سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: تاريخ جي تعليم جا اصول

باب: 1

صفحو : 2

ڇپائيندڙ پاران

تاريخ جي تعليم جا اصول علم تاريخ جي شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ گائيڊ بڪ آهي. مسٽر محمد الياس رضوي هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ چڱي خاصي محنت ڪئي آهي. ڪتاب کي معياري بنائڻ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ۽ جنرل هسٽري جي پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جن جو به هٿ شامل رهيو آهي. سائين جويي صاحب مسودي جي نهايت زبون حاليءَ جي هوندي به تمام ڪارائتيون درستيون ڪيون ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جن زباني طرح پنهنجن مفيد مشورن کان اسان کي نوازيو. ادارو ٻنهي قابلِ احترام عالمن جو بيحد ٿورائتو آهي.

ڪتاب ۾ انگريزي لفظن جي اجائي ڀرمار هئي، جيڪا گهڻي ڀاڱي حذف ڪئي وئي آهي، پر جتي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي، اُتي انهن کي برقرار رکيو ويو آهي. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري صاحب ڪتاب جا سيڪنڊ پروف پڙهيا ۽ بورڊ جي پبليڪيشن شعبي جي سربراهه مسٽر دين محمد ڪلهوڙي هن جو مقدمو لکيو. بورڊ انهن ٻنهي صاحبن جي ڪيل محنت کي به قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

هن ڪتاب جو هيءُ پهريون ڇاپو آهي، جو ڇپجي اوهان لائق پڙهندڙن جي هٿن تائين رسيو آهي. اميد ڪجي ٿي، ته مطالعي کان پوءِ پڙهندڙ هن ڪتاب بابت پنهنجن مفيد مشورن ۽ صلاحن کان اسان کي ضرور نوازيندا، ته جيئن ٻئي ڇاپي ۾ انهن مشورن جي روشنيءَ ۾ ڪتاب کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهون.

 

اعجاز احمد منگي

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org