سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 13

(١٧)

سنڌ ۽ افغانستان جا مجددي:

پير غلام محي الدين سرھندي ۽ نظام الدين سرھندي:

ھيءُ فاروقي خانوادو (سرھندي) ھندستان، افغانستان ۽ ماوراء النھر ۾ وڏي شھرت رکندڙ آھي. اصل اھي ڪابلي آھن، جن جو وڏو شھاب الدين فرخ شاھھ، ڪابل کان اتر پنجشير وٽ، فرخ شاھھ لڪ ۾ دفن ٿيل آھي. ھن خاندان مان امام رفيع الدين حضرت مجدد جو پنجو ڏاڏو ڪابل کان سرھند (ھندستان) ويو ھو.

ھن خاندان جي شھرت شيخ احمد مجدد الف ثاني سرھندي کان  آھي. جيڪو مولانا عبدالاحد جو فرزند ھو ۽ سندس نسب جون ڪڙيون وڃي حضرت عمر فاروق رضھ سان ملن ٿيون.

حضرت مجدد ١٤ شوال ٩٧١ھھ سھرند (سرھند) ۾ پيدا ٿيو. نقشبندي طريقي ۾ خواجھ محمد باقي ڪابلي (متوفي دھلي ١٠١٢ھھ) وٽان فيض حاصل ڪيائين. چشتي قادري سھروردي حلقي ۾ آيو. ھيءُ طريقت جو رھنما ۽ وڏو عالم ھو. ٦٣ ورھين جي ڄمار ۾ اڱاري ڏينھن ٨ صفر ١٠٣٤ھھ ۾ وفات ڪيائين، سندس مزار اڃا عام ماڻھن جي لاءِ مطاف (طواف ڪرڻ) جي جاءِ آھي. انھيءَ خاندان مان پير غلام محي الدين ١٧٩٠ع ۾ پشاور مان سنڌ ۾ آيو. جڏھن اتي سکن جوغلبو ٿيو تھ اتان ١٨٢٣ع ڌاري نڪري اچي شڪارپور ۾ رھيو.

سنڌ جي ٽالپورن عقيدتمندي جي ڪري ھن جي ماھوار پگھار مقرر ڪئي ۽ کيس آبادي لاءِ وڏي زمين ڏنائون. افغان بادشاھن تيمور شاھھ، زمان شاھھ ۽ محمود شاھھ، توڙي ايوب شاھھ سدوزئي بھ ھن کي شڪارپور ۾ اھڙيءَ ريت نوازيو. پير غلام محي الدين، مونس المخلمين جي روايت ص ٥٣ موجب حيدرآباد شھر لڳ دفن ٿيل آھي. ان جو پٽ پير نظام الدين تاريخ ١٧ رجب ڇنڇر ١٢٧٣ھھ ۾ فوت ٿيو. ھن جي مزار شڪارپور ۾ (لکيدر لڳ) آھي ۽ سندس پويان شڪارپور ۾ موجود آھن.

پير نظام الدين وڏو عالم ۽ شاعر ھو. فارسي ۾ ديوان ھيس. سندس تخلص نظام ھو. ھن مناجاتون ۽ مناقبا بھ لکيا ھئا. ھيءُ جيئن تھ ڪابل، قنڌار، ھرات ۽ سنڌ ۾ گھڻي شھرت ٿا رکن، ان نسبت سان سندس شجرو ھتي ڏجي ٿو.(1)

(وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو تڪملھ مقالات الشعراء فضل باقي ۽ عمر و جانان).

*


 

(١٨)

لعل شھباز قلندر:

سنڌ جو مشھور معروف صوفي ۽ ولي آھي. سندس نالو عثمان ولد سيد ڪبير الدين احمد ولد سيد شمس الدين آھي، مختلف روايتن موجب سندس شجرو امام جعفر صادق سان وڃي ملي ٿو. ان ۾ ڪي اختلاف بھ آھن.(1) ھن بزرگ جي ڄمڻ جي تاريخ ٥٣٨ھھ لکي آھي.(2) سندس سنڌ ۾ اچڻ جي دور بابت مشھور مؤرخ برني لکي ٿو: ”شيخ عثمان مروندي وڏو بزرگ ھو. سلطان محمد شھيد ولد سلطان بلبلن جي زماني ۾ سن ٦٦٢ھھ ڌاري ملتان ۾ آيو، کيس سلطان محمد ارادت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ۽ شيخ صدر الدين (متوفي ٦٧٤ھھ) فرزند شيخ بھاءُ الدين زڪريا سان صحبت ۾ رھيو.(3) ان کان پوءِ ٦٤٩ھھ ۾ سيوھڻ ۾ آيو، جنھن جي اچڻ جي تاريخ ھيءَ لکي وئي آھي:(4)

خرد تاريخ آن ارزوي اخلاص

نمود آفتاب زين بگفتا (٦٤٩ھھ)

(”عقل ان جي تاريخ ھيئن لکي تھ ھي دين جو آفتاب آھي.“)

ھن جي وفات جي تاريخ ۾ اختلاف آھن. ڪن جو چوڻ آھي، تھ ٧٢٤ھھ ۾، ۽ ڪي چون ٿا ٦٥٠ھھ، تھ ڪي وري ٦٧٣ھھ ٿا ٻڌائين. سندس عمر ١١٢ سال ڄاڻائي وڃي ٿي، تھ ان حالت ۾ ٦٥٠ھھ ٺيڪ ٿي سگھي ٿو. ليڪن ھن لاءِ شعبان جو مھينو پورو آھي، جنھن ۾ ڪوبھ اختلاف ڪونھي،(1) تھ ھيءُ انھيءَ مھيني ۾ گذاري ويو ھو، جنھن موجب ٢١- شعبان تي سندس ساليانو ميلو منعقد ڪيو ويندو آھي.

