سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جا قديم سامونڊي بندر

 

صفحو:4 

وڃڻ لاءِ ٽي مھينا لڳندا ھئا ۽ موٽندي ھڪ مھينو لڳندو ھو. لاري بندر تي ٽي سؤ ٽن بار کڻي ايندڙ  ٻيڙا اچي لنگرانداز ٿيندا ھئا.“(51) مشھور واپاري ۽ سيلاني ڪيپٽن اليگزينڊر ھيملٽن جيڪو دنيا جي گهڻن ملڪن جا سير سفر ڪندو، جڏهن سنڌ ملڪ پھتو تڏهن هو سنڌي سمنڊ ۾ داخل ٿي پھريائين لاهري بندر تي پنھنجي ٻيڙي کي لنگر لڳائي اچي لٿو. ذڪر ٿي چڪو آهي ته هن انهيءَ بندر کي سٺي نموني سان ڏٺو. پاڻ پنھنجي سفرنامي ۾ لاهري بندر جي واپار وغيره جي گهڻي تعريف ڪري ٿو. سندس انهيءَ سفر نامي ‘An Accout of east Indeas’ جو يارهون باب نه رڳو دلچسپ آهي پر تاريخي لحاظ کان گهڻو اهم آهي. هن پنھنجي سفرنامي ۾ لاهري بندر جي فاصلي جو احوال ھن ريت ڏنو آھي: ”ٺٽي کان لاھور جو سفر ڇھن کان ستن ھفتن ۾ طئي ٿيندو ھو. ليڪن لاھور کان واپسيءَ ۾ ارڙھن ڏينھن لڳندا ھئا، ۽ ڪڏھن ڪڏھن اھو سفر ٻارھن ڏينھن ۾ به  طئي ٿيندو ھو.“(52) پڌرو ٿئي ٿو ته نه رڳو لاهور واري علائقي پر انهن سڀني علائقن جو واپار هن بندر وسيلي ٿيندو هو.

مڙني سفرنامن، روزنامچن ۽ تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته لاهري بندر خاص ڪري ڏهين کان سترهين صدي عيسويءَ تائين واپار جو مکيه مرڪز رهيو. اھا پڻ ھڪ حقيقت آھي ته  سنڌ جو واپار خشڪي توڙي بحري رستن ذريعي مغرب ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان ھلندو ھو. خشڪيءَ جا به ڪجهه مشھور رستا هئا، پر اهي ڊگها ۽ ٿڪائيندڙ هئا. انهن رستن وسيلي ڪي وڏا بار کڻي ڏور ڏيھن تائين رسڻ ڏکيو هو. خشڪيءَ جي انهن رستن ۾ ڀنڀور، آمري، سيوهڻ ۽ جوهي کان نڪرندڙ رستا مشھور هئا. ڀنڀور کان سواءِ جوھي ۽ ان جي آسپاس مان کيرٿر جبلن جي لنگهه، مول لڪ جي رستي قافلا بلوچستان ٽپي ايران ويندا ھئا. جتان ڀونوچ سمنڊ وارن ملڪن ڏانھن ويندا ھئا، يا وري ٽنڊي رحيم خان، واھي پانڌي، لڪ روھيل، لڪ ڦوسيانڊ، لڪ گاري مان ٿيندا، ايران پھچندا ھئا، ۽ اُتان ترڪيءَ لاءِ اُسھندا ھئا، پوءِ وري ٻين ملڪن ڏانھن. ايئن سيوهڻ کان نڪرندڙ رستو به مشھور هو، جنھن بابت قديم آثارن جي ڄاڻو ۽ تاريخدان محترم سائين تاج صحرائيءَ جي چوڻ موجب: “اڙل واھ وٽان جهانگارا باجارا، ٻنڌڻي، ڪافرڪوٽ، نئين ڪرچات کان مڪران تائين رسبو ھو ۽ پوءِ اڳتي ايران پھچبو ھو.”(53)

ڊاڪٽر ڇٻلاڻي پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ ۾‘ پٿاوالا جي حوالي سان لکيو آھي ته: “افغانستان ۽ ٻين اترين ملڪن سان واپار ھڪ شاھي رستي ذريعي ھلندو ھو، جو بکر کان شروع ٿي سليمان-ھالار جبلن جي قطار جي آسان لڪن وچان بولان دري مان لنگهي قنڌار، ھروِ کان ٿيندو ترڪستان ۾ ختم ٿِي ويندو هو.(54) ڊاڪٽر ڇٻلاڻي اڳتي لکي ٿو ته: ”انھيءَ کان سواءِ مغربي ملڪن ڏانھن وڃڻ لاءِ ھڪ بحري رستو پڻ ھو، جو دوآبي جي بندرن، لھري بندر، اورنگ بندر، وستا بندر کان ايراني نار جي بندرن بصره، گومبرون (بندر عباس)، آرمز، مسقط، ڪانگو ۽ بحرين بندرن تائين ھو. جتان وري يورپ کي پھچائڻ لاءِ مال خشڪيءَ رستي قسطنطنيه آندو ويندو ھو. سمنڊ جي ڪناري سان سڌا جھاز به ھلندا ھئا، جي نه رڳو ھندي سمنڊ جي ڪناري وارن مختلف بندرن ڏانھن بلڪه مشرق بعيد ۾ چين تائين مال کڻي ويندا ھئا“.(55)

اھڙيءَ ريت لاھري بندر سڄي سنڌ- هند ۽ آسپاس جي سڀني علائقن ۽ ملڪن سان نه رڳو ڳنڍيو پيو ھو پر انهن لاءِ واپار ۽ اچ وڃ جو مکيه وسيلو به هو. هن سلسلي ۾ سٻاجهي سنڌؤَ جو درياھي رستو خاص طرح موجود هو، جيڪو خاص ڪري سنڌي سمنڊ رستي دنيا جي ملڪن سان سلهاڙيل هو. ڪيترائي خشڪيءَ جا رستا جن جو ذڪر ٿي چڪو آهي، انھن وسيلي مال، لاھري بندر تائين آسانيءَ سان پھچي سگهندو ھو ۽ پوءِ اُتان کان سنڌوءَ وسيلي اُتر وارن ملڪن ڏانھن ويندو هو. ائين وري دنيا جي ٻين ملڪن ڏانھن جھازن رستي هن بندر وسيلي ئي ماڻهو ۽ مال ويندو ھو. ٿوري دير لاءِ اڄ جي دور کي ڇڏي، رڳو ٽي چار سؤ سال ماضيءَ طرف مُڙي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته جنھن دور ۾ لاريون، موٽرون، ريل گاڏيون، ھوائي جھاز وغيره ماڻهو ۽ مال ڍوئڻ لاءِ موجود نه ھئا، تڏھن ملڪ جي مختلف علائقن ۽ دنيا جي ٻين ملڪن تائين وڃڻ يا مال پھچائڻ يا آڻڻ لاءِ وڏي ۾ وڏا ۽ مکيه وسيلا سامونڊي ۽ درياهي رستا ھوندا ھئا، جن ذريعي ٻيڙيون ۽ سامونڊي جھاز وڏا سفر ڪندا ھئا. انھن لاءِ وري ڪي  سامونڊي ۽ درياهي بندر ضروري ھئا. انهيءَ ڏس ۾ لاهري بندر ٽي سؤ سال اڳ تائين سنڌ ملڪ جو مکيه بندر ھو، جنھن وسيلي سنڌ، سڄي دنيا جي ملڪن سان ڳنڍي پئي ھئي. مانوارو محقق ڊاڪٽر ڇٻلاڻي درياھي آمدرفت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”آمدرفت ۽ رسل و رسائل جي ذريعن جي لحاظ کان ڏسبو ته سنڌ پنھنجي پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ فائدي ۾ رھي آھي. سنڌو درياھ اتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه جي رخ تي وھي ٿو. ان ڪري مٿان پنجاب کان ھيٺئين وھڪري تي سنڌ جي مکيه بندرن بکر، سيوھڻ، ٺٽي ۽ درياھ جي منھن واري لاڙي بندر تائين آمدرفت نھايت آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿي. ھندستان جي ٻين بندرن جي حالت ۾، ڪنھن تيز ۽ زورآور وھڪري جي سامھون مٿي اُڀي (اوڀاري) آمدرفت آسان نه آھي، پر سنڌ ۾ ھميشه سمنڊ کان زوردار ڏکڻ اولهه جي ھوا لڳي ٿي. انھيءَ ڪري وھڪري جي سامھون مٿئين طرف به آمدرفت سولائي سان ٿي سگھي ٿي. اھو ڏکڻ اولهه وارو وھڪرو سنڌ جي ھڪ خصوصيت آھي.“(56) مطلب ته لاھري بندر ھر لحاظ سان ھڪ اھم ۽ سَھنجو بندر ھو. جنھن وسيلي لهوارو توڙي اوڀارو سفر ڪري سگهبو هو.

اھڙيءَ ريت هيءَ ڳالهه درست آهي ته ”سنڌ کي لاھري بندر، ھندستان جي اتر اولهه وارن سامونڊي ڪناري وارن شھرن سان ملائي ڇڏيو ھو، جنھن جي ڪري خليج جي ڪيترن ئي ملڪن سان واپار وڌيو. جھڙوڪ: بصرا، بندر عباس، مسقط، ڪونڪن ۽ بحرين وغيره. ان زماني ۾ تيار ٿيندڙ اڪثر مال لاھري بندر ذريعي ڏيساور اماڻيو ويندو ھو. ان ۾ گھڻائيءَ ۾ سوٽي ڪپڙو، سلڪ، کنڊ، ڌاڳو، نير، شورو، چمڙي جو سامان، گلم، نقش و نگار وارا قلمدان ھوندا ھئا.“ رحيم داد مولائي شيدائيءَ پنھنجي ڪتاب ’جنت السنڌ‘ ۾ لکيو آھي ته: ”محمد تغلق ھي بندر قاضي علاءُالملڪ ھراتيءَ کي جاگير ڪري ڏنو ھو. بندر جي سالياني آمدني 20 لک دينار ھئي.“(57)

