سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جا قديم سامونڊي بندر

 

صفحو:10 

ڪيٽي بندر

پنھنجي وقت ۾ سنڌ جو مشھور ڪيٽي بندر سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ انهيءَ هنڌ تي رهيو آهي، جتي سنڌوءَ جي هڪ شاخ حجامڙو گذريل صدي عيسويءَ جي پھرين اڌ تائين مستيءَ سان وهندي رهي. ميرن جي دور ۽ خاص ڪري انگريزن جي دور ۾ ڪيٽي بندر سنڌ ملڪ جو مشھور بندر رھيو آھي. 1932ع کان اڳ تائين هتي هڪ ئي وقت ڪيترائي جھاز، سوين ٻيڙا ۽ ٻيڙيون لنگر هڻي اچي بيھنديون هيون. هڪڙا جھاز پيا ايندا هئا ته ٻيا پيا ويندا هئا. سوين ماڻهو هڪ ئي وقت پنھنجي پنھنجي ڪم ۾ مشغول هوندا هئا. ملاح، مزور، حمال، ننڍا وڏا واپاري، مڇي ۽ ٻين وٿن تي واڪ، هوڪا، گڏهه، اُٺ، ڍڳي گاڏيون وغيره ماڻهو ۽ مال کڻڻ ۾ هر وقت مصروف، مطلب ته وڏا منڊل متل هوندا هئا. گهڻي آباديءَ وارو هيءُ شھر هاڻي سُڪڙجي هڪ ساڻو ڳوٺ وڃي بچيو آهي، سو ڪنھن زماني ۾ سنڌ جي واپار جو مکي وسيلو هو. جنھن شھر جي گهٽين ۾ شام ٿيندي ئي شمعدان روشن ٿي ويندا هئا، شھر ۽ بندر جي روشنين سان سنڌوءَ جو پاڻي جرڪي پوندو هو، اتي هاڻي ماڻهن وٽ ڏيئو ٻارڻ لاءِ گاسليٽ وٺڻ به مشڪل ٿي پيو آهي. هر ڏينھن ڏکن ۾ گهاريندڙ ماڻهن جي هن علائقي کي شام ٿيندي ئي ڪاري رات وڪوڙي ويندي آهي. وري نئون سج نوان سور کڻي ايندو آهي.   

 بندر جو جڙڻ:

چيو وڃي ٿو ته ڪيٽي بندر گهڻو اڳ ۾ ئي انهيءَ علائقي ۾ موجود رھيو. جيڪو آڳاٽي زماني کان اُتي جي ميربحرن جي ٻيڙين لاءِ استعمال ٿيندو ھو، پر ٽالپر دور ۾ سرڪار پاران، بندر کي وڌيڪ ٺھرائي استعمال ۾ آندو ويو. اڃا به وِڪر بندر واري هنڌ تي ريٽ اچڻ ۽ اُجڙڻ کان پوءِ  انگريزن جي، هن علائقي ۾ اچڻ کان پوءِ سندن شروع واري دور ۾ ان کي وڌيڪ جوڙائي استعمال ۾ آڻڻ لڳا. مانوارو ڀيرومل مھر چند آڏواڻي پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘ ۾ ڪيٽي بندر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”وِڪر بندر کان پوءِ ٻيڙين جي آمدرفت جي سھنج ۽ وڻج واپار لاءِ‌ ڪيٽي بندر سڻائو ھنڌ ھو، تنھن ڪري 1848ع کان پوءِ ‌انھيءَ زور ورتو. ڪيٽي بندر ٻن درياھن جي وچ ۾ آھي. 1853ع ۾ اُھي درياھ اُٿليا، ته سڄو ڪيٽي بندر ٻڏي ويو. ماڻهن پوءِ ٻيو گُهمرو ڪيٽي بندر ٻڌو، ۽ ڪراچي جي ڪسٽم آفيس وارن ھتي ڪسٽم آفيس کولي. ٿورن ئي ورھين کان پوءِ درياھ شاھ انھيءَ کي به ڌوئي ڌمالي پنھنجي پيٽ ۾ پائي ڇڏيو. ھن وقت جيڪو ڪيٽي بندر آھي، سو بنهه ويجهڙائي جو ٺھيل آھي ۽ سرڪاري ڪسٽم آفيس به نئين جڙيل آھي“.(1) ھتي پھريائين ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون اچي ناتاريون ھڻنديون ھيون، پر پوءِ وڏا وڏا ٻيڙا ۽ جھاز به اچي لنگرانداز ٿيڻ لڳا ۽ ھي بندر ۽ شھر، وڌڻ ۽ مشھور ٿيڻ لڳو.

نالو:              

شروع وارو آڳاٽو بندر، جيڪو گهڻو اڳ ۾ سمنڊ جي ويرن جي ور چڙھي ويو، سو ھڪ ڪيٽيءَ تي ھو. ھڪ طرف يعني ڏکڻ کان سمنڊ ھئس. جڏھن ته سنڌو درياھ جو وھڪرو ڪيٽي بندر کان ٿورو اڳيان، انگريزي اکر وي جي ‘V’ جي شڪل ٺاھي سمنڊ‌ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو. انھن ٻنھي وھڪرن ۽ سمنڊ جي وچ ۾ هڪ ڪيٽي (خشڪي) ھوندي ھئي، جنھن تي ھي بندر ٺھيو، ته ان تي نالو به ڪيٽيءَ جي نسبت سان ڪيٽي بندر يعني (ڪيٽي وارو بندر) پئجي ويو.

ڀيرومل جيڪو سڄي ڄمار سنڌي ٻوليءَ، ادب، ثقافت ۽ تاريخ تي ڪم ڪندو رهيو، سو پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘، جلد ٻئي ۾ ڪيٽي بندر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:  ”اُڏيري لال وٽان جيڪي درياھ جون ٻه شاخون ڦٽن ٿيون، تن مان ھن وقت مکيه ’اوچتو‘ درياھ آھي، جو ھتان ھلي ڪيٽي بندر ڏي وڃي ٿو. اڏيري لال کان ڪيٽي بنـدر درياھ جي رستي چاليھه ڪوهه ۽ سڌي رستي پنجويهه ڪوهه ٿيندو. ھن شاخ کي اوچتو انھيءَ ڪري چوندا آھن جو، درياھ اُتان اوچتو يا اچانڪ منھن ڪڍيو ھو. ھي نالو خود ڄاڻائي ٿو ته درياھ جو ھئُ ھڪ نئون ڦاٽ آھي، پر اھو به ڪن ورھين جو آھي. اوچتو درياھ کي ڪيٽي بندر جي ويجهو ٽيٽياھ ڪوٺيندا آھن. جنھن ھنڌ درياھ وڃي عربي سمنڊ ۾ پوي ٿو. تنھن ھنڌ کان ٿورو اوڀر تي درياھ جو ھڪ ٻيو ڦاٽ آھي، جنھن کي حجامڙو چوندا آھن“.(2) ڀيرو مل، مول/مل درياھ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ھئُ ٻيو درياھ به مٿي ذڪر ڪيل ڦاٽ مان لنگهي ڪيٽي بندر ڏانھن وڃي ٿو. تنھن ڪري ڪيٽي بندر ٻن درياھن جي وچ ۾ آھي“.(3)  مطلب ته ڪيٽيءَ تي هئڻ ڪري مٿس اهو نالو پئجي ويو.

