سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: بدين

باب:

صفحو: 8

حوالا ۽ واڌارا

(1) بدين، ضلعي مان لڌل چيزون سنڌ عجائب گهر حيدرآباد ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن.

- ان سرچ آف دي انڊس ڪلچر سائيٽس ان سنڌ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ يونيورسٽي سن 1973ع.

- بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ: محمد سومار شيخ، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين.

(2)- بدين ۾ ڪافي دڙا آهن، جن ۾ قرهيو ڀانڊاري، مر کان، ڪونجسر، ڪورياڻي، ڪاڪل، مڱريا ۽ اگهم ڪوٽ خاص آهن.

- بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ- ص 29 – 44.

(3) بدين ۾ جکار، ونهيل پير ۽ منگلا جو دڙو زمين دوز دڙا آهن.

- بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ ص 29 – 30.

(4) بدين ضلعي جا ناميارا راوي جيڪي تازو وفات ڪري ويا آهن، انهن مان: مٺو نهڙيو، خان محمد پسيو، اسحاق ڀاٽري پير بخش ڀرڳڙي، شيخ الهه بچايو، پير عالي شاه جيلاني ۽ مولوي احمد ملاح مکيه هئا.

- بدين ضلعي جي تايرخ – ص: 134- 137.

(5) الواح سومري – نوح ڪريمر، تهران.

گل گامٿس سومرو، محمد سومار شيخ (خطي نسخو).

(6) – شاهه عنات جو ڪلام – ڊاڪٽر بلوچ.

- شاهه جو رسالو – هوتچند گربخشاڻي.

(7) بدين ضلعي جي ثقافتي ميلي ۾، بدين واسين پنهنجون اباڻيون سانڍيل چيزون نمائش ۾ رکيون هيون، جن ۾ ويس وڳا، هٿيار، قلمي نسخا، تسبيحون، ٿانو، وغيره اچي وڃن ٿا (س . ش).

(8)- واديءَ سنڌ ڪي تهذيب، محمد ادريس صديقي.

پليٽ نمبر 1. صفحو 72 جي ڀرسان.

(9) موهن جو دڙو (سرجان مارشل ج 1-3).

(10) بدين جي دڙن مان يوناني دؤر کان وٺي مغليه دور جا سڪا لڌا ويا آهن.

(11) سيراڻي، ڪڍڻ، ماتلي (اصلي بازار) شهرن جا رخ اولهه کان اوڀر طرف آهن.

- ڌرتي هيٺان ڌن، بشير – اي – انصاري (هلال پاڪستان 19 جولاءِ 1974ع).

(12) – سڪندر اعظم – هيرڊوليم (اردو ترجمو).

- تاريخ تمدن سنڌ – رحيمداد مولائي شيدائي.

(13) بدين ضلعي ۾ علي بندر، واٽر، مانجهي ۽ ٿري ملاحن جا وڏا شهر هئا، جتان وڻجارا ٻاهر ٻيڙا وٺي ويندا هئا. (ڏسو بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ).

- شاهه جو رسالو.

- قديم سنڌ – ڀيرومل مهر چند آڏواڻي.

(14) صوتياتي لحاظ کان ٺوڙهه (ٿري) استولهه کي ويجهو لفظ آهي: (ٺوڙهه- تهوڙهه، [س = هه] تسورهه- تورهه- استولهه.

- سنڌي سنسڪرت – محمد سومار شيخ – ج 1- 2- 3 (خطي).

سنڌي ۽ پراڪرت – محمد سومار شيخ (خطي نسخو).

(15) سنڌ جا مشهور قصا – 7 – ڊاڪٽر بلوچ ص 316- 343.

(16) مڱرين جي دڙي مان گپتا جي ڏينهن جو بت مليو آهي. (ڏسو بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ).

(17) چچ نامو (سنڌي) مترجم: مخدوم امير احمد.

(18) برهمڻ آبادون ٻه هيون، هڪ قديم برهمڻ آباد، ٻي نئين برهمڻ آباد، قديم برهمڻ آباد کي ڪاٺ ٻانڀڻ چيو وڃي ٿو، انهيءَ جي ڀرسان ڪورياڻي (ڪنوهار) مان گوتم ٻڌ جا بت مليا آهن (س ش).

