سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: بدين

باب:

صفحو: 16

لاڙ جي ثقافت جي تعريف

ثقافت سان سڄي سنڌ ڀرپور آهي، پر اُن کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ لاڙين کي جس هجي، جن پنهنجي ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي. عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي، انتظاميه بدين جي ثقافتي ميلي ۾ جيڪو ساٿ ڏنو ۽ ميلي کي ڪامياب ڪيو، اهو قابل تحسين ۽ تعريف جوڳو ڪم هو. اُميد ته بدين ضلعو بهترين ماضي سان گڏ بهترين مستقبل جو معمار ثابت ٿيندو.

-   سيد محب الله شاهه.

بدين ضلعي جو ثقافتي ورثو

بدين جي باشندن همت ڪري پنهنجي مقامي ثقافتي ورثي کي محفوظ ۽ عام ڪرڻ لاءِ هڪ کليل ثقافتي ميلو منعقد ڪيو، انهيءَ موقعي تي قديم ۽ جديد لاڙن کي اُجاگر ڪيو ويو ۽ اُميد آهي ته آئندي لاءِ پڻ بدين جا باشندا ڪومربوط لائحه عمل ڇڏيندا. بدين واسين اهو عملو ڪردار انهيءَ لاءِ ادا ڪيو ته جيئن هو جديد دور جي مقابلي واري ميدان ۾ به گوءِ کڻي سگهن.

-         عبدالله – ڊي بلوچ

بدين ضلعي جا فنڪار ۽ رانديگر

بدين ضلعي جي ثقافتي ميلي ۾ جتي ادبي ۽ تاريخي مقالا پڙهيا ويا، اُتي سنڌ جي اديبن، فنڪارن ۽ رانديگرن کي به نه وساريو.

بدين جي رانديگرن متعلق ميوي خان لاشاريءَ جامع مقالو پڙهيو هو.

رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ۽ موسى جوڳيءَ وري ڳائيندڙن وڄائيندڙ فنڪارن جو ذڪر ڪيو هو.

انهن مقالن جي افاديت امر آهي، اهڙا مقالا انهي پاسي جي خدوخال ڀرڻ ۾ وڏا واهرو آهن، انهيءَ اُميد سان اهي تحقيقاتي تحريرون بدين ضلعي جي تاريخي مطالعي ۾ شامل ٿيڻ سان انهيءَ موضوع تي ٿوري گهڻي اُڃ اجهائڻ ۾ واهرو ٿين ٿيون.

 

محمد موسى جوکيو

بدين ضلعي جا فنڪار

بدين ضلعي جي موسيقي جو به الڳ رنگ آهي، جنهن کي لاڙي رنگ چئي سگهجي ٿو. بدين ضلعي جي قديم ڳائڻن مان ڀاڳو ڀان مکيه هو. هن سنڌ جي سورمي دودي سومري کي جنهن رزميه انداز سان ڳايو آهي، سو وساري نٿو سگهجي.

انهي ساڳئي سومرا دور جي هڪ فنڪاره جو ذڪر ڪرڻ به تمام ضروري آهي. هي مائي لوڪ گيتن جي شاعره به هئي ۽ انهن گيتن کي مخصوص انداز ۾ ڳائيندي به هئي. سندس نالومر کان شيخڻ هو. هن مائي جا لوڪ گيت ايترا ته مشهور ٿيا جو عام طور گهريلو مايون به خاص موقعن تي اهي گيت انهي انداز ۾ ڳائڻ لڳيون، اڃا به ڪٿي ڪٿي انهن گيتن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

سومرن جي دور ۾ موسيقي جي سٺي اوسر ٿي. ڪجهه نوان ساز به وجود ۾ آيا. انهيءَ دور جو هڪ ساز جنهن کي ”ارباڻو“ چيو ويندو هو، تنهن جو موجد آمر فقير شيخ قرهيي ڀانڊاري جو ويٺل هو. هي ساز ٻڌندڙن کي وجد ۾ آڻي ڇڏيندو هو ته جانورن تي به ايترو اثر ڪندو هو جو اٺ انهي ساز جو آواز ٻڌڻ سان مست ٿي پوندا هئا.

رمضان جت جي ڳوٺ ۾ شاهه جا فدائي رهندا پئي آيا. عبدالعظيم شاهه انهن مان هو، جنهن ’گنج‘ لکيو. انهي ڍوري جي وارثن مان مقيم جت اڄ به ساڳيون رنگ قائم رکيو اچي.

ماضي قريب ۾ مشهور شاعر سانوڻ فقير لاڙ ۾ پيدا ٿيو. هن ڊگها بيت ٺاهيا ۽ انهن جي گائيڪي جي انوکي طرز ايجاد ڪئي. سانوڻ فقير نڙ تي بيت ڏيندو هو. هن وقت سانوڻ فقير جي ايجاد ڪيل طرز ۾ نڙ بيت چيا وڃن ٿا، جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. سانوڻ فقير کان علاوه ٻين سگهڙن جا بيت به نڙ تي چيا وڃن ٿا. حسين فقير آدم نڙ بيتن جي گائيڪي جو ماهر ليکيو ويندو هو. هن وقت ساجن چانگ، چڀڙ خاصخيلي ۽ ساهڙ خاصخيلي نڙ بيت ۾ لاڙ جا مشهور فنڪار آهن.

گل بيگ جت سرندي جو ماهر هو، اهو بڙ جي ڊوري جو رهاڪو هو. عارب فقير جت نڙ جو وڏو وينجهار هو. هن ’ڪونجل‘ نالي هڪ مشهور ڌن پڻ ٺاهي هئي. انهي خاندان مان جان محمد جت هينئر اهو ورثو جياريو اچي. هن ”لاڙ بين“ نالي نئون ساز به ايجاد ڪيو آهي.

مير محمد لنڊ به نڙ جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي.هوءَ جڏهن نڙ وڄائيندو آهي ته جهولائي ڇڏيندو آهي. بدين ضلعي جو هي معررف فنڪار ٻاهرين دنيا ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري آيو آهي. خميسي خان به بينن ۾ ڪافي تجديدون آنديون آهن. جيئن ته اڳي ٻه بينون وڄايون وينديون هيون، ليڪن خميسي ٽن چئن بينن کي گڏي وڄائڻ جا تجربا ڪيا آهن.

ڀڳتي جي انگ ۾ ڳائيندڙ فنڪار جيڪي گهڻو مشهور ٿيا، انهن ۾ محمد خبش ميراثي ڦلڪارا، مهر علي شيخاڻي گهاڙي، مٺو شاهه سيراڻي، ڀورو خالصو، موسو ڀڳت خاصخيلي ماتلي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. پهريان ٽيئي فنڪار هن دنيا مان پنهنجو وارو وڄائي ويا آهن. سندن ڳڻن ڀريون ڳالهيون اڪثر ڪري وڏڙن جي واتان ٻڌبيون آهن. ميراثي فني لحاظ کان تمام پڪو پختو ڳائيڻو هو. مهر علي کي سر راڻي تي دسترس هئي، جڏهن به راڻو ڳائيندو هو ته محفل سڄي وجد ۾ اچي ويندي هئي.

ڀوري خالصي جو آواز چوٽ تي هوندو هو، لائوڊ جي جاءِ نه هئي. لطيف سائين کي ڏاڍي سوز گداز سان ڳائيندو هو. ورهاڱي وقت هندستان هليو ويو. اڃا حياتي آهي. موسو اڃا تائين ڀڳتي رنگ ۾ ڳائي ٿو، پيرسن ٿي چڪو آهي.

ڀڳتي ۽ ڀوائيڪي رنگ کي واڻيا گهڻو پسند ڪندا هئا. هنن انهي قسم جي فنڪارن کي همٿايو ۽ سندن وڌ ۾ وڌ همت افزائي ڪئي، جنهن ڪري اهي ٻئي صنفون سنڌي موسيقي تي حاوي رهيون. ورهاڱي بعد واڻيا لڏيا ته سنڌي موسيقي ۾ خلا پيدا ٿي پئي. ڀڳتي ۽ ڀوائيڪي رنگ به پويان پير ورتا. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي موسيقي ۾ ريڊيو سبب ڪافي تبديلي آئي. موسيقي جي ايڏي وڏي تبديلي ۽ اٿل پٿل ۾ بدين ضلعي پنهنجي خصوصيت برقرار رکي،. هتي وري موسيقي جو هڪ الڳ رنگ وجود ۾ آيو، جنهن جو باني هتي جو فنڪار عثمان ڪڇي آهي. هن وقت لاڙ جي فنڪارن جي گهڻائي عثمان ڪڇي جي رنگ ۾ ڳائيندي آهي، انهن ۾ مٺو ڪڇي، حيدر کوسو، مصري ڏيپلائي، عبدالرحمان ڪڇي گهڻو مشهور آهن. عثمان ڪڇي کي جيڪڏهن لاڙ جو نمائنده ڳائيڻو چئجي ته وڌاءُ ڪو نه ٿيندو.

مائي نور بانو ۽ ڪزبانو، جن جو آواز سنڌ جي گهر گهر ۾ سڃاتو وڃي ٿو، جن کي لوڪ ڳيتن ڳائڻ تي دسترس حاصل آهي، اهي ٻئي مايون به بدين ضلعي سان واسطو رکن ٿيون. نوربانو تلهار جي رهاڪو آهي. ڪزبانو ماتلي ۾ رهي ٿي.

هن سرن جي سرهاڻ واري ڌرتي ۾ فن ۽ فنڪارن جي ڪابه کوٽ نه آهي. جيڪڏهن انهن جا نالا ويهي لکجن تڏهن به ڪافي پنا ولارجي وڃن. تاهم چند مشهور فنڪارن جا نالا پيش ڪريان ٿو:

حافظ عالماڻي ڦلڪارا، ساڄن چانگ نڙ بيت وارو، چڀڙ خاصخيلي ۽ ساهڙ خاصخيلي نڙ بيت وارو، نور محمد خاصخيلي، سيراڻي چنگ وڄائڻ وارو، محبوب علي ڪڙيو گهنور، امير بخش بدين، مهراج واسديو بدين، حاجي عبدالله شيخ ڍولڪ وارو بدين، امان الله بلوچ، قادر بخش چوڪيا، کمون پرهياڙ، عرس کوسو، وزير علي، پريو شورو، ولي محمد شاهه، علي حسن ڀٽ، شِوجي ڪولهي، ڪريم بخش شيدي، يعقوب ماڇي، فقير محمد لونگ شڪاري، قادر بخش چوهاڻ، رمضان ملاح، وڪيو کوڙ، خميسو شيخ، قاسم مڱڻهار کورواهه، حسين بخش مڱڻهار ماتلي، اسو شيدي، عبدالستار مڱڻهار ڍوڪيا، لونگ ملاح بدين، ڪرشن ڀنگي بدين ۽ خالد شيدي ڪڍڻ.

مولود، مدح ۽ غزل اهي ٽيئي صنفون ٽوليون ٺاهي پڙهبيون آهن. مذهبي تهوارن تي، مرڻي جي رسمن تي ۽ خاص ڪچهرين ۾ مولودن جون محفلون ٿينديون آهن. هاڻي ته شادين ۽ طهرن جي ڪاڄن ۾ به مولودن جون محفلون ڪرايون وينديون آهن.

هتي جا مولودي به مخصوص لاڙي رنگ ۾ مولود، مداحون ۽ غزل ڳائيندا آهن. هاڻي نيئن زماني کي ڏسي مولودي سڳورا مولودن، مداحن ۽ غزلن ۾ ”نٽ ۽ چلتي“ جا ڪجهه انگ رکندا آهن. محمد ڦوال، علو کوسو، عبدالحڪيم ڪڇي، يوسف شاههل ڪياري هتي جا اصلي مولودي هئا. يوسف شاهه کان علاوه باقي گذاري ويل آهن. يوسف شاهه پيرسن ٿي چڪو آهي. مولود پڙهڻ ڇڏي ڏنا اٿس، اهي مولودي سڳورا ”اصل“ پڙهندا هئا. هن وقت جيڪي ٽوليون مولود پڙهن ٿيون، انهن ۾ مشهور هي آهن: حاجي غازي ڪنڀار، الهڏنو شاهه، ابراهيم کوسو، جيئند جوکيو، صديق سومرو، ابراهيم جت وغيره.

رئيس ڪريم بخش بلوچ

بدين ضلعي جا ڳائڻا وڄائڻا

ماتليءَ شهر کان سورهه ميلن جي مفاصلي تي ٽنڊي غلام علي ۾، شهنشاهه سدا رنگ، سيد نور شاهه رهندو هو، جنهن جو صاف سٿرو، جذباتي ۽ مٺو آواز راڳداري جا سڀيئي سپتڪ پورا ڪري، آسماني مخلوق کي جهولائي، جهومائي سرشار ڪري ڇڏيندو هو. زمين جا رهندڙ ته هون ئي مست ٿي، جنون ۾ اچي ويندا هئا. سندن سدا رنگي راڳ يڪتاري جي هڪ تار جي وحدانيت ۾ اچي، واحد ٿي وحدت الوجود ۾ اچي ويندو هو. مون کي افسوس آهي ته ٻين سازندن کي سازن جا نوازيل يا سازن کي نوازيندڙ سڏيندا آهن، جهڙي طرح سان ستار نواز، سارنگي نواز، سرود نواز، رباب نواز، طبله نواز ۽ ٻيا، پر اسان جي انهي وحداني ۽ وجداني هڪڙي تار جي ساز، يڪتاري، سدا رنگ ڳائڻ وارن کي يڪتاري پوٽو ڪري چوندا آهن. يعني ته پٽ به نه! ماڳهئين پوٽو! انهي ساز تي ڳائڻ وارن کي به يڪتاره نواز چئي سگهجي ٿو. هتي آءٌ اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته جيئن ته اسان جو سنڌي لاڙي راڳ، سر جي سورتين جي لهوارين اوڀارين کان بي نياز ٿي، صرف عشق جي ڏانهن دانهن، تار جي مستين ۽ شاعرانه اکرن تي مشتمل هوندو آهي، تنهنڪري سنگيت جي عالمانه اصولن کي بالائي طاق رکي، سوچڻ، سمجهڻ ۽ ٻڌڻ گهرجي.

اسان جي انهي شهنشاهه سدا رنگ سيد نور شاهه، لاڙي سنڌ جي لوڪ ثقافت کي عجيب ۽ انوکو انداز ڏيئي، مثالي طرزن ۾ آڻي وحدت الوجود جا راڳ آلاپيا، جنهنجو سڄو دارومدار تکي ۾ تکيءَ لئي ۾، آنهن دانهن، چيخن وڪارن ۽ جذباتن تي منحصر هوندو هو. هر هڪ ملڪ جي موسيقي جي تکي لئي، ڀوڳ، چرچي ۽ مسخري ۾ اچي ظرافت ٿي پوندي آهي يا نواسنيت ۾ اچي نفسانيت ۽ خواهشن کي بيدار ڪندي، جاڳائيندي ۽ اُڀاريندي آهي. جيئن ته مغربي موسيقي جي تکي ۾ تکي لئي ۾ رمڀا سمڀا، چا چا چا، ما ما ما ۽ راڪن رول هوندا آهن، اسان جي مشرقي ڪلاسيڪل موسيقي ۾ به گائيڪ ۽ گويو تکي لئي ۾ اچي ڪرتب جو ڪمال نوٽيشن، تانن ۽ گهمڪن ۾ پيش ڪندو آهي. جنهن کي ”بلمپٽ“ جو ”درت“ ڪري چوندا آهن.

هڪڙو اسان جو ئي ”نور شاهي“ لاڙي رنگ آهي، جيڪو يڪتاري جي هڪڙي تار سان نواز جي يا ڳائڻ واري ي نوازي، تکي لئي ۾ ورلاپ، آلاپ ۽ جذبات ۾ اچي، عشق جي آنهن ۽ دانهن جي مصوري ڪري ٿو. اسان سندس ڳائڻ پيريءَ ۾ ٻڌو پر اُنهي وقت به سندس ڳائڻ جو رنگ ۽ ڍنگ سوز و ساز ۽ اواز کي جوان ڏٺوسين.

سندس فوت ٿيڻ کان اڳ اهو يڪتارو جيڪو پاڻ وڄائيندو هو، سو سيد قاسم علي شاهه کي ڏنائين، جو به ساڻس گڏ ٽنڊي غلام علي ضلع بدين ۾ رهندو هو، سندس ڳائڻ جو طريقي ڪار ۽ نمونو سيد قاسم علي شاهه جي ڀاءُ سيد سومار شاهه کان سواءِ پير بخش نومڙيو ڪڙيو گهنور، هوشو شيدي، پير ڀاون شاهه بديڻائي جو ڳائڻو ۽ رازو رمضان لغاري ڪاپاهي محمد خان ٽالپر ڳوٺ مراد ٽالپر، ڀروشيدي ڳائڻو ۽ پڪوازي ڳوٺ مراد ٽالپر لڳ تلهار، محمد رازو ويٺل لڳ نندو شهر، وينجهر ٽنڊو باگو، خليفه يعقوب شيدي ماتلائي، برادي شيدي ماتلائي، گل فقير شڪاري، جمعو ڀيل ماتلائي ۽ پرتاب سونارو ماتلائي قابل ذڪر هئا، جيڪي ”نور شاهي“ رنگ سان گڏ  ڀڳتاڻو رنگ به پيش ڪندا هئا. هينئر في الهال ”نور شاهي“ ۽ رنگ ۾ رچيل يڪتاري نوازو اهي ئي ياد آيا اٿم، جيڪي منهنجي فقيري- درٻار ۾ حاضريون ڀري لطف ڏيندا ۽ حاصل ڪندا هئا. ممڪن آهي ته ڪي يڪتاري نواز وسري به ويا هجن. اهي جملي فنڪار ۽ صداڪار بدين ضلعي جا ئي هئا. انهي سان گڏ ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل ڳائڻا ۽ راڳي، ردڇانگون شيدي سندس شاگرد، جمعو گنجو ميراثي ۽ ڦوٽو ميراثي رڄو خاناڻي، محمد بخش ميراثي ۽ سندس ڀاءُ حسين بخش فقير ميراثي ماتلائي، ملاپ سنگهه سک جنهن کي ڀورو به ڪري سڏيندا هئا، ويٺل ڳوٺ بخشو ڪلوئي تعلقي ٽنڊُباگو حاجي صديق واڍو ڳوٺ ڦڙدي وارا جمالي، امير بخش ميراثي بدين، ڏوڏو شيدي ڳوٺ وهڻائي، ڀڳتائي رنگ ۾، محمد خاصخيلي ماتلائي ڀڳتاڻي رنگ ۾، خوبو سونارو ماتلائي ڀڳتاڻي رنگ ۾، مکي مرچو مل ماتلائي ڀڳتاڻي رنگ، اهي مٿيان سڀ ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ ڀڳتاڻي رنگ ۾ ڳائڻ وارا به بدين ضلعي جا هئا. بدين ضلعي کان ٻاهرين علائقن ۽ ڌارين ضلعن مان بدين ضلعي ۾ اچي، راڳ جي سمجهدارن، سوز وارن، سريلن ۽ اميرن جي سرپرستي ۾ پنهنجي معاش جي پورائي ڪندا هئا. انهن جو تفصيل پڻ ٿورو گهڻو هيٺ ڏجي ٿو.

جمال خان، سندس ڀائر بشير خان ۽ ڇٽو خان: جمال خان ڏاڙهي وارو، جنهن کي ”ٻچي“ به ڪري ڪوٺيندا هئا، چار فوٽ قد، جنهن وقت ڳائيندو هو ته راڳ جذبات ۽ باجي ۾ ضم ٿي ويندو هو. سندس چار فوٽ قد، ٻه فوٽ مزيد وڌي ڇهه فوٽ ٿي ويندو هو. سندس سريلو مٺو ۽ جذباتي آواز مجلس کي جهولائڻ سان گڏ آسمان جي تارن کي ٻه جهولائي ۽ جهومائي ڇڏيندو هو. سندس ڳائڻ جو اقتدار، ٻين راڳين کان قطعي مختلف الڳ نيارو نرالو ۽ انوکو هوندو هو. پاڻ هميشه، غزل گيت، ٺمريون، قواليون مناجاتون ۽ ڪافيون، اردو، هندي، فاري ۽ سنڌي ۾ وڏن وڏن عشاق شاعرن، صوفين، اوليائن جا قلندرانه ٻوليءَ ۾ پيش ڪندو هو. ڏوهيڙا ۽ بيت به اُنهي شاعري جي شاهدي ۾، ميل ۽ ميلاپ جا ڏيندو هو. هن جي ڳائڻ جي ڍنگ ۽ شاعرانه انداز تي لکڻ لاءِ ڪتاب لکي سگهجي ٿو، جنهن لاءِ وقت درڪار آهي. پاڻ منهنجي ”ماءِ نيسٽ“ بنگلي سان لڳ، خالي پيل پلاٽ جي آئيني ۾، جنهن ۾ اڄڪلهه سئنيما ٺهي چڪو آهي، اچي اُتي بيٺل ”ٻير“ جي وڻ هيٺ، منزل انداز ٿيندو هو، سندس ٻن ڀائرن سان گڏ هڪڙو اڀرو، ڏٻرو مريل ۽ ٻگهين ڀريل ڪوتاهه قد گهوڙو به گڏ هوندو هو، جنهن تي پاڻ سواري ڪري، ٻاهراڙي جي ڳوٺن ۾ وڃي ڳائڻ وڄائڻ جون محفلون ڪري، پنهنجي معاش جي وپرائي ڪندو هو ۽ وري موٽي پنهنجي مرڪز تي ايندو هو. منهنجي فقيري درٻار جو به خاص مهرو هوندو هو. ڪلاسيڪل موسيقي جي به گهڻي ڄاڻ هيس، جيڪا منهنجي اڳيان پيش ڪندو هو. آءٌ سندس فن تي عاشق هوندو هئس. سندس غريبيءَ مسڪينيءَ ۽ يتيمي تي ڏاڍو قياس ايندو هئم.

غلام حسين پنجابيءَ جيڪو نورجهان واري نالي سان مشهور هوندو هو، گهڻو ڪري ماتلي ۽ ماتلي جي آسپاس ٻهراڙين ۾ رهندو هو. نورجهان سندس زال هئي، ج هن وقت ٻئي زال مڙس گڏجي پنهنجو فن موسيقي، مٺي، بلند ۽ پرسوز آواز سان پيش ڪندا هئا ته سامعين جي مٿان غنودگي طاري ٿي ويندي هئي.

بيبي خا، مبارڪ علي خان، مراد علي خان به گهڻو ڪري اسان جي ماتلي جي جاگيردار رئيس علي بخش خان نظاماڻي وٽ رهندا هئا. رئيس علي بخش خان عاشق مزاج، حسن پرست، راڳ جو دلداده ۽ رسالو هوندو هو، جنهن انهي ڌن ۾ سست ۽ مگن رهي، پنهنجون جاگيرون ويهن ويهن سالن لاءِ گروي رکي ڇڏيون. ورنه سندس جد امجد موتي جي گلاسن ۽ چاندي جي برتنن ۾ پاڻي پيئندا ۽ کاڌو کائيندا هئا. رئيس علي خان جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سندس خاص فنڪار ۽ راڳي، سندس ئي پيشنگوئي مطابق منهنجي حوالي ٿيا، جن ۾ بهاول خان ۽ هوت خان رشيداڻي به شامل هئا. پاڻ مرحوم چوندو هو ته، ”منهنجي انهي ثقافتي گاديءَ جو پڳدار پاڳارو ۽ جاءِ نشين هي ڇوڪرو: ڪريم بخش ٿيندو.“ مون خانصاحب گامڻ خان کي به سندس اڳيان ڳائيندي ٻڌو ۽ ڏٺو. ٻين سنڌي ڳائڻن سان گڏ، بيبي خان ته رهندو ئي وٽس هو. پاڻ سنڌي شاعري ۾ مصري شاهه، مهدي شاهه، اميد علي شاهه، ”بيدل“ ”بيڪس“، ”سچل“ سرمست ۽ ”لطيف“ سائين جي شاعري کي بيحد پسند ڪندو هو. محسن شاهه ماتلي واري جي شاعري تي ته عاشق هوندو هو، جيڪا مجاز سان گڏ حقيقت کي به کڻي هلندي هئي، انهي کانسواءِ ظرافت ۾ اچي، ”جانڻ“ لاڙڪاڻوي جي شاعري مان به لطف حاصل ڪري کلندو ۽ خوش ٿيندو هو، جنهنجي شاعري جا ڪجهه ٻول ۽ بند هيٺ ڏجن ٿا.

”منهنجو مٿو اُگهاڙو، اڄ عشق ۾ اوهانجي،

ٿيندو الاجي ڪڏهن، ميلاپ جو ڏهاڙو.“

ديوان هوتچند، مهاراج خانچند، مهراج ويرڀان، عبدالغفور واڍو هئا ته ٽنڊي محمد خان جا، پر اڪثر ڪري اسان جي ڳائڻ وڄائڻ جي محفلن ۽ مجلسن ۾ ماتلي اچي شريڪ ڪار ٿيندا هئا. عمر خان لغاري، علي محمد خان لغاري ولد شاعر سونو خان لغاري، لائق ميراثي به ٻهراڙي جي ڳوٺن مان اچي اسان جي ثقافتي محفلن کي رونق بخشيندا هئا. اميد علي خان، منظور علي خان، غلام رسول خان برمانند گوسوامي، ديال گوسوامي، مٺو مهاراج، شنڪر مهاراج، ڀائي لالا سنگهه، الهڏنو نوناري، عاشق علي خان ماتلي ۾ اچي، راڳ رنگ جي محفلن کي رنڱي بدين ضلعي جي ماتلي شهر کي نوازيندا هئا. سازيندڙن ۾ بلاول بيلجم ”بينجي نواز“، بيبي خان جو فرزند نياز حسين، هارمينم، بينجو ۽ وائلن نواز، رومڙيو خان ماڙيچوطبله نواز، خانصاحب غلام محمد خان طلبه نواز، نذير خان طلبله نواز، امام بخش خان طبله نواز، سائين خان طبله نواز، قادر بخش خان طبله نواز، پنهنجي فن جي فراواني سان بدين ضلعي جي ماتلي شهر ۾ منهنجين مجلسن کي نوازي چڪا آهن. علڻ فقير مڱڻهار پڪوازي، محمد رمضان نومڙيو پڪوازي، شيخ حاجي عبدالله پڪوازي، فقير محمد اسحاق ڪارو ڳائڻو، مراد فقير ڳائڻو، حافظ فيض محمد ڳائڻو، حافظ لقمان عالماڻي ڳائڻو، حاجي ڪلو خانڳائڻو، حيدر خان کوسو ڳائڻو، قاضي محمد امين جوڻيجو ته ماتلي جا رهواسي ٿي ماتلي جي عيد برات جي محفلن ۾ ڳائي وڄائي، جهولائي جهومائي محفلن کي گرمائي ۽ سرشار ڪري چڪا آهن ۽ اڄ به ڪندا رهن ٿا. حاجي عثمان ڪڇي، مٺو ڪڇي ۽ سندن ڀاءُ محمد هاشم پڪوازي ته منهنجي محفلن ۽ مجلسن جا چمڪندڙ چنڊ ۽ تارا ئي رهيا آهن. انهن مٿي ذڪر ڪيل فنڪارن مان ڪيترن ئي فنڪارن هن ماتلي جي ننڍڙي مڪتب، اسڪول ۽ ڪاليج مان سکيا حاصل ڪري، سبق پرائي عزت ۽ شهرت حاصل ڪئي، پوءِ ڪي مڃين ٿا، ڪي ڪون ٿا مڃين. ڪي مرادوند آهن ته ڪي بي مراد. ڪي ادب ۾ آهن ڪي بي ادب، پوءِ آءٌ انهن سڀني جو دعاگو آهيان. منهنجي دل جا دروازا اڄ به جمله فنڪارن لاءِ کليل هئا ۽ کليل آهن ۽ کليل رهندا.

انهي جملي فنڪارن، صداڪارن ۽ ڪلاڪارن جا فني، ثقافتي ۽ معاشي جيڪي سرپرست رهيا آهن، انهن جو تفصيل پڻ هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ اصلي حيدرآباد ضلعي جي سرپرستن کي به اهميت ڏجي ٿي، جنهن ضلعي مان بدين ضلعو ڪٽجي دونيم ٿي نڪتو آهي، انهن سريلن ۽ سمجهدارن ۾ پير صاحبڏنو شاهه بلڙي وارو، نابينا عباس علي شاهه، مئين حسن علي وارو، خليفو عدبالله نظاماڻي، ڪڙيئي گهنور وارو، رئيس عيسو خان نظاماڻي بٺي وارو، محمد خان ٽالپر ڳوٺ مراد ٽالپر لڳ تلهار وارو، پير ڀاون شاهه ڀورو ”ساقي“ بدين وارو ۽ رئيس علي بخش خان نظاماڻي ماتلي وارو، (جنهن جو مٿي گهڻو ڪجهه ذڪر ڪري آيو آهيان،) اهي سڀ بدين ضلعي جي ثقافتي رنگ ۾ رچيل راڳيندڙن جا سرپرست ٿي رهيا آهن. بدين ضلعي کان ٻاهر، سيد خدا ڏنو شاهه نصرپور وارو، پير غلام رسول شاهه جيلاني ميرپور خاص وارو، پير محمد زمان شاهه مٽياري وارو، اڄ به انهن فنڪار راڳين، گوين ۽ سازندن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن.

منهنجي ثقافتي دور ۾ مون سان گڏ سيد ”محسن شاهه“ شاعر ماتلي وارو، مير عالم خان نظاماڻي شاعر ماتلي وارو، ۽ حاجي غلام محمد خان نظاماڻي ماتلي وارو، گلشن صوفي (مرحوم) ۽ ٻيا به ڪيئي هم، رڪاب رهيا آهن. اڄ به فنڪارن ۽ ڪلاڪارن جو جهمگٽو رهي ٿو، جن ۾ محمد گل هارمنيم نواز، محمد بخش هارمنيم نواز، مولا بخش باجي نواز، الهرکيو طبله نواز، ڌڻي بخش ڍولڪ نواز، لکانو خان نظاماڻي ’سرباز‘ منهنجي فقيرانه درٻار ۾ هينئر به موجود آهن.

انهي ابتدائي دور ۾، قاضي محمد علي پرويفسر ۽ لائبررين سنڌ يونيورسي جو به منهنجي مجلسن ۽ محفلن ۾ ايندو هو، وهندو هو ۽ ڳائڻ ٻڌندو هو ۽ رون رون ڪري، الهڙپني سان باجو پڻ وڄائيندو هو، اڳتي هلي علم جو عالم ٿي، سرڪاري ۽ راڳداري جي ڄاڻ حاصل ڪيائين، جا اسين ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان ٻڌندا رهندا آهيون. پاڻ علم جو عالم ٿيو ۽ آءٌ سڀ ڪجهه ڄاڻڻ کان پوءِ به عشق جي علامت ٿي، ڪجهه نه ڄاڻڻ به سکي نه سگهيس. منهنجي مامي ۽ مير حاجي عالم خان نظاماڻي شاعر جي والد صاحب حاجي امير بخش خان نظاماڻي، اُنهي موضوع تي ڏاڍو سهڻو ۽ سٺو شعر چيو آهي ته،

”علم جا عالم گهڻا، پر عشق جو ڪو ڪو علام،

هرش جا حيلا ڇڏي، ڪر سوز وارن کي سلام.“

ميوو خان لاشاري

بدين ضلعي جون رانديون ۽ رانديگر

سنڌ ۾ رانديون غريب توڙي امير ٻنيه لاءِ گهڻو ڪري اڳين زماني ۾ ساڳيون هيون. ملهه، ٻيلهاڙو، ونجهوٽي، اٽي ڏڪر، ڏڙهو، چؤپڻ (ڍارو) پڃري کڻڻ، نونکڻي، ٽکڻي، ارڙهن کڻي، شطرنج، ڪٻڊي، گهوڙن ڍڳن ۽ اُٺن جون ڊوڙون سنڌ جي ماڻهن جون مخصوص رانديون هيون، جتي اسان جا وڏڙا پنهنجي واندڪائي جو وقت اجاين ڳالهين، گلا ۽ غيبت کي پاسيرو رکي پنهنجون رانديون جهڙُڪ لاٽون، کير کير- وٽي، ڦرڦر – سونٽو، ڪنگري ڪلوٽو، نانگيل ڦوسيل، جهڻ وڏ ڪٻل، لڪ لڪوٽي، کينهوڙو، اٽي ڏڪر ڪري پنهنجي چالاڪي چستي ۽ جانفشاني جو مظاهرو ڪندا رهندا هئا. انهن راندين جا خاص مقابلا گهڻو ڪري عام جلسن، جشنن ۽ خاص ڏينهن تي ٿيندا هئا.

بدين ضلعي ۾ گهڻو ڪري سڀئي سنڌي رانديون کيڏيون وينديون هيون ۽ آهن. جن جو مان ڪن خاص راندين ۽ رانديگرن جو الڳ الڳ فڪر عرض رکان ٿو.

ملهه: راند سنڌي ثقافت جو هڪ اهم ۽ عجيب جز آهي، جيتوڻيڪ روس، هنگري، افغانستان، ايران ۽ جپان ۾ به ملهه جهڙي ڪشتي جدا جدا نموني رائج آهي ۽ اسان جي پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد ۾ به ملهه جا سٺا رانديگر موجود آهن. ”ملهه“ لوڪ پسند راند آهي. اڳي اها راند گهڻو ڪري جاگيردارن ۽ زميندارن جي تفريح جو ذريعو هوندي هئي، جيڪي وڏن وڏن ملهن کي پاڻ وٽ رهائيندا ۽ پاليندا هئا ۽ انهن جا مقابلا ڪرائيندا هئا. بدين ضلعي ۾ به اهڙا ڪيترا ملهه جا قدردان ٿي گذريا آهن، جن مان بدين شهر جو مشهور بزرگ مرحوم علي قطب شاهه جيلاني به هڪڙو هو. هن صاحب کي ملهه سان ڏاڍو چاهه هوندو هو ۽ ملهن جو وڏو قدر ڪندو هو. محمد مور شيدي ۽ محمود خاصخيلي پير صاحب جا خاص نوازيل ملهه گذريا آهن.

