سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ جي تعليم جا اصول

باب: 9

صفحو : 12

باب نائون

تاريخ ۽ وقت جو احساس

 

جيئن جاگرافي پاڙهيندي استاد مڪان ۽ مفاصلي جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ نقشا ۽ چارٽ استعمال ڪندو آهي، ساڳيءَ طرح تاريخ جو استاد به وقت، مفاصلي ۽ جاءِ وغيره جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪري ٿو. تاريخ جي استاد کي ياد رکڻ گهرجي ته تاريخي شخصيتن ۽ سندن ڪمن ۾ خاص لاڳاپو ٿيندو آهي. تاريخ ۾ نه ڪا شخصيت علحده ٿي سگهي ٿي ۽ نڪو واقعو. تاريخدان جو ڪم آهي ته واقعن جي سببن- نتيجن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي پيش ڪري ۽ ٻارن ۾ خاص طور تاريخ جي حوالي سان ماڻهن جي ڪارنامن جي وقت جو احساس پيدا ڪرائي.

عام طور جـُهوني زماني جا استاد ٻارن کي خاص خاص تاريخون چتونءَ وانگر ياد ڪرائي ڇڏيندا هئا. پر اڄ ڪلهه جديد تعليمي طريقن موجب تاريخي واقعن جو لاