان هر هڪ هر سال رڳو هڪ موضوع تي لکي ٿو ته پنجين ورهين کان پوءِ طبي ڄاڻ جي اڏام ڪيڏي اوچي هوندي! سمجھو ڪري ته سنڌ ۾ هڪ هزار انجنير، اٺ سوَ وڪيل، سراسري طرح رڳو هڪ هڪ سَو ماڻهو ڪيمسٽري (ڪيميا)، فزڪس، بانٽي (اوڀڙ+ اڀياس= اوڀڙ ڀياس)، زولاجي (پسون+ اڀياس= پسونڀياس)، مئٿميٽڪس (انگڀياس)، فائين آرٽس، جاگرافي (ڌرتي ليڪڻ، ڌرتي+ اڀياس= ڌرتڀياس)، جيالاجي (ڀونءِ+ اڀياس= ڀونئڀياس)، ايسٽرانامي (تاراڀياس)، اسٽرالاجي (جوتش، نکٽ+اڀياس= نکٽڀياس)، نفسيات (مَنُ+ اڀياس= منڀياس)، سوشيالاجي (راڄ+ اڀياس راڄڀياس)، پوليٽيڪل سائنس (سياستڀياس)، ادب، تاريخ فلسفي، مذهب، ٽيڪنالاجي (هنرڀياس)، آرڪيالاجي (جھوني+ اڀياس= جھونيڀياس)، ٻوليءَ، فن، ثقافت، پرڏيهي نيِتيءَ ۽ لاڳاپن __ مطلب ته علم جي هر شعبي ۾ موجود آهن ۽ اهي هڪ سال ۾ رڳو هڪ ڪتاب يا مضمون لکن ته سنڌيءَ ۾ علم جو ڪهڙو شعبو هوندو جيڪو وانجھو رهجي وڃي!؟

جيڪو به، ڄاڻ جي ڪنهن به شعبي ۾ پوسٽ _ گرئجوئيٽ يا پي. ايڇ. .ڊي آهي ان کي ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي تحقيقي مقالو لکڻو ئي پوي ٿو، رڳو اهو، رسما رسمي نه لکيو وڃي پر سچ پچ تحقيق ڪري سنڌي ۾ (به) لکيو وڃي ته ”تاريخ تمدن سنڌ“ ، ”سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج“ ۽ انهن جھڙا ٻيا جيڪر ڪيترا ڪتاب جڙي پون!؟

جيڪڏهن هر استاد پنهنجي پنهنجي موضوع جي وس پڳي گھڻي کان گھڻي ڄاڻ پنهنجي پاٺڪن تائين پهچائڻ سان گڏوگڏ لکي پڌري ڪري ڪرائي ته ڇا سنڌي ۾ علم ادب جا انبار نه لڳي ويندا، ڇا سنڌي ٻولي شاهوڪار نه ٿي پوندي ۽ ڇا سنڌي ثقافت جا اڪابر گڻ اجاگر نه ٿي پوندا!؟  

قوم ٿي زنده رهي، پر زبان زنده رهي.

اچو ته ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان پنهنجيءَ سگھ آهر پنهنجي پتيءَ جو علمي ۽ عملي ڪم ڪريون. اڄ سنڌ جون خراب حالتون ۽ سنڌين خلاف سازشون ايترو ته زور وٺي ويون آهن جو جيڪڏهن اڃا به غافل رهياسين ۽ پنهنجي پتيءَ جو  فرض اوچائيءَ سان پورو نه ڪيوسون ته پوءِ پيار ۽ پاٻوهه سان ٽمٽار هيءَ حسرت ڀري دانهن ياد رکجو:

الا ايئن مَ هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا/ سنڌي مهاٻولَسُڌ

جيڪڏهن هر سنڌ سڄڻ ماڻهو

پيهي جان پاڻ ۾، ڪَيم روحَ رهاڻ،
 نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،
پُنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

 ۽

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
هر ڪو ماڻهو هيري کاڻ.
 

