سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 17

(٥٢)

جنرل ناٽ (١٧٨٢ع – ١٨٤٥ع):

ميجر جنرل سر وليم ناٽ Sir William Nott ولد چارلس ناٽ ٢٠ جنوري ١٧٨٢ع ۾ جنم ورتائين. نيٿ ۽ ڪوبروج مان ابتدائي تعليم وٺي ١٨٠٠ع ۾ بينگال جي يورپي رجمينٽ ۾ داخل ٿيو. ١٨٢٥ع ڌاري بارڪپور جي لشڪر جي قيادت ڪيائين. ١٨٢٩ع ۾ ڪرنل جي عھدي تي پھتو. ١٨٣٨ع ۾ لشڪر انڊس ۾ برگيڊيئر جنرل ٿيو ۽ کيس ڪوئيٽھ موڪليو ويو.

١٨٣٩ع ۾ قنڌار تي چڙھائي ڪري غلزئين کي شڪست ڏنائين ۽ قلات کان کين بدر ڪري ڇڏيائين. ١٨٤٢ع ۾ ڏکڻ افغانستان ۾ انگريزي لشڪر جي ڪمان سنڀاليائين ۽ قنڌار جي اوسي پاسي جي حملن کان بچاءُ ڪندو رھيو. مئڪناٽن جڏھن ڪابل ۾ قتل ٿي ويو تھ جنرل ناٽ کي ھندستان طلب ڪيو ويو. ھو غزني جي راھھ کان ڪابل پھتو. ٣٠ آگسٽ ١٨٤٢ع تي قرھھ باغ وارو ميدان غزني جي وچ تي غصب ڪيائين. ٧ سيپٽمبر ١٨٤٢ع ۾ ڪابل وڃي جنرل پالڪ جي لشڪر سان مليو ۽ جلال آباد کان ٿيندو ھندستان واپس آيو.

ان کان پوءِ جنرل پالڪ سان گڏ لکنو ۾ اوڌ جي بادشاھھ وٽ ناظم اعليٰ مقر رٿيو ۽ G.C.B. جو لقب مليس ١٨٤٣ع ۾. ان کان پوءِ ١٨٤٤ع ۾ انگلئنڊ ويو. ١ جنوري ١٨٤٥ع ۾ وڃي پالڻھار وٽ پھتو. (بايو گرافي ھندي، ٣١٩).

(افغانستان ۾ ناٽ جا ڪارناما، ٨٣٨ – ٤٢١)

(٥٣)

موھن لال:

موھن لال ڪشميري، جنھن جو ھن ڪتاب ۾ اڪثر ذڪر ايندو رھيو آھي، مؤلف ھڪ ھنڌ لکي ٿو تھ: جڏھن غلام حيدر خان کي غزني جي قلعي مان قيد ڪري انگريزن جي لشڪر گاھھ ۾ آندو ويو تھ ھن پاڻي گھريو. شاھھ شجاع حڪم ڪيو تھ ھن جي لاءِ شاھاڻي گگھي مان پاڻي آندو وڃي. پاڻي ھن کي ڏنائون تھ پيئڻ کان انڪار ڪيائين. آخر مرزا قلي ڪشميري جي گگھي مان کيس پاڻي پياريو ويو، جيڪو ڪفر مان اسلام ۾ داخل ٿيو ھو. ان مان ظاھر ٿئي ٿوتھ مرزا قلي ڪشميري اڳ ۾ ھندو ھو، پوءِ ھن کي اھو نالو ڏنو ويو، تڏھن بھ ھو پنھنجي ھندڪي نالي سان مشھور ھو. مسلماني نالو ھن کي صرف سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنل ھو، جيئن ھو اسلامي لباس ۾ چڱيءَ طرح جاسوسي جو ڪم ڪري سگھي.

انڊين بايوگرافي ۾ ھن بابت لکيو ويو آھي تھ: موھن لال منشي ولد پنڊت ٻڌ سنگھھ دھلوي- دھلي جي انگريزي ڪاليج مان تعليم وٺي جوانيءَ ۾ فارسي زبان جي منشي جي حيثيت ۾ ليفٽيننٽ اليگزينڊر برنس ۽ ڊاڪٽر جي. جي جيراڊ سان ١٨٣٢ع ۾ ايران ويو. ھن وفد جو اھو سفر ھندستاني حڪومت جي ھدايت تي اولاھين ملڪن ۽ سنڌو نديءَ جي جاچ جي لاءِ ھو.

موھن لال انھيءَ سفر ۾ برنس سان ايران جي خبرن چارن بابت مدد ڪندو رھيو. جنھن لاءِ ھن خود بخارا جي سفر واري ڪتاب ۾ سندس لياقت ۽ اعتماد جو اعتراف ڪيو آھي. موھن لال، برنس جي خواھش تي تفصيلي مشاھدا پنھنجي روزنامچي ۾ درج ڪيا آھن، جيڪو ١٨٣٤ع ڌاري روزنامچھ سفر پنجاب، افغانستان، ترڪستان ۽ خوارزم کان فارس تائين شايع ٿيو ھو.