آزاد بلگراميءَ لکيو آھي، تھ شيخ عثمان مرندي، ”مرند“ نالي تبريز(2)جي ھڪ وسنديءَ سان منسوب آھي. پاڻ طريقت جي سلسلي ۾ شيخ جمال مجدد سان لاڳاپو رکندڙ ھو. سنڌ ۾ شيخ فريد گنج شڪر ۽ بھاءُ الدين زڪريا وٽ آيو ۽ پوءِ سيوھڻ ۾ رھائش اختيار ڪيائين.(3) چيو وڃي ٿو تھ، ھيءَ انتھا درجي جو مست المست ھو ۽ ملامتي طريقت ٿي رکيائين. شھباز قلندر جي نالي مشھور ٿيو ۽ سندس ھزارين مريد آھن(4).

ھن جو مقبرو ۽ خانقاھھ سيوھڻ شھر ۾ آھي، جتي ھزارين ماڻھو، ھندستان ۽ افغانستان مان زيارت لاءِ ايندا رھن ٿا. ابن بطوطا سندس مزار ٧٣٤ھھ ۾ ڏٺي ھئي، جڏھن پاڻ سيوھڻ وٽان لنگھيو ھو.

٧٥٢ھھ ۾ سلطان فيروز شاھھ جو لاش ٢٤ محرم تي ٺٽي مان سيوھڻ ۾ آندو ويو، جنھن کي قلندر جي خانقاھھ جي پاسي ۾ دفنايو ھئائون، ان تي ٻھ ڪتبا بھ موجود آھن.  ھن خانقاھھ جي عمارت اڏائڻ لاءِ بھ چيو وڃي ٿو، تھ ملڪ رڪن الدين، اختيار الدين سلطان فيروز شاھھ جي حڪم موجب، تاريخ ٧ رجب ٧٥٧ھھ ۾ تيار ڪرايو ھو، جنھن تي لکيل آھي:

”بعھد دولت فيروز شھھ سلطان دين پرور

کھ خاکھ درگھش سازند شاھان جھان افسر

از آن گاھي کھ برتخت شھنشاھي نشست آن سھھ

سراسر گشت گيتي از شعاع دولتش انور

عمارت شد مقام شيخ عثمان پير مروندي

ولي الله کھ او باز سفيد بحر بود و بر

چھ زيبا بارگاھي شد بھشتي طاق برگنبد

کھ رنگ ئي نئھ فلک گشتھ ز ونگ بام او اخضر

اگرچھ اوليا اندر زمان شيخ بس بودند

و ليکن در کرامت بود او از ھمگان برتر

بروز ھفتم از ماه رجب مبني شد اين روضھ

بسال ھفتصد پنجاه و ھفت از ھجرت مھتر

بنايش کرد والي اختيارالدين ملک ارشد

اميري عادل ۽ باذل، تھمتن ثاني اسکندر

کھ تا بود است سيوستان نبوده اين چنين والي

سخي و مشفق و مکرم، تقي پاڪ و دين پرور

اميد آنست مي بايد جزائ اين چنين خيري

ھزاران فيض درجنت ز فضل ايزد اکبر.“*

ترجمو:

”سلطان فيروز شاھھ دين پرور بادشاھھ جي حڪومت ۾،

جنھن جي بارگاھھ جي مٽيءَ کي، دنيا جا بادشاھھ پنھنجو تاج ٿا بنائين،

جڏھن کان اھو بادشاھھ شھنشاھي تخت تي جلوه افروز ٿيو آھي،

سڄي دنيا سندس بادشاھيءَ جي نور سان منور ٿي وئي آھي،

حضرت عثمان مرونديءَ جو روضو تعمير ٿي ويو آھي،

جو ولي الله ھو ۽ بَحر، بَر جو سفيد باز ھو،

ڪھڙي نھ سھڻي درگاھھ تعمير ٿي آھي،

جنھن جو گنبذ بھشت جھڙن محرابن سان سينگاريل آھي،

۽ نون آسمانن جو رنگ، سندس بالاخاني جي رنگ اڳيان سائو نظر اچي رھيو آھي،

جيتوڻيڪ حضرت قلندر جي زماني ۾ ٻيا اولياء بھ گھڻائي ھئا،

پر قلندر سڀني کان وڏي درجي وارو ھو،

۽ اھو سال ٧٥٧ھھ ھو،

ھي روضو، ڄام ملڪ اختيارالدين تعمير ڪرايو،

جو منصف مزاج حاڪم، سخي، بھادر ۽ رتبي ۾ سڪندر جھڙو آھي،

جڏھن کان سيوھڻ شھر آباد ٿيو آھي،

اھڙو حاڪم ڪونھ ٿيو آھي،

جو سخي مھربان، بخششون ڏيڻ وارو،

پرھيزگار ۽ خوش اعتقاد ديندار آھي،

اميد آھي تھ کيس اھڙي خير جي ڪم جي عيوض،

الله تعاليٰ جي فضل سان بھشت ۾ ھزارين محلات ملندا.

----

سنڌيڪار جو تفصيلي نوٽ:

قلندر شھباز جو شجرو:

مختلف ڪتابن ۾ قلندر شھباز جا ھيٺيان شجرا آيل آھن:

(١) مخدوم عثمان (قلندر شھباز) بن سيد ڪبير بن سيد شمس الدين بن سيد نور شاھھ بن سيد محمود بن سيد احمد شاھھ بن سيد ھادي بن سيد مھدي بن سيد منتخب بن سيد غالب بن سيد منصور بن سيد اسماعيل بن سيد جعفر بن سيد عبدالحق بن سيد اڪبر بن سيد ابراھيم بن سيد امام حسين بن سيد حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنھ.

(٢) مخدوم عثمان قلندر شھباز بن ابراھيم بن سيد شمس الدين بن سيد نورالدين بن سيد محمود بن سيد احمد بن سيد ھادي بن سيد مھدي بن سيد منتخب بن سيد غالب بن سيد منصور بن سيد عبدالجليل بن سيد دائود بن سيد ضياء الدين بن سيد خيرالدين بن سيد عبدالجليل ثاني بن سيد عبدالغني بن سيد صالح بن سيد عيسيٰ بن سيد زين الدين بن سيد صلاح الدين بن سيد بھاء الدين بن سيد غياث الدين بن سيد بھاء الدين ثاني بن سيد عبداللطيف بن سيد عمر بن سيد زين العابدين.