جو جيئرو جاڳندو مثال ٿي اڀري اچي، پنهنجين سمورين ڏاهپن  ۽ ڏاتن کي واهپي ۾ آڻي ته اسين جيڪر ذهني ته ڇا علمي ۽ عملي انقلاب جو به سج اڀاري سگھون ٿا.

۽ فنا کان بچڻ ۽ پنهنجي بقا لاءِ اسان کي اهو سچ اڀارڻو ئي پوندو.

اڄ جو ڪم آئيندي تي ڇڏڻ چون ٿا ته عقل جي کوٽ جو نشانبر آهي تنهنڪري اچو ته اڄ ۽ هاڻي کان ئي پنهنجي پتيءَ  جو فرض نڀائڻ شروع ڪيون.

سنڌي علم، ادب ۽ جدوجھد جي دنيا ۾ هزارين رنڊڪن ۽ ڏکيائين باوجود، جيئن لُڪَ لڳي تيئن رڪ ٿيا، جو مثال بنجي اسان جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ ڪيترن سنڌ سڄڻ جدوجھد ڪندڙ ساراهه جوڳو ڪم پئي ڪيو آهي. الهڙ شهزاديءَ کي سگھڙ شهزاديءَ ۾ بدلائڻ لاءِ سنڌي ٻولي کي سائنسي بنياد مهيا ڪري ڏيڻا آهن ۽ سائنسي بنياد مهيا ڪرڻ لاءِ پرک ۽ پروڙ، تحقيق ۽ تعليم، ايجاد ۽ اڪابريءَ جو هر ڪم ڪرڻو پوندو ۽ انهن مان هڪ ڪم، بهترين ثقافتي لقاءُ آڇيندڙ علمي هيري کاڻ __ـ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا/ سنڌي مهاٻولسڌ ___ جوڙڻ جو ڪم اسان جي آڏو آهي، جي واهر ڪندا ۽ هٿ ونڊائيندا ته هڪ تاريخي جوابداري، علمي فرض پورو ٿي سگھندو.

اردو انسائيڪلوپيڊيا جيان رسمي خانه پُري ڪرڻ کي علمي ويساهه گھاتي سمجھون ٿا. اسان کي ته منڍ ۾ بيان ڪيل ۽ ساراهيل علمي معيارن جا انسائيڪلوپيڊيا گھرجن.

هلو ته هلون ڪورئين نازڪ جنين نِيــﮧُ،
ڳنڍين سارو ڏِينــﮧُ، ڇنڻ مور نه سکيا.
 

ڳنڍڻ، جوڙڻ، ٺاهڻ، وڌائڻ، سينگارڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو اٿئون، ان ۾ توهان جو ڪردار ڪهڙو هوندو؟

هڪ اداري جي گھرج

هڪ سٺو انسائيڪلوپيڊيا جوڙڻ جو ڪم عام حالتن ۾ ڪنهن پيٽ ۾ پوري بيوس بنايل ماڻهو جي سگھ کان ٻاهر آهي، ڪجھه ماڻهو به ڪو خاص ڪم ڪري نه سگھندا، هيءُ گھڻن ماڻهن جو ڪم آهي جن کي هڪ زبردست اداري يا ادارن جي سهڪار ۽ سرپرستي جي گھرج رهندي.

اڄوڪن سٺن انسائيڪلو پيڊيائن جا جوڙيندڙ پنهنجيءَ جاءِ تي جھڙوڪر يونيورسٽيون آهن. هن دنيا ۾ هر گھڙيءَ ملندڙ نئين ڄاڻ کي سهيڙيو پيو وڃي ته جيئن انسائيڪلوپيڊيا جي ايندڙ ڇاپي ۾ ان کي گڏ ڪري سگھجي ۽ جيستائين ايندڙ ڇاپو ظاهر ٿيئي تيستائين ’سالياني ڪتاب‘ وسيلي ڇپجي ظاهر ٿيندي رهي.

سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندڙ سرڪاري ادارو ڪو به ڪونهي. نيم سرڪاري ادارا، سي به ”چار“ جيڪي پڻ گھوٻين جو شڪار. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي بيشڪ شاندار ماضي رکن ٿا، پر ڇا اسان رڳو ماضيءَ جي سهاري تڙڳي سگھنداسون؟ ڇا اسان کي شاندار حال جي گھرج ناهي؟ سنڌ سائنس سوسائٽي جي ته جاءِ به پوليس جي قبضي ۾، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي تازو ئي ٻاراڻي ادب جي نالي ۾ ٻاراڻا ڪتابڙا ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن. سنڌي ٻولي وسدار (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي) نالي ادارو اڃا سوڌو رڳو اخبارن ۾ بيان ڪيل ڪوڙ کان مٿي نه چڙهيو آهي، ٻيو مڙيوئي خير. (گھرجي به خير، جيءُ آيئو، ڀلي آيئو، اسان ڏي به رب جون مهربانيون ...... ٿيو هيئن ته ......) جيڪڏهن سنڌي ٻولي وسدار، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو، سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ يا ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي مالي مدد ڏئي يا سنڌي مهاٻولسڌ وسدار (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا اٿارٽي) جوڙي ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ڇپائڻ جو ڪم ڪو ڏکيو به ڪونهي.

زبرا عالم رکندڙ هڪ زبري اداري جي گھرج آهي. اَٺ اَٺ هزار عالم انسائيڪلوپيڊيا جي سونهن ۽ سينگار لاءِ جاکوڙون ڪن ٿا. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا لاءِ اَٺ هزار عالم نه هجن، اَٺ سوَ به نه هجن پر اَٺ عالم ته هئڻ گھرجن، جن کي وسدار بنائي، ڪجھ مددگار عملو ڏئي، هن تعليمي ۽ تخيلقي ڪم لاءِ سيڙايو وڃي ته به ’صبر ۽ شڪر ڪاڏي آءُ ڪندي‘ جي صدا ٻڌي به صبر ۽ شڪر ڪندڙ، بيوس بنايل هيءَ سنڌي قوم سندن ٿورو ضرور مڃي ها ۽ هر گھڙيءَ غداري ڪندڙ جي خيسس لفاظيءَ تي ايڊيٽوريل ڪارا ڪري پٽڪا ٻڌائيندڙ اخباري _ اڳواڻ کين پڏائي چوٽ ضرور چاڙهن ها.

مرڪزي توڙي صوبائي سرڪار کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ثقافت لاءِ جيڪا حب آهي ان جو ذڪر ڪهڙو ڪجي!

سنڌي قوم جڏهن ايڏو سجاڳ ٿئي جو پنهنجا جائز حق ماڻي سگھي ان ۾ به ڪي ڏينهن لڳندا. تيستائين ڇا ڪجي؟ ڇا ماٺ ڪري ويهجي؟

ماٺ رهان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر.

ماٺ به نه ٿا رهون (متان مشرڪ ٿيون) ۽ ڪُڇون به ڪونه ٿا (متان ڪافر ٿيون)، اچو ته لکون (من ايمان وارا ٿي پئون).

سنڌي مهاٻولسڌ جو ابتدائي ڪم

 چريا کريا آهيون پر سمجھون سڀ ڪجھ ٿا. تاريخ ۾ اهڙن هزارين ”مٿي ڦريل“، ”چرياڻن“ جو ذڪر ملي ٿو جن رڳو پنهنجي اڻمَئي ذهني پورهيي ۽ جسماني ڪشالي جي آڌار تي اُهي اچرج ۾ وجھندڙ ڪم ڪيا آهن جو ڏسي دنگ رهجي ٿو وڃجي پر ”ٻه ته ٻارنهن“ جي مصداق هٿُ هٿَ ۾ ڏئي ڪم ڪبو ته ’گھڻن کنئي ڇپر به کڄي ويندو‘ جي چواڻي سنڌ جي علم دوست ۽ اهل قلم ماڻهن ۾ ايمان رکي، انهن جي سهڪار جا آسائتا ٿي، پڙ ۾ لٿا آهيون ’جو مليو سو اکين تي‘ ۽ جي نه مليو ته ڏوراپو ڏيڻ جا حقدار هوندي به ڪڇنداسون ڪو نه، پاڻ ئي ملندم هوت، ڪجھ آءُ به اڳڀري ٿيان.