بيـ ھڪ:

ڪيٽي بندر اوچتي ۽ حجامڙي شاخ جي وچ ۾ آباد هو. هن بندر ’اوچتو‘ ڦاٽ/ وھڪري جي ويجهو ڳاڙھي شھر کان ٽيٽيھن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سمنڊ ڪناري تي ھو/آھي. حجامڙو اوڀارئين پاسان ان سمنڊ ۾ پوندو آهي. جڏھن سنڌ ڏيهه جو مشھور بندر ’وِڪر بندر‘ ريٽجڻ جي ڪري، پنھنجي اھميت وڃائي ويٺو، تڏھن اوچتي ڦاٽ جو وھڪرو اڳي کان گهڻو وڌي ويو. انھيءَ وھڪري جي ڇوڙ وٽ ڪيٽي بندر قائم ٿيو. ارڙھين صدي عيسويءَ تائين درياھ بادشاھ سنڌؤَ جو وھڪرو جڏھن ٺٽي واري علائقي، سونڊا کان اڳتي نڪرندو ھو، تڏھن وري ٻن شاخن ۾ ورھائبو ھو. جن ۾ ھڪ شاخ ڪلري ۽ ٻي شاخ بگهياڙ موجود ھوندي ھئي. ڪلري وارو وھڪرو چليا جي اولھه طرف کان گولائيءَ ۾ ڦري، جهول ڍنڍ کان ٿيندو، لال ڇتي، موسي اصحابي وارين ٽڪرين سان ٽڪرائبو، مڪليءَ جي اُتر پاسي، ساموئي، ھالاٺ کان ٿيندو، گُجي ۽ گهاري کان ڦرندو، ڀنڀور جي ويجهو، وري ٻن شاخن ۾ ورھائبو ھو. جن مان ھڪ شاخ اولهه طرف ڪورنگيءَ ويجهو لنگهي، جهور کاريءَ ۾ وڃي پوندي ھئي. ٻي شاخ مان وري ٻه ٻيون شاخون نڪرنديون ھيون، جيڪي ساڪري جي علائقي ۾ کُڏي کاريءَ ۽ ٻي وري کانٽو کاريءَ ۾ وڃي ڇوڙ ڪنديون ھيون. گهڻو زمانو اڳ ۾ انهن وهڪرن ۾ به تبديليون آيون ۽ گهڻو رخ ٺٽي جي اوڀر واري وهڪري تي رهيو.

بگهياڙ وارو وھڪرو چليا کان سڌو نڪري، ٺٽي جي اوڀر کان پيرپٺي واري ٽڪريءَ کان ٿيندو، ساڪري طرف نڪرندو ھو. انھيءَ وھڪري مان وري ٽي شاخون حجامڙو، ڦٽو، ۽ انڊو الڳ الڳ نڪرنديون ھيون. انهن ۾ انڊي وارو وهڪرو گهڻو آڳاٽو ڄاڻايو وڃي ٿو. حجامڙو ڦاٽ اولھه طرف وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو، جڏھن ته ڦٽو شاخ ھاڻُوڪي 103 موريءَ کان اڳيان نڪري، لُڊاڻي ۽ اداسيءَ کان ڦرندي، سمنڊ طرف ويندي ھئي. جنھن جا آثار اڄ تائين چٽا موجود آھن، ۽ انڊو شاخ انھيءَ ھنڌ تان وھندي ھئي، جتان ھاڻي انڊو واهه آھي. قديم دور کان اھا شاخ انھيءَ وھڪري جي نالي سان مشھور آھي. جنھن کي قديم دور جي تاريخدانن، مورخن، جاگرافيدانن ۽ سياحن

 پنھنجي ڪتابن ۾ انڊمان، انڊ، انڊيڪا، انڊياڪا، انڊس وغيره جي نالن سان درج ڪيو آھي. سنڌؤَ جي ڇوڙ واري هن علائقي ۾ خاص ڪري گذريل ٽن صدين ۾ گهڻي تبديلي ٿيندي رهي آهي. رڳو ويجهڙ واري زماني تي نظر وجهون ٿا ته به هر لحاظ کان گهڻيون تبديليون آيون آهن. منھنجي سامھون 1922ع ۾ ڇپيل ڪتاب Indian Route Book. Sind =Rajputana District Cataloge No. 0.1.32 (C) Simla Printed at Govt. Monotype press 1922  آھي، جنھن جي صفحي نمبر 132 تي روٽ نمبر 10 (ڪراچي) گھارو کان (ڪيٽي بندر 52 ميل) (گهارو کان ميرپور ساڪرو 15 ميل، ٻھارا 22 ميل، ڳاڙھو 35 ميل) ڏيکاريل آھي. جنھن ۾ ڪيٽي بندر متعلق ڄاڻايل آھي ته ڪيٽي بندر حجامڙي نديءَ جي کاٻي ڪناري تي آھي.(4) سنڌوءَ جي قديم شاخ تي قائم هيءُ ڪيٽي بندر چوٿون بندر آهي. پھريون بندر 54-1853ع ۾ درياهه لوڙهي ويو، وري جڳھه بدلائي ٻيو ڀيرو بندر جوڙيو ويو سو 1877ع ۾ لڙهي ويو، وري ٽيون بندر جوڙيو ويو سو به 1910ع ۾ تباهه ٿي ويو، هيءُ چوٿون ڀيرو اڏيل ڪيٽي بندر آهي جيڪو 1910ع ۾ ٺھيو.  سو به هاڻي تيزيءَ سان تباهه ٿي رهيو آهي. هي بندر 12.1 67054 اوڀر ۽ 57.4  24009 اُتر ۾ آهي.

پھچڻ لاءِ رستو:

اڄڪلهه ڪيٽي بندر تائين پھچڻ لاءِ پڪو رستو موجود آهي. گهاري کان ساڪري رستو ئي نڪري ڳاڙهي شھر پوءِ ٻگهاڻ وڃبو، ٻگهاڻ کان اولهه- ڏکڻ تي ڪيٽي بندر لاءِ رستو نڪري ٿو جيڪو ڳوٺ جهالو، ڳوٺ ٽڪو ۽ راڻا ڳوٺ کان ٿيندو ڪيٽي بندر پهچي سگهجي ٿو.