(٣) سيد عثمان ملقب ’شمس الدين لعل شھباز قلندر‘ بن سيد حسن بن سيد شمس الدين بن سيد صلاح الدين بن سيد شاھھ بن سيد خالد بن سيد محٻ بن سيد مشتاق بن سيد اسماعيل بن سيدنا امام جعفر صادق رضي الله تعاليٰ عنھ.

قلعھ تاريخ ولادت ۽ وفات:

(١) بجر تاريخ شمس الدين عثمان،

بدرڪن رنج از فلڪ ڪرامت.

(٥٣٨ھھ)

(٢) سن عمرش ولي الله وفاتش،

سروش غيب مي گويد برحمت.(1)

(٦٥٠ھھ)

عثمان مرندي:

ھن بزرگ جي نسبت غلط طور مروندي مشھور آھي، اصل ۾ سندس درست نسبت مرندي آھي. مجمعھ البلدان (ص ٥٠٣، ج ٤) مطابق ’مرند‘- آذربائيجان جو مشھور شھر آھي، جيڪو تبريز کان ٻن ڏينھن جي پنڌ تي اچي ٿو.

انسائيڪلوپيڊيا اسلام ۾ (مرند ھيٺان) اھو فاصلو چاليھھ ميل ٻڌايل آھي، ساڳي ڪتاب ۾ گرجيف جي حملي جي تاريخ ٦٠٥ کان ٦٠٧ھھ تائين ڄاڻائي وئي آھي، جنھن مان اھا بھ خبر پوي ٿي تھ ٦٢٤ھھ ڌاري ’مرند‘ کي علي اشرفي فتح ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ خوارزم جي گورنر شرف الملڪ ان کي ٻيھر قبضي ھيٺ آڻي، ڪيترن ماڻھن کي قتل ڪري ڇڏيو. گمان آھي، تھ انھن وڳوڙن جي ڪري قلندر شھباز کي پنھنجو وطن ڇڏڻو پيو.

ابن بطوطا ٧٣٤ھھ ڌاري سيوھڻ ۾ آيو، تھ مزار تي عثمان المرندي لکيل ڏٺو ھئائين. (ڏسو عجائب الاسفار ٣-١٣٥). ھڪڙو ٻيو ’مرند‘ جيحون درياءَ کان پرتي ختل جي علائقي ۾ بھ ھو، مگر قلندر شھباز جو تعلق آذربائيجان واري مرند سان ھو، جا ڳالھھ بلڪل صحيح آھي. فرھنگ اقوام، ج ٢، ص ٢٥٢ تي کيس خراساني الاصل لکيو ويو آھي.(1)

قلندر شھباز جو مقبرو مختلف مرحلن ۾ تعمير ٿيندو رھيو. پھريان اھو سلطان فيروز تغلق جي زماني ۾ ٧٥٧ھھ ۾ تيار ٿيو. ان کان پوءِ اڪبر مغل جي دور ۾ مرزا جاني بيگ تعمير ڪرايو. مرزا جاني بيگ جي وفات کان پوءِ ان جي پٽ مرزا غازي بيگ ان جي مرمت ڪرائي. شاھھ جھان جي زماني ۾ سيد ديندار خان فرش ھڻايو ۽ مسجدون ٺھرايون. پوئين زماني ۾ ميان غلام شاھھ ڪلھوڙي ١١٧٣ھھ ڌاري خانگاھھ لاءِ جھنڊو موڪليو ۽ ٻاھريون وڏو دروازو ٺھرايائين. اھڙيءَ ريت ھي تڪميل تي پھتو.(2) ھاڻي، ھڪ نئون مقبرو، سالن کان زير تعمير آھي.)

*


 

(١٩)

ميان قبول محمد:

مخدوم عبدالوھاب (١٠٩٠ھھ)جي خاندان ۽ مخدوم ابوالفتح جي اولاد مان  آھي. مخدوم عبدالوھاب جو نسب وڃي حضرت عمر فاروق رضھ سان ملي ٿو. ھن جي درگاھھ درازن (خيرپور)۾ آھي، جتي سندس پونير رھن ٿا. ھن خاندان مان ڪيئي عالم ۽ صوفي ٿي گذريا آھن، جن جي ماڻھن ۾ عقيدت، ارادت جي لحاظ کان ڪافي مقبوليت ھئي. ھنن مان خاص ڪري ميان محمد صاحبڏنو ١١٠١-١١٩٩ھھ سنڌي شاعر ھو.(1) سندس ڀائيٽيو ميان عبدالوھاب عرف سچل سرمست ولد ميان صلاح الدين ١١٥٢ھھ ۾ پيدا ٿيو ۽ ١٢٤٢ھھ ۾وفات ڪيائين. ھيءُ سنڌي، فارسي،، سرائڪي، ھندي وغيره جو وڏو صوفي شاعر ھو. سندس ڪلام مان تصوف جو رنگ ۽ وحدت الوجود واري فلسفي ۽ توحيد جي پروڙ پوي ٿي. سنڌي، سرائڪي کان سواءِ فارسي ۾ سندس ديوان آشڪارا ڇپيل آھي. تنھن سان گڏ مختلف مثنويون، رازنامھ، رھبر نامھ، قتل نامھ، گواز نامھ ۽ تارنامھ تصوف جي انداز ۾ لکيا ھئائين.(2) سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ”سچل“ تھ ڪٿي ”سچو“ ۽ فارسي ۾ بھ آشڪارا جي تخلص سان مشھور معروف آھي. ميان قبول محمد جنھن جو ھن ڪتاب ۾ ذڪر ٿي چڪو آھي. ١٢٤٠ھھ ۾ ھن خاندان جو سجاده نشين ۽ ڀلارو بزرگ ھو. شاھھ شجاع سندس زيارت لاءِ حاضري(1) ڀري ھئي. سندس وفات ھن ڪتاب جي نسخي الف قلمي جي حاشيھ جي لکت موجب ١٢٤٥ھھ ۾ ٿي ھئي.(2) مرزا قليچ بيگ ھن خاندان جو شجرو ھيٺينءَ ريت ڏنو آھي.(3)

                                 ڏسو قلندر شھباز جي مزار جا ڪتبا.

