سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جا قديم سامونڊي بندر

 

صفحو:2 

سنڌ جا قديم بندر

سنڌ ملڪ نه رڳو تھذيبي، تمدني ۽ تاريخي لحاظ کان قديم زماني کان وٺي شاهوڪار رهيو آهي، پر جاگرافيائي لحاظ کان به هيءُ ملڪ اهم رهيو آهي. عظيم سنڌو، سندس ڇوڙ  وارو علائقو ۽ سامونڊي ڪنارو، سڄي دنيا لاءِ سدائين دلچسپيءَ جو وڏو سبب رهيو آهي. سنڌوءَ تي ٿيندڙ ڀليون ٻنيون، آڳاٽي بنيادي صنعتَ، درياهي ۽ سامونڊي بندر ڏيھان ڏيھه مشھور رهيا آهن. دنيا جا آڳاٽا جاگرافيدان، تاريخدان ۽ سياحَ سنڌ ملڪ جي ٻين گهڻين ڳالهين سان گڏ، سنڌ جي سامونڊي بندرن جي وڏي واکاڻ ڪن ٿا، جن تي سڄيءَ دنيا جي ملڪن جو وڻج واپار هلندو هو. مشھور تاريخدان، عالم ۽ اديب ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ’قديم سنڌ‘ ۾ ’رگويد‘ ۽ ٻين آڳاٽن ڪتابن جي حوالن سان ڄاڻايو آهي: ”سنڌو ماٿر جا لوڪ وڏا کاري کيڙائو ۽ واپاري هئا.“(1) هُن اڳتي هلي، پروفيسر ولسن ۽ ٻين يورپي عالمن جي کوجنائن جي نتيجن مان چٽيءَ طرح ثابت ڪندي لکيو آهي: ”قديم سنڌ جا رهاڪو جھڙا جهازرانيءَ ۾  ڀَڙ هئا، تھڙا ئي جهازن جوڙڻ ۾ به قابل هئا.“(2) ظاهر آهي ته انهيءَ جهاز رانيءَ لاءِ وٽن تمام وڏا، سَھنجا ۽ سهڻا بندر موجود هئا، جن جي ذريعي ڏُور ڏيهن تائين اچ وڃ ڪري سگهندا هئا. قدرت الله فاطمي پنھنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي: ”سنڌي ملاح، ايراني نار جو ڪنارو وٺي، بابل ۽ سميري تھذيبن جي مشھور تجارتي مرڪزن تائين پھچي سگهندا هئا. ساڳئي وقت، هُو لاڳيتو ڦرندڙ هوائن جي ڪري، ٿيندڙ فائدن ۾ عربن جا ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا هئا. انهن ئي عربن جي لاڳاپي سان کين مصر جي بندرن ۾ وڃڻ لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جي اونهي پاڻيءَ ۾ جهازرانيءَ جي سھوليت ٿيندي هئي.“(3)

اولهه جي ڪلاسيڪل تذڪرن ۾ گهڻو آڳاٽو هيرو ڊوٽس جي لکت(4) ۾ به اهڙي قسم جو احوال چڱو ملي ٿو. جنھن ۾ ڪريانڊا جي اسڪائيلڪس جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جو سنڌوءَ ۾ لهوارو هاڪاري سمنڊ ڏانھن ويو هو. جڏهن سندس اها مسافري مڪمل ٿي هئي، تڏهن داريوش فتح حاصل ڪئي هئي ۽ انهيءَ لاءِ هُنن سمنڊ (بندرن) کان فائدو حاصل ڪيو هو.

ان کان پوءِ سڪندراعظم جي تاريخ نويسن جي انهن احوالن ۾ به اهڙو ذڪر موجود آهي. سڪندراعظم جڏهن سنڌوءَ رستي هاڪاريو هو، ته هُو ’پٽالا‘ نالي هڪ شھر/درياهي بندر تي پھتو هو، جيڪو اُن دؤر جو مشھور ۽ مشغول هنڌ هو. هُن هفائشن کي پٽالا جي ڪوٽ کي مضبوط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. تاريخ نويسن جي لکتن مان چٽيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته پٽالا اُن هنڌ تي هو، جتان کان سنڌو ٻن شاخن(5) ۾ ورهايو ٿي ۽ انهن ٻنهي شاخن کي سمنڊ تائين سنڌو سڏيو ٿي ويو. اُتي سڪندر هڪڙو بندر ۽ گودي ٺھرائي هئي ۽ پاڻ هڪ شاخ ڏيئي سمنڊ طرف هاڪارڻ لڳو. پاڻ پوءِ وري درياهه جي ٻيءَ شاخ تان ڇوڙ تائين هاڪاري ويو، اهو جانچڻ لاءِ ته درياهه جي ڪھڙي شاخ جهازرانيءَ جي لائق آهي(6). سڪندر جي اميرالبحر نيرڪس (Nearichus) سمنڊ جي ڪناري سان ٻيڙا هاڪاريندي ڪجهه اهڙا به هنڌ ڏٺا هئا، جيڪي سامونڊي بندر هئا. ڪراچيءَ واري علائقي ۾ هُن هڪ تمام سھڻو ۽ سَھنجو بندر ڏٺو هو، جنھن تي ’اليگزينڊر هيون‘ (Alexander Heavan) نالو رکيو هئائون. اُتي هنن چوويھه ڏينھن ٻيڙا بيھاري ڇڏيا هئا، ڇاڪاڻ ته تيز سامونڊي هوائون گهُلي رهيون هيون. (7) يونانين جي احوالن ۾ سنڌ جي هڪ اهڙي به بندر جو ذڪر ملي ٿو، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته بندر ڏانھن ويندڙ لنگهه سوڙهو هو. يونانين موجب، ڏيھي ٻوليءَ ۾ اُن کي ’عورتن جو بھشت‘ ٿي سڏيائون.(8) وٽن ساڪالا شھر/ بندر جو به ذڪر ملي ٿو، جيڪو جنرل هيگ موجب سون مياڻيءَ جي کُلئي اُپسمنڊ ۾ موجود هو. (9) هڪ اهڙي به بندر جا ڏس ملن ٿا، جنھن کي آئرين ’مورنٽو بارا‘  جي نالي سان سڏيو آهي. حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ به بندر جو ڏس ملي ٿو. (10)

سڪندر جي تاريخ نويسن کان پوءِ، پلائني جي ’قدرتي تاريخ‘، بطليموس جي ’جاگرافي‘ ۽ ايريٿريئن جي ’سمنڊ جي پيريپلس‘ (Piriplus of the Erythaen sea) ۾ به اهڙا ذڪر موجود آهن. انهن ڪتابن مان ’پيريپلس‘ ۾ ڏنل احوال وڌيڪ واضح ۽ موچارو آهي. جنهن ۾ ليکڪ لکيو آهي: ”سنڌو، جيڪو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، اهو درياهُه سمنڊ ۾  ايترو ته گهڻو پاڻي آڻي ٿو، جو ماڻهو اڃا ڪناري کان گهڻو پري هوندو، جو کيس ان جي پاڻيءَ جي ڪري سڄو بندر اڇي رنگ ۾ تبديل ٿيل ڏسڻ ۾ ايندو.“ ’پيريپلس‘ ۾ سنڌوءَ جا ست ڇوڙ ڄاڻايل آهن. وچئين ڇوڙ وٽ ’بارباريڪان‘ نالي بندر ڏيکاريل آهي. اُتي هڪ ٻيٽاري آهي، جنھن جي پويان ئي ’مين نگر‘ نالي هڪ شھر آهي، سو  راڄڌاني آهي. جهاز ’بارباريڪان‘ ۾ لنگر انداز ٿيندا آهن، پر انهن تي ايندڙ سارو سامانُ ننڍين ٻيڙين ۾ چاڙهي، درياهه وسيلي ’مين نگر‘ (Minnagar) ۾ آندو ويندو آهي. ان وڻجارڪي بندر ۾، جيڪي وٿون ٻاهران اچن ٿيون، تن ۾ ڪپڙو، (سادو گهڻو پر گاڏڙ ٿورو) چيٽون، پيلو پٿر، پکراج، مرجان، سُرهو کؤنر، سُرهاڻ، شراب، سِلڪ، ڪائي ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ۽ پرڏيهه ويندڙ وکر ۾ مصالحو، ڪافور، ڪيسر، زمرد يا ساوا پٿر، نيلم، پشم، سوٽي ڪپڙو، ريشم جو ڌاڳو، نير وغيره شامل آهن.(11) چيو وڃي ٿو ته، ’بارباريڪان‘، شاهه بندر يا شاهه بندر کان ٿورو اولهه واري علائقي ۾ هوندو. جڏهن ته جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو‘ ۾ لکيو آهي: ”مٿيون بندر، شاهبندر کان گهڻو پري ڪونه هوندو.“ (12) جنرل هيگ لکي ٿو ته: ”پيريپلس ۾ اهڙي پڻ وضاحت آهي ته اهو بندر اهڙي ماڳ تي هو، جتي وچئين ڇوڙ واري وهڪري کان سواءِ به هاڪاري پھچي سگهبو هو.“ (13)  جنرل هيگ لکي ٿو ته: ”ڇوڙ جي ٻين بندرن جيان، جن جي اسان ٿوري گهڻي ڄاڻ رکون ٿا، بارباريڪان جو بندر سمنڊ کان وِٿيرڪو ۽ درياهه جي ڪٺار سان وسندڙ هو.“ (14) پلائني به ان بندر ۽ ان جي پُٺيان ’مين نگر‘ جو ذڪر ڪيو آهي. (15)

