سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 11

(٧)

مير واعظ:

مير واعظ جو خاندان سدوزئي ۽ محمد زئي خانوادي جي دور ۾ ڪابل اندر وڏي شھرت وارو ھو. سندس وڏا مير سيف الدين جي اولاد مان ھئا، جنھن لاءِ غلامي ڪوھستاني جنگ نامھ ۾ لکي ٿو:

مير واعظ، سيف الدين ولي جي اولاد مان اصلي نسلي سيد آھي.

مير واعظ، جنھن جو ذڪر ھن ڪتاب جي شاھھ شجاع جي تخت نشيني جي اوائل ۾ اچي ٿو، جو اصل نالو سيد احمد ۽ خانداني لقب مير واعظ ھو.ھيءُ اھل سنت جو ھو۽ شيعن سان مخالفت ٿي رکيائين. پاڻ جامع مسجد پل خشتي ڪابل ۾ پيش امام ھو. ھن جو وزير شير محمد سان گھرو لاڳاپو ھو. جڏھن وزير موصوف محمود شاھھ ولد تيمور شاھھ کي شاھھ شجاع بدران تخت تي ويھارڻ ٿي گھريو تھ مير واعظ، محمود شاھھ کي معزول ڪرائڻ ٿي چاھيو. ١٢١٩ھھ/١٨٠٤ع ۾ ڪابل ۾ شيعن- سنين جو فساد شروع ٿيو تھ مير واعظ، شيعن جي قتل عام جي فتوا جاري ڪئي. جاھل ماڻھو ھڪدم شيعن جي گھرن تي ڪاھي پيا ۽ عام خونريزي ٿيڻ لڳي. شير محمد خان ۽ سردار احمد خان محمود شاھھ طرفان انھيءَ جھيڙي ٽارڻ لاءِ آيا، پر ويتر وڳوڙ وڌي ويو ۽ محمود شاھھ کي ماڻھن تخت تان لاھي قيد ۾ وڌو، پوءِ شاھھ شجاع کي تخت تي ويھاريائون. ھن واقعي ۾ مير واعظ جو وڏو ھٿ ھو.(1)

مير واعظ کي اڳتي ھلي ڪابل ۾ قتل ڪيو ويو. سندس جاءِ تي ھن جي پٽ مير معصوم عرف ”حافظ جي“ کي گاديءَ تي ويھاريو ويو. ١٢٥٥ھھ/١٨٣٩ع ۾ انگريز جو لشڪر شاھھ شجاع سان ڪابل تائين آيو تھ مير معصوم شورش شروع ڪئي ۽ ڪابل جي اتر ڪوھستان ۾ اتان جي حاڪم سردار شير علي تي ڪاھھ ڪيائين ۽ کيس چاريڪار ۾ گھيرو ڪري ويٺو. ان ڳالھھ امير دوست محمد خان کي نقصان رسايو ۽ ھو ڪابل ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿي پيو.(1)

ڪوھستان جي ھن شورش ۾ ڪنھن اجنبيءَ جو ھٿ ھو. موھن لال لکي ٿو تھ: ”غلام محمد خان پوپلزئي، انگريزن کان چاليھھ ھزار رپيا ڪابل جي پوڪر صراف وسيلي وٺي، ڪابل جي خواجھ خانجي ۽ شيرين خان چنداولي کي ڏياري، اھا شورش ڪرائي ھئي تھ جيئن امير دوست محمد خان ڪابل کي انگريزن جي حوالي ڪري ھليو وڃي.“(2)

پر ڪوھستان جا ماڻھو انگريزن جا طرفدار نھ ھئا. سندن خيال ھوتھ ائين ڪرڻ سان شاھھ شجاع بي فڪر ٿي ڪابل تي حڪم ھلائيندو ۽ کيس ڪنھن ٻئي جو محتاج نھ ٿيڻو پوندو. جيئن غلام محمد غلامي جنگنامھ ۾ لکيو آھي تھ مير مسجدي خان، علي خان ۽ محمد شاھھ خان وغيره ھن شورش ۾ حافظ جي جا ساٿياري ھئا. انھن کي اول شاھھ شجاع ڏانھن اماڻيو ويو تھ ساڻن ساٿ ڏئي، پر شاھھ شجاع پاڻ کي بي اختيار ڄاڻائي، ھنن جي ساٿ ڏيڻ کان لنوائي ويو.

ان کان پوءِ انھن انگريزن خلاف جھاد جو اعلان ڪيو ۽ پڇاڙيءَ تائين انگريزن سان لڙندا آيا. ”حافظ جي“ ھميشھ شاھھ شجاع جي دوستيءَ ۾ ساڻس ساٿ ڏيندو آيو. اھو سمورو احوال غلامي ڪوھستاني جي جنگامي ۾ بيان ٿيل آھي. انھيءَ زماني ۾ برنس  ڪن ماڻھن کي اتر ڪابل جي جاچ لھڻ لاءِ اماڻيو.اھي ھندوڪش کان ٿيندا بفلان ۽ قندوز تائين ويا، پر موٽ تي جڏھن پنجشير پھتا تھ ڪابل نھ پئي وڃي سگھيا. شاھھ شجاع ”حافظ جي“ کي سفارش ڪئي، تنھن کان پوءِ اھي سندس مريدن جي نگھباني ۾ ڪابل وڃي پھتا. انيءَ واقعي کان پوءِ ”حافظ جي“ (مير معصوم واعظ) گذاري ويو.

مير معصوم ڏاڍو دانشمند ۽ فارسي زبان جو شاعر ھو. تخلص واعظ ھيس. ھن سياسي، عرفاني شخصيت وڏا ڪم ڪري ڏيکاريا. ھن جو شاھي درٻارين کان وٺي عام ماڻھن تائين وڏو اثر ھو. محمود شاھھ افغان توڙي امير دوست محمد خان کي ھن ئي تخت تان لھرائي ڇڏيو ھو.