                        مقالات الشعراء- سيد حسام الدين راشدي.

تلنگا

(باب ٢٦ موجب)

ھن ڪتاب جي ڇپائي وقت جناب محمد حبيب الله رشدي سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارڪن ھيٺيون ڳالھيون ڌيان تي آنديون، جيڪي سندس ٿورن سان ھٿ ڏجن ٿيون.

*

تلنگھ جي معنيٰ تھ ڏکڻ ھندستان جي تلنگانھ واري علائقي جا رھاڪو، جنھن کي ھاڻ آنڌرا سڏيو وڃي ٿو.ھيءُ آزادي کان اڳ رياست حيدرآباد دکن جو حصو ھو. ان مان ٿوري ايراضي مدراس ۾ آيل ھئي.

لشڪري اصطلاح موجب تلنگا جو مقصد ھيءُ آھي تھ اھي سپاھي، جيڪي لنگانھ جا رھندڙ ھئا، جيئن انگريزن ۽ ٻين کي انھن جي وطني نالن سان سڏيو ويو آھي. لارڊ ڪلائيو جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران مدراس ۾ واپاري ڪم ڪار ڇڏي سياست ڏانھن رجوع ٿيو تھ تلنگانھ جي رھاڪن کي لشڪر ۾ ڀرتي ڪري کين اھو نالو ڏنائين. اتان کان اھي تلنگا مشھور ٿيا. ھنن وٽ انگريزي لشڪر وانگي پنھنجي بينڊ بھ ھئي، جنھن کي تلنگا بينڊ ڪوٺيو ٿي ويو.

گنگا جمني (باب ٥٥ مطابق):

ھندستاني اصطلاح موجب گنگا جمني گلڪاريءَ جو قسم آھي، جيڪا زيورن، ٿانون ۽ ٻين مرغوب شين ۽ ھٿيارن وغيره تي ڪئي ويندي آھي. ساڳي گلڪاري توبن ۽ ترارين جي سينگار لاءِ بھ ڪرڻ ۾ ٿي آئي. ان ڪري گنگا جمني توبون سڌيون ٿي ويون، جيڪي سھڻيون،سيبتيون ۽ ٻين کان نراليون ۽ خاص ڪري بادشاھن، شھزادن يا اميرن وزيرن وٽ ھونديون ھيون.

*

انھن کان سواءِ باب ٧٥ ۾ شاھھ شجاع جي ذڪر ھلندي ڏولي بردارن (ڪھارن) جو نالو بھ ورتوويو آھي، پر سنڌي ترجمي ۾ صرف ڏولي لکڻ ۾ آئي، انڪري ڪھار بابت وڌيڪ لکڻ جي ضرورت محسوس نھ ڪئي وئي.- مترجم.

*


 

(٢٠)

مرزا حمد خان:

مرزا حمد خان حساب ۽ ادب سان واسطو رکندڙ ھو. ١٢٣٥ھھ ۾ قنڌاري سردارن جي درٻار ۾ آيو، جتي ڪار مختاري جو عھدو ھيس. ١٢٣٦ھھ ۾ سردار محمد عظيم خان بارڪزئي ۽ سنڌ جي ميرن درميان صلح ٿيو تھ سردار پنھنجي لشڪر سان شڪارپور مان واپس قنڌار ويو. ھن ڪتاب جي مؤلف مرزا عطا محمد عطائي شڪارپوري بھ ملا مؤمن خان شڪارپور جي حاڪم جي مرضي سان قنڌار جو سفر ڪيو، اتي سردار شير دل خان جي درٻار ۾ ملا مؤمن خان سان گڏ مرزا احمد خان جي جاءِ تي ڪارمختار مقرر ٿيو.

مرزا عطا محمد ھن صاحب مرزا احمد خان جو بيان ھن ڪتاب ۾ ڪندي لکيو آھي تھ انسانيت، مروت وارو ۽ ھر دلعزيز شخصيت جو مالڪ ھو. جنھن اڳ ۾ سردار شير دل خان وٽ ڪار مختاري جو عھدو ٿي سنڀاليو، جڏھن اھوعھدو سندس مرزا عطا محمد کي ملا مؤمن خان جي واسطيداري سان مليو تھ بيوفا دنيا جيڪا بغض ۽ حسد تي ھلندي پئي اچي، ان جي ابتڙ مرزا حمد خان پنھنجي نيڪ ذاتي ۽ نجابت جي ڪري مون سان ڏاڍو سھڻو سلوڪ روا رکيو، ايتري قدر جو آءٌ سندس نيڪين تي ڇڪن ٿي پيس. ھي پورن ٻن سالن تائين منھنجي ملازمت واري دور ۾ مون تي مھربانيون ۽ نوازشون ڪندو رھيو.

خدا جي رحمت ۽ آفرين ھجي اھڙي نيڪ مرد ۽ سندس والد تي(1) مرزا حمد خان جيتوڻيڪ اصل ڪابل جو ھو، پر ڪيترو عرصو قنڌار ۾ گذاريو ھئائين ۽ قنڌاري سردارن جي معتبر درٻارين مان ھو. ھن جون سردار مھردل خان تخلص مشرقي سان بھ ادبي رھاڻيون رھنديون آيون. سندس ولادت ١١٩٥ھھ ۽ وفات ١٢٨٠ھھ ۾ ٿي ھئي.ھن جو ديوان موجود آھي. تخلص احمد ھيس.(2)

مرزا حمد خان ١٢٧١ھھ ڌاري قنڌار ۾ ھو، جڏھن سندس انيس ۽ جليس، سردار مھردل خان، وفات ڪري ويو. ان جي تاريخ وفات تي ھي رباعي لکي ڪتبي جي صورت ۾ سندس مزار تي نصب ڪيائين.