ٽالمي جا بيان، توڙي جو ايترا سگهارا ناهن، پر سندس احوال جي باب 59هين ۾ ڏنل داخلا(16) ۾ اسان کي ٻن بندرن، هڪ پٽالا ۽ ٻيو باربري جو احوال ملي ٿو. ’باربري‘، پڪ سان ’پيريپلس‘ وارو ’بارباريڪان‘ هوندو. بطليموس جي احوال(17) ۾ به ’پٽاليني‘ ۽ ’بارباريڪان‘ يا ’باربريئي‘ بندرن جو ذڪر ملي ٿو، جيڪي ’پٽالا‘ ۽
’بارباريڪان‘ ئي آهن.

سڄي دنيا ۾ جاگرافيائي اهميت رکندڙ سنڌ جي سامونڊي علائقي ۾ نه رڳو اهي بندر هئا پر مختلف دورن ۾ ٻيا به ڪيترائي بندر هوندا جن وسيلي آڳاٽي زماني کان سنڌ ساڻيھه جو دنيا جي ملڪن سان واپار ۽ اچ وڃ هلندي رهندي هئي. مٿين بندر کان سواءِ پوءِ، واري زماني ۾ جن بندرن جا احوال اسان کي چٽيءَ ريت آڳاٽن سفرنامن، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي ڪتابن مان ملن ٿا، تن ۾ ديبل، لاهري، اورنگا، جاکي، ڌاراجا، کاڙڪ، شاهبندر، وڪر ، سوکي ، ڪيٽي، سَنڊو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

ڏٺو وڃي ته ’ديبل بندر‘ جي هڪ وڏي تاريخ آهي. هيءُ ڪتاب تيار ڪندي ديبل بندر بابت، مون کي خوشقسمتيءَ سان دمشق ۾ ڇپيل هڪ ڪتاب ’فتح الديبل‘ ۽ ڪجهه ٻيو مواد ملي ويو آهي. هونئن به ڏٺو وڃي ته ’ديبل‘ جي خاص اهميت آهي ۽ پڻ اهو هڪ وڏو موضوع آهي، جنھن تي آئون گهڻو ڪم ڪري چڪو آهيان. ديبل ۽ هن ڪتاب ۾ شامل بندرن کان سواءِ ٻين بندرن بابت به مواد تياري جي آخري مرحلن ۾ آهي، سامونڊي بندرن کان سواءِ سنڌوءَ جي درياهي بندر تي به ڪتاب پڄاڻيءَ جي مرحلي ۾ آهي. اُميد ته اُهي ڪتاب سگهو ئي ڇپجي پڌرا ٿيندا.

 

حوالا ۽ حاشيا

 

1.       آڏواڻي ڀيرومل ’قديم سنڌ‘، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1980ع، ص 364

2.      ساڳيو حوالو، ص 364

3.      فاطمي قدرت الله، ’ديبل جا ٻه بندر‘ (مقالو) ’سنڌ صدين کان‘ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، 1982ع، ص 169

4.      History of  Herodotus, English Translation Relinson, vol: IV, London 1945, PP 22-45

5.      Pithawala M.B, ‘A Physical and Economics Geography of Sindh’, Sindhi Adabi Board, Hyderabad, 2nd Edition 1976, Chapter II

6.      Mujumandar R.C, ‘The Clasical Account of  India’, Culcata, 1940, India.

7.      جنرل هيگ، ’سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو‘، سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 1995ع، ص 237

8.      ساڳيو حوالو، ص 223

9.      ساڳيو حوالو، ص 234

10.  ساڳيو حوالو، ص 222

11.   Mujumandar R.C, ‘The Clasical Account of India’, Culcata, 1940, India, P. 300

12.  جنرل هيگ، ’سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو‘، ص 54

13.  ساڳيو حوالو، ص 54

14.  ساڳيو حوالو، ص 54

15.  Mujumandar R.C, ‘The Clasical Account of India’, Culcata, 1940, India, P. 343

16.  Seme Ref,  P. 272

17.  Seme Ref, P. 273

 

سنڌ جا قديم سامونڊي بندر

 

(لاهري، اورنگا، شاهه بندر ۽ ڪيٽي بندر)

 