مانواري محقق ڇٻلاڻي صاحب موجب پورچوگيزن جي سرڪاري روزنامچو لکندڙ ائنٽونيوبوڪارو  به لکيو آھي ته: ”ھي بندر تمام وڏو ۽ آدم شماري به تمام گھڻي ھئي.“(58) ايڇ.ٽي سورلي واپار جي لحاظ سان ذڪر ڪندي مسٽر فرندلي شيراز جي حوالي سان لکيو آھي ته: ”زراعت ھن ملڪ جي اھم صنعت آھي. جنھن کي گھرو ھنر وڏي ھٿي فراھم ڪئي ھئي، جيڪا ملڪ جي ڪن حصن ۾ ته وڏي عروج تي پھتل ھئي.“(59) اڳتي لکي ٿو ته: ”انگريزن کان اڳ واري ھندستان ۾ آمد رفت گنگا ۽ سنڌو نديءَ کان سواءِ بلڪل ئي بيڪار ھئي. فقط ھڪ رستو ھوندو ھو، جيڪو آگري کان لاھري ويندو ھو. انھيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به‌ آمد و رفت جو رستو ڪونه ھو.“(60) ھن بيان مان هن بندر جي واپاري اھميت جي سُڌ چٽيءَ ريت ملي ٿي. ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته: ”تڏھن اھو ثابت ٿيندو ته سنڌ جنھن کي سنڌو نديءَ جي روپ ۾ ھڪ ٻيو تجارتي رستو ھو ۽ سندس سڌو تعلق ھندستان جي تاريخ جي ٻن مشھور ترقي پذير شھرن، ملتان ۽ لاھور سان به ھو. سندس ڏينھون ڏينھن ترقي ڪندڙ صنعت به پنھنجي عروج تي ھئي. ٺٽي جھڙي وسيع تجارتي منڊي ۽ ان جي ڀر ۾ ھر وقت مشغول لاھري بندر ھو.“(61) ڀيرومل پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘ ۾ لاهري بندر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”مسقط ۽ ٻين پاسن کان جيڪو مال ايندو ھو، سو ھن بندر تي اچي لھندو ھو، جتان پوءِ ٺٽي ويندو ھو“.(62) منھنجي خيال ۾ لاھري بندر نه رڳو سنڌ پر سڄي دنيا جي لاءِ ھڪ اھم بندر ھو. سنڌ ساڻيھه ته اُن دور تائين ھونئن ئي سڄي دنيا جي ملڪن ۾ واپار وغيره جي لحاظ سان مشھور ملڪ ھو، ڇاڪاڻ ته سنڌ زراعت، صنعت وغيره جي لحاظ کان دنيا لاءِ دلچسپيءَ جو وڏو سبب ھو.

ايس. پي ڇٻلاڻي پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ۾ سنڌ جي زراعت، صنعت، واپار ۽ تجارت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: “سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ ٺٽو بين الاقوامي تجارت جو ھڪ مرڪز بنجي پيو ۽ دنيا جي عظيم شھرن مان ھڪ ليکجڻ لڳو“(63) وري ائبٽ جي حوالي سان اڳتي لکي ٿو ته: ”انھيءَ سنڌ کي ٻين قومن منجهه ھڪ امتيازي مقام ھٿ ڪري ڏنو. سندس لاھري بندر تي، جنھن کي وسيع ساحل ھو، اورانھن ۽ پرانھن ديسن جا جھاز ايندا ھئا“.(64) ٻئي دور ۾ انگريز واپاري لاھري بندر تي جڏھن 1735ع ۾ آيا تڏھن ھي بندر/شھر خوشحال ھو. سستائي گهڻي ھئي، مسواڙ   لاءِ گهر سستا ھئا، مڇي، اناج ۽ چوپائي مال جي گهڻائي ھئي.

 تمام گهڻن تاريخي ڪتابن ۽ لکڻين مان ثابت ٿئي ٿو ته ھن خطي ۾ لاهري بندر جي گهڻي اھميت ۽ حيثيت ھئي. ذڪر ٿي چڪو آهي ته واپاري لحاظ سان ھي بندر سڄي دنيا جي ملڪن سان ڳنڍيل ھو ۽ ڏيھان ڏيھه مشھور ۽ معروف ھو. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکيو آھي ته: ”ڀانئجي ٿو ته لھري بندر قديم ديبل کان به گوءِ کڻي ويو ھو.“(65) اھوئي سبب ھو جو گهڻو آڳاٽو لاھري بندر جي ڪري سمن، سومرن ۽ تغلقن جي وچ ۾ اڻبڻت ھئي. اُن زماني ۾ لاھري بندر جي پيداوار جو چڱو حصو دھلي سلطنت کي ملندو ھو.

سمن جي سلطنت دوران بندر جي آمدني ڪافي وڌي ويئي ھئي. پوءِ نيٺ سمن دهلي جي سرڪار کان پنھنجو حق واپس ورتو ھو ۽ سنڌ جي بندر جي اُپت به سنڌ کي ئي ملڻ لڳي ھئي. پر پوءِ مغل (اڪبر بادشاهه) دور کان وري به هيءُ بندر دهليءَ جي حاڪمن جي قبضي ۾ رهيو. انھيءَ دور ۾ سياحن جي احوالن مان ظاھر ٿئي ٿو ته جيتوڻيڪ ٺٽي ۾ مقرر ٿيل محصول لکت ۾ گهٽ لڳل ھوندا ھئا، پر تڏھن به اھي خاص طور تي رڪارڊ ۾ ڄاڻايل ھوندا ھئا ۽ ھر بندرگاھ تي به لکيل ھوندا ھئا. لاھري بندر تي محصول دفتري طور لکيل ۽ ڄاڻايل ھوندو ھو. تنھنڪري لکت ۾ مقرر اگهه موجب محصول ڏيڻو هوندو هو.

ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب پنھنجي مضمون ’لاري بندر‘ ۾ لکيو آھي ته: ”يورپي واپارين جي ھتي اچڻ کان پوءِ لاھري بندر جي آمدني اڪبر بادشاھ ان کي خالصا جاگير، يعني شاھي جاگير ۾ شامل ڪري ڇڏيو ھو. پوءِ جھانگير جي زماني ۾ جڏھن نورجھان کي اثر رسوخ مليو، تڏھن ھن لاھري بندر، پنھنجي ڀاءُ آصف خان کي جاگير ۾ ڏياريو. جڏھن انگريزن ٺٽي ۾ پنھنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ چاھي، تڏھن آصف خان انھن جي مدد ڪئي ۽ ان مان ان ڳالهه جو فائدو ٿيو ۽ انگريز واپار جي ڪري ڪسٽم ڊيوٽي وڌي ويئي هئي“.(66) مغلن جي ڏينھن ۾ سنڌ جو ذڪر ڪندي، رحيم داد مولائي شيدائي پنھنجي ڪتاب ’جنت السنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مغلن جي دور ۾ سڄو ھندستان صوبن، سرڪارن، پرڳڻن ۽ محالن ۾ ورھايل ھو. ھر ھڪ سرڪار مٿان حڪومت ھلائيندا ھئا. سنڌ ٺٽي ۽ بکر ٻن سرڪارن ۾ ورھايل ھئي، ۽ ٻئي سرڪارون ملتان جي ماتحت ھيون. 1- ٺٽو پنجن حصن ۽ 18 محالن ۾ ورھايل ھو، سندس سالياني آمدني 991، 999، 29 دام ھئي. 2- چاچڪان يارھن محالن ۾ ورھايل ھو، سندس سالياني آمدني 586، 784، 11 دام ھئي.  3- سيوھڻ 9 محالن ۾ ورھايل ھو، سندس سالياني آمدني 808، 546، 15 دام ھئي. 4- نصرپور 7 محالن ۾ ورھايل ھو، سندس سالياني آمدني 006، 835، 7 دام ھئي. 5- چڪرالو 8 محالن ۾ ورھايل ھو، سندس سالياني آمدني 5,085 048 دام ھئي. بکر 12 محالن ۾ ورھايل ھو. سکر، بکر، الور ۽ ماٿيلو ھڪڙي محال ھيٺ ھئا. جنھن جي سالياني آمدني 150، 32، 1 دام ھئي. لاھري ۽ اورنگا آباد سمنڊ تي ٻه اهم بندر هئا. انهن مان لاهري بندر جي آمدني اڪبري دور ۾ ھڪ لک سٺ ھزار روپيا ھئي.“(67) انهيءَ ڏس ۾ مشھور محقق ۽ عالم ايم ايڇ پنھور پنھنجي ڪتاب “An Illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh” ۾ لکي ٿو ته: ”لاهري بندر تان سٺ لک دينار آمدني ٿيندي هئي. تنھن مان پنج سيڪڙو گورنر کي ملندو هو. باقي مرڪزي خزاني ۾ ويندي هئي. دهلي سرڪار ٻاهران گهرايل هر قسم جي مال تي ٻاويھه سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙيندي هئي.“(68)

مطلب ته گهڻي زماني تائين ملڪي معيشت، دفاع، واپار وغيره جي لحاظ کان لاھري بندر جي خاص اھميت هئي، خاص ڪري حفاظت ۽ مضبوطي به هن بندر لاءِ تمام ضروري ھئي، ڇاڪاڻ ته گهڻن رخن کان لاھري بندر سنڌ توڙي ھند جي ٻين بندرن کان وڌيڪ سَھنجو، سولو ۽ محفوظ ھو. ذڪر ٿي چڪو آهي ته مختلف ھنڌن تي وڃڻ لاءِ ماڻهو ۽ مال پھريائين ھن بندر تي پھچندو ھو، پوءِ ٻين ڏيھن ڏانھن ويندو ھو. اھڙيون گواھيون تاريخ جي لڳ ڀڳ سمورن ماخذن ۾ موجود آھن. مير ظريف(69) جنھن کي آخري سالن ۾ شاھجھان بادشاھ پاران فدائي خان جي لقب سان نوازي، لاھري بندر سندس حڪومت ۾ ڏنو ويو ھو، سو جڏھن حڪومت ۾ شامل نه ھو ته اُن کان اڳ ۾، جڏھن شاھجھان جي حڪم تي ايران، گهوڙن جي خريداري لاءِ ويو ۽  موٽيو به ھن بندر وسيلي ئي ھو. صمصام الدوله شاھنواز خان پنھنجي شاھڪار ڪتاب ’ماثرالامرا‘ ۾ اھڙو ذڪر(70) ڏنو آھي. ان مان صاف ظاھر آھي ته ھندستان لاءِ به ھي بندر ئي سَھنجو ۽ مناسب ھو ۽ سڄي ھندستان کان ماڻهو، گهڻو ڪري ڏور ڏيھن ڏانھن ھتان ئي ويندا ۽ ايندا ھئا.