اسان الف ــ ب جي ترتيب سان لڳ ڀڳ سڀ ڄاڻي سگھڻ جھڙو مواد ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو آهي. ان ۾ ’الف‘ سان شروع ٿيندڙ عنوانن جي ڳڻپ پنجن هزارنِ کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي ۽ اڃا به ٻيو نه ته ٽي هزار کن وڌيڪ عنوان سهيڙڻ جي اميد اٿئون. اهڙيءَ طرح ’ب‘ سان شروع ٿيندڙ عنوانن جي ڳڻپ ٽن هزارن ۽ ’ٻ‘ سان شروع ٿيندڙ عنوانن جي ڳڻپ اٺ سَو کي پهچي چڪي آهي ۽ اهڙيءَ طرح وڌيڪ. اسان اهي سمورا عنوان سٺين اخبارن جي سهڪار وٺندي پڌرا ڪنداسون ته جيئن هر علم دوست ۽ اهل قلم ماڻهو پنهنجي پسند جي ڪنهن به عنوان تي تحقيقي مواد لکي اسان کي ڏئي سگھي، اهو ڪم نه رڳو سندن علمي فضيلت کي وڌائيندو پر سنڌي ٻوليءَ جي به هڪ شاندار خدمت هوندي. اسان سندن ٿورن سان اها لکڻي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا/ سنڌي مهاٻولسڌ جي رٿل ڪتابي سلسلن  ۾ ترتيبوار ڇپيندا رهنداسون.

ٿيڻ ائين گھرجي ته سجاڳ ۽ سڄاڻ سنڌي عالم هن ڪم کي سنجيدگي سان هٿ ۾ کڻن ۽ پنهنجو پهر وهن. هڪ علمي ڪچهري سڏائي وڃي جنهن ۾ سنڌ جا علم، ادب، فن ۽ هنر جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو سڏايا وڃن، گڏجي ويهي صلاح مصلحت ڪجي ۽ رايا لکت ۾ ڏجن، جن ۾ اهم ترين ڄاڻ ان ذميواري بابت ڏني وڃي ته ”آءُ، پاڻ، پنهنجي سِر ڪهڙو علمي ڪم ڪري سگھان ٿو“. هر شعبي جو هر ڄاڻ رکندڙ ماڻهو پاڻ تي مقرر موضوع کڻي، پنهنجي ڏاهپ ۽ ڏات آهر لکي ۽ (جيستائين ڪو سٺو ادارو ٺهي ۽ مهاٻولسڌ ڇپائڻ جو بار کڻي تيستائين) اسان کي ڏياري موڪلي. اسين پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ سندن لکڻين جي سنڀال ڪنداسون ۽ وقت اچڻ تي ڪتابي صورت ۾ ڇپي پڌريون ڪنداسون.

ٿلها، مهانگا، سهڻا ۽ ستابا ويهه ٽيهه جلد هڪ وقت ڇپائڻ اسان لاءِ ممڪن ڪونهي، پنجن ڇهن عنوانن تي سهيڙيل مواد هر ڏينهن اخبار ۾ ڇپائڻ به سٺو ڪو نه ٿو لڳي. اسان کي بس هڪ ئي رستو سُجھي ٿو ته سٺ ستر صفحن جو ٻه گراٺ قد (ڊبل ڊيمي سائيز) ۾ ڪتابي سلسلو جاري ڪري ڇپايون (جيئن اٺ ڏهه ڪتاب هڪ جلد ۾ بند ڪرائي سگھجن) ۽ ائين وک وک وڌائيندا هلون، لاٽ ٻرندي رهيِ ۽ ساٿ هلندو رهيو ته اوس سوڀارا ٿينداسون.

ڪيترن ئي علم دوست ماڻهن لکڻ ۽ ڇپائي جي ڪم ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان حب رکندي، اسان سان سهڪار ڪرڻ جو پاٻوهه ڀريو اظهار ڪيو آهي.

اسان سڀني علم دوست ۽ سنڌ سڄڻ ماڻهن ۽ ادارن کي وينتي ٿا ڪريون ته هن علمي پورهيي ۾ اسان سان پنهنجي سگھ آهر هر قسم جي هر ممڪن سهڪار ڪن، سندن ٿورائتا رهنداسون.

ايڪيهين صديءَ جي آجيان

دنيا جو هر باشعور ماڻهو ۽ ملڪ پنهنجي پنهنجي سمجھ ۽ نيت موجب ايڪيهين صدي جي آجيان لاءِ اتاولو آهي ۽ اچرج ۾ وجھڻ جھڙا اتساهه سانڍي رکيا اٿائين. ڪي ڪوڙ ڪري پنهنجي ٻوٿ تي ”آزادي، برابري، جمهوريت ۽ ڀائپي ــ سموري انسانذات لاءِ جو نقاب اوڍي ته ڪي وري سچ پچ اعلان ڪندي وقت جي پل مٿان اڳتي/ ڪري رهيو آهي. ڀانت ڀانت جا سچ ۽ ڪن وري ڪوڙ گڏ  ڪري رکيا آهن.

• محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻتوريو اگھائيو.
• چائت پائي چت ۾، سنهو ڪتيو جن،
تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو.
 

جن سچ گڏ ڪيو آهي انهن کي سلام ٿا ڪريون ۽ جيڪي ڪوڙ گڏ ڪري ويٺا آهن انهن لاءِ ڦٽڪار موڪليون ٿا.

ايڪيهين  صديءَ کي آڇڻ لاءِ سنڌي قوم وٽ هن وقت ته رڳو ڏکن سورن ۽ سختين جو سرمايو آهي. اسان وٽ بي وسي، موڳائي ۽ مايوسيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه بچائڻ جو عهد ڪري چڪا آهن ڪوڙ جا پيروڪار. پر جيڪڏهن اسين سڀ، پنهنجي پوري ذهني ۽ جسماني سگھ ڪم  آڻي؛ بس رڳو؛ جيڪو ڪجھ ڪري سگھون ٿا؛ اهو اوترو؛ پنهنجي پتيءَ جو فرض پورو پورو ادا ڪريون ته اها صورتحال بدلجي سگھي ٿي ... ۽ ايترو بدلجي سگھي ٿي جو ...... ٿي سگھي ٿو اسين هڪ مانَ شانَ واري، پنهنجن  پيرن تي بيٺل، سکي ۽ ستابي ۽ آجيل قوم جي حيثيت سان ايڪيهين صدي جي آجيان ڪري سگھون. جيڪو به پنهنجيءَ محبت جا رنڊا روڙي ايندڙ صدي کي آڇيندي ان سان ساٿ ۽ سهڪار جو اظهار ڪندي، پنهنجي پاران اڀري سڀري حال آهر ايڪيهين صديءَ لاءِ انسائيڪلو پيڊيا/ سنڌي مهاٻولسڌ جي سوکڙي آڇڻ جو ارادو ڪري چڪا آهيون.  

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا

”مواد سهيڙيو مهم“

(ذاتيون ۽ ديهون)

سمورن علم دوست ۽ سنڌي سڄڻ ماڻهن کي گذارش ٿا ڪريون ته

”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جوڙڻ جي سلسلي ۾ اسان جي اها هر مدد ڪن جيتري سندس وس ۾ هجي. هزارين ماڻهن جي مدد گھرجي ۽ اهي ئي ماڻهو هن انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جا مالڪ، خالق، سينگاريندڙ ۽ سنواريندڙ هوندا. جنهن ۾ موضوع تي جنهن به سڄڻ مواد موڪليو اهو مواد ان جي نالي سان ڇپيو ويندو. ٻن لکن کان به وڌيڪ موضوعن واري هن ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جو ليکڪ هڪ ماڻهو هجي يا ڪجھ ماڻهو هجن اهو ممڪن ڪونهي. توهين پنهنجي من ۾ محبت رکي رنڊا روڙي موڪليو، توهان جون محبتون ۽ قرب گھرجن ۽ انهن کي ئي اسين مان ٿا ڏيون. اسان کي صرافيءَ جي هام ڪانهي پر ويڄن جي پاڙي ۾ ويٺا آهيون.