لاھري بندر


  
        ديبل بندر کان پوءِ لاهري بندر سنڌ ساڻيھه جو مکيه ۽ جڳ مشھور بندر رهيو آهي. مليل تاريخي ڄاڻ موجب هِيءُ بندر نائين صدي عيسويءَ ڌاري وجود ۾ آيو، ۽ ڏهين صدي عيسويءَ تائين گهڻو مشھور ٿي چڪو هو. مشھور سيلاني، عالم، رياضيدان ۽ تاريخدان ابو ريحان البيروني پھريون شخص آهي، جنھن لاهري بندر جو يارهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ملڪ جي مُک بندر طور ذڪر ڪيو آهي.(1) هو محمود غزنويءَ جي خوارزم جي فتح (1017-1018ع) کان پوءِ ساڻس گڏ غزني آيو، ۽ پوءِ اٽڪل نَو سال پنجاب، ڪشمير ۽ سنڌ ۾ رهيو.

مختلف دستاويزن مان پتو پوي ٿو ته هِيءُ بندر يارهين صدي عيسويءَ تائين پنھنجي اوج کي رسيو ۽ سورهين صدي عيسويءَ تائين اوج تي رهيو. البيرونيءَ کان پوءِ مشھور سيلاني ابن بطوطه جنھن چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جو سفر ڪيو هو  ۽ لاهري بندر ڏوري اچي ڏٺو، سو به لاهريءَ جو تمام وڏي بندر طور ذڪر ڪري ٿو.(2) مختلف شاهدين مان چٽيءَ ريت پتو پوي ٿو ته لاهري بندر ڏهين صديءَ کان اڳ وجود ۾ آيو بلڪ ڏهين صديءَ ۾ هڪ وڏي بندر جي حيثيت حاصل ڪري چڪو هو. ابن بطوطھ جي سفرنامي مان ئي پتو پئي ٿو ته هن پنھنجو درياهي سفر جنھن بندر وٽ پورو ڪيو هو، اهو لاري يا لاهري بندر هو. (3) چوڏهين صديءَ ۾ ته هي بندر پنھنجي عروج تي پھچي چڪو هو. ابو ريحان البيروني ۽ ابن بطوطه کان پوءِ ترتيبوار ڏيھي توڙي پرڏيھي تاريخدانن لاهري بندر جو پنھنجي پنھنجي روزنامچن ۽ تاريخي ڪتابن ۾ شاندار نموني سان ذڪر ڪيو آهي.

لاهري بندرجو ٺـ ھڻ:

ناليوارو محقق ۽ عالم ايم ايڇ پنھور پنھنجي ڪتاب “An Illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh” ۾ لاهري بندر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ديبل بندر جي جاءِ لاهري بندر ورتي جيڪو ڏهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري وجود ۾ آيو.“ (4) پنھور صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته: ”لاهري بندر جو ذڪر پھريون ڀيرو ديبل جي خوارزم شاهه هٿان 24/1223ع ڌاري تباهيءَ کان پوءِ اچي ٿو.“ (5) پر پنھور صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ته: ”1333ع کان ٿورو اڳ درياهه وهڪرو مٽايو ۽ گهارو ڇاڙهه کي ڇڏي ويو ته ماڻهو ديبل شھر کي ڇڏي ويا. ڪلريءَ جي ڪڙ تي لاهريءَ نالي نئون بندر آباد ٿيو.“(6) حقيقت ۾ پنھور صاحب جو پھريون احوال درست آهي، ڇاڪاڻ ته ان کان گھڻو اڳ ۾ ڏهين صديءَ ۾ البيرونيءَ جي سفرنامي ۾ لاهري بندر جو  ذڪر سٺي نموني سان ملي ٿو جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته لاهري بندر ڏهين صدي عيسويءَ کان اڳ ئي وجود ۾ اچي چڪو هو. پر جڏهن1015ع ۽ پوءِ 1250ع کان گهاري وارو وهڪرو گهڻو گهٽجڻ لڳو ۽ ديبل وارو هنڌ ٿوري گهڻي جهاز رانيءَ جي لائق به نه رهيو ته لاهري بندر جي اهميت وڌڻ لڳي. اهڙي ريت وقت گذرڻ سان جاگرافيائي ۽ واپاري اهميت جي ڪري، وڌيڪ ترقي ڪندو ۽ مشھور ٿيندو رهيو. مطلب ته لاهري بندر ڏهين صدي عيسويءَ کان اڳ وجود ۾ اچي تڪڙو ئي سڄي دنيا ۾ مشھور ٿيو ۽ ارڙهين صديءَ  جي آخر تائين آباد رهيو.            

 

 

 

 

 

 

 


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


 


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


 

نالو:

لاھري بندر تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ ان لاءِ مختلف روايتون ۽ لکتي بيان آهن. ھن بندر جي نالي کي مختلف اُچارن سان لکيو ويو آھي. البيروني (وفات 1039ع) پھريون مورخ آھي، جنھن سنڌوءَ جي احوال سان گڏ لاھري بندر جو ’لوھاراڻي‘ جي نالي سان ذڪر ڪيو آھي. هو لکي ٿو ته: ”اروڙ کان گذرڻ بعد ھن نديءَ (سنڌوءَ) کي مھراڻ سڏين ٿا. اھا ٻن شاخن جي گڏجڻ جي ڪري، ويڪري ٿي وڃي ٿي ۽ سندس وھڪرو سڌو ٿئي ٿو. جيئن پوءِ تيئن ھن جي ويڪر ۾ واڌ ايندي وڃي ٿي. سندس پاڻي صاف ٿئي ٿو. پنھنجي وھڪري دوران ڪي ڪي ٻيٽ ڇڏيندي اچي ٿي. تانجو اھا منصورا پھچي ٿي. جيڪو سندس ٻن شاخن جي وچ ۾ آھي. ان بعد لوھاراڻي شھر ڀرسان ٻن ھنڌن تي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.(7)

البيرونيءَ کان ٽي صديون پوءِ ابن بطوطه 1333ع ڌاري سنڌ ۾ آيو ھو، تنھن انھيءَ بندر کي لاھري(8) نالي سان لکيو آھي. اھڙي ريت ھن بندر کي مختلف تاريخدانن مختلف نالن سان جيئن: لوھاراڻي، لاھوري، لھري، ليري، ليھوري، سنڌو، بندر سنڌ، سنڌي لاڙي، سنڌي ديبل يا ديول، لاھري، لاري، ته ڪن وري لاڙي لکيو آھي.

لاهري نالي متعلق ڪن محققن جو خيال آھي ته ھن بندر جي آسپاس رھندڙ ماڻهو لوھ مان اوزار ٺاھڻ جو ڌنڌو ڪندا ھئا. يعني اتي رھندڙن جي گهڻائي لوھارن جي ھئي. تنھنڪري مٿس نالو ئي ’لوھاري‘ يا ’لوھراڻي‘ بندر پئجي ويو. جڏھن ته ڪن مورخن جو خيال آھي ته: ”لاھري بندر لِھور (ليھور) شھر جي پُٺيان سڏجڻ ۾ آيو ۽ اُن شھر جو بندر ھو.“(9) ليھور آڳاٽي زماني ۾ سنڌ جو مشھور شھر، ڇوڙ واري علائقي ۾ ھو. سومرا دور جي مشھور قصي جي مکيه ڪردار چنيسر جي گهر واري ليلا ليھور شھر جي رھاڪو ھئي. تنھن ڪري ليلا چنيسر جي ڪھاڻيءَ ۾ ليھور جو ذڪر ملي ٿو. سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اھڙا بيت ملن ٿا، جنھن ۾ ”ليلا شھر ليھور جي“ لفظن جو ورجاءُ ملي ٿو. جيڪڏهن اهو ’ليھور‘ شھر هتي هو ته اُنهيءَ تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ اهو به هڪ سوال آهي. اهڙيءَ ريت ٻيا محقق وري نالي پوڻ بابت مختلف ڳالهيون ٻڌائين ٿا. ڇوڙ واري علائقي تي اهم ڪم ڪندڙ جنرل اليگزينڊر ھيگ ھن بندر جي نالي بابت لکي ٿو ته: ”لاھري بندر جو نالو لاھور مان نڪتل آھي، جيڪو ان وقت پنجاب جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. ان وقت لاھور جو سڀ مال ھن بندر تان ڏيساور ويندو ھو. ان ڪري ٻاھريان واپاري ماڻھو ھن بندر کي لاھوري بندر چوڻ لڳا.“(10)  هتي جنرل هيگ پاران لاهري بندر تي نالي پوڻ بابت بيان ڪيل هن احوال جي ٿوري وضاحت ڪجي ته چڱو ٿيندو. آئون ڀانئيان ٿو جنرل هيگ کان هتي غلطي ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته (هاڻوڪي) لاهور جو اُن زماني ۾ گاديءَ وارو هنڌ‘ هئڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر لاهور شھر جي وجود ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ ۾ ئي لاهري بندر موجود هو. ڏٺو وڃي ته راويءَ واري (هاڻوڪي) لاهور جو ذڪر 421 هه کان گهڻو پوءِ ملي ٿو. ان کان اڳ ۾ جنھن لاهور جو ذڪر تاريخ ۾ ملي ٿو، اهو ’لاهور‘ ضلعي صوابي ۾ موجود هو. اڄ به ان جو وجود ۽ آثار موجود آهن. سڀ کان پھرين جيڪو تاريخدان لاهور واري علائقي ۽ لاهري بندر تي آيو ۽ جنھن ان جو احوال ڏنو آهي، سو ابوريحان البيروني آهي. البيروني محمود غزنوي سان گڏ رهيو ۽ ان جو تاريخدان رهيو. محمود غزنويءَ هاڻوڪي لاهور واري علائقي تي 409هه / 1018ع ۾ ڪاهه ڪئي، تڏهن هن لاهور واري علائقي جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:

”وَمِنْ ”کنُوح“ نحوالمَغرب اِلى ”ديامو“ عَشرة وَ اِلىٰ”کُتي“ عَشرة وَ اِلىٰ ”پانبت“عَشرة وبَينهُما نھر ”جون“ وَ اِلىٰ ”کَويتَل“ عشرةَ وَ اِلىٰ ”سُنّام“ عَشرة، ثُمَّ فِيمَا بين المغرب والشِّمَال اِلىٰ ”آدّت هَوْد“ تِسعَةَ وَ اِلىٰ ”جَجّنير“ ستّة وَ اِلى ”مندّهُوکور“ قَصبة ”لَوهَاوُر“ على شرق نَھر ”ايراوه“ ثَمانِيةً وَ اِلىٰ نھر ”جندراهه“ اثناعَشر وَ اِلىٰ ”جيلم“ علىٰ غرب ماءِ ”بيت“ ثمانية وَ اِلىٰ ”ويهنْد قصبة ”القندهار“علىٰ غرب ماءِ ”السند“ عشرون والىٰ ”بُرشاور“ اربعة عشر واِلىٰ ”دُنبُور“ خمسة عشر واِلىٰ ”کابل“ اثناء عشر واِلىٰ ”غزنه“ سبعة عشر“.

ظاهر آهي ته تڏهن اهو هنڌ لاهور جي نالي نه پر  ’منڌوڪور‘ يا ’مندڪڪور‘ جي نالي سان مشھور هو، ۽ اُتي ’لوهاوُر‘ نالي ڳوٺ هو جيڪو البيرونيءَ لکيو آهي. مطلب ته تنھن زماني ۾ جنھن شھر جو وجود ئي نه هو ته پوءِ ان جي نالي نسبت سان ٻئي ڪنھن هنڌ تي اهو نالو ڪيئن پئجي سگهي ٿو. البيروني ’ڪتاب الھند‘ ۾ مختلف شھرن جي فاصلن جو چارٽ ڏنو آهي، ان ۾ به اتي جو ذڪر ’مندهوڪور‘ قصبي (علائقي) ’لُوَهاوُر‘ سان ڪيو آهي، جنھن مان به پڌرو آهي ته تڏهن هاڻوڪي هنڌ تي  لاهور ڪوبه شھر نه هو. ڏٺو وڃي ته جڏهن لاهور واري هنڌ کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو تڏهن به اهو مندهوڪور/مندڪڪور بدران لاهور نه پر وري محمودپور ٿي ويو. يعني 421 هه کان اڳ لاهور شھر نه هو. پر اهو غزنوين جي دور ۾ نمايان ٿيو.

البيروني مختلف هنڌن تي گذاريندو ۽ سفر ڪندو نيٺ جڏهن سامونڊي علائقي ۾ پھچي ٿو ته اتي لاهري بندر اڳ ئي نه رڳو موجود آهي، پر هڪ مشھور ۽ مصروف بندر آهي. جنھن جو ذڪر هن پنھنجي ڪتاب ۾ شاندار نموني سان ڪيو آهي. افسوس جو جنرل هيگ جھڙي جاکوڙي شخص کي اها ڄاڻ ئي ملي نه سگهي ته جڏهن البيروني هن ملڪ ۾ آيو هو تڏهن سنڌ ۾ لاهوري بندر ته موجود هو، پر لاهور شھر جو وجود ئي ڪونه هو. البيروني جي احوال مان بنھه چٽو آهي ته لاهور واري پٽ کي تڏهن مندهوڪور يا مند ڪڪور سڏيو ويندو هو. البيروني جي ڪتاب الهند ۾ مندهوڪور ئي لکيل آهي. مطلب ته هن بندر تي ’لاهري‘ نالو لاهور شهر جي ڪري ڪنھن به ريت نه پيو. هونئن به جنرل هيگ جي اها ڳالهه ڪنھن به لحاظ کان نٿي ٺھڪي، ڇو ته جنھن علائقي ۾ اھو بندر ھجي، اُتان ئي دنيا جي مختلف ملڪن، علائقن ۽ شھرن سان گهڻي ۾ گهڻو واپار ھلندو ھجي، ان علائقي جي نسبتن کي ڇڏي، ڪنھن ٻئي ھنڌ جي نالي پٺيان بندر جو نالو مشھور ٿئي سو ناممڪن آھي.