*


 

(٨)

وزير اڪرم خان امين الملڪ باميزئي پوپلزئي:

وزير محمد اڪرم خان امين الملڪ، احمد شاھي درٻار جي ھڪ درٻاري حاجي ڪريمداد خان پوپلزئي باميزئي، عرض بيگي جو پٽ ھو، جيڪو نور محمد خان بابڙيءَ جي مرڻ کان پوءِ انھيءَ رتبي تي رسيو. ھيءُ مالياتي دفترن جو ناظم ھو. ھي محمود شاھھ ۽ شاھھ شجاع جي دور ۾ وزير رھندو آيو. ھن جو خاندان زمان شاھھ جو حامي ھو. ١٢١١ھھ ۾جڏھن زمان شاھھ جو ڀاءُ محمود شاھھ ھرات ۾ شورش ڪرڻ لڳو تھ وزير اڪرم خان جي ڀاءُ زمان خان ان جو اطلاع شاھھ زمان کي ڏنو، جنھن کان پوءِ عطا محمد خان، محمود شاھھ جي سپھھ سالار کي وڃي قتل ڪيو ۽ محمود شاھھ کي شڪست اچي وئي(1). ان کان پوءِ ھن جو ھرات ۾ پتو پوي ٿو، جتان ھن ۽ سندس ڀاءُ زمان خان محمود شاھھ کي ڪڍيو ھو. جڏھن زمان شاھھ ھرات ۾ آيو تھ ھنن ٻنھي ڀائرن تي نوازشون ڪيون ھئائين.(2)

شاھھ زمان جي انڌي ٿيڻ کان پوءِ ساڳيو وزير اڪرم خان محمود شاھھ جي درٻار سان واسطو رکندو آيو. ١٢١٦ھھ ۾ شاھھ شجاع پشاور ۾ وڳوڙ ڪيو تھ ھيءُ ستر سوار ساڻ ڪري وڃي ان سان گڏيو. جڏھن شاھھ شجاع ١٢١٩ھھ ۾ تخت تي ويٺو تھ اھوئي اڪرم خان سندس وزير ٿيو.

شاھھ شجاع جڏھن ڪابل ۾ غزني مان شھزادي ڪامران تي چڙھائي ڪئي تھ اڪرم خان ۽ غفور خان پوپلزئي پنجن ھزارن شاھي سوارن جي قرھھ واري ماڳ تي قيادت پئي ڪئي. ڪامران انھن جي مقابلي بدران فراھھ ڏانھن نڪري ويو.پوءِ محمد اڪرم شاھھ شجاع الملڪ کان وزير فتح خان کي معافي وٺرائي ڏني. خود شاھھ شجاع ان بابت لکي ٿو:

”امين الملڪ جي خدمتن کي ڏسندي سندس پاس خاطري جي خيال کان مون فتح خان کي معاف ڪري ڇڏيو. امين الملڪ ڪنھن ڏينھن موڪل وٺي وزير فتح خان کي شاھي درٻار ۾ رسايو.“(1)

وزير اڪرم خان جي شاھھ شجاع جي درٻار ۾ گھڻي رسائي ھئي، جا ڳالھھ شير محمد خان (ڏسو تعليق ١٠) کي پسند نھ ھئي، تنھن ڪري ھن جي ساڻس دشمني ٿي پئي ۽ ھن شاھھ شجاع کان منھن موڙيو. انھيءَ دوران پشاور جي اتر ۾ جنگ ڪندي مارجي ويو. انھيءَ جنگ ۾ بھ وزير اڪرم خان شاھھ شجاع سان گڏھو.(2) ١٢٢٤ھھ ۾ شاھھ شجاع پشاور مان ٻارھن ھزار سوار پنھنجي پٽ منصور جي سرڪردگي ۾ ڏانھنس ٿي موڪليا تھ اڪرم خان ۽ سردار مدد خان اسحاق زئي انھيءَ لشڪر جا سربراھھ ھئا.

انھيءَ زماني ۾ انگريزن جو پھريون سياسي وفد ايلفنسٽن جي رھنمائي ۾ پشاور جي بالاحصار ۾ اچي شاھھ شجاع سان مليو، جنھن جي پذيرائي اڪرم خان ڪئي ھئي. ان کان پوءِ ١٧ جون ١٩٠٩ع واري معاھدي (١٢٢٤ع) کان پوءِ ھيءُ ڪشمير ھليو ويو. اتي پھچي ھن جو مدد خان سان اختلاف ٿي پيو، جنھن ڪري ھيءُ وري واپس پشاور ھليو آيو.(1)

انھيءَ وقت محمود شاھھ ۽ وزير فتح خان ڪابل مان لشڪر سنبرائي شاھھ شجاع جي مقابلي لاءِ آيا. شاھھ شجاع جا لشڪري جلال آباد کان روانا ٿي نملي واري ھنڌ پھتا، جتي ٻنھي پاسن کان لڙائي شروع ٿي وئي. مدد خان اسحاق زئي، جيڪو شاھھ شجاع جي چئن ھزارن لشڪرين جو سپھھ سالار ھو، ڦري وڃي محمود شاھھ سان مليو. اڪرم خان ۽ غفور خان پنج سو سوار وٺي محمود شاھھ جي سامھون آيا تھ وزير فتح خان جي ترار سان اڪرم خان قتل ٿي ويو. غفور خان جيئرو گرفتار ٿي پيو۽ کيس قتل ڪيو ويو. شاھھ شجاع شڪست کائي پشاور ڀڄي ويو. اھائي عاقبت وزير اڪرم خان جي، جيڪو ١٢٢٤ھھ ۾ مارجي ويو، جنھن کي شاھھ شجاع نمڪ حلال، سچار ۽ وفادار ڪري ليکيو آھي. (2)

امين الملڪ وزير اڪرم خان کي سردار عبدالسلام خان نالي پٽ ھو، جيڪو حياتي جي پڇاڙيءَ تائين شاھھ شجاع سان گڏ رھيو. صفر ١٢٥٨ھھ ۾ شاھھ شجاع قتل ٿيو. سندس شھزادو فتح جنگ ڪابل ۾ شاھي تخت تي ويٺو تھ عبدالسلام ان کان پاسو ڪري پنھنجا سوار وٺي وڃي نواب محمد زمان خان بارڪزئي سان مليو ۽ فتح جنگ کي شڪست ڏياريائين.(3)

ڪتاب جي مؤلف (مرزا عطا محمد) وزير اڪرم خان بابت پھرين باب ۾ لکيو آھي تھ ھي ١٢٢٥ھھ ڌاري شاھھ شجاع سان گڏجي شڪارپور آيو ھو، پر اھا ڳالھھ مڃڻ کان پري آھي، ڇو تھ وزير اڪرم خان نملي واري جنگ ١٢٢٤ھھ ۾ قتل ٿي چڪو ھو، جيئن بيان ٿي چڪو آھي.