اسان جي بدين ضلعي جي حدن ۾ محمد مور شيدي ۽ محمود خاصخيلي جهڙا ناميارا ملهه ٿي گذريا آهن، انهن ٻنهي جوڌن جوانن کانسواءِ تازو يڪو خاصخيلي ٽنڊي غلام علي وارو پهرين جوڙ جو ملهه ٿي گذريو آهي، جنهن رستم پاڪستان اسلم پهلوان کي ميرپور خاص شهر جي گاما اسٽيڊيم ۾ ملهه دسي 32 ايڪڙ زمين به حاصل ڪئي هئي. انهن مشهور ملهن کان سواءِ به بدين ضلعي جي اندر هيٺيان ملهه پنهنجي وقت جا سٺا ملهه ٿي گذريا آهن، جن جا نالا ملهه راند جي شائقين جي دلين تي اڄ به نقش ٿيل آهن:

سکيو خاصخيلي ترائي، ڏنو شڪاري اشرف آباد، بچو شڪاري نندو شهر، محمد ٽالپر رپ، سونو ملاح ٻهڊمي، ميوو شيخ پير قرهيو ڀانڊاري، اڍو نوتيار ولاسو، پريو، سبيرو ڪڍڻ، ڄام شيدي دٻهڙو، پيرو ملاح پنون، صاحب سبيرو ڪڍڻ، نبو ڪهيري ٽنڊو باگو، عرس ڪهيري تلهار، محمد علي شيدي ماتلي، پريو شيدي ماتلي، ڌڻي بخش رند تلهار، (حال حيات).

هن وقت به بدين ضلعي ۾ سٺا ۽ اڀرندڙ ملهه موجود آهن، جيڪي پنهنجن وڏن جو ورثو ۽ بدين ضلعي جو نالو ملهه جي ميدان ۾ قائم رکيو اچن. انهن ۾:

پهلوان ملاح لڳ بدين، محمد جت گولاڙچي، عبدالله پرهياڙ لڳ بدين، وڪيو خاصخيلي ترائي، سڀاڳو شيدي ٽنڊو باگو، محمد لغاري ڳوٺ گلاب لغاري، عبدالرحمان ملاح بدين، محمد اسماعيل لوڻائي ۽ ويرجي.

ٻيلهاڙو: ٻيلهاڙو راند به ملهه وانگر طاقت وارن ۽ انگ ڄاڻوئن جي راند آهي. ٻيلهاڙو راند اسان جي بدين ضلعي ۾ تمام آڳاٽي وقت کان کيڏي ويندي آهي. هي راند اتر سنڌ ۾ ايتري عام نه آهي. جيتير اسان جي لاڙ ايراضي ۾ لوڪ پسند آهي. آڳاٽي وقت ٻيلهاڙو راند جا تمام وڏا ملاکڙا ٿيندا هئا. هڪ ته انهي وقت ۾ ماڻهن کي واندڪائي جو وقت هو ۽ ٻيو ته انهي وقت ۾ انهي راند جا اسان جي هن خطي ۾ سٺا قدردان موجود هئا، مگر زخماني جي لاهين چاڙهين ۽ اسان جي نوجوان نسل جي چاهه نه هجڻ جي ڪري پهرين جهڙو شوق عوام ۾ نه رهيو آهي. حڪومت جي طرفان به ”ملهه“ وانگر هن راند جي ايتري حوصلي افزائي نه ڪئي وئي آهي. تنهن هوندي به هي راند اڃا اسان جي ٻهراڙين ۾ تمام مقبول آهي. اسان جا ٻهراڙين جا جوڌا جوان پنهنجي طاقت ۽ فن جو مظاهرو ڪندا رهندا آهن. ڪڍڻ، نندو شهر، راڄو خاناڻي ۽ رئيس نبي بخش خان ڀرڳڙي جي ڳوٺ ۾ هر جمعي ۽ سومر تي ٻيلهاڙو راند جا مقابلا ٿيندا اچن.

هيٺيان رانديگر انهي راند ۾ مشهور ٿي گذريا آهن: عثمان لاشاري ڳوٺ پيرو لاشاري، شادمان چانڊيو ٽنڊو باگو، مينڌرو پنهور ڳوٺ جيارو محمد شيدي وهڻائي، جمعون نندو شهر، ڀرو شيدي وهڻائي، صديق ملاح ڳوٺ پنون ۽ محمد شيدي لڳ بدين (حال حياتي).

هيٺيان رانديگر موجود دور ۾ ٻيلهاڙو راند کي بدين ضلعي جي حدن اندر اڃا قائم رکيو اچن:

جراڙ نهڙيو، ڪرڙ چانڊيو، خان محمد عمراڻي، مير محمد شاهه، الهجڙيو اوٺو، منٺار ٽنگڙي، مير محمد ٽالپر، نور محمد نهڙيو، عرس لنڊ، ميرو لاشاري، نور ممد ٽنگڙي، عرس شيدي ۽ همير عمراڻي.

ونجهوٽي راند: اسان جي سنڌ جي تمام قديم راندين سان هڪ راند آهي ۽ بدين ض:عي جي لوڪ پسند راندين مان مقبول ترين راند آهي، ونجهوٽي راند سنڌ، هندستان جي صون بهار، مدراس وغيره کان سواءِ روس ۾ به کيڏي ويندي آهي. آڳاٽي وقت ۾ ونجهوٽي راند هڪ فوجي قسم جي مشق هئي، جيڪا انهي وقت جا سپهه سالار پنهنجي فوج کي راند جي وسيلي ڪرائيندا هئا، جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، ونجهوٽي راند عام ۾ اهڙي مقبول ٿي جو اسان جي هر ڳوٺ ۾ ننڍڙا نينگر، توڙي وڏا شام جي وقت ۽ رات جو چنڊ جي سهائي ۾ رانديون ڪري پنهنجي دل وندرائڻ سان گڏ بدني ورزش به ڪندا هئا.

ونجهوٽي راند هاڻي ٻهراڙين مان شهرن تائين اچي وئي آهي، جتي اسان جا نوجوان انهي راند کي وڏي چاهه ۽ شُق سان کيڏندا اچن ٿا. ٽورنامنٽن ۽ ميچن جا مقابلا ٿيندا رهن ٿا.

بدين ضلعي ۾ ونجهوٽي راند قديم وقت کان ٿيندي اچي پئي ۽ عوام ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، انهي راند ۾ ڪيترا مشهور رانديگر ٿي گذريا آهن جن مان:

نور محمد ٽالپر، حڪيم کوسو، قاسم شيدي، يعقوب لوهار، ميرو جوکيو، حاجي اسحاق خاصخيلي، صديق اڍيجو، محمد ابراهيم وينجهر، حاجي يامين ملاح، قاضي محمد هاشم، محمد ڪنڀار، الهورايو نهڙيو ۽ پريتو ڪولهي پنهنجي وقت جا ناليرا رانديگر ٿي گذريا آهن.

هن وقت به اسان جي بدين ضلعي ۾ ونجهوٽي راند جا تمام سٺا رانديگر موجود آهن، انهن رانديگرن پنهنجي برتري ونجهوٽي راند ۾ وپري سنڌ ٽورنامنٽن ۽ ميچن ۾ مڃائي چڪ آهن. الهڏنو قمبراڻي بدين واري کي ”مير سنڌ وانجهي“ چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. حڪومت سنڌ جي ثقافتي کاتي هن جي راند جي اعلى مهارت کي اڳيان رکي، هن لاءِ ماهوار الائونس پڻ مقرر ڪيو آهي.

الهڏني قمبراڻي کان علاوه بدين ضلعي ۾ نوجوان ۽ ننڍڙا اڀرندڙ رانديگر تمام گهڻا موجود آهن، جيڪي بدين ضلعي جو ونجهوٽي راند ۾ منهن مٿي رکيو اچن، انهن ۾ هيٺ ڄاڻايل رانديگرن جا نالا قابل ذڪر آهن:

محمد صالح ملاح بدين، آچار جوڻيجو ڀاڻون، عرس سومرو پاٽار، سڪڻو سومرو پاٽار، محمد علي ملاح بدين، محمد عرس ملاح بدين، محمد ابراهيم ملاح بدين، اميد علي لاشاري بدين، شاهنواز جوڻيجو نندو شهر، علي محمد ملاح ولامو، محمد علي ڪنڀار لواري شريف، هاشم شيدي لواري شريف، نور محمد درس سعيد پور، گل محمد خاصخيلي راڄو خاناڻي، يوسف ملاح ابڙي ٽنڊوباگو الهڏنو رستماڻي کڏهرو ۽ محمد آچار ملاح، لام شاهه.

اٽي ڏڪر راند: سنڌ ۾ دراڙن جي دور کان به اڳي جي زماني کان کيڏي ويندي هئي. بدين ضلعي ۾ اها تمام آڳاٽي وقت کان هلندي اچي ٿي، جنهن جي ثابتي مڱرين جي دڙي (تعلقي گولاڙچي) مان عاج جي لڌل اٽي آهي، جيڪا سنڌ پراونشنل ميوزم حيدرآباد ۾ محفوظ آهي. جيئن ته مغربي ماڻهن، هميشہ اسان مشرق جي ماڻهن جي سٺين ڳالهين جو نقل ڪري پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جو جز بنائي ڇڏيو آهي پر انهي جي برعڪس اسين مشرق جا ماڻهو ”پنهنجي گهر جي پير کي چلهه جي مارنگ“ مثل سمجهندي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي ڇڏي مغربي تهذيب ۽ تمدن کي انڌن وانگر چهٽندا ٿا وڃون.

ڪرڪيٽ راند جيڪا اڄڪلهه مغرب جي مقبول ترين راند آهي ۽ اسان جي ڪاليجن، اسڪولن ۽ شهرن ۾ عام کيڏي پئي وڃي سا اصل اٽي ڏڪر جو نقل آهي، ڪرڪيٽ راند جي اسان جي ملڪ ۾ حوصلي افزائي ڪري هاڻي اٽي ڏڪر راند جو گهڻو شوق ۽ چاهه ماڻهن ۾ نه رهيو آهي. تاهم ٻهراڙين ۾ ڌنار مال چاريندي ۽ ڳوٺاڻا واندڪائي جي وقت اٽي ڏڪر راند ڪندا نظر ايندا آهن، هن وقت به اسان جي بدين ض:عي جي حدن اندر اٽي ڏڪر جون سٺيون ٽوليون موجود آهن، هيٺ ڄاڻايل ٽوليون پنهنجو مٽ پاڻ آهن:

محمد اسلم ترڪ بدين، محمد عثمان ڪنڀار ۽ ساٿي بدين، حاجي احمد جوڻيجو ۽ ساٿي سعيدپور، شرف الدين ۽ ساٿي لواري شريف، مير خان جمالي ۽ ساٿي لڳ بدين، ممتاز علي سميجو ترائي، علي بخش رستماڻي کڏهرو ۽ ڪنڊو چانڊيو ٽنڊو باگو.

ڏڙهو راند: جيئن ته آڳاٽي دور ۾ واندڪائي جو وقت ماڻهن کي گهڻو هو، ڪوٽڙي براج جي نه هجڻ جي ڪري، اسان جي موجوده بدين ضلعي ۾ ڇهه ماهي پاڻي هوندو هو (سواءِ ٽنڊوباگو ۽ ماتلي تعلقن جي ڪجهه حصن جي). هتي هڪڙو فصل چيٽ چو ٿيندو هو، باقي وقت هتي جا رهواسي ويهي گذاريندا هئا ۽ پنهنجي واندڪائي جو وقت رانديون رونديون ڪري پنهنجي دل کي وندرائيندا هئا. ٻين وانگر ڏڙهو راند به هتي جي لوڪ پسند راندين مان هڪ هئي. ڏڙهي راند جا باقاعدي مقابلا ٿيندا رهندا هئا. ڏڙهو راند هتي جي اهڙي ته لوڪ پسند راند هئي جو هتي جي شاعرن به پنهنجي شعرن ۾ ڏڙهي کي ڳايو آهي. آئون هتي رڳو موقعي ۽ مناسبت سان هڪ بيت شيخ الهبچايو قرهي پوٽي جو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان:

مار ڏڙهي جي مار، ڪڍ ڏڙهي کي ڏول مان،

ڏي ڏڙهو مون هٿ ۾، پوءِ ويري کي چئو وار،

مون ڏي ڪيم نهار، ڏس ڏڙهي کي ڏول ۾.