      مانواري مصنف مرزا قليچ بيگ پنھنجي ڪتاب ’قديم سنڌ، اُن جا مشھور شھر ۽ ماڻهو‘ ۾ لکيو آھي ته: ”ھيءُ اصل ۾ لاڙي بندر يعني لاڙ جو بندر ھو.“(11) اھڙيءَ ريت سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو محقق ڀيرومل مھر چند آڏواڻي به پنھنجي تصنيف ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘ جي جلد ٻئين ۾ لکي ٿو ته: ’لاڙي بندر معنى لاڙ جو بندر‘(12) جڏھن ته مانواري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ به ھن بندر جو نالو ’لاڙي بندر‘ لکيو آھي.(13) پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڌيڪ تحقيق کان پوءِ لاھري بندر جي نالي بابت وضاحت ڪندي چوي ٿو ته: ’لاھري بندر بابت مون ڪافي ڪجهه سوچيو ۽ لکيو آھي. صحيح نالو لاھري آهي، وڏا جھاز وڏي پاڻيءَ ۾ پري بيھندا ھئا، ۽ ٻيڙيون جھازن مان سامان کڻي اينديون ھيون، ۽ ھتان کڻي وينديون ھيون. لاھري ان وقت جي بندر واري خاص ٻيڙيءَ جو نالو ھو جيڪو چئن پنجن سَوَن سالن تائين ھلندو آيو، اھو لاھري ٻيڙين وارو بندر ھو. مون ٽي چار دفعه ان جو معائنو ڪيو، ۽ ان جا خاڪا (رَف) ڪڍيا.‘(14) هيءَ حقيقت آهي ته شروع ۾ هي بندر اهڙي هنڌ تي هو جتي پاڻي گھرو هو. وڏا ٻيڙا اُتي اچي لنگر هڻي بيھندا هئا. جھازن ۾ لڏيل سامان اُتي ئي ننڍين ٻيڙين ۾ ڀري شھر تائين آندو ويندو هو، پوءِ محصول ۽ چڪاس جي مرحلن مان گذاري. اڳتي روانو ڪيو ويندو هو. ٿي سگھي ٿو ته اهي ٻيڙيون جيڪي سمنڊ ۾ لاهري واري هنڌ بيٺل جھاز مان سامان ڍوئي شھر تائين پھچائينديون هيون تن کي لاياري/ لاهري ڇاڙ ۾ هلڻ جي ڪري ’لاهري واريون ٻيڙيون‘ جي نالي سان ڪوٺيو ويندو هجي. مانوارو محقق پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي تصنيف ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ ۾ ھن بندر کي، لاڙي بندر ڪري لکيو آھي. ھو لکي ٿو ته: ”لاڙي بندر، جنھن لاءِ ڪتابن ۾ لاھري بندر لفظ ڪم آندو ويو آھي. هي لاڙ جو مکيه بندر ھو، جنھن تي لاڙ واري خطي ۾ ھئڻ ڪري اھو نالو پيو ھو.“(15) اهو به ٿي سگهي ٿو ته لاڙ واري علائقي ۾ ھئڻ جي ڪري ھتي جي بندرن کي لاڙي بندر به سڏيو ويندو ھجي جيئن ڪجهه تاريخدانن پنھنجي ڪتابن ۾ لکيو آھي.

ٿورو گھرائيءَ سان ڏٺو وڃي ته لاهري بندر جا آڳاٽا آثار جنھن کاريءَ تي ملن ٿا، ان جو اڄ تائين نالو ئي ’لاياري‘/’لاهياري‘، ’لھرو‘ يا ’لھري‘ آهي، (16) گهڻي مشاهدي کان پوءِ آئون هن نتيجي تي پھتو آهيان ته هيءُ بندر لاياري/ لھرو/لاهري ماڳ/ کاريءَ تي هئڻ ڪري مٿس نالو ئي لاهري پئجي ويو. ٿي سگھي ٿو ته ليھور جو شھر به انھن ئي ماڳن تي هجي. 