تاريخ ۾ جهاتي پائيندي معلوم ٿئي ٿو ته يورپي ماڻهن سنڌ ۽ هند ۾ پندرھين صديءَ ۾ اچڻ شروع ڪيو. 1498ع ۾ پرتگالي واسڪوڊيگاما مشرقي آفريقا کان ٿيندو ھتي پھتو ۽ پوءِ پورچوگيز اچڻ لڳا.(73) سن 1501ع ۾ ھنن گوا تي قبضو ڪري پنھنجو مرڪز بڻايو. 1580ع ۾ پورچوگيز ڪمزور ٿيا ته هتي ڊچ، فرانسيسي ۽ انگريز اچڻ لڳا. انگريزن وڏي ڏاھپ سان پھريائين فرانسيسين کي، پوءِ ٻين کي ھتان بيدخل يا ڪمزور ڪيو. 218 واپارين پاران گڏجي ٺاھيل ايسٽ انڊيا ڪمپني سن 1600ع ۾ ملڪه الزبيٿ اول کان چارٽر منظور ڪرائي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃڻ ۽ وڌڻ لڳي. ھندستان ۾ 1612ع ڌاري سورت ۾ پھرين واپاري ڪوٺي قائم ڪري، ڀڙوچ ۽ احمد آباد ۾ واپار ڪرڻ لڳا. اھڙيءَ ريت انگريز ڪمپني پير پختا ڪندي، مختلف علائقن ۾ وڌندي رھي. اڃا به جڏھن ھندستان جي بادشاھ فرخ سير کين محصول جي کُلي ڇوٽ ڏني، تڏھن انگريز ھندستان جي واپار وغيره تي وڌيڪ ڇانئجڻ لڳا.

سنڌ سان ته انگريزن گهڻي وقت کان پنھنجا واپاري تعلقات قائم ڪرڻ پئي گهريا، پر ايئن ڪري نه پئي سگهيا. نيٺ سترھين صديءَ ۾ ھو هن خطي ۾ پنھنجي ڪوٺي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انهيءَ سلسلي ۾ ھنن پھريائين سنڌ ۾ لاھري بندر تي اچ وڃ جي شروعات ڪئي. ذڪر ٿي چڪو آهي ته تنھن زماني ۾ واپار ۽ دولت جي لحاظ سان سنڌ جو جڳ مشھور شھر ٺٽو ھو، ۽ ملڪ جو خاص بندرگاھ لاھري ھو، جنھن ذريعي واپار خليج، فارس، گوا، گجرات ۽ دنيا جي ٻين ملڪن سان ھلندڙ ھو. سنڌو درياھ جي وسيلي لاھور، ڪابل، قنڌار، تاجڪستان ۽ انھيءَ طرف جي ٻين ملڪن جو واپار ٺٽي تائين رسندو ھو، ۽ اُتان پوءِ لاھري بندر تائين ايندو ھو. اھو واپاري سامان لاھري بندر کان واپارين معرفت دنيا جي ملڪن تائين ويندو ھو. انگريز ڪمپني انھيءَ واپاري اھميت کان گهڻو باخبر ھئي. آڳاٽن دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته انگريزن 1612ع ۾ پھريائين سورت ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪئي. ان سال ڪي انگريز سنڌ ۾ به پھتا، هڪ انگريز ’ائنٿني اسٽارڪي‘ ٺٽي ۾ پھتو، جنھن کي تڪڙو ئي هڪ پورچوگيز پادريءَ لاهري بندر ۾ زهر ڏيئي ماري ڇڏيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ٽامس رو، جيڪو انگريزن پاران جھانگير جي درٻار ۾ آيو ھو، تنھن سنڌ جي انھيءَ اھميت متعلق ڪمپنيءَ کي چڱيءَ ريت آگاھ ڪيو ھو، ۽ واپار لاءِ غور ڪرڻ جي تجويز ڏني ھئي. سنڌ مان جيڪي شيون ٻاھر وينديون ھيون، اُنھن ۾ سوٽي ڪپڙو، ڪپھه، سُٽ، سلڪ، نير، اناج، شورو وغيره ھو. يورپ کان ايندڙ سامان جي به ھتي چڱي کپت ھئي. هن چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي ته ھتان کان بلوچستان، پنجاب ۽ افغانستان سان به واپار ٿي سگهيو ٿي.

ان وقت جي رڪارڊ مان اهو به پتو پئي ٿو ته 1644ع ۾ جان اسپلر هن علائقي مان ڪپڙي جا ڇھه هزار تاڪيا ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لاءِ خريد ڪيا هئا. سندس احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته تڏهن بکر، روهڙي، ساهتي، سيوهڻ، سن، نصرپور، ۽ ٺٽي ۾ ڪپڙي، گيھه، چمڙي، ڪاٺ جي سامان وغيره جا وڏا ڪارخانا موجود هئا. سنڌو درياهه جي مختلف شاخن ڪنڌين، ٻيٽن ۽ پتڻن تي واپارين جون ڪوٺيون، رهڻ جون جايون ۽ محل اڏيل هئا. سنڌو درياهه ۽ سندس شاخن ۾ هر وقت ٻيڙين جي اچ وڃ هوندي هئي. لڳي ٿو ته اهو سلسلو ميرن جي حڪومتي دور تائين موجود رهيو جو هينري پاٽنجر حيدرآباد کان راڄي ديري ڏانھن ويندي رڳو 9 ڏينھن ۾ 349 ٻيڙيون سامان سان سٿيل لنگهندي ڏٺيون هيون. هيملٽن ۽ ٻين پرڏيھي واپارين جي احوالن مان اهو چٽيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته لاهري بندر، ٺٽي ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ هر شئي جي قيمت مقرر ٿيل هئي. چين، لنڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن سان گڏ يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن سان واپار هلندڙ هو.  جڏھن سنڌ جي واپارين طرفان ڪمپنيءَ جي واپار جي مخالفت ٿيڻ لڳي ته اھي ڪوٺيون بند ڪيون ويون. پر پوءِ تڪڙو ئي 1799ع ۾ انگريز نئين انداز سان وڌڻ لڳا. ٿورو ماضيءَ ڏانھن مڙي ڏسبو ته جنھن زماني کان ھندستان ۾ فرخ سير ۽ پوءِ سنڌ ۾ غلام شاھ ڪلھوڙي، انگريزن کي محصول کان آجو ڪري حوصلي افزائي ڪئي تنھن زماني کان انگريز ھن علائقن ۾ وڌيڪ سگهارا ٿيا. ھنن انھن ٺاهن ۽ معاهدن مان ڀرپور فائدا حاصل ڪيا. هنن ڄاتو ٿي ته ٺٽي جهڙو واپاري مرڪز هن جي ويجهو آهي. جنھن جو پوءِ ڪيپٽن اليگزيڊر ھيملٽن ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ھن شھر کي پٿر جو ھڪ وڏو قلعو آھي. جنھن کي چئن پنجن توبن جا مورچا آھن، جي واپارين جي مال جي بچاءَ لاءِ آھن، ڇاڪاڻ ته اولهه پاسي کان ڄامن جون حدون آھن. جيڪي اڪثر ڦورو ۽ ڌاڙيل آھن. ھتي مسقط ۽ ٻين پاسن کان جيڪو مال اچي ٿو، سو ھن بندر تي اچي لھندو آهي ۽ اُتان ٺٽي ڏانھن موڪليو ويندو آھي.“(71)

نيڪولسن وٿنگٽن انگريزن مان آڳاٽو (1612ع کان 1613ع) مصنف آھي، جنھن کي ھتي موڪليو ويو ھو. انگريز ڪوٺي جي نگرانيءَ لاءِ ڪيپٽن بيسٽ کيس 1612ع  ۾ مغلن جي علائقي ۾ مقررڪيو ھو. ھن کي سنڌ جو سفر ڏاڍو ڏکيو ڪاٽڻو پيو ھو ۽ ھو ڏاڍو پريشان ٿيو ھو، تنھن پنھنجي ننڍڙي ڪتاب ۾ ڪي حقيقتون قلم بند ڪيون آھن. ھو ٻڌائي ٿو ته: ”سنڌ اندر ٺٽي جھڙو واپار سڄي ھندستان ۾ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. مکيه بندر لاري آھي، جيڪو ٺٽي کان ٽن ڏينھن جي پنڌ تي آھي.“(72) جيڪو ماڻھو ڪنھن سفر ۾ تمام گھڻو پريشان ٿيو ھجي، تنھن ھوندي به اهو هتي پهچي خوش ٿيندي لکي ته‌ ھندستان جو ڪو به شھر ٺٽي کان واپار ۾ وڌيڪ نه آھي“ اها وڏي ڳالهه آھي. لاهري بندر بابت ’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ‘ جو مصنف لکي ٿو ته: ”مينوسي 1651ع ۾ ھتي آيو ھو. ھن هتي پورچوگيزن جي واپاري ڪوٺي ۽ گرجا گهر به ڏٺو ھو. انھيءَ زماني ۾ اورنگا بندر قائم ٿي چڪو ھو، پر پوءِ به لاھري بندر کي اڃا به اھميت ھئي. اھا تعجب جھڙي ڳالهه ڪانه آھي، جو ديبل /ديول، لاھري بندر جون يادگيريون ماڻهن جي ذھنن اندر محفوظ رھيون. ھنن کان سواءِ ٻيا به گهڻا بندر ولايتي ماڻهن، سياحن ۽ واپارين انھن نالن سان سڏيا آھن. ڪيترن ڏيھي ماڻهن به ايئن ڪيو ٿو ڏسجي. سورھين ۽ سترھين صديءَ  وارو ديول بندر، دراصل لاري بندر آھي. سترھين صديءَ  جي ٻئي اڌ ۽ ارڙھين صديءَ جي پھرين اڌ تائين اورنگا بندر موجود ٿو ڏسجي.“(73)

جڏھن 1635ع ڌاري ٺٽي ۾ شاھي فرمان وسيلي ڪمپنيءَ واپاري ڪوٺي قائم ڪئي، تڏھن اُن جا خاص چار مقصد ڄاڻايل ھئا:

1. لنڊن جي مارڪيٽ لاءِ سوٽي ڪپڙو موڪليو وڃي.

2. نير حاصل ڪيو وڃي.

3. شوري جي بٺي قائم ڪئي وڃي.

4. لاهري بندر تان ايران ۽ ھندستان جي بندرن ۽ شھرن سان واپار ڪيو وڃي.

ڪمپنيءَ جي اها واپاري ڪوٺي 27 سالن کان پوءِ 1662ع ۾ بند ڪئي ويئي.

جڏھن ته پوءِ 1735ع ۾ ٻيھر قائم ٿي ۽ اها واپاري ڪوٺي پوءِ وري باقاعدا 1758ع ۾ نئين سري سان شاهبندر ۾ قائم ڪئي ويئي. پھريائين اورنگا ۽ پوءِ شاھ بندر ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ٿيون. راورٽي لکيو آھي ته: ”بگهياڙ سنڌ جو اولهندو ڦاٽ آھي. جيڪو ٺٽي شھر کان ٿورو ڏکڻ درياھ مان ڇڄندو آھي. چيو ويندو آھي ته اھو وھڪرو 1699ع ۾ لاھري بندر تائين جھازرانيءَ لائق رھيو. ان دور ۾ اھو سنڌ جو مکيه بندر ھو.“(74) ٿيوناٽ جيڪو 1666ع ڌاري سورت بندر آيو ھو. ان جو بيان راورٽي پنھنجي ڪتاب ۾ ھن ريت ڏنو آھي: ”لاھوري بندر تي ڏاڍو وڻج واپار ھلندو آھي. ھي شھر سمنڊ جي ڪناري تي ٺٽي شھر کان ٽن ڏينھن جي پنڌ تي آھي. سڄي ھندستان ۾ جھازن واسطي ھن جھڙو ٻيو ڪو به بندر نه آھي.“(75) جڏهن هندستان جو گورنر جنرل مارڪوس ويلسيلي ۽ بمبئي جو گورنر جوناٿن ڊڪن هو تڏهن به لاهري بندر جي اهميت رهي، ڇاڪاڻ ته اهڙو ذڪر سندن رڪارڊ ۾ موجود آهي.

مٿين ڳالھين مان ثابت ٿئي ٿو ته گهڻين سَھنجاين ۽ گهڻي پيداوار جي ڪري ھتي واپار به گهڻو وڌي ويو ھو. عرب ملڪن ۽ ايران سان ته خاص واپاري تعلقات قائم ٿي چڪا ھئا. دارا جو اطالوي ملازم مسٽر منوسي، جيڪو 1652ع جي شروع ۾ بندر عباس کان پھريائين هن بندر تي پهتو، تنهن پنھنجي سفرنامي جي پھرين جلد ۾ سنڌ جي احوال ۾ هن بندر جو نالو ’سنڌي بندر‘ لکيو آهي. هو هتي هڪ سال رهي لاهري بندر تان جهاز وسيلي 12 جنوري 1653ع تي وڃي سورت بندر تي پھتو. منوچي پنھنجي سفرنامي ۾ سنڌو درياهه جو ۽ هتي جي واپار جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”درياھ تمام وڏو آهي. جيڪو ستن درياهن جي ميلاپ سان جڙيو آهي، جيڪي ملڪ جي اندروني علائقن کان وهندا هيٺ ايندا آهن. هتي اسان ڪيترائي عربي، فارسي سامونڊي جھاز ڏٺاسين، جيڪي کجور، گهوڙا، سچن موتين، بخورات ۽ يھودين جا مقدس پٿر گهڻي تعداد ۾ مڪي کان درآمد ڪندا آهن. ڳاڙهي ۽ اڇي کنڊ، مکڻ اڇو سوٽي ڪپڙو ۽ ٻين ڪيترين ئي شين جا قسم برآمد ڪندا آهن، جيڪي هن خطي ۾ ٺھندا آهن.“(76)  نڪولسن وٿنگٽن کان پوءِ اھو سلسلو جاري رھيو. ’جنت السنڌ‘ جو مانوارو مصنف لکي ٿو ته: ”سن 1635ع ۾ ھڪڙو انگريز جھاز ڊسڪوري، لاھري بندر تي پھتو، جنھن تي وليم فريملين، جان سپلر ۽ رچرڊ موئلي انگريز تجارتي وفد جا ميمبر ٺٽي پھتا. ڪمپنيءَ کين ھدايت ڪري ڇڏي ھئي ته ڪنھن به پورچوگيز سان ڪو تعلق نه رکن، فقط ڪپڙي جو واپار ڪن. شاھي پرواني ھئڻ سبب، ٺٽي جي عملدارن، وفد جو خير مقدم ڪيو، ۽ ميمبرن جي رھائش لاءِ شھر ۾ ھڪڙي عمارت جو انتظام ڪيو“.(77)

سن 1713ع ۾ ’ڪرسٽوفرليوپورٽ‘ جي سربراهيءَ ۾ انگريزن جو ٻيڙو سنڌؤَ جي هڪ وهڪري جي مُنھن وٽ اچي بيٺو، ان ٻيڙي ۾ رابرٽ شرلي ۽ ٿامس پاويل به هئا. جيڪي هتي ٺٽي ۾ گهمندي مغل نواب سان به مليا، اهي لاهري بندر به آيا هئا. انهن مان رابرٽ شرلي پنھنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته سنڌ جي واپاري اهميت گهڻي آهي. سڄي مغل حڪومت ۾ سنڌ گهڻي شاهوڪار آهي، تنھنڪري هتي بنهه گهڻو فائدو ٿيندو.

لاھري بندر، جنھن گهڻو اڳ ئي پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن کي ڇڪي هن پاسي آندو، سو صدين تائين وڌندو ويجهندو رھيو، ايستائين جيستائين سنڌؤَ جو پاڻي بگهياڙ وسيلي کڏي ۽ پٽي وٽان وھڻ بند نه ٿيو. ھن بندر لاءِ لڳ ڀڳ سڀئي سياح ۽ تاريخدان لکن ٿا ته ھي بندر تمام وڏو ھو ۽ آدمشماري تمام گهڻي ھيس. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي سنڌ ساڻيھه جي واپارين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آھي، جو شايد ڪوبه اھڙو وڏو شھر يا مکيه سامونڊي بندر نه ھوندو، جتي ڪو سنڌي واپاري جواھرن، ھنري چيزن ۽ ريشمي سامان جو واپار ڪندو نظر نه اچي. اُھي ھتان کان آيل آھن. جھڙي طرح اڳي ٺٽي، نصرپور، سيوھڻ، بکر ۽ لھري بندر جا واپاري يورپ ۽ ايشيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنھنجي ملڪ سنڌ جو نالو وڃي چمڪائيندا ھئا“.(78) توڙي جو ارڙهين صديءَ جي آخر تائين لاهري بندر جي پڄاڻي ٿي چڪي هئي، پر اهو به معلوم ٿئي ٿو لاهري بندر تي پوءِ به ڪجهه واپار هلندو رهيو. انگريز عملدار ناٿن ڪرو جيڪو انگريز سرڪار پاران واپار سان گڏ سياسي مقصدن لاءِ سنڌ ۾ مقرر ڪيو ويو هو. جنھن ڪراچيءَ ۾ 1799ع ۾ سڀ کان پھرين لياري نئن جي ڪناري تي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي هئي. هن پاران 12 آگسٽ 1800ع تي لکيل هڪ خط مان پڌرو آهي تنھن زماني ۾ به لاهري بندر تي ٻيڙيون اچي بيهي سگهيون ٿي. مشھور تاريخدان جادوناٿ سرڪار به پنھنجي شاهڪار ڪتاب ’اورنگزيب‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺٽي، لاهري بندر، اورنگا بندر ۽ شاهبندر ۾ جيڪي قلمي شوري کي صاف ڪرڻ جا ڪارخانا کوليا هئا، سي 1799ع تائين هلندا رهيا.“(79) مطلب ته انهيءَ دور تائين هي بندر قائم رهيو. نه رڳو ھي بندر ۽ ھن بندر جو واپار دنيا ۾ مشھور هو، پر ھتي جا واپاري به ھتان نڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تائين پھتا ۽ اُتي رھي پنھنجو ڪاروبار ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيائون.

انتظام

لاهري بندر جو انتظام ڏاڍو سھڻو ۽ ڏاھپ ڀريو رکيل ھو. تاريخي دستاويزن مان پتو پئي ٿو ته بندرگاھ ۽ شھر جو انتظام شاھ بندر، جنھن کي مير بندر (يعني بندر جو اعليٰ عملدار) به سڏيو ويندو هو، سنڀاليندو ھو. ڪسٽم ۽ روينيو جمع ڪرڻ، حملن، چوري چڪاريءَ کان محفوظ رکڻ سندس فرضن ۾ شامل ھو. شاھ بندر کان سواءِ ٻيو به نائب ھوندو ھو، جيڪو حڪومت جو ملازم ھوندو ھو. جنھن جو پوئين دور يعني ارڙهين صديءَ ۾ ٽي سؤ رپيا ماھوار پگهار ھوندو ھو. بندرگاھ تي، جھاز مان سامان لاھڻ بعد ڪسٽم عملدار جائزو وٺي، ڪسٽم ڊيوٽي لڳائيندا ھئا. ڪسٽم ڊيوٽي روڪ رقم جي صورت ۾ ورتي ويندي ھئي. اھڙي قسم جي لکت رجسٽر ۾ درج ڪئي ويندي ھئي. مختلف لکتن ۽ آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته لاهري بندر تي ٻيڙين ۾ موجود ماڻهن جي سُڃاڻپ ۽ سمنڊ مان لھري ڇاڙ ۾ داخل ٿيندڙ جھازن، ٻيڙن وغيره جي چوڪسي/ جانچ لاءِ مقرر ٿيل عملو اُتي موجود هوندو هو. بندر تي اچي بيهندڙ ٻيڙن ۽ انهن مان سامان لاهيندڙ عملو ۽ ننڍين ٻيڙين لاءِ به ماڻهو پنھنجي پنھنجي مقرريءَ جا فرض نڀائيندا رهندا هئا. ائين بندر کان سنڌو درياهه ۾ داخل ٿيندڙ ۽ پوءِ ٺٽي ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٻيڙين لاءِ عملدار ۽ راکا موجود هوندا هئا. ٺٽي جي درياهي بندر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ به اعليٰ انتظام ٿيل هو. مختلف هنڌن تي ننڍا ڪوٽ، مورچا / ٽاور وغيره ٺھيل هوندا هئا. جتي هٿيار، پنهوار ۽ ٻيو ضروري سامان موجود هوندو هو. اتي روشني وغيره جو به بھتر بندوبست ٿيل هوندو هو، پھريدار ۽ ٻيا عملدار به هر وقت موجود رهندا هئا. هن بندر جي انتظام جي سلسلي ۾ ’تاريخ طاھري‘ واري مصنف جو بيان ڏاڍو دلچسپ، ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ مستند آھي، سو ھتي پيش ڪجي ٿو: ”ٺٽي ۽ لاھري بندر جي وچ ۾ خشڪي ۽ درياھي رستي جو مفاصلو ٻن ڏينھن جي پنڌ جو ٿيندو. ان کان پوءِ سمنڊ تائين ھڪ منزل ٿيندي، اتان نار نالي ھڪ سوڙھو واھ نڪري بندر تائين اچي ٿو. جنھن جي ڊيگهه ڪٿي ڏھ طناب (طناب زمين جي ماپ لاءِ هڪ ايڪو هو جيڪو اڪبر بادشاھ جي زماني ۾ رائج ھو) ته ڪٿي وڌيڪ ٿيندي، پر ان واھ جي اونھائي گهڻي آھي. درياھ جي وچاڳ ۾ ٻي آبادي نه آھي. اُتي مير بندر جي چوڪي آھي. جنھن ۾ ھڪ توب تيار رکي وڃي ٿي، جڏھن ڪا ٻيڙي سمنڊ مان اچي، ان واھ تائين پھچي ٿي ته توب ڇوڙي وڃي ٿي. جنھن مان چوڪيدارن کي خبر پوي ٿي ته سمنڊ مان ٻيڙي واھ ۾ داخل ٿي رھي آھي. جواب ۾ ھيڏانھن به توب ڇٽي ٿي، جنھن جو آواز بندر تائين پھچي ٿو ۽ ڄاڻ پوي ٿي ته ڪا نئين ٻيڙي اچي رھي آھي، پوءِ سڄو تفصيل ٺٽي جي سوداگرن ڏانھن موڪلي، چوڪيدار ۽ پاڻ، ننڍين ٻيڙين ۾ چڙھي، نار جي منھن تي پھچي جاچ ٿا ڪن ته اھا ٻيڙي ڪنھن جي آھي؟ جنھن جي ٻيڙي ھوندي آھي، ان جو ڄاڻ ٻين واسطيدارن ڏانھن پھچائيندا. جيڪي غوراب ۾ چڙھي سڌو اُتي ھليا ايندا. پوءِ جيڪڏھن پنھنجي بندر جي ھوندي ته ان کي نار ۾ لاھي لاھري بندر تي لنگر ھڻائيندا، پر جيڪڏھن ٻي ڪنھن بندر جي ھوندي ته ھن کي اُتي ترسائي سڄو سامان غورابن ۾ ڀري شھر ڏانھن آڻيندا.“(80)

