سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 9

(٤٧)

شاھھ شجاع جو قنڌار اسھڻ، قنڌار جي سردارن سان جنگ جوٽڻ ۽ ھار کائڻ:

١٢٤٩ھھ (١٨٣٣ع) صفر جي مھيني ۾ شاھھ شجاع جڏھن ميرن سان نبيرو ڪري شڪارپور مان خراسان روانو ٿيو تڏھن قلات جي والي مير محراب خان بروھي اتي پھچڻ تي سندس خوب خاطر تواضع ڪئي. اتان وري ٻئي گڏجي شال (ڪوئيٽھ) تائين آيا. ھتي جتان ڪٿان پٺاڻن جا ڪٽڪ اچي شاھھ شجاع وٽ مڙيا، تان جو انھن جو تعداد چاليھھ – پنجاھھ ھزار ٿي ويو.

ٿورن ڏينھن پڄاڻان شاھھ شجاع پنھنجي لشڪر جي اڳئين پوئين لوڌ ھڪلي قنڌار ھليو، جتي اڳ ۾ ئي سردار ڪھندل خان، سردار رحمدل خان ۽ سردار مھردل خان قنڌار جي قلعي تي قبضو ڪري ويٺا ھئا.

شاھھ شجاع اتي رسيو(1) تھ ٻيا ماڻھو بھ اچي سندس ڪٽڪ ۾ شامل ٿيا.  ائين ستر اسي ھزار پٺاڻن جو لشڪر تيار ٿي ويو. ھر ڪنھن کيس خوشامد مان شاھھ بابا ڪري ٿي ڪوٺيو ۽ چوڌاري پئي ڦريس، چئي:

”شاھھ بابا! ڪٿي ھئين، خدا تو کي آندو. ھاڻ اسان جون اکيون (تنھنجي پيرن جي پڻيءَ جو سرمو پائي) روشن ٿيون آھن. تنھنجي دشمنن کي جيئرو نھ ڇڏيو ويندو، بادشاھي تنھنجي آھي!“

سردارن جيئن شاھھ شجاع کي آيل ڏٺو تھ قلعي جا پاسا اوسا پختا ڪري برجن تي توبون رکائي ويٺا ۽ موقعي ملڻ تي راتاھي سان گڏ ٿوري گھڻي ٻي ھٿ چراند بھ پئي ڪيائون. ھوڏانھن ٻي ڌر بھ ماٺ ۾ ڪانھ ھئي. اھا بگھڙن واري ويڙھاند (گرگ جنگي) ۽ راتاھي واري ڪار مھينو ڏيڍ ٻنھي پاسن کان ھلندي رھي؛ سردارن کي اوسيئڙو ھو تھ اجھو ٿو امير دوست محمد خان اچي پھچي، پر ان ڏاڍي دير لڳائي ڇڏي.

انھيءَ وچ ۾ سردار اچي تنگ ٿيا ۽ شاھ شجاع سان صلح جون ڳالھيون ھلائڻ لڳا. اھي ڳالھيون اڃا انت تائين پھتيون ئي ڪونھ، تھ امير دوست محمد خان اوچتو ڪابل کان اچي ٺڪاءُ ڪيو؛ جنھن وٽ ٻارھن ھزار لشڪر ۽ ڪي توبون ھيون.

شاھھ شجاع ان کان اڳ ڪيئي ڀيرا قنڌار جي قلعي تي چڙھائي جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب ڪونھ ٿيو ھو. ويتر پنھنجي لشڪر جو ڪافي حصو قلعي وارن جي توب زني ۾ ختم ڪرائي ويٺو.

ھڪ اونداھي رات ۾ شاھھ شجاع عيارن وانگي لشڪر کي سنبرايو، جيڪو ھوريان ھوريان پير پير ۾ ڏئي وڃي قلعي جي ھيٺان ترسيو. انھيءَ انتظار ۾ تھ جيئن قلعي وارا ننڊ پئجي ويندا، تيئن قلعي جي ڪنڌيءَ تي ڏاڪڻيون اڀيون ڪري سڄو لشڪر اندر داخل ڪيو ويندو. پر شاھھ شجاع جو پنھنجو لشڪر قضا سان اگھور ننڊ ۾ اچي ويو، جن کي ڪل ئي ڪانھ پئي.

شاھھ شجاع پرھھ ڦٽيءَ تائين پور پچائيندو رھيو تھ اجھو ٿو سندم لشڪر قلعي ۾ داخل ٿي، پنھنجي ڪارروائي شروع ڪري. پر جڏھن ڏٺائين تھ ڪو گوڙ گھمسان ٻڌڻ ۾ نٿو اچي ۽ سج بھ ڪني ڪڍڻ وارو آھي تھ ڏاڍي اڻ تڻ ۾ پئجي ويو، الاجي ڇا ٿيو ۽ لشڪر کي ايڏو سانت ڇو ٿيڻو پيو ...؟

انھيءَ ڳاراڻي ۾ ڀر واري توبچيءَ کي اشارو ڏنائين، جنھن توب  ڇوڙي، ٺڪاءُ تي قلعي وت ستل لشڪر ڇرڪ ڀري جاڳيو ۽ ڏٺائين تھ مار! ڪانو سج مٿي چڙھي آيو اھي پوءِ تھ وٺ وٺان لڳي ويئي. تڙ تڪڙ ۾ ڏاڪڻيون کڻي قلعي جي ڪنڌيءَ تي اڀيون ڪيائون.

قلعي وارا تھ اڳيئي ھوشياري ۾ ھئا، مٿان جو توب جو ٺڪاءُ ٻڌائون تھ چوڌاري ’خبردار خبردار‘شروع ڪري ڏنائون“ جيئن ئي شاھھ شجاع جو لشڪر ڏاڪڻين تان اڀو ٿيو، تيئن مارا ماري لڳي ويئي! اوڏيءَ مھل شاھھ شجاع جو لشڪر توبن جي زد ۾ اچي ڏاڪڻين تان ڦھڪو ڪندو پورو ٿيندو ويو. پوين جو اھو حال ڏٺو تھ موت جي ڊپ کان وٺي پوئتي ڀڳا.

ھنن ھيترو وقت اوجاڳا ڪري جا مرڳ ڪاٽي سا ڦوڪ ٿي ويئي. امير دوست محمد خان جي اچڻ کان پوءِ سردارن کي ڏاڍي سرھائي ٿي ۽ يقين ڪيائون تھ ھاڻ سوڀ اسان جي ٿيڻي آھي! پر امير موصوف جو ھنن تي ايترو اعتماد نھ ھو.

امير دوست محمد خان جي پنھنجن جو وري حال اھو ھو تھ ظاھر ۾ ھن سان ۽ اندروني خاني شاھھ شجاع ڏانھن لاڙو ٿي رکيائون. انھيءَ صورتحال ۾ مير دوست محمد خان دل ۾ سوچيو تھ انھن ساڻ صلح ڪرڻ کپي، متان سڀاڻي جنگ ۾ ڪي ٻيا مسئلا پيدا ٿي پون ۽ پاڻ کي شڪست کائڻي پوي. انھيءَ لاءِ پنھنجن ماڻھن ۽ ڀائرن سان صلاحون ڪرڻ لڳو؛ ليڪن قدرت کي ڪجھھ ٻيو منظور ھو.

*


 

(٤٨)

سردارن ۽ دوست محمد خان جي شاھھ شجاع سان جنگ ۽ شاھھ شجاع جي شڪست کان پوءِ، سالور جي قلعي ڏانھن روانگي:

سال ١٢٤٩ھھ (١٨٣٣ع) ۾ امير دوست محمد خان پنھنجي سپاھھ ۽ دٻدٻي سان ڪابل کان قنڌار ۾ اچي داخل ٿيو، ۽ قنڌار جي سردارن سان ملي، ٻڌي ڪري پنھنجي سنبت ۾ لڳي ويو. ھوڏانھن شاھھ شجاع کي اچي پنھنجي لڳي تھ متان امير دوست محمد خان قنڌار جي نھرين جو پاڻي بند ڪرائي ڇڏي ۽ منھنجو لشڪر اڃ وگھي ارچڻ ۾ اچي وڃي، ان ڪري پراڻي قلعي مان نڪري باغستان واري ايراضي ڏانھن ھليو ويو. ھتي چوڌاري ساوڪ ۽ وڻڪار لڳي پئي ھئي. ھن جي لشڪر کي ڏاڍو لطف آيو؛ ھر ڪو پنھنجي منھن ٽڙي پکڙي وڃي وڻن ھيٺان بالم ٿي سمھي رھيو.

