سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ جي تعليم جا اصول

باب: 4

صفحو : 7

باب چوٿون

 

نصاب ٺاهڻ

 

تاريخي مواد چونڊڻ:

هيستائين اسين تاريخ جي فلسفي، وصف ۽ تاريخ جي قسمن ۽ مختلف پهلوئن بابت بحث ڪري سگهيا آهيون. هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسڪولي نصاب ۾ ٻارن لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون تاريخي ڳالهيون شامل ڪيون وڃن. يعني تاريخ پاڙهڻ لاءِ ڪهڙو تاريخي مواد چونڊيو وڃي، جو ٻارن ۾ تاريخ لاءِ شوق جاڳي ۽ تاريخ پاڙهڻ جو مقصد پورو ٿئي. مطلب ته اسڪولن ۾ ٻارن کي جدا جدا درجن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون تاريخي حقيقتون پاڙهيون وڃن. هن مقصد لاءِ اسان کي تاريخ جي وڏي ۽ ڪشادي علم مان ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پوندي ۽  نيٺ ڪجهه اهڙو تاريخي مواد چونڊي اسڪول جي شاگردن جي درجي آهر انهن کي تربيت ڏيڻي پوندي.

هاڻي ان چونڊ جي لاءِ ٻه طريقا يا ٻه نظريا آهن: هڪڙو عقلي يا منطقي ۽ ٻيو نفسياتي.

(1) عقلي يا منطقي طريقو: هن طريقي موجب اسين ٻارن جي سڄي اسڪولي مدت لاءِ اول تاريخي مواد جي جملي انداز جو يقين ڪندا آهيون. ۽ پوءِ ساڳئي مقرر ڪيل ڪورس کي مختلف ڪلاسن يا درجن ۾ ورهائي ڇڏيندا آهيون. مطلب ته هن طريقي موجب اسين تاريخي معلومات کي وڌيڪ اهميت ٿا ڏيون ۽ شاگردن جي نفسياتي گهرجن يا جبلتن کي گهٽ اهميت ٿا ڏيون يا مورڳوئي نظر انداز ڪندا آهيون.

(2) نفسياتي طريقو: هن طريقي موجب اسين اول تاريخ پڙهڻ ۽ پاڙهڻ لاءِ ٻارن جي فطرتي لياقتن ۽ لاڙن تي ويچار ڪندا آهيون ۽ عمر آهر ٻارن جي جبلتي لاڙن ۽ فطرت کي مد نظر رکي پوءِ نفسياتي گهرجن موجب مختلف عمر وارن شاگردن لاءِ، تاريخ مان موزون ۽ مناسب حساب سان نصاب ۾ داخل ڪندا آهيون. مطلب ته نفسياتي طريقي موجب اسين نصاب کي ٻارن جي عمر جي مختلف منزلن آهر ترتيب ٿا ڏيون.

هيءَ ڳالهه به حقيقت آهي ته ٻارن جي ذهني ماپ ۽ انهن جي نفسياتي عمر آهر گهرجن بابت تحقيق اڄ تائين اسان جي ملڪ ۾ ڪانه ڪئي ويئي آهي. اسان جي اسڪولن ۾ استادن کي ٻارن جي جبلتي لاڙن ۽ فطري جذبن سان ڪنهن به قسم جو واسطوئي نه رهيو آهي. اسان جي اسڪولن ۾ نصاب گهٽ يا وڌ من پسند ۽ ڪنهن اصول کان سواءِ ئي هلندا رهيا آهن. جيڪا شيءِ پرائمري اسڪولن ثانوي اسڪولن جي نصاب ۾ داخل آهي، سا، سال بسال، ڪلاس به ڪلاس، منزل بمنزل پاڙهي وڃي ٿي. ساڳيو ئي سبق پرائمري اسڪولن جي ٻارن ۽ ثانوي اسڪولن جي ٻارن کي پاڙهيو ٿو وڃي. مطلب ته ساڳيو ئي نصاب ٻه ٻه، ۽ ٽي ٽي، ڀيرا شاگردن کي پڙهڻو پوي ٿو. اهڙي قسم جي ورجاءَ مان ثابت  ٿو ٿئي ته اسان کي تاريخ لاءِ صحيح شوق بدران تاريخ ۽ ان جي صحيح طريقي تي پاڙهڻ جي اصل خبر ئي ڪونهي.