 

واپار:

ايسٽ انڊيا جي رڪارڊ ۽ سنڌ گزيٽئير تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيٽي بندر انھيءَ دور ۾ ھر لحاظ سان ھڪ مصروف ۽ مشھور بندر رھيو آھي. ھتان ئي سمنڊ توڙي سنڌوءَ وسيلي دنيا جي ٻين ملڪن سان واپار ۽ آمدرفت ٿيندي ھئي. پور بندر، کنڀات، لنڪا، عمان، بحرين، عباس بندر ۽ يورپ جي بندرن سان به ھن بندر وسيلي ئي واپار ھلندو ھو.

آڳاٽي رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيٽي بندر جي آسپاس وارن علائقن ۾ سنڌؤَ جي لڙاٽيل وھڪرن تي زراعت تمام سٺي ۽ گهڻي ٿيندي ھئي. ايتري قدر جو ھن بندر کي اناج بندر به چيو ويندو ھو. ھتي ھزارين مڻ چانور ٿيندا ھئا. جهونو سڄاڻ شخص محترم محمد يوسف سومرو (عمر 70 ورھيه)، جنھن ڪيٽي بندر محال ڪاريءَ ۽ پوءِ مختيارڪار آفيس ۾ چاليھه ورھيه نوڪري ڪندي گذاريا، تنھن جو چوڻ آھي ته 1948ع تائين ڪيٽي بندر وارو علائقو تمام گهڻو خوشحال ھو. مڇي تمام گهڻي ھوندي ھئي، زرعي لحاظ سان به علائقو سکيو ھو ۽ چانورن جو فصل تمام سٺو ۽ گهڻو ٿيندو ھو. ايتري قدر جو سکر کان ماڻهو ڊونڊن (وڏيون ٻيڙيون) ۾ ھتي سارين جي لاباري لاءِ ايندا ھئا. اُھي لابارو ڪندڙ ماڻهو به کائي، پي پوءِ به سڄي سال جي گذر لاءِ اناج کڻي ويندا ھئا. ھو چوي ٿو ته: ”ھتي جا ماڻهو ايترا ته خوشحال ھوندا ھئا جو وٽن ڪو مھمان ايندو ھو ته اُن کي کارائي پياري، خوش ڪري وڃڻ وقت ڪپڙن جو وڳو ۽ رستي لاءِ ڀاڙي جا پئسا به ڏيندا ھئا.“ ھو ڏاڍي دلچسپ انداز سان ٻڌائي ٿو ته: ”1957ع کان درياھ جو پاڻي گهٽجڻ شروع ٿيو، سن 1968ع کان ھن علائقي جي خوشحالي گهٽجڻ لڳي. جڏھن ته پوءِ به سانوڻ رُت ۾ پاڻي ايندو رھندو ھو ته وري به ٻنيون ٻارا ٿيندا ھئا.“(5) ڪيٽي بندر جي آسپاس ھزارين ٽن خاص ڪري ڳاڙھا رتڙيا، کارائي، کارائي گنجا ۽ ٻيا چانور ٿيندا ھئا. اُھي ڏور ڏيھن تائين موڪليا ويندا ھئا. چانورن جا ڪيترائي اھڙا قسم به ھوندا ھئا، جيڪي فقط ھن خطي ۾ ٿيندا ھئا. تاريخدانن، سياحن ۽ ٻين جي ڪتابن، سفرنامن وغيره کي پڙھڻ سان سنڌ جي ڪيترن اھڙين وٿن جي معلومات ملي ٿي، جن جو واپار دنيا جي ملڪن سان وڏي پيماني تي ٿيندو ھو. انھن وٿن ۾ ڪڻڪ، چانور، جوئر، ڪمند، ڪپھه (هاڻوڪي نه پر اصل سنڌي ڪپھه)، نير، تيلي ٻج، عمارتي سُٺي قسم جو ڪاٺ، ميوو، ڪپڙي جا ڪيترائي قسم، لنگيون، اُٺ پاکڙا، ھنا، شورو وغيره اچي وڃن ٿا. مکڻ ۽ چمڙو به گهڻو ٿيندو ھو. ’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ‘ ۾ واضح نموني ڄاڻايل آھي ته: ”سنڌ ھڪ زرعي ملڪ آھي. تنھنڪري ھتان سوٽي ڪپڙو، ڪپھه، ڌاڳو، چانور، نير، قلمي شورو (چانيھو)، کلون (رڱيل ۽ اڻ رڱيل)، کير ۽ گوشت لاءِ گهرو جانور، ڪاٺ، جهنگلي ٻوٽيون، تيلي ٻج، تيل، گيھه، مکڻ، چمڙي مان ٺھيل شيون، ڪڻڪ چانور ۽ ننڍيون وڏيون ٻيون شيون ٻاھر موڪليون وينديون ھيون.“(6) مڇيءَ جو ڪاروبار به تمام گهڻو ٿيندو ھو. ھتي مڇي سڪائي دنيا جي ٻين ملڪن ڏانھن اُماڻي ويندي ھئي. ’مور‘ مڇيءَ ۽ ٻين مڇين جو تيل به ھتان ئي ٻين ھنڌن ۽ ملڪن تائين نيو ويندو ھو. اُن مڇيءَ جو تيل دوائن جي استعمال ۾ ايندو ھو. مڇيءَ جو اھو قسم (مور)، ايترو ته مشھور آهي، جو سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ گيتن ۾ اُن جو ذڪر سھڻي نموني سان ملي ٿو. ھڪ لوڪ گيت جي وراڻي ھيءَ آھي:

”مور مڇي مون کي آڻي ڏي مور مڇي.........“

سنڌو درياھ وسيلي سڄي سنڌ، بلڪه ملتان، پنجاب، پشاور، افغانستان ۽ بلوچستان جي شھرن کان ٻيڙين وغيره جي رستي، ھتان ئي وڻج واپار ٿيندو ھو. تنھن ڪري واپاري لحاظ کان ھئُ ھڪ اھم بندر ھو مسٽر هُڊسن جنھن 1905ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر کي ريسيٽلمينٽ رپورٽ پيش ڪئي، هو انهيءَ رپوٽ ۾ لکي ٿو ته:  “1848ع کان وٺي ھي بندر/ شھر درآمد ۽ برآمد جو مرڪز رھيو آھي. ھتي اناج جي مشھور منڊي آھي. ھتان کان ڪراچي، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ ٻين ھنڌن تائين اناج وڃي ٿـــــو. ڪيٽي بندر جو زنجبار سان سڌو واسطو آھـــــي. 3-1902ع ۾ 92705 مڻ اناج، 2230 ٽن ڪاٺ ۽ ٻيو ڪيترو سامان موڪليو ويو“(7).

