سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جا قديم سامونڊي بندر

 

صفحو:8 

جيڪي، ٺٽي يا نيگانه ۾ وڪجن ٿا، نرگانه يا محصول نه ورتو وڃي، ۽ نه ڪپھه تي، جيڪو ھتان ھتان آندو وڃي ٿو، ڪو محصول طلب ڪيو وڃي. تيل يا گيهه لاءِ، دٻي تي مقرر ڪيل حساب مطابق، دستوري طرح حساب ڪري، محصول ورتو وڃي. دٻو وڏو ھجي توڙي ننڍو، في دٻو اٺ مڻ جي تور قائم ٿيڻ کپي. ”لووشنه“ يعني ھاٿيءَ جي ڏندن تي خريدي قيمت تي نو سيڪڙو محصول ورتو وڃي ۽ ان کان وڌيڪ نه
 

اورنگا بندر
 

ورتو وڃي. جيڪڏھن صاحب موصوف، مسٽر سمپٽن، تاني يا اورنگابندر ۾ پنھنجي ڪارخاني واسطي ڪا جاءِ ٺھرائڻ گهري، ته اھڙي صورت ۾ جاءِ جي اڏاوت ۾ اوھان کي چڱي طرح مدد ڏيڻ گھرجي، جيئن اھا بلڪل ڪفايت سان تيار ٿئي ۽ ھو اسان جي ملڪ ۾، پوريءَ طرح ڄمي پنھنجي خاطري جھڙو ڪاروبار ھلائي سگهي، انھيءَ ۾ اسان جي مالي ترقي ۽ ملڪي بھبودي آھي. واضح رھي ته ڪنھن ٻي انگريز سان اھڙي عنايت نه ڪئي وڃي، ۽ نه ان کان سندس ڪارخانن جو محصول سندس مرضيءَ مطابق وصول ڪجي. جيئن ته حضور کي انگريزن سان دوستي رکڻي آھي، ان ڪري حڪم ٿو ڏجي ته ھن پرواني تي پورو عمل ڪجي، ۽ نون پروانن جي ضرورت ڪانھي.

18 محرم 1172ھ، يعني 24 سپٽمبر 1758ع ، بمقام احمد آباد، ملڪ سنڌ. (23)

 

3

نقل پروانو غلام شاھه

25- محرم يعني 29 سيپٽمبر 1758ع قاضي محمد يحيٰ جي مھر سان.

...

جملي ڪمانين، آفيسرن ۽ رھواسين شھر دورات، لاھري بندر، اورنگابندر، ڪراچي، ڌاراجا، چاوترا، مسوتي نخاس، برٻندي، غله بزار، گذر راجا گنت، جوھي بار، سرڪار چاچڪان، ڪڪرالو، سرڪار نصرپور، ھالا ڪنڊي، سرڪار سيوستان، خدا آباد، سرڪا رلورا، وغيره، ۽ اسان جي حڪومت سان تعلق رکندڙ سڀني علائقن کي معلوم ھجي ته مسٽر سمپٽن صاحب، انگريز سرڪار جي گماشتي، ھندستان ۽ بمبئي جي گورنر طرفان ھن ڳالهه بابت اطلاع ڪيو آھي ته ھو انھن جملي شين تي جيڪي صاحب موصوف سرڪار ممدوح طرفان خريد فروخت ڪري ٿو، بازار جي اگھه تي ڏيڍ رپيو سيڪڙو محصول ڏيندو. اسين سندس انھيءَ طلب کي منظور ڪريون ٿا ته انھيءَ محصول کان وڌيڪ نه ورتو وڃي، جيڪو صاحب موصوف ڏئي ٿو. انھن ولايتي جنسن تي، جيڪي بمبئي کان ھن طرف اچن ٿيون، ۽ ھتان خدا آباد، لاھري ۽ ملتان وغيره ڏانھن موڪليون وڃن ٿيون، يا اتان اچن ٿيون، تن تي انھيءَ محصول جو اڌ وٺڻ گهرجي. جيڪو ملتان جي واپارين کان لاري، لگاھي، دوان، ٽوف، ڪنا ۽ چوڪي وغيره جي محصول بنسبت ورتو وڃي ٿو. جيڪڏھن ڪا جنس اھڙي ھجي، جيڪا ملتان جي واپارين ڪڏھن به نه آندي ھجي ۽ جنھن جي شرح دريافت ڪرڻ ممڪن نه ھجي، ته اھڙي صورت ۾ انگريزن کان انھيءَ محصول جو اڌ وٺڻ گهرجي. جيڪو عام طرح ٻيا وڏا واپاري انھن جنسن تي ڏيندا ھجن ۽ اھو ڌيان رکيو وڃي ته ڪنھن به حالت ۾ کانئن وڌيڪ مطالبو نه ڪيو وڃي. ھڱ ۽ نير وغيره تي به، جي ھن کان اڳ ڪڏھن نه آيا آھن، مٿي ذڪر ڪيل محصول ورتو وڃي. شوري تي به خواھ پاڻ آڻي، يا سندس لاءِ ڪو ٻيو اسان جي سرڪار مان يا ڪٿان ٻئي ھنڌان آڻي، ڏيڍ رپئي سيڪڙي جي حساب سان محصول وٺڻ گهرجي. ڪو به ماڻهو ان کان وڌيڪ طلب نه ڪري ۽ سندس تجارتي ڪاروبار ۾ ڪو به خلل نه وجهي. ظاھر ھجي ته مٿي ڄاڻايل جنسن جي خريدڻ جي ٻئي ڪنھن کي به اجازت نه آھي. ھيءُ به واضح ھجي ته ڪا به چيز جيڪا ھو وڪرو نه ٿيڻ سبب واپس کڻي وڃي، انھيءَ تي محصول نه لڳندو، ۽ کاڌي وغيره جي شين تي به محصول نه ٿيندو، جيڪي ھو پنھنجي ضرورت لاءِ تاني وغيره کان کڻائي وڃي. سندس باغبانن کان به ڪنھن قسم جو مطالبو نه ھئڻ گھرجي، ۽ سندس ٻيڙين وغيره کي ڪا به روڪ ڪرڻ نه‌گهرجي، ۽ نه ڪي انھن کان اسان جي سرڪار جو ڪم وٺڻ گهرجي. ھي به حڪم ڏنو وڃي ٿو ته سندس ڪپڙن جون پيتيون وغيره کوليون نه وڃن. سندس اچ وڃ ۾ ڪنھن به قسم جي دست اندازي نه ڪئي وڃي، ڇو ته اھا ڳالهه اسان سرڪار جي قاعدي جي خلاف آھي. ڪوبه اھڙو نئون طريقو، سواءِ محصول ۽ اڳين قاعدن جي، جيڪو ھن کي نقصان پھچائي، اختيار نه ڪيو وڃي. (24) مخفي نه رھي ته ھن کي اختيار آھي ته ڪابه اناج جي جنس خواھ ڪا به ٻي ولائتي جنس، جنھن به اگهه تي وڻيس، وڪرو ڪري. گيهه ۽ تيل وغيره جي دٻن توڙي پيتين ۽ ٻين جنسن جي ٿانون تي انھن جي وزن مطابق محصول ورتو وڃي، ۽ ٻيھر انھن جي وزن ڪرڻ جي ضرورت نه آھي. ھاٿيءَ جي ڏندن تي، وڪري جي قيمت موجب، شاھ محمد مراد جي مقرر ڪيل شرح مطابق محصول ورتو وڃي، جيڪڏھن گورنر موصوف پنھنجي ڪارخاني لاءِ ڪا جاءِ اورنگا بندر يا ٺٽي ۾ جوڙائڻ چاھي يا خريد ڪري ته اھڙي صورت ۾ سڀني ملڪي ماڻھن کي صاحب موصوف جي مدد ڪرڻ گھرجي، ته جيئن جاءِ جي اڏاوت ڪفايت سان ٿئي. صاحب موصوف کي سندس تجارتي ڪاروبار ۾، جنھن ۾ اسان جي سرڪار جي ڀلائي آھي، ھر طرح جي دلجمعي ڪرڻ گھرجي. مگر ٻئي ڪنھن ٽوپلي پھريندڙ قوم (انگريزن کان سواءِ ٻئي) کي انھيءَ نموني جي اجازت نه آھي. جيئن ته اسان کي انگريز سرڪار کي خوش ڪرڻ ضروري آھي، انھيءَ ڪري حڪم ٿو ڏجي ته ھيءُ پروانو، بنا ڪنھن ٻئي حڪم جي انتظار جي، چـڱيءَ طرح عمل ۾ اچي. (25)

مٿين پروانن مان چڱي ريت پڌرو  ٿئي ٿو ته واپار جي لحاظ سان اورنگا بندر ان دور ۾ مشھور بندر رھيو. سنڌ جو وڻج واپار ھن ئي بندر وسيلي ھلندو ھو. انھيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ شورو، نير، اناج وغيره بنهه گهڻو هئڻ ڪري واپار به تمام گهڻو ھلندو ھو. انھيءَ ڪري ھن بندر گاھ چڱي ترقي ڪئي. اُتي جو مقامي ليکڪ محترم محمد خان قيصر خان جتوئي (محمد خان مجيدي) پنھنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”شاھبندر کان اڳي سنڌ جو سارو واپار ۽ آمدرفت انھيءَ بندر تي ھلندڙ ھو.“(26) اورنگا بندر جي واپار جو ذڪر ڪندي هو وڌيڪ لکي ٿو ته: ”اھو بندر، شاھ بندر کان اڳي تمام وڏو شھر ھو، عاليشان بندر ۽ ڪشش جو مرڪز ھو.“(27)

ايڇ ٽي سورلي سنڌ ملڪ جي تجارت جو ذڪر ڪندي پنھنجي ڪتاب ڀٽ جو شاھه‘ ۾ لکي ٿو ته: ”انھيءَ وقت سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وارو علائقو وڏو تجارتي آمدرفت وارو ماڳ ھو.“(28) ليکڪ اڳتي لکي ٿو ته: ”اورنگا بندر، لاھوري بندر، وسطا بندر ۽ شاھ بندر کان ايراني نار طرف، سامونڊي تجارت وڏي ترقي ڪئي. جنھن ۾ ھڪ طرف ھن جا تجارتي تعلقات بصري، گومبرون (بندر عباس) مسقط، ڪانگو ۽ بحرين سان ھئا ته ٻئي طرف گجرات جي ڪامبي ۽ سورت سان به ھئا.“(29)

مانوارو محقق رحيم داد مولائي شيدائي جنت السنڌ ۾ سنڌ جي معدنيات وغيره جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”سنڌ جو قلمي شورو ولايت تائين مشھور ھو. ڪلھوڙن جي صاحبيءَ جي زماني کان انگريزن شاھ بندر، اورنگا بندر ۽ ساڪري ۾ قلمي شوري کي صاف ڪرڻ جا ڪارخانا کوليا ھئا. ٿاڻي بولاخان ۾ گندرف جون کاڻيون ھيون، خيرپور ۽ جهرڪن جي ٽڪرين ۾ ميٽ جون کاڻيون ھيون. کيرٿر جون کاڻيون سرڪاري نگرانيءَ ۾ ھيون. ٺٽي جي ٽڪرين مان لوھ نڪرندو ھو.“(30)

مٿئين احوال مان پڌرو آھي ته پنھنجي وقت ۾ اورنگا بندر جي واپاري اھميت ھئي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي بندرن سان لاڳاپيل ھو ۽ پڻ هن خطي جي معدنيات جي به معلومات ملي ٿي. 1699ع ۾ اليگزينڊر ھيملٽن جڏھن ٺٽي آيو ھو، تڏھن سنڌ سر سبز، خوشحال، صنعت ۽ تجارتي لحاظ سان سگھاري ھئي. سندس لکتن مان پتو پوي ٿو ته تنھن زماني ۾ بستا بندر ۽ لاهري بندر (۽ پڻ اورنگا بندر) سنڌ جا مکيه بندر ھئا. جتان ئي ايراني نار، بصري، مسقط، ڪانگو، بحرين ۽ سورت بندر تائين واپار ٿيندو ھو. توڙي جو ھيملٽن جي احوالن ۾ رڳو لاهري بندر جو ذڪر ملي ٿو پر ماضيءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ وقت اورنگا بندر وڌيڪ اھميت حاصل ڪري چڪو ھو. سنڌ جو گهڻو واپار انھيءَ بندر وسيلي ئي ٿيندو ھو. اھو ئي سبب آھي جو اورنگا بندر جي اھميت انگريزن جي ڪمپنيءَ وٽ به گهڻي ھئي. سنڌ ۾ غلام شاھ ۽ سندس ڀائرن جي گهرو ويڙھ شروع ٿي. تنھن متعلق بمبئي قلعي مان ھڪ خط 28 اپريل 1758ع تي لنڊن ۾ ڪمپنيءَ ڏانھن موڪليو ويو. انھيءَ خط مان به اورنگا بندر جي اھميت معلوم ٿئي ٿي. اھو خط ڊاڪٽر سورلي پنھنجي ڪتاب ڀٽ جو شاھه‘ ۾ ڏنو آھي. انھيءَ خط ۾ اورنگا بندر ۾ جڳهه ٺھرائڻ جي تجويز ڏيندي لکيو ويو آھي ته: عزت مآب ڪمپنيءَ کي ٻه ڏاڍا مضبوط گھر ھجڻ کپن، جن مان ھڪ ٺٽي ۽ ٻيو اورنگا بندر ۾ ھجي. جنھن ۾ 25 يا 30 ننڍي درجي جا پھريدار مقرر ڪيا وڃن. اھي ڌاڙيلن جي ڦر لٽ کان بچاءُ ڪندا ۽ ٻيڙيون جيڪي سمنڊ ۾ بيٺل جھاز مان سامان کڻڻ يا چاڙھڻ لاءِ پيون اينديون ۽ وينديون، انھن جو بچاءُ ڪندا. اھو علائقو گيگاس (Gigos) ڌاڙيلن سان ڀريو پيو آھي. سامونڊي ڪناري سان درياھ جا اولهه، اوڀر وارا ٻئي پاسا بدمعاش ماڻهن سان سٿيل آھن.“(31)

تاريخ تي نظر ڦيرائي ڏسبو ته سنڌي ماڻھن ھر حملي آور ڌارئين سان مزاحمت ڪئي آھي. ڪڏھن منظم نموني ته ڪڏھن غير منظم نموني، ته ڪڏهن ويڙهاڪ جي روپ ۾ ڌارين سان مھاڏو اٽڪائيندا رھيا آھن. اورنگزيب جھڙي بنهه سخت گير حاڪم جي گورنريءَ واري دور ۾ به ڪيترائي قبيلا مزاحمت ڪندا رھيا. 1648ع ۾ اورنگزيب ملتان جو ناظم ٿي آيو. سن 1649ع ۾ شاھجھان بکر، سيوھڻ، ٺٽي ۽ سيويءَ جا علائقا به اورنگزيب کي ڏنا. 1652ع تائين ھي نوابيءَ جي عھدي تي رھيو. انھيءَ دوران پاڻ ته ملتان ۾ ھوندو ھو پر سنڌ جو انتظام سندس نائب ھلائيندا ھئا. سن 1069ھ/1659ع ۾ اورنگزيب عالمگير جي لقب سان دھليءَ جي تخت تي ويٺو. گهڻو ڪري سندس سمورو وقت دکن ۾ مرھٽن سان جنگ ڪندي گذريو. سخت گيريءَ جي ڪري ماڻھن ۾ بغاوت پيدا ٿيڻ لڳي. سنڌ ملڪ جا ڪلمتي ۽ ٻيا قبيلا ڪڪرالي، لاھري بندر ۽ اورنگا بندر ۾ ڌارين جي ڦرلٽ ڪرڻ لڳا ھئا. ظاھر آھي ته انھيءَ ڦرلٽ جو اثر واپار تي به ضرور پيو ھوندو. انگريزن جي مٿئين بيان مان اھا ڳالهه پڌري آھي پر ھونئن به ھر ڌارئين سان جيڪڏھن ڌرتيءَ ڌڻين ڦرلٽ خلاف ڪا مزاحمت ڪئي آھي ته ڌارين قابضن ۽ حق ڦٻائيندڙن، انھن کي ڌاڙيل، چور ۽ باغي وغيره ڪوٺيو آھي.

اورنگا بندر ۾ انگريز سرڪار جيڪا پنھنجي ڪوٺي قائم ڪئي، ۽ اُن کي 24 آڪٽوبر 1775ع تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪجهه سالن کان پوءِ وري به اورنگا بندر ۾ واپاري ڪوٺي ۽ شوري صاف ڪرڻ جو ڪارخانو کوليو ويو جيڪو گهڻي وقت تائين قائم رھيو. جيتوڻيڪ ميان غلام شاھ انگريزن سان واپار لاءِ معاھدا ڪيا ھئا، تنھن ھوندي به سنڌ جا ماڻهو انھيءَ حقيقت کان آگاھ ھئا ته ”ڌُريان ئي ڌاريان، مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا“. تنھن ڪري انگريزن جي ڇوٽ کي سنڌ جي لاءِ هاڃو سمجهندا رھيا. اھو ئي سبب آھي جو مختلف وقتن تي بندرگاھ وارن، انگريزن جا ٻيڙا روڪي ڇڏيا ھئا. پر پوءِ اُھي ميان صاحب ڇڏائي ڏنا ھئا.(32)

اورنگا بندر ۽ سندس واپار جي سلسلي ۾ ڪجهه مقامي روايتون به ملن ٿيون جن ۾ ھڪ اھڙي روايت به آھي جنھن مان اورنگا بندر جي ماڻهن جي ھنر ۽ واپار جو به پتو پئجي ٿو. روايت(33) ھن ريت آھي ته: ”احمد سمون اورنگا بندر جو مشھور واڍو ھوندو ھو. جنھن وٽ ٻيا به ڪجهه ڪاريگر ڪم ڪندا ھئا. ھي خاص ڪري ھَنا، پاکڙا، کٽون، ھندورا وغيره ٺاھيندا ھئا. جن تي خوبصورت نقش و نگار ڪندا ھئا. مٿن ھاٿيءَ جي ھڏن جي به جڙاوٽ ڪندا ھئا. ھي پنھنجو تيار ڪيل سامان سال ۾ ٻه ڀيرا، ٻيڙا ڀرائي پرڏيهه موڪليندو ھو. جتي ھن جي شين جو وڏو قدر ڪيو ويندو ھو.“(34) احمد سمي متعلق ٻيون به ڪيتريون ئي روايتون آهن جيڪي هتي ڏيڻ ضروري نٿا سمجهون، پر انهن ڳالهين مان سندن ڪمال جي ڪاريگري ۽ گهڻي ڪمائيءَ جي ڄاڻ ملي ٿي.

اورنگا بندر لڳ ڀڳ ھڪ صديءَ کان به گهڻي عرصي تائين چڱو مشغول بندر رھيو. البت لاهري بندر واري حيثيت حاصل ڪري نه سگھيو. مانواري محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنھنجي تحقيقي ڪتاب لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ لکيو آھي ته: ”ھي ھڪ مشھور واپاري بندر ھو.“(35) مطلب ته اورنگا بندر واپاري لحاظ سان گهڻو مشھور ھو. جنھن جي سڀئي تاريخدان ۽ محقق شاھدي ڏين ٿا.

اورنگا بندر جو ڦٽڻ:

ارڙھين صديءَ ۾ اورنگا بندر واري علائقي ۾ درياھ ريٽ ڇڏڻ لڳو، تنھنڪري ھن بندر تائين ٻيڙين کي اچڻ ۾ ڏکيائي وڌڻ لڳي. اھڙو ذڪر ’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ‘ جو ليکڪ ھن ريت ڪري ٿو: ”ٻاھران ايندڙ تجارتي ٻيڙين کي اورنگا بندر تائين وٺي اچڻ لاءِ رھبر ٻيڙي استعمال ڪئي ويندي ھئي. ڇاڪاڻ ته اُن جي آڏو سنڌؤَ جي ڇوڙ وٽ واريءَ جو وڏو دڙو يا ڀٽ موجود ھوندي هئي. جڏھن سنڌؤَ جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو ته ان جي رفتار ڍري ٿي ويندي ھئي ۽ ريٽ ڀٽ جي شڪل اختيار ڪري وٺندو ھو. جڏھن ٻاھران ايندڙ تجارتي جھاز پاسيوارن ڦاٽن ذريعي سنڌؤَ ۾ داخل ٿيندا ھئا ته کين ھڪ رھبر ٻيڙي جي ضرورت پوندي ھئي. جنھن جي ناکئي کي اُن ڦاٽ  جي اونھائي ۽ ويڪر جي پوري خبر هوندي ھئي”.(36) ڏٺو وڃي ته مست سنڌو خاص ڪري ڇوڙ واري علائقي ۾ گهڻائي شھر ۽ علائقا برباد ۽ آباد ڪيا آھن. جين فيئرلي پنھنجي شاھڪار ڪتاب ’سنڌو شينھن درياھ‘ ۾ ڇوڙ واري علائقي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: “ڇوڙ وارو علائقو ھڪ جنگي ميدان آھي، جتي وڏاندرو واءُ سنڌؤَ جون لھرون ۽ سمنڊ جون ويرون آدجڳاد کان اکٽ جنگ ۾ جُنبيل آھن، ڪڏھن وري ڌرتي ڌٻي ٺھيل ٺُڪيل شيءَ کي ھيٺ ڪري ڇڏيندي آھي.“(37) جين فيئرلي اڳتي لکي ٿو ته: ”اونھاري ۾ سانوڻ دوران سنڌؤَ ۾ جڏھن مستي ايندي آھي ته سمونڊ جون وڏيون ويرون ھن جي سامھون سٽ جھلي ڪونه سگهنديون آھن، انھيءَ سَمي سارو سامونڊي ڪناري وارو پٽو ماڻھؤَ جي رھڻ جھڙو ڪونه رھندو آھي ۽ ٻنھي پاڻين جي ٽڪراءَ ڪري ڪيترن ميلن تائين پاڻي ھيٺ اچي ويندو آھي. انھيءَ ٽڪراءَ دوران سوڀ ھميشه سنڌؤَ جي ھوندي آھي. جھڙيءَ ريت جبل ۽ سنڌؤَ جي مقابلي ۾ فتح ھميشه سنڌؤَ جي ھوندي آھي ۽ انھن کي کائيندو ۽ پائيندو رھندو آھي ۽ ٽنن جي لحاظ سان ڏھاڙي لٽ/ ريٽ پاڻ سان ھيٺ کڻي ايندو آھي، ۽ سامونڊي ڪنارن کي لٽيندو پوئتي ھٽائيندو رھندو آھي.“(38) اھڙي صورتحال جي ڪري ڪيترائي بندر، شھر وغيره ناس ٿيندا رھيا آھن.

اورنگا بندر جي اھميت حقيقت ۾ وڌيڪ تڏھن گهٽي، جڏھن غلام شاھ ڪلھوڙي ھن بندر کي استعمال ڪرڻ بدران، شاھ بندر ٺھرايو ۽ اورنگا بندر جا ماڻهو لڏائي، اچي شاھ بندر ۾ آباد ڪيا. پير حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو ته: ”اورنگا بندر غلام شاھ ڪلھوڙي جي زماني تائين آباد ھو ۽ ربيع الثاني 1172ھ/ ڊسمبر 1758ع جو جڏھن ھن شاھ ڳڙھ ۽ شاھ بندر آباد ڪيا، اُن وقت اورنگا بندر کي ڦٽائي، اُتي جي ماڻهن کي وٺي اچي پنھنجي نوآباديءَ ۾ ويھاريو.“(39) ان کان پوءِ توڙي جو ھن بندر جي اھميت ته گهٽجي ويئي پر پوءِ به گھڻي زماني تائين ھي بندر آباد رھيو، پر 1819ع واري زلزلي کان پوءِ ھي بندر بلڪل ئي ختم ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته پوءِ ھتي وڏي ڦيرڦار آئي. انھيءَ کان اڳ ۾ ڪلھوڙن جي شروع واري دور کان ئي ھن کي درياھ پائڻ شروع ڪري ڇڏيو. جنھن جو ذڪر مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي ڪتاب ’تحفـﺔ الڪرام‘ ۾ شيخ رحمت جي احوال ۾ ڪيو آھي. ھو لکي ٿو ته: ”سندس (شيخ رحمت الله) تربت عام ماڻهن لاءِ زيارت گاھ ھئي. ھاڻي درياھ پائي ويو آھي.“(40)  مطلب ته تنھن زماني ۾ ئي اُتي جون عمارتون وغيره پائجڻ شروع ٿيون. هن بندر جي ڦٽڻ جو ٻيو سبب هي بڻيو ته ڪجهه وقت کان سنڌؤَ جو هي وهڪرو گهٽجڻ لڳو ته هن بندر جي اهميت بنهه گهٽجندي رهي. اھڙيءَ ريت هنن سببن جي ڪري اورنگا بندر اُجڙي ويو.

اورنگا بندر جا آثار:

ھن بندر جا آثار توڙي جو اڃا به ڪافي موجود آهن، پر پنجاھه واري ڏھاڪي تائين ته سمورا آثار ھئا. پر 1999ع تائين به هئي جا گهڻا موجود هئا. ذڪر ٿي چڪو آهي ته اورنگا بندر جي آثارن جي باري ۾ گهڻن جو چوڻ آهي ته هن بندر جا آثار اُهي آهن، جن کي هاڻي ڇٽڙيون چيو وڃي ٿو. گهڻي جاکوڙ کان پوءِ مون اهي اصل آثار به ڳولي ڏٺا، جيڪي سنڌوءَ جي آڳاٽي وهڪري گونگڙي تي آهن، اهي آثار روينيو رڪارڊ ۾ به ديهه اورنگ آباد ۾ آهن،جن کي مقامي ماڻهو ’هميتون‘ يا اُميتون جي نالي سان سڏين ٿا. هن سلسلي ۾ پھريائين انهن آثارن جو احوال ڏجي ٿو جيڪي ڇٽڙين جي نالي سان مشھور آهن. خوش قسمتيءَ سان هنن آثارن جي سلسلي ۾ اسان جي سامھون ھڪ اھم مضمون سنڌ جي مشھور عوامي شاعر، استاد ۽ سنڌ سڄڻ سائين محمد خان مجيديءَ (محمد خان قيصر خان جتوئي) جو لکيل آھي، جنھن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. اهو مضمون جون 1947ع ۾ مھراڻ رسالي ۾ ڇپيو. ليکڪ ڇٽڙين واري هنڌ جي ويجهو لاڏين جي پرائمري اسڪول ۾ استاد/ هيڊ ماستر رهيو. هن پاڻ تڏهن ڇٽڙين وارا آثار جنهن کي هو اورنگا بندر ڄاڻائي ٿو سي (اڄ کان سٺ کن سال اڳ ۾) پنھنجي اکين سان گھڻي ايراضيءَ ۾ ڏٺا ھئا، سو پنھنجي انهيءَ مضمون ۾ لکي ٿو ته:‌ ”درگاھ سيد موسي (41) کان ڪجهه ڪوھن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف اورنگا بندر آھي، جنھن جي اُتر ۾ گنبذ مخدوم عثمان عباسيؒ جا آھن......“(42) ليکڪ اڳتي لکي ٿو ته: ”اورنگا بندر ھڪ تاريخي شھر آھي. ھن وڏي شھر جون ڪيتريون ئي ڀتيون اڃا تائين بيٺل آھن. اٺن ڏھن ميلن ۾ پڊ (آثار) آھن. وڏا وڏا پٿر موجود آھن. جاين جا نشان، سرون، سرن جا ٽڪر، مقبرا، قبرون زبون حالت ۾ موجود آھن. برسات وقت سندس نظارو ڏسڻ وٽان ٿيندو آھي.“(43) هو لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ ساموئي ۽ اورنگا بندر اُن وقت شھرت وارا شھر ھئا. جيڪڏھن تاريخدان انھيءَ شھر کي ڏسندا ته اورنگا بندر جي شھرت به موھن جي دڙي وانگر ساري دنيا ۾ پکڙجي ويندي.“(44) منهنجي خيال ۾ ليکڪ جي اها راءِ تمام گهڻي توجهه طلب هئي، پر افسوس جو اُن زماني ۾ انهيءَ ڳالهه تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، تنهن ڪري انهن آثارن مان گھڻا آثار هاڻي اسان جي هٿان وڃي چڪا آهن ۽ باقي جيڪي بچيا آهن سي به چڱا آهن. هو لکي ٿو ته: ”........ھينئر سمنڊ  پرڀرو ھٽي ويو آھي. سندس آسپاس پوٺا لڳا پيا آھن.“ سائين محمد خان مجيديءَ 1947ع ۾ لکيو آهي ته سمنڊ پري آهي، پر هن مهل (يعني سٺ سالن کان پوءِ) وقت وري ڦيرو کاڌو آهي ۽ صورتحال اها آهي جو اُنهن مان گهڻا آثار وڌي آيل سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن. مولانا دين وفائي پنھنجي ڪتاب ’تذڪره مشاھير سنڌ‘ ۾ لکيو آھي ته: ”اورنگا بندر هينئر ڦٽل دڙو ٿيو پيو آھي.“(45)

جن جھونن ڇٽڙين وارا آثار سمنڊ کان آجا ڏٺا ھئا، انھن جو چوڻ آھي ته ھي شھر سٺي نموني سان اڏيل ھو. عام ماڻھن جا گهر وغيره ڪاٺ جا اڏيل ھئا، جن کي اندران، ٻاھران مٽيءَ جو راڳو ٿيل ھو. ھڪ ڪاٺ جي ٺھيل جڳھه اھڙي به ٻڌائي وڃي ٿي، جنھن جي در ۽ درين واري  ڪاٺ تي جنڊيءَ جي شاهڪار اُڪر جو ڪم ٿيل ھو. عام ماڻھن جي گهرن کان سواءِ باقي جڳھيون سِرن جون ٺھيل ھيون. جن جي بنياد ۾ پٿر استعمال ٿيل آهي. ھڪ پٿر جو ڪوٽ به ٻڌايو وڃي ٿو، جنھن جي اندر ڪجهه ڪمرن جون ديوارون ڏٺيون ويون ھيون. هن وقت به ديوارن جا بنياد پڌرا آهن. سڄيون سِرون ۽ چوڪا به موجود آهن. ٺڪراٺو ته تمام گهڻو پکڙيل آهي. سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر محمد خان مجيديءَ جو چوڻ آھي ته 1947ع ۾ تمام گهڻين جڳھين جون ديوارون سالم ھيون. انھن ۾ استعمال ٿيل درن، درين ۽ ڪُنڊن وارا پٿر سھڻا نقش و نگار سان سينگاريل ھئا. حقيقت ۾ هن وقت به انھن جڳهين جون ڊٺل ديوارون وغيره موجود آهن، اولهه پاسي کان ھڪ اُڀي کُتل پٿر تي ’عبدالله جوڻيجو‘ لکيل آهي. اھو عبدالله جوڻيجو ڪير ھو، انھيءَ متعلق اڃا تائين ڪابه معلومات ملي نه سگهي آھي.

مانواري محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جنھن اڄ کان گهڻو وقت اڳ ۾ هتي اچي، هتي جي ماڳن مڪانن کي چڱيءَ ريت ڏٺو هو، سو پنھنجي تحقيقي ڪتاب ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ ۾ اورنگا بندر جي احوال ۾ لکيو آھي ته: ”ھتان سڪا لڀن ٿا، جن جي ھڪ پاسي فارسي خط ۾ 1178ھ (1764ع) سن اُڪريل آھي.“(46) مطلب ته جنھن زماني ۾ الانا صاحب هي آثار ڏٺا هئا، تڏهن به سمنڊ جي پاڻيءَ کان آجا هئا.

اورنگا بندر جي تحقيق جي سلسلي ۾ آئون مختلف موسمن ۽ وقتن تي ديهه اورنگا وارا آثار ڏسڻ لاءِ ويندو رهيس ۽ انهن آثارن کي جانچڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. منھنجي مشاهدي موجب 1988ع تائين هن بندر جا گھڻا آثار سمنڊ کان آجا ۽ مٿاهين تي موجود هئا، البت گوديءَ جا آثار پاڻيءَ ۾ اچي چڪا هئا. 1998ع کان پوءِ آهستي آهستي سمنڊ جو پاڻي وڌڻ لڳو ۽ اڄڪلهه صورتحال اها آهي جو گھڻا آثار پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن، باقي پوءِ به ڪافي آثار بچيل آهن. جيڪي آثار ھاڻي سمنڊ جي پاڻي ۾ اچي ويا آھن، اُهي فقط وير لھڻ وقت ڏسي سگهبا آهن. هن وقت به جيڪي آثار نظر اچن ٿا، سي به گهڻا آھن، انھن مان معلوم ٿئي ٿو ته‌ ھي بندر سُٺي نموني سان تعمير ڪرايو ويو ھو. ھن بندر/ شھر جي ڏکڻ اولھه واري حصي ۾ بندر سان لاڳاپيل جڳھيون ٺھيل ھيون، جيڪي پٿر جون ھيون، جن جا آثار موجود آهن. ڪيترن ئي ڪمرن ۽ وڏن هالن جي ديوارن جا بنياد چٽا موجود آهن. انهن مان ڪن جي درن ۽ درين جا چوڪا به ڏسي سگهجن ٿا،  مختلف سِرن تي وڏن ڍيرن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اُهي جڳھيون عاليشان ٺھيل هيون، چٽساليءَ وارا پٿر گهڻا پکڙيل آهن. ڪن هنڌن تي سارين ڏرڻ جي جنڊين جا ٽڪر به گهڻا آهن. اٽڪل چئن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ته جنڊين جا اڌ ۽ ٽڪرا تمام گهڻا ڏسي چئي سگھجي ٿو ته اُهي شايد ڪنھن ڪارخاني جا اهڃاڻ آهن. اوڀر ۽ اُتر واري پاسي کان عام رھائشي علائقو ھو. انهن نشانن مان ڪيترن جا پٿر ۽ سِرون تمام گهڻيون پکڙيل موجود آهن. پاڻيءَ هيٺ آيل آثارن مان اسان تمام گھڻي ڪوشش سان سمنڊ جي وير لھڻ مھل ڪجهه اھڙا اُڀا کتل پٿر به ڏٺا آهن، جن مان ڪن تي نقش و نگار اُڪريل ھئا. تمام گھڻي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود ڪوبه اھڙو پٿر وغيره نه ڏسي سگھياسين، جنھن تي ڪو سن يا ڪا لکت ھجي. البت ڪجهه پٿر اھڙا به ڏسڻ ۾ آيا، جن مان اندازو ڪري سگھياسين ته اُھي ڪنھن ڪوٽ يا گدام جي دروازي جا پٿر آھن، جن تي تمام سھڻي نموني سان نقش اڪريل آھن. اھڙو نفيس ڪم فقط ڄام نظام الدين جي مقبري تي ڏسي سگهبو. فقط هڪ پٿرموجود آهي جنھن تي 65 لکيل آهي، باقي لکت ڊهي چڪي آهي. خوشقسمتيءَ سان اتي ئي هڪ مسجد موجود آهي، جنھن جو محراب وارو پاسو بچيل آهي ۽ باقي پٿرن جو ڍير آهي. مسجد جي ويجهو هڪ نقش چٽيل وڏو پٿر پيل آهي، جنھن تي سن 1170هه لکيل آهي. ٿورو پرڀرو هڪ هنڌ تي چرچ جا آثار به چٽا نظر اچن ٿا، جنھن جي ٻن وڏن پٿرن مان هڪ تي صليب اُڪريل آهي، اُهي پٿر سالم ۽ اُڪريل نشان بنهه چٽا موجود آهن. ڏکڻ ۽ اوڀر جي ڪنڊ تي اڌ ميل جي مفاصلي تي هڪ مندر جا آثار به ملن ٿا پر جانچڻ سان لڳي ٿو ته اهو مندر گهڻو آڳاٽو آهي. اتي ڪجهه ڀڳل ٽٽل مورتين جا ٽڪرا به ملن ٿا. هڪ هنڌ تي ٺڪر مان ٺھيل ڪنھن جانور جا وڏا ڪن به پيل آهن. ڪجهه ٿلهين ديوارين ۽ ٻين ڪمرن جا نشان به پڌرا آهن.  اُن ڀاڱي ۾ به ھڪ ھنڌ تي جنڊ جا پُڙ، سارين ڏرڻ جي جنڊيءَ جا ٽڪر ۽ ٺڪر جي ٿانوَن جا ٽڪرا ڏٺا ويا. ديهه اورنگ آباد ۾ موجود آثار اٽڪل 25 ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ چٽا پکڙيل آهن. هي آثار جن کي اڄڪلهه ’هميتون‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، اُهي هڪ سُکيي ستابي شھر جا آثار آهن. گونگڙي جي ڇيڙي تي هنن آثارن ۾ ڪيترين ئي جڳھين جي بنيادن ۽ ديوارن جا آثار اڃا به گهڻا آهن. گهڻو ڪري جڳھيون مٿاهن هنڌن تي ٺھيل آهن. جڳھين جي بنيادن ۾ گھڻو ڪري پٿر استعمال ٿيل آهي. ديوارن ۾ اعليٰ معيار جون ڳاڙهيون سِرون ۽ ڇتين ۾ مضبوط چوڪا استعمال ٿيل آهن. سِرن جي ماپ 8x4 ۽ ڪن ديوارن ۾ 10x8 جي ماپ جون به آهن. چوڪن جي ماپ 10x10 ۽ 12x10 به آهي. فرش جي سِرن جي ماپ گھڻو ڪري 10x10 آهي، سِرن ۽ چوڪن ۾ اڇي چن جو استعمال ٿيل آهي، سڀني جڳھين جا ويڪرا اڱڻ ڏکڻ طرف آهن. ننڍي ۾ ننڍي ڪمري جي ماپ 14x12 آهي، مختلف هنڌن تي 6 هالن جا بنياد به ڏسجن ٿا، جن مان چئن جي ماپ 40x20 ۽ ٻن جي 60x20 آهي. سھڻي چٽساليءَ واريون سِرون ۽ پٿر به پکڙيل ڏسجن ٿا. پاڻيءَ جي وڏين ڪونڊين، دِلن، ماٽين، ڇلن، پاٽين ۽ ٻين ٿانون جا ٽڪر ته هر هنڌ پکڙيل ڏسجن ٿا. چڪ تي نفاست سان ٺاهيل ٿانون تي ناسي رنگ سان وليون، ولين جا پن، پکين ۽ ٻين جانورن جون شڪليون چٽيل آهن. خاص ڪري ڪونڊين جي مٿين ڪنارن تي ننڍن گولن سان زنجيرون به پڌريون آهن. ڏيئن جا ڀڳل ٽڪر به پيا آهن، مٽيءَ مان پچائي ٺاهيل ٻارن جا رانديڪا به ملن ٿا، جن ۾ اُٺ، ڍڳا وغيره آهن. ڪٿي ڪٿي جنڊين جي ٽڪرن جا ڍير به پيل آهن. آثارن جي ڏکڻ اولهه ۾ موجود مھاڻن جي ڳوٺاڻي عبدالله (عبدو) نالي وٽ هتان هٿ آيل سِڪا به آهن، پر گهڻو ڳري وڃڻ ڪري ڪابه لکت سمجهي نه ٿي سگهجي.

وڏين مڇين ۽ جانورن جا هڏا به پيل آهن ته ڪن جڳھين تي انساني هڏا به نظر اچن ٿا. اوڀر پاسي وارو ٺڪراٺو آڳاٽو ڏسجي ٿو پر اولھه پاسي وارو ٺڪراٺو ان کان پوءِ جو ملي ٿو. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري هن ڀاڱي ۾ اڄڪلھه مٺي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ سمنڊ جي وڌڻ ڪري حالتون تبديليءَ ڏانهن وڌي رهيون آهن.

حوالا ۽ حاشيا

1.     Sarkar Jadunath Sir ‘History of Aurangzeb’ volume 1-11 South Asian Publication Karachi 1992, P 68

2.   ايڇ ٽي سورلي ڊاڪٽر، ’ڀٽ جو شاھ‘ سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو. سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1992ع  ص 131،132

3.   ساڳيو حوالو، ص 70

4.   ساڳيو حوالو، ص 70

5.   ساڳيو حوالو، ص 71

6.   راشدي حسام الدين سيّد، ’تذڪره امير خاني‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1961ع،  ص 353

7.   ساڳيو حوالو، 1961ع،  ص 353

8.   ساڳيو حوالو، ص 354

9.   ساڳيو حوالو، ص 354

10.              مبارڪ علي ڊاڪٽر، ’سنڌ خاموشي ڪي آواز‘ مضمون ’لاري بندر‘ فڪشن ھائوس لاھور 1994ع ص 244

11. مولائي شيدائي رحيمداد، ’جنت السنڌ‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ڇاپو ٽيون 1993ع ص 446

12.              مولائي شيدائي ’جنت السنڌ‘ ص 472

13.              جتوئي محمد خان قيصر خان، ( ھيڊ ماستر اسڪول لاڏيون) مضمون ’تاريخ سنڌ جو نئون ورق- اورنگا بندر‘ مھراڻ ڪراچي- جلد ٻيو نمبر 7 کان 13، جنوري کان جون 1947ع، ص 75

14.              ساڳيو حوالو، ص 76

15.              مولائي شيدائي رحيمداد، ’جنت السنڌ‘ ص 482

16.              ايڇ ٽي سورلي ڊاڪٽر ،’ڀٽ جو شاھ‘س ص 121 

17.  Hemiltan Allexander ‘A New account of West Indies’

18.              چيتن ماڙيوالا/ ايم ايڇ پنھور، ’قديم سنڌ جي تاريخ‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2004ع ص 139

19.              ساڳيو ص 142

20.             ھن علائقي تي ميان غلام شاھ نالو نه رکيو پر ھي علائقو شاھ ڪره جي نالي سان گھڻو وقت اڳ ۾ ئي موجود ھو. جنھن کي پوءِ شاهه ڳڙهه به سڏيو ويو.

21.              قانع ٺٽوي مير علي شير، ’تحفـة الڪرام‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ڇاپو چوٿون 1994ع  ص 277

22.             مھر غلام رسول، ’تاريخ سنڌ- ڪلھوڙا دور‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1963ع، ص 575

23.             ساڳيو حوالو، ص 576

24.             ساڳيو حوالو، ص 577

25.             ساڳيو حوالو، ص 579

26.             جتوئي محمد خان قيصر خان، اڳيون حوالو، ص 75

27.             جتوئي محمد خان قيصر خان، ساڳيو حوالو، ص 76

28.             سورلي ايڇ ٽي، ’ڀٽ جو شاھ‘، ص 133

29.             ساڳيو حوالو، ص 133

30.             مولائي شيدائي رحيمداد، ’جنت السنڌ‘ ص 778

31.              سورلي ايڇ ٽي، ’ڀٽ جو شاھ‘- ص 83

32.             مولائي شيدائي رحيمداد، ’جنت السنڌ‘ ص 537

33.             روايت ته ڊگھي آھي پر ھتي فقط پنھنجي مقصد بيان ڪرڻ لاءِ مختصر احوال ڏنو ويو آھي.

34.             زباني روايت محمد خان مجيدي، بتاريخ 21 فيبروري 1998ع

35.             الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو 1977ع، ص 100

36.             چيتن ماڙيوالا / ايم.ايڇ پنھور، ’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ‘ ص 139

37.             جين فيئرلي، ’سنڌو شينهن درياھ‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي 1999ع ص 327

38.             ساڳيو حوالو ص 327 ۽ پڻ ڏسجي اليگزينڊ برنس سنڌوءَ جو سفر 1831ع، سنڌيڪا 1994ع، باب پهريون.

39.             راشدي حسام الدين سيّد، ’تذڪره امير خاني‘ ص 353

40.             قانع ٺٽوي مير علي شير، ’تحفـة الڪرام‘ ص 439

41.              جتوئي محمد خان، (مجيدي) قيصر خان مضمون ’اورنگا بندر‘ اڳيون حوالو، ص 76

42.             ساڳيو حوالو، ص 76

43.             ساڳيو حوالو، ص 77

44.             ساڳيو حوالو، ص 78

45.             54. وفائي دين محمد مولانا، ’تذڪره مشاھير سنڌ‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1985ع ص 95

46.             55. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ ص 100

(نوٽ: ڪڪرالي جي ڇٽڙين واري هنڌ تي علمي، ادبي ۽ سماجي شخصيت اسان جي دوست محترم مسعود لوهار کي چرچ جي آثارن وٽان تازو صليب اُڪريل پٿر مليو آهي، اهو هنڌ انگريزن ڪمپنيءَ پاران ٺهرايل واپاري ڪوٺي ۽ چرچ وارو ئي ٿي سگهي ٿو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org