ڏڙهي راند کي  مغربي راندين فوٽ بال ۽ والي بال ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي ۽ هن موجوده وقت ۾ ڏڙهي راند اسان جي هن ايراضي ۾ تمام گهٽ کيڏي ٿي وڃي. انهي جي جاءِ ئي فوٽ بال ۽ والي بال اسان جي هن بدين ضلعي ۾ ٻين راندين جي بنسبت تمام گهڻو کيڏيون ٿيون وڃن.

چوپڻ راند (ڍارو راند): چوپڻ راند آڳاٽي وقت ماڻهن جي عام وندر هئي. اڳي واندڪائي جو وقت تمام گهڻو هوندو هو، عام ماڻهو اوطاقن تي سڄو ڏينهن ۽ رات راند ڪندا رهندا هئا.

اسان جي نوجوان نسل کي انهي راند جو شوق ڪونهي، چوپڻ راند جي جاءِ ولائتي راندين ڪيرم بورڊ وغيره جهڙن اچي ولاري آهي، جنهن کي اسان جا نوجوان گهڻي چاهه ۽ شوق سان ڪلبن، ڪاليجن ۽ گهرن ۾ ڪندا نظر ايندا آهن. اسان جي بدين ضلعي ۾ چوپڻ راند گهڻو ڪري بلڪل بند ٿي وئي آهي، جيڪي وڏڙا انهي راند جا شوقين اسان وٽ هئا سي به اسان کان موڪلائي ويا آهن، انهي ڪري انهي راند سان واهپو هاڻ نه رهيو آهي، باقي جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ وڏڙو انهي راند جو شوقين آهي به ته به هن چوپڻ ۽ ڍارو ويڙهي رکي ڇڏيا آهن.

شطرنج (چٿرنگ) راند: شطرنج راند ايتري آڳاٽي آهي، جيتري اسان جي سنڌي تهذيب. سنڌ جي شهر برهمڻ آباد مان شطرنج جو سمورو سامان مليو آهي ۽ موئن جي دڙي مان به مهرا لڌا آهن. آڳاٽي وقت ۾ شطرنج راند تمام گهڻي کيڏي ويندي هئي. اميرن، وزيرن، نوازين ۽ جاگيردارن جي وندر جو وسيلو هئي. شطرنج جي مهرن ۽ مخصوص چالن تي غور ڪرڻ سان هڪڙو عظيم الشان مقصد حاصل ٿئي ٿو، يعني ته دشمن جي حملن کان محفوظ رهڻ ۽ آفتن کان جان بچائڻ جون تدبيرون معلوم ڪرڻ. شطرنج راند مان فڪر ۽ عقل سليم جي نتيجي جي به ڄاڻ پوي ٿي.

وقت جي رفتار ۽ روزگار جي مصروفيت جي ڪري شطرنج راند جو شُق تمام گهڻو گهٽ ٿي ويو آهي. اسان جي بدين ضلعي جي اندر انهي راند جو پهرين جهڙو چاهه ۽ شوق نه رهيو آهي تاهم انهي راند جا چاهيندڙ چڱي انداز ۾ اسان جي ضلعي جي حدن اندر موجود آهن، جيڪي هن راند کي زندهه رکيو اچن. تازو ثقافتي ميلي جي تيارين جي سلسلي ۾ تعلقي سطح تي انهي راند جا مقابلا ٿي گذريا آهن، جن ۾ چاليهارو کن شطرنج جي رانديگرن حصو ورتو ۽ هيٺ ڄاڻايل رانديگر نمبرن ۾ آيا:

محمد يعقوب ٽالپر، حاجن ڀٽو، عبدالرحمان ”نقاش“، عبدالسلام ميمڻ، مير محبوب علي، علي نواز رستماڻي، سائين بخش، غلام مصطفى، حاجي محمد، غلام الله، نٿومل، ارشاد علي ۽ ذوالفقار علي کتري.

گهوڙن جي گوءِ: گهوڙا پالڻ ۽ گهوڙيسواري اسان سنڌين جو جهونو مشغلو رهندو آيو آهي، جيئن ته اڳين وقت ۾ سواري جي لاءِ موٽر جهڙي تيز سواري ڪو نه هئي، انهي ڪري گهوڙا پالڻ اسان سنڌين جو شيوو ٿي ويو هو، جيئن سواري جو ڪم وٺي سگهون. عيدن، برادن ۽ ٻين جشنن ۽ جلسن، ميلن، ملاکڙن يا ڏهاڙن تي گهوڙيسواري جا ڪارناما ڏيکاريا ويندا هئا. انهن ۾ هڪ ٻئي کان سبقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ هڪٻئي سان شرطون پڄايون وينديون هيون، پر جيئن ته اڄ موٽر ۽ ريل جهڙي تيز رفتار سواري موجود هجڻ جي ڪري گهوڙن جي اهيمت عموماً گهٽجي وئي آهي، تڏهن به ٻهراڙين واري زندگي ۾ جتي اڃا تيز سواري جي ڪمي آهي، گهوڙن جي اهميت برقرار آهي. اڄ به اسان جي بدين ضلعي جي حدن ۾ عمدا ۽ ڀلا گهوڙا موجود آهن ۽ انهن جي ڊوڙ جون شرطون ٿينديون رهن ٿيون.

انگريزن اوائلي دور ۾ گهوڙن جا ميلا پهرين، پهرين جيڪب آباد، سکر ۽ تلهار ۾ منعقد ڪرايا، پر پوءِ ڪجهه عرصي کان بعد سکر ۽ تلهار وارا ميلا بند ڪيا ويا، انهن شهرن مان تلهار شهر اسان جي بدين ضلعي ۾ واضع آهي. هن وقت به ڪڍڻ، نندو شهر ۽ دنبالو ۾ هر جمعي ۽ سومر تي گهوڙن جي چٽا ڀيٽي جا مقابلا ٿيندا آهن، اسان جي ضلعي ۾ ٿيندڙ ميلن ۾ به گهوڙن جا ملاکڙا ٿيندا رهندا آهن،جتي گهوڙيسوار، گهوڙا هلائي عوام کان داد تحسين حاصل ڪندا آهن. هن وقت به اسان جي بدين ض:عي جي حدن اندر عمدي ۽ ڀلي قسم جا گهوڙا م وجود آهن، اڳين وقت ۾ جيڪي بدين ضلعي ۾ گهوڙيسوار ۽ شائقين ٿي گذريا آهن، انهن ۾ پير ڀاون علي شاهه جيلاني، پير علي قطب شاهه جيلاني، خانبهادر سيد علي بخش شاهه، پير ڀلن شاهه جيلاني، محمد اشرف ٿيٻو، حاجي مير محمد ٿيٻو، حاجي عبدالله ٿيٻو، پير عالي شاهه جيلاني، مخدوم محمد حسن، مخدوم حاجي حسين پنهنجي وقت جا سٺا گهوڙيسوار ۽ شائقين هئا.

موجوده وقت ۾ انهي شوق ۾ ڪا خاص ڪمي ڪانه ٿي آهي، اسان جي بدين ضلعي جي حدن اندر ڀلا گهوڙا ۽ گهوڙيسوار ۽ شائقين موجود آهن، جن ما:

رئيس ڪريم بخش خان جمالي لڳ بدين،رئيس غلام حسين خان دلواڻي ڏيئي، رئيس گل حسن جمالي ڏيئي، الهجڙيو ملاح نندو شهر، فتح محمد جوڻيجو ڀاڻون، محمد مٺن جوڻيجو ڀاڻون، شفيع محمد جوڻيجو سيراڻي، ماستر عبدالرزاق بڙدي هڏاڇڻ، رئيس سانوڻ خان رستماڻي ٽنڊو باگو، علي محمد سميجو ترائي، محمد بچل جوڻيجو ترائي، حسين سميجو ترائي، رئيس مير محمد نوحاڻي ترائي، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ماتلي، چوڌري عطا محمد ٽنڊو غلام علي، وڏيرو خالقڏنو سهتو ماتلي، رئيس چاڪر خان ڪلوئي ٽنڊو غلام علي، سيد امير شاهه لڳ گولاڙچي، وڏل خان کٽياڻ ڏيئي، وڏيرو بشير احمد هاليپوٽو ماتلي، وڏيرو محمد صالح هاليپوٽو ماتلي، ميون حاجن پنگريو، ارباب محمد هاشم ابڙو لڳ بدين ۽ محمد لوهار پنگريو.

مٿي ذڪر ڪيل راندين کان علاوه به بدين ضلعي جي اندر مڙيئي سنڌي رانديون کيڏيون وڃن ٿيون، جن ۾ ڪٻڊي راند، پڃري کڻڻ، ڍڳن جي گوءِ، اُٺن جي گوءِ، نوکڻي رانديون تمام گهڻو مقبول - عام رانديون آهن. انهن کان علاوه اسان جا ٻهراڙين جا ننڍڙا نونهال رانديگر مخصوص رانديون جهڙوڪ ڦرڦر سونٽو، ڪنگر ڪلوٽو، لڪلڪوٽي، کير کيروٽي، اٽي ڏڪر، لاٽون ۽ ونجهوٽي وغيره ڪري پنهنجي دل بهلائيندا رهندا آهن.

بدين ضلعي جي اهميت

بدين تاريخي اهميت وارو شهر آهي، اُن کي پنهنجي ثقافت، پنهنجو ادب، پنهنجو واپار، پنهنجو هنر، پنهنجو مقام ۽ پنهنجو نانءُ آهي. بدين سرحدي ضلعو آهي، بدين ضلعو حيدرآباد سان ريلوي رستي ۽ ڪراچي سان شاهي رستي ذريعي ڳنڍيل آهي، جيڪب آباد کانپوءِ بدين ضلعو ئي سنڌ جو خوش نصيب ضلعو سڏبو، جتي جا باشندا پنهنجي تاريخي عظمت ۽ قديم ادب ۽ ثقافت کي سهيڙي، يڪجاءِ ڪري منظر عام تي  آڻيندا.

-   در محمد ”ڪمال“

ڀلارو بدين

وسندو رهين شال بديڻا ڀلارا،

او، منهنجا وطن، منهنجي جيءَ جا جيارا.

- محمد بچل برق

بدين جي قديم آبپاشي ناظم

بدين ضلعي ۾ قديم زماني ۾ پراڻ، ساڱرو، ريڻ، ڳٺو، پٽيهل ۽ گونگڙو موج سان وهيا ۽ انهي ضلعي جي قديم سرزمين کي اوج ۽ اقبال بخشيو، پراڻ جي ڪنارن تي جيڪي قديم شهر آباد هئا، اهي ٿارٻنگار، ڪانجي ڪوٽ وڳہ ڪوٽ وسارڻ جهڙا نه آهن. ساڱري تي: اگهاماڻو، ٺري ۽ ولاسي جا قديم شهر آباد هئا. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ ساڱرو سڪو پئي اُن وقت شاهه عنايت رضوي کيس دعا دڏيندي چيو هو ته:

”شال مَ سڪين ساڱرا، برڪت محمد مير.“

يا

ساڱرا تنهنجي سر، وهي ولاسي سامهون.

بدين ضلعي جي قديم دريائن جي وهڪرن مان ريڻ جو وهڪرو به وساري نٿا سگهون، ريڻ جي ڪناري يت فتح باغ، جوڻ، تلهار، بدين، مالهيا، سيراڻي، ٿري، روپا ماڙي، راوڙ (وانر) نالي قديم ڦٽل شهرن جا آثار موجود آهن. ڳٺي ڍوري تي: رپ، شير خان چانگ، سامي، تاجن ڪوٽ، توت جو دڙو ۽ شيخ نورئي ۽ سهڻي جي دڙي جا آثار موجود آهن. پٽيهل جنهن جي ڪنگهار ڇاڙ ڳٺي ۾ داخل ٿيندي هئي، اُهو پنهنجي ڪنارن تي اڳڙي، آسيلي ۽ احمد راڄي جا آثار بطور سمر رکي ٿو. گونگڙي تي رڙيءَ جهڙا آثار موجود آهن.

”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“ ۾ بدين ضلعي جي قديم آب پاشي تي سٺي روشني وڌي وئي آهي. هن باب ۾ پراڻ متعلق نور محمد رسمي مقالو پڙهيو هو، اُهو ڏيئي رهيو آهيان.

(محمد سومار شيخ).

نور محمد ”نور“ سمون

پراڻ جي پچار

بدين ضلعي ۾ هڪ قديم ڍورو پراڻ نالي آهي، جو بدين ضلعي ۾ جهڏي وٽان اچي داخل ٿئي ٿو ۽ ڏکڻ اوڀر کان 75- 80 ميل وهي وڳهه ڪوٽ لڳ عربي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو. هي ڍورو تمام پراڻو آهي. پراڻ لفظ به ”پراڻي“ مان نڪتل ٿو معلوم ٿئي. يعني ’قديم‘ انهي ڍوري سان جيڪو هڪ ننڍي درياءَ جي حيثيت رکندو هو، هڪ طويل تواريخ وابسط آهي. ان ڍوري مختلف ادوار ۾ مختلف قبيلا ۽ قومون راڄ واڙا سرداريون ۽ سلطنتون ڏٺيون. هن ڍوري جي ماکي مثل پاڻي مان مختلر رنگ ۽ نسل  - عادات و اطوار جداگانه گهذيب جي ماڻهن سرشاري حاصل ڪئي:

هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

بهه مچي ۽ لوڙهه، سمي وهندي سوکڙي.

پراڻ هاڪڙي درياءَ جي وڏي شاخ هئي. ائين کڻي چئجي ته اها هاڪڙي جي پڇڙي هئي ته به بيجا نه ٿيندو. اڄ به جڏهن باراني موسم ۾ پراڻ وهي ٿي هلي، ته سندس دهشت ڏسي سندس عظمت جو اعتراف ڪرڻ تي انسان مجبور ٿي پوي ٿو. پراڻ جي اندر گهڻن هنڌن تي ننڍيون وڏيون ڪيٽيون اڄ تائين موجود آهن، جن مان ميرن واري ڪيٽي، جنهن ۾ قبا، مسجد ۽ پراڻي وائي اڄ تائين پراڻ جي ٻيٽ ۾ موجود آهن، جنهن جي بناوت مان قديم تهذيب جي جهلڪ نظر اچي ٿي ۽ ڪاٺوڙي واري ڪيٽي قابل ذڪر آهي، تاريخ جي ورقن مان ايسين تائين ثابتي ملي ٿي ته پراڻ جي ساڄي ڪپ تي ونگاهه، سندڙي ۽ علي بدنر سومرن ۽ سمن جي دور حڪومت به رياستن جا وڏا شهر، بندر ۽ تختگاهه هئا. اڃا به پراڻ جي ڪنڌي تي اهڙن شهرن جا اهڃاڻ ملن ٿا، جي ايترا ته قديم آهن، جو انهن جو ذڪر تواريخ ۾ به ڪو نه ٿو ملي. اهڙن شهرن مان هڪ ٿارٻنگار جو شهر به هو جو چئن پنجن فرلانگن تي محيط هو. ٿارٻنگار پنگريو شهر کان اوڀر طرف چئن ميلن جي فاصلي تي آهي. اهو شهر پراڻ جي با واري پتڻ لڳ هو. ٿي سگهي ٿو ته اهو شهر ڪنهن زماني ۾ ڪنهن رياست جو تختگاهه رهيو هجي. ٿارٻنگار جي رعايت سان اڄ به اها ديهه ٻنگار جي نالي سان سڏي وڃي ٿي، جنهن ۾ ٿارٻنگار جو شهر آباد هو. ثار ٻنگار جي زرخيز زمين کي تازو ايت جي رهواسين کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش وقت گهڻي حد تائين فرش نظر آيو آهي. سرون چورس ۽ وڏيون آهن، سانوڻي جي موسم ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي اتان سون ۽ چاندي به هٿ آيو آهي ۽ وسيع علائقي ۾ ٺڪراٺ به نظر اچي ٿو.

1- اوج واير زماني ۾ پراڻ تي ڪافي پتڻ هئا، جتي ٻيڙا پڳهه هڻي مال لاهي گدام بنائي ڇڏيندا هئا. جهڙوڪ گدام پتڻ. جو جهڏي شهر جي نزديڪ جهڏو اسٽيشن جي هن ڀر ۾ هو. اصل شهر گدام جي نالي تي هو، پوءِ اسٽيشن جي هن ڀر جهڏو شهر ٺهيو. اڄ به جهڏي شهر کي ”جهڏو گدام“ ڪري چوندا آهن. ڪن روايتن موجب جهڏي لڳ ٻالائي يا ٻرڙائي جو ڪوٽ هو، جنهن ۾ مهراڻي رهدني هئي، جنهن سان لاکي ڦلاڻي، راءِ کنگهار جي ڀائٽي شادي ڪئي هئي.

2-  پروڙ وارو پتڻ جو محراب پور شهر جي نزديڪ آهي.

3-  ڪنير وارو پتڻ.

4- ڀٽاري وارو پتڻ جتي جهوني زماني جو هڪ وڏو مقام ابراهيم شاهه نالي آهي، جنهن تي هر سال هڪ ننڍڙو ميلو ۽ ڏهاڙو ٿيندو آهي.

5-  داين وارو پتڻ جتي ڪنهن زماني ۾ داين جي قوم جو وڏو راڄواڙو هو.

6-  ڪاٺوڙي جو پتڻ.

7-     باغ جو پتڻ: جتي اڄ تائين احمداڻي قوم جو ڳوٺ آهي.

8-     هالن جو پتڻ: جتي اڄ تائين هالا قوم جا ماڻهو رهن ٿا.

9-  ڊوڍاري وارو پتڻ: جتي هر سال ولي محمد شاهه مست تي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي.

10-                      سهاڙي وارو پتڻ.

11-ونگي جو پتڻ: جنهن کي سمي خاندان جي ڄام ونگي ڪنهن وقت هڪ وڏو شهر جي نقشي تي جوڙايوهو.

12-                      ڄاروارو پتڻ.

13-                      ڪلري يا ڪاٺري جو پتڻ.

14-                      ولهاري جو پتڻ جتي نوتيار قوم جا ماڻهو رهندڙ آهن.

15-        ٻيلي وارو پتڻ: هتي گهاٽو جهنگ آهي ۽ پري پري تائين پکڙيل آهي. هن جي نزديڪ پير پٺائي جو جهونو مقام آهي. ان جو قبو اڄ تائين موجود آهي. ٿورو اڳتي عجيج فقير جو وڏو مقام آهي، جنهن تي ڏهاڙو به لڳندو آهي. معلوم ٿيو آهي ته عجيج فقير نهڙيا قوم مان هو. ويجهڙائي ۾ نڀياهوءَ جي قبي آهي، تي به پراڻو قبرستان نظر اچي ٿو. عجيج فقير کان اولهه طرف ڳاڙهو دڙو هڪ وڏو مقام آهي، جتي وڏا دڙا ۽ سرن جا ڍير نظر اچن ٿا.

16-        شڪور وارو پتڻ: انهي پتڻ کانپوءِ جتن وارو مامرو اچي ٿو. روايت آهي ته جت قوم جو پاڻ ۾ جهڙو ٿي پيو هو، جنهن ۾ بي انداز ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا، جنهن ڪري مٿس نالو ئي پيو آهي ”جتن وارو مارو.“

ثقافت سبزرنگي

هيءَ ثقافت سبزرنگي ڪيئن سمايا سر بدين،

اڄ ضلعو ٿيو ظاهر پر، دور روشن در بدين،

ڪئين عجب آفيسريون داتا ڪيو ديور بدين،

ڪولهي ڏيو لاڏلو، هوشيار ڪو هم سر بدين.

-   غلام النبي عباسي

بدين ضلعي جا هنرمند

بدين ضلعي ۾ سنڌ جو ثقافتي ورثو سنڀاليندڙ سڀ هنرمند رهن ٿا. اُهي هنرمند نه رڳو ايامن کان هلندڙ هنرن کي هلائيندا پيا اچن پر انهن هنرن سان وابسته مخصوص لفظ به سانڍيندا پيا اچن. بدين ضلعي جي لوهارن جي ته مخصوص ٻولي آهي، جيڪا رڳو اُهي ئي سمجهي سگهندا آهن. بدين ضلعي جا لوهار، واڍا، ڪنڀار، فراسيون ٺاهيندڙ، ڪوري، موچي، سونارا ۽ تڏا توريون ٺاهيندڙ جڳ مشهور آهن. عبداللطيف ”ڪيسر“ بدينوي اورنگزيب عالمگير لاءِ موجوده بدين ضلعي جي ڏير مان ٺهيل مصلو سالبسال دهليءَ کڻيو ويندو هو. گولاڙچي ضلعي جون فراسيون نه رڳو وطن عزيز ۾ پر ٻاهرين ملڪن ۾ به سنڌ جي هنر جي ساک قائم رکيو اچن. هن ضلعي جون تڏيون، توريون ۽ ڀرت پنهنجو مثال پاڻ آهي. بدين ضلعي جي ثقافتي ميلي ۾ هنرمندن پنهنجا عملي دڪان کوليا هئا، عملي طرح سان ڪم ڪري ڏيکاريو هو ۽ پنهنجون چيزون وڪيون به هيون. بدين ضلعي جي هنرمندن جي عملي مظاهري کي لوڪ واکاڻيو هو. ادبي سيمينار ۾ هنرن متعلق ٻه مضمون پڙهيا ويا هئا، اُهي خود هنرمندن جا لکيل هئا. خان محمد مهيري ”فراسي“ متعلق ۽ الهه بچائي ڪنڀار صاحب ”بدين ضلعي جا ڪنڀار“ نالي مضمون پڙهي داد حاصل ڪيو هو.                                   (س ش)

الله بچايو ”عاجز“ ڪنڀار

بدين ضلعي جا ڪنڀار ۽ انهن جو فن

ڪنڀار ذات ايتري ته قديم ۽ آڳاٽي آهي جيتري، انسان ذات جي تاريخ، هر وقت هر دور دوران انسان ذات ڪنڀار جي ٺاهيل ٺڪرن جي ڪم آڻڻ سان رهي سگهيو آهي. ان جو ثبوت اڄ به ”موهن جي دڙي“ مان کوٽي لڌل مٽيءَ مان ٺهيل مورتين، ٿانون وغيره جي اهڃاڻن مان مليو آهي، انهي مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنڀار جو فن قديم کان قديم آهي. ڪنڀار قوم پنهنجي فن جي ڪري پوري دنيا تي ڦهليل آهي ۽ هر قوم پنهنجي فن جي ڪري پوري دنيا تي ڦهليل آهي ۽ هر قوم پنهنجي تهذيبي، تمدني تعليم جي معلومات لاءِ جڏهن دفن ٿيل دڙن جي کوٽائي ڪئي ته ڪنڀار قوم جا انيڪ اهڃاڻ هٿ لڳن ٿا، تن ۾ يونان جي تهذيب، بابل جي تهذيب، مصر جي تهذيب ۽ سنڌو ماٿري جي تهذيب قابل ذڪر آهن.

بدين ضلعو به هڪ سنڌو ماٿري جي تهذيب جو اهم ۽ مکيه حصو رهيو آهي، جيڪو پوري لاڙ سنڌ جي دل چئجي ته به وڌاءُ ڪونهي ۽ جيترا به اسان جي ضلعي بدين ۾ پراڻن دڙن جا آٿار نمودار نظر اچن پيا سي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ ڪيئن ڀيرا وڌيڪ ڀائنجن ٿا.

اهي دڙا جن جي مٿاڇري يا اونهائي مان جيڪي ڪجهه ٺڪر: پوءِ ٽٽل يا سالم ملاي آهن، تن مان اسان جي تاريخ، تمدن ۽ تهذيب جو پتو پوي ٿو، انهن ٽڪر جي ٽڪرن ۽ ٿانون تي جيڪا نقش نگاري ۽ چٽسالي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا بلڪل سلامت آهي ۽ اها مٽي جنهن مان جوڙيل ٿانو اڄ سوڌا به مضبوط آهن. اهي ٿانوَ جيڪي اسانکي مختلف دڙن مان مليا سي بدين ۾ ڪو عجائب نه هجڻ ڪري سنڌ عجائب گهر حيدرآباد ۾ رکيا ويا آهن.

لڌل ٺڪرن تي جيڪا چٽسالي ٿيل آهي سا مصورن کي به منجهايو وجهي. ڪاشيءَ جي ڪم جا به ڪيئن نادر نمونا اسان جي دڙن مان نمودار ٿيا، تن مان محسوس ڪجي ٿو ته اسان قديمي تاريخ ۾ ڪاشي جهڙو انمول فن به شامل رهيو آهي. ڪاشئي جنهن جي پاٽين، ڪونڊن ۽ مسجدن نيلن لاءِ استعمال ٿيندڙ پيالا سلامت يا ڀڳل حالتن ۾ اسان جي دڙن مان مليا آهن، انهن تي ٿيل گلڪاري ڏسڻ وٽان آهي. افسوس جو اڄ اسان وٽ ڪو ڪاشيءَ جي ڪم جو ڪو معياري مرڪز نه آهي. تنهن جي سبب اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته هتي هن فن جي ايتري همت افزائي نه ٿي آهي. تنهن هوندي به تلهار ۾ استو احمد ڪنڀار سٺو ڪاشيءَ جو ڪم ڄاڻندو آهي. ڪاشيءَ کانسواءِ اسان جي ضلعي ۾ جيڪي ٿانوَ خاص طور طريقن ۽ ڊولاتن نمونن سان ٺاهيا ويندا آهن، انهن ۾ چاڪريون، دليون ۽ ماٽيون ٺاهيندڙ ڪاريگر ڪاشي جو مقابلو ڪرايو ڇڏين، جيڪي وري ڪن جي خاص چوڻ تي يا خاص وڪري، لاءِ ٺاهين. چاڪرين دلين ۾ ضلعي بدين ۾ ماتلي مشهور آهي.

ٺڪر جي ٿانَن تي وري نقش نگاري، چٽ گل ۽ ٿانوَ جا مختلف نمونا خاص ڪاريگري سان بنائڻ ۾ ابراهيم ڪنڀار ڪڍڻ وارو مشهور آهي. تنهن کانسواءِ جنڊيون، جن سان ساريون ڏريون وينديون آهن. اهي گول وچ ۾ اڌ فوٽ يا گولائي مطابق خال هوندو آهي. هيٺان سل نڪتل کهرا اڀريل سوراخ هوندا آهن، جيڪي سارين جون کليون لاهي چانور ڪن. جنڊيون وري اسان وٽ مزار چانگ جو ڳوٺ لڳ بدين جون مشهور آهن ۽ ماٽين ٺاهڻ ۾ اسماعيل ڪنڀار کور واهه وارو به ڪاريگر آهن، تنهن کانسواءِ اڄ به اسان وٽ جيڪي وڙ ٺاهيا وڃن ٿا، تن ۾ مٽ، ماٽي، دلا، ناديون، ڍڪ، پارا، لوٽا، جنڊيون، چلم، حقا، ٽوپيون، تندور وغيره شامل آهن.

جنهن کي چڪ جو ڪم چون. سو مردن ڪن چڪ جيڪو هڪ وڏو گول چڪرو مٽي يا پٿر جو ٺهيل هوندو آهي.

زالون وري ڪاربن تي ڪم ڪن ان کي هٿ جو ڪم ڪري ڪوٺين. ڪارب جيڪو هڪ گول مٽي جو پڪو ٿيندو آهي، جيڪو وچ ۾ ٿلهو هوندو آهي، جنهن تي دانگهيون، پاٺيون، تباک، ڪونڊيون، ڪنا، ڍڪڻ ۽ تنهن کانسواءِ تندور، ناديون، وڏيون ڪونڍيون، دم وغيره پٽ تي ٺاهين. ٻارڙن لاءِ وري عجيب غريب رانديڪا به عورتون ٺاهينديون آهن، جن ۾ گهوڙا، گاڏيون، ٻيڙيون، اٺ، هاٿي شامل آهن. هاٿي وري هوبهو سچو پچو. باقائدي سونڊ اهڙي طريقي سائنسي اصول مطابق بنائڻ جو پاڻي سان ڀريل پاٽ ۾ رک ته هوا جي داٻ ڪري سونڊ مان پاڻي پيءَ ۽ هيٺان خارج ڪندو آهي.

ڪنڀار اڪثر ميلن ملاکڙن ۾ سٺو ڪمائين ۽ اڄ به هو ٿانوَ عام بنائي وڪرو ڪري رهيا آهن.

اسان وٽ شادين مرادين، پرڻن مرڻن مطلب ته هر ڪنهن رسم جي ٻنڌن ۾ ڪنڀار جو قدر ڪيو ويندو آهي ۽ ڪنڀار جي ڪم جي ضرورت محسوس ڪبي آهي.

ٿانون جي ٺهرائڻ لاءِ اڳواٽ اطلاع ڏبو آهي ۽ موقعي تي ڪنڀار استعمال ٿيندڙ ڪم مهيا ڪندو آهي، جنهن ۾ کير – پاڻي رکڻ لاءِ دلا، مٽ ۽ ناديون، ديڳين لاءِ دم، پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪاڍا، وضو ڪرڻ لاءِ ڪرا، هٿ ڌوئارڻ لاءِ چليمچيون پاڻي پيئڻ لاءِ ڇلون ۽ ڀت کائڻ لاءِ ڦيليون هوندو آهن، جنهن جي ڪنڀار کي ان، گوشت، روڪ پئسو معاوضو ملندو آهي.

ٿانوَ پوءِ چاهي چڪ جا هجن يا هٿ جا محنت جي هڪجهڙي مشڪل مرحلن مان لنگهڻو وپندو آهي.

مرد مٽي ٺهيل آلن ٿانون کي ٽپڙين سان ٺيڪ ڪن ته عورتون وري انهن کي ڪنيرين سان ڪٽين، ڪنيري سخت پٿر جي ٺهيل هوندي آهي.

ٿانو سڪڻ بعد چٽ ڪڍڻ لاءِ عورتن وٽ اچن. عورتون ٿانون تي جيڪا چٽسالي ڪن اها ڏسيو دنگ رهجو وڃجي. ٿانون تي چٽ ڪرڻ کان اڳ ڪوري ٿانو کي پوچي ڪن، ان لاءِ هڪ جابلو نرم پٿر هوندو آهي، جنهن کي ميٽوڙي چئجي ٿو، جنهن بعد ڪاري رنگ لاءِ به هڪ پٿر استعمال ڪن ۽ اڇي رنگ لاءِ هڪ خاص قسم جي سفيد (مٽي) يا سيڙي استعمال ۾ آڻين. ٿانون تي گلڪاري ڪرڻ کان پوءِ ڪنڀار انهن کي پچائڻ لاءِ هڪ وڏي آڙاهه جو انتظام ڪندو آهي، جنهن ۾ ڄم وغيره وجهي پوءِ ڪچا ٺڪر سڌائي سان شيخون هڻي هيٺان مٿان پاسن کان چڱي ريت بند ڪري پوءِ نهائين جي اڳ وٽان ڇڏيل در کي دکائيندو آهي، جتان باهه پوءِ سڄي آوي تائين هوا جي زور تي پهچي ويندي آهي، پوءِ ٽي ڏهاڙا جلڻ بعد کولي ويندي آهي، جڏهن ته ٻرندڙ آوي دوران ڪنڀار اهو ڌيان ڪندو آهي ته ڪٿان مٿان پاسن کان ڪي سوراخ وغيره هجن ته هو اهو يڪدم بند ڪري ڇڏيندو آهي، جيئن باهه جو ڄيرو ٻاهر نه نڪري نه ته نهائين خراب ٿي پوندي.

ڀٽائي گهوٽ وري انسان ذات کي پنهنجي بتن ۾ سهڻو سبق سيکاريو آهي ۽ فرمايو آهي ته:

نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين،

سڙي سارو ڏينهن، ٻاڦ نه نڪري.

نهائين کولڻ وقت ڪڏهن اتفاقيه آوي سڄي ڪچي يا پڪي يا اڌ ڪچي اڌ پڪل يا ٽٽل لهندي آهي، پر ڪڏهن به ڪنڀار دل شڪن نه ٿيندو آهي، مايوس تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن پنهنجي پوري محنت ۽ جفاڪشي بعد ٿانو پچائي راس ڪري مارڪيٽ ۾ آڻيندو آهي ۽ کيس مناسب معاوضو نه ملندو آهي. همت افزائي نه هجڻ ڪري هن جي دل ڀڄي پوندي آهي، جنهن ڪري هن دور ۾ ڪيترا ڪاريگر پنهنجو اباڻو فن ڇڏي ٻيا ڌنڌا وڃي اختيار ڪري رهيا آهن.

ڪنڀار جي فن جا ضلعي بدين ۾ جيڪي مشهور ڪاريگر ٿي گذريا آهن تن ۾ (1) مرحوم جمن ڪنڀار بدين (2) استو الهورايو لواير شريف، (3) استو احمد ڪنڀار ڪڍڻ، (4) اوستو اوبايو نندو شهر، (5) اوستو ساوڻ کمون بخشو دبرو، (6) اوستو احمد تلهار (7) عثمان ڪنڀار اڪڙي لڳ گولاڙچي، (8) اوستو صادق ڪڍڻ، (9) اوستو عثمان سيراڻي (10) اوستو صديق ٻهڊمي، (11) مرحوم سلو آدم، (12) اوستو ترائي، (13) مرحوم حامي دستيون لڳ ڪڍڻ (14) مرحوم اوستو عبدالله گولاڙچي، (15) اوستو سلو جياٺ لڳ تلهار ۽ (16) اوستو قاسم ماتلي، انهن کانسواءِ ڪنڀار قوم ۾ ڪي بزرگ هستيون پڻ پيدا ٿيون آهن، جن ۾ احمد راڄو لڳ گولاڙچي ڀرسان ڪنڀارڻ مائي جي قبر آهي، جيڪا پنهنجي دور جي شاهه ڪاريگر هئي ۽ ڪڍڻ کان ڏکڻ علي بدنر کان 10- 15 ميلن جي پنڌ تي وري ڏاڏي ارعوند جو مقبرو ڀٽ تي قائم آهي، جيت سندس چڪ پٺ اڃا تائين پيا آهن، پاڻ وڏو درويش ۽ شهنشاهه ڪاريگر ٿي گذريو آهي.

اڄ به جيڪي ڪنڀار ڪاريگر پنهنجو موروثي فن زنده رکيو اچن، انهن جا نالا به قابل ذڪر آهن، تن ۾ (1) الله بچايو ڪنڀار بدين، (2) عمر، عثمان، الهڏنو سونهير لڳ بدين، (3) صالح محمد، اسماعيل کور واهه، (4) استو عمر، سلو اڪڙي مجنون ماتلي، (5) حاجي ابراهيم بدين، (6) استو عمر ڀڳڙا ميمڻ، (7) ابراهيم ڪنڀار دستيون، (8) ابراهيم عثمان ڪنڀار ڪڍڻ، (9) حسين نندو شهر، (10) ڪارو ڪنڀار سيراڻي، (11) محمد، عيسو، سومار لواري شريف، (12) ناتو، عمر، احمد ڪنڀار تلهار، (13) اوستو پنهون، مر کان، (14) اوستو علو، لونگ، پوڙهو پنگريو، (15) محمد هاشم ڦلڪارا ۽ (16) ليمون ڪنڀار بدين، ڪنڀار قوم ۾ ڪاريگر اڄ به توهان کي هر هنڌ ملندا ۽ خاص ڪري ض:عي بدين ۾ ڪڙيي گهنور کان ويندي ڪڍڻ تائين جتي ڪٿي نظر ايندا. سندن پنهنجا ڳوٺ ڪي خاص ڪو نه آهن، پر هڪ اڌ آهي ته به اهي پنهنجو اصل ڌنڌو ڇڏي ٻني ٻارا ڪري رهيا آهن. لواري شريف جي لڳ مسي ڪنڀار جو ڳوٺ ضلعي بدين ۾ مشهور آهي.

رشڪ چمن

تون ماکيءَ مصريءَ کان به مٺو،

تون سونهن ۾ سراسر سڀ کان سٺو،

تنهنجو شهر بدين ۽ ڳوٺ بٺو،

تنهنجو ڳوٺ ڳٺو ۽ وي به وٺو،

تنهنجو قرب قريبن ۾ به ڪٺو،

تنهنجي الفت آهي امن امن:

تون ڀونءِ بدين جي رشڪ چمن،

اي منهنجا وطن اي منهنجا وطن،

تنهنجا ڳوٺ ڳوٺ ٻيا شهر وسن.

(منظور علي ’منظور‘).

خان محمد مهيري

فراسي

سنڌ هزارين ورهين کان تهذيب، تمدن ۽ ثقافت ۾ ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته سڄي دنيا ۾ سڀ کان پهرين تهذيب جا ڪرڻا سنڌ تي ئي نمودار ٿيا.

هنر اسان جو ثقافتي ورثو آهن، اسان جي هنرن جي واکاڻ ملڪان ملڪ مشهور آهي. ڪيترا هنر اڄ مشيني دور ۾ به پنهنجي ساک برقرار رکيو اچن. مشيني ترقي انهن جي اڳيان ڪابه رنڊڪ ٿي نه سگهي آهي، ائين ته سنڌ ۾ سوين هنر آهن، جن کي اسان پنهنجا روايتي هنر چئي سگهون ٿا، پر منهنجي اڳيان زيربحث موضُع فراسي آهن.

هن ايٽمي دور ۾ فراسي منزلون ماڻيندي مشڪلاتون سهندي هن جديد دور جو مقابلو ڪندي پنهنجي اصليت کي برقرار رکيو اچي. صدين گذرڻ بعد به رنگين، سٽن ۽ آڏاڻي ۾ ڪابه تبديلي نه آئي آهي. ان جي اڻاوت وغيره اڄ به قديم دور جي پٽاندر ٿي رهي آهي.

فراسي اڄ به هن دور جي ٺهندڙ بهترين غاليچن کي شهه ڏيو بيٺي آهي، فراسي جي اڻڻ لاءِ پهرين ٻارهن فوٽن جي فاصلي تي چار ڪلا کوڙيا ويندا آهن، جن ۾ ٻن ڪلن جي پويان ۽ ٻن ڪلن جي اڳيان ٻه ڪاٺيون رکيون وينديون آهن، جن ڪاٺين کي ايسون چيو ويندو آهي، انهن ايسن ۾ ڪپاهه جي وريل سٽ جي تانڃي ڪڍڻ شروع ڪبي آهي، تانڃي ۾ 60 ۽ 70 پنجا تندون هونديون آهن. ان تندن جي ٻنهي پاسن کان ٻه، ٻه وري ٿلهيون آڱر جهڙيون تندون هونديون آهن، جن کي لٺيون سڏيو ويندو آهي.

تانڃي ڪڍڻ بعد وري ٻه ونجهه جهڙيون ڪاٺيون تانڃي مٿان رکي هڪ ونجهه ۾ هيٺيون تندون، ٻي ونجهه ۾ مٿيون تندون هڪ سنهين ڏوري سان پيوست ڪيون وينديون آهن. انهن ٻنهين ونجهن کي گڙت سڏيو ويندو آهي. ان گڙتن جي اڳيان ٻن فوٽن تي تندن جي وچ ۾ هڪ ونجهه جي ڪاٺي وڌي ويندي آهي، ان کي وري دنو چيو ويندو آهي. تانڃي مٿان وري چئن پيرن واري ڪاٺ جي گهوڙي رکي ويندي آهي. گهوڙيءَ مٿان وري ٻه هڪ پاسي کان ٻه ٻي پاسي کان چار ڪاٺيون ڪرائيءَ جهڙيون رکيون وينديون آهن، جن کي اڳيان ۽ وپيان کپا نڪتل هوندا آهن، انهن ۾ ڌاڳا ٻڌي وري اڳيان منهن گڙتن ۾ پويان منهن وري دنوَ ۾ ڳنڍيا ويندا آهن. انن ڪاٺين کي مڪڙيون چيو ويندو آهي، انهن مڪڙين کي اڳتي، وپئتي ڪرڻ سان تندن جي مٽاسٽا ڪري سگهبي آهي، پيٽي لاءِ وري سٽ جو اڍائي تولن جيترو هٿ تي ڦورو ڪري هلائبو آهي، جنهن کي گوندلي چئبو آهي. مڪڙين کي هيٺ مٿي ڪري هٿ سان تند پائبي آهي.

ان تندن کي يڪجاءَ ڪرڻ لاءِ 6 ڏندن وارو هٿيو استعمال ڪيو ويندو  آهي، جنهن کي پيزگ چيو ويندو آهي.

فراسي کي ويڪر ۽ ماپ ۾ سڌو رکڻ لاءِ هڪ سنهي ڪاٺي جنهن کي ٻنهين پاسن کان چنهنبون هونديون آهن، تن کي وري پاسي وارين لٺين ۾ وڌو ويندو آهي، جنهن کي پارانگش سڏبو آهي. هن جي اڻڻ لاءِ ٻن ڪاريگرن جي ضرورت هوندي آهي. جن مان هر هڪ پنهنجي پاسي کان ساڳي چٽ جو نمونو اڻندو ويندو آهي. اهو ڪاريگر اتي ڇڏيل آهي، ته ڪهڙو به چٽ يا نمونو هلائي.

فراسيءَ ۾ مختلف چٽ رکيا ويندا آهن، جن ۾ گلڪاريرون وغيره هونديون آهن، جن کي هن نالن سان سڃاتو ويندو آهي: عجب، ڪوڍير، ڪولوا، گلمور، ميتڙي، هرڻ، ول، ڪوڪر، ٻنگالو، ڪڪرو، اک، پينگهو، پک، اَڇڙي، گلڙيون، حاجيڙو، سمي ڀرت، سرءِ، ڌڱڻو، عجبڙي، چوپڻ، ٻالو، ڪاغذو، نغدي، پنتگڙو وغيره، فراسي ۾ ڪپاه، پشم، ملس، سوتلي، وغيره ڪم ايندي آهي.

فراسيءَ ۾ مختلف رنگ ڪم ايندا آهن، جي قديم دور کان جڙي ٻوٽين مان هٿ سان تيار ڪيا ويندا هئا ۽ آهن. جي سوين سالن گذرڻ بعد به پنهنجي اصليت برقرار رکي سگهن ٿا. اڄ ڪلهه بازاري رنگ ڪم اچڻ لڳا آهن مگر انهن ۾ اوتري چمڪ يا اصليت برقرار رهي نٿي سگهي.

فراسين جا ڪاريگر هن وقت به قديم دور وانگي رنگ پنهنجا تيار ڪندا آهن، انهن رنگن ٺاهڻ جو قديم طريقو هن ريت آهي ته پهيرن پٿرن کي گرم ڪري پاڻي مٿان هاري ٿڌو ڪيو يوندو آهي ته چن تيار ٿي ويندو آهي. انهي چن کي ڇاڻي صاف ڪري ڪنهن پراڻي ٿانوَ ۾ پاڻي ۾ ملائي ان ۾ ضرورت موافق سٺي ان جو ڦورو ٿيل، ڇهه ڏينهن ڀڄائي ڇڏبو آهي، روزانه کيس اٿلائبو رهبو آهي، انهي مرحلي کي سچ چيو ويندو آهي، سچ مان ڇهين ڏينهن ڪڍي ڌڪي، ڦرهي سان ڌوئي سڪايو ويندو آهي ته هو نرم ۽ چمڪيلو ٿي پوندو آهي.

ان بعد جيڪڏهن کيس ڳاڙهو ڪرڻو هوندو آهي ته لاک کي پاڻي ۾ ڌوئي، ان مان رنگ حاصل ڪري باقي ڄئو کي ڦٽو ڪيو ويندو آهي. انهي لاک جي پاڻيءَ کي ساڳيءَ ريت وري ماٽي ۾ وجهي سٽ کي ڀڄايو ويندو ۽ ٻاجهر جو ڏريو رڌي اهو به منجهس ملايو ويندو آهي. روزانه هٿ سان کيس مهٽبو رهبو آهي، ڇهن ڏينهن کان سٽ کي ڪڍي ڌوئي وري مڃٺ ۾ ڪاڙهبو آهي، ان بعد وري ڦٽڪي جي پاڻي ۾ ڌوئي سڪائي ڇڏبو آهي، ته سٽ ڳاڙهو چمڪيدار ٿي پوندو آهي. جيڪڏهن سائو ڪرڻو هوندو آهي ته سٽ کي وري ڦاڙهڪ جهنگل جي ٻوٽي ۾ رڌي ٿورو سائو رنگ ڏبو آهي ته سٽ سائو تيار ٿي ويندو.

هيڊي رنگ لاءِ وري ڪيسو ڦلن ۾ سٽ ڪاهيو ويندو آهي. ٿورو لياري رنگ به ملائبو آهي ته چمڪيدار هيڊورنگ ٿي پوندو آهي. ڪاري رنگ ڪرڻ لاءِ پهرين سٽ کي ٻٻر جي ٻوري ۾ ڪاڙهبو آهي، ان بعد هيراڪس ملائبو آهي ته ڪارو رنگ تيار ٿي ويندو آهي، پر انهن سڀني رنگن ڪرڻ لاءِ پهريون طريقو يعني چن جي پاڻي ۾ ضرور ماربو آهي ته نرم ۽ چمڪيدار نه ٿيندو.

رنگ کي ڦٽڪي جي پاڻي مان ڪڍڻ پڻ ضروري هوندو آهي، ڪجهه ڪاريگر اڄ ڪلهه بازار مان رنگ ڪرائيندا آهن پر ان جي ايتري عمر نه ٿيندي آهي.

فراسين ٺاهڻ جا وينجهار بدين ضلعي تعلقي گولاڙچي ۾ رهن ٿا، جن ۾ ڳوٺ بجاري، ڳوٺ ڀائي خان مهيري، ڳوٺ ٻاگهلي خاص مرڪز آهن.

هن قديم هنر جي ڪاريگرن کي جيڪڏهن سٽ، رنگ ۽ قرض وغيره جون سهولتون ڏنيون وڃن ۽ هن هنر لاءِ جيڪڏهن ٻاهرين دنيا ۾ مارڪيٽ تلاش ڪئي وڃي ته هي قديم هنر اڄ هن سائنسي دور ۾ به وڌيڪ ترقي ڪري سگهي ٿو.

بدين کي سلام

هي ضلعو تاريخ بنيو، هي اڳي هڪ خواب هو،

خواب اڄ ثابت ٿيو، اُن خواب يا بيءَ کي سلام،

گل مهڪ جنهن گل ۾ رهي، اُن گلابيءَ کي سلام،

ادب جنهن استاد ۾ آه، اُن عتابي کي سلام.

(الهه بچايو ’نياز‘ بدينوي).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org