امير دوست محمد خان جڏھن ڏٺو تھ شاھھ شجاع قلعي مان نڪري وڃي باغستان ڀيڙو ٿيو آھي، تڏھن سرھو ٿي پاڻ کي سڀاڳو سمجھي، ويس مٽائي، گھوڙي تي چڙھي جاچ لھڻ ويو – ڏٺائين تھ: بلي سارو لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي وڻن ھيٺان ائين آرامي ٿيو آھي، جيئن پاڇو پٽ تي پيل ھوندو آھي.

اھو لقاءُ ڏسي واپس پنھنجي لشڪر گاھھ ۾ آيو. منشيءَ کي حڪم ڏنائين تھ سپاھھ مان جن کي پگھارون ڪونھ مليون آھن، تن کي ھڪدم ادائگي ڪئي وڃي. ان کان پوءِ ٽن ھزارن جرار جوانن جي ڪمڪ وٺي، ان سان سردارن جو ڪٽڪ گڏي نڪتو.

قلعي کان ٻاھر اچي پھريان قنڌار جو پراڻو قلعو ھٿ ڪيائين، جتي شاھھ شجاع رھي چڪو ھو. باقي ٻين کي الڳ الڳ دستن جي صورت ۾ شاھھ شجاع جي لشڪر تي بڇيائين.

انھيءَ اچانڪ حملي کان شاھھ شجاع جا ڪيترا ماڻھو باغ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي لڪا، ڪن ويڙھاند شروع ڪري ڏني. ويرم نھ گذري تھ چوڌاري لاشن جا ڍير لڳي ويا. اتي خطرو اچي پيدا ٿيو تھ متان سردارن جو لشڪر ھيٺ مٿي ٿيڻ جي ڪري تھ امالڪ درٻار جو ناطم شاغاسي ڌوکي سان سردارن جي لشڪر مان نڪري وڃي شاھھ شجاع وٽ پھتو، جنھن کي ھن پٽ پٽيھر جي پوشاڪ سان مانائتو ڪيو.

ھيءُ ڪيترا ڏينھن شاھھ شجاع جي درٻار ۾ رھيو؛ وري جڏھن ٻيھر جنگ شروع ٿي تھ اوچتو شاغاسي واڪا ڪري چوڻ لڳو: ”باد شاھھ (شاھھ شجاع) ڀڄي ويو، بادشاھھ ميدان ڇڏي ويو!“ اھو ڪڙڪو ٻڌي شاھھ شجاع جو لشڪر وائڙو ٿي ويو، حالانڪھ شاھھ شجاع جنگ ۾ مشغول ھو.

ايتري ۾ جان نظر ڪيائون تھ شاغاسي کي لٽ ڦر ڪندي ڏٺائون. انھيءَ سان گڏ ڪيول نالي ھڪ فرنگي پنھنجي پلٽن سميت جنگ جا نغارا اھڙي نموني وڄائڻ شروع ڪيا، جو توبن ۽ بندوقن جا دونھان آسمان تائين پکڙجڻ لڳا. لشڪرين جو اھا ماجرا ڏٺي تھ ھٽندي ماريندي ڪيول تائين وڃي رسيا، جنھن کي ھڪدم قابو ڪيائون ۽ توبن تي قبضو ڄمايائون.(1)

ڪيول جي گرفتاريءَ کان پوءِ شاھھ شجاع جي لشڪر ۾ شڪست پڌري ٿي پئي، شاھھ شجاع پنھنجي ڀائٽي سمندر خان کي جنگ ۾ مارائي، دلھير ٿي ڪوئيٽھ جي پاسي ڀاڄ کاڌي.

بھادر خان کوکر، جيڪو سنڌ جي ميرن پاران شاھھ شجاع سان گڏجي آيل ھو، تڪڙ ۾ پنھنجا ٽپڙ ٽاڙي ويڙھي، چلھي تي چڙھي ديڳڙا ڇڏي: ”ڀڄوڙي ڀڄو، پٺاڻن مارو وڌو“ چوندو سنڌ ڏانھن راھي ٿيو.

شاھھ شجاع پاڻ بھ شڪست کان لاچار ٿي صندوقون ڀڃرائي، پئسا ڏوڪڙ خرجينن ۾ ڀرائي، گھوڙن تي کڻائي ھرات ڏانھن ھلڻھار ڪو ٿيو. سندس لشڪر پنھنجي نفسانفسي ۾ اڳواٽ ئي فرار ٿي چڪو ھو.

ھيءُ ھرات ڏانھن ھلندي پويان جي خطري کان ٻن منزلن کي ھڪ ئي منزل ڪندو، ڏاڍن ڪشالن ۽ ڪشٽن کان پوءِ سالو خان جي قلعي ۾ پھچي ويو.

شاھھ شجاع ھيانو سان سالو خان وٽ پھچي، ساھي پٽي. ڪجھھ حال ۾ آيو. ليڪن خود سالو خان(1) جيڪو ڪيترن قلعن جو مالڪ، امير ڪبير ۽ وڏي دولت وارو ھو، سو ويچارو پاڻ ھرات جي حاڪم شھزادي ڪامران جي وٺ پڪڙ ۾ ورتل ھو. انھيءَ خدشي جي ڪري شاھھ شجاع کي بھ قرار نھ ٿي آيو، ان ھوندي جو سالو خان سندس مھماني ۽ دلجوئي ۾ ڪا ڪسر ڪانھ رھائي ھئي. بھرحال ٻي واھھ نھ ڏسي، سالو خان جي قلعي ۾ ڪي ڏينھن ترسي پيو.

*


 

(٤٩)

شاھھ شجاع جي شڪست کان پوءِ سردارن پاران سندس مال اسباب جي لٽ ڦر جو احوال:

ساڳي صفر مھيني سال ١٢٤٩ھھ (١٨٣٣ع) ۾، شاھھ شجاع شڪست کائي، قنڌار مان سالو خان جي قلعي ڏانھن روانو ٿيو تھ قنڌار جي سردارن سندس پويان پوڻ جو ارادو ڪيو، پر انھن کي امير دوست محمد خان منع ڪئي، جنھن ڪري ڪوبھ ھن جي ڪڍ نھ ويو.

ھن جنگ ۾ سردارن سميت امير دوست محمد خان تائين ھر ڪنھن سوڀ جو سبب پنھنجي خوش نصيبي جي ڪري ٿي سمجھيو ۽ ان تي ڏاڍا سرھا پئي ٿيا. جنگ کان پوءِ کين جيڪو ڦرلٽ جو سامان اسباب ھٿ لڳو، سو ڳاڻاٽي کان ٻاھر ھو. شاھھ شجاع جي لشڪر مان جيڪي ڀڄي نڪتا ھئا، تن کي جتي بھ ٿي ڏٺائون. قتل ڪندا پئي ويا. اھو قتلام ڪيترا ڏينھن ھلندو رھيو. ھوڏانھن ٻي ڌر بھ ڌڌڪا ڪندي ٿي آئي.

جنگ مان رھجي ويل پنج سؤ روھيلا پٺاڻ بندوقون کڻي وڃي جبل جي چوٽيءَ تي مورچا ٻڌي لڪي ويھي رھيا. انھيءَ خيال سان تھ ھاڻ مرڻو تھ ھونءَ ئي آھي، سو جيڪڏھن انھيءَ کان اڳ اسان بھ سردارن جي لشڪر مان ڪي بازو کپائي وڌا تھ وھھ واھھ ٿي ويندي. اھو پتو جڏھن سردارن جي ماڻھن کي پيو تھ ھوشيار ٿي ويا، پر حملي لاءِ دل نٿي ٻڌائون. باقي اوريان پريان خوب فائرنگ ڪندا رھيا.

آخر ٻن چئن ڏينھن جي انھيءَ ڏي وٺ کان پوءِ سردارن مان ھڪ ڄڻو جبل تي ويو. جنھن روھيلن کي دم دلاسا ڏئي ھيٺ لاھي آندو ۽ کانئن ھٿيار وٺي سڀني کي آزاديءَ سان وڃڻ ڏنائين.