احمد از ھرڪس تفحص مي نمود

سال فوت آن شھھ اقليم جود

ھاتفي بنھاد سربر پاش گفت،

منزل اوباد جنات الخلود (١٢٧١ھھ)

معنيٰ:

احمد سڀ ڪنھن کان سندس وفات جو سال ٿي پڇيو، ھاتف ان جي پيرن تي مٿو ٽيڪي چيو، ھن جي جڳھھ شل جنت ۾ ھجي.

*


 

(٢١)

عبدالله خان اچڪزئي:

عبدالله خان ولد حاجي سربلند خان اچڪزئي، افغان سردارن مان ھڪ مجاھد ٿي گذريو آھي، جنھن پھرين افغان جنگ ١٨٣٩ع کان ١٨٤٢ع ڪابل ۾ مجاھدن جي قيادت ڪندي انگريزن سان مقابلا ڪيا. ھيءُ ڪابل جي ملي قيام نومبر ١٩٤١ع جو پھريون محرڪ ھو.

عبدالله خان ڪوئيٽھ کان پنجاھھ ميل اتر تي جبل پاسي ھڪ ڳوٺ جو رھاڪو ھو. سدوزئي سلطان واري دور ۾ ھن جي خاندان جي وڏي ھاڪ ھئي.ھن جا ڪيئي فرد ڪابل، پشاور ۽ ٻين ھنڌن تي حڪمران ھئا.عبدالله خان پاڻ قنڌار جي سردار برادري جي وزير فتح خان جو خاص مقرب ھو. ١٢٣٨ھھ ۾ جڏھن انھن سردارن ھرات تي گھيرو ڪيو تھ عبدالله خان ھنن جي فوجي سربراھھ ھئڻ سان گڏ سندن وڏو صلاحڪار بھ ھو.(1)

ھڪ انگريز خبرنگار، جنھن ١٨٢٧ع ۾ بلوچستان جو دورو ڪيو ھو، عبدالله خان بابت لکي ٿو: ھيءُ اچڪزئي قبيلي جو وڏو سردار ھو، جنھن جي وڏي رھائي رسائي ھئي. قنڌار جي سردارن جي ھن جي ڪري قوت قائم ھئي. سوداگرن جا قافلا سندس قلعي وٽان لنگھندا ھئا ۽ ھيءُ انھن کان محصول وٺندو ھو. وٽس لشڪر پڻ ھو(2).

سيد احمد بريلوي سکن سان جھاد ڪرڻ جي امداد لاءِ ١٨٢٦ع ۾ نڪتو تھ سنڌ مان افغانستان ويندي ٽي ڏينھن ھن جو مھمان ٿي رھيو ھو، جتي ھنن جنگ جو نقشو تيار ڪيو.

ان کان پوءِ عبدالله ڪابل ۾ آيو ۽ افغان جي پھرين جنگ ۾ مجاھدن جو قائد ٿي رھيو. سندس ڪارناما ھن ڪتاب ۾ درج ٿيل آھن. سندس شھادت جي باري ۾ ڄاڻايل آھي تھ بيبي مھرو جي تپي ۾ ١٣ نومبر ١٨٤١ع بمطابق ٢٧ رمضان ١٢٥٧ھھ ۾ ٿي ھئي. ان لاءِ موھن لال، شيرين خان ۽ نائب شريف خان کي، پئسا ڏنا ھئا، جن کيس جنگ جي ميدان ۾ زخمي ڪيو ھو. ھن جي ڀائٽي پير دوست محمد خان کي بھ شھادت نصيب ٿي ھئي. موھن لال مشھور مؤرخ آھي، جيڪو انگريزن جو جاسوس ھو.

*


 

(٢٢)

وفات سردار محمد عظيم خان:

سردار محمد عظيم خان ولد سردار پائنده خان ١٢٣٨ھھ ۾ اڻٽيھن ورھين جي ڄمار تائين پڄندي، ڪابل ۾ فوت ٿي ويو. کيس ڪابل جي ڏکڻ اولھھ پاسي مزار عاشقان، عارفان واري مقام ۾ دفنايائون. ھن جي قبر تي ھيٺيون ڪتبو لڳل آھي:

چو پر سندنھ سال فوتش بگو

بھ خلد برين ايز دش جادھار ١٢٣٨ھھ

(جڏھن سندس وفات بابت پڇيو وڃي تھ ٻڌائج، خدا کيس جنت ۾ جاءِ ڏني).

ھن جي مرڻ مھل ڪابل جي خزاني ۾ پورا نو لک رپيا رکيل ھئا، جيڪي سندس پٽ سردار حبيب الله خان جي قبضي ۾ آيا، جن لاءِ سردار دوست محمد خان، جيڪو تڏھن ڪابل جي اتر ڪوھستان واري علائقي جو حڪمران ھو، پنھنجي ڀاءُ سردار امير محمد خان جي مدد سان لشڪر وٺي غزني ويو ۽ سيد آباد وردگ وٽ وڃي سردار حبيب الله خان سان لڙيو، پر شڪست کاڌائين. تنھن کان پوءِ وري لشڪر تيار ڪري پنھنجي ڀائٽي حبيب الله سان چڪري ڏئي کانئس ڪابل کسي ورتائين. پوءِ سڀني ڀائرن (سردار پائنده خان جي پٽن) محمد عظيم خان جي خزاني ھٿ ڪرڻ لاءِ (جيڪو خود سندن ڀاءُ ھو) اچي قنڌار ۾ ميڙاڪو ڪيو ۽ ھڪ ٻئي جي خونريزي کان پوءِ سردار دوست محمد خان سان صلح ڪري نواب عبدالجبار خان جي گھر اچي گڏ ٿيا، جتي محمد عظيم خان جي ملڪيت ورھائي کنيائون.(1) ھيءُ واقعو ١٢٣٩ھھ ۾ ٿيو ھو.