فيض محمد چواڻي: شاھھ شجاع سنڌ ۾ ١٢٢١ھھ ڌاري آيو ھو ۽ انھيءَ سال قرباني واري عيد ديري غازي خان ۾ ڪئي ھئائين(1). شاھھ شجاع پنھنجي ڪتاب واقعات ۾ ان بابت ڪجھھ نھ لکيو آھي تھ ڪڏھن سنڌ ۾ وارد ٿيو ھو.

*


 

(٩)

نواب ولي محمد خان لغاري:

پنھنجي دور جو بلند رتبي وارو مدبر شخص ٿي گذريو آھي. سنڌ ۾ تڏھن سندس جھڙو ورلي ڪو دلير ۽ دانشمند ھوندو. ھيءُ لغاري بلوچن جي قبيلي مان نامور شخصيت وارو ھو؛ جنھن جو سنڌ ۽ پنجاب جي تاريخ ۾ وڏو نالو آھي. سندس والد نواب غلام محمد خان لغاري ٽالپورن جي وڏي بھرام خان جي ساٿارين مان ھو، جنھن ميان سرفراز ڪلھوڙي جي درٻار ۾وڏو مان ٿي رکيو. پاڻ ربيع الاول ١١٨٩ھھ-١٧٧٥ع ۾ مير بھرام سان گڏ قتل ٿي ويو ھو.(1)

ھن جو پٽ ولي محمد خان مير فتح علي خان جي درٻار ۾ آيو. ھالاڻي واري جنگ ۾ سنڌ جي آخري ڪلھوڙي حڪمران ميان عبدالنبي خان سان ١١٩٦ھھ ۾ چڱي دليري ڏيکاريائين. جڏھن مير فتح علي خان فتحياب ٿي سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو تھ ھن کي خاص مقرب ۽ مدار المھام ڪري رکيائين.ھن جيڪي سياسي ۽ لشڪري ڪارناما ڪري ڏيکاريا، تن بابت ڪتاب (نواءِ معارڪ) ۾ تفصيلي ذڪر اچي چڪو آھي، تھ ڪھڙي نموني بارڪزين سان منھن ڏيندو رھيو ۽ شاھھ شجاع کي شڪارپور مان ڪڍڻ لاءِ ڪيڏي حڪمت عملي کان ڪم وٺي ڪامياب ٿيو. انھيءَ لحاظ کان اھو چئي سگھجي ٿو تھ ھن واقعي بي مثال ملڪي ۽ سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون. نواب ولي محمد خان کي چانڊڪا پرڳڻو جاگير طور مليل ھو. حيدرآباد جو ٽنڊوولي محمد بھ سندس نالي قائم ٿيو آھي. ھن جي وفات کان پوءِ ميرن جو پاڻ ۾ نفاق پيدا ٿي پيو، جنھن آخرڪار دشمني واري صورت اختيار ڪري ورتي ۽ ملڪي توڙي لشڪري نظام ۾ ابتري اچي وئي.

سنڌ جي ڪمشنر جو معاون جي پولن لکي ٿو تھ لغاري رند بلوچن جو ھڪ قبيلو آھي، جيڪو ميجر گولڊ سمٿ چواڻي ھن جي وڏي(1) مير چاڪر خان جي ميري لباس سبب انھيءَ نالي سڏجي ٿو. وليچ وري ان جي معنيٰ نپل ۽ ڪمزور ٻڌائي ٿو. اوائل ۾ لغارين جي رھائش ديري غازي خان لڳ چوٽي ۾ ھوندي ھئي، جتي اڃا تائين (١٨٤٠ع) ھنن مان ٻھ سردار جمال خان ۽ جلال خان رھن ٿا. لغارين مان ھيٺين قبيلن کي جاگيرداري آھي، بزدار (ٻڪريون ڌاريندڙ) علياڻي، برھماڻي، عيساڻي ۽ ڪڇائي. شروعات ۾ ھنن سڀني جو سردار ماڻڪ خان علياڻي ھو. پوءِ سندس ڀاءُ محمد خان سرداري جي پڳ ٻڌي. پڇاڙيءَ ان جو پٽ امير علي سردار ٿيو، جنھن کي انگريز حڪومت ڪارداري ڏني.

برنس پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ ۾ لکيو آھي تھ ولي محمد خان ۽ سيد اسماعيل شاھھ سنڌ جي ميرن جا وڏا وزير ھئا. ميرن ولي محمد خان کي وزير جي خطاب سان ٿي سڏيو. بلوچ جيڪي ميرن جي وڏي ٽيڪ ليکيا وڃن ٿا، تن سڀني جو تعلق ولي محمد خان سان رھي ٿو. سندس ڄمار ستر ورھيھ ٿيندي. ھن جو پٽ احمد خان ٽيھارو ورھين جو ٿيندو، پر ان ۾ اھڙيون صفتون ڪونھ آھن نھ وري منجھس ڪا لياقت آھي.

نواب ولي محمد خان شاعر بھ آھي. سندس شعر عالماڻا آھن. فارسيءَ ۾ ھيءُ ھوشيار ۽ وڏو ليکڪ آھي. طب تي بھ ھڪ ڪتاب لکيو اٿائين. سنڌ ۾ ھن جي ڏاھپ جي ڏاڍي ھاڪ آھي. طب ۾ ھڪڙو ٻيو ڪتاب ھن جي پاران سنڌ جي شھزادي مير مراد علي خان جي نالي (طب مراد) لکيل آھي.

ولي محمد خان ١٨٢٣ع ۾ شڪارپور تي حملو ڪيو ۽ نوشھري ابڙي جو ڪوٽ تيار ڪرايائين. ھيءُ عام ماڻھن ۾ مقبول ھو ۽ سنڌ جي ميرن جو وڏو وفادار ثابت ٿيو. سال ١٨٣٢ع/ ١٢٤٧ھھ ۾ ھيءُ فاني جھان ڇڏيائين.