وقت گذرڻ سان ڪن جاگرافيائي تبديلين ۽ انگريزن جي قبضي جي ڪري ھتي جي صنعت کي وڏو نقصان رسيو. انگريز ھر طرح جي ڪوشش ڪري، ھتي جي واپار ۽ ٻين ادارن تي پنھنجي ھڪ ھٽي قائم ڪري، ھن ملڪ جي واپاري حيثيت کي ختم ڪرڻ لڳا ۽ اڳتي ھلي سازشون ڪري اُن ۾ نه رڳو ڪامياب ٿيا پر سڄي سنڌ ملڪ تي قبضو ڪري ويا. هونئن ته سنڌ پر خاص ڪري هيءُ علائقو زراعت، معدنيات ۽ صنعت جي لحاظ کان اهميت وارو رهيو آهي. ٽي پوسٽنس پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جيئن مون ڏٺي‘ ۾ انگريز دور ۾ سنڌ جي گهٽجندڙ تجارت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”باقي ٺٽي جو ڪپڙو اھم آھي، ھتي جون لونگيون ته ڏاڍيون نامياريون آھن، جيڪي سوٽي ۽ پٽَ جي ڌاڳي کي ملائي جوڙيون وينديون آھن. ھن جا ويھه ڌار وڙ آھن، اُھي به ھاڻي ڏيساوري بندرن ۽ بازارين لائق ڪونه رھيون آھن. سنڌ ڪنھن زماني ۾ سوٽي ڪپڙي جي ڏس ۾ ناليري ھئي، پر ھن وقت ھتان جي سُٽ بدران، برطانيا جو ٺھيل سُٽ ڪم آندو ويندو آھي.(8) ڇاڪاڻ ته انگريزن ڄاتو ٿي ته ھن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ، ھن ملڪ جي صنعت ۽ واپاري حيثيت کي ختم ڪرڻ ضروري ھو. تنھنڪري ھو اُنھيءَ لاءِ ھر طرح جي سازش ڪرڻ لاءِ تيار ھئا ۽ ڪري رھيا ھئا. جنرل سر جارج ميڪمين پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ هڪ اهم ڳالهه لکي آهي هو لکي ٿو ته: ”انگريزن جو سنڌ ۾ مفاد، سنڌؤَ وسيلي ھڪ آزاد تجارت قائم ڪرڻ ھو. ايئن کڻي چئجي ته سنڌ جي ھن واپار ۾ ساري دنيا جو تجارتي مفاد ھو. سنڌوءَ وسيلي ھلندڙ واپار تي جيڪو محصول اڳڙندو ھو، سو مناسب ھئڻ گهربو ھو ۽ اُنھيءَ  جي ورھاست به مناسب ھئڻ کپندي ھئي. اڻويھين صديءَ جي ٽئين ڏھاڪي جي اڳياڙي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ھينري پاٽينجر کي سنڌ روانو ڪيو ھو ته ھن ڏس ۾ هن وڃي سنڌ جي حڪمرانن سان ڳالهه ٻولهه ڪري“.(9) ڇاڪاڻ ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، سنڌ جي واپار ۽ جاگرافيائي اهميت کي چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي. سامونڊي ۽ درياھي آمدرفت جي به کين خبر ھئي. ھنن کي اھا به سڌ ھئي ته: ”سنڌؤَ جي وھڪري سان بکر اھڙو ماڳ ھو جيڪو دنيا جي وڏي تجارتي آمدرفت جي سلسلي سان لاڳاپيل مشھور گس تي اھم ٿاڪ ھو.“(10) انھيءَ تجارتي سلسلي ذريعي جيڪو واپار ٿيندو ھو، سو سنڌؤَ وسيلي سڌو، سامونڊي بندرگاھن تائين ايندو ھو، جيڪو پوءِ دنيا جي ٻين ملڪن تائين رسندو ھو. جنھن زماني ۾ ڪيٽي بندر سنڌ ملڪ جو بندرگاھ ھو، تڏهن سموري تجارتي آمدرفت به ھن بندر وسيلي ٿيندي ھئي. ۽ اھو سلسو گهڻي وقت تائين ھلندو رھيو. جنھن زماني ۾ ڪراچي بندر زور وٺڻ شروع ڪيو، تنھن زماني کان ھن بندر جي ڪجهه اھميت گهٽي، پر اھو واپاري سلسلو گهڻي وقت تائين ھلندو رھيو. مانوارو مرزا قليچ بيگ پنھنجي ڪتاب قديم سنڌ، اُن جا مشھور شھر ۽ ماڻهو ۾ ڪيٽي بندر جي واپار متعلق لکي ٿو ته: ھتي جو ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ سان واپار ھلندو آھي.(11) مطلب ته ويھين صديءَ جي پھرين اڌ تائين به ڪيٽي بندر جو ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ سان واپار ھلندو رهيو.

1853ع کان وٺي 1936ع تائين ھتي ميونسپل ڪميٽي قائم ھئي. ٺٽي جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر، انھيءَ ڪميٽيءَ جو صدر ھوندو ھو. ھتي ڪسٽم آفيسون، محال ڪاري ۽ پوليس اسٽيشن به ھئي. 1969ع تائين هتي لينڊ ڪسٽم جو انسپيڪٽر رهندو هو. سٺ جي ڏهاڪي ۾ جڏهن اوچتي وارو وهڪرو بنھه بند ٿي ويو ته سمنڊ وڌڻ لڳو. تڏهن مٺي پاڻيءَ لاءِ تلاءُ ٺاهي پورت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر اها ڪا خاص ڪامياب نه ٿي ۽ پوءِ ٻيڙين وسيلي جُوهي کان پيئڻ جو پاڻي ايندو هو پر اڳتي هلي جوهي جي حالت ساڳي ٿي ويئي.  سن 1978ع ۾ سمنڊ جي پاڻي ڪسٽم آفيس ۽ ٻين جڳھين کي ٻوڙي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ سمورو رڪارڊ وغيره به تباھ ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته ڪيٽي بندر ايڏو وڏو شھر ھو جو منجهس رڳو صفائي ڪندڙن جا به ھڪ سؤ چار (104) گھر ھئا.

مانواري سائين عزيز جعفراڻي صاحب کي ھتان جيڪو ڪسٽم رڪارڊ مليو آھي، انھيءَ موجب 1889ع کان 1920 تائين ڪيٽي بندر ۾ ايندڙ جھاز 376 رجسٽر ٿيا. جڏھن ته 1924ع ۾ ڪيٽي بندر ۾ 650 وڏيون ٻيڙيون ۽ غوراب موجود ھئا.