 

(٢٣)

وفات سردار شيردل خان:

سردار شير دل خان جي وفات بابت ھن ڪتاب ۾ ڪجھھ بھ نھ ڄاڻايو ويو آھي. پر فيض محمد ھزاري سراج التواريخ ۾ لکيو آھي تھ ١٢٤١ھھ ۾ جڏھن سنڌ جي ميرن افغاني حڪمرانن کان منھن موڙ ڪئي ۽ وڏو لشڪر سنبرائي اتان جي حاڪم سردار رحمدل خان سان شورش ڪرڻ لڳا تھ سردار شير دل خان خبر ملندي قنڌار کان وڏو لشڪر وٺي سنڌ ڏانھن وڌيو.

سردار رحمدل خان سنڌين جي وڳوڙ کان ھراس ۾ آيل ھو، تنھن ڪري پنھنجي نائب سلطان خان ولد الھداد خان انڪي زئي(1) الڪوزئي کي اتي ڇڏي پاڻ قنڌار روانو ٿيو. واٽ تي ھن جي پنھنجي ڀاءُ سردار شير دل خان سان ملاقات ٿي، جنھن کيس مھڻي ھاب ڪيو تھ تو ھروڀرو ڇالاءِ ملڪ ڇڏيو ۽ اتي رھي اوسيئڙو ڇو نھ ڪيو؟

الاھي قضا اھڙي اچي ٿي جو اتي ئي سردار شيردل خان کي سخت بخار ٿي پيو، آخرڪار جمعي ڏينھن ٢٥ محرم ١٢٤٣ھھ اڪيتاليھن ورھين جي عمر ۾ فوت ٿيو. کيس ”حضرت جي“ واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو(2).

ان کان پوءِ شڪارپور ۾، جيڪي ڪجھھ ٿيو، تنھن بابت ھن ڪتاب ۾ (رحمدل خان جو شڪارپور مان وڃڻ بابت) احوال ڏنل آھي.

(٢٤)

جنرل وينتورا:

اوڀر جي مؤرخن ھن جو نالو پنھنجي مرضيءَ موجب لکيو آھي.ھيءُ پھريون يورپي شخص ھو، جنھن پنجاب ۾ رنجيت سنگھھ جي لشڪر کي جديد تقاضائن موجب ترتيب ڏنو. ھيءُ اصل ۾ اطالوي ھو ۽ نيپولين جي لشڪر ۾ کيس ڪرنل جو عھدو مليل ھو.ڪي ان کي يھودي ڪري لکن ٿا.

ھي اول ايران ۾ آيو، ان کان پوءِ مارچ ١٨٢٢ع ۾ لاھور پھتو، جتي رنجيت سنگھھ جي لشڪر جي ھڪ برگيڊ سندس حوالي ڪئي وئي.(1) ١٨٢٣ع ۾ افغانن واري جنگ ۾ ھن بھرو ورتو،جنھن عوض کيس وڏي پگھار ۽ زمين عطا ڪئي وئي. پوءِ ھيءُ ھميشھ رنجيت سنگھھ جي جنگي مھمن ۾ حصو وٺندو رھيو. رنجيت سنگھھ جي خاندان ۾ سکن جيڪي شورشون ڪيون تن کي دفع ڪرڻ ۾ بھ ھن وڏا ڪم ڪيا. ١٨٣١ع کان ١٨٣٣ع تائين ھن کي ملتان موڪليو ويو، تنھن کان پوءِ لاھور جو قاضي ۽ حاڪم مقرر ٿيو. ١٨٤٣ع ۾ اتان لٿو ۽ تاريخ ٣ اپريل ١٨٥٨ع ڌاري تاولوس ۾ فوت ٿيو.

بايوگرافي ھند ٤٣٦.

*


 

(٢٥)

پير صبغت الله ۽ سندس خاندان:

انھي خاندان مان ھن ڪتاب ۾ چند بزرگن جو بيان آيل آھي، جيڪو وڌيڪ وضاحت سان ھت پيش ڪجي ٿو. ھن خانوادي جو وڏو سيد محمد مڪي آھي، جيڪو حجاز مان بغداد ۽ اتان سنڌ ۾ آيو. ھيءُ خاندان زھد عبادت وارو ھو. سنڌ ۾ ھن جا ڪافي مريد آھن. ھن خاندان مان پير محمد بقا ٻارھين صدي ھجريءَ ۾ وڏي شھرت وارو ٿيو. ھيءُ سيد فقير الله علوي شڪارپوري جي ھمعصرن مان ھو. ھن جي ولادت ١١٣٥ھھ شعبان مھيني جي پھرين تاريخ ٿي ھئي. پاڻ ١١٩٨ھھ ۾ ھيءُ جھان ڇڏي ويو.

ان کانپوءِ ھن جو پٽ سيد محمد راشد گاديءَ تي ويٺو، سندس ولادت ١١٧٠ھھ ۾ ٿي ھئي. ھن کي روضي ڌڻي سڏجي ٿو. ان کان پوءِ مريدن جو تعداد لکن تائين وڃي پھتو. ١٢٣٣ھھ ۾ ھن وفات ڪئي، سندس مزار پير ڳوٺ ۾ آھي.

سيد صبغت الله انھيءَ پير محمد راشد جو فرزند ھو، جنھن کي تجر ڌڻي پاڳارو ڪوٺجي ٿو. ھيءُ خاندان جو وڏو ۽ حر تحريڪ جو باني ھو. ھن وٽ ھزارين جانباز ۽ مجاھد مريد موجود ھئا. سيد احمد بريلوي جڏھن ١٧ ذوالقعد ١٢٤١ھھ ۾ تي آيو تھ پير ڳوٺ ۾ انھيءَ سيد صبغت الله جو مھمان ٿي رھيو. ٻنھي پاڻ ۾ جھاد جي باري ۾ صلاح مصلحت ڪئي ھئي. تنھن کان پوءِ بھ ھنن جي پاڻ ۾ خط و ڪتابت ھلندي آئي(1).

سيد حميدالدين ھن سنڌي سيد بابت لکي ٿو: سڄي سنڌ ۾ ھن جھڙو ڪو ٻيو بزرگ ۽ ڀلارو ڪونھ ٿو سجھي، ھن جي مريدن ۾ ٽي لک بلوچ شامل آھن. ھيءُ وڏي مان مرتبي سان ھر طرح خوش پيو گذاري. سخاوت مروت ۾ بھ سندس وڏو نالو آھي.ھن وٽ عجيب ڪتب خانو آھي، جنھن ۾ سو ديوان نھايت خوش خط رکيل آھن. اھڙا ديوان شايد ڪنھن شاھي ڪتبخاني ۾ ھجن. ان کان علاوه ستر پنجھتر تفسيرون بھ انھيءَ ڪتبخاني جي زينت آھن. فردوسيءَ جي شاھنامي جا پنج جلد بھ انھيءَ ڪتب خاني ۾ رکيل آھن، جن مان ٽي سوني پاڻيءَ سان لکيل ۽ باتصوير آھن.(1)

سيد صبغت الله جو ھڪ ڀاءُ محمد ياسين نالي ھو، جيڪو پنھنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ پير جھنڊي جي نالي سان وڃي ٻي ھنڌ گادي قائم ڪري ويٺو. اھو بھ پاڻ سان ميراث طور وڏو ڪتبخانو کڻي آيو، جيڪو اڃا تائين پير جھنڊي ۾ موجود آھي. ھن جي پوين مان پير رشيدالدين، مرشد الله ۽ ضياء الدين مشھور آھن.(2)

پير صبغت الله تجرڌڻي تاريخ ٥- رمضان ١٢٤٦ھھ تي فوت ٿيو. کيس پير ڳوٺ ۾ رکيو ويو. سندس گاديءَ تي پير علي محمد اول ويٺو، جو عالم شاعر ۽ طبيب ھو. ھن پنھنجي ڀاءُ علي گوھر شاھھ اصغر کي گادي ڏني، پاڻ علمي ڪم ۽ خلق جي خدمت ڪرڻ لڳو. ھيءُ اھوئي پير آھي، جنھن جو ھن ڪتاب ۾ خاص ذڪر ملي ٿو. ھن پير جي وڏي ھاڪ ھئي، سياسي، معاملن ۾ھن خيرپور جي آخري حڪمران مير علي مراد جي سخت مخالفت ڪئي. ڪتاب جو مؤلف جيئن تھ مير صاحب جو طرفدار ھو، ان ڪري ٿي سگھي ٿو تھ ھن جو انھيءَ سيد اصغر سان اختلاف ھجي، تنھن ڪري ان جو اظھار ڪيو آھي.

پير علي گوھر ٤ رجب جمعي ڏينھن ١٢٣١ھھ ۾ پيدا ٿيو. سندس وفات ١١ جمادي الاول ١٢٦٣ھھ ۾ ٿي ھئي. ھن کي بنگلي ڌڻي سڏجي ٿو. ھيءُ سنڌي زبان جو شاعر ھو ۽ ”اصغر“ جي تخلص سان شاعري ڪندو رھيو.

*


 

(1) كڐۑڷې إڵإڜڢۑإ٭ ١-٨-٦٠ ڍڥڎ ڶضڈڈ، جڍڥڎۏ ڠڵڶإ٭ ێڷڈ ١٢- ښبقجێ إڵڶڎضإڷ ٤٨. جڥڶڵێ ڶڤإڵإج إڵڛڠڎإء ٤٨٥- ٦٠٠ إڢڡإڷښجإڷ ێڷڈښجإڷ جۑڶۆڎۑڷ ضۑ ڈۆڎ ۾ ڤڵڶۑ إڐ قبۑبۑ. إڵڷښإب إڵإڶضإڈ ڶقڶڈ قښڷ ڶضڈڈۑ ڞبڠ ڵإێۆڎ ۽ History of Alien nation in Sindh.

(1) قۑإج ڤڵڷڈڎۑ، جقڢې إڵڥڎإڶ، كڐۑڷېإڵإڜڢۑإ ٢- ٤٧.

(2) ڵإڏڥإڼێ ڧڐۑخۑیڎ ٤٠- قۑإج ڤڵڷڈڎۑ. ڵّب جإڎۑك ښڷډ.

(3) جإڎۑك ڢۑڎۆڐ ڛإێۑ ٦٧. جقڢې إڵڥڎإڶ ٣-١٣٦، ڷڐێې إڵكۆإڞڎ ١- ڶڠڜۆڶۑ ٤٠ ڢڎڛجێ ١- ٧١٠.

(4) ڵب جإڎۑك ښڷډ.

(1) جإڎۑك إڵإۆڵۑإء ٢- ٣٢٦- بڎڥإج إڵإۆڵۑإء (١١٥) قۑإج ڤڵڷڈڎۑ، ڵب جإڎۑك ښڷډ ۆڡۑڎۏ.

(2) ڶإشڎ إڵڥڎإڶ ٢٨٥.

(3) جڍڥڎۏ ڶڛإۑك ښڷډ.

(4) جڍڥڎې إڵڢڤڎإء، بڎڥإج إڵإۆڵۑإء ١٤ ۆڡۑڎۏ.

