سيڪشن:تاريخ

ڪتاب: بدين

باب:1

صفحو:1

بدين

محمد سومار شيخ

ناشر طرفان ٻه اکر

مهراڻ آرٽس ڪائونسل هن کان اڳ وطن عزيز جي علم و ادب توڙي ثقافت جي تعميري قدرن جي نه رڳو همت افزائي پئي ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ انهن جي آبياري لاءِ عملي طرح سان جدوجهد پڻ پئي ڪئي آهي.

هن کان اڳ اسان جي اداري وڏين بزرگن هستين جا ڏهاڙا ملهايا آهن، جن ۾ شاهه، سچل ۽ امير خسرو جا مشهور جشن وسرڻ جا نه آهن. اسان جي اداري قومي ڏينهن تي مذاڪرا ۽ جشن پڻ پئي ڪيا آهن. مشهور فنڪارن سان روح رهاڻيون به ٿينديون رهيون آهن. مشهور آرٽسٽن جي آرٽ جون نمائشون پڻ مهراڻ آرٽ ڪائونسل طرفان ڪرايون ويون آهن.

اسان جي اداري نه رڳو مذاڪرن، مباحثن، روح رهاڻين، ۽ فنڪشنن کي پئي سينگاريو آهي، پر اُن سان گڏ عملي سکيا لاءِ مصوري ۽ ٻولين سکڻ جا ڪلاس به هن اداري جي تعميري ڪمن ۾ مکيه آهن.

اسان جي هن قومي اداري هن کان اڳ علم و ادب جي خدمت ڪرڻ لاءِ هيٺيان ڪتاب شايع ڪيا آهن:

(1)      سندهه ۾ اردو شاعري.

(2)     سڀ رنگ

(3)     Musical Instruments of The Lower Indus Valley of Sindh.

(4)     Spainsh Cante Jondo and Its Origin in Sindhi Music.

(5)     The Traditional Arts and Crafts of Hyderabad Region.

(6)            نور القرآن (قرآن پاڪ جو منظوم سنڌي ترجمو)

-             مترجم مولانا احمد ملاح

-     اهي سمورا ڪتاب سنڌ جي عالمن ۽ ليکڪن لاءِ نهايت معلوماتي ۽ مکيه ماخذ ثابت ٿيا آهن، انهيءَ ڏس ۾ اسان هيءَ تازو ”بدين“ ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ ڏئي وڌيڪ سرهائي محسوس ڪريون ٿا، ڇو ته ان سان سنڌ جي هن نئين ضلعي بدين جي ثقافت بابت پڙهندڙ کي املهه ڄاڻ ۽ معلومات هٿ ايندي.

اڳتي به اهائي اميد آهي ته اسان جو ادارو علم و ادب ۽ ثقافتي قدرن جي عملي آبياري ڪندو رهندو ۽ پنهنجي فرض ادائگي ۾ ڪڏهن به پٺتي نه پوندو. انشاءَ الله تعالى.

 

عبدالرزاق چانڊيو

سيڪريٽري مهراڻ آرٽس ڪائونسل

لطيف آباد، حيدرآباد، سنڌ.

مهاڳ

بدين ضلعي جو ثقافتي ميلو 1976ع ۾ لڳو. اِهو ميلو هڪ اڻ وسرندڙ يادگار ميلو هو، انهيءَ ميلي جي تاريخي ۽ ثقافتي لحاظ کان وڏي اهميت هئي. ثقافتي ميلي جي لحاظ کان هيءُ هڪ مثالي ميلو هو. انهي ميلي ۾ بدين ضلعي جي ثقافت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هن علائقي جي فنڪارن پنهنجي اصلي رنگ ۾ ڳايو ۽ وڄايو، اُتي جي رانديگرن بدين ۾ ٿيندڙ راندين جو مظاهرو ڪيو. نمائش ۾ بدين جي هنر مندن عملي طرح سان ڪم ڪري ڏيکاريو. هن ضلعي جون تاريخي ورثي واريون چيزون نمائش ۾ رکيون ويون: مطلب ته هڪ ئي وقت تاريخي، ثقافتي ۽ لوڪ ورثي جون املهه ڳالهيون مڙني جلون سان اچي گڏ ٿيون هيون ۽ ماڻهو اِهو ورثو ڏسي بدين ضلعي جي ثقافتي شاهوڪاري کي مڃڻ لڳا.

هن ميلي جو بنيادي محرڪ سنڌ جو ثقافتي کاتو هو. ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر جو ميلي جو چيئرمين پڻ هو، انهي صاحب رات ڏينهن هڪ ڪري، ميلي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪم ڪيو.

ميلي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪجهه ڪميٽيون ترتيب ڏنيون ويون، جن ميلي کان اڳ ۽ ميلي تائين چڱو پاڻ موکيو. اهي مکيه ڪميٽيون هيٺيون هيون:

انتظاميه ڪاميٽي: هن ڪميٽي جو چيئرمين بدين ضلعي جي ثقافتي ميلي جو روح روان تڏهوڪو ڊپٽي ڪمشنر بدين جناب منظور حسين ڀٽو صاحب هو ۽ جنرل سيڪريٽري جناب شيخ دلدار علي چيف آفيسر ضلعي ڪائونسل بدين هو.

هن ڪميٽي سڀني سب ڪميٽين سان رابطو قائم رکيو ۽ سڄي ميلي جي ڪم کي موثر نموني ۾ هلائڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

مرحبائي ڪميٽي جو به صدر جناب منظور حسين ڀٽو هو. هن ڪاميٽيءَ ميلي ۾ ايندڙ مهمانن جي مرحبا ڪئي ۽ ثقافتي سمر جو تعارف ڪرايو.

ميلا ڪاميٽيءَ جو سرگرم رڪن حاجي هارون صاحب هو. ساڻس بدين ضلعي جا معزز ماڻهو پڻ ساٿ ۾ هئا.

مالي ڪاميٽي پڻ پنهنجي ڪم کي سٺو نباهيو ۽ ميلي لاءِ مناسب رقم ثقافتي کاتي حڪومت سنڌ کان حاصل ڪئي ۽ ڪجهه رقم ثقافت جي فداين کان پڻ هٿ آئي ۽ اها رقم ميلي ۾ ايندڙ مهمانن جي مرحبائي پارٽين ۽ ٻين خرچن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪم آئي.

نشر و اشاعت ڪاميٽي جو سربراهه مرحوم شاڪر مصطفى ڊئريڪٽر آف انفارميشن حيدرآباد ۽ سيڪريٽري محمد هاشم ميمڻ هو. هن ڪاميٽيءَ جي ٽن سرگرم رڪنن: عبداللطيف زرگر، محمد هاشم ميمڻ ۽ الهه بخش اعواڻ صاحب روزاني اخبارن هلال پاڪستان، ڪراچي، عبرت حيدرآباد ۽ مشرق ڪراچي جي وسيلي ميلي وقت خصوصي نمبر به ڪڍرايا ۽ اُهي وڏي تعداد ۾ وٺي ميلي ۾ ورهايا پڻ ويا.

بروشر ڪاميٽي جنهن جو صدر محمد يعقوب ”خ“ ڀٽي هو، تنهن ميلي جي موقعي تي بروشر ”بدين ثقافتي ميلو 1976ع“ نالي سان ڪڍيو. اهو بروشر ميلي ۾ آيل مهمانن کي ورهائي ڏنو ويو. هن ميلي جي موقعي تي جن ڪاميٽين جي ڪم کي ڏٺو ويو ۽ ٻيون ڪميٽيون انهن ڪاميٽين جي سهاري لاءِ وجود ۾ آيون هيون، انهن ڪاميٽين جو ذڪر تفصيل سان ڏيڻ ضروري آهي.

 

لوڪ رس ڪاميٽي: هن ڪاميٽي جو صدر شمشير الحيدري ۽ سيڪريٽري محمد موسى جوکيو هو. هن ڪاميٽيءَ پنهنجي ڪم لاءِ وڏي جدوجهد ڪري سڄي ضلعي بدين ۾ گهمي فنڪار چونڊيا ۽ ڌار ڌار شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لوڪ رس جا مظاهرا به ڪيا. اِهي مظاهرا ثقافتي ميلي جي لاءِ دلچسپي جو ڪارڻ بنيا. هن ڪاميٽي ميلي ۾ 10، 11 ۽ 12 تاريخ کليل پنڊال ۾ سڄي رات پنهنجا فنڪار پيش ڪري داد حاصل ڪيو.

راند ڪاميٽي: هن ڪاميٽي جو صدر محمد يعقوب ٿيٻو ۽ سيڪريٽري ميوو خان لاشاري صاحب هو. راند ڪاميٽي سنڌ جون قديم رانديون ۽ جديد رانديون سڄي ضلعي ۾ ڪرايون ۽ گهوڙن ۽ ڍڳن جون ڊوڙون پڻ. ميلي جي موقعي تي 10، 11 ۽ 12 تاريخ راندين جا مقابلا ڪرايا. لواري شريف وارن پنهنجو مال نمائش ۾ آندو هو، انهي ماڻهن کان داد تحسين وصول ڪيو.

نمائش ڪاميٽي: هن ڪاميٽي جو صدر سيد ظفر ڪاظمي سنڌ جو آرٽسٽ ۽ سيڪريٽري راقم (محمد سومار شيخ) هو. مون هن ڪميٽي جي پاران بدين ضلعي جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي قديم نادر چيزون، قلمي نسخا، ويس وڳا، هٿيار وغيره هٿ ڪيا. اهي چيزون ايتريون گڏ ٿيون هيون، جنهن جي رکڻ لاءِ جڳهه به کٽي پيئي. سڄي ضلعي ۾ وڃي تصويرون ورتيون ويون هيون. قديم دڙن جون يادگار چيزون به هن ڪاميٽي طرفان پيش ڪيون ويون هيون. قديم چيزن سان گڏ بدين ضلعي ۾ ڇپيل ڪتاب، مصورن جون ڪڍيل تصويرون به رکيون ويون هيون. قديم هٿيار به سجايا ويا هئا. بدين ضلعي جي هنرمندن کي عملي طرح ڪم ڪندي ڏيکارڻ لاءِ به پيش ڪيو ويو هو. سونارا، واڍا، لوهار، کٽي، اڏاڻن جو ڪم ڪندڙ، ڪنڀار ڪاشيگر وغيره به نمائش ۾ عملي ڪم لاءِ ويهاريا ويا هئا. عبدالله کٽي ماتلي، حاجي محمد کٽي بدين، سوڀو بروهي، بدين، خان محمد مهيري ۽ الهه بچايو ڪنڀار بدين هنرمندن ۾ مکيه هئا. مصورن ۾ ضياءُ الدين جوڻيجو مکيه هو. نمائش ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي طرفان لاڙ جون ترجمان چيزون رکيون ويون هيون. اسان جي نمائش هال کان سواءِ ميلي ۾ ٻين پنهنجا اسٽال به لڳايا هئا، جن ۾ لواري شيرف، کوسڪي، ماتلي، وارن پنهنجا پنهنجا ثقافتي اسٽال لڳايا هئا.

 

ادبي ڪاميٽي: هن ڪاميٽي جو صدر ڊاڪٽر غلام علي الانا، سيڪريٽري راقم (محمد سومار شيخ) ۽ ميمبر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محمد يعقوب مغل، محمد صديق ”مرهم“ ملاح، محمد هاشم ”خادم“ ٽالپر، شيخ ثناءُ الله ۽ عبدالرحمان ”نقاش“ جن هئا. هن ڪاميٽيءَ اديبن عالمن ۽ شاعرن مان لهه وچڙ ۾ اچي بدين بابت مقالا لکرايا ۽ شعر جوڙايا.

 

11- 4 – 76ع تي ڪاليج آڊيٽوريم بدين ۾ ادبي ڪانفرنس زير صدارت شيخ اياز وائيس چانسلر جي شروع ٿي. هن ادبي نشست ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، قاضي محمد علي، فرمان علي جعفري، قاضي عبدالمجيد ”عابد“، الهه بخش نظاماڻي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، نياز همايوني ۽ ٻين مقالا ۽ شعر پڙهيا، جناب منظور حسين ڀٽي صاحب ليکڪن کي ”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“ تحفو ڪري ڏني.

12- 4- 1976ع تي جناب غلام مصطفى قاسمي جي صدارت هيٺ ٻي نشست شروع ٿي. هن محفل ۾ محمد پناهه زهير حيدري، محمد هاشم ”خادم“ ٽالپر، محمد عيسى بلبل، موسى جوکيو، الهه بچايو ”عاجز“، رفيق حيدري، الهه بچايو جوڻيجو، مرحوم فتح علي ”حليم“ لغاري، ڌڻي بخش ”چرياڻ“، حاجي محمد حڪيم، کٻڙ چانگ، عبدالمبين پنائي، غلام النبي عباسي، منظور علي خاصخيلي ”منظور“، مخمور مهيري، ساجن چانگ، الهه بچايو ”عاجز“ کوسو، نياز جتوئي، طارق ”عاجز“، الهه بخش اُداسي ۽ ٻين بدين متعلق پنهنجا مقالا ۽ شعر پيش ڪيا. جناب قاسمي صاحب صدارتي تقرير ڪندي چيو ته مون کي اهو ڏسي سرهائي ٿي آهي ته نئون نسل تاريخ ۽ ادب جي مطالعي جو شوق رکي ٿو، انهيءَ ڪري سنڌي ادب جي بهتر مستقبل جي اُميد رکي سگهجي ٿو، انهي ادبي نشست کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر غلام علي الانا منهنجي (راقم جي) ڪم جي ساراهه ڪئي. ميلي جي چيئرمين جناب منظور حسين ڀٽي صاحب به هن نشست ۾ اديبن ۽ شاعرن کي خطاب ڪندي ساراهيو ۽ ثقافتي ميلي کي ڪامياب بنائيندڙن کي مبارڪون ڏنيون. ادبي ڪاميٽي جي سعيي سان جيڪي مقالا بدين جي ثقافتي ميلي ۾ پڙهيا ويا هئا، اُهي ئي مقالا هن ڪتاب جي زينت آهن.

بدين ثقافتي ميلي جو پروگرام هيٺئين ريت ترتيب ڏنو ويو ۽ دعوت پڻ انهي ريت ڏني وئي:

تاريخ              وقت   ترتيب         هنڌ

3- 4- 1976ع            -       ابتدائي راندين تعلقي ۽ سب ڊويزنل

                   جا مقالا                هيڊ ڪوارٽر ۾.

3- 4- 1976ع   -       چوپائي مال جي نمائش گرائونڊ.

                   داخلا ۽ وڪرو

9- 4- 1976ع   -       ڪرڪيٽ ميچ ”       ”

9- 4- 1976ع   4 وڳي شام ملاکڙو   ”       ”

10- 4- 1976ع      9 ”صبح درگاهه شاهه قادري درگاهه شاهه قادري.                    تي گل چاڙهڻ

10- 4- 1976ع   5 بجي شام ميلي ۽ نمائش جو افتتاح نمائش گرائونڊ.

”   ”         ”         2”       ”  چوپائي مال جي نمائش    ”    ”

”   ”         ”         ساڍي 7 ”رات فلم شو              ”     ”

”   ”         ”         9 ”رات لوڪ رس محفل            ”     ”

2- 4- 1976ع      9 ”صبح ادبي ڪانفرنس     ڪاليج آڊيٽوريم

”   ”         ”         4”شام ملاکڙو        نمائش گرائونڊ.

”   ”         ”         5”  ”   مال جي نمائش ۽ انعامن     ”      ”

                                 جي ورهاست

”   ”         ”         ساڍي 7 ”رات فلم شو              ”     ”

”   ”         ”         9 ”رات ڪلچر شو ۽ لوڪ رس     ”     ”

انتظامي ڪاميٽي انهيءَ رٿا موجب ثقافتي ميلي کي ڏٺو. هونئن اهو ميلو چوڏس ڦهلاءُ وارو ميلو هو. هر وقت هر ڪنهن ڪميٽي طرفان اسم پيش ڪيا پئي ويا. نمائش ۽ راند ته مسلسل جاري هيون. واپار، سرڪس، دڪان، سرڪاري ادارن طرفان لڳايل ثقافتي اسٽال هر وقت پنهنجي چيزن جي نمائش ڪري رهيا هئا. اهو سرگرميون صبح جو شروع ٿينديون هيون ۽ رات جو ساڍي 10 بجي وڃيو گهٽبيون ۽ ماڻهوءَ لوڪ رس ڏانهن توجهه ڏيندا هئا، جتي لکن جي منهن ماڻهوءَ اچيو گڏ ٿيندا هئا.

هن ميلي لاءِ جن ماڻهن رات ڏينهن پنهنجو آرام ڦٽائي ڪم ڪيو هو ۽ داد حاصل ڪيو هو، انهن کي پڇاڙي جي ڏينهن تي اجرڪون انعام ڏنيون ويون ۽ انعامي سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيا ويا، انهن سڄڻن جا نالا هن ريت آهن:

نبي بخش خان ڀرڳڙي، پير علي بهادر شاهه، عبدالله هاليپوٽو، ظفر ڪاظمي، شفيع محمد سونارو، شمشير الحيدري، ذوالفقار نقوي،، شاڪر مصطفى، عبداللطيف زرگر، محمد يعقوب ٿيٻو، افتخار احمد شاهه، آغا علي حيدر، منگهو مل ميگهواڙ، ڦوٽو مهر، مظفر حسين سومرو، سائين بخش تنگڻي، حاجي ڪريم بخش جمالي، غلام حسين دلواڻي، ڪنڊو سهتو، حاجي مير محمد، اعجاز، زاهد، الحاج غلام حيدر نظاماڻي، پير الطاف حسين شاد جيلاني، * [1]ڊاڪٽر غلام علي الانا، * محمد سومار شيخ، حاجي محمد کٽي، موسى جوکيو، محمد هاشم ميمڻ، الهه بخش اعواڻ، ميوو خان لاشاري، عبدالرحمان قاضي، آخوند محمد صالح، قاضي عبدالقيوم، سدورو زرداري، غلام سرور، بشير هاليپوٽو، وڏل خان کٽياڻ، ڄام عمراڻي، ملڪ خدايار خان، جهانگير ٽالپر، غلام شاهه نظاماڻي، محمد عمر.


[1]  * هنن نشانن وارن کي ٻه ٻه انعام مليا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org