ھن ڀلاري شخص جون علمي ادبي خدمتون بھ سارڻ جوڳيون آھن. فارسي ۾ سندس تخلص ولي ھو. ھڪ شاعري جو ديوان، مثنوي ھير رانجھا ۽ طب ۾ معالجات امراض يادگار ڇڏي ويو آھي. ڊاڪٽر سدارنگاڻي(1) جي لکت موجب نواب ولي محمد خان ١٢٢٢ھھ /١٨٠٧ع ۾ پنھنجو ديوان تيار ڪيو، پر مثنوي ھير رانجھا ۽ ٻھ ساقي ناما ١٢٢٧ھھ/١٨١٢ع کان پوءِ لکيائين.

مثنوي ھير رانجھا ۾ چئن يارن، امامن ۽ مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان ۽ مير محمد جي مدح ۽ منقبت کان پوءِ محمد شاھھ سدوزئي (ابدالي جي اولاد) جي سنڌ تي چڙھائي کان پوءِ اصل داستان تائين پھچندي پنجاب جي ساراھھ ۾ چوي ٿو:

”پنجاب اھڙو ملڪ آھي جنھن تي

ڪشمير بھ ريس ڪري ٿو.

ھيءُ حسن جي بھشت جو

ڄڻ ڪو باب آھي

ھتي ھر طرف ڪوثر وانگي

پاڻيءَ جون نھرون وھن ٿيون

ھن جي آب ھوا وڻندڙ آھي

ھن جو حسن ھوش ربا آھي

ھتي جا گل عذار، گلرخ ۽ گل رو،

چئني پاسين ٽلندا رھن ٿا

انھن محبوبن جو اصل حسن

ٻيو ڪٿي نظر ڪونھ ٿو اچي

ھتي عشق جا بادشاھھ آھن

تھ معشوق مصر ملڪ جھڙا آھن

عشق جيڪو پوڙھي کي جوان ڪري

ڪمزور مرد کي بھ شھزور ڪري

عشق کي جسم جان ڪونھي

نھ وري ھن کي ماني پاڻي گھرجي

عشٰ دل ۽ جان جو سينگار آھي

دل جي تخت جو سلطان آھي.“(1)

تڪملھ مقالات الشعراء ۾ ابراھيم خليل ٺٽوي ھن خاندان جا ٻيا شاعر بھ ذڪر ھيٺ آندا آھن، جن بابت پير حسام الدين راشدي حاشين ۾ تفصيل ڏنو آھي. انھن ۾ غلام محمد خان نگار، نواب علي محمد خان،نواب الھداد خان ۽ نواب ولي محمد خان ثاني جو ذڪر ٿيل آھي.(2)

وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري ھالاڻي واري فيصلھ ڪن جنگ ١١٩٦ھھ-١٧٨٢ع ۾ پنھنجي سڄي قوم لغاري سان سرڪار مير فتح علي خان جي لشڪر ۾ شامل ھو.ھن جنگ ۾ ڪلھوڙن کي مڪمل شڪست نصيب ٿي ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ ٽالپوري دور جو آغاز ٿيو، جنھن ۾ پھرين چوياري جا چار امير ڀائر گڏجي حڪومت ھلائڻ لڳا. ميرن جي انھيءَ پھرين چوياري وارو دور سونھري دور ڪري ليکجي ٿو، انھيءَ سونھري دور جي اھم شخصيت وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري ھو.

سرڪار مير فتح علي خان جي دور ۾ ئي نواب ولي محمد خان کي ڏيھي توڙي پرڏيھي وزارت جا اھم عھدا ڏنا ويا. ان کانپوءِ ٽنھي اميرن جي وقت ۾ نواب صاحب جي اختيار ۾ برابر واڌارو ٿيندو رھيو. پاڻ ھر ميدان ۾ ھڪ ماھر شھسوار وانگر ڪامياب ۽ ڪامران رھندو آيو ۽ ھر فن ۾ پنھنجي خداداد صلاحيتن سببان فتح مند ۽ ظفرياب رھيو.

مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جو مٿس گھڻو اعتماد ھو. مير صاحبن طرفان کيس وزير بينظير جو خطاب مليو ۽ وزارت عظميٰ جو قلمدان سندس حوالي ٿيو، جيڪو آخري دم تائين وٽس رھيو.

وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري پنھنجي دانائي، دور انديشي ۽ حڪمت عملي سبب جھڙو پنھنجي اميرن وٽ سرخرو ھو. تھڙو سنڌجي عوام ۾ پڻ مقبول ھو. ايتري قدر جو دشمن بھ سندس ساراھھ ڪندا ھئا. اھوئي سبب آھي جو انگريزن بھ سندس روشن دماغ ۽ اعليٰ صلاحيتن کي ڏسي چئي ڏنو تھ سنڌ جي حڪومت ۾ جيسين نواب ولي محمد خان لغاري جھڙي مدبر شخصيت موجود آھي، تيسين ڪوبھ ڌاريو سنڌ کي فتح ڪري نٿو سگھي.

وزيراعظم نواب ولي محمد خان ١٨٣٢ع ۾ ھيءَ دنيا ڇڏي، ان بعد سندس وڏو فرزند نواب احمد خان ھن جي جاءِ تي مسند نشين ٿيو. ھي بي ڊپو ۽ دٻدٻي وارو امير ھو. ميرن جي ٻي چوياري ۾ مير صاحبن مير نور محمد خان، مير محمد نصير خان ۽ سندس سوٽن مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان جي گڏيل حڪومت ۾ وزير ھو. انھيءَ ٻي چوياري جو پھريون امير نور محمد خان خاص طرح نواب احمد خان جو گھڻو خيال رکندو ھو. نواب احمد خان عملي طرح ڄڻ وزيراعظم ھو. درٻاري معاملن توڙي راڄوڻي فيصلن ۾ نواب صاحب جي راءِ کي وڏي اھميت حاصل ھئي. پاڻ لغاري قوم جي طاقتور قبيلي جو سردار بھ ھو.

مير نور محمد جي وصال کان پوءِ، مير نصير خان جي وقت ۾ مير صاحبن جي گھرو نااتفاقي ۽ پاڻ ۾ بي اعتمادي سبب، نواب صاحب نااميد ٿي درٻاري سياست ۽ اقتدار جي فضول ڇڪتاڻ کان بيزار ٿي، لاڙڪاڻي طرف وڃي پنھنجي جاگير ۾ رھائش اختيار ڪئي. مگر جڏھن انگريزن سنڌ جي آزاد ۽ خودمختار حڪومت کي غلام بنائڻ لاءِ بدنيتي ۽ عھد شڪني اختيار ڪئي تھ ھن بھادر سالار انگريزن سان مقابلي جي شروعات ڪئي ۽ پنھنجي اميرن، ملڪ ۽ عوام سان وفاداري جو ثبوت مھيا ڪيو.

مياڻي جي جنگ توڙي دٻي واري لڙائي ۾ ھڪ سپاھھ سالار جي حيثيت سان انگريزن سان لڙيو. ١٨٤٣ع ۾ سنڌ انگريزن جي ھٿ اچڻ کان پوءِ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ وڃي اتان جي قبائلي سردارن ۽ بلوچ اميرن کي انگريزن خلاف جھاد ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ لڳو، مگر ان ۾ ڪا خاص ڪاميابي حاصل ڪري نھ سگھيو. آخرڪار چئن سالن جي جلاوطني کان پوءِ انگريزن جي اجازت ملڻ تي سنڌ ۾ واپس آيو. سنڌ واپس پھچڻ تي ھيءُ پھريون سردار ھو، جنھن انگريزن جون ڏنل جاگيرون، جن جي ايراضي اٽڪل اڍائي پوڻا ٽي لک جريب ھئي، وٺڻ کان انڪار ڪيو.

ھن امير بي عديل نھايت سادگي ۽ درويشي واري زندگي بسر ڪندي ٢١ فيبروري ١٨٧٠ع تي وفات ڪئي. ان وقت سندس رھائش گاھھ ديھھ مرزا پور جاگير (تعلقي سڪرنڊ) تي ھئي، ھن جي جسد خاڪي کي امانت طور اتي ئي رکيو ويو، جٿان پوءِ درگاھھ جھوڪ شريف تي کڻائي دفن ڪيو ويو. ھتي چوکنڊي شريف جي صحن ۾ سندس مزار آھي.

سنڌ جي لغاري نوابن جوھيءُ خاندان پھريان ٻين درويشن ۽ ولين جو معتقد ۽ مريد ھو، مگر نواب احمد خان ۽ سندس چاچو نواب غلام الله خان (عمرڪوٽ جو گورنر) سندس اولاد سميت اھي ٻئي جھوڪ شريف جي ولي حضرت فضل الله شآھھ قلندر ”داتا پير“ جا سڌا سنوان مريد ٿيا. اھو سلسلو اڃا سوڌو ھلندو اچي ٿو.(1)

*


 

(١٠)

عبدالله خان ۽ عطا محمد خان:

عبدالله خان لقب مخلص الدولھ ولد جمعو خان دراني الڪوزئي شاھھ زمان (ابدالي) جي درٻارين ۽ معتبر سردارن مان ھو. امام الدين حسيني پنھنجي ڪتاب تاريخ ۾، جتي زمان شاھھ جي درٻار جي ٻين مقربن جي ڳالھھ ڪئي آھي، اتي ھن بابت بھ لکي ٿو:

شاھھ زمان بادشاھھ جي صوبھ دارن ۽ حاڪمن جو جيڪو احوال ھن مؤلف کي معلوم ٿيوآھي، لکيو وڃي ٿو تھ: مخلص الدولھ عبدالله خان ولد جمعو خان دراني صوبھ دار ڪشمير جنت نظير جو آھي. ھيءُ سڄي ڪشمير مان چوويھھ لک رپيا اڳاڙي شاھي ملازمن جي پگھار ادا ڪري ٿو، تنھن کان سواءِ ٻيو بھ گھڻو ڪجھھ کيس ھٿ اچي ٿو. اھڙيءَ ريت ڪل ڇھھ ست لک رپيا الڳ ڪشمير مان ڪڍندو ٿو رھي. ھيءُ مڙس ماڻھو آھي. ساڳيءَ وقت ٻين درانين جي ڀيٽ ۾ رحمدل ۽ منصف مزاج بھ آھي. وفادار خان (وزير رحمت الله خان سدوزئي) سان سندس گھڻو چاھھ ھو. ان ڪري کيس ھر سال نذرانو موڪليندو ٿي رھيو.(1)“ عبدالله خان مخلص الدولھ قنڌار جي الڪوزين مان ھو. ١٢١٢ھھ ۾ جڏھن شاھھ زمان سفر ڪندي سکن جي سيکت لاءِ لاھور مان ڪشمير آيو تھ ١٢٢٢ھھ تائين اتي رھيو. جڏھن ساڳي سال شاھھ شجاع پشاور پھتو تھ عبدالله خان ڏڦيڙ ۾اچي پيو، جنھن لاءِ خود شاھھ شجاع ھينئن ٿو لکي: ”ڪشمير جي حاڪم عبدالله خان جو پنھنجي زير دستن سان انصاف وارو رويو نھ ھو ۽ سرڪار کي بھ سالياني ڍل ڪانھ ٿي اماڻيائين. کيس ڍل اڳاڙي موڪلڻ لاءِ سرڪار پاران فرمان جاري ڪرڻ ۾ آيو. پر عبدالله خان ظاھري ھاڪار ڪندو رھيو ۽ ڍل پھچائڻ جو بندوبست نھ ڪيائين. ان ڪري مختار الدولھ شير محمد خان سرڪار کي عرض ڪيو تھ جيڪڏھن غلام تي اھو ڪم رکيو ويندو تھ خدا جي عنايت سان ڪشمير کي سرڪار جي ھٿ ھيٺ آڻي عبدالله خان کي گرفتار ڪري حضور ۾ پيش ڪيو ويندو.“(1)

شير محمد خان کي عبدالله خان کي سڌو ڪرڻ لاءِ ڪشمير موڪليو ويو. جتي ٻنھي جي جنگ لڳي. آخر عبدالله خان شڪست کائي وڃي ڪشمير جي قلعن ۾ لڪي ويھي رھيو، جيڪي ڪوھستان پاسي ھئا. اتي انھيءَ سال خناق جي مرض ۾ مري ويو. شاھھ شجاع شير محمد خان جي پٽ سردار عطا محمد خان باميزئي کي ڪشمير ڏياري موڪليو.(2)