اڄ تائين نصاب کي نفسياتي طريقي تي ٺاهڻ جي ڪوشش هڪ يا ٻه دفعا ڪئي وئي آهي. سڀني کان مکيه ڪوشش مسٽر اسٽينلي هال  ڪئي، جنهن جو نالو آهي، تمدني دور پٽاندر پڙهائيءَ جو اصول (Culture epoch theory) اسٽينلي هال صاحب جي مراد فقط تاريخ جي نصاب جي ترتيب کي نفسياتي اصولن تي بيهارڻ نه هو. بلڪ هن جو مقصد هو ته ان کي نفسياتي اصولن موجب تربيت ڏني وڃي ته جيئن ٻارن ۾ تاريخ جي علم لاءِ ڪشش ۽ چاهه پيدا ٿئي. هال صاحب جي نظريي موجب ٻار پنهنجي حياتيءَ ۾ انهن سڀني منزلن مان (هڪڙي منزل کان پوءِ ٻيءَ منزل ڏانهن) سلسلي وار لنگهي ٿو. جن منزلن کي نسل بني آدم پاڻ پنهنجي ارتقاءَ جي دؤر ۾ طئي ڪيو آهي، ۽ انهن منزلن کي طئي ڪندي هر منزل يا درجي تي ٻار نسل انساني جي مڙني تجربن ۽ جبلتن ۽ جذبن جو دؤر ۽ مطالعو ڪندو رهي. مطلب ته ٻار انهن جو بيان پڙهندي انهن دورن جو پورو تاثر پاڻ پنهنجي حياتيءَ تي طاري ٿيندي محسوس ڪري .

شروع ۾ بني آدم شڪاري هو. وڻن جي هيٺيان ۽ غارن ۾ رهندو هو. پوءِ ريڍار ٿي پيو ۽ چوپايو مال ۽ جانورن کي پالڻ شرپع ڪيائين. رڍن، ٻڪرين، ڳــُئن، مينهن وغيره شروع کير ڏيندڙ جانورن جي سنڀال جو ڪم ڪيائين ۽ گاهن جي ميدانن ۾ گاهه جي ڳولا ۾  رولن وانگر خانه بدوش زندگي گذاريندو هو. وري پوءِ ٽينءَ منزل تي پهتو جڏهن پنهنجي جاءِ، رهت سهت هڪ هنڌ تي قائم ڪري هڪ منو ٿي اُتي رهڻ لڳو. ساڳئي وقت هن کي ٻني پوکڻ جي ڄاڻ ٿي، ۽ پڻ باهه جي ڄاڻ کان پوءِ ٻني پوکڻ جي ڄاڻ هن لاءِ تمام گهڻي اهميت واري ۽ انقلاب آڻيندڙ ثابت ٿي. چوٿينءَ منزل ۾ بني آدم تجارت ۽ واپار جو ڪم به هٿ ۾ کنيو، ۽ ان ريت موجوده پيچيده ۽ ترقي پذير نظام حيات پيدا ٿيو.

اسٽينلي هال صاحب جو خيال هو ته ٻار پنهنجي وڏن ۽ نسل انسانيءَ جي تجربن ۽ ڏکن سکن جو دور ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻار جي دماغ ۾ قدرتي طرح ڪنهن نه ڪنهن قسم جي حياتياتي مادي جي اهڙيءَ ترتيب جو وجود آهي جنهن ڪري هو پنهنجي ڪنهن حياتيءَ ۾ پنهنجي ابن ۽ ڏاڏن جي ڀيٽ تي آڻڻ تي آماده هوندو آهي. هال صاحب جو اعتقاد هو ته جيسين ٻار کي ان لاشعوري لياقت جي تربيت نه ڏني ويندي تيسيتائين ٻار جي سچي ۽ موزون نشونما نه ٿي سگهندي.

منڍ ۾ ٻار ۾ هڪ رولو ۽ خانه بندوش هئڻ جا پار موجود ڏسبا آهن. جيڪا به شيءِ ان جي هٿ ۾ اچي ٿي سا هن جي هٿن ۾ اچي ناس ٿئي ٿي. ٻار هر شيءِ کي ڀڃندو ۽ ڊاهيندو آهي. ان کان پوءِ ٻار کي خوفناڪ ۽ وحشي قسم جي آکاڻين ٻڌڻ جو تمام گهڻو شوق ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته نفسياتي لحاظ کان هو اڃا تائين ڇڙواڳ ئي رهندو آهي. ٻالپڻ ۾ ننڍڙا ٻار هٿن پيرن تي رڙهندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ان نسلي، حيواني تجربن جو به دور ٿا ڪن ان کان اڳ ماءُ جي پيٽ ۾ به ٻار مڇي وانگر به وهندو رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته مـُنڍ ۾ سڀني انساني ٻارن کي مڇين وانگر تجربا ڪرڻا پيا هئا.

اسٽينلي هال جو خيال هو ته جڏهن هر ٻار لاءِ لاشعوري طور تي ضروري آهي ته هو پنهنجي نسل جي اوائلي زندگيءَ جي منزل مان لنگهي ته پوءِ لازمي امر آهي ته هن لاءِ هڪ سٺو ۽ معياري نظام تعليم و تربيت سندس ان لاشعوري حياتيءَ جي گهرج کي نظر انداز نه ڪري، بلڪ نظام تعليم ۽ نصاب تعليم جو بنياد ئي ان تي رکيو وڃي.

ڪلچر مطابق تعليمي اصول مقامي تاريخ جي سکيا ۾ ان طرح گهڻو ڪم ڏئي سگهي ٿو. ان لاءِ نسل بني آدم جي اوائلي تاريخ ننڍن ٻارن کي ٻڌائي وڃي، مثالن سان ۽ ناٽڪي انداز سان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٻنهي کي.

نسل بني آدم جي وڏپڻ جي تاريخ مٿين ڪلاسن جي شاگردن ۽ بالغن کي پاڙهي وڃي. ان لاءِ تاريخ جي ڪورس کي هيٺين ريت ترتيب ڏنو وڃي:

1-      قديم ۽ اوائلي تاريخ ابتدائي ڪلاس جي لاءِ.

2-      وچين دؤرن جي تاريخ وچين ڪلاسن لاءِ.

3-      هاڻوڪي ۽ جديد زماني جي تاريخ اسڪول جي وڏن ڪلاسن ۽ ڪاليج جي شاگردن لاءِ.

سوچ لائق ڳالهه هيءَ آهي ته تمدني دؤرن وارو نظريو سائنس تي نه بلڪ زياده تر خيال ۽ تصور تي مدار رکي ٿو ۽ هر لحاظ کان قابل عمل ۽ سچو نٿو ٿي سگهي .

هن اصول جي پهرين ڳالهه ئي غلط آهي ته ٻار شروع ۾ هڪ وحشي جانور هجي ٿو. حقيقت هيءَ آهي، ٻار وحشي جانور نه بلڪ هڪ انسان آهي، جنهن جي فطرت ۾ قدرت طرفان لاشعوري طور ڪي جبلتون، لاڙا ۽ جذبا موجود هجن ٿا، جن جي تربيت نشونما هن جي سماج يا ماحول پٽاندر ٿيندي آهي. وحشي جانور کي ٻار نه چئي سگهبو. خونخوار جنهنگلي ماڻهو يا درندو اهو ٿيندو آهي، جو پنهنجي ذاتي يا ورثي ۾ مليل صفتن يا طاقتن کي پنهنجي مخصوص ماحول يا زندگيءَ جي معاشرتي گهرجن جي مطابقت ۾ آڻي نه سگهيو هجي.

تمدني دورن واري اصول جي خلاف ٻيا به اعتراض ڪيا وڃن ٿا. جيئن بني آدم جا سڀ نسل تهذيب ۽ تمدن جي الڳ الڳ منزلن تي رسيل هوندا آهن.

جيڪڏهن موجوده دؤر تي نظر وجهي ڏسبو ته خبر پوندي ته مختلف قومون ۽ نسل ساڳيءَ تمدني منزل تي بيٺل نه آهن. ڪي قومون اهڙيون به ٿي سگهن ٿيون جي ارتقا جي درمياني منزلن تي به پهتل نه آهن.

تمدني دؤرن جو اصول انسان جي اوائلي تاريخي دؤر تي بيشڪ ٺهڪي بيٺل ٿي سگهي ٿو، پر موجوده تاريخي ۽ سائنسي ارتقاءَ جي دؤر ۾ انساني ٻار جي دماغ ۾ قديم زماني وارو وحشي تاثر هر گز ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي.

هيءُ اصول پوءِ به تارخ جي سيکاريندڙ جي لاءِ ڪافي ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. ان جا هيٺيان فائدا مکيه طرح نظر ۾ رکي سگهجن ٿا.

(1) گهٽ ۾ گهٽ صغير سنيءَ يعني ٻالپڻ جي اوائلي سالن ۾ عام سکيا ۽ تربيت جي نصاب ٺاهڻ ۾ هيءُ اصول ڪافي مفيد ثابت ٿيو آهي .

(2) هن اصول جو اثر تاريخ پاڙهڻ جي ڍنگ ۽ طريقن تي گهڻو ئي ٿيو آهي. انساني اوائلي ارتقائي ڳالهين ۽ تجربن سمجهائڻ سان استاد ڪوشش ڪري سگهي ٿو، ته ماضيءَ جي ڳالهين کي اصلي ۽ حقيقي رنگ روپ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ، وڏين ڳالهين ڪرڻ بدارن ٻارن کي ڪارائتين مشغولين ۾ رُڌل رکي سگهي.

(3) هن اصول جي ڪري هن حقيقت جو انڪشاف ٿيو آهي ته تاريخ جو مطالعي فقط ذهني يا دماغي ڄاڻ وارو ئي ڪم ڪونهي، بلڪ تاريخي حقيقتون زباني طور ٻڌائڻ کان سواءِ هڪ ڪامياب استاد شاگردن جي قوت خيال ۽ تصور ۽ جذبن کي بيدار ڪري سگهي ٿو، ۽ ان ڪم ۾ جهونيون آکاڻيون، گيت ۽ پراڻي زماني جا افسانا وغيره تاريخ پاڙهڻ ۾ بلاشڪ ڪارائتا ثابت ٿي سگهندا، جيتوڻيڪ انهن شين کي تاريخ نه چئي سگهبو، بلڪ اهي سڀ شيون تاريخ پاڙهڻ ۽ پڙهڻ ۾ مددگار ۽ مفيد بنجي سگهن ٿيون.

(4) هن اصول جي سامهون اچڻ سان اهو به معلوم ٿيو، ته تاريخ جي مطالعي ڪرڻ کان اڳ بني آدم جي حياتياتي ارتقائي سفر جو مطالعو به تمام مفيد ثابت ٿيندو.

نفسياتي اصولن موجب هڪڙي ٻئي عالم ڪارلائل به ڪوشش ڪئي آهي، ته تاريخ جي نصاب ٺاهڻ مهل ڪهڙي مکيه اصول پٽاندر تاريخي مواد گڏ ڪيو وڃي ۽ ڪهڙين ڳالهين کي ان ۾ شامل ڪيو وڃي. ڪارائل صاحب جي راءِ موجب تاريخ جي سکيا لاءِ نصاب ٺاهڻ جو بهترين طريقو هيءُ آهي ته قومي تاريخ ۽ دنيا جي تاريخ مان وڏين مشهور هستين کي چونڊي، انهن جي سوانح حيات ۽ زندگانين جا قصا نصاب ۾ داخل ڪيا وڃن ۽ تاريخي دؤر جي نسبت سان شاگردن کي اسڪولن ۾ پاڙهيا وڃن. ائين ڪرڻ ان لاءِ ضروري آهي، ته پرائمري ۽ هاءِ اسڪولن جي ٻارن لاءِ سندن تيرهن يا چوڏهن ورهين جي ڄمار تائين تاريخي اصولن، تحريڪن ۽ ادارن ۽ ٻين اهڙين سماجي ۽ معاشرتي وڏين تبديلين ۽ انقلابن سکڻ جو ذهني لاڙو به انهن ۾ وڌيل نه هوندو آهي. ننڍي هوندي ذاتي شخصي انفرادي ۽ جسمانيات رکندڙ ڳالهيون سولائيءَ سان انهن جي خام حواسن جي رستي سمجهه ۾ ايندڙ شيون کين وڌيڪ وڻنديون آهن. ڪارلائل جي راءِ موجب انفرادي ۽ شخصي سوانح حيات جا شخصي، احوال ۽ ڳالهيون ئي ننڍن ٻارن جي نصاب ۾ داخل ڪرڻ مناسب ۽ مفيد ثابت ٿينديون.

تاريخ جا مشاهير ۽ سورما پنهنجي زماني يا دؤر جا نمائندا ٿيندا آهن. وڏيون وڏيون جنگيون ۽ تحريڪون اهي ئي شروع ڪن ٿا. ۽ وڏن وڏن معاشرتي، سماجي ۽ سياسي توڙي مذهبي ادارن ۽ سڌارن جا بانيڪار به اهڙائي ماڻهو هوندا آهن. انهيءَ ڪري اهڙن ماڻهن جي حياتين بابت جيڪڏهن ٻارن کي مـُنڍ ۾ ئي سادي ۽ سولي نموني سکيا ملي ويندي ته وڏي ٿيڻ کان پوءِ مٿين درجن ۾ وڃي اهي ٻار پنهنجي اڳوڻي واقفيت ۽ دماغي واڌاري جي زور جي ڪري جنگين جا اسباب ۽ نتيجا، تحريڪن ۽ سڌارن جا فائدا ۽ نقصان، تمام سولائيءَ سان ۽ دلچسپيءَ سان سمجهي سگهندا. ڪارلائل جي هن طريقي کي وڏن ماڻهن يا شاهي عالم وارو اصول سڏبو آهي. ڇاڪاڻ ته هو چوندو هو ته جيڪا ڪجهه ڄاڻ يا خبر دنيا جي تاريخ ۾ ڏنل آهي، اُن ۾ وڏن ماڻهن جي ڪارنامن کان سواءِ ٻيو ڪجهه آهي ڇا؟ گذريل زماني جي تاريخ مکيه شخصيتن جي زندگين جي احوال ۽ سندن ئي اُٿاريل جنگين ۽ صلحن جي بيان جو ٻيو نالو ئي ته آهي. اهوئي سبب آهي ته ڪارلائل ڪرامويل ۽ فريڊرڪ جهڙن وڏن تاريخي مشاهيرن کي ديوتا ٺاهي ڇڏيو آهي. ڪارلائل ۽ سندس معتقدن جو پيش ڪيل تاريخ جو هيءُ نظريو فقط شخصي ۽ انفرادي هو. خدا جي وڏي دنيا ۽ عام مخلوق سان ڪارلائل جو نظريو واسطو نٿو رکي. هن تاريخدان کي زندگيءَ جي سماجي، مذهبي، اقتصادي ۽ ٻين پهلوئن سان واسطو نه آهي. سندس سوچ جي مدِ نظر پنگتي ۽ جمهوري زندگي ۽ ان جي لاءِ اعليٰ ڪم ڪرڻ خاص اهميت نٿو رکي. اهوئي سبب آهي جو ڪارلائل جي نظريي تاريخ جي خلاف هيٺ ڏنل اعتراض ڪيا وڃن ٿا:

(1) ڪارلائل جو تاريخي نظريو جمهوريت جي اصولن ۽ پنگتي مقصدن جي خلاف آهي. سندس نظريو اجتمائي زندگيءَ جي اعليٰ مقصدن جي مخالفت ۽ ترديد ٿو ڪري.

(2) ائين سمجهڻ غلط آهي ته تاريخ جو هر هڪ ماڻهو پنهنجي زماني جو نمائندو ۽ وڏو ماڻهو ٿيندو آهي. ڪنهن به تاريخي شخصيت کي وڏو ماڻهو چوڻ ئي هن ڳالهه جو دليل آهي ته هو پنهنجي زماني جي باقي عام شهرين کان مٿي هو ۽ عام ماحول جو مٿس گهٽ اثر هو. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهون ٿا ته اهڙا تاريخي مشاهير عام طور سان يا ته حڪومت يا معاشري کان باغي هئا يا درويش، ولي، پيغمبر، يا شهيد هئا.

(3) جيڪڏهن چند وڏن ماڻهن جي حياتيءَ جي احوال کي تاريخ سمجهيو وڃي ته پوءِ اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڇا تاريخ جا وڏا ماڻهو، هر لحاظ کان چڱا مڙس ۽ معياري انسان هئا؟ هيءَ ڳالهه ناممڪن آهي. سوسائٽيءَ جي اجتماعي ۽ گوناگون زندگيءَ ۾ تاريخ جي هرهڪ وڏي ۽ مشهور ماڻهوءَ جو چڱو مڙس هئڻ ضروري نه آهي. تنهنڪري هر وڏي ماڻهوءَ کي پنهنجي زماني جو هڪ نمونو يا نمائندو سمجهڻ غلط فلسفو آهي.

(4) تنهن کان سواءِ هر زماني ۾وڏا ماڻهو نٿا ملن. تنهن ڪري تاريخ پاڙهيندي تاريخ جو استاد ۽ تاريخ لکندڙ مؤرخ تاريخي تسلسل قائم رکي نٿو سگهي.

هاڻي سوال هيءُ پيدا ٿئي ٿو، ته ڀلا نصاب ٺاهڻ جي لاءِ ڪهڙو نظريو مدِ نظر رکيو وڃي، يعني مسٽر اسٽينلي هال جو تمدني دؤرن وارو نظريو يا مسٽر ڪارلائل جو مـُک ماڻهن وارو نظريو (great Man Theory) سچ پچ ڪارلائل صاحب جي سوانح حيات يا وڏن ماڻهن واري نظريي جو مطلب هيءُ به نه آهي، ته اسين وڏن ماڻهن جا انڌا ڌنڌ پوڄاري ٿي وڃون ۽ انهن جي گهٽتاين ڏانهن اصل نظر نه ڪريون ۽ عام ماڻهن ۽ پنگتي ڳالهين کي هڪ دم نظر انداز ڪري ڇڏيون. بلڪه ائين به ممڪن آهي ته ڪارلائل صاحب جو سوانح حيات وارو طريقو اختيار ڪريون ۽ هيٺ ڏنل ڳالهين کي مدِنظر رکي هن نظريي جي خرابين کان بچون.

(1) تاريخ جي استاد کي گهرجي ته پهريائين پنهنجي نصاب ٺاهڻ لاءِ مـُک ماڻهو، مـُک واقعا ۽ اهم تحريڪون چونڊي، تنهن کان پوءِ هر هڪ تاريخي تحريڪ کي مرڪز سمجهي، ان تحريڪ جي بانيڪارن يا ان سان لاڳاپا رکندڙ وڏن ماڻهن کي تحريڪ جي چوڌاري بيهاري ڇڏي.

(2) تاريخ جي استاد کي گهرجي ته نصاب ۾ مختلف قسم جي تاريخي مشاهيرن جي سوانح ۽ ڪارناما شامل ڪري، ڇاڪاڻ ته هڪ وڏو ماڻهو پنهنجي زماني جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ اعليٰ ۽ معياري نمائندو نٿو ٿي سگهي. تاريخ جي نصاب م جنگي جوڌن ۽ اصلاحي مردن (heroes of peace) ٻنهي قسمن جا ماڻهو ۽ سندس احوال هجڻ گهرجن. بيشڪ امن پسند، صلح جو ۽ عوام جي ڀلائي چاهيندڙ ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ جنگ جي بهادر بادشاهن يا ويرن ۽ سپهه سالارن کان گهٽ اهميت نه ٿا رکن. تاريخ اسلام جي نصاب ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن کان پوءِ حضرت امام حسين رضه جي احوال سان گڏ يزيد ابن معاويه جو احوال به ضروري شامل ڪرڻو پوندو. اسلامي شريعت کي مرڪز بنائي تحريڪ اسلام جي دائري جي اندر هن زماني جي هر هڪ مکيه اسلامي شخصيت کي مرڪز جي چوڌاري بيهاري سندس چڱا ڪم يا بڇڙايون ٻارن کي ٻڌائبيون تڏهن ئي ٻارن کي خبر پوندي ته حـُسينيت ۾ سچو اسلام هو يا يزيديت ۾.

(3) تاريخي مواد جي مدِنظر جيڪڏهن تاريخ پاڙهڻ لاءِ ڪن خيالي ادرڪارن جي ذريعي تاريخي ڳالهيون ٻڌايون وڃن ته تمام سٺو ٿيندو. مثلاً تاريخ اسلام پاڙهڻ لاءِ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي حياتيءَ ۽ خدمات تائين سکيا کي محدود رکڻ چڱو نه ٿيندو بلڪ حضرت صاحب جن جا صحابه ڪرام ڪٽنب جا ڀاتي جن ۾ مسلمان به هئا ۽ غير مسلم به، دوست به هئا ۽ سندن مخالف به، مجاهد به هئا ۽ بزدل ۽ غدار به هر ڪنهن جو احوال نصاب ۾ داخل هئڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪڙو نصراني، هڪڙو يهودي ۽ هڪڙو آتش پرست اسلامي ڊرامي ۾ ٻنهن جو پارٽ ادا ڪري ڏيکاري ته تمام سٺو ٿيندو عرب سوداگر، عرب هاري، عرب زميندار ۽ عرب دڪاندار انهن سڀني کي ظهور اسلام جي زماني جي زندگيءَ بابت پارٽ ڏنا وڃن تڏهن ٻار ان زماني جي زندگيءَ بابت پوريءَ طرح واقف ٿي سگهن ٿا ۽ سندن ذهن ۾ سچي تاريخي تصوير پيدا ٿي سگهندي.

تاريخدانن يا تاريخ جي استادن جو واسطو ڪنهن به تاريخي شخصيت جي ذاتي، انفرادي ۽ شخصي پهلوءَ سان نه ٿيندو آهي. تاريخ ۾ مـُک ماڻهو اهي ٿي سگهن ٿا جي پنهنجي مختصر زندگانيءَ ۾ خدا واسطي خدا جي بندن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري ويندا آهن ۽ سندن حياتيءَ ۾ ۽ مرڻ کان پوءِ سندن ڪمن ۽ تحريڪن جو اثر سندن پوئين تي ٿيندو آهي. تاريخدان ۽ تاريخ جي استاد جو واسطو بادشاهن، راڻين، وزيرن ۽ سپهه سالارن سان نه آهي، بلڪ سندن تارازيءَ تي جو ماڻهو به، مرد توڙي زال، بادشاهه توڙي فقير، اعليٰ توڙي ادنيٰ، مسلمان توڙي ڪافر، پورو بيهندو آهي. تنهن کي تاريخي لحاظ کان وڏو ماڻهو چئي سگهبو.

بيشڪ ننڍن ڪلاسن ۾ مڪاني تاريخ، وچين ڪلاسن ۾ صوبي جي تاريخ ۽ مٿين ڪلاسن ۾ قومي تاريخ پاڙهبي آهي. خاص طور سان ننڍن ڪلاسن ۾ آکاڻيون ٻڌائبيون آهن. پر تاريخي آکاڻيون اهڙيون هيڻ گهرجن، جن جو لاڳاپو ڪنهن نه ڪنهن تاريخي دور جي زندگيءَ ۽ تحريڪن، جنگين، سڌارن يا انقلاب وغيره سان هجي.

مٿي ڏنل بحث مان ثابت ٿيو ته خاص حدن جي اندر ۽ شرطن هيٺ ڪارلائل صاحب جو سوانح حيات جو اصول نصاب ٺاهڻ لاءِ ڪارائتو آهي، خاص طور ابتدائي اسڪولن ۾ ۽ ننڍن درجن جي شاگردن لاءِ، اسان جي ديس ۾ پندرهن ورهين جي عمر لاءِ، اهي اصول نهايت ڪارگر ٿي سگهن ٿا ۽ تمدني دورن واري اصول وانگر سوانح حيات واري طريقي ۾ به ٻارن جي فطري جذبات جيئن ته ڏک ۽ خوشي، نفرت ۽ محبت، خصوصيت ۽ همدرديءَ ڀريل واقعن ۽ احوالن کان ڪم وٺي، تاريخ جي سبقن کي دلچسپ ۽ ڪارائتو بنائي سگهجي ٿو.

مطلب ته تاريخ جي نصاب ٺاهڻ لاءِ سوانح حيات وارو ۽ تمدني دور وارو ٻئي طريقا ڪارائتا آهن، اهي طريقا تاريخ پاڙهڻ جي تعليمي طريقن ۾ وڌيڪ ڪارگر ثابت ٿيا آهن. هن باب ۾ اسان فقط نصاب ٺاهڻ جي اصولن تي بحث ڪيو آهي. تنهن ڪري اچو ته نصاب ٺاهڻ جي اصول تي هن بحث کي ختم ڪريون. مطلب ته جهڙو تاريخ پاڙهڻ جو مقصد ٿيندو تهڙوئي نصاب ٺاهڻ لاءِ تاريخي مواد جي چونڊ جو طريقو ٿيندو. تاريخ پاڙهڻ جو مقصد آهي موجوده سماجي ۽ پنگتي ماحول جي ابتدا ۽ ارتقا جو احوال ٻارن کي ٻڌائڻ ته اهي ماضيءَ ۽ حال کي ڀيٽي ڏسن ۽ پنهنجي رهبريءَ لاءِ چڱيون ڳالهيون اختيار ڪن ۽ بڇڙائين کان بچن. ان لاءِ ماضيءَ جي سچي تصوير سندن آڏو پيش ٿئي ۽ ماضيءَ جي تحريڪن جو اثر حال جي زندگانيءَ لاءِ رهنمائي ثابت ٿئي. تاريخ جي سکيا لاءِ نصاب ۾ اهڙي هر ڳالهه کي شامل ڪرڻ گهرجي مثلاً ڪارڪرت جا وسيلا ۽ اوزار ۽ انهن جون شڪليون، انهن بابت ڪافي دلچسپ سبق ٻارن کي پاڙهي سگهجن ٿا. ساڳيءَ طرح اڳئين زماني جي ماڻهن جو لباس، کاڌو پيتو، روشني ڪرڻ جون شيون، سواريءَ جا قسم، لکڻ جو فن ۽ ان جي ترقي، شهرن جو برپا ٿيڻ ۽ تباهه ٿيڻ وغيره اهڙيون سڀ ڳالهيون نصاب ۾ شامل ٿي سگهن ٿيون.

نصاب ٺاهڻ لاءِ هيٺين ڳالهين کي مدِ نظر رکڻ گهرجي:

(1) ننڍن ڪلاسن ۾ هڪڙي خاص مرڪزي ڳالهه جي چوڌاري ٻيون لاڳاپا رکندڙ تاريخي ڳالهيون گڏ ڪري رکڻ گهرجن ۽ تاريخي تسلسل جو به خاص خيال رکڻ گهرجي.

(2) تاريخي واقعات اهڙا چونڊ جن جو انسانذات جي حياتيءَ سان واسطو هجي ۽ انساني ارتقا جي خيال سان موزون هجي.

(3) تاريخي واقعا ائين چونڊجن، جو انهن جي بيان جي سلسلي ۽ ترتيب رکي برقرار رکي سگهجي.

(4) تاريخي مواد ۽ ڳالهين اهڙيون چونڊجن جن جو واسطو اسان جي هاڻوڪي نظام زندگيءَ جي مکيه مسئلن ۽ تحريڪن سان هجي ۽ جنهن جي سکيا مان ٻار پنهنجي موجوده زندگي سڌارڻ لاءِ ڪي سبق پرائي سگهن. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويندو ۽ نصاب جو واسطو ٻارن جي عملي زندگيءَ سان ميل کائيندڙ نه ٿيندو ته پوءِ تاريخ جي سکيا ۾ ٻارن کي دلچسپي نه ٿيندي،

مٿي ڏنل اصولن موجب ٻارن جي عمر آهر نصاب ٺاهڻ جا نمونا هيٺ ڏجن ٿا.

ستن يا اٺن ورهين جي عمر وارن ٻارن لاءِ تاريخ جو نصاب

(1) قديم عرب سان لاڳاپيل، ظهور اسلام سان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي ڪٽنب جي ڀاتين جي تعلق ۽ صحابه ڪرام بابت اسلامي تعليم جون ابتدائي اخلاقي ڳالهيون، عربن جي سنڌ ۾ شروعاتي آمد واريون آکاڻيون. (تاريخي آکاڻيون ادبي رنگ ۾ ۽ ادب سان گڏ پيش ڪيون وڃن ته بهتر. ان لاءِ درسي ڪتاب جي ضرورت نه آهي)

نونَ کان ٻارهن ورهين جي عمر وارن شاگردن لاءِ نصاب:

(2) دنيا جي تاريخ مان چونڊيل ساديون ۽ صاف مکيه آکاڻيون خاص طور سان انسان جي اوائلي زندگي جو احوال.

(3) صوبي سان لاڳاپيل تاريخي آکاڻيون ۽ ننڍا قصا وغيره.

(4) پاڪستان جي تاريخ جون مکيه آکاڻيون ۽ انسان دوستيءَ جا ننڍا ننڍا واقعا.

تيرهن کان وٺي سورهن ورهين جي عمر وارن شاگردن لاءِ نصاب:

(5) پاڪستان ۽ ڀارت جي سلسله وار تاريخ جا دلچسپ واقعا ۽ احوال.

(6) اسلامي ملڪن جو تعارفي احوال ٻڌائڻ.

(7) يورپي قومن ۽ ملڪن بابت چڱائي مائل واقفيت ڏيڻ.

(8) علم شهريت جي سکيا جي شروعات ڪرڻ.

تاريخ جي نصاب ۾ ملڪن ۽ قومن جي تاريخ جدا جدا ڪري سمجهڻ ۽ پڙهڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته مقصد صوبائي ۽ قومي ۽ عالمي تاريخ جي ڳالهين تي روشني وجهڻ ٿيندو آهي. پر ائين نه جو انساني رفاقت بدارن انساني رقابت کي فروغ ملي، ڇو ته انسانن ۾، ملڪن ۾، قومن ۾، قبيلن  يا جاتين ۾ پنهنجائپ برابري ۽ ڀائپيءَ کي وڌائڻو آهي، نه ڌاريائپ، نفرت ۽ دشمني کي. خاص طرح مذهبن  جي وچ ۾ تفريق ۽ تصادم کي هرگز اڀارڻو يا وڌائڻ تاريخ جي تعليم جو هرگز مقصد نٿو ٿي سگهي البته پنهنجي قوم ملڪ ۽ مذهب کي هر گز ننڌڻو ۽ گهٽ ڪرڻو ڪونهي. انهي ڪري نصاب ۾ اهڙيون ڳالهيون چونڊي داخل ڪيون وڃن ته جڏهن ٻارن جي سامهون نصاب بابت سبق ڏنا وڃن ته سندن دلين ۾ مسلمانن جي هندستان ۾ اچڻ ۽ هندو مسلم ميل ملاپ جا فائدا، مسلمانن ۽ هندن جي تهذيب ۽ تمدن جا هڪ ٻئي تي سٺا اثر مثلاً علوم ۽ فنون، فلسفي ۽ رياضي ۾ واڌارا، ۽ اهڙن انسانيت جي محبت، عظمت ۽ فضيلت واڌ ويجهه جي ڄاڻ بابت ٻارن ۾ چاهه ۽ شوق پيدا ٿئي.

دنيا جي تاريخ جي مختصر آکاڻي پڙهڻّ ۽ ٻارن کي پاڙهڻ پنهنجي قومي تاريخ جي سمجهڻ لاءِ نهايت ضروري آهي ۽ جيئن اڄوڪيون جيتريون چڱايون، سهوليتون، ايجادون ۽ وسيلا اسان وٽ موجود آهن سي ڪنهن هڪ قوم جي يا ملڪ جي ماڻهن جي محنت جا نتيجا نه آهن بلڪ دنيا جي مختلف قومن جي ماڻهن جي گڏيل ڌار ڌار سوچ ويچار سان اُپايل ايجادن، دريافتن ۽ ڪوششن جا نتيجا آهن. اسان جون پلون، بئراج، واهه، ريڊيا، ٽريڪٽر، موٽر گاڏيون،ريل گاڏيون، پاڻيءَ جا جهاز ۽ هوائي جهاز ۽ تازو ائٽم بم اهي سڀ ايجادون ۽ دريافتون اسان جي قوم جي سائنس دانن نه ڪيون آهن بلڪ اسان سڀ ٻين قومن جي ماڻهن جا احسان مند آهيون، جو اسان جي زندگيءَ ۾ ايتريون سولايون ۽ سهوليتون مهيا ٿي سگهيون آهن. تنهن کان سواءِ پوکن کوهن ۽ واهن رستي آباد ڪرڻ جو طريقو به دنيا جا سڀ ماڻهو سميرينس  (Sumerians) کان سکيا آهن. انگي حساب هندن جي ايجاد آهي. جاميٽري مصرين جي ايجاد آهي. الجبرا عربن جي ايجاد آهي. رسم الخط (Script) يعني لکڻ جو رواج فونيشينس (Phoenicians) جو ايجاد ڪيل آهي. ريشم، ڪاٰغذ ٺاهڻ ۽ قطب نما (Mariner's Compass) چين جون ايجادون آهن. تعمير جو هنر ۽ سنگتراشي جو فن يوناني ايجاد ڪري ويا. رستا ۽ ناليون رومين ايجاد ڪيون ۽ جيڪڏهن جديد ايجادن ڏانهن ڏسون ته جرمن قوم ڇاپڻ جو هنر اسان کي سيکاريو آهي. انگريزن ٻاڦ جي طاقت (Steam power) ايجاد ڪري ڏيکاري آهي ۽ اطالوي ماڻهن وري بنا تار پيغام رساني ٺاهي.

مطلب ته اهڙين حقيقتن جي پاڙهڻ جي ڪري اسان جي ٻارن ۾ تنگ نظري، ناجائز تڪبر، ڪوڙي قومي فخر ۽ تعصب جو جذبو فنا ٿيندو ۽ انهن ۾ عالمگير اخوت ۽ برادريءَ جو احساس جاڳندو.

بني آدم اعضائي يک ديگر اند.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org