سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: بدين

باب:

صفحو: 2

بدين ثقافتي ميلو 1976ع ۾ ٽي ڏينهن لڳو ۽ شاندار لڳو. ميلي جي رونق ۽ موج اڄ به ياد اچي ٿي ته دل ٻهڪي ٿي. ميلي جي ڪاميابي جو اندازو ڪرڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي. هن ميلي ۾ بجليءَ جي روشنيءَ ميلن کان راهگيرن جو توجهه ڇڪايو ٿي. هن ميلي ۾ مال بي انتها گهڻو آيو، اُن جو وڪرو به تمام گهڻو ٿيو. هن ۾ هوٽلن، دڪانن، سرڪسن ۽ اسٽالن وارا تمام گهڻا آيا هئا، جتي ڪجهه ڏينهن اڳ لٽ پئي اڏاڻي اتي ميلي جي ڏينهن حيرت ۾ وجهندڙ خلق گڏ ٿيل هئي. عوام لاءِ هي ثقافتي ميلو نعمت ٿي آيو. کين نه رڳو پنهنجي ثقافتي ورثو ڏسڻ جو موقعو مليو، پنهنجا هنرمند ڪم ڪندي نظر آيا، پر اُن سان گڏ هنن عالمن فاضلن کان پنهنجي وطن عزيز جي تاريخ به ٻڌي ۽ پنهنجن ڳائڻن کي ڳائيندو به ٻڌو ۽ رانديگرن کي راند ڪندي ڏٺو. هڪ ئي وقت ماڻهن جي دلچسپي جا سڀ سامان هن ميلي ۾ موجود هئا.

سڄي سنڌ جي ميلن کان هي ميلو انفراديت جو مالڪ هو. ثقافت، ادب ۽ تاريخ جي ميلي کي واپاري ۽ رواجي ميلي سان وابسته ڪرڻ جي اها پهرين روايت هئي ۽ ڪامياب روايت هئي.

بدين ثقافتي ميلي ۾ پڙهيل مقالا گهڻو اڳ شايع ٿيڻ گهربا هئا پر ڪن سببن ڪري ٿي نه سگهيا. آخر مهراڻ آرٽس ڪائونسل اهو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو، ان سلسلي ۾ جناب الله بخش سومرو ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد جي زير صدارت مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي بورڊ آف گورنرز جي ميٽنگ 22 جولاءِ 1978ع تي ٿي، جنهن ۾ سمورن ميمبرن يڪراءِ انهن مقالن کي ڇپائڻ جي منظوري ڏني ۽ ان ڪتاب ڇپائڻ جي ذميداري مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي ”پبليڪيشن ڪميٽي“ جي حوالي ڪئي وئي، جيڪا جناب مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب، حميد آخوند ۽ جناب شمس جعفراڻي تي مشتمل هئي. ان ڪميٽي جلد ئي پنهنجو ڪم شروع ڪيو ۽ ڪتاب جي مواد کي جناب غلام مصطفى قاسمي صاحب نظر مان ڪڍيو. ڪميٽي کي جناب منظور حسين ڀٽه ايڊيشنل ڪمشنر ۽ جناب درمحمد ڪمال ۽ جناب عبدالرزاق چانڊئي جي صلاحن ۽ مشورن به وڏي مدد ڏني. آءُ انهن سڀني ڀلارن بزرگن جو دلي طرح سان شڪر گذار آهيان. سندن تعاون ۽ مدد سان هي ڪتاب ترتيب ۽ طباعت جا مرحلا اطمينان سان طئه ڪري سگهيو.

ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،

ٿر ۾ واري ٿوري تينهان گهڻيرا،

ڀلائيءَ ڀيرا، ڳڻي ڳڻان ڪيترا.

محمد سومار شيخ

بدين، سنڌ

1-         1- 1979ع

بدين ضلعي جو تاريخي مطالعو

بدين ضلعي جي ثقافتي ميلي ۾ سنڌ جي عالمن فاضلن ۽ ماهرن جيڪي مقالا پڙهيا هئا، اُهي بدين ضلعي جي تاريخي مطالعي ۾ وڏا واهرو ٿين ٿا.

محترم شيخ اياز صاحب بدين جي لوڪ ادب متعلق مقالو پڙهيو هو.

جناب غلام مصطفى قاسمي صاحب بدين ضلعي جي روحاني رهبرن سان گڏ تعليمي ماهرن جو به ذڪر ڪيو هو.

جناب قاضي عبدالميد ”عابد“ بدين جي سياسي شخصيتن جو ذڪر ڇيڙيو هو.

جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا بدين ضلعي جي پراڻي صورتخطيءَ جي ڳالهه ڪئي هئي.

محترم الهه بخش نظاماڻي صاحب بدين ضلعي جي تعليمي ترقي جو تاريخي قصو دهرايو هو.

جناب نياز همايوني صاحب بدين ضلعي جي طب جي تاريخ ورجائي هئي.

جناب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جو مقالو بدين ضلعي جي ادبي مطالعي ۾ واهرو ٿيو هو.

اهي سڀ مقالا بدين ضلعي جي ادبي رس رهاڻ ۾ عوام اڳيان پڙهيا ويا هئا ۽ عوام انهن ڳالهين کي غور سان ٻڌو هو ۽ خوب داد ڏنو هو. اهي مقالا بدين ضلعي جي مطالعي لاءِ بنهه ضروري آهن.

شيخ اياز

بدين ضلع جو لوڪ ادب

(بدين ضلعي جي ثقافتي ميلي 1976ع جي موقعي تي ڪيل صدارتي تقرير)

دوستو،

مان اوهان جو هن عزت افزائي لاءِ شڪر گذار آهيان. جڏهن مونکي هن تقريب لاءِ دعوت نامو مليو هو ته مون سوچيو هو ته سنڌي ادب تي هڪ مفصل مضمون لکان پر منهنجون مصروفيتون اوچتو ايترو ته وڌي ويون جو مونکي اُن ڪم لاءِ فرصت نه ملي ۽ ڪالهه مون تڙتڪڙ ۾ بدين جي لوڪ ادب تي ٻه چار سٽون لکائي ورتيون.

روس ۾ جڏهن انقلاب کانپوءِ اسٽالن اقتدار ۾ آيو ته هن فرمان جاري ڪيو ته ”ٻئي ساري روسي ادب کي ريٽي روسي لوڪ ادب تي توجهه ڏنو وڃي، ڇو ته لوڪ ادب ئي صحيح معنى ۾ عوامي ادب آهي ۽ صحيح معنى ۾ عوامي انقلاب جو ساٿي آهي.“ مون جڏهن بدين ضلعي جي لوڪ ادب جي باري ۾ سوچيو آهي، تڏهن مونکي ائين محسوس ٿيو آهي ته اهو ادب نه آهي، هڪ پوري جنگ آهي. جنگ، ادب ۾ ڪيئن تبديل ٿئي ٿي ۽ ادب، جنگ ۾ ڪيئن تبديل ٿئي ٿي، ان جو مثال بدين جي لوڪ ادب جهڙو پاڪستان ۾ ورلي ملي ٿو، مون خوشحال خان خٽڪ جي شاعري به پڙهي آهي، پر ان ۾ به پنهنجي ڌرتيءَ سان ايترو پيار، پنهنجيءَ غيرت ۽ خودداري جو ايترو اظهار، ويريءَ لاءِ ايتري ڌڪار ۽ آزادي جي نانو سان ايتري رغبت نٿي ملي، جيتري بدين جي انهن لوڪ بيتن ۾ ملي ٿي، جيڪي دودي ۽ چنيسر جي باري ۾ چيا ويا آهن.

دودو روپاماڙيءَ ۾ رهندو هو، جنگ وڳهه ڪوٽ ۾ لڳي هئي. علاؤالدين خلجيءَ فوج وٺي وڳهه ڪوٽ ۾ تنبو کوڙيا هئا، جڏهن دودي کي اطلاع مليو هو تڏهن هن پنهنجي ڀائٽي ننگر ۽ پٽ منگر کي موڪليو هو ته ”وڃي چنيسر کي پرچائي اچو“ جنهن علاؤالدين خلجي کي ڪاهه ڪرڻ لاءِ چرچ ڏني هئي. پوءِ چنيسر ۽ بادشاهه جي وزير نذير بيگ سان مليا، وزير کين چيو ته : ”رڳو ٻاگهيءَ جو سڱ بادشاهه لاءِ ڏيو ته هتان جي حڪومت توهان جي آهي ۽ اسان سڱ وٺي موٽي وينداسين.“ دودي جو پٽ ۽ ڀائٽيو دودي وانگر ئي غيرتمند هئا، ڪڏهن به ڏاڍ اڳيان سر نه جهڪايو هئائون، ڪڏهن به نيچپڻي ڏانهن نه نوڙيا هئا. ان وقت انهن سوچيو هو ته حڪومت اچڻي وڃڻي شئي هوندي آهي، ڌرتي اتي ئي رهندي آهي، ڌرتي جا لال اتيئي هوندا آهن، انهن جي لوين جي لڄ ۽ لڇڻ جون لويون سدائين رهنديون آهن. حياتي به اچڻي وڃڻي شئي آهي، مڙس ڪنڌ ڪپائيندا آهن، جهڪائيندا نه آهن. مرندي ويل وصيت ڪندا آهن ته ”اسان کان پوءِ اچڻ وارؤ! اسان وانگر، لوئيءَ جي لڄ بچائجو.“

انسان ٻن قسمن جا هوندا آهن: هڪڙن کي ڇائي ڇڄ ۾ هوندي آهي ۽ ٻين کي لڄ لوئي ۾. انهي ڪيفيت جو اظهار بدين جي سگهڙ ڀاڳو ڀان ٻن بيتن ۾ ڪيو هو، اِهي بيت خلجي جي وچ ۾ سوال جواب هئا، جنهن وقت هن ٻاگهيءَ جو سڱ گهريو هو. خلجيءَ چيو،

ڀار پرچو پاڻ ۾، ٻاگهي ڏيو مون،

سڀ پهريان سومرا جهجهي ڏيئي ڀون.“

جنهن تي ننگر جواب ۾ چيو هو ته:

”ٻاگهي ٻاگهي مَ چئو، ٻاگهي مون مائي،

ٻاگهي وٺي نانءَ جو، تنهن وات وڍيان وائي،

ڇڏيان سر سلطان جو، کنن سان کائي.“

ڪي لوڪ ڪهاڻيون پنهنجي ڌرتيءَ مان ائين اڀرنديون آهن، جيئن ٿوهر بٺ تي بنا پاڻي جي ڦٽي پوندا آهن، انهن جي ٽاريءَ ۾ ڪنڊا هوندا آهن. پر جڏهن برسات پوندي آهي ته انهن جون ٽاريون سايون چهچ ٿي پونديون آهن ۽ اکين کي ٿاڌل بخشينديون آهن.

انهيءَ ساڳئي ڪهاڻي ۾ ابڙي جو ڪردار به اسان جي روح جي انوکي آرسي آهي. هڪ ڀيري ابڙي ۽ دودي چوپڙ پئي کيڏي ته دودي جو داءُ پيو. هن کي ساريءَ کي ڌڪ هڻڻو هو. اڃان ڌڪ هنيائين پئي ته ساري ابڙي جي جهولي ۾ اچي پئي هئي. دودي ابڙي کي چيو ته ”ساري موٽائي ڏي ته ڌڪ هڻان،“ پر ابڙي ساري موٽائڻ کان بنهه نابري واري هئي، اتي ڪاوڙ ۾ اچي، دودي تلوار ڪڍي چيو هو ته ”ساري موٽائي ڏيندين ته چڱو، نه ته مونکي تلوار کان ڪم وٺڻو پوندو“ ابڙي جواب ڏنو هو ته ”ساري ته منهنجي سام پئي آهي، منهنجي جهوليءَ ۾ اچي ڪري آهي، اها موٽايم ته ابي ڏاڏي جي پت هلي ويندي، مان ساري ڪو نه موٽائيندس، ڇو ته ان منهنجي سام ورتي آهي، باقي تون چوين ته تلوار جو جواب توکي تلوار سان ڏيان“ ڪجهه سال پوءِ جڏهن دودي جو لشڪر تباهه ٿي ويو، تڏهن دودي پنهنجي خاندان جي عورتن ڏانهن ڏسي پڇيو ته ”اهڙو ڪو آهي جو اوهان جي سام جهليندو؟“ اوچتو هن کي چوپڙ تي ابڙي سان جهيڙو ياد آيو. هن چيو ته اِهو ابڙو ئي آهي جو سام جهليندو. ابڙي سچ پچ سام جهلي مرندي ماريو ويو، پر خلجي کي دودي جي خاندان جي ويجهو اچڻ نه ڏنائين، انهي ڪري ئي ڀٽ ڌڻي ابڙي جي جهليل سام جي باري ۾ هي بيت چيو هو:-

”سڀني ڏنيون سرڻيون، ڏئي نه ڏونگر راءِ،

هو اڻ ڏٺن آڏو ڦري، سو ڏٺيون ڏئي ڪنيان،

لوڙهيون لڪ مٿان، اُن مٿيري موٽيائيون.“

ابڙي جي شهادت کان ڪيترو زمانو پوءِ ابڙي جي شهر مان ڪنهن هڪ وٽو ڌرتيءَ مان کوٽي لڌو هو ۽ ان کي جڏهن ڪنهن سگهڙ ڏٺو هو ته هي بيت چيو هئائين:-

ڪي ڪنجهو، ڪي ٻاٽ، ڪي ڪي ريکون رڪ جون،

هي تڏهونڪر گهاٽ، جڏهن سمي صاحبي.“

مان جڏهن هن بيت تي سوچيندو آهيان، تڏهن مونکي پنهنجي شاعري اکين اڳيان ڦري ويندي آهي. ڪوئي به تبصره نگار منهنجي شاعري تي انهيءَ کان وڌيڪ تبصرو نٿو ڪري سگهي ته ”ڪي ڪنجهو، ڪي ٻاٽ، ڪي ڪي ريکون رڪ جون“ ۽ اهي ريکون رڪ جون جن ۾ سمي جي صاحبي ميرانجهڙي ٿي چڪي آهي، اڄ به انهن هٿن جي رڳن وانگر مضبوط آهن، جي کنن کيڏندي پوڙها ٿيندا آهن.

مون کي دودي ۽ چنيسر جي ڪهاڻيءَ ايترو متاثر ڪيو هو جو مون ان تي هڪ پوري آپيرا ”دودي جو موت“ لکي هئي، جا منهنجي ڪتاب ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ ۾ ڇپجي چڪي آهي. دراصل هن ڌرتيءَ جي واريءَ ڪڻ ڪڻ ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻيون جي سدائين ماڻهوءَ جي من کي اُتساهينديون رهنديون، پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ پيار ڪنديون رهنديون، پيار ۽ ڌڪار جي وچ ۾ توازن پيدا ڪنديون رهنديون ۽ ماڻهوءَ کي ماڻهپي جي بچاءَ لاءِ اُڀارينديون رهنديون.

هن ئي ضلعي جي باري ۾ هڪ روايت آهي ته شاه بندر جي ڀرسان چانگن ۽ جتن جو مارو ٿيو هو، انهيءَ ماري ۾ ڪيهر به وڙهي رهيا هئا. ٻنهي ڌرين جا چارڻ به هئا، جيڪي بيت ڏيئي ٻنهي ڌرين کي اڀاري رهيا هئا، جڏهن ڪيهرن جو وڏو ويڙهه ۾ مارجي ويو هو ۽ هُن جو لاش لڌو هو، تڏهن ٻيءَ ڌر جي چارڻ طنز سان چيو:

”يا دانهين دليءَ ويو يا اڏاڻو آڪاس“

جنهن تي ڪيهر جي ڌر جي چارڻ چيو هو:-

”يا گنگا الٽي وهي يا ڀڄي سڪندو ٻَنڌ،

يا قطب تارو پوئتي، رڙهي وٺي رند،

يا موٽي پوي ماس ۾ سندو هاٿيءَ ڏند،

ته ڪيهر ڦيري ڪنڌ، ٿي پُٺيرو پِڙ کان.“

(سڪندر ٻنڌ سنڌيءَ ۾ سد سڪندريءَ کي چوندا آهن.)

بيت جو مقصد اهو آهي ته جڏهن دنيا ۾ ناممڪن ممڪن ٿي پوي، تڏهن ئي هتان جا مڙس پِڙ کان پٺيرا ٿي ڪنڌ ڦيرائيندا.

ڪيڏي نه شجاعت آهي، انهيءَ شاعريءَ ۾. مون هومر جي شاعري ۾ يوناني بهادرن جا داستان پڙهيا آهن، فردوسي ۽ ايراني جنگ جوئن جا مقابلا به پڙهيا آهن. اهو به پڙهيو آهي ته:-

”وگر نه بڪام نه آيد جواب،

من و گرز و ميدان و افراسياب.“

فردوسي هڪ عظيم شاعر هو، انهيءَ جي رزميه شاعريءَ ۾ اهڙيون سٽون اچن ته وسهڻ جهڙي ڳالهه آهي، پر سنڌ جي سَون چارڻن پنهنجي شاعريءَ ۾ انهيءَ کان به وڌيڪ غيرتمندي ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو ثبوت ڏنو آهي ۽ اها ڳالهه دنيا جي لوڪ ادب ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي.

ڀٽائي جا گهڻيئي گهڻگهرا هئا ۽ انهن مان مکيه خواجه محمد زمان لواريءَ وارو به هو، جيڪو هن ضلعي جو هو. هڪ ڀيري ان کي ڀٽائيءَ بيت ڏنو هو:

”ڪپيريءَ ۾ پير، ڪنين پاتو پيرئين،

جتي منجهڻ ماڻهين، سڄڻ اُتي سير،

اِن ڀونءَ سندو ڀر، ڪوڙئين مان ڪوئي لهي.“

جنهن تي محمد زمان جواب ڏنو هو ته:-

”ڪپيريان اوري رهيا، اُٻڌ ٻڌايون،

اتانهين آنون، رهي آيس راتڙي.“

منهنجي پنهنجي شاعري انهيءَ ڀونءَ سندو ڀيرو ئي آهي ۽ جڏهن هي زندگي تارن، ڀريءَ راتڙيءَ وانگر اُجهامڻ تي آئي ته پوئين وقت منهنجي زبان تي اِهي لفظ رهندا:

”اتانهين آئون، رهي آيس راتڙي.“

بدين وانگر سنڌ جي هر ضلعي ۾ اڪيچار لوڪ موجود آهن. لوڪ ادب قومن جي صدين جو سرمايو ٿيندو آهي. بيحد بي لوث انسانن جي خدمتن جو نتيجو ٿيندو آهي، انهي ادب تي پنهنجي نالي جي ڇاپ نه ڇڏيندا آهن. لوڪ ادب انهن سخي انسانن جو ميڙي چونڊي هوندو آهي، جي موتين جي ورکا ڪري ڪڏهن به اهو ورجائيندا نه آهن ته اسان ڪا ورکا ڪئي آهي.

لوڪ ادب قومن جي نفسيات جو آئينو ٿيندو آهي ۽ ان ڪري ئي لوڪ ادب کي چين ۽ روس ۾ ٻئي هر تخليقي ادب کان وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي.

سنڌ يونيورسٽي ۾ اچڻ کانپوءِ مون سوچيو آهي ته سنڌالاجيءَ کي اهو ڪم سپرد ڪيان ته ڪنهن طريقي سنڌ جو سارو لوڪ ادب ڪٺو ڪيو وڃي، جيڪي سنڌ جا سگهڙ حال حيات آهن، انهن جي آواز ٽيپ ذريعي محفوظ ڪيو وڃي ۽ اهو سرمايو جيستائين اسان جي هٿن مان کسجي وڃي ۽ اهي سگهڙ موت جي اونداهه ۾ گم ٿي وڃن، ان کان اول هي سڀيئي پڇڙ تارا ميڙي وٺجن، اهي ٽم ٽم ڪندڙ ڏيئا – جي اجهامڻ وارا آهن. انهن جي جوت جهٽي وٺون، جوت جا امر آهي، جا ڪڏهن به مرڻي نه آهي، جا ائين ئي امر آهي، جيئن سنڌ جي ڌرتي آهي.

غلام مصطفى قاسمي

بدين ضلعي جا تعليمي ۽ روحاني رهبر

سنڌ جو لاڙ وارو ڀاڱو بدين، جنهن سان ڪجهه ٻيا تعلقا ملائي، ان کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو آهي، قديم دور کان نرالي حيثيت جو مالڪ رهيو آهي ۽ سرڪار جو هيءَ قدم هڪ تاريخي قدم آهي، ڇو ته اسان جي قديم تاريخ ٻڌائي ٿي ته اڳ به بدين کي سنڌ ۾ مکيه مقام حاصل هو. هيءَ خطو لاڙ جو اهم برڪت ڀريو ڀاڱو آهي، جو هتي جي سڀيتا ۽ ثقافت اوتروئي پراڻي آهي، جيتري لاڙ جي هتي اسلام جهڙي توحيد ۽ امن و سلامتيءَ واري دين جي پهچڻ کانپوءِ به لاڙ دنيا ۾ وڏو نالو ڪڍيو. علمي ميدان ۾ برصغير جو پهريون عالم لاڙ جو هو، جنهن کي تاريخ ۽ تذڪرن ۾ مولانا اسلامي سڏيو وڃي ٿو. هيءَ اهو بزرگ هو، جنهن هتي لاڙ ۾ شروع ۾ اسلام آندو ۽ راجا ڏاهر جي دربار ۾ سفير ٿي ويو ۽ ترجمانيءَ جا فرائض سرانجام آندا. هن بزرگ عالم فنون جي تعليم ته ان دور جي دستور پٽاندر ڌرمي عبادتگاهن، ٽڪاڻن ۽ مندرن ۾ ورتي، باقي اسلام آڻڻ کانپوءِ قرآن مجيد جي تعليم عرب عالمن کان پرائي، ان دور ۾ قرآن مجيد کان سواءِ مسلمانن وٽ ٻئي ڪنهن به علم جي تدوين نه ٿي هئي ۽ ڪو به ڪتاب تاليف ۾ نه آيو هو. نه ئي حديث شريف جو فن وجود ۾ آيو هو ۽ نه فقهه، فقهه ۽ حديث جا امام جن تاليف ۽ تدوين ڪئي سي سڀ مولانا اسلامي لاڙائي کانپوءِ جا آهن. [1] لاڙ جو اهو ته هو ظاهري علم ۾ مقام. باطني علم يا تصوف ۾ به هن خطي جي روحاني تاريخ ايترو ئي قديم ۽ پراڻي آهي جيترو ظاهري علم جي. بايزيد بسطامي دنيا جو اهو معروف ۽ مشهور صوفي بزرگ ۽ قلندر ٿي گذريو آهي جو عرفان ۽ تصوف ۾ ان جهڙا ڪي گهٽ بزرگ ملندا. حضرت جنيد بغداديءَ کان عمر ۾ وڏو ۽ ٽين صديءَ جي صوفي بزرگن ۾ ان کي سر فهرست شمار ڪيو وڃي ٿو. هن جو استاد ابو عبدالرحمان سنڌي ۽ سندس شاگرد ابو موسى ٻيئي لاڙ جا بزرگ هئا، جي صوفين جا سربراهه ۽ رهبر هئا.[2]

اها کليل حقيقت آهي ته جيڪڏهن اسين هڪ پاسي موهن جي دڙي، بکر، سيوهڻ ۽ اروڙ تي ناز ڪري سگهون ٿا ته ٻئي پاسي لاڙ جي ديبل، ڀنڀور، بدين ۽ روپاماڙي تي به اسان کي اوتروئي ناز آهي، جيڪڏهن هتي دودي جهڙي دلير وطن جي ناموس ۽ عزت تي پنهنجو سر قربان ڪيو ته ٻئي پاسي هن عظيم بهادر ۽ شهيد جي پيرويءَ ۾ اتر ۾ مخدوم بلال جهڙي محدث ۽ اولياءَ ديس کي غلاميءَ کان بچائڻ لاءِ ارغونن جي اڻ نه مڃي ۽ مرد ٿي سنڌي جوڌن سان گڏ ميدان ۾ مقابلو ڪيو، نيٺ سازش جو شڪار ٿي شهيد ٿي ويو ۽ پنهنجي پاڪ رت سان ڌرتي کي ريٽو بنائي وطن سان محبت جو ٻج پوکي ويو. ڇهين صديءَ جي اواخر ۽ ستين صديءَ جي اوائل ۾ بکر سنڌ، جي مخدوم نوح سلوڪ جي سهروردي طريقت جي اڳواڻي ڪئي ۽ غوث بهاءَ الدين ملتاني جهڙو شيخ الاسلام ۽ عالمي شهرت جو ولي مخدوم نوح بکري جي درگاه جو پانڌيئڙو ٿيو ته ٻارهين صديءَ ۾ وري وقت جو قطب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر خواجه محمد زمان لواري شريف وارو لاڙجي خواجه ابوالقاسم درس ۽ خواجه ابوالمساڪين جي نقشبنديت واري طريقي ۽ سلوڪ جو وڏو اڳواڻ ۽ مرشد ثابت ٿيو، جنهن جي ملاقات ۽ مجلس لاءِ سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه ڀٽائي رحه به بدين جي ڀر ۾ لواري شريف ۾ اچي خواجه صاحب سان رهاڻيون ڪيون. خواجه صاحب کان ٻين ته گهڻن فيض پرايو پر سندن فرزند خواجه گل محمد ۽ ان دور جو وڏو عالم مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي خاص طرح ذڪر جي قابل آهن.

خواجه صاحب جي فيض جي پالوٽ نه رڳو سنڌ کي سيراب ڪيو پر سندن فيض مان خواجه گل محمد ۽ انهن کان وري خواجه محمد زمان ثاني اهي به فياض ثابت ٿيا ۽ خواجه محمد زمان ثانيءَ جي خدمت ۾ امام يمن جو مصاحب ۽ طبيب ۽ يمن جي حڪومت طرفان مصر ۾ سفير مخدوم محمد عابد به يمن کان ڪهي لواريءَ ۾ آيو ۽ پنهنجا لکيل ۽ تاليف ڪيل علمي ڪتاب به خواجه صاحب جي خدمت ۾ نظراني طور پيش ڪيا. هن جو بيان علم تبت جي مشهور ڪتاب اليانع الجني في اسانيدالشاهه عبدالغني ۾ آيل آهي.[3] مخدوم محمد عابد جو چاچو سيوهڻ مان هجرت ڪري عرب هليوويو هو ۽ سندن ڏاڏو علامه محمد يعقوب سنڌ جو شيخ الاسلام هو. محمد عابد سيوهڻ ۾ به تعليم پرائي ته يمن جي مشهور محدث قاضي شوڪانيءَ کان به پڙهيو. هن بزرگ بابت ڪتاب اليانع الجني ۾ اچي ٿو ته ”هڪ لڱا خواجه محمد زمان صاحب ثاني حج تي ويا هئا ۽ مخدوم محمد عابد سندن زيارت ۽ استقبال لاءِ مخابندر تي حاضر ٿيو ۽ جڏهن خواجه صاحب جي پاڪ چهري جي ديدار کي پسيائين ته هيءَ جملو فرمايائين ته ’منهنجي هنن اکين دنيا ۾ اهڙو ولي ۽ خدا رسيده بزرگ نه پسيو آهي‘.“

بدين جي ڀر ۾ ان دور جي اندر جيڪو علمي ڪتب خانو گڏ ٿيو هو ان جو اندازو هن مان ڪري سگهجي ٿو ته مخدوم محمد عابد، علامه حصڪفيءَ جي اسلامي قانون جي ڪتاب درمختار تي 28 جلدن ۾ شرح لکي. اها شرح دنيا ۾ هن موضوع تي وڏي ۾ وڏو ڪتاب آهي، جنهن جي هڪ قلمي نسخي لاءِ سيد سليمان ندوي لکيو آهي ته ”مون ان جو مڪمل نسخو جرمني جي لائبرريءَ ۾ ڏٺو.“

هن علمي ڪتاب جو هڪ نسخو مخدوم عابد ئي لواري شريف ۾ خواجه صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيو، جو خواجه محمد سعيد صاحب جي دور تائين موجود هو، پوءِ جي سڌ نه آهي. هن جي مطالعي لاءِ پري پري جا عالم بدين ڪهي ايندا هئا. هن ڪتاب جو ٽيون نسخو مديني منوره ۾ مولانا مظهر سهارنپوريءَ جي ڪتب خاني ۾ هو. مولانا مظهر، شاهه عبدالغني دهلويءَ جو شاگرد هو ۽ شاه عبدالغني مخدوم محمد عابد سيوهاڻي، سنڌي، مدنيءَ جو شاگرد هو. اهو نسخو پوءِ هلي مولانا مظهر جي اولاد ۾ ورهائجي ويو. هن ڪتاب کانسواءِ ٻيا به ڪيترا نادر ڪتاب ۽ قلمي نسخا لواري شريف ۾ موجود هئا.

بدين ضلعي جي عظمت جو اندازو هن مان ڪري سگهجي ٿو ته دنيا جو هڪ وڏو محدث علامه ڪتاني فهرس الفهارس ۾ فخر سان اها ڳالهه پيش ڪري رهيو آهي ته ”(بدين جي ڀر جو) لواريءَ جو هڪ وڏو محدث عالم خواجه محمد سعيد 1324هه ۾ حج تي آيو. ان سان حرم بيت الله ۾ ملاقات ۽ مجلس ٿي ۽ مون ان کان مخدوم محمد عابد جي طريقي جي سند حديث حاصل ڪئي.“ هن مان بدين ضلعي جي علمي درسگاهن جو به اندازو لڳائي سگهو ٿا ۽ هتي ڪيڏي نه روحاني پالوٽ سان گڏ علمي پالوٽ رهي ۽ بنا ڪنهن رياء ۽ ڏيکاءَ جي علم پکيڙيو ويندو هو.

هيءَ منهنجي استادي روايت آهي ته ”خواجه محمد سعيد صاحب ايترو ته علمي درسگاهن جو شوق ۽ درد رکندا هئا جو نه رڳو بدين ضلعي ۾ مدرسا کولايائون پر اُتر سنڌ ۾ ڪيترائي وڏا درسگاهه ۽ مدرسا هئا، جهڙوڪ شهدادڪوٽ، ڪارڙا، همايون ۽ ٻيا. خواجه محمد سعيد صاحب انهن درسگاهن کي هر سال چڱي رقم سان نوازيندا هئا. سنڌ مدرسو جنهن سنڌ ۾ نئين علم جي روشني ڦهلائڻ لاءِ عليڳڙهه ڪاليج وارو ڪم ڏنو، ان جا به پاڻ خاص مددگار هئا. هڪ لڱا پنهنجي وڏي جماعت سان خواجه محمد سعيد صاحب حج تي وڃي رهيا هئا. اتفاق اهڙو ٿيو جو کين ڪا رڪاوٽ پيدا ٿي ۽ پاڻ حج تي نه وڃي سگهيا ۽ پوءِ حج جي خرچ واري سموري رقم جماعت سميت، مرحوم حسن علي آفنديءَ کي سنڌ مدرسي جي مسجد ۽ ٻين جاين جي تعمير لاءِ هن شرط تي ڏئي ڇڏيائون ته سندن نالو پڌرو نه ڪيو ويندو ۽ نڪي سندن نالي جو پٿر لڳايو ويندو.“


[1]  وڌيڪ ڏسو: چچنامه فارسي ص 136 ڇاپو: مطبع لطيفي دهلي، ناشر مجلس مخطوطات فارسي – حيدرآباد دکن.

[2]  حليته الاولياء ج 10 ص 41 طبع خانجي مصر.

[3]  ڏسو اليانع الجني عربي ڇاپو دارالاشاعت ديوبند، يوپي هند.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org