* إڜڵ ڶښۆڈۑ ۾ ڤڵڷڈڎ ڛێبإڐ ضۑ قۆإڵۑ ښإڷ بۑج ضإ ڢڤڞ خۑ بڷڈ ڊڷڵ ێیإ، ضڷ ڦۑ ڶڥڶڵ ڥڎۑ جڎضڶۆ بێ ڊڷۆ ۆۑۆ آێۑ. إڷ ڦإڷ ڠڵإۆۏ ڧڍإڎڛ آێۑ جێ: قڝڎج ڠشڶإڷ ڶڎڷڈۑ ڠڎڢ قڝڎج ڤڵڷڈڎ ڵڠڵ ڛێبإڐ ڎقێ ضۑ بإڎۑ ۾، ”ڶڠإڎض إڵۆڵإۑج“ ضۑ قۆإڵۑ ښإڷ ڶۆڵإڷإ ڈۑڷ ڶقڶڈ ۆڢإیۑ ضۑ جقڤۑڤ، ”جڍڥڎۏ ڶڛإێۑڎ ښڷډ“، ثإڪۆ تۑۆڷ. (فصإۑڵ ښڷډۑ إڈبۑ بۆڎڋ طإڶ ڛۆڎۆ، ١٩٨٥ڠ) ۾ ڜ ٢٩٦ جۑ، طإڼإۑڵ آێۑ جێ: ”... ێۆ إڜڵۑ ښڷډ ضۆ ڎێإڥۆ آێۑ. قښۑڷۑ ښۑڈڷ ښکۆڎڷ ضۑ كإڷڈإڷ ڶإڷ آێۑ.“ ڶڐۑڈ، ”كڐۑڷې إڵإڜڢۑإء“ ضۑ قۆإڵۑ ښإڷ ڵڦۑڵ آێۑ، جێ: ”... ضڷێڷ ڜۆڎج ڶڵإڶجۑێ ڞڎۑڤۑ جۑ ێۆ، جڷێڷ ڥڎۑ ڶإڼێۆ ڦۑښ ڤڵڷڈڎ ښڊۑڷڈإ ێیإ، ڧێڼۑڷ ڥڎإڶجڷ ڟإێڎ حۑڼ ڥڎۑ، ێڐإڎۑڷ ڶإڼێۆ ښڷڈښ ڶڠجڤڈ ۽ ڶڎۑڈ حۑڷڈإ ڎێۑإ. ښڷډۑ جڎضڶۑ ضۆ إۑڋۑخڎ.

(1) ڤڜڜ إڵإۆڵۑإء ښڷډ ڤڵڶۑ ضۑ قۆإڵۑ ښإڷ ڶجڎضڶ.

(1) ڶڤإڵإج ڶۆڵۆۑ ڶقڶڈ ڛڢۑڠ قإڛۑێ، ڜ ٣١٠، ض صێڎۑۆڷ.

(2) إڵۆقۑڈ ښڷډ آڐإڈ ڷڶبڎ، ڜ ٧١.

(1) ښڷډۑ إڈب ڞبڠ ڥڎإغۑ، ٦١ ۽ ڤڈۑڶ ښڷډ ٤٥٦.

(2) ښڷډۑ إڈب ٧٣.

(1) ێۑ۝ ڥجإب ۽ ۆإڤڠإج.

(2) ڷښكۆ ڤڵڶۑ إڵڢ ێۑ۝ ڥجإب ١٤٣.

(3) ڤڈۑڶ ښڷډ ٥٥٦. ێڷ ۾ ښڷ قبۑبۑ ضإ ڊڷڵ آێڷ.

(1) ێۑ۝ ڥجإب، خإڵصۆڎڷ ضۆ ښڎڈإڎ ڶقڶڈ ڠڟۑڶ كإڷ ښإڷ ڜڵق ڥڎڼ.

(2) ڈإیڎې إڵڶڠإڎڢ إڢڡإڷښجإڷ، ٣- ٥٨٢.

(1) ێۑ ڥجإب، ڶقڶڈ كإڷ ڥۆێۑ ضۑ ڢڎۑب بإڐۑ ۽ ښڎإض ۆڡۑڎۏ.

(2) ښۑإقج ڷإڶێ ڶۑښڷ إڷڧڎۑڐۑ ض ١، ڜ ٣٤٢ جۑ ڵڦۑڵ آێۑ جێ ڠبڈإ^ كإڷ ڤإڢڵۑ ۆإڎڷ ڦإڷ ڢۑ ڧڊێێ صڷض ڎصۑإ ێڷڈڷ ڦإڷ ۽ ێڥ ڎصۑۆ ڶښڵڶإڷڷ ۆخإڷ ۆڜۆڵ ڥڷڈۆ ێۆ. (٢) إڢڡإڷښجإڷ ١٩ ڜڈۑ ۾، ڜ ١٠٢.

(1) ښڎإض ١-٦.

(1) ښڎإض إڵجۆإڎۑك ١-١٠٨ ۾ ڵڦۑڵ آێۑ جێ ښڎڈإڎ ڎقڶڈڵ كإڷ ڠبڈإڵڶڷڜۆڎ كإڷ ڦۑ ڛڥإڎصۆڎ ضۑ قڥۆڶج قۆإڵۑ ڥڎۑ ۆۑۆ ێۆ، ڊښۆ جڠڵۑڤ ١٥.

(2) ښڎإض ١-١٠٨.

(1) ڶښخڎ ڶۑښڷ صڷێڷضۑ ښڢڎ ضۑ ڎۆڈإڈ ۾ ڵڦۑ حۆ جێ ۆۑڷجۆڎإ ڎڷضۑج ښڷڧێێ ضۑ غیڷ ێڐإڎڷ ۆإڎۑ ڶڷڟڶ ڵڛڥڎ ضۆ ښڎبڎإێێ ێۆ، ضڷ ۾ ێڥ ڧۆڎڧإ ڎضڶۑڷخ ۽ تۑ صۑإڈۑ ڎضڶۑڷخ ێیۑ.

(1) جإڎۑك ڠضۑبێ ٢١٨.

(1) ښۑڈ إقڶڈ ٣٠٣. ڶۆڵإڷإ ڶێڎ، ڞبڠ ڵإێۆڎ ١٩٥٢ڠ.

(2) ښۑڈ إقڶڈ ڛێۑڈ، ڜ ٣٠٨.

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org