- چچ نامو، واڌارا ۽ سڌارا – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

(19) چچ نامو.

(20)  جنت السنڌ ۽ تاريخ تمدن سنڌ. رحيمداد مولائي شيدائي.

(21) روپاماڙي – محمد سومار شيخ (قلمي خطي نسخو).

(22) فتوح البلدان ۽ چچ نامو.

(23) چچ نامو.

(24) تاريخ سنڌ ج – 1 – اعجاز الحق قدوسي.

(25) رڙيءَ ۾ سيد نور شاهه – فتح باغ ۾ آرادين، جمر الدين ۽ جوڻ جي ڀرسان ڪبير شاهه اسماعيلي بزرگ آرامي آهن.

انهن جا مقبرا هاڻ پوين پساهن ۾ آهن (س ش).

(26) ڀين سومرو – محمد سومار شيخ (خطي).

(27) شهلم جي دڙي، ريڻ، پراڻ ۽ ساڱري جي ڪناري تي ڪافي غزنوي جي ڏينهن جا بزرگ آرامي آهن (س ش).

(28 ۽ 29) تاريخ سنڌ جلد -1- اعجاز الحق قدوسي ص 430 – 439.

- تاريخ معصومي – ص 34.

- تحفة الڪرام ج 3- ص 44.

(30) تاريخ طاهري ص 283- 288.

- تاريخ معصومي – ص 60- 61.

- جنت السنڌ – ص 318.

- لب تاريخ سنڌ – خداداد خان ص 474.

- عرب و هند ڪي تعلقات – سيد سليمان ندوي ص 260 – 262.

- سفرنامه ابن بطوطه 4- 6.

(31) به روايت محمد هاشم سومرو بدين.

(32) بدين ضلعي جي ثقافتي تقاريخ.

(33) دولت علويه.

(34) سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

- روپا ماڙي (خطي).

(35) جائزو نمبر 1 ۽ 2 غلام قادر سومرو.

- روحاني ابيات. شيخ الهه بچايو.

(36) تاريخ معصومي – ص 62- 63.

(37) تاريخ معصومي ص 297.

- لاڙ جون نيم تاريخي ڪهاڻيون – محمد سومار شيخ (خطي).

- سفرنامہ ابن بطوطہ.

(38) لاڙ جون نيم تاريخي ڪهاڻيون (خطي).

- مشهور سنڌي قصا: عشقيه داستان. 2. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. ص 17- 18 ۽ پڻ صفحو 349- 368.

(39) سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ – ڊاڪٽر بلوچ.

(40) تاريخ طاهري (سنڌي ادبي بورڊ).

- عرب و هند ڪي تعلقات – ص 375 – 388.

- تاريخ معصومي – ص 71.

(41) تاريخ فيروز شاهي – ضيا برني. ص 515- 523.

- آئينه حقيقت نما حصو ٻيون.

(42) تاريخ فيروز شاهي – ضيا برني ص 534-536.

- تاريخ فيروز شاهي – سراج عفيف. ص 47.

- آئينه حقيقت نما – حصو ٻيو ص 147.

- تاريخ مبارڪ شاهي – ص 118- 119.

- لاڙ جون نيم تاريخي ڪهاڻيون (خطي).

(43) چون ٿا ته شاه ديواني ڄام جوڻي کي پنهنجي قبرستان ۾ آرامي ٿيڻ نه ڏنو ۽ هو پوءِ ميل ڏکڻ طرف ابدي ننڊ ۾ آرامي ٿيو (س ش).

(44) ٻاپئي مهيري ٻروچن جو پڊ قرهيي ڀانڊاريءَ کان الهندي ٻن ميلن تي هو (س ش)

(45) چانورن جي صحيح ڀت نه رڌڻ ڪري، صاحب سمي مهيرين مان هڪ کي ”نونڌو“ لقب ڏنو، انهيءَ جو اولاد ”نونڌاڻي“ سڏجي ٿو (س ش).