ليڪن ھن ڪتاب ۾ عطا محمد خان بارڪزئي بدران سردار عطا محمد خان الڪوزئي لکيو ويو آھي (ڏسو باب ٢) جيڪو درست ناھي. اھو عطا محمد خان مختار الدولھ شير محمد خان جو فرزند ۽ وزير شاھھ ولي خان جو پوٽو ھو، جيڪو باميزئي پوپلزئي ھو ۽ نھ الڪوزئي! خود مؤلف ان کي ھڪ صفحو اڳ ۾ باميزئي لکيو آھي. اھو عطا محمد ڪشمير ۾ ڪئي سال حاڪم رھيو ۽ ماڻھو کانئس راضي ھئا. ھيءُ سدوزئي بادشاھن جي خاندان جو بھ مطيع ھو. پر جڏھن مختار الدولھ اتر پشاور واري جنگ ۾ شاھھ شجاع جي لشڪرين سان مقابلو ڪندي مارجي ويو تھ عطا محمد بھ شاھھ شجاع جي خلاف ٿي پيو. ١٢٢٥ھھ کان پوءِ شاھھ شجاع، عطا محمد خان جي ڀائرن جھانداد خان ۽ سمندر خان جي ڪوشش سان گرفتار ٿي پيو، جنھن کي عطا محمد خان ڏانھن ڪشمير موڪليو ويو. کيس (شاھھ شجاع کي) بالاحصار ۾ قيدي ڪري رکيو ويو.

شاھھ محمود (محمود شاھھ) وزير فتح خان کي پنھنجي ڀاءُ شاھھ شجاع جي رھائي لاءِ ڪشمير فتح ڪرڻ ۽ عطا محمد کان وير وٺڻ لاءِ ڏياري موڪليو. جيئن ھن ڪتاب ۾ آيل آھي. انھيءَ عطا محمد خان کي ڪشمير مان ڪڍيو. ھيءُ نھايت ھوشياريءَ سان پنھنجا جواھرات وزير فتح خان کان لڪائي کڻي ويو.(1) وزير فتح خان ڪشمير فتح ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي ڀاءُ محمد عظيم خان کي ڪشمير جو حڪمران مقرر ڪيو ۽ شاھھ شجاع کي بھ قيد مان آزاد ڪيائين. انھيءَ موقعي تي ھيءُ بيت مشھور آھي:

محمد جي عطا اسان کان کسي،

اسان تي عظيم بلا نازل ڪئي وئي!

مؤلف ھن ڪتاب ۾ سن مقرر ڪرڻ لاءِ غور نھ ڪيو آھي. عطا محمد خان جڏھن وزير فتح خان کي فريب ڏئي قنڌار ھليو ويو تھ اتي محمود شاھھ ۽ زمان شاھھ وٽ پھتو ۽ ڪيترا سال ھرات، قنڌار ۽ ڪابل ۾ رھيو. جمادي الآخر ١٢٣٤ھھ ۾ ھن کي ھرات جي حڪمران حاجي فيروزالدين پاران تربت شيخ ڄام ۾ شھزادي حسن علي مرزا قاچار ڏانھن سفارت طور موڪليو ويو، پوءِ ١٢٣٤ھھ جي اوائل ۾ جڏھن وزير فتح خان کي شھزادي ڪامران جي حڪم سان ھرات ۾ اکين کان انڌو ڪيو ٿي ويو تھ اھو عطا محمد خان اتي موجود ھو. ايتري قدر بھ چوڻ ۾ اچي ٿو تھ ھن جي وزير فتح خان سان ڪشمير جي جيڪا دشمني پيدا ٿي، تنھن جي بدلي ۾ پاڻ وزير فتح خان جي اکين ۾ تتل لوھي سيخ گھمائي ھئائين.

ان کان پوءِ ھيءَ ڪامران جي پٽ شھزادي جھانگير سان ڪابل کي امير دوست محمد خان جي حملي کان بچائڻ لاءِ ويو. اتي امير دوست محمد خان ۽ سندس ڀائرن جي ور چڙھي ويو، جن ڪابل ۾ ھن جون اکيون ڪڍي وزير فتح خان جو وير وٺي ڇڏيو.(1) اھڙيءَ طرح شاھھ ولي خان باميزئي جي خاندان جي فرد جو اھو حشر ٿيو.

*


 

(١١)

عبدالغفور:

قنڌار جي پوپلزئي قوم مان شاھھ شجاع جي لشڪر جو ھڪ سربراھھ، دلاور، اعتماد جوڳو ۽ وفادار شخص ھو، جنھن سڀني جنگي معرڪن ۾ ١٢١٨ھھ کان ١٢٢٤ھھ تائين شاھھ شجاع جو پنجاب، سنڌ ۽ ڪشمير ۾ ساٿ ڏنو. جيئن تعليق نمبر ٨ ۾ لکيو ويو آھي. ١٢٢٤ھھ ڌاري ھيءُ نملي واري جنگ ۾ امين الملڪ وزير اڪرم خان سان گڏ قتل ٿيو ھو.

-----

شاھھ شجاع رنجيت سنگھھ ۽ انگريزن جي سياسي ٽڪنڊي بابت سنڌيڪار جو تفصيلي نوٽ:

ديرو غازي خان پنھنجي قبضي ڪيائين. ھيءَ ١٨٣٣ع جي ڳالھھ آھي. ساڳي سال جڏھن امير دوست محمد خان ڪابل کان پشاور آيو تھ کيس واپسيءَ لاءِ مجبور ڪيائين ۽ پنھنجي لشڪر کي يورپي آفيسرن جيان منظم ڪري ويو. ھن جي انگريزن سان ٺاھھ واري سياست ھلندي ٿي آئي. ٢٦ آڪٽوبر ١٨٣١ع ۾ لارڊ بينٽڪ ھندستان جي گورنر جنرل سان ملاقات ڪيائين.

١٨٣٨ع ۾ رنجيت سنگھھ، انگريزن ۽ شاھھ شجاع ۾ ٽھ ڌريو ٺاھھ ٿيو، جنھن مطابق ھن انگريزن کي افغانستان تي چڙھائي ڪرڻ ۾ مدد ڏني. تڏھن وليم ميڪناٽن جي اڳواڻي ھئي. ١٨٣٨ع ۾ وري ھن گورنر جنرل لارڊ آڪلينڊ سان لاھور ۾ ملاقات ڪئي. آخرڪار ٢٧ جون ١٨٣٩ع ۾ ھيءُ جھان ڇڏيائين.

رنجيت سنگھھ پنھنجي سر وڏي طاقت وارو ھو. شاھھ پسندي، لشڪر ڪشي ۽ ملڪي انتظام جو کيس وڏو تجربو ھو، پنجاب ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪري سکن کي فوجي انتظام ھيٺ آندائين ۽ ھندستان جي برطانوي حڪومت سان پڇاڙيءَ تائين ساٿ ڏيندو آيو.(1)

رنجيت سنگھھ ھڪ طرف افغان سلطنت جي زوال جا سبب پيدا ڪندو رھيو تھ ٻئي پاسي سنڌ جي ميرن جي آزاد حڪومت لاءِ بھ وڏو خطرناڪ ثابت ٿيندو آيو. ان ڪري انگريزن ھن جي پشت پناھي ٿي ڪئي ۽ ھن جي وسيلي اتر ھندستان ۾ پنھنجي دشمنن کي دٻاءُ ۾ رکندا ٿي آيا. پڇاڙيءَ سکن جي حڪومت سان گڏ سنڌ جي حڪمراني ۽ افغاني اثر جي بھ پاڙ پٽي وڃي پار پيا.

پنجاب ۾ رنجيت سنگھھ کي زور وٺرائڻ ۾ سدوزئي (ابدالي) بادشاھن جو گھڻو دخل ھو، جن آخرڪار پنجاب مان پنھنجي پھچ سان گڏ اسلامي قوتن کي بھ وڏو ڌڪ رسائي ڇڏيو.

بالاڪوٽ جي واقعي کان وٺي سيد احمد (بريلوي) ۽ مولوي اسماعيل جي شھادت ۽ مجاھدن جي پسپائي لاءِ جڏھن ٿورن سالن کان پوءِ رنجيت سنگھھ جي پوين جو وارو آيو تھ رنجيت سنگھھ توڙي سندس پوين خيبر لڪ تائين پنھنجا پير مضبوط ڪيا ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪابل تائين وڃي پھتا.

جيڪڏھن رنجيت سنگھھ افغانن جي پھرين جنگ ١٨٣٩ع ۾ انگريزن کي افغانستان ڏانھن وڃڻ جو رستو نھ ڏئي ھا ۽ پنھنجو لشڪر بھ مدد طور ساڻن روانو نھ ڪري ھا تھ سنڌ ۽ افغانستان ڪنھن ڏچي ۾ نھ پون ھا. سنڌ جي ميرن جڏھن انگريزن سان مذاڪرا ڪندي ڏکين معاھدن کي نھ پئي قبوليو ۽ پنھنجي آزادي جي تحفظ لاءِ ھٿ پير ٿي ھنيائون، تڏھن ساڳي رنجيت انگريزن جو ڀرپور ساٿ پئي ڏنو ۽ ميرن لاءِ اھو پئي ڏيکاءُ ڏنائين تھ انگريزن سان معاھدو نھ ڪرڻ جي صورت ۾ سک سنڌ کي تاراج ڪرڻ لاءِ پنھنجي طاقت ڪتب آڻيندا. آخرڪار ميرن مجبور ٿي معاھدن وسيلي اھو سڀ ڪجھھ ڪيو، جنھن پڇاڙيءَ ۾ ھنن جي چيلھھ ڀڃي ڇڏي.(1)

راجا رنجيت سنگھھ سنڌ ۽ خاص ڪري شڪارپور جي واپاري دڳ ۾ اک وجھيو ويٺو ھو. ١٨٠٩ع ۾ انگريزن ستلج جي دوآبي وارين ايراضين کي پنھنجي ھٿ ھيٺ آڻي رنجيت سنگھھ جي جمنا ندي طرف ملڪ وڌائڻ واري اميد تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. ان کان پوءِ کيس ائين نظر آيو تھ اوڀر پاسي انگريز رڪاوٽ وجھي ڇڏي. اتر اولھھ طرف سيد احمد شھيد جي ڪار گذاري پئي ھلي. باقي رھيل پاسو، جنھن طرف ھو وک وڌائي پنھنجي حڪومت ۾ وسعت آڻي ٿي سگھيو، سو ھو ڏکڻ پاسي ميرن جو ملڪ سنڌ، جنھن کي ھوبنا ڪنھن ڌاري دست اندازي جي پنھنجي ارھھ ۾ آڻي ٿي سگھيو.

سنڌ سان سک دربار جو رستو ١٨١٨ع کان رنجيت سنگھھ جي ملتان ھٿ ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿيو. پھريان تھ رسمي طرح ھڪ ٻئي سان سوکڙين جي مٽا سٽا ٿي. ميرن کي ان مان ڪنھن بھ خوف خطري جي بوءِ نھ آئي، پر جڏھن ١٨٢٣ع ۾ ھيءُ سلطان ڪوٽ شھر تائين لڙي آيو ۽ پنھنجن يورپي فوجي ڪپتانن ائلارڊ ۽ وينچوراکي مٺڻ ڪوٽ ڏانھن روانو ڪيائين تھ ميرن کي ڪجھھ کڙڪ پئي ۽ رنجيت سنگھھ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ بي قرار ٿي پيا. لاڳيتن ٻن سالن تائين ھن جو لشڪر يورپي ڪپتانن جي تربيت ھيٺ تيارين ۾ رڌل ھو. لڌياني ۾ رھايل انگريزي نائب جي خيال موجب اھي سڀ تياريون اتر سنڌ ۽ شڪارپور ھٿ ڪرڻ لاءِ ھيون.

ھن ظاھري طرح ميرن جي ملڪ (سنڌ) ڏانھن چڙھائي ڪرڻ جو اھو سبب پئي ٻڌايو تھ اتر سنڌ جي جن ٻروچن ملتان ويجھو سک فوجي دستن تي ھلان ڪئي ھئي. تن کي سيکت ڏيڻ لاءِ پيش قدمي ڪئي پئي وڃي. آخر ١٨٢٥ع ۾ رنجيت سنگھھ سنڌ ڏانھن تڪڙو وڌي آيو، پر ملڪ وٺي نھ سگھيو، جو ان وقت سنڌ ۾ ڏڪار آيو ھو. ليڪن ورندي سال کيس سنڌ مٿان ڪاھھ ڪرڻ جو پورو سبب سجھي آيو. ھن پنھنجي درٻار ۾ ڳالھين لاءِ آيل ميرن جي وڪيلن کان ڍل جي گھر ڪئي، جيڪا سنڌ جا مير افغانستان کي ڀري ڏيندا ھئا. سندس چوڻ ھو تھ جيئن تھ پاڻ افغان سلطنت جا ڪيترا حصا ھڙپ ڪري چڪو آھي، انھيءَ حالت ۾ ميرن کان ڍل ڇڪي وٺڻ جو کيس پورو حق رھي ٿو. ميرن جي وڪيلن ان ڳالھھ جي بلڪل مخالفت ڪئي ۽ ڍل ڏيڻ کان صفا نابري واريائون. رنجيت سنگھھ سياسي مصلحتن جي ڪري ميرن تي وڌيڪ زور بار نھ آندو. ائين اھا مصيبت ٽري وئي. پشاور طرف سک حڪومت جي حدن ۾ سيد احمد جيڪا فوجي قوت حاصل ڪئي ھئي، تنھن کي ڏسندي رنجيت سنگھھ سنڌ جي ميرن کي ستائي پنھنجو دشمن بنائڻ مناسب ٿي سمجھيو.

ميرن جڏھن پنھنجي وڪيلن واتان رنجيت سنگھھ پاران ڍلجي گھر جي ڳالھھ ٻڌي تھ ڪنھن حد تائين دھلجي ويا، ۽کين خطرو ھو تھ اڄ نھ سڀاڻي اھو معاملو ھوريان ڏاڍيان زور وٺي وڃي، اتي دنگ نھ ڪري جو افغانن وارو جنجال نھ پيدا ٿئي. ان ڪري ھنن پاڻ کي خطرن کان محفوظ رکڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو تھ انگريزن سان جيڪو ناتو ھلي رھيو آھي، تنھن کي وڌيڪ پختو ڪيو وڃي. ٻئي پاسي انگريزن بھ ائين ٿي گھريو تھ ميرن جي انھيءَ لاڙي کي قبولي سندن ملڪ بابت وڌيڪ حقيقتون ھٿ ڪجن، جيڪي کين روس کي روڪڻ ڪاڻ سندن اتر اولھھ سرحدي نيتي ٺاھڻ ۾ ڪم اچي وينديون ۽ چڱي ھٿي ڏئي رھنديون. تنھنکان سواءِ وقت سر ميرن جو سڏ ورنائي سندن دل وٺبي تھ ھيءَ انگريزن جي خلاف ڪوبھ شڪ شبھو پنھنجي دل ۾ نھ آڻيندا.(1)

*


 

 

(1) ښڎإض، ١-٦٦. جإڎۑك ښۑإښۑ إڢڡإڷښجإڷ ٧٦ إڢڡإڷښجإڷ، ١٢ ڠڎۆض بإڎڥڐۑإڷ ٣٦. جإڎۑك إڢڡإڷ ڢڎۑیڎ ٨٨. ښڵڞڷج ڥإبڵ ١٣٣. ۆإڤڠإج ڛإێێ ڛضإڠ ٩.

(1) ښڎإض، ١-١٥٢.

(2) قۑإج إڶۑڎ ڈۆښج ڶقڶڈ كإڷ، ڶۆێڷ ڵإڵ، ٢- ٢٧٤.

(1) جۑڶۆڎ ڛإێێ ڈڎإڷۑ ڜ ١٢٥.

(2) ښڎإض ١-٥٣.

(1) ښڎإض ١-٦٣، ۆإڤڠإج ٢٣ ښڎإض ١-٧٣.

(2) ۆإڤڠإج ٢٣، ښڎإض ١-٧٣.

(1) ۆإڤڠإج ٢٩، ښڎإض ١-٧٧.

(2) ۆإڤڠإج ٣٣، ښڎإض ١-٨٠.

(3) ښڎإض، ١-١٨٣.

(1) ښڎإض، ١-٧١.

(1) جإڎۑك ښڷډ ڶۆإڵإڷ ڶێڎ ٢-٧٧.

(1) History of Alie nation in Sindh.

(1) ښڷډ ضإ ڢإڎښۑ ڛإڠڎ (إڷڧڎۑڐۑ ۾) ڋإڥخڎ ێڎۆڶڵ ښڈإڎڷڧإڼۑ (ضڷێڷ ۆۑضێڏإیۑ ۾ ١٩٩٢ڠ ۾ ڵإڊإڼۆ ڥۑۆ آێۑ.)

(1) ڶشڷۆۑإج ێۑڎ ڎإڷضێإ، ڜ ٢١٨

(2) جڥڶڵۏ ڜ ٤٥٥ قۆإڛۑ، ښۑڈ قښإڶ إڵڈۑڷ ڎإڛڈۑ.

(1) ڶڝڶۆڷ إڶڈإڈڠڵۑ ڵڡإڎۑ، ڶإێۆإڎ ڷیۑڷ ڐڷڈڧۑ، ضۆڵإ٭ ١٩٨٣ڠ ضۑ قۆإڵۑ ښإڷ. ڶجڎضڶ.

(1) جإڎۑك إڶإڶ إڵڈۑڷ قښۑڷۑ، ڤڵڶۑ جإڵۑڢ، ١٢١٢ێێ.

(1) ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ٥، ڛۑڎ ڶقڶڈ كإڷ بإبج.

(2) ێۑ ڥجإب ۽ ښڎإض ١-٨٥- ۆإڤڠإج ٤٣.

(1) ێۑ ڥجإب ۽ ښڎإض ١-١٠٠.

(1) ێۑ ڥجإب ۽ ښڎإض ١- ١٠٠.

(1) ێڷڈۑ بإۑۆڧڎإڢۑ، ٣٩.

(1) قبۑبۑ.

(1) ڶڝڶۆڷ: صڎۆڢۑښڎ غۑجڷ ڶإڏۑ ۆإڵإ، ښڶإێۑ ڶێڎإڼ، ٤- ١٩٦٠ڠ، ڜ ١٩١.

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org