هيٺ ”الف“ سان شروع ٿيندڙ ديهن ۽ ذاتين جا نالا ڏجن ٿا، اسان کي انهن موضوعن تي هر ممڪن مواد گھرجي. ”الف“ سان شروع ٿيندڙ ڪنهن به ديهه يا ذات جو نالو ڄاڻائڻ جيڪڏهن اسان کان رهجي ويو هجي ته مهرباني ڪري اسان جي رهنمائي ڪندا.

________________ ذات ______________

ذات جي سلسلي ۾ اسان کي ٿلهي ليکي هيٺ ڏنل ترتيب موجب (ڪي واڌارا ڪرڻا هجن ته اهي انهن سميت) مواد جي گھرج آهي:

_ حسب نسب

_ آبادي، گھڻي آبادي وارا علائقا، ڪي به نمايان ڌنڌا وغيره.

_ تاريخي اهميت جو ڪردار وغيره.

_ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ (ڪنهن به شعبي ۾) ماڻهو (جيئن، عرف عام سومرن مان دودي جي سورهيائي ۽ چنيسر جي غداري).

_ ڪي خصوصي يادگار (جيئن سومرن جي روپا ماڙي).

 

            آڀيچَڙ                                  اکا

آبڙ             آتراڻي (بلوچن جو قبيلو)              اگري

آٿلا                                        اڳٺ گھڪا

آٿيلا                 اُترائي                    اُڳرا

آچاريه (فرقو)           اُتيرا                    اڳڙا

آچو                    اُٽ                     اگھاڙا

آچيا                    اُپريا                    اگھاماڻي

آرماڻي                 اُجواڻي                 اگھم

آڏڙا                    اُڄڻ                    اگھيم

آڍا                     اُچَ                      اڱاريو

آڍاڻي                  اُڇوت         لتزئي(بروهي قبيلو)

آڍيجا                  احمداڻي                        الحاڻي

آراديرِ                   احمداڻي (قبيلا)               اُلرا

آراڻي                   احمدزئي         اُلڪاڻي(بلوچن جو قبيلو)

آرائين                  ارباڻي (بلوچن جو قبيلو)

آرڪاٽي               اڌاُ                      اَلکاڻي

آريپوٽا                 اُڌيچا                   اُميگراڻي

                                         (پتافي بلوچن جو قبيلو)

آريجا                  اُڏا

آريسر            اُڏڻ          اُنبجا   آزاداڻي         اُڏيسي پوٽا            اُنبوه

آسر پوٽا               اُڊاڻا                    انڍڙ

آسريا (آسڙيا)          اُڍا                      اُنڙ

آگاڻي                  اُڍاڻا                    انصاري

آگرا                    اُڍيچا                   اُونگرَ

آڳرو                    ارباب (ذات ۽ لقب)   اواڻ    

                                            (اعواڻ قبيلو يا ذات)

آلکاڻي                 ارورا، ذات

آمُرَ             (هندو ۽ مسلمان)           اواڻا (قبيلو يا ذات)

آمڙا                    اروذ            اوڀاڙا

آهوجا                 اروڙا        اوٿماڻي (قبيلو ۽ ذات)

آئري (بلوچن جو ڪڙم)       اڙوڙَ                    اوٽَ

ابدالي (پٺاڻن جي ڪڙم)     اروڙونسي                      اوٺا

ابڙا                     اسرام                  اوٺوال

ابڙيجا                  اسراڻ                   اوٺي

ابڙينگ                 اسلامي                اوڏ

ابو پوٽا                اشراف                  اوڍا

اوڍاڻَ                   اوسيلا                  ايري

اوڍاڻا                   اوڳاهي                 ايريو

اوڍيجا                  اهير                    ايسام

                                         (مزاري بلوچن جو قبيلو)

اوستا                   اَيٺڙا                    اِيسَرَ

اوسواڙ                  ايراني

______________________ ديهه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com