ڪيول(1) جيڪو جنگي ماھر ۽ پنھنجي پلٽن جو اڳواڻ ھو، تنھن کي جنگ ۾ ساٿ ڏيڻ ڪري امير دوست محمد خان تعظيم سان پاڻ وٽ گھرائي پنھنجو خاص ملازم مقرر ڪيو. پڇاڙيءَ ۾ ھن جنگي سامان جي ونڊ ورھاست کان پوءِ گھڻو ڪجھھ پنھنجي قبضي ڪري سردارن کان موڪلايو ۽ ڪابل جي واٽ ورتائين. پويان سردارن بھ قنڌار ۾ قراري ٿي، چڱن مٺن جي پوري خبر چار ورتي. انھيءَ سان گڏ ھارايل ھاڙھي شاھھ شجاع جي آئندي جي ڪارستاني جو الڪو بھ رکندا آيا.

*


 

(٥٠)

شاھھ شجاع جو سالو خان جي قلعي ۾ پھچڻ، شھزادي ڪامران جو سندس مدد جي لاءِ اچڻ، شاھھ شجاع جو ڊپ کان قلعو ڇڏي ڀڄڻ ۽ سڌو قلات ڏانھن رخ رکڻ، سردار رحمدل خان پاران سندس پيڇو ڪرڻ:

سال ١٢٤٩ھھ (١٨٣٣ع) ھلندي، شاھھ شجاع قنڌار جي شڪست جي نتيجي ۾ اتان فرار ٿي، جيئن اچي سالو خان جي قلعي ۾ پير پاتو تھ ان سندس مھمانداريءَ ۾ ڪابھ ڪسر نھ ڇڏي. ھر دم ھن جي پذيرائي ۾ پئي پاڻ پتوڙيائين.(1)

سالو خان ڪيترن پرڳڻن ۾ اڻ کٽ خزاني جو مالڪ ھو. ھن نئين سر شاھھ شجاع جي جنگي سامان ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ جو سانباھو ڪيو. جنھن جي خبر وڃي ھرات جي حاڪم شھزادي ڪامران تائين پھتي. شھزادي ڪامران جي وري سالو خان سان ڪا پراڻي دشمني ھلندي ٿي آئي. ان ڪري ھن سوچيو تھ متان ڪٿي ھو انھيءَ واقعي جو وجھھ وٺي شاھھ شجاع سان سازش ڪري ھرات جي مٿان ڪاھي اچي، سو انھيءَ خدشي کان پنھنجيءَ پٽ کي شاھي تحفا، ٻيو سامان ۽ ڪجھھ سپاھھ ساڻ ڪري اماڻيائين ۽ ھيءُ خط بھ روانو ڪيائين:

”اولياءِ دولت شاھھ شجاع جي خدمت ۾ التماس آھي تھ:

اسان کي اھا خبر ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو تھ الاھي تقدير جي سبب بڻائڻ ڪري اوھان قنڌار جي سردارن ھٿان، جيڪي اصل کان اسان جي خاندان سان دشمني رکندا اچن ٿا، ڌڪ کائي سالو خان جي قلعي ۾ اچي رسيا آھيو، اوھان جيئن تھ منھنجا مربي چاچا ۽ پيءُ جي جاءِ تي آھيو، جيڪڏھن ھيءُ عرض اگھائي ھيڏانھن ھليا ايندا تھ پنھنجا ڀاڳ ڀلارا سمجھندس: اسان جون اکيون اوھان جي اوسيئڙي ۾ آھن. قرب ڪري ايندا تھ ھي گھر اوھان جو گھر ھوندو. آءٌ پنھنجي پٽ شھزادي سلطان علي خان کي سوکڙين ۽ سپاھھ سميت اوھان ڏانھن اماڻيان پيو، جيڪو چانئٺ چمڻ کان پوءِ اوھان جي فرمان جو منتظر ھوندو.“ (ص ص، ٣٣٨- ٤٣٩)

شاھھ شجاع اھا خبر بڌي ڏاڍي ٻڏتر ۾ پئجي ويو، پر پوءِ سوچيائين تھ شھزادي ڪامران تي ڀروسو رکڻ بدران چڱو ائين آھي تھ سندس پٽ شھزادي سلطان علي خان جي پھچڻ کان اڳ ئي پاڻ کي ھتان نڪرڻ کپي، متان ڪٿي ھنن ٻنھي، سالو خان ۽ شھزادي ڪامران جي چڪر ۾ مان پاڻ بھ پيسجي وڃان(1)

آخر سالو خان جو قلعو ڇڏي ريگستان واري رستي (جيڪو ڏاڍو ڏکيو رستو ھو) پنھنجي عملي سميت قلات جي والي مير محراب خان بروھي(1) ڏانھن نڪري ھليو.

اھا سڌ پوندي قنڌار جو سردار، رحمدل خان ست اٺ سو گھوڙي سوار ساڻ ڪري اٿي ھليو، تھ جيئن واٽ تي ئي شاھھ شجاع جو اڳ وٺي کيس ٻيھر ڪا مت ڏئي، پر:

عنقا (پکي) شڪار ٿيڻو ئي ناھي،

بھتر آھي تھ ڪوڙڪي کڻي ڇڏيو!

سردار رحمدل خان ھزار حيلا ھلائيندي بھ شاھھ شجاع تائين ڪونھ رسي سگھيو ۽ ھو سلامتيءَ سان وڃي مير محراب خان جو مھمان ٿيو.

مير محراب خان پوري خلوص ۽ پيار سان پيش اچي، شاھھ شجاع کي مانائتو ڪيو. ايتري ۾ سردار رحمدل خان بھ اچي قلات ۾ پھتو ۽ مير محراب خان تي زور بار رکيائين تھ شاھھ شجاع جو بازو ھن جي حوالي ڪري، پر مير محراب خان صفا صفا نابري واري، چئي: ڪارو ڪافر بھ انھيءَ ڪڌي ڪم کان عار ڪندو تھ ڪنھن ادنيٰ مھمان جو بازو دشمنن جي حوالي ڪري، ھيءُ تھ ھڪ بادشاھھ آھي. آءٌ اھڙو ڪريل ڪونھ آھيان، جو ھيڏي ساري حيثيت ۽ حشمت جي ھوندي جو ڪوھستان جو بادشاھھ پيو سڏجان، بادشاھھ کي بلوچن جي ڪوڙڪي مان ڪڍي اوھان جي حوالي ڪريان، سردار صاحب! اھو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو، اھو بي ننگيءَ جو ٽِڪو (داغ) پنھنجي خاندان جي پيشانيءَ تي لائڻ منھنجي شان وٽان ناھي!“ (ص ص، ٣٤١ – ٣٤٢).

سردار رحمدل خان ڪيترن ڏينھن جي مٿاڪٽ ۽ ميڙمنٿ کان پوءِ نراس ٿي، قلات ڇڏي قنڌار ويو ھليو.

شاھھ شجاع ٿورا ڏينھن قلات ۾ رھي وري اتان ٽپڙ ٻڌي اچي گنجابي ”ڀاڳناڙي“ ڀيڙو ٿيو. اتي ايندي انھيءَ ھورا کورا ۾ پئجي ويو تھ ھاڻ ڪھڙي رستي وڃي لڌياني جي دارالامان جو در ڀيٽجي(1). دل ۾ چيائين: جيڪڏھن  ھرنائي ۽ داجل واري پاسي کان ٿو وڃان تھ اتي سکن جو راڄ آھي ٿي سگھي ٿو تھ اھي ڪو نقصان رسائي وجھن(2) ۽ جي سنڌ کان ويندس تھ متان انھن کي پراڻو وير ياد اچي وڃي. جيڪو وري ڪنھن ڏچي ۾ وجھي ڇڏي.

ھيءُ اڃا انھيءَ ڳڻتيءَ ۾ ھو تھ سبيءَ کان سردار سمندر خان اچي سندس سلامي ٿيو.(3). اتي شاھھ شجاع کي ڪجھھ سرھائي ٿي ۽ ٻئي وري لشڪر ۽ جنگي سامان گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويا. پر سمندر خان اوچتو سخت بيمار ٿي پيو، ان ڪري شاھ شجاع کان موڪلائي واپس سبي ھليو ويو، جتي ستت ئي وفات ڪيائين.

شاھھ شجاع جيئن سمندر خان جي موت جي خبر ٻڌي تھ پاڻ بھ مجبور ٿي لشڪر وغيره جي جمع بندي ڇڏي گنجابي (ڀاڳناڙي) ۾ وڌيڪ ترسڻ منسب نھ سمجھي، سنڌ ڏانھن راھي ٿيو ۽ منزلون ھڻندو، روجھاڻ کان ڦرندو لاڙڪاڻي پھچي ويو.(1)

*


 

(٥١)

شاھھ شجاع جو روجھاڻ پھچڻ، شڪارپور جي ناظم سيد محمد تقي شاھھ (سيد ڪاظم علي شاھھ جي ڀاءُ جو) سندس پويان اچڻ ۽ ان جي پھچڻ کان اڳ ئي شاھھ شجاع جو لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيڻ:

شاھھ شجاع گنجابي کان ھلي روجھاڻ آيو، اتان وڌي اڳتي ٿيو تھ سنڌ ۾ ھوءَ ھواءِ ٿي ويئي. شڪارپور جي ناظم ۽ سيد ڪاظم علي شاھھ جي ڀاءُ سيد محمد تقي شاھھ کي جو ڪل پئي تھ کيس شاھھ شجاع سان ملڻ جو اچي سوداءُ جاڳيو. ھن جي ڪچھريءَ ۾ جيڪي ترڪي، افغان ۽ سنڌي اٺ سوار ۽ گھوڙي سوار (اڇا ڪپڙا کيسا خالي) تيل سان ڏاڙھيون مکي، مڇن کي وٽ ڏئي، تراريون چيلھھ سان ٻڌي، ڍال ڪلھي تي لڙڪائي اڀي ڳاٽ اچي سلامي ٿيندا ھئا، تن کي ٽيڳر ڏئي، پاڻ سان کڻي روجھاڻ وارو رستو ورتائين. جڏھن جاڳڻ پھتو تھ خبر پيس تھ شاھھ شجاع روجھاڻ ڇڏي لاڙڪاڻي وڃي رھيو آھي، تھ ھڪدم خار ۾ اچي وڦلڻ لڳو، چئي: افسوس جي شاھھ شجاع ملي پوي ھا تھ ساڻس اھڙي جٺ ڪجي ھا جو وڃي ٿيا خير، نصيب چڱا ھئس جو نڪري ويو. جواب ۾ سندس ٻولڙيا ھا ۾ ھا ملائيندا ٿي رھيا، تھ بلي! اوھان جي مڙسيءَ جي ڪھڙي ڳالھھ ڪجي:

جيڪڏھن ڪو پينو فقير اسلامي لشڪر جو اچي اڳ جھلي تھ ڪافر بھ انھيءَ اميد تي ڪاھي وڃي چين ٺڪاءُ ڪري.

نيٺ ناظم (سيد محمد تقي شاھھ) وري پائنچا کنجي اٿيو ۽ لاڙڪاڻي ڏانھن ھلڻ جي ڪيائين. سندس ساٿارين کي انھيءَ ھڻ ھڻان ۾ جو بک اچي ورايو تھ ھر گھڙي کيس ماني ٽڪر لاءِ نيزاريون ڪرڻ لڳا، پر ماني بھ ھجي تھ ھنن کي ملي، سو مڙئي پئي ھنن کي آسرا ڏنائين، نتيجو اھو نڪتو جو ويچارا بکئي پيٽ سان سياري جي سخت سرديءَ ۾ پنڌ ھڻندا، وڃي اڌ رات جو لاڙڪاڻي رسيا.

ٻئي ڏينھن مس وڃي ھنن کي ماني ٽڪر مليو، سو بھ کائڻ نھ کائڻ جھڙو! انھيءَ آزار کان چوڻ لڳا: ھروڀرو ھن ٽرڙي ناظم جي چوڻ تي شاھھ شجاع جھڙي چڱي مڙس پويان پياسين!

سيد محمد تقي شاھھ جيڪي ٻٽاڪون ٿي ھنيون، سي رڳو سندس خوشامندڙين کي خوش ڪرڻ لاءِ ھيون. حقيقت ۾ ھن کي اھو پيٽ سور ھو تھ سندس ڀاءُ سيد ڪاظم علي شاھھ، جيڪو شاھھ شجاع واري جنگ ۾ مارجي چڪو ھو، تنھن جو وٽانس ڪو عيوض اڳاڙيو وڃي، پر ناڪام ٿي ورڻو پيس.

جڏھن سندس منھن وڃي ڀت سان لڳو تھ شرم پرچائڻ لاءِ ھمراھن کي ٻڌايائين تھ مان پنھنجي مرحيات ڀاءُ جو بدلو وٺڻ لاءِ نڪتو ھئس، پر پوءِ سوچيم تھ معاف ڪرڻ چڱو ڪم آھي. معافي ۾ جيڪو مزو آھي، سو وير وٺڻ ۾ ناھي. وري بھ شاھھ شجاع اسان جي ماڳ ۾ آيل آھي، ان ڪري گھر آئي سان ھٿ چراند ڪرڻ نھ جڳائي.

بڇڙائي جو بدلو، بڇڙائي ٿي سگھي ٿي،

پر مرد اھو، جيڪو بڇڙن سان بھ ڀلايون ڪري!

جيڪڏھن انسان ۾ نيڪيءَ جي سگھھ آھي تھ پوءِ بڇڙائي ۾ پير پائڻ وڏي ھوڙيائي ٿيندي، سياڻا ٿا چون تھ:

”تو کان جيترو پڄي سگھي  چڱائي ڪندو رھھ.“

سيد محمد تقي شاھھ شڪارپور پھچڻ تي اٿندي وھندي نيڪيءَ جا ٻول ٻوليندو ٿي رھيو، فقط پنھنجي ڦڪائي مٽائڻ لاءِ، نھ تھ نيڪي تھ کانئس ڪوھين پنڌ پري ھئي. ماڻھن ۾ بھ اھا ٻولاچاري ھئي تھ بيبي ويچاري چادر نھ ھئڻ ڪري پردي ۾ ويٺل آھي. باقي ستر جو کيس ڪو اونو ئي ناھي. ھر ڪنھن جي وات اھا وائي ھئي تھ جيڪڏھن ميرن ۾ واقعي ڪا ٿوم ھجي ھا تھ شاھھ شجاع جھڙي (ڍڍي ۽ دوھي کي) شڪارپور ٽپڻ کان اڳ پورو ڪري ڇڏين ھا، جھڙي ھن ڪميڻي سنڌ سان ڪئي ھئي، بکر ۽ شڪارپور جي ڍل ۾ آخر رکيو ڇا ھو، جنھن تي ايڏي ٻيگھي متل آھي وغيره.

*


 

(٥٢)

شاھھ شجاع جو لاڙڪاڻي اچڻ، لاڙڪاڻي جي ڪارمختار مير اسماعيل شاھھ جو کيس رخ نھ ڏيڻ، ٿوري ڳالھھ ٻولھھ کان پوءِ شاھھ شجاع جو ميرن جي چوڻ تي حيدرآباد اسھڻ:

شاھھ شجاع لاڙڪاڻي آيو تھ ھتي مرحوم ڪاظم علي شاھھ جو والد مير اسماعيل شاھھ ميرن پاران مختارڪار مقرر ٿيل ھو، جنھن ھن کي پٽ جو قاتل سمجھي، کيس سنئون منھن نھ ڏنو، اھو تھ ٺھيو ويتر شاھھ شجاع کي ھدرا (ابتا سبتا جواب) ۽ پٽ پاراتا ڏئي ٽاريندو رھيو.

شاھھ شجاع کيس چورائي موڪليو: ”آءٌ پاڻ اوھان جي پٽ ڪاطم علي شاھھ جي قتل تي ناخوش آھيان، جيتوڻيڪ مون ڪيئي ڀيرا مرحوم کي خط پٽ لکي پئي سمجھايو تھ اوھان مون لاءِ پنھنجي پٽ برابر آھيو، مون سان ڦٽائڻ جي نھ ڪريو، شڪارپور چاھي ميرن وٽ ھجي يا مون وٽ، بھرحال اوھان ئي حاڪم ٿي رھندا. انھيءَ وعدي کان پوءِ بھ اوھان جو پٽ نھ مڙيو ۽ ميرن جي لشڪر سان ملي، سامھون ٿيو. نيٺ موت جو منھن ڏٺائين. ڀلا ٻڌايو تھ پنھنجي ڪئي جو بھ ڪو علاج آھي؟ ٻيو تھ الاھي تقدير بھ ائين ئي ھئي. خدا ٿو ڄاڻي تھ منھنجو ڪوبھ قصور نھ ھو، ھاڻ اوھان پاڻ ئي نبيرو ڪريو تھ اوھان جي بيرخي ٺھي ٿي؟“

مير اسماعيل شاھھ سياڻو ماڻھو ھو. ساھھ شجاع جون ڳالھيون ٻڌي، انھن کي ٺيڪ سمجھي ماٺ ٿي ويو. پوءِ سڄي حقيقت کان ميرن ۽ واسطيدارن کي آگاھھ ڪيائين.

ميرن حقيقت کان واقف ٿيندي لاڙڪاڻي جي مختارڪار ۽ ٻين سرڪاري ڪارندن کي تاڪيد ڪري موڪليو تھ ھڪدم ٻيڙين ۽ سوارين جو بندوبست ڪري شاھھ شجاع کي حيدرآباد اچڻ لاءِ عرض ڪيو وڃي. حڪم موجب مير اسماعيل شاھھ جي پٽ سيد ابراھيم شاھھ تي اھو ڪم رکيو ويو تھ ھو حيدرآباد تائين شاھھ شجاع جي خدمت گذاري لاءِ ساڻس گڏ ھجي.

شاھھ شجاع لارڪاڻي مان حيدرآباد رسيو تھ ميرن سندس رسائي ۾ ڪا ڪوتاھي نھ ڪئي(1). ھيءُ بھ سڻڀن ٽڪرن تي ائين اچي ڪريو، جيئن مفت خور مانيءَ تي اونڌا ٿي پوندا آھن. انھيءَ دوران ڳالھيون ٻولھيون بھ ٿينديون رھيون. ميرن کي ڏاڍيون فرمائشون ۽ فھمائشون ڪندو رھيو تھ اسان کي پاڻ کان الڳ نھ ڪجو، شڪارپور ۽ بکر اسان جي حڪم ھيٺ رھي، ڇو تھ ان ۾ اوھان جي ڀلائي آھي. جيڪڏھن ائين نھ ٿيو تھ اوھان کي اڳتي ھلي پڇتائڻو پوندو.

ھيڏانھن ميرن کي باھيون تھ گھڻيئي ھيون، پر مصلحت جي ڪري ماٺ ٿي سڀڪجھھ ٻڌندا رھيا ۽ شاھھ شجاع کي صلاح ڏنائون تھ اوھان في الحال پنھنجي لوڌ سميت وڃي لڌيانو ڀيٽيو، پوءِ ڳالھيون ڪنداسين، جيئن توھان چوندا، تيئن ڪيو ويندو.

شاھھ شجاع انھيءَ تي رضامند ٿيو. ميرن کيس تحفن سان گڏ تنبو، ھاٿي ۽ ھزارين رپيا روڪ راھھ خرچ ڏيئي ٽاريو ۽ ھو جيسلمير جو پاسو وٺي وڃي لڌياني رسيو(1).

*


 

(٥٣)

شاھھ شجاع جي پاران ميرن ڏانھن پنھنجا ماڻھو موڪلڻ ۽ ميرن جو کيس کتو جواب ڏيڻ:

شاھھ شجاع جيڪو وڏين تيارين سان قنڌار فتح ڪرڻ ويو ھو، اتان ناڪام ٿي واپس وريو تھ وٽس ايترو ڪين ھو، جو وري ڪا نئين ويڙھھ شروع ڪري ھا، انھيءَ حال ۾ ھو وڃي لڌياني پھتو. بس رات ڏينھن مجنون وانگي حڪمراني جي ليلا جي ھاءِ ھاءِ لڳي پئي ھيس.

ٻن ٽن ورھين کان پوءِ ١٢٥١ھھ (١٨٣٥ع) ۾ حيدرآباد جي ميرن کي خط لکي موڪليائين تھ: ”اوھان جيڪي قول اقرار ڪيا ھئا تھ اسان ڪن مھينن کان پوءِ اوھان سان ڳالھائينداسين، تنھن کي ھاڻ ٻھ ٽي سال ٿي چڪا آھن، پر اوھان مان اڃا تائين ڪو پکي بھ ڪونھ آيو  آھي، اچرج آھي اوھان جي حال تي، جو ھيڏانھن اسان پاڻ کي اوھان جو خير خواھھ ثابت ڪندا ٿا رھون، ھوڏانھن اوھان پنھنجي بدخواھي برقرار رکندا ٿا اچو! خير، ھاڻ تھ اسان کي ماٺ آھي، پر جڏھن اسان اک پٽي تھ اوھان کي ڏينھن جا تارا ڏسڻا پوندا. اھو اسان جو ئي سر آھي، جنھن ڪري اوڙي پاڙي ۾ اوھان جو ڪوبھ نالو نٿو وٺي، پر جي اسان ھٿ ڪڍيا تھ اوھان جا طاق لڳي ويندا. بکر جو قلعو يا شڪارپور جي چوديواري ڪا شيءِ نھ آھي، پر وقت اچڻ تي بکر جو قلعو اسان جي حرم جي رھائش لاءِ ھوندو ۽ شڪارپور جي آمدني مان خرچ ھلايو ويندو. خبر ناھي اوھان ايڏي ڪن لاٽار ڇو ٿا ڪريو؟ ۽ ھن پاسي ڇا لاءِ اوھان جو ڪو ڌيان ڪونھي! ھاڻ بھ ھوش کان ڪم وٺو، نھ تھ اوھان جي اھڙي ڪن مھٽ ٿيندي جو عمر تائين ياد ڪندا.

مون کي جيڪي چوڻو ھو، چئي ڏنم، ھاڻ مڃڻ نھ مڃڻ اوھان جي مراد!“

ميرن، اھو خط پڙھي لنوائڻ جي ڪئي ۽ شاھھ شجاع کي خوشامد سان اھڙو خط لکيائون جو ظاھر ۾ تھ خط ھو، پر اندر ۾ بلڪل کتو جواب ....

*


 

(٥٤)

شاھھ شجاع جو ميرن کان مايوس ٿيڻ ۽ سندس خلاف انگريزن سان سازش ڪرڻ ۽ اليگزينڊر برنس جو خراسان افغانستان روانو ٿيڻ:

شاھھ شجاع کي جڏھن ميرن جي اصل نيت جي خبر پئي تھ سندس حال تي افسوس ڪندي چوڻ لڳو: ”ھنن آخر پنھنجي چڱ مڙسي ظاھر ڪئي، ھاڻ ان جو اپاءُ اھوئي آھي تھ انگريز بھادر سان ملي، انھن سميت سڀني کي سيکت ڏياري، سندن مٿي مان ھوا ڪڍي وڃي.

پاڙيسريءَ جي پھچ سان بھشت ڀيڙو ٿيڻ،

اھو بھ دوزخ جي عذاب کان گھٽ ناھي.

پر ڇا ڪجي، چئني پاسن کان اھل اسلام مان چڱائي جي ڪا اميد ڏسڻ ۾ نھ اچي تھ لاچار پنھنجي مطلب جي پورائي (خراسان/ افغانستان جي حڪومت ھٿ ڪرڻ) لاءِ انگريز بھادر سان ملي ڪا ڳڻ ڪرڻي پوندي. انھيءَ ڳڻ ڳوت ۾ ھو آخرڪار وڃي انگريزن سان مليو.

انگريز جيڪي اڳ ۾ ئي شاھھ شجاع جي پيٽ ۾ پنھنجو نيمڪ (نمڪ) داخل ڪري چڪا ھئا، تن کي رڳو ڏاھھ ڏيڻ جي دير ھئي، ھڪدم صلاح ڪري سوچي سمجھي پنھنجي اباڻڪي تدبير اختيار ڪيائون.

ھن مھم کي سر ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول وليچ(1) ۽ ڊاڪٽر برنس کي سنڌ ۽ خراسان / افغانستان جي جاسوسي لاءِ ١٢٥٢ھھ (١٨٣٦ع) ۾ روانو ڪيائون، جيڪي شڪارپور ۾ اچي ميرن سان مليا ۽ سنڌ جي سربستي احوال کان واقف ٿي ويا. کين سڄي خبر پئجي وئي تھ سنڌ جي حڪومت لوڏن ۾ آھي جيڪا ھڪ ئي ڌڪ سان اچي پٽ تي پوندي!!

ھو ڪيترا ڏينھن شڪارپور ۾ ترسيل ھئا، کين اوري پري جا ماڻھو ولايتي چيز سمجھي ڏسڻ پئي آيا ۽ ڏندين آڱريون ٿي ڏنائون، ڊاڪٽر برنس ماڻھن جا ميڙ ڏسي پنھنجي تنبوءَ کان ٻاھر اچي کين چوڻ لڳو: ”اچو بابا اچو! اسان جو پڇ ۽ اسان جا سڱ اچي ڏسو!!“

ماڻھن کلندي کيس وراڻي ٿي ڏني: ”واھھ سائين واھھ! اوھان جو پڇ ولايت تائين ڊگھو آھي ۽ اوھان جا سڱ خراسان تائين پيا پھچن، ڇا ڳالھھ ڪجي!“ اھو ٻڌي ڊاڪٽر بسن ڦڪائي مان تنبوءَ ۾ ھليو ٿي ويو.

ٿورن ڏينھن کان پوءِ اھي ٻئي درياھھ جي ماپ وٺڻ لاءِ ٻيڙين ۾ چڙھي ديري غازي خان ۽ باغبان ڏانھن روانا ٿيا، تان جو پشاور کان ڦري ڪابل وڃي دنگ ڪيائون. انھيءَ زماني ۾ روس جو پڙاڏو پئي ھليو، سو ھو امير دوست محمد خان ڏانھن دوستيءَ جو ھٿ وڌائڻ لڳا. ھنن گھڻي ڪوشش ڪئي تھ امير موصوف، شاھھ شجاع ۽ خالصھ رنجيت سنگھھ جي ٻڌيءَ سان سڀئي شورشون ختم ڪرائجن! پر امير دوست محمد خان کين کنگھيو بھ ڪين. آخر جڏھن ڏٺائون تھ ھيءُ ڪنھن بھ نموني سڌ تي نٿو اچي تھ اندرين خاني ڪابل جي رئيسن ۽ خانن سان گڏيا، جن کي پئسن جي لالچ ڏئي پاڻ سان شامل ڪيائون. اھي رئيس ۽ خان ھونءَ بھ انھيءَ لالچ تي شاھھ شجاع وٽ لڙڪيا پيا ھئا. اتان سڄو بندوبست ڪري ڊاڪٽر برنس پشاور جي رستي لڌياني ھليو ويو ۽ ليچ صاحب قنڌار وڃي سردارن سان مليو، جن کي بھ حيلي بھاني سان پنھنجي سازش ۾ شريڪ ڪرڻ جي ڪيائين، پر ھنن بھ ڪونھ ليکيس، پوءِ قنڌار جي خانن مان حاجي خان ڪاڪڙيءَ کي دولت جي دلبي تي پنھنجو ڪري قلات واپس آيو.

ھتي مير محراب خان بروھي(1) کي وڏيون لالچون ڏئي، اجازت گھريائين تھ انگريزن جي فوج کي ڪڇي، ڍاڍر ۽ ڪوئيٽھ کان اڳتي وڃڻ ڏنو وڃي ۽ مير محراب خان سندس چوڻ تي رضامند ٿيو.

ھاڻ انگريز پئسي جي زور تي سڀني کي خريد ڪري سڀ ڪم ٺاھي، ٺھي سنبري سنڌ ۽ خراسان ۾ ھٿ ڳنڍڻ لڳا. پھريان جاسوسيءَ ذريعي سڀ ڪجھھ معلوم ڪري چڪا ھئا تھ ڪھڙي رستي اھا مھم سر ڪرڻي پوندي.

ھيڏانھن پاٽنجر صاحب(2) حيدرآباد ۾ ميرن وٽ اچي، کين ريھي ريبي انگريزي فوج کي خشڪي توڙي درياھي رستي سنڌ پار ڪرڻ جي ڳالھھ مڃرائي ڪري دلجاءِ سان پنھنجو ڪم ڪڍي ويو. مير توڙي مير محراب خان انگريزن جي ابليسي ارادن کان بلڪل غافل رھجي ويا. جن نانگ نپايا، تن پنھنجو موت پاڻ آندو.

نقل آھي تھ ڪنھن شخص ننڊ ۾ ڏٺو تھ نانگ سندس پيٽ تان لنگھيو آھي، سو ھڪدم سجاڳ ٿي سوچڻ لڳو تھ انھيءَ نانگ اڄ منھنجو پيٽ ڏٺو آھي، سڀاڻي ضرور اچي ڏنگ ھڻندو. ويچارو انھيءَ انتظار ۾ سڄي ڄمار آرام سان ڪونھ ستو، پر نانگ تھ سجاڳيءَ ۾ بھ ائين ڪري سگھي ٿو.

*


 

 

(1) ڛإێێ ڛضإڠ ڤڷډإڎ ضۑ ڊڦڼ ۾ ڷإڈڎۑ ڤڵڠۑ إڷڈڎ إغۑ جڎښۑۆ، ضۑڥۆ ڷإڈڎ ڛإێێ ١١٥٠ێێ ١٦٣٧ڠ) ډإڎۑ سێڎإۑۆ ێۆ. إێۆ ڤڵڠۆ ڤڷډإڎ جۑ ڧێۑڎۑ ڥڎڼ ڈۆڎإڷ جۑإڎ حۑۆ ێۆ، ضجۑ ڷإڈڎ ڛإێێ ښإڎۆ ښإڵ غڏێإیۑ ضۑ كۑإڵ ښإڷ ڎێۑڵ ێۆ، صڎ ڤڵڠۑ ۾ ڎێڼ ڷڜۑب ڥۆڷێ حۑښ، ضڊێڷ ۆڎۑ إقڶڈ ڛإێێ إبڈإڵۑ ڤڷډإڎ ضۆ بڷۑإڈ ڎڦۑۆ جێ صڎإڼۆ ڠڵإیڤۆ ڷإڈڎ آبإڈ ۆۑڎإڷ حۑ ۆۑۆ، ضجۑ ێإڼ ڥۑ إێعإڼ ڊښڼ ۾ صۑإ إغڷ.- قبۑبۑ.

(1) ێۑ٪ ضڷڧ ڛإێێ ڛضإڠ غۆإڼۑ: إڪإڎۑ ڊۑڷێڷ ١٢ ڜڢڎ ١٢٥٠ێێ (١٨٣٥ڠ) ۾ ڵکۑ ێیۑ، ضڷێڷ ڦۑ صإڼ ڶڷقۆښ ڊۑڷێڷ ڥڎۑ ڥۆسۑۆ إحإیۑڷ (ۆإڤڠإج ڜ ٩٧). قبۑبۑ.

(1) ڛإێێ ڛضإڠ ڤڷډإڎ ڦإڷ ێڵڷڈۆ إۆڵإێۑڷ صإښۑ ۆډۑۆ. ێۑڎڶڷڈ ڈڎۑإێێ، ضۑڥۆ ێڥ ښۇ ڥڵۆڶۑخڎ ضۑ صڷډ جۑ ێۆ؛ إێۆ ڈڎۑإێێ ښۑښجإڷ ضۑ ښڎقڈ جإیۑڷ ۆێڷڈڏ ێۆ. إڷێۑ٪ ضۑ ثڎښإڷ ښإڵۆ كإڷ ضۑ ڶڎڥڐۑ ڤڵڠۑ ۾ إغۑ ڎێإیڛ صڍۑڎ حۑۆ. ښڷڈښ ڶێڶإڷڈإڎۑ ښۑښجإڷ ضۑ ۆإڵۑ ڠڵۑ كإڷ ۽ ښإڵۆ كإڷ ضۑ صخ ڡڵإڶ ڎښۆڵ كإڷ ښڎإڷضإڶ صیۑ ڊڷۑ. ێۑ۝ صۆڎإ تێ ڶێۑڷإ إجۑ ڎێۑڵ ێۆ.

إڷێۑ٪ ڈۆڎإڷ ێڎإج ضۑ قإڥڶ ۽ ښڷڈښ ثإیخۑ ڛێڐإڈۑ ڥإڶڎإڷ، ڛإێێ ڛضإڠ ڦۑ ێڎإج إغڼ ڵإ٭ ڵڦۑۆ ۽ ڶڛێڈ ضۑ قڥڶڎإڷ كښڎۆ ڶڎڐإ بێ ڦۑښ إغڼ ضۑ آف ڥیۑ، صڎ ێۑ۝ قإڵجڷ ڦإڷ إێڏۆ جإیضۑ غڥۆ ێۆ، ضۆ ڥڷێڷ ڊإڷێڷ بێ ڥۆڷێ ۆۑۆ، ښډۆ ڤڵإج ڊإڷێڷ ۆۑڷڈۆ ڎێۑۆ. (ۆإڤڠإج ڜ ٩٨). قبۑبۑ.

(1) ڥۑۆڵ، ضۑڥۆ إڜڵ ڢڎڷڧۑ ێۆ، صڎ ڶښڵڶإڷ حۑۆ. جڷێڷ بإبج ڥجإب ضۑ صفإڏۑ٪ ۾ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ٣٠ جۑ ڊسۆ ۆعۑ.

(1) ڛإێێ ڛضإڠ ١٢٥٠ێێ (١٨٣٤ڠ) ډإڎۑ إڷێۑ٪ فجۑ ۆۑڏێێ ۾ تإۆڷضإێێ ڊۑڷێڷ ضۑ غڥڎۑڷ ڦإڷ صۆ٭ إڪإڎۑ ڊۑڷێڷ ٢٢ ڜڢڎ جۑ ١٢٥٠ێێ ۾ ڛإڵ ۽ ضۆۑڷ ۆإڎۑڷ ۆښجۑڷ ڦإڷ ثطڷڈۆ صإڼ بغإیۑڷڈۆ، ڤڵإج صێجۆ. ضجإڷ ښڷډ ۾ بۑڥإڷۑڎ ڵجإڏۑڷڈۆ، جإڎۑك ١٧ ڍۆإڵڤڠڈ ١٢٥٠ێێ ۾ ڵډۑإڷۑ صێغۑ، ښإڶج ضۆ ښإێێ ڦڷۑإیۑڷ. (ښڎإض ١ ١٢٥).

(1) ڛإێێ ڛضإڠ إڷێۑ٪ إڷڈۑڛۑ ۾ قڤ بضإڷب ێۆ، فۆ جێ ڥإڶڎإڷ إڷڈڎ ضۆ ڦۆخۆ ێۆ. ێڷ ۆڐۑڎ ڢجق كإڷ ڦۑ إڷډۆ ڥڎإیۑ ڥێإیۑ فڊۑۆ. صڷێڷضۑ صۑ۝ ڶقڶۆڈ ڛإێێ جۆڏۑ غإغۑ ڢۑڎۆڐ ڦۑ جڏۑ ێڎإج ێح ڥۑإیۑڷ. إڷ ڥڎۑ ڛإێێ ڛضإڠ ڦإڷیښ بڈڟڷ ێۆ، جڊێڷ جێ صإڼ صۆڎۑ ێڥ ۆڎێۑێ ضإ ڥڛج ڥڛإڵإ ڥڌۑ ښۑښجإڷ ڦإڷ ڵډۑإڷۑ جإیۑڷ ڶڜۑبجۆڷ ښڎ جۑ ښێښإیۑ ۆعۑ جۆڏ ڥۑإیۑڷ، ڵۑڥڷ ێڎإج ڊإڷێڷ ۆڎڷڈۑ ڎۆق ڷێ حۑښ.

(1) بڎۆێۑ ۑإ بڎإێۆۑ: ێڷ بإڎۑ ۾ ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ٢٩.

(1) ڵډۑإڷۑ ضۆ ڈإڎإڵإڶإڷ ضۑڥۆ إښڵإڶ ڈڛڶڷ إڷڧڎۑڐڷ ضۑ إۑفصۑ (إقښإڷ) ښإڷ آبإڈ ێۆ. ڶجڎضڶ.

(2) ڧڷضإۑۆ = ثإکڷإڏۑ، ښبۑ صڎکڼۆ، ێڎڷإیۑ = ڥۆیۑجێ ضۑ إۆثڎ ۾ ڵۆڎإڵإیۑ ڦإڷ ٣٥ ڶۑڵڷ ضۑ صڷډ جۑ، ڈإضڵ، ڈۑڎۑ ڡإڐۑ كإڷ ڦإڷ ڊڦڼ جۑ طإڶ صۆڎ ڦإڷ صۆ٭ إغۑ حۆ.

(3) ښڶڷڈڎ كإڷ بإڶۑڐیۑ ١٢٥٠ێێ ضۑ ۆغ ډإڎۑ ثإکڷإڏۑ ثڎښإڷ ڢۆج حۑۆ ێۆ. (ۆإڤڠإج ١٠٢).

(1) ڎۆضێإڼ: ڈڎۑإێێ ضۑ ښإطۑ صإښۑ ڛڥإڎصۆڎ ڦإڷ صڷضإێێ ڥۆێڷ ضۑ صڷډ جۑ إجڎ إۆثڎ ۾ آێۑ. (قبۑبۑ)

(1) ڛإێێ ڛضإڠ صێڎۑإڷ ښۑۆێڼ ڵحۆ، ڤڵڷڈڎ ڵڠڵ ڛێبإڐ ضۑ ڐۑإڎج ڦإڷ صۆ٭ ۆڎۑ ٢٩ ڎڶڝإڷ ١٢٥٠ێێ ۾ ڎۆإڷۆ حۑ قۑڈڎآبإڈ آۑۆ، ضجۑ ڶۑڎ ڐۑڷ إڵڠإبڈۑڷ ۆإڎۑ بإڡ ۾ ڵڊۆ ڵإحإیۑڷ. (ۆإڤڠإج ڜ ١٠٣).

(1) ڛإێێ ڛضإڠ ڵڦۑ حۆ جێ ڶإڷ ضۑڵښڶۑڎ ۽ بۑڥإڷۑڎ ڵجإڏۑڷڈۆ، ١٧ ڍۆإڵڤڠڈ (١٢٥٠ێێ) ڵډۑإڷۑ صێجښ، (ۆإڤڠإج ١٠٤) ێجۑ ۆإڤڠإج ضۆ تۑۆ قڜۆ كجڶ حیۑ حۆ. إڷ ڦإڷ صۆ٭ خۑۆڷ قڜۆ ڶقڶڈ قښۑڷ جإضڎ ێڎإڷۑ ڵڦۑۆ ێۆ. إڷێۑ٪ تۑ قڜۑ ضۑ صفإڏۑ٪ ۾ ڛإێێ ڛضإڠ صڷێڷضۑ غڷڋإیۑ (ڷإڥإڶۑ) ضإ صخڼإ صخۑڷڈۑ ڵڦۑ حۆ: بإڈڛإێڷ صڷێڷضۑ ضإێێ ۽ ضڵإڵ ێۆڷڈۑ ڥۑیۑ ڊڦ ڊسإ، ضۑڷێڷ ضۆ ڶشإڵ إۑڎإڷ ضۑ قڥڶڎإڷ ڢجق ڠڵۑ ڛإێێ ڤإغإڎ ضۑ إقۆإڵ ڶإڷ ڶڵۑ حۆ، ضڷێڷ ێڎإج جۑ غڏێإیۑ ڥڷڈۑ، صڷێڷضۑ ێڵإڥج صإڼ ڊسۑ. إښإڷ ڦۑ صڷێڷضۑ ڛڥښج ۽ ێڵإڥج ضۆ إۑجڎۆ إڎڶإڷ ڥۆڷێۑ، صڎ ڊڦ حۆ ڶإڎۑ جێ صڷێڷضۑ إڶۑڈ ضإ بإڡ ضڷێڷ ڐۑڷج ښإڷ ښڷۆإڎۑإښۑڷ، جڷ ضۆ ڶڐۆ ڥۆڷێ ڶإڼۑۆښۑڷ. ڵڛڥڎ ۽ ضڷڧۑ ښإڶإڷ ڧڊ ڥڎڼ ۾ ضۑڥۑ ضجڷ ڥۑإښۑڷ، إێۑ ڥڶ ڥۆڷێ آۑإ. إڷ ێۆڷڈۑ بێ إ^ ۾ إښڎۆ آێۑ. ڊښۆڷ جێ إێۆ فإ حۆ ڥڎۑ. ضۑښجإیۑڷ ضۑیڎإ آێۑۆڷ، جۑښجإیۑڷ صۑإ ێإعإ ێڼڷڈإښۑڷ، ۑإ ڶقبۆبڷ ضۑ ڶڵإڤإج ۑإ ۆڎۑ ڶۆج ضۆ ڶڷێڷ ... (ۆإڤڠإج ١٠٤)

ڷۆخ: ڛإێێ ڛضإڠ بڵإڛڥ إقڶڈ ڛإێێ إبڈإڵۑ٪ ڦإڷ صۆ٭ ښڈۆڐیۑ بإڈڛإێڷ ۾ ڶقڷجۑ بێإڈڎ ۽ ۆڊۑ کإڵێێ ۆإڎۆ ێۆ. ڵډۑإڷۑ ڦإڷ ێڎإج جإیۑڷ ێڷ ڥۑیۑ ڥإێۆڷ ڥۑۆڷ، ڥۑیۑ ثۑڎإ ێڷڈښجإڷ ۽ كڎإښإڷ ضإ بۑإبإڷ ێۑسإڷ آڷڈإیۑڷ، ۆڎێۑڷ ضإ ۆڎێۑێ ښڢڎ ۾ ثخڥڷڈۆ ڎێۑۆ ۽ ڥڎۆڏۑڷ ڎصۑإ ڊڷإیۑڷ ۆڎجإیۑڷ. صإڏۑښڎۑ قڥڶڎإڷڷ ښإ بێ غڪۆ ۆغڏۑۆ ۽ ۆڎۑ ښإڼڷ سإێێ ڥۑإیۑڷ. آكڎ ضێإڷڈإڎۑ ۾ یۑ ڶڎۑ كجڶ حۑۆ. ڵۑڥڷ إڢښۆښ آێۑ ضۆ ێڷ ضۑ إێإ ښطۑ ڤۆج ۽ ڜڵإقۑج كإڷێ ضڷڧۑ ۾ بڎبإڈ حۑ ۆۑیۑ ۽ ڦۑښ ڥضێێ بێ صڵیێ ڷێ صۑۆ.

ضۑڥڊێڷ بإڎڥڐیۑ ۽ ښۆڐیۑ كإڷڈإڷڷ ضۆ صإڼ ۾ صۆڎۆ سإێێ ێضۑ ێإ جێ ێۑ۝ ڶإڵ ۽ ڶڵڥ جۑ إیۑڷ ڥجڷ ۆإڷڧۑ فجإ حۑ ڥۆڷێ ۆڏێڷ ێإ ۽ إڷێڷ ښثڷ، ۆڐۑڎ ڢجق كإڷ ښڷڈښ ثإیڎڷ، جۆڏۑ ڛإێێ ڛضإڠ ضۑ ښڶۆڎۑ ڞإڤج ڶڵڥ ڵإ٭ یۑ ڥڶ إغۑ ێإ ۽ إقڶڈ ڛإێێ إبڈإڵۑ ضڷێڷ ڠإڵۑڛإڷ ڶقڵ ضۆ بڷۑإڈ ڎڦۑ ۆۑۆ. ښۆ ڥڊێڷ ڣێڥۆ ڥڎۑ صِخ جۑ ڷێ صۆۑ ێإ. (قبۑبۑ)

(1) ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ٢٢.

(1) ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ٢٩.

(2) ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ٣٣.

ڷۆخ (١) ڋإڥخڎ بڎڷښ ڷۆڶبڎ ١٨٣٩ڠ ضۑ صفإڏۑ٪ ۾ ێڷڈښجإڷ ضۑ ڧۆڎڷڎ ضڷڎڵ ڵإڎڋ آڥڵۑڷڋ ضۑ قڥڶ ښإڷ ښڷډ ضۑ جضإڎج ضۑ بێإڷۑ ضإښۆښۑ٪ ڵإ٭ ڶڤڎڎ حۑڵ ێۆ. ضڷێڷ ښإڷ ڵۑڢخۑڷڷخ ڎإبڎخ ڵۑغ بڶبیۑ ضۆ ڢۆضۑ إڷضڷۑیڎ، ڵۑڢخۑڷڷخ ضإڷ ۆڎڋ ۽ تۑإ ڛإڶڵ ێیإ. ێڷڷ ښڷډ ۾ صڛإۆڎ ڦإڷ ۆسۑ ڥإبڵ بكإڎإ جإیۑڷ ضإښۆښۑ ڥڎۑ ښۑإښۑ، إضجڶإڠۑ ۽ إڤجڜإڈۑ ڎصۆڎخۆڷ جۑإڎ ڥۑۆڷ، إێۆ إقۆإڵ كۆڈ ڋإڥخڎ بڎڷښ صڷێڷضۑ ڥجإب ”ڥإبڵ ضۑ ۑإڈڧۑڎۑڷ“ ۾ ڵڦۑۆ آێۑ. (ڵڷڋڷ ضۆ فإصۆ ١٨٤٢ڠ، ڜ ٣٩٨).

ڷۆخ (٢) إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ ١٢٣٥ێێ ڶڞإبڤ ١٨٣٧ڠ ۾ ڎڷضۑج ښڷڧێێ ښإڷ ڶڤإبڵۆ ڥڎڼ ڵإ٭ إڷڧڎۑڐڷ، إۑڎإڷ ۽ ڎۆښ ڦإڷ ڶڈڈ ڧێڎۑ ێیۑ، ضڷێڷ جۑ ڎۆښ صڷێڷضۑ ښۑإښۑ ڷڶإیڷڈۑ ۆۑڥۆۑغ ڦۑ ڥإبڵ إڶإڼۑۆ ۽ ڵإڎڈ آڥڵۑڷڋ ڋإڥخڎ بڎڷښ، ڶښخڎ ڵۑغ ۽ ڵۑڢخۑڷڷخ ضإڷ ۆۆڋ ۽ تۑڷ ڦۑ ښۑإښۑ ڶڛۑڎ ضۑ قۑشۑج ۾ ڥإبڵ ڎۆإڷۆ ڥۑۆ. إێۆ ښۑإښۑ ضحۆ، ٥ ضڷۆڎۑ ١٩٣٧ڠ (١٢٣٥ێێ) إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ ۆخ صێجۆ ێۆ.

(قۑإج إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ، إڐ: ڶۆێڷ ڵإڵ، ١ ٢٥٣).

ێڷڈښجإڷ ضۑ إڷڧڎۑڐ قڥۆڶج ڎۆښ ضۑ قڶڵۑ ڦإڷ بغإ۝ ڵإ٭ إڢڡإڷښجإڷ ۾ صڷێڷضۆ ڥإڎڷڈۆ ڎڦڼ حۑ غإێۑۆ، إڷێۑ٪ إڎإڈۑ ښإڷ ێڷ ڛإێێ ڛضإڠ ښإڷ ڶڠإێڈۆ ڥڎۑ ڦۑښ إڢڡإڷښجإڷ ڊإڷێڷ ڢۆض ڊیۑ ڷۆڶبڎ ١٨٣٨ڠ ۾ ڶۆڥڵۑ ڊڷۆ. ضجۑ إڷڧڎۑڐڷ ۽ إڢڡإڷښجإڷ ضۑ صێڎۑڷ ضڷڧ ڛڎۆڠ حۑ.

ڛإێێ ڛضإڠ ١٢- ڶإڎغ ١٨٣٤ڠ ۾ ڎڷضۑج ښڷڧێێ ښإڷ ڶڠإێڈۆ ڥڎۑ ڦۑښ إخڥ، صڛإۆڎ، كۑبڎ ۽ ښڷډ ضۑ إۑڎإڝۑ ڊڷۑ، إڷ ڦإڷ صۆ٭ ٢٥- ضۆڵإ٭ ١٩٣٨ڠ ۾ إڷڧڎۑڐڷ، ڛإێێ ڛضإڠ ۽ ڎڷضۑج ښڷڧێێ ضۆ ڧڊۑڵ ڶڠإێڈۆ حۑۆ، ضڷێڷ ڦۑ ڵإێۆڎ ضۆ ڶڠإێڈۆ ښڊضۑ حۆ. إڷێۑ٪ ڶڠإێڈۑ ڶۆضب ێڷ خڷێۑ ضۆ صإڼ ۾ ضڷڧۑ إجقإڈ ڤإیڶ حۑۆ. قبۑبۑ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org