         مٿين تفصيلي احوال مان ھن بندر تي بچاءُ لاءِ هڪ بهترين انتظام موجود ھئڻ جي چٽي ريت سُڌ ملي ٿي ته ان زماني ۾ به ھتي ڪيڏو نه سٺو ۽ مٿاهين درجي جو انتظام جوڙيل موجود ھو. ٻين به ڪيترين ئي لکتن مان ھن بندر جي سٺي انتظام ھئڻ جا ثبوت ملن ٿا. مرزا غازي بيگ جي دور ۾ به لاھري بندر انتظامي لحاظ کان چڱو مضبوط رھيو. ”مرزا غازي بيگ، مير عبدالرزاق معموريءَ کي ملڪ جو امين ۽ سيوھڻ، لاھري بندر ۽ ضرب خاني جي نگراني ۽ انتظام جي عھدي تي مقرر ڪيو.“ اهو معلوم ٿئي ٿو ته هرڪو پرڏيهي ڇڙواڳ نموني سان هن بندر جي حدن ۾ داخل ٿي پاڻ لڪائي نه سگهندو هو.

ڊاڪٽر سورلي مختلف حوالن سان لکيو آھي ته: ”لاھري بندر ۽ ٺٽي جي وچ وارو پنڌ مستقل طور تي ٻي نقطه نظر کان به ھڪ مصيبت بڻيل ھو. ٽيور نيئر ھڪ انگريز ڪيپٽن متعلق ھڪ دلچسپ واقعو بيان ڪيو آھي، جيڪو ھن بندر ۽ ٺٽي جي وچ تي سفر ڪري رھيو ھو. بادشاھ اھو قبول ڪيو آھي ته جھاز جا انگريز ڪيپٽن، جڏھن جھاز مان لھي ڪناري تي ايندا ته سندن تلاشي نه ورتي ويندي، پر ھڪ ڏينھن انگريز ڪيپٽن ٺٽي ڏانھن ويو. جيڪو شھر ھندستان جي تمام وڏن شھرن مان ھڪ آھي. جڏھن شھر گهمي رھيو ھو ته محصول جي عملدارن کيس گرفتار ڪيو ۽ پاڻ بچائي نه سگهيو.“(81) اڳتي هلي پاڻ ئي لکي ٿو ته: “ھن ۽ ٻين اھڙين ھمعصر لکتن مان سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ خشڪي ۽ آبي تجارتي نظام بھترين بنيادن تي بيٺل ھو. واپار، ڌنڌو سٺي نموني سان قائم ڪيل ھو ۽ مٿانئس حڪومت جي نظرداري به تمام عمدي ھئي.”(82) هنن احوالن مان بندر ۽ بندر جي سٺي انتظام موجود هئڻ ۽ حڪومتي قاعدي قانون جي سٺي رکواليءَ جي به سُڌ ملي ٿي. مٿين احوالن مان اهو به  معلوم ٿئي ٿو ته جاگرافيائي لحاظ سان به ھن بندر جي بيھڪ ڪجهه اھڙي ھوندي ھئي جو نئين ناکئي کي ٻيڙو يا جھاز ھيستائين يا اڳتي ھاڪاري اچڻ ۾ گهڻي ڏکيائي پيش ايندي ھئي. انھيءَ ڏس ۾ ڪيتريون ئي شاھديون ملن ٿيون. ھينري پاٽنجر، جنھن سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر ڪيو ھو، سو پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: “چون ٿا ته درياءَ جي ڇوڙ وٽ واريءَ جو ڪو به پتو ڪونھي ۽ نه وري  لاھري بندر کان وڌيڪ اوچي ڪا ٻي رڪاوٽ آھي.  لاھري بندر دراصل سمنڊ جي ھڪ ٻانھن آھي جيڪا جنگي جھاز جي ھڪ رسي کي به مٿي وڃڻ کان روڪي سگهي ٿي. کڻي اھو جھاز ڪنھن ڪاريگر ۽ ھوشيار ناکئي جي ضابطي ھيٺ ھجي.“(83) سُٺي انتظام هئڻ جي اها وڏي گواهي آهي. ايستائين جو هتي مختلف علائقن ۽ شھرن ڏانھن ٽپال موڪلڻ جو انتظام به بھترين هو. مختلف حوالن سان ’جنت السنڌ‘ جو ليکڪ ٽپال جي انتظام جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ھر ھڪ پرڳڻي ۽ شھر جو احوال ’واقع نويس‘ لکي، دھليءَ تائين پھچائيندا ھئا. احمد آباد ۽ ٺٽو سڄي ھندستان ۾ واپار ۽ صنعت جا مرڪز ھئا. ٻنھي شھرن ۾ تجارتي سھوليت لاءِ ھفتيوار ٽپال جو انتظام رکيل ھو. ٺٽي کان ڀُڄ، مانڊوي، گجرات، مارواڙ، پالي، جيسلمير ۽ آگري ڏانھن رستا ويندا ھئا. سباسٽن منرڪ ٺٽي کان آگري، جيسلمير جي رستي کان پھتو ھو. ھڪڙو رستو ٺٽي کان ننگر پارڪر ويندو ھو. لاھريءَ کان سمنڊ جو مال قافلن وسيلي ننگر پارڪر ويندو ھو.“ (84) ’جنت السنڌ‘ جي ساڳئي صفحي جي حاشئي ۾ لکيل آھي ته: ”قافلي سرائن ۾ وھٽن جي ھئڻ ڪري گندگي رھندي ھئي. بلوچ ڌاڙيلن جي ڪاھن کي روڪڻ لاءِ لاھري بندر جي وچ شھر ۾ پٿر جو مضبوط قلعو جڙيل ھو، جنھن تي توبون رکيل ھيون“.(85)

اسان کي  خاص ڪري هتي آيل پرڏيھي واپارين ۽ سيلانين جي احوالن مان پتو پئي ٿو ته جانڪي کان سواءِ ٺٽي ۽ لاهري بندر جي وچ تي به ھڪ اھڙو مضبوط قلعو موجود ھوندو ھو، جيڪو حفاظتي انتظامن ۽ مسافرن جي منزل ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو ھو. اُتي ضرورت وقت هڪ اڌ رات يا ڏينهن حفاظت سان رهي سگهبو هو. انھيءَ قلعي جو ذڪر يورپي سياح ۽ واپاري ھيملٽن مختلف ھنڌن تي ڪيو آھي. ھو ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته: ”ھن جي اولهه ۾ ھڪ وڏو قلعو آھي. انھيءَ ۾ 500 ماڻھن ۽ گهوڙن جي رھڻ جي سھوليت آھي. ھتي ماڻھن جي رھڻ جي لاءِ بيرڪون ۽ گهوڙن لاءِ طنبيلا آھن. نواب لاءِ ھڪ وڏو محل موجود آھي. اھو سمورو سامان جيڪو ٺٽي کان لاھري بندر ايندو آھي، انھن جي لاءِ اُٺ، ڍڳي ۽ گهوڙا گاڏيون استعمال ٿين ٿيون.“(86) انھيءَ سفر دوران به قافلن لاءِ چڱو حفاظتي انتظام مقرر ٿيل ھوندو ھو. ھيملٽن لکي ٿو ته: ”قافلن جي حفاظت لاءِ ٻه سؤ (200) گهوڙي سوارن جا دستا ھوندا آھن. جيڪي ٺٽي جو نواب يا گورنر انھن سان گڏ موڪليندو آھي.“(87) پر مختلف دورن خاص ڪري ارغون، ترخان ۽ مغلن جي دورن ۾ حالتون تبديل ٿي ويون. مقامي ماڻھن جي حاڪمن سان ڪا به دلچسپي نه رھي ۽ انھن خلاف آواز ۽ هلچل اُڀرڻ لڳي. ڪن زمانن ۽ وقتن تي ٺٽي کان لاھري بندر تائين مال پھچائڻ جي لاءِ اُٺ، ڍڳي ۽ گهوڙي گاڏيون استعمال ٿينديون ھيون، جيڪي قافلن جي صورت ۾ سفر ڪنديون ھيون. ساڳئي وقت مختلف تاريخن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته انھن قافلن کي سفر دوران ڪڏهن ڦورو ڦريندا به ھئا، پر انھيءَ ۾ به ڪو شڪ نه آھي ته تنهن دور ۾ مقامي ماڻهن پاران لڳاتار ايندڙ ڌارين ۽ سندن ڦر لٽ وغيره خلاف مزاحمتي تحريڪ به اُڀري رھي ھئي. جنھن جون شاھديون به تاريخ ۾ ملن ٿيون. ھيملٽن، لاھري بندر ۽ ٺٽي واري رستي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ڦورو سامان سان ڀريل گاڏيون ڦريو ٿا وڃن. 1699ع ۾ چار پنج هزار بدمعاشن جي جٿي، ھڪ مال، دولت وغيره سان ڀريل قافلي کي لٽيو ھو. سندن حفاظتي دستو جيڪو اڍائي سؤ (250) گهوڙي سوارن تي مشتمل ھو، سو سڄي جو سڄو قتل ڪري ڇڏيائون. پنج سؤ واپاري ۽ سامان کڻڻ وارا، جيڪي قافلي سان گڏ ھئا، جڏھن اُھي ڦرجي، لٽجي اچي ٺٽي پھتا، تڏھن انھن ٻين کي به ڊيڄاري ڇڏيو.“(88) افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ھيملٽن جھڙو سياح ۽ ليکڪ سڀ حقيقتون بيان ڪندي، اها حقيقت سمجهي نه سگهيو يا ڄاڻي واڻي ان حقيقت کي بيان ڪرڻ کان لنوائي، انهن ماڻهن کي ’پنجن ھزارن جو بدمعاش جٿو‘ لکيو آهي. ڏٺو وڃي ته ڪٿي ۽ ڪڏھن به ايتري تعداد ۾ ڦورو گڏ جٿي جي صورت ۾ نه رھيا آھن، اھو بنھه ناممڪن آھي. اھا حقيقت ھيئن آھي ته سنڌ ملڪ ۾ ان وقت مقامي ماڻهن پاران، ڌارين ماڻهن خلاف سخت مزاحمت ٿي رھي ھئي. انھيءَ مزاحمت جو اھو ھڪ چٽو مثال آھي. ظاھر آھي ته جنھن ملڪ تي ڌارين جو قبضو ھجي ۽ ٻيا ڌاريان به ڦرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل ھجن ته مقامي ماڻهن پاران پنھنجي ملڪ ۽ ملڪ جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ وڙھڻ ۽ ڌارين جي ظلم، ڏاڍ، ناحق ۽ نا انصافيءَ خلاف مزاحمت ھڪ فطري ردعمل آھي، جيڪو مقامي ماڻهو ان وقت ڪري رهيا هئا.