افغان جي پھرين جنگ ڀيري موھن لال انگريزن جو اتاشي ھو. ان کان پوءِ ھن جو گھڻو وقت دھلي ۾ گذريو، جتي ١٨٧٠ع ڌاري مري ويو.

(بايو گرافي ھندي، ٢٩٤).

بدايوني ھن بابت لکي ٿو:

آغا حسن خان، جنھن جا وڏا راجا مني رام ڪشميري جي خاندان مان ھئا. ھنن اسلام قبول ڪيو ھو. ھن جي پيءُ جو مرزا محمد شڪوھھ نالو ھو، جيڪو مولانا فخر جو مريد ھو. آغا حسن ڪاليج مان انگريزي فارسي پڙھيو ۽ پوءِ برنس سان منشي گيري ڪرڻ لڳو. ١٨٣٢ع ۾ھن کي ايران موڪليوويو، جنھن بابت سندس سفر نامو ١٨٣٤ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ٿيو. ھن ٻيو ڪتاب حيات امير دوست محمد خان انگريز افغان جي پھرين جنگ دوران ١٨٤٠ع ۾لکيو.ھندستان جي انگريز حڪومت ۾ ھن جون خدمتون وڏي اعزاز واريون ثابت ٿيون. کيس آرڊر آف دي ايمپائر، نائٽ آف دي آرڊر آف پرشين لائين مليو. ھن جي گھر واري حيدري بيگم بھ ھڪ داناء عورت ھئي.جنھن ١٨٥٧ع ڌاري غدر جو روزنامچو لکيو. اھو روزنامچو ١٨٨٠ع ۾ ھندستان جي حڪومت طرفان ضبط ڪيو ويو. ان کان پوءِ حيدري بيگم ساڳيو روزنامچو ڪاٽ ڪوٽ کان پوءِ لکي تيار ڪيو.(1)

مسٽر ايلفسٽن لکي ٿو تھ:

موھن لال ڪشميري دھليو، برنس سان گڏ بخارا تائين ويو. پوءِ مشھد ۽ ھرات کان واپس وريو ۽ پنھنجو روزنامچو انگريزي ۾لکي ڪلڪتي مان شايع ڪرايائين. ان کان پوءِ بھ ٻيو ڪيترو مواد لکي ڇپرايائين.(2)

موھن لال پنھنجي پھرين سفر کان پوءِ ٻئي ڀيري ١٨٣٧ع ۾ افغانستان ويو. ھن جو اھو سفر ان مقصد لاءِ ھو، جو لارڊ آڪلينڊ ھندستان جي گورنر جنرل واپاري معاملن لاءِ امير دوست محمد خان کي خاص خط لکيو ھو. ان کان پوءِ بھ کيس خط روانو ڪيو ھئائين. انھيءَ وفد جو اڳواڻ اليگزينڊر برنس ھو. ميجر ليچ ۽ ڊاڪٽر لارڊ (فوجي عملدار) پڻ انھيءَ وفد ۾ شامل ھئا. موھن لال انھيءَ وفد سان منشي ۽ لکندڙ جي حيثيت ۾ گڏ آيو ھو. اھو وفد ڪيترا مھينا ڪابل ۾ رھيو، پر امير دوست محمد خان سان سندس مذاڪرات ڪامياب نھ ٿيا. آخر ان کي واپس ھندستان اچڻو پيو.

انھيءَ وقت ۾ ڪپتان وڪويچ روسي حڪومت پاران قنڌار آيل ھو، جتان پوءِ ڪابل ويو. ھن افغانستان جي سياست ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو. برنس ١٥ جنوري ١٨٣٨ع ڌاري ھڪ خط ذريعي پنھنجي حڪومت کي خبردار ڪيو تھ ايران ۽ روس ٻئي ڪابل جي درٻار ۾ پنھنجو سياسي اثر رسوخ وڌائڻ ۾ لڳا پيا آھن.

موھن لال انھيءَ وفد سان شريڪ ھو ۽ ان سان گڏجي واپس آيو. ھن جو ٻيو ڪم تڏھن شروع ٿيو، جڏھن انگريزن افغانستان تي حملي ڪرڻ جو منصوبو عمل ۾ آڻن جو ارادو ڪيو.

ھنن جو ارادو ھو تھ شاھھ شجاع کي وري افغانستان ۾ آندو وڃي، جيڪو اتان ٿڏجي چڪو ھو تھ جيئن انھيءَ جي وسيلي افغانستان ۾ پنھنجا سياسي مقصد پورا ڪري سگھن. ان ڪارروائي لاءِ اڳ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جو بندوبست ڪرڻ لازمي ھو، جنھن لاءِ انگريزن برنس کي ھيڏانھن روانو ڪيو تھ ھو مير رستم خان خيرپور جي والي سان ملي معاھدو طئي ڪري، پر مير رستم خان انھيءَ معاھدي لاءِ تيار نھ ٿيو ۽ برنس ڪو وقت انھيءَ جي لاءِ پريشان رھندو آيو.

استعمار طلبيندڙ، بيزاري بدران، پنھنجو رويو روا رکندا ٿي آيا. ھنن کي جيڪڏھن ڪنھن معاملي ۾ ڪا دشواري يا ناڪامي درپيش ٿي آئي تھ جاسوسي ذريعي ھو ان جو ڪونھ ڪو حل ڳولي ٿي ورتائون، ڇو تھ کين ماڻھن جي علتن عادتن جي پوري ڄاڻ ھئي، جن جي آڌار تي وڏي کان وڏا ڪم پورا ڪندا ٿي آيا. مير رستم خان جڏھن انگريزن سان معاھدي لاءِ رضامندي نھ ڏيکاري ۽ برنس ناڪام ٿي شڪارپور واپس آيو تھ ان جي سرانجامي لاءِ موھن لال جھڙي شيطان صفت ماڻھوءَ کي مقرر ڪيو ويو. ھن پنھنجي چالاڪيءَ سان اھو معاھدو ٢٤ ڊسمبر ١٨٣٨ع (٦- شوال ١٢٥٤ھھ) وارو، جنھن ۾ ڏھھ خاص فقرا شامل ھئا، انگريزن جي فائدي ۾ مير رستم خان سان طئي ڪري ورتو ۽ انھيءَ مجبور ماڻھو (مير رستم خان) جي ڪمزورين مان فائدو وٺي ويو. (ڏسو تعليق نمبر ٥٦)

افغانن تي لشڪر ڪشي لاءِ انگريزن کي بکر جو قلعو کپندو ھو ۽ انگريزن ان جي تمام سخت ضرورت محسوس ٿي ڪئي، ان لاءِ بھ مير رستم خان کي موھن لال ريھي ريبي پنھنجي وڪڙ ۾ آندو ۽ پنھنجا سڀ ڪم کانئس پورا ڪري ورتائين.

اھڙيءَ طرح موھن لال سنڌ ۽ بلوچستان کي انگريزن جي غلاميءَ ۾ آڻڻ جو ڪامياب ڪرتب ڪري ڏيکاريو. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڌاڪ افغانستان تي حملي کان اڳ انگريزن لاءِ اشد ضروري ھئي، ان ڪري انگريزن جي ڪارندن جون ڪارستانيون جيئن جو تيئن ھلنديون آيون. ١٨٣٩ع ۾ انگريزن جو لشڪر شاھھ شجاع جي مدد لاءِ شڪارپور ۽ بولان جي لڪ وٽان افغانستان روانو ٿيو، جنھن جي اڳواڻي مئڪناٽن ۽ برنس ڪري رھيا ھئا. تڏھن موھن لال قنڌار تائين جاسوسي ڪارروايون جاري رکندو آيو.

انھيءَ وقت قنڌار جا حڪمران، سردار ڪھندل خان ۽ سندس ڀائر، مير محراب خان کي خط لکي نھايت بيزاريءَ مان اھو ستوھھ ڀريندا رھيا تھ شاھھ شجاع ۽ انگريزن جي لشڪر کي ڪيئن بھ ڪري بولان جي لڪ وٽان قنڌار اچڻ جي اجازت نھ ڏني وڃي. اھي سمورا خط ھڪ قزلباش ھٿان موڪليا ويا. موھن لال ان لاءِ اڳواٽ ئي پنھنجي جاسوسن کي قنڌار ڏياري موڪليو، جيڪي قنڌاري سردارن جي ڪار مختار عبدالوھاب سان وڃي مليا ۽ انھيءَ جي ئي واسطيداري سان اھي خط پڪڙائي اچي موھن لال کي ڏنائون.

انھن خطن مان انگريزن کي قنڌار جا سمورا سياسي راز ھٿ اچي ويا. جڏھن سردار ڪھندل خان ۽ قنڌار جا ماڻھو انگريزي لشڪر سان مقابلو ڪرڻ لڳا ۽ خود سردار چئن ھزارن سوارن سان قنڌار مان آيو ھو تھ موھن لال جي جاسوسن مان محمد طاھر نالي ھڪ شخص قنڌار جي درٻارين سان گڏ ھو. جنھن ڪھندل خان جي پيشڪار ۽ وزير ملا نسو کي اغوا ڪيو ۽ کيس مئڪناٽن جو خط ڏنائين. انھيءَ خط ۾ ملانسو کي پئسن جي لالچ ڏياري وئي ھئي. انھيءَ شخص آخر لالچ ۾ اچي سردار ڪھندل خان ۽ قنڌار جي لشڪر جو خانو خراب ڪيو تھ جيئن ڪھندل خان قنڌار ڇڏي ايران ھليو وڃي. اھا موھن لال جي جاسوسيءَ جي حد ھئي. اھڙيءَ ريت ھن قنڌار جي درٻار جي ٻين خاص ماڻھن حاجي خان، عبدالمجيد خان آخوندزاده غلام ۽ ملا نسو وغيره کي پنھنجي پاسي ڪري ڪم پئي ڪڍيو. آخرڪار بنا ڪنھن دير ۽ ڊيگھھ جي قنڌار تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو ۽ تاريخ ٢٥ اپريل ١٨٣٩ع تي وليم مئڪناٽن شاھھ شجاع سان گڏ فاتحاني انداز ۾ شھر اندر داخل ٿيا. اھوئي وقت ھو جو موھن لال ملانسو ۽ ٻين جاسوسن کي انگريزي لشڪر جي ڪڍ لائي ڇڏيو. گويا موھن لال اھڙو منحوس جراثيم (جيت) ھو، جنھن ڪيترن پاڪيزن ماڻھن کي پليتيءَ ۾ آڻي ڇڏيو.

انھيءَ شوم موھن لال جي ڪارڪردگيءَ افغانستان ۾ ھلندي آئي، جنھن وقت انگريزن جي لشڪر ڪابل تي چڙھائي ڪئي تھ امير دوست محمد خان جو دلاور فرزند غلام حيدر خان غزني ۾ مقابلي لاءِ اٿيو، پر موھن لال دفاع جي انھيءَ نقشي کي پنھنجي شيطاني مھارت سان ھيٺ مٿي ڪري ڇڏيو.ھن جي امير دوست محمد خان جي ڀاڻيجي عبدالرشيد سان پراڻي دوستي ھئي ۽ اھوئي غلام حيدر خان سان غزني جي قلعي ۾ موجود ھو. موھن لال ان سادي ماڻھو کي قلعي جي ٻاھران اغوا ڪرايو ۽ اھي وسيلا ۽ ذريعا ھٿ ڪري ورتائين، جيڪي غزني جي وڃڻ ۽ غلام حيدر خان جي ناڪام ٿي پوڻ جو باعث بڻيا. موھن لال جي اھرمني (ابليسي) مھارت جي باري ۾ سر جان لکي ٿو تھ عبدالرشيد تڏھن موھن لال جو واقف ٿيو، جڏھن انگريزن جو واپاري وفد امير دوست محمد خان وٽ آيل ھو، اھو پڇاڙيءَ تائين موھن لال کي خاص راز ٻڌائيندو آيو. ان مان ايئن پيو ڀانئجي تھ موھن لال ماڻھن جي اغوا ڪرڻ يا کين برغلائڻ ۾ وڏي قوت ۽ مھارت وارو ھو، جنھن افغانستان جي پھرين جنگ جي پڇاڙيءَ تائين جٽاءُ ڪيو. انگريزن جو لشڪر غزني ھٿ ڪرڻ کان پوءِ ڪابل تي ڪاھي ويو تھ موھن لال جي جاسوسي بھ انھيءَ پاسي پنھنجي ڪارستاني شروع ڪري ڏني، جنھن امير دوست محمد خان جي لشڪر ۾ رخنو وجھي ڇڏيو. ھن انھيءَ ڪڌن ڪرتوتن ۾ درٻارين کان علاوه مير واعظ جھڙي مٿاھين ماڻھوءَ کي بھ پٽ تي آڻي وڌو، جيڪو ھن جي چنبي ۾ اچي امير دوست محمد خان کان منھن موڙي ويو. آخر ٧- آگسٽ ١٨٣٩ع ۾ ڪابل انگرزن جي قبضي ۾ آيو ۽ شاھھ شجاع ٻيھر شاھي تخت تي ويٺو.

افغان جي پھرين جنگ دوران موھن لال ڪابل ۾ وڏا ڪم ڪري رھيو ھو ۽ پنھنجا ڪيئي ڇاڙتا پيدا ڪيا ھئائين، جن مان غلام محمد نالي ھڪ شخص جي وسيلي موھن لال وڏا ڪارناما سرانجام ڏيڻ لڳو. افغانستان غصب ٿي وڃڻ کان پوءِ ان شخص وڃي لڌياني ۾ پناھھ ورتي، جتي آرام سان زندگي گذارڻ لڳو. باقي پنھنجي ملڪ ۾ تھ ھيءُ ڊپ کان جيئري موت جي منھن ۾ رھندو ٿي آيو.

موھن لال پنھنجي ڪتاب حيات امير دوست محمد خان جي ٻن جلدن ۾ سموري معلومات درج ڪئي آھي، تھ ڪيئن افغان درٻاري، سردار، مجاھد ۽ ٻيا وطن فروش پنھنجو ڪردار ادا ڪندا ٿي رھيا. اھو ڪتاب ڄڻ قوم جي چڱن مٺن جو ھڪ وڏو دفتر آھي، جنھن ۾ سڀني جا ڪم ۽ ڪارناما درج ٿيل آھن.

ھنن ڳالھين جو نچوڙ اھو آھي تھ موھن لال افغانستان جي پھرين جنگ دوران انگريزي لشڪر جون وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ھن جاسوسي ڪئي، خبرون لکيون، قبائلي سردارن جي مذاڪرات ۾ شامل ٿيو، ڪيئي مشڪل مسئلا حل ڪيائين. ڪيترا ماڻھو سندس ھٿان اغواٿيا، جن کي انگريزن جو طرفدار بڻايو ويو. مجاھدن جي صفن ۾ ھن جي ئي چالبازيءَ سان انتشار پيدا ٿيندو رھيو. غازي عبدالله خان اچڪزئي بھ ھن جي وڪڙ ۾ اچي ڪسجي ويو، جيڪو مجاھدن جو سربراھھ ھو. ھن ڪيترن انگريزن عملدارن کي موت جي خطرن کان بچائي ورتو. انگريز قيدي، جيڪي افغانن جي بند ۾ ھئا، تن کي رشوت ڏئي ڇڏايائين. اھا رشوت صالح محمد خان ڪشميري امير دوست محمد خان جي خاص ماڻھو وصول ڪئي ھئي، جيئن ھن ڪتاب ۾ ڄاڻايل آھي. ان حالت ۾ جڏھن کان (موھن لال) انگريزن سان گڏ افغانن جي بند ۾ ھو، انھيءَ قيد واري زماني ۾بھ ھن انگريزن جي سياسي ادارن لاءِ حيرت انگيز ڪم ڪري ڏيکاريا.

ھيءُ جڏھن اڃا افغانستان نھ پھتو ھو تھ سنڌ مان ئي پنھنجا جاسوس قنڌار ڏانھن روانا ڪري ڇڏيا ھئائين، جن وڃي ڪابل تائين دنگ ڪيو ھو. اتي روسي نمائندي ويڪويچ جيڪي ڳجھا ڪم پئي ڪيا، تنھن سان بھ پورو پئجي آيو. غزني ۾ امير دوست محمد خان جي ڀاڻيجي عبدالرشيد کي اغوا ڪري مجاھدن جون صفون ٽوڙي ڇڏيائين. خود امير دوست محمد خان کي ھڪ ئي اشاري سان (ڪوھستاني ماڻھن ۽ مير واعظ کي برغلائي) ڪابل مان ڪڍرايائين. تنھن کان پوءِ جنگ جي خاتمي ۽ ڪابل جي غصب ٿيڻ تائين پنھنجا ڪرتب ڪندو رھيو. اھڙا ڪرتب جو انھن تي نظر ڪرڻ سان عقل ئي چرخ ٿيو وڃي.

پر افسوس جو اھي سڀ خدمتون ھن انھن ڌارين لاءِ سرانجام ڏنيون، جيڪي اوڀر وارن جي طاقت کي اوڀر وارن جي تباھي ۽ نقصان لاءِ ڪتب آڻيندا رھيا. آخرڪار موھن لال ھندستان واپس آيو ۽ پنھنجي خدمتن جون سندون گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ پاڻ سان کڻي رلائيندو رھيو ۽ لنڊن تائين پڻ پنڌ ڪيائين. پر جيئن پاڻ چوي ٿو: انھن خدمتن بابت انگريزن جا ادارا خود ھن کي لعنت ملامت ڪندا رھيا. اھڙو ڪوبھ ماڻھو ڪونھ ھو، جنھن انگريزن جي ھن مھا خدمتگذار کي پنھنجي مطلب پوري ٿيڻ کان پوءِ نوازيو ھجي يا کيس آفرين ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو ھجي!!

موھن لال پنھنجي ڪتاب جا ڪيئي صفحا پنھنجي خدمتن جي وضاحت ۽ لشڪري توڙي ملڪي (گورنر جنرل تائين) مليل سندن جي وڏي وچور ڏني آھي. پڇاڙيءَ ۾ پاڻ چوي ٿو تھ اھي سموريون خدمتون (انگريز اھلڪارن) وساري ڇڏيون. ھن کي انھن داستانن ۽ رودادن جي ڇپرائڻ ۽ پڌري ڪرڻ کان سواءِ ڪوبھ فائدو نھ رسيو.(1)

ھيءُ آھي انھن ماڻھن جو اجر جن ڌارين جون خدمتون ڪيون.

*


 

(٥٤)

ايڊورڊ لاو ارل ايلن برو:

Edward Lava first Earl Ellen Borough

ھندستان جو گورنر جنرل ايڊورڊ بارون ايلن برو جو فرزند، ٨- سيپٽمبر ١٧٩٠ع ۾ پيدا ٿيو. تعليم کان پوءِ ملازمت ۾ گھڙيو. ١٨٢٨ع کان ١٨٣٥ع تائين وڏن عھدن تي رھندو آيو. آڪٽوبر ١٨٤١ع ۾ ھندستان جو گورنر جنرل ٿيو ۽ ١٥ جون ١٨٤٤ع تائين انھيءَ عھدي تي رھيو.

ھيءُ جنگ ۾ صلح جو قائل ھو. چين جي جنگ بھ انھيءَ اصول تي ختم ڪرايائين. افغانستان ۾ سندس سياست اھا ھئي تھ انگريز جي لشڪر کي پنھنجي سلامتي جو خيال رکندي، اتان واپس اچڻ گھرجي. انھيءَ بنياد تي جنرل ناٽ کي حڪم موڪليائين، پر جنرل پالڪ ھن کي رستي ۾ پنھنجو ھم خيال بڻائي اڳتي وڌيو ۽ افغانستان تي چڙھائي ڪري ١٨٤٢ع ۾ اتي قبضو ڪيو ويو.