اهڙو ئي مليل هڪ ٻيو رڪارڊ هن ريت مليو آهي جنھن مان به اندازو ڪري سگهجي ٿو: 9-1908ع ۾ 382 جھاز، 8 هزار 20 ٽن سامان کڻي بندر تي آيا، 260 جھاز 7 هزار 4 سو 82 ٽن سامان ٻين ملڪن ڏانھن کڻي روانا ٿيا. 1921ع ۾ 23825 رپين جي آمدني ٿي ۽ 21406 خرچ ٿيو. 1923ع ۾ هتان 6 لک 23 هزار 4 سو 32 رپين جو مال ڏور ڏيھن ڏانھن کڻي روانا ٿيا ۽ 2 لک 31 هزار 3 سو جو مال آندو ويو. 1936ع ۾ هتان 432423 رپين جو مال آيو، ۽ 231313 رپين جو مال موڪليو ويو. 1946ع ۾ 13 هزار 4 سو 15 رپين جو مال ٻاهر موڪليو ويو. ۽ 25 هزار 3 سو 41 روپين جو مال آيو.

1848ع کان 1920ع تائين انگريز سرڪار جي رڪارڊ ۾ ھن بندر/شھر جو گهڻو ذڪر ملي ٿو. سنڌ آرڪائيوز ڊپارٽمينٽ ۾ به اھڙو رڪارڊ ملي ٿو، جنھن مان ھن بندر جي وڻج واپار، آمدرفت، محصول، آبادي وغيره جا انگ اکر معلوم ڪري سگهجن ٿا. انھن انگن اکرن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته ڪيٽي بندر ۽ اُن جي آسپاس ۾ رھندڙ ماڻهو بنھه سکي ستابي زندگي گذاريندا ھئا. ھن علائقي ۾ جيڪي سنڌؤَ جا وھڪرا وھي ايندا ھئا، انھن تي

نار ۽ ھُرلن وسيلي پاڻي واھن ۾ واھي، ھزارين ايڪڙ زمينون آباد ڪيون وينديون ھيون. ماھيگيريءَ جي ته اوج جا احوال رڪارڊ ۾ محفوظ آھن. شھر ۾ صاف پاڻيءَ جي استعمال، صفائي، روشنيءَ جو انتظام گندي پاڻيءَ جي نيڪال، سٺي فضا وغيره جو ذڪر ملي ٿو. صحت گهر، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا اسڪول به موجود ھئا. ڪپڙن رڱڻ جي ڪارخاني جو به ذڪر آھي. آسپاس ساريال گهڻي ٿيندي ھئي. 1968ع تائين ڪيٽي بندر جي آبادي 20 ھزار ماڻھن تي مشتمل ھئي، ستر واري ڏھاڪي تائين پنج ھزار آبادي ھئي. 1950ع ۾ ميمڻ رائس مل مشھور ھئي. ھتي جو ڪاٺ ۽ ڪاٺ جو ڪم به مشھور ھو. 1922ع کان اڳ جي ڪاٺ مان ٺھيل، ھڪ ڪئبن جنھن کي چار ڦيٿا لڳل آھن، جيڪا انھن ڦيٿن تي ھلائي به سگهجي ٿي، سا اڃا تائين موجود آھي. پلنگ، سينگار ٽيبل، ھندورا وغيره به تمام سھڻا ٺھندا ھئا. ھتي جي جھوني استاد سائين عبدالرحمان ميمڻ، ھڪ گهر ۾ اھڙو ڪاٺ جو سامان ڏيکاريو، جنھن کي ڏسڻ سان ھتي جي ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ کي داد ڏيڻ کان رھي نٿو سگهجي. ڪاٺ تي تمام نفيس ٽڪ سان نقش و نگار مان ھتي جي ڪاريگريءَ جي انفراديت، نفاست ۽ ھنرمنديءَ جو چڱي نموني اندازو ڪري سگهجي ٿو.

سنڌ جي لاڙ جي جهنگ واري سنڌؤَ جي ڇوڙ جو ذڪر ڪندي، جين فيئرلي پنھنجي تصنيف ’سنڌو شينھن درياھ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ھتي ٻيڙين ۾ ڪم ايندڙ ڪاٺ جي ڪا اَڻاٺ ڪانه آھي. ڇاڪاڻ ته سنڌو جن علائقن مان وھندي آھي، سي وڏن ٻيلن سان ڇانئيا پيا ھوندا آھن، پر ڇوڙ واري علائقي ۾ انھن سڀني کان وڌيڪ ٻيلا موجود آھن. جن ۾ ٻيڙين جو ته ڪو انت شمار ڪونه آھي. بڙ جو وڻ به جام ٿئي، جنھن جي ھر ڏار مان پاڙون نڪري اچي ڌرتيءَ ۾ کپيل ڏسبيون آھن. ان کان علاوه تمر ۽ لئي جا وڻ به ھر ماپ جا نظر ايندا“.(12)

اھڙيءَ ريت ٻيون به ڪيتريون ئي خاصيتون آھن، جنھن ڪري ھي علائقو گهڻن علائقن کان مختلف، دلچسپ ۽ اهم رهيو آھي. ڀيرومل مھر چند آڏواڻي صاحب لکي ٿو ته: ”ڪيٽي بندر طرف”سوئڻ“ نالي گاھ ڦٽي ٿو، جو مال جي حق ۾ نھايت عمدو آھي. اھو گاھ فقط انھيءَ ھنڌ ٿيندو آھي، جتي کارو توڙي مٺو ٻئي پاڻي ھوندا آھن. ڪيٽي بندر طرف سمنڊ جو کارو پاڻي ۽ سنڌونديءَ جو مٺو پاڻي آھي، تنھن ڪري سڄي سنڌ ۾ اھو گاھ رڳو ڪيٽي بندر طرف ٿيندو آھي. انھيءَ گاھ مان نانوئي پيدا ٿيندي آھي، جيڪا اسان جا ھندو، گيارس جي ڏينھن کائيندا آھن. نانوئيءَ جو چتر پچائيندا آھن، ۽ ان جو سيرو به ٺاھيندا آھن، جو سوادي ٿيندو آھي“.(13) هن علائقي ۾ اهو سُرهو ’سوئڻ‘ نالي گاهه اڃا تائين به ٿئي ٿو. مون (ليکڪ) اهو گاهه ڪيٽي بندر ۽ کاري ڇاڻ ۾ به ڏٺو آهي ته وري اهو گاهه کائيندڙ چوپائي مال جو کير به پيتو ۽ سوئڻ جي سُرهاڻ ورتي آهي. ھتي جا جهونا ذڪر ڪن ٿا ته: “1965ع تائين ڊونڊا (ٻيڙا) ھتان اناج ۽ اُڙد ڀري ھندستان ويندا رھندا ھئا ۽ اُتان وري ٻيڙيءَ جو پن ۽ مصالحو وغيره ڀري ھتي ايندا ھئا. ھتان سمنڊ يا خشڪيءَ رستي وري ڪراچي مال ويندو ھو.”(14) 1906ع - 1907ع جي سنڌ گزيٽيئر(15) ۾ سنڌ جي بندرگاھن جي واپار جا انگ اکر ھيٺين ريت ڏيکاريل آھن:

هنن انگن اکرن ۾ سامونڊي بندرگاھن، ڪيٽي بندر ۽ سيرڳنڍي جي واپار جا انگ اکر به شامل آھن. تنھنڪري مجموعي مُلھه ھيٺين ريت آھي:

ڪيٽي بندر ۾ رھندڙ ذاتيون:

ھتي رھندڙ ذاتين ۾ ميربحر، گمبواڻي، ڀڙج، لاکاٽيا، ميمڻ، سَمان، سومرا، رونجها، ناھيا، گوجڙيا، ڪاتيار، ڀٽ، گڊا، شيدي، لوھاڻا، واڻيا، سونارا، ميگهواڙ، سنگھار، جت، لاشاري، مُرگهر، ڪلمتي ۽ خاص ڪري ميربحرن جي نک دَبلا اچي وڃن ٿا، جن جا هتي ڪيترائي ڳوٺ آهن. انھن دَبلن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اھي اصل ۾ ديبل بندر جا رھندڙ ھئا. کين ديبلا سڏيو ويندو ھو. جيڪو لفظ ھاڻي ڦري دَبلا ٿي ويو آھي. شھر جي آبادي هزارن مان گهٽجي هن وقت ڪجھه سون ۾ وڃي بچي آهي. ملندڙ رڪارڊ موجب 1871ع ۾ 12527، سن 1900ع ۾ 2127، سن 1921ع ۾ 1409، ۽ سن 1951ع ۾ 1715 شھر جي آبادي هئي.

بندر جو ڦٽڻ:

ھيڏو اھم، وسندڙ ۽ مصروف بندر ڪيئن تباھ ٿيو؟ اھا به ھڪ ڊگهي ڪھاڻي آھي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ھتي ڪيتريون ئي تباھيون آيون، پر اھي تباھيون اھڙيون ھيون، جو ھر تباھيءَ کان پوءِ وري به ھي بندر جُڙي ٿي پيو. ڇاڪاڻ ته سدا سائي سنڌوءَ جي ڪري هن علائقي جي اهميت رهندي آئي آهي. ھونئن ته ھن علائقي کي زلزلن وغيره به گهڻو متاثر ڪيو آھي. رڳو ان دور تي نظر ڦيرايون ٿا ته پتو پوي ٿو ته، 1758ع ۾، لاڙ ۾ زلزلو آيو، جنھن جي نتيجي ۾ تمام گهڻي ڦيرڦار آئي، ڪلري وارو وھڪرو جيڪو گهاري ڪريڪ کان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو، سو سخت متاثر ٿيو، توڙي جو اھو وھڪرو ٿورو گهڻو پوءِ به وھندو رھيو، پر 1826ع ۾ ختم ٿي ويو. 16 جون 1819ع تي سامونڊي طوفان ھن علائقي ۾ تباھيون ڪيون. جون 1883ع ۾ به سامونڊي طوفان ھن علائقي کي گهڻو متاثر ڪيو. 5 آڪٽوبر 1898ع تي سامونڊي وير چڙھي، جنھن ھتي جي گهڻي علائقي کي برباد ڪيو. مئي 1902ع واري طوفان به تباھيون ڪيون، 16 فيبروري 1903ع تي ھن پٽيءَ ۾ زلزلو آيو، طوفان لڳو ۽ وير چڙھي، جنھن تباھيون مچايون. اُن ۾ به ڪيٽي بندر سخت متاثر ٿيو. تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته: ڇوڙ واري علائقن ۾ ھر وھڪرو سدائين رخ بدلائيندو رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته سنڌو جنھن ھنڌ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آھي ته ڇوڙ وٽ واريءَ جو وڏو دڙو ٺاھي ڇڏيندو آھي. تنھنڪري بندر، درياھ جي ڇوڙ بنھه مُنھن وٽ نه پر سمنڊ کان ٿورو پري خشڪيءَ تي ھوندو ھو ۽ اُن ھنڌ تي ھوندو ھو، جتي سمجهيو ويندو ھو ته سنڌو رخ ڪونه ٿو بدلائي، اھو ئي ڪارڻ آھي جو بندر، سنڌؤ جي ڇوڙ کان 15-20 ميل پري ھوندو ھو، پر ڇوڙ وارو علائقو به اڳتي وڌندو رھندو آھي، تنھنڪري بندر کي به ھڪ جاءِ تي ٽڪڻ ڪونه ڏيندو آھي. جيڪو ڇوڙ واري علائقي جي بدلجڻ کان پيو بدلبو سدلبو آھي. گذريل صديءَ  جي شروع دوران جيڪو ڪيٽيءَ وارو شھر/بندر، ھوندو ھو، جنھن کي ڪيٽي بندر ڪري سڏيو ويندو ھو. اڄ اھو اصلي ماڳ کان ڏھ ميل ڏکڻ طرف آھي.(16)

ذڪر ٿي چڪو آھي ته ڪيٽي بندر ڪيترائي ڀيرا تباھ ٿيو ۽ مختلف ھنڌن تي تبديل ٿيندو رھيو. ملندڙ رڪارڊ موجب پھريون ڪيٽي بندر 53 - 1854ع ۾‌سمنڊ پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، ته ٻيو بندر/شھر آباد ٿيو. اھو به سن 1877ع ۾ سنڌؤَ جي پاڻيءَ لوڙھي ڇڏيو، ته وري ٽيون بندر ۽ شھر جڙيو. 10 فيبروري 1910ع تي ٻارھن فوٽ وڏي وير چڙھي آئي ۽ ڪيٽي بندر ناس ٿي ويو. ھاڻوڪو ڪيٽي بندر چوٿون بندر آھي. چوٿين ڪيٽي بندر جي تباھ ٿيڻ جو وڏو سبب سنڌو درياھ جو پاڻي گهٽجڻ آھي. سنڌؤَ جو ڇوڙ‌  وارو علائقو ڪافي عرصي کان گهٽجي ويو آھي. جنھن جو مکيه سبب ڊيمن ۽ بئراجن جو ٺھڻ آھي، اھڙي شروعات 1875ع کان ٿي، جنھن جو اثر ٿورو پوءِ ٿيو. 1899ع ۾ سنڌ ۾ موجود ان وقت جي ڪمشنر پنھنجي ايندڙ ھم منصب لاءِ ھڪ يادداشت نامو ڇڏيو، جنھن ۾ واضح لکيل ھو ته: ”جيڪڏھن ڪنھن به مقصد لاءِ‌ پنجاب ۾ سنڌؤَ جي پاڻيءَ کي روڪيو ويندو يا موڙيو ويندو يا ڪتب آندو ويندو ته ان جو سنئون سڌو اثر سنڌ جي اقتصاديات تي پوندو، ڇو ته ايئن ڪرڻ سان سنڌؤَ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي.“ انهن اهم لکتن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري، هنن علائقن ۾ گهڻيون تبديليون ۽ تباهيون آيون. ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ جو مصنف ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڪيٽي بندر جي تباھ ٿيڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”1914ع کان پوءِ ڪراچي بندر زور ورتو، تنھن ڪري ننڍن بندرن جي شھرت گهٽجي ويئي، تنھن ھوندي به لکپت ڏانھن، سنڊي بندر ۽ ڪيٽي بندر تان چانورن جي روانگي ٿيندي ھئي.“(17) ذڪر ٿي چڪو آھي ته چانورن جا ڪيترائي اھڙا قسم به ھئا جيڪي فقط ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ ۽ شاھ بندر واري علائقن ۾ ٿيندا ھئا. ڇاڪاڻ ته اُھي فقط مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جي  ميلاپ واري علائقن ۾ ٿيندا ھئا. آڳاٽي زماني ۾ اھڙا چانور تمام گھڻا ٿيندا ھئا پر ويھين صديءَ جي پھرين چوٿائيءَ تائين فقط ڪيٽي بندر، کاري ڇاڻ ۽ گھوڙاٻاريءَ وارن علائقي ۾ ئي ٿيندا ھئا. مانوارو ڀيرو مل پنھنجي خوبصورت ڪتاب ’لطيفي سئر‘ ۾ لکي ٿو ته: ”شاھ صاحب، عربيءَ سمنڊ کي کارو ۽ سنڌؤَ کي مٺو سڏيو آھي. کاري ۽ مٺي جو ميلاپ رڳو سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ ٿئي ٿو، سنڌو نديءَ جا ڇوڙ گهڻا آھن. ھن وقت پاڻيءَ جون اھي ٻئي جنسون ڪيٽي بندر طرف آھن.“(18)

حقيقت ۾ ڪيٽي بندر جي تباهيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب سنڌوءَ جي اوچتو شاخ جو رڪجڻ رهيو. نه رڳو ڪيٽي بندر پر اوچتي رڪجڻ جي ڪري گهوڙا ٻاري کان ڪيٽي بندر وارا سارا علائقا تباهه ٿي ويا. ڪراچيءَ جي تاريخ جو ليکڪ، محترم احسان حليم پنھنجي ڪتاب ’ڪلاچيءَ جي ڪُن کان ڪراچيءَ تائين‘ ۾ ڪراچيءَ جي وڌڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: “ڪيٽي (بندر) ۾ مٽي ڀرجڻ ۽ نديءَ جي رُخ جي تبديلي پڻ ڪراچيءَ جي موجوده ترقيءَ جو ڪارڻ آھي.”(19) مطلب ته ٻين سببن سان گڏ ڪيٽي بندر جي تباھيءَ جو سبب ريتي گڏ ٿيڻ ۽ درياھ جي وھڪري جو رڪجڻ رهيو. پر حقيقت ۾ ڪيٽي بندر ۽ هن علائقي جي تباهيءَ جو مُک سبب سنڌوءَ جو پاڻي گهٽجڻ ۽ سندس وهڪرا رُڪجڻ آهي، ورھاڱي وقت به ھئُ ٽيھه ھزار آبادي تي مشتمل ھڪ وسندڙ شھر ھو. ورھاڱي کان پوءِ مسلسل درياھ تي ڌاڙا لڳڻ جي ڪري پاڻي گهٽجڻ لڳو ته ھئُ علائقو به اجڙڻ لڳو. ھزارين مڻ ڳاڙھا چانور، گيھه ۽ ڳڙ وغيره ڏيساور موڪليندڙ ھن شھر جي حالت ھاڻي بنھه خراب آھي. سنڌؤَ جي پالوٽ تي پنھنجا ھنڌ تبديل ڪندڙ ھي بندر/شھر، ھاڻي پاڻي جي سخت اڻاٺ جي ڪري برباد آھي. سنڌؤَ جي پاڻي نه ھئڻ جي ڪري سمنڊ به مسلسل سڪي طرف وڌي، ھن شھر ۽ علائقي کي تباھ ڪري رھيو آھي. انسانن، جانورن، وڻن، ٻوٽن، زراعت سان گڏ ھتي جي آبي جيوت به مري رھي آھي. ڪيٽي بندر جي بازارين ۽ آسپاس جي زمينن وانگر ھتي جي ماڻھن جون زندگيون به اجڙي، سُڪي ۽ سَڙي رھيون آھن. ڪنھن زماني ۾ جتي سٻاجهي سنڌؤَ جي وھڪرن جون مستيون ھيون، ٻنھي طرفن کان سڄو سال لڙاٽيل پاڻي گڙگاٽ ڪري وھندو ھو، اتي ھاڻي مٺي پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ‌ ڌرتي ۽ جيوت سِڪي رهي آهي. ھاڻي ته پيئڻ جو پاڻي به اٺ ميل پري امام پٺو واٽر سپلاءِ مان ايندو رهيو آهي، سو به مشڪل ٿي پيو آهي. افسوس جو ھاڻي ته پيئڻ جي پاڻي جا ٽينڪر ٻگهاڻ يا ٻھارن کان گهرايا وڃن ٿا. ھاڻي ڪيٽي بندر جي حالت ڏسي ڪنھن کي به اعتبار نه ايندو ته ھئُ اھو بندر آھي، جنھن تي ڪڏھن سوين ٻيڙا پيا ايندا ھئا ته ٻيا اُسھندا ھئا. ھاڻي اسين اهي ڳالهيون فقط ڪتابن ۾ پڙھي سگهون ٿا. ’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ‘ جو مصنف سامونڊي ڪنارن تي درياھ ۽ سمنڊ جي ڦيرڦار جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: “گذريل صديءَ دوران ڪيٽي بندر وارو شھر، بندر ھوندو ھو، جنھن کي ڪيٽي بندر ڪري سڏيو ويندو ھو، اڄ اھو اصل ماڳ کان ڏھ ميل ڏکڻ طرف آھي. لاھري بندر سان به ساڳئي حالت ٿي ھئي.”(20) مصنف اڳتي لکي ٿو ته: “انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان ٿورو اڳ ڪيٽي بندر وري ترقي ڪئي. سنڌؤَ جي ساڳئي کاريءَ تي ڪيترائي قديم بندر ھئا.”(21)