لاهري بندر تي ڌارين جون ڪاهون:

لاهري بندر تي هونئن ته سومرن جي دور کان ڌارين جي ڪاهن ۽ ڦرلٽ جو ذڪر ملي ٿو، پر هتي فقط ٻن يعني پورچوگيزي ۽ مغل بادشاهه اڪبر جي ڪاهن، قتل ۽ ڦرلٽ جو مختصر ذڪر ڏجي ٿو:

مرزا عيسيٰ خان ترخان جي دور ۾ پورچوگيزن لاھري بندر کان ٺٽي تائين ڪاهه ڪري، اچي جيڪا ڦرلٽ ڪئي هئي، سا ساري جڳ ۾ مشھور آهي، جنھن جو ڪجهه ذڪر ٿي چڪو آهي. اُن واقعي متعلق مير علي شير قانع لکيو آھي ته: ”فرنگي، گوا بندر کان لاھري بندر تي آيا ۽ لاھري بندر واري کاريءَ جي دڪي کان بيڌڙڪ پھچي ٿي سگهيا.“(89) پورچوگيز ٺٽي ۾ پھچي، ٺٽي شھر کي ڦري لُٽي تباھ ڪري، باھيون ڏيئي، آخر ۾ ويندي ويندي ھن بندر ۽ ٻين وستين کي به باھيون ڏيندا ويا. شيخ محمد اعظم بن محمد شفيع ٺٽوي پنھنجي تصنيف ’تحفة الطاھرين‘ ۾ اھو سربستو احوال ھن ريت لکيو آهي ته: ”مرزا شاھ حسن ارغون کي اولاد ڪونه ھو، ان ڪري سندس وفات کان پوءِ سنڌ ملڪ ان جي ٻن وڏن اميرن ۾ ورھائجي ويو. سمنڊ کان ھالا ڪنڊيءَ تائين مرزا عيسى ترخان، ۽ سيوستان کان بکر تائين سلطان محمود خان جي قبضي ۾ آيو. آخر ٻنھي ڌرين جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو. مرزا عيسى، سلطان جي مھم کان پريشان ٿي، فرنگين کان پنھنجي مدد لاءِ لشڪر جي درخواست ڪئي. جڏھن انھن فرنگين جي اچڻ ۾ دير ٿي ته، حملو ڪري سيوستان جو قلعو ۽ آسپاس قبضي ۾ ڪري ورتائين. ان وچ ۾ فرنگي، گوا بندر کان لاھري بندر تي آيا ۽ سن 962ھ، جمعي جي ڏينھن، ٺٽي شھر ۾ اچي ڪڙڪيا. ملڪ کي مالڪ (بادشاھ) کان خالي ڏسي، گهٽين ۽ نالين ۾ بارود وجهي، ٺٽي شھر کي باھ ڏنائون. مار ڌاڙ ۽ خونريزي شروع ڪيائون. اھڙي طرح ماڻهو، جن مان گهڻا ته اوليا الله ھئا، شھيد ڪيائون“.(90) تاريخ جي مشھور ڪتاب ’دي ھسٽري آف دي ڊسڪوري ائنڊ ڪانڪيسٽ آف انڊيا باءِ دي پورچوگيز‘ جي حوالي سان جنرل ھيگ لکي ٿو ته: ”اھو جنگي ٻيڙو (پورچوگيزن جو) خير سان وڃي ٺٽي پھتو، جتي سنڌ جي باشاھ جي درٻار ھئي. شھزادو جيڪو ٺٽي ۾ موجود ھو، تنھن بئريٽو سان ملاقات ڪري، سندس پھچڻ جو اطلاع، پنھنجي پئُ ڏانھن موڪليو. سندس پيءُ ان وقت ٺٽي کان ٻاهر هو، تنهن نياپو ڏياري موڪليو ته پورچوگيزن جي ڪمانڊر کي ٿوري انتظار ڪرڻ لاءِ چيو وڃي. بئريٽو ڪجهه انتظار ڪيو، ٿوري وقت کان پوءِ کيس پتو پيو ته بادشاھ (عيسيٰ خان ترخان) کيس ٻڌائڻ کان سواءِ پنھنجي دشمن سان صلح ڪري ڇڏيو آھي.“(91) اڳتي لکي ٿو ته: ”ھن شھزادي کان واعدي ڪيل خرچ پکي جي گھر ڪئي. جنھن بابت سنڌ جو سفير باسين جي گورنر سان ڏيڻ جو واعدو ڪري آيو ھو، شھزادي خرچ پکوڪجهه ٿورو ڏيڻ پئي چاھيو، جنھن تي بئريٽو پنھنجا ماڻهو جھازن مان ھيٺ لاھي شھر ۾ ڪاھي پيو. ڪاوڙ ۾ اچي ھن اٺ ھزار ماڻهو قتل ڪرايا، شھر کي باھ ڏياري، جنھن ۾ ٻن ملين جي ملهه جيترو ته رڳو سون سڙي رک ٿي ويو. پوءِ ھن پنھنجي ٻيڙن تي ايترو قيمتي سامان لڏيو، جنھن جو مثال ايشيا ۾  ڪٿي به ملي ڪونه سگهندو، ھن ڪارروائيءَ ۾ پورچوگيزن جو ھڪڙو ماڻهو به ڪونه مئو. ھو ٺٽي ۽ سامونڊي ڪناري جي وچ تي، ٻنهي ڪنڌين سان، اٺ ڏينھن ساندھ ڦرلٽ ڪندا رھيا. بنديل (لاھري) بندرگاھ ۾ مزاحمت ڪئي ويئي، پر نيٺ اھو فتح ڪري، پوري ريت ناس ڪري ڇڏيائين.“(92) مطلب ته پورچوگيزن پاران ھن حملي ۾ نه رڳو ھزارين ماڻهو قتل ٿيا ۽ ٺٽي جھڙي شاھوڪار ۽ سھڻي شھر کي باھ ڏئي ساڙيو ويو، پر لاھري بندر کي به ناس ڪيو ويو. جنرل ھيگ، ھڪ فرينچ مصنف جي ڪتاب  “Histoire des decouvertrtes et conquestes des portugais dans Le Nouveau Mande par le pere Jose Francois Lafitan de La Campagnine De Jesus Paris1733” جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”پورچوگيزن  جي حملي ۾ اٺ ھزار ماڻهو ماريا ويا. سندس ڪي ٿورا ماڻهوزخمي ٿيا.  سون جيڪو باھ ۾ سڙي رک ٿي ويو، تنھن جو ملهه ٻن ملين کان به وڌيڪ ھو، ڦرلٽ ڪري جيڪو قيمتي مال ھٿ ڪيو ھئائون، ان جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونه ھو. واپسيءَ واري سفر ۾ سمنڊ ۾ پھچڻ تائين ڦرلٽ مچائيندا، قتل عام ڪندا، ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ پکيڙيندا ويا“.(93) ھونئن به پورچوگيز گهڻي وقت کان وٺي، ھند سنڌ جي سامونڊي علائقي ۾ ڦرون ۽ ڌاڙا ھڻندا رھندا ھئا ۽ ھتي جا ماڻهو کانئن گهڻو آزاريل ھئا. مولائي شيدائي پنھنجي ڪتاب ’جنت السنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مرزا شاھ حسن ملتان فتح ڪيو، ۽ سيوي، شال، مستونگ ويندي گرم سيل تائين علائقا ارغونن جي قبضي ھيٺ ھئا.  قنڌار مرزا غازي بيگ جي جاگير ھو، تنھنڪري ھرات، خراسان ۽ سمرقند جا رستا، سنڌ سان واپار لاءِ کليل ھئا. سمنڊ رستي واپار لاھري بندر ۽ ٺٽي سان چالو ھو، مگر سمنڊ تي پورچوگيزن جي حڪومت ھئي، ھرمز ٻيٽ ۽ گجرات جا ٻه بندر ڊمن ۽ ڊيو سندن قبضي ھيٺ ھئا. سندن تجارتي ايجنٽ  ٺٽي ۾ رھندو ھو، پورچوگيز سمنڊن تي جھازن کي ڦري ماڻهن کي قيد ڪندا ھئا، ان سبب جي ڪري ھندستان جا سمورا حاجي مڪي ڏانھن خشڪيءَ رستي ٺٽي ۽ مڪران جي ڪناري واري رستي کان ويندا ھئا“.(94)

ٻئي ڪاهه ۽ جنگ (۽ پوءِ قبضو) اڪبر بادشاهه جي دور ۾ ٿي، جنھن سنڌ ساڻيھه جي هر وستي ۽ واهڻ سان گڏ هن بندر تي به تباهي آندي. اڪبر بادشاهه پاران عبدالرحيم خانخانان جي سربراهيءَ ۾ ڪيل ڪاهه وقت به سنڌ جي ماڻهن سخت مزاحمت ڪئي ۽ پنھنجو سر قربان ڪندا رهيا. اڪبري ڪاهه ۽ جنگ جو ذڪر ڪندي، مير علي شير قانع ٺٽويءَ تحفة الڪرام ۾ لکيو آهي ته: ”جڏهن ٻئي لشڪر اچي هڪٻئي جي پاسي ۾ لٿا، تڏهن ڪيترا مھينا سندن وچ ۾ خشڪيءَ خواهه، پاڻيءَ تي اهڙي سخت لڙائي هلندي رهي، جنھن کان شينهن جو پتو پاڻي ٿي ٿيو ۽ ٻنهي طرفن کان ڪارائتا ماڻهو قتل ٿيندا رهيا. آخر فيصلا ڪُن لڙائيءَ جي هڪ دعوت ڏنائون، ٻنهي طرفن کان لشڪر تمام گهڻو هو، تنهن ڪري امتياز خاطر هندستانين پٽڪن ۾ تير ڇپايا هئا، ۽ سنڌين وونئڻ جون سايون ٽاريون لڳايون هيون. آخر اهڙي جنگ لڳي، جنھن جي ڪيفيت جي اندازي لڳائڻ کان عقل جي تارازي عاجز آهي“(95). سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ۽ واپاري مرڪز ٺٽي شھر جو ذڪر ڪندي ليکڪ لکي ٿو ته: ”چون ٿا ته پورو مهينو ٺٽي ۾ ڏاڍي بربادي رهي. هيڏي ساري عاليشان شھر کي باهه ڏئي ڇڏيائون. ماڻهن جو پوريل مال ڦورو کوٽي کڻي ويا“ (96)

مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”اڪبر بادشاهه، عبدالرحيم خانِ خانان جي اڳواڻي ۾ فوج موڪلي سنڌ تي حملو ڪيو. لڳ ڀڳ ٻه سال جنگ ھلندي رھي، ٻه وڏيون ڪاھون ڪيون ويون ۽ سنڌ تباھ ٿيندي رھي. عبدالرحيم خانِ خانان جڏھن سنڌ ملڪ تي قبضو ڪيو ته ملڪ جو انتظام سنڀالڻ کان پوءِ مرزا جاني بيگ ۽ نواب خانِ خانان گڏجي ٺٽي پهتا ۽ قلعو تغلق آباد (ڪلان ڪوٽ) اچي ڏٺائون. اتان سير، سفر ۽ شڪار جي لاءِ لاھري بندر روانه ٿيا. رستي ۾ منهوڙو ڏسڻ جو خيال ٿين جيڪو ھڪ جزيري جي صورت ۾ لاھري بندر کان ويھه ڪوسن جي مفاصلي تي آھي.“(97) ’ترخان نامي‘ وارو صاحب خانِ خانان جو درياهه تي وڃڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ان دوران ڏاڍيون تيز ھوائون لڳيون ۽ درياھ به وڏيون ڇوليون ھڻڻ لڳو. جيئن ته خانِ خانان جي ماڻھن ان کان اڳ اھڙو منظر ڪڏھن به نه ڏٺو ھو ۽ ٻيڙيون به وڏا لوڏا کائڻ لڳيون، جنھن ڪري انھن کي اُلٽيون اچڻ لڳيون. خانِ خانان سوچيو ته اھو طريقو اختيار ڪرڻ عقل بعيد ھو. انھيءَ موقعي تي مرزا جاني بيگ کي چيو ويو ته اسين خانِ خانان جي ٻيڙيءَ کي ٻوڙي ڇڏيون، پر مرزا جاني بيگ بلند آواز سان ’استغفار‘ پڙھي چيو ته‌ خدا نه ڪري، جو ائين ٿئي جو آئون پنھنجي عھد جي خلاف ورزي ڪريان. منھنجي جان، خانِ خانان سان آھي.“(98) ”اھڙي ريت هو پوءِ لاهري بندر پھتا، جتي اھي سمنڊ ڪناري تي اچي لطف اندوز ٿيا.“(99) ڏسجي ٿو ته جنھن دور ۾ سنڌ مغل حڪومت حوالي ٿي، تنھن دور ۾ لاھري بندر اھم بندر ھو. مغل حڪومت پاران سنڌ ملڪ تي حملي ۽ لاهري بندر واري علائقي ۾ اچڻ ۽ پوءِ قبضي ڪرڻ جو احوال چٽو ملي ٿو. اڪبر، سيوستان، لاھري بندر ۽ ضرب خانو خلاصي طور شاھي (پنھنجي) غلامن جي ھٿ ھيٺ رکي، باقي ملڪ مرزا جاني بيگ جي حوالي ڪيو.(100) يوسف ميرڪ پنھنجي شاھڪار ڪتاب ’تاريخ مظھر شاھجھاني‘ ۾ لکي ٿو ته: ”جڏھن مرزا جاني بيگ بادشاھي درٻار مان مشرف ٿي چڪو ته اڪبر بادشاھ سلطنت جي تدبير مطابق، سيوھڻ ۽ لاھري بندر واريون راڄڌانيون قبضي ۾ آڻي مرزا جاني بيگ کان الڳ ڪري، شاھي تحويل ۾ آنديون ۽ باقي چار راڄڌانيون مرزا جاني بيگ کي جاگير طور بخش ڪيائون.“(101) مطلب ته اڪبري ڪاهه، جنگ ۽ قبضي به سنڌ جي هر هنڌ سان گڏ لاهري بندر کي به سخت متاثر ڪيو.

لاھري بندر جو ڦِٽڻ:

       مليل تاريخي حوالن موجب جڳ مشھور لاهري بندر 10هين صدي عيسويءَ کان 18هين صدي عيسويءَ جي آخر يعني لڳ ڀڳ 800 سالن تائين قائم ۽ آباد رهيو. نيٺ 19هين صدي عيسويءَ جي شروع وارن ڏهاڪن ۾ سدائين لاءِ اُجڙي ويو. لاھري بندر جي اجڙڻ بابت ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ لکيو آھي ته: ”لاھري بندر جي اھميت ان وقت ختم ٿيڻ شروع ٿي، جڏھن 1635ع ۾ ھرمز تي انگريزن قبضو ڪيو. ليڪن سياسي حالتن کان فطري حالتون ھن بندر لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيون. سترھين صديءَ ۾ ھتي مٽيءَ جا تھه ڄمڻ شروع ٿي ويا ۽ ھتي جھازن جي اچڻ ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي.... معلوم ايئن ٿو ٿئي ته ارڙھين صديءَ ۾ ھن بندر جو استعمال ترڪ ڪيو ويو، ڇو ته انھيءَ وقت تائين ھتي مٽيءَ جا تھه ڪافي جمع ٿي ويا.“(102)

حقيقت ۾ لاھري بندر گهڻي وقت تائين قائم رھندو آيو. جنھن جو ذڪر ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي عملدارن به گهڻو ڪيو آھي. سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جڏھن انگريز واپارين سان عھدنامه ڪيا، تڏهن انھن عھدنامن ۽ غلام شاھ جي فرمانن (103) ۾ به لاھري بندر جو ذڪر گهڻو ملي ٿو.  ڪلهوڙا دور ۾، سنڌ ملڪ ۾ اُٿل پُٿل وارو ماحول رھيو. انھيءَ زماني ۾ سنڌ تي تمام گهڻا حملا ٿيا، جن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي تباھ ڪري ڇڏيو. انھيءَ ڪري سنڌ جي معيشت، واپار وغيره تي تمام گهڻا اثر پيا. وحشي صفت بادشاھ نادر شاھ به انھيءَ دور ۾ سنڌ ساڻيھه تي خطرناڪ حملو ڪري ڦر لٽ ڪئي. ٽي پوسٽنس لکي ٿو ته: ”نادر شاھ جي وڃڻ کان پوءِ ميان نور محمد، لکپت جي راجا جي ڌر بڻجي، ڪڇ جي صوبيدار سان جنگ جوٽي، ڇاڪاڻ ته ھن مٿس بيجا حملو ڪري، گهڻيءَ بي رحميءَ جو مظاھرو ڪيو ھو. ميان نور محمد جي حملي جو ٻڌي گورنر وڃي ھڪ مضبوط قلعي ۾ پناھ ورتي. ميان، قلعي جو گهيرو جاري رکيو. قلعي جي فتح کان پوءِ کيس جنگي باندي بنايو ويو. ان کان پوءِ ھو لاھري بندر جي گورنر راجا اجمل تي به ڪاھي ويو“.(104) راجا اجمل تي ڌاراجا ۾ حملو ٿيو هو. لاهري به ويجهو هئڻ ڪري، ان ڪاهه جي باهه جي لپيٽ ۾ ضرور آيو هوندو.

جڏھن نادر شاھ سنڌ تي 1739ع ۾ حملو ڪيو، تڏھن نادر شاھ ۽ محمد شاھ جي وچ ۾ ھڪ صلح نامو ٿيو، جنھن ۾ سنڌ جو وڏو حصو نادر شاھ جي حوالي ڪيو ويو، جنرل ھيگ پنھنجي ڪتاب ۾، فريزر جي لکيل ڪتاب ’لائيف آف نادر شاھ‘ ۾ ڏنل انهيءَ صلح نامي مان ھڪ ٽڪرو کنيو آھي. جيڪو ھن ريت آھي: ”مان نادر شاھ کي، اٽڪ درياھ، سنڌو درياھ ۽ سنڪرا (سانڱرا) درياهه جي اولهه پاسي وارا علائقا، جھڙوڪ پشاور ۽ ان جي ڀرپاسي وارو علائقو ڪابل، غزني ۽ پٺاڻن جي رھڻ وارا جابلو علائقا، ھزاره جات وارا لڪ، بکر جو قلعو، سکر، خدا آباد ۽ ٻيا لڪ، بلوچن ۽ جوکين جي رھڻ واريون ايراضيون، ٺٽي جو صوبو، رام قلعو، تربين جو ڳوٺ، جوڻ، سماوتي ۽ ڪيترا وڏا شھر، ٺٽي جا ماتحت علائقا، شھر، ڳوٺ واھڻ، زمينون ، قلعا، بندر ۽ اھي شھر ڏنا، جتي سنڌو درياھ جو پاڻي پھچي ٿو. سانڪره وھڪري جو اوسو پاسو ويندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين، مطلب ته اٽڪ درياھ، سنڌو درياھ ۽ سانڪره جي وھڪري جو اولهه پاسي وارو سارو علائقو، ھن بادشاھ جو ملڪيت سمجهيا ويندا. لاھري بندر جو قلعو، شھر ۽ اھي علائقا جيڪي اٽڪ درياھ، سنڌو درياھ ۽ سانڪره وھڪري جي اوڀر پاسي آھن، سي اڳ جيان ھندستان جي شھنشاھ جي ملڪيت رھندا“.

شاھجھان آباد ۾ معاهدو لکيو ويو. تاريخ 4 محرم 1152ھ مطابق 2 اپريل 1739ع.“ (105)

مطلب ته لاهري بندر جي ڪجهه اهميت ڪلهوڙن جي دور ۾ به رهي. انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ انگريز اچڻ لڳا، انهن جي ڪيترين ئي رپورٽن وغيره ۾ لاهري بندر جو چٽو ذڪر ملي ٿو، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته لاهري بندر پوئتي پوڻ شروع ٿي چڪو هو. انگريزن جي پھرين واپاري دور ( 1635ع کان 1662ع) ۽ ٻئي واپاري دور (1758ع کان وٺي 1775ع تائين)  ۾ به ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي واپاري ڪوٺي ۽ ڪارخانو لاھري بندر ۾ موجود ھو. 18 صديءَ جي آخر ۾ مسٽر ڪرو سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا جا ڪارخانا شروع ڪيا، پر لاھري بندر ۾ ڪمپنيءَ جو ڪارخانو اڳ ئي موجود ھو. هن 1799ع کان 1800ع ۾ ٺٽي ۽ لاهري بندر جي ڪوٺين ۾ واپار لاءِ ڪوششون ورتيون، پر ان ئي عرصي ۾ انگريزن ڪراچيءَ جي اهميت کي محسوس ڪيو. انگريزن جي رٿا موجب ناٿن ڪرو 1799ع ۾ڪراچيءَ ۾ لياريءَ جي ڪناري تي پنھنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. تڏهن هو پنھنجي لکيل خطن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ لاهري بندر جي پوئتي پوڻ جو بيان ڪري ٿو. سن 1800ع ۾ جڏهن ڪراچي جي مشھور واپاري درياني مل ۽ ٻين واپارين پاران سنڌ حڪومت کي انگريزن جي ڪراچيءَ واري ڪوٺي بند ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو، تڏهن حڪومت پاران اهڙي ڪوشش ڪئي ويئي. سنڌ حڪومت پاران ناٿن ڪرو کي ڪراچيءَ بدران شاهه بندر ۽ لاهري بندر ۾ ٻيڙيون بيهارڻ لاءِ چيو ويو. اهڙو ذڪر 12 آگسٽ 1800ع تي مرزا اسماعيل ۽ آغا ابوالحسن پاران لکيل خطن ۾ ملي ٿو، جيڪي ناٿن ڪرو پنھنجي رپورٽن ۾ ڏنا آهن. (106) پر اها به هڪ حقيقت آهي ته انهيءَ دور ۾ لاھري بندر پنھنجي اهميت وڃائي رهيو هو. ناٿن ڪرو پنھنجي هڪ رپورٽ ۾ آدمشماريءَ جي عنوان سان لکي ٿو ته: ”مشھور شاهوڪار شھر ٺٽي جي آبادي چاليھه هزار آهي. شاهه بندر ۽ لاهري بندر کان سواءِ ڪراچيءَ جي آبادي ڏهه هزار آهي“ (107) هو اڳتي لکي ٿو ته: ”ڪراچي ۽ ٺٽي جي وچين پٽن ۾ رهندڙ جوکيا ۽ لاهري بندر جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ڪلمتي قبيلن جي فوجي آبادي گڏيل طور ويھه يا پنجويھه هزار ٿيندي، جن جو ڌنڌو فوجي آهي ۽ جوکيا جن کي جهازن ۽ ٻيڙين تي ملازم رکيو وڃي ٿو جيڪي پرڏيھن تائين وڃن ٿيون“. (108) مطلب ته ايستائين به لاھري بندر جھڙي تھڙي حال ۾موجود ھو. ها پر هاڻي اُن جي اها اهميت نه رهي هئي ۽ هو تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو هو. اڳتي هلي اڃا به ھن بندر جي جيڪا ٿوري گهڻي اھميت هئي سابه گهٽجي ويئي ۽ نيٺ هي بندر ختم ٿي ويو.

’تحفت الڪرام‘ جو مصنف مير علي شير قانع سن 1767ع ڌاري لکي ٿو ته: ”لاهري بندر، جو آڳاٽي زماني ۾ ديول بندر جي نالي سان مشھور هو. هاڻي ڪجهه سالن کان حادثن سببان شھر رهاڪن سميت برباد آهي ۽ اُتي جي باقي آبادي ڌاراجا جي برابر واري زمين ڏانھن منتقل ٿي ويئي آهي“. (109) مطلب ته بندر ۽ شھر موجود ته هو پر هاڻي اُجڙڻ واري مرحلي مان گذري رهيو هو.  ڊاڪٽر ڇٻلاڻي صاحب لاهري بابت لکيو آھي ته: ”سترھين صديءَ جي آخر ۾ درياھ جو پيٽ واري ۽ رءُ سان ڀرجي ويو ۽ لاھري بندر تائين درياھ جي آمدرفت مشڪل ٿي پئي، ان دوران ٻيا بندر جھڙوڪ اورنگ بندر، شاھ بندر، وستا بندر، وڪر بندر، ڌاراجا بندر۽ ڪراچي اُسري پيا ته لاھري بندر جي اھميت گھٽجي ويئي.“(110) جڏھن ته سنڌؤَ جي ڦاٽن ۾ ڦيرڦار جو ذڪر ڪندي ڀيرومل لکي ٿو ته: ”سنڌو نديءَ جا ڦاٽ ڪڏھن ڪھڙا ته ڪڏھن ڪھڙا، ھيئن به آھي ته اڳي جيڪي ڦاٽ ھئا، تن مان ھنئير سنوان سنواٽا واھ آھن. جھڙوڪ اُڀرندو نارو ۽ ڦليلي ۽ ھن پاسي بگهاڙ واھ، پڃاري ۽ گونگڙو. گونگڙو اڳي ڦاٽ ھو، سَنڌا اڃا ظاھر آھن. اڳي جڏھن ان ۾ پاڻي جام ھوندو ھو ۽ سمنڊ جاتيءَ کان ٻن ڪوھن جي مفاصلي تي ھوندو ھو، تڏھن پڃاريءَ جي پاڻيءَ سان گڏ سير کاريءَ ۾ وڃي پوندو ھو. سن 1819ع ۾ ھن پاسي ڌرتي ڌٻي، تنھن ھن لاڙ جي طبعي صورت ئي ڦيرائي ڇڏي“.(111) هن احوال مان پڌرو ٿئي ٿو ته 1819ع واري زلزلي به هن پٽن ۾ وڏي ڦير ڦار آندي. ملندڙ احوال مان پتو پئي ٿو ته لاهري بندر 19هين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ ختم ٿي ويو.

لاهري بندر جا آثار:

ذڪر ٿي چڪو آهي ته لاھري بندر جنھن صدين تائين وڏا اوج ماڻيا، سو سنڌوءَ جي هن پاسي واري وھڪري جي رُسي وڃڻ ۽ ريٽجڻ جي ڪري، هميشه لاءِ اُجڙي ويو. هاڻي رڳو وڃي سندس ڪي آثار ۽ ٻيون ڳالهيون ئي رهيون آهن. حقيقت ۾ حالتن جي تبديليءَ ھن بندر کي ختم ڪري ڇڏيو. جين فيئرلي ڏاڍو بھتر لکي ٿو ته: ”جيڪڏھن سنڌؤَ جي ڇوڙ واري علائقي کي چڱيءَ ريت گهمي ڏسبو ته پتو پوندو ته سنڌؤَ اھڙا ڪيترائي ڀريا تريا شھر پائي ناس ڪري ڇڏيا آھن. ھتي ٽي ھزار ھم چورس ميل ھڪ سنئون سڌو پٽ آھي، جتي سنڌو جڏھن ۽ جيڏانھن وڻندو اٿس، تڏھن ۽ تيڏاھن آر ڪندو آھي. ھڪڙن کي سائو ڪندو ۽ ٻين کي سُڪائيندو آھي“.(112) پر سنڌوءَ جو پاڻي گهٽجڻ جي ڪري به ڪيترا وهڪرا گهٽجي ويا، لاهري سان به ائين ئي ٿيو. اھڙي ريت لاھري بندر جا هاڻي رڳو نشان باقي ڪي وڃي بچيا آھن. جيڪي به آهستي آهستي وير واري کاري، کُڏي ۽ ٻين ۾ اچي چڪا آھن.

حقيقت ۾ اصل بندر اُجڙڻ جي ڪري پوئين زماني ۾ لاهري بندر جي ڪوٽ واري هنڌ کي به بندر طور استعمال ڪيو ويو ٿو ڏسجي، پر هيءَ به حقيقت آهي ته بندر ۽ قلعي جا آثار الڳ الڳ آهن. جن ماڻهن لاهري بندر ۽ جاکي بندر جا آثار الڳ الڳ ڏٺا هئا، انهن ماڻهن مان ڪي ماڻهو اڃا به حال حيات آهن. سنڌي ٻولي، تاريخ، تھذيب ۽ ثقافت جو مشھور ڄاڻو ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، جيڪو ٺٽي جي ڇوڙ واري علائقي سان تعلق رکي ٿو، تنھن پنھنجي تحقيق دوران ٺٽي جا سمورا قديم آثار، پنجاه سال اڳ ۾ سفر ڪري وڃي اکين سان ڏسي، انھن جا احوال وغيره محفوظ ڪيا. هن صاحب لاھري بندر ۽ جاڪي بندر جا آثار الڳ الڳ ڏٺا هئا. هن جاڪي بندر جا آثار .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org