(46) بدين ۾ ولاسو، مانڌر، نوت، جياٺ، ونگو ۽ جاتي نالي علائقا شامل هئا (س. ش).

- بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ.

(47) نوتيارن مان چاچڪ نالي خاندان زور ورتو ته انهي جي نالي پٺيان چاچڪان علائقو سڏيو ويو. چاچڪان سرڪار ۾ فتح باغ، ٻيلو، چاچڪان، جوڻ، ريحاڻ ۽ نوتيار علائقا شامل هئا.

- آئين اڪبري – ابوالفضل ص 557 – 558.

- تاريخ مظهر شاهه جهاني – يوسف ميرڪ ص 33- 34.

- لاڙ جي ثقافتي ۽ ادبي تاريخ – ڊاڪٽر غلام علي الانا.

(48) منڌرن مان راڌڻ، سمن مان صاحب سمون ۽ جوڻيجن مان هؤڙو جوڻيجو بدين ضلعي جا مکيه مانوارا امير ٿي گذريا آهن (س ش).

- بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ.

(49) تاريخ معصومي (تعليقات)، ص 8. 3.

- تاريخ طاهري – ص 57- 58.

(50) تاريخ معصومي ص 141- 143.

- تاريخ طاهري – ص 59- 64.

”مرمچ“ ماموئي فقيرن سمن کي سڏيو هو. بدين ضلعي ۾ سمن جي هڪ ڦٽل شهر (دڙي) کي اڄ به مرمچ سڏيو وڃي ٿو (س ش).

مرمچو ماري، مرمچي ڪهڙا پار،

هيٺن ڪاريون لويون مٿن، ڪارا وار.

(51) همايون نامه – گلبدن بيگم.

- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ – ڀيرومل آڏواڻي.

(52) همايون جي اِها ٺهيل مسجد اڄ به موجود آهي. خليفو محمود نظاماڻي انهي مسجد شريف ۾ تصوف جا سبق پڙهيو هو (س ش).

(53) ترخان نامه – سيد مير محمد بصحيح حسام الدين راشدي.

- تاريخ طاهري – ص 95- 330.

- بيگلار نامہ.

- تاريخ معصومي – ص 38.

تحفة الڪرام – مير علي قانع.

(54) بيگ لارنامہ (سنڌي ادبي بورڊ).

(55) امير علي جون ڌيئرون شهاب الدين ملتاني (لڳ بدين) جي قبرستان ۾ آرامي آهن. سندن قبرون آهوڙن جي ڪماليت جو مظاهرو ڪن ٿيون (س ش).

(56) شاهه قادري – محمد سومار شيخ. لاڙ ادبي سوسائٽي بدين.

- تاريخ طاهري.

- تحفة الڪرام.

- تاريخ معصومي.

(57) بدين مان لڀندڙ سڪا سنڌ عجائب گهر ۾ محفوظ ڪيا ويا آهن. ڪريم بخش زرگر بدين وٽ يوناني دؤر کان وٺي مغليه دؤر تائين سڪن جي سٺي چونڊ پڻ موجود آهي (س ش).

(58) عبداللطيف ڪيسر شاهه جهاني مسجد ۾ سبق ڏيندڙ استاد هو. اها مسجد شريف 1964ع جي طوفان ۾ شهيد ٿي وئي. (س ش).

- عبداللطيف ڪيسر – محمد سومار شيخ (نئين زندگي مئي 1969ع).

(59) تاريخ طاهري ص 269- 268.

(60) تاريخ سنڌ ج 2- اعجاز قدوسي ص 338. مانڌر جا منڌرا تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ سرڪشن جي روپ ۾ ڏيکاريا ويا آهن. حقيقتاً اها بهادر قوم پنهنجي وطن جي سرويچ ذات سارجي ٿي. مغلن جي ڏينهن ۾ ڪيترا منڌرا مغلن وٽ قيد ٿيا هئا. اهڙيون لوڪ ڪهاڻيون مانڌر ۾ عام جام اڄ به ڪيون وڃن ٿيون. (س ش).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org