اڄڪلهه ڪيٽي بندر، اپٻيٽ وانگر چئن پاسن کان کاري پاڻيءَ ۾ وڪوڙيل آھي، سو به اھڙيءَ طرح جو جڏھن سمنڊ چڙھندو آھي، تڏھن ڪيٽي بندر جي بازار ۾ اڍائي فُٽن تائين پاڻي بيھي ويندو آھي، جڏھن پاڻي لھندو آھي ته گپ رھجي ويندي آھي. پھريائين سٺ واري ڏھاڪي ۾ شھر کي ٻن طرفن کان بچاءُ بند ڏنو ويو، ۽ پوءِ اسي واري ڏهاڪي ۾ ان جي گهڻي مرمت ڪري مضبوط ڪيو ويو. تنھنڪري سمنڊ جي پاڻيءَ کان ڪجهه بچاءُ آھي. ڪيٽي بندر، جتي ڪنھن زماني ۾ ڏيھي، پرڏيھي جھاز اچي لنگر ھڻندا ھئا، گوديءَ تي مال لھندا ۽ چڙھندا ھئا، جتي خوشيون کنوڻ جي تجلي وانگر ھر چھري تي چمڪاٽ ڪنديون ھيون، اُتي ھاڻي رڳو ويرانيءَ جو واءُ واڪا ڪري رهيو آهي. جتي ماڻهن جا ميلا ھوندا ھئا، اُتي اڄ سُڃ وسي ٿي. مانوارو اديب ۽ محقق بدر ابڙو ”سنڌؤَ جو سفر“ 1989ع ۾ ڪيٽي بندر جي ڪيڏي سٺي منظرڪشي پيش ڪري ٿو ته: “مان سنڌ جي ھڪ شھر کي سڪرات ۾ ڏسي رھيو آھيان.”(22) ها پر هن وقت حالت اڃا به وڌيڪ خراب آهي. خاص ڪري 1992ع کان وٺي جنھن تيزيءَ سان سمنڊ وڌي رهيو آهي، تنھن هن علائقي کي گهيري ۾ آڻي بنھه ساڻو ڪري سڪائي وڌو آهي.

اڳ ۾ ڪيٽي بندر جي حيثيت محال ڪاري جي هئي، 27 اپريل 1977ع کان تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر رهيو آهي. توڙي جو هن وقت ڪيٽي بندر ڪو بندر ۽ شھر نه رهيو آهي پر کيس تعلقي جي حيثيت آهي. هي تعلقو 3532 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. هن وقت 3 تپا، 42 ديھون، ۽ 206 ننڍا وڏا ڳوٺ آهن. شھر ۾ پھريائين 1871ع ۾ پرائمري اسڪول قائم ٿيو، جنھن ۾ ڪيترائي استاد ۽ سوين شاگرد تعليم پرائيندا هئا، پر هن وقت حالت ڏکوئيندڙ آهي. هتي پھريائين سن 1862ع ۾ ڊسپينسري قائم ٿي تنھن کان پوءِ ضلعي ڪائونسل پاران 1963ع ۾ ڊسپينسريءَ جي نئين بلڊنگ قائم ٿي. هن مھل تعلقي ۾ 66 پرائمري اسڪول آهن، جن ۾ 2 ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول آهن. 2 هاءِ اسڪول جن ۾ هڪ ڪيٽي بندر ۽ هڪ هاءِ اسڪول ٻگهاڻ ۾ آهي.

         ڇوڙ واري علائقي ۾ سنڌؤَ‌ جو پاڻي رڪيو آھي ته ڄڻ زندگي رڪجي ويئي يا ھتي زندگي منع بڻجي ويئي آھي. ھاڻي ڪيٽي بندر ڏسڻ سان اندر مان سڏڪا اُڀري اچن ٿا. ھاڻي ته لطيف سرڪار جو ھئُ بيت ھتي جو چٽو عڪس بڻجي پيو آھي:

نه‌ سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،

پسيـــو بازاريون، ھينئڙو مون لوڻ ٿئي.

(شاهه لطيف)


 

حوالا ۽ حاشيا

 

1.       آڏواڻي ڀيرومل مھر چند، ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘ ڀاڱو ٻيو، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد 2003ع ص 35

2.       ساڳيو حوالو ص 36

3.       ساڳيو حوالو ص 37

4.       Indian Route Book. Sind =Rajputana District Cataloge No. 0.1.32 (C) Simla Printed at Govt. Monotype press 1922، P-132,133  

5.       زباني محمد يوسف سومرو (عمر 70 ورھيه) بتاريخ 5 سيپٽمبر 2003ع

6.       چيتن لال ماڙيوالا/ايم ايڇ پنھور ’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2004ع ص 139

7.       هُڊسن

8.       ٽي پوسٽنس، ’سنڌ جيئن مون ڏٺي‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، ص 183

9.       سر جارج ميڪمين جنرل ’سنڌؤَ جو موھ‘ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد 2002ع ص 92

10.    ساڳيو حوالو ص 93

11.    قليچ بيگ مرزا، ’قديم سنڌ، اُن جا مشھور شھر ۽ ماڻهو‘ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1990ع ص 124

12.    جين فئيرلي، ’سنڌو شينھن درياھ‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1999ع- ص 325

13.    آڏواڻي ڀيرومل مھر چند، ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘ ڀاڱو ٻيو، ص39

14.     زباني روايت محترم عبدالرحمان ميمڻ (ابن ڏاڏن کان ڪيٽي بندر جو رھاڪو، رٽائرڊ استاد، (عمر 97 ورھيه)، ڳالهه ٻولهه بتاريخ 17 آڪٽوبر 1993ع . ۽ پڻ زباني روايت محمد يوسف سومرو.

15.    Aitken E.H. ‘Sindh Gazetteer’ P 450, 451

16.    چيتن ماڙيوالا/ايم ايڇ پنھور، ’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ‘ ص 138

17.    الانا غلام علي ڊاڪٽر،’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو 1977ع ص 136

18.    آڏواڻي ڀيرومل مھر چند، ’لطيفي سئر‘ ڀٽ شاھ ثقافت مرڪز حيدرآباد، 1989ع ص 43

19.    احسان حليم، ’ڪلاچيءَ جي ڪُن کان ڪراچيءَ تائين‘ سنڌيڪار زاھد مگسي، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2002ع، ص 24

20.    چيتن ماڙيوالا/ايم ايڇ پنھور، ’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ‘ ص 139

21.    ساڳيو حوالو ص 139

22.    بدر ابڙو، ’سنڌؤَ جو سفر 1989ع‘ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1994ع ص 4

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org