           هتي هي به سوال اُٿي ٿو ته هاڻي وري انھن آثارن کي جاڪي، جانڪي، جاکي، جانکي يا جونا شاهه بندر ڇو سڏيو وڃي ٿو؟ اهو نالو/ نالا ڪيئن پيا آهن. هن ڪوٽ / بندر تي تمام سٺي تحقيق ڪندڙ مانوارو محقق اشتياق انصاري صاحب نالي پَوڻ بابت لکي ٿو ته: ”ناٿن ڪرو 1799ع ۾ ان جي تباهيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. موجود وقت (1993ع) ۾ ان ڳالهه کي ذري گهٽ ٻه سَو سال گذري ويا آهن، ان ڪري مقامي ماڻهن ان غير آباد جاءِ کي پنھنجي ڄاڻ مطابق جيڪو نالو سمجهيو ڏنو آهي. جيئن اڄ به ڪي مھاڻا ان کي جاڪي بندر، جانکي بندر، جونا شاهه بندر، قٻي يا ڪٻي سڏين ٿا.“(17) مانواري اشتياق انصاريءَ جي هيءَ ڳالهه درست آهي ته هنن آثارن کي اڄڪلھه انھن ئي نالن سان ڪوٺيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ هنن آثارن جي ڏکڻ اوڀر ۾ قٻي يا ڪٻي نالي وارو هنڌ اوڀر ۾ ڪوٽ ملان جي ايراضيءَ ۾ هو، جنھن جي اُتر- اولھه ۾ قديم مسجد سان گڏ هڪ مقبرو/ قبو هوندو هو ان کي قبي يا ڪٻي ڪوٺيو ويندو هو. ڏسجي ته لاهري بندر کي هاڻي هن نالي سان ڇو ٿو سڏيو وڃي، انهيءَ سلسلي ۾  چڱو ٿيندو ته هتي جاڪي/ جانڪي يا جانکي/ جاکي نالي پوڻ جو جائزو وٺجي ته جيئن اصل حقيقت پڌري ٿئي. حقيقت ۾ جانڪي يا جانکي سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي: سنڀال ڪندڙ، جانچ ڪندڙ، چوڪسي ڪندڙ. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ هن لفظ جي معنيٰ هن ريت ڏنل آهي: ”جانڪڻ مصدر. سنڀالڻ- سنڀال ڪرڻ- تاتڻ- خبرداريءَ سان رکڻ- هٿيڪو رکڻ“ (18) هيءَ ڳالهه بنھه چٽي آهي ته اڄڪلھه جنھن کي جانڪي يا جانکي بندر سڏيو وڃي ٿو، سو لاهري بندر جو اهو قلعو آهي. جنھن ۾ سرڪاري عملدار، محصول وٺندڙ، چوڪسي ڪندڙ ۽ ٻيو عملو رهندو هو. هن قلعي جو ذڪر به مختلف سياحن ۽ تاريخدانن پنھنجي پنھنجي ڪتابن ۾ ڪيو آهي. اصل لاهري بندر وارو هنڌ ان کان اندر هو جتي هاڻي سامونڊي پاڻي اچي چڪو آهي. ٿي سگهي ٿو ته آخري دور جڏهن اصل لاهري بندر اُجڙي چڪو هو تڏهن لاهري بندر جي فقط هن قلعي کي ئي بندر طور استعمال ڪيو ويو هجي. آثارن مان اهو به ڏسجي ٿو ته هن قلعي جي آسپاس هڪ شھر جُڙي چڪو هو، جنھن جا آثار اڃا تائين به گهڻا پکڙيا پيا آهن.

لاهري بندر ڪٿي هو:

موجود بچيل آثارن ۽ مختلف محققن، سياحن ۽ تاريخدانن جي احوالن وغيره کي نظر ۾ رکي اندازو ڪري سگھجي ٿو ته اصل لاھري بندر ڪھڙي ھنڌ تي ھو. ذڪر ٿي چڪو آهي ته سڀني کان آڳاٽو ڏھين صدي عيسويءَ ۾ البيرونيءَ ھن بندر جو ذڪر ڪيو آھي. سندس لکت موجب اھو شھر، مھراڻ جي ھڪ الھندي شاخ جي ڇوڙ وٽ ھو ۽ اڳتي ھلي ديبل جي جاءِ تي سنڌ جو ھڪ مکيه بندر بڻجي ويو. ھن ديبل ۽ لاهري (لوھراڻي) جي وچ ۾ مفاصلو ٻارنھن فرسخ (36 ميل) ڏسيو آھي، پر پوءِ ليمبرڪ، البيروني جي ٻڌايل فاصلي سان اختلاف ڪندي لکيو آھي ته: ”ھو ڀلجي ٻارنھن فرسخ ڏيئي ويو آھي، نه ته ڏيڻا ٻه فرسخ ھوندس، جو الخردازيه ۽ الادريسي ديبل ۽ درياءَ جي ڇوڙ جي وچ ۾ مفاصلو اھوئي ڏنو آھي.“(19) ليمبرڪ جي انھيءَ حساب سان ديبل کان هي بندر فقط ڇھن ميلن جي فاصلي تي هوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org