ان کان پوءِ ايلن برو جڏھن غزني مان سومناٿ مندر جا دروازا کڻائي اچڻ تي ڀڙڪيدار اعلان ڪيو تھ خلق مٿس کلڻ لڳي. پر ھن انگريز لشڪر جي افغانستان مان واپسيءَ کان پوءِ وڏي آجيان ڪئي.

ان کان اڳتي ١٨٤٢ع ۾ چارلس نيپئر جڏھن سنڌ غصب ڪئي تھ ھن ھڪدم ان کي ھندستان سان ملائي ڇڏيو. اھڙيءَ طرح گواليار جي رياست تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ان جي مٿان نئون معاھدو مڙھي ڇڏيائين.

جڏھن سندس ڪارروايون آبرو مندي جي حد پار ڪري چڪيون تھ ھن کي برطانيھ جي ڪابينھ جي مخالفت مطابق ھٽايو ويو، ليڪن وري کيس ١٨٤٦ع ۾ ارل ۽ لارڊ اول جو رتبو ڏئي امير البحر جي عھدي تي رکيو ويو، پڇاڙيءَ ۾ برطانوي وزارت جي اختلاف تي استعيفا ڏنائين.

ھن ھندستان ۾ فوجي ماڻھن کي سياسي مقصد سان مقرر ٿي ڪيو. ان ڪري ملڪي ماڻھن وٽ گھڻو بدنام ٿي پيو. ھن جيڪي ڪم ڪيا اھي عملي طرح عدل انصاف جي ابتڙ ثابت ٿيا. سندس موت ٢٢ ڊسمبر ١٨٧١ع ۾ ٿيو.

(بايو گرافي ھندي، ١٣٥)

*


 

(٥٥)

نيپئر (١٧٨٢ع – ١٨٥٣ع):

سرچارلس نيپئر Sir Charles Napier ڪرنل جارج نيپئر جو پٽ، جنھن ١٠ آگسٽ ١٧٨٢ع ڌاري دنيا کي پنھنجي شڪل پسائي، لکي پڙھي ١٧٩٤ع ۾ جيمس ڊف جو فوجي مددگار ٿيو. ١٨٠٣ع ۾ رجمينٽ پنجاھھ جي ڪمان ھيٺ اسپين ۾ ڪم ڪري ڏيکاريائين. ١٨١٣ع ۾ گڏيل امريڪا جي جنگين ۾ ١٨١٥ع ۾ نيپولين جي معرڪن ۾ سندس سٺي ڪارڪردگي رھي. ان کان پوءِ ڪيئي جنگي عھدا ماڻي ١٨٣٧ع ۾ ميجر جنرل ٿيو. پوءِ انگريزي فوج جي يونان ۾ قيادت ڪيائين. ١٨٤١ع ۾ ھن جو ھندستان اچڻ ٿيو، ۽ فوجي سياست ۾ لارڊ ايلن برو جو صلاحڪار بڻيو. آخر ١٨٤٢ع ڌاري سنڌ جي محاذ واري لشڪر جو ڪمانڊر مقرر ٿي آيو.

ھن سنڌ جي ميرن سان معاھدا ڪيا. ١٨٤٢ع جي ڊسمبر مھيني ۾ سنڌ ۾ ميرن کان امام ڳڙھھ کسيائين. ١٧ ڊسمبر ١٨٤٣ع تي مياڻي جي جنگ ۾ جوھر ڏيکاريائين. ٢٤ مارچ ١٨٤٣ع ۾ حيدرآباد نزديڪ دوآبي ۾ مير شير محمد خان کي شڪست ڏنائين.

پڇاڙيءَ ۾ ١٤- جون ١٨٤٣ع ۾ شھدادپور واري ميدان تي سنڌين جي فوج کي ڇڙوڇڙ ڪري ڪوھستان ڏانھن ڪڍيائين، انھيءَ وچ ۾ ھن ۽ ميجر آؤٽرام درميان سنڌ ۾ ميرن سان نامناسب رويو اختيار ڪرڻ تي اختلاف ٿي  پيو. نيپئر نئين سر سنڌ جي حڪومت انتظام ھيٺ آندي ۽ سڀني ميرن کي مطيع بڻايائين.

١٨٤٤ع – ١٨٤٥ع ۾ اتر سنڌ جي سرحدي قبيلن کي دٻائي روھڙيءَ جو لشڪر تيار ڪيائين. ١٨٤٦ع ۾ ھيءُ ليفٽيننٽ جنرل ٿيو. تنھن کان پوءِ سنڌ جي حڪمراني تان ھٽايو ويو.

پوءِ ١٨٤٧ع ۾ ھندستان جو ڪمانڊر انچيف ٿيو تھ سندس مخالفت ڪئي وئي. تڏھن بھ ١٨٥١ع تائين ان عھدي تي رھيو، ليڪن لارڊ ڊلھوزي جي سخت مخالفت جي صورت ۾ نوڪري ڇڏي وڃي گھر ويٺو. تاريخ ٢٩- آگسٽ ١٨٥٣ع ۾ سندس جنازو نڪتو.

ھن جي قبر جي تختيءَ تي لکيو ويو تھ ھيءُ عدل انصاف وارو ھو!

-----

سنڌيڪار جو تفصيلي نوٽ:

چارلس نيپئر جو عدل انصاف:

(١) ٢١- فيبروري ١٨٤٣ع تي انگريز حيدرآباد ۾ گھڙيا، جو ميرن جو تخت گاھھ ھو. ۽ پنھنجو جھنڊو لھرائي خزاني ۽ قلعي تي قبضو ڪيائين. ٽن ڏينھن جي اندر قلعي ۾ جابھ خانگي، شخصي يا حڪومت جي شيءِ ملي ان تي قبضو ڪيائون. مير نصير محمد، مير محمد، مير صوبدار پارليامينٽ کي اپيل ڪئي، جنھن لاءِ ميجر آؤٽرام چيو تھ اھا لفظ بھ لفظ صحيح آھي.

مير نصير محمد جي اپيل ۾ ڄاڻايل آھي تھ مسٽر فالن ۽ ڪرنل پئٽل ۽ ٻيا آفيسر قلعي ۾ گھوڙي سوارن ۽ پيدل فوج سان اندر داخل ٿيا ۽ سڄو خزانو سون، چاندي، تراريون، ڇرا، خنجر، ڍالون، قيمتي ڪپڙا، قرآن شريف، ٻيا ڪتاب، گھوڙا، اٺ، خچر وغيره ھر چيز لٽي ويا، ايتري قدر جو سپاھين جي جھولين مان ھيرا، جواھر ھيٺ ڪرڻ لڳا. آفيسر تھ پلنگ، ڪرسيون ۽ ٻيو سامان بھ کڻائي ويا. اسان کان آخر بسترا بھ کسيا ويا.

ميجر آؤٽرام لکيو آھي تھ ھڪ آفيسر جي سريت کان اھو ڪم ورتو ٿي ويو تھ اھا ڏسي تھ عورتن کي بنا تلاشي وٺڻ جي ڇڏيو تھ نٿو وڃي! سڄي ڦرلٽ جي مال جو اندازو پندرھن لک اسٽرلنگ چيو ٿو وڃي. چارلس نيپئر کي ڦرلٽ مان جو حصو مليو، ان جو اندازو ستر ھزار (٧٠٠٠٠) پائونڊ چيو وڃي ٿو.

مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان جي اپيل ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ چارلس نيپئر سندس عورتن جي جسم جا ڪپڙا بھ ڦاڙيا ۽ جڏھن ٻاھر نڪتيون تھ اڌ اگھاڙيون ھيون. جنھن لاءِ پڻ ميجر آؤٽرام اعتراف ڪيو تھ لفظ بھ لفظ درست آھي.

ميرن کي پوءِ بمبئي، پوني ۽ ڪلڪتي وغيره ۾ نظربند ڪري رکيو ويو، ميرن جي حالت تي ڪيپٽن ايسٽوڪ(1) لکي ٿو تھ، جن ماڻھن جو ھن گاديءَ جي ظلم تي خون ٽھڪي ٿو، انھن کي ھت آڻيو تھ ڏسن تھ انگريزن ھڪ معصوم ۽ آزاد قوم تي ڪھڙا ظلم ڪيا آھن.

ھنن ظالمن جي ڳالھھ ايڏي دردناڪ آھي، جھڙي شايد ڪرستان مذھب وارن ڪڏھن بھ نھ ٻڌي ھجي.

اي انگلنڊ جا رھاڪو!

پنھنجي آزادگي جي صدقي ان قوم جو بھ خيال ڪريو جا پنھنجي آزادي بچائڻ لاءِ ترار ھيٺان اچي شھيد ٿي وئي!

اي انگلنڊ جون عورتون!

ھڪ بار انھن مائن، ڀينرن، نياڻين ۽ شھزادين جو تصور ڪيو، جن جا زيور زوري ڦريا ويا ھجن، (سندن ڪپڙا) ڦاڙي کين گھرن مان تڙيو ويو ھجي ۽ ان طرح انھن کي شھر نيڪالي ڏني وئي ھجي تھ جيئن بي گھر، بر سرو سامان، خطرناڪ پھاڙن ۽ جھنگل ۾ موت جو انتظار ڪن!!!

جيمس رچرڊ، ھڪ سياح سلطان حاجي ابن عطا شاھھ صحرا وٽ ويو، جنھن چيس تھ اي ڪرستان! تو کي سنڌ جي ڪا يادگيري آھي- توھان کي دنيا ڪھڙي حقارت ۽ نفرت سان ڏسي ٿي!(1)

(٢) ميرن جي حرمن سان انگريزن جيڪي ظلم ستم ڪيا، تن جو اندازو ان عرضداشت مان لڳائي سگھجي ٿو، جيڪا ميرن جي بيگمن (حيدرآباد مان) ملڪھ وڪٽوريا جي نالي رواني ڪئي ھئي. انھيءَ عرضداشت تي ھيٺين بيگمن جا دستخط ھئا:

١- بيگم مير ڪرم علي خان ٢- بيگم نور محمد خان ٣- بيگم محمد نصير خان ٤- بيگم مير صوبدار خان ۽ ٥- بيگم مير محمد خان.

عرضداشت جو متن ھن ريت ھو:

سرچارلس نيپئر پورن ٻن ورھين کان پوءِ حيدرآباد ۾ آيو، ھن سان زبردست فوج ۽ توب خانا بھ ھئا. ھن اچي اسان کان سڀ زيورات، جواھرات ۽ سموريون قيمتي شيون زوريءَ ڦري ورتيون. ان ڦر مار کان علاوه ھو اسان جي اميرن ۽ معصوم ٻارن کي اسان کان ڇني پاڻ سان گڏ وٺي ويو، جن کي قيدي بڻائي ھندستان موڪليائين. اسان بيوس عورتون جن کي ڪابھ سگھھ ۽ ڪنھن بھ قسم جي پھچ ڪانھ ھئي، پنھنجي محلن ۾ ھيونسين، جڏھن سرچارلس نيپئر اچي چڙھائي ڪئي. خدا ڄاڻي تھ ھيءُ ڪھڙي شرافت ھئي جو ھو اسان جي محلن ۾ داخل ٿيو ۽ اسان کي اھڙي نموني لٽيائين ڦريائين، جو اسان جي جيئري رھڻ لاءِ ڪو ڪک بھ ڪونھ ڇڏيائين.

ھاڻ پورا ٻھ سال گذري چڪا آھن جو اسان پنھنجي جڳھين ۽ اباڻي شھر کان بي گھر ۽ دربدر آھيون. اسان ھن وقت جيڪي سور ۽ سختيون برداشت ڪري رھيون آھيون، تن جو ڪاٿو ڪونھي. اسان کي بي گھر ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد شھر کان ٻاھر خانھ بدوشن وانگي جھوپڙين ۾ رھڻ تي مجبور ڪيو ويو.

اسان جو جيڪو حال آھي، سو خدا بھتر ٿو ڄاڻي. اسان کي کاڌي پيتي کان وٺي ڪپڙي لٽي تائين تڪليفون درپيش آھن. اميرن جي زالن ھوندي اسان کي ھن ابتر حالات ۾ سخت روحاني اذيت ۽ نراسائي ۾ گھارڻو ٿو پوي. اسان جي حياتي بنھھ بي مزي ٿي چڪي آھي.

انسان لاءِ اھا گھڙي موت جي گھڙي آھي، جڏھن خدا کي منظور ھوندو آھي. ان لحاظ کان ھيءُ ڪا ڏکي ڳالھھ نھ آھي، ليڪن اسان جي ھر ايندڙ ڏينھن ۾ موت جھڙي نئين اذيت، اھنجائپ ۽ بي چيني  اسان جي آڏو آھي.

ملڪھ معظمھ!

اسين اميد ٿيون رکون تھ اوھان ھڪ ملڪھ جي حيثيت ۾ (جيئن اسان ڪڏھن اھڙيون ملڪائون ھيونسين) اسان سان ھمدردي اختيار ڪنديون ۽ اسان تي رحم جي نظر ڪرڻ فرمائينديون.

سرچارلس نيپئر اسان کي جن شين کان محروم ڪيو آھي، اھي اسان کي واپس ڏياريون وينديون. اسان جون دليون پنھنجي اميرن ۽ معصوم ٻچن جي جدائي جي غم ۾ مجروح ٿي چڪيون آھن. ان ڪري اسان مايوسيءَ جي انتھائي منزل تي رسي چڪيون آھيون.

اسان کي وڏو آسرو آھي تھ اوھان ضرور ھن بي چيني جي اسباب کي دور ڪرڻ فرمائينديون. ٻيءَ حالت ۾ اسان لاءِ اھو ئي بھتر ٿيندو تھ اسان (انھن سورن کان) پنھنجي زندگين جو خاتمو ڪري ڇڏيون.

تاريخ سنڌ – جلد ٢ فردوسي. ص ٧٠٩ – ٧١٠ – ٧١١.

برصغير ڪي خواتين پر انگريزون ڪي مظالم. مضمون سيد مصطفيٰ علي بريلوي، اخبار حريت ١٢ فيبروري ١٩٦٨ع ڪئپٽن ايسٽوڪ جي ”سنڌ جي سول انڊيا“ بل ١٨٥٨ع جي پھرين ضميمي ص ٨٤- ٨٥ تان ورتل.

*


 

(1) ڤإڶۆښ إڵڶڛإێۑڎ ٢- ٢٤٢. فإصۆ بڈإۑۆڷ.

(2) ښڵڞڷج ڥإبڵ ١٨٣٩ڠ.

(1) قۑإج إڶۑڎ ٢- ٤٠٥.

(1) ڋڎإ٭ ڵۑۆڐ ڢڎإڶ ۑڷڧ إۑضصخ ”ڷیۑڷ ڶڜڎ ضإ صڎإڼإ ۆڎڤ.“

(1) ڶقجڎڶ ڶقڶڈ قښۑڷ صڷێۆڎ، ڶڝڶۆڷ ۑۆڎص ۽ ښڷډ ضإ جڠڵڤإج، ښڶإێۑ ڶێڎإڼ، ڜ. ١١٩ ٤- ١٩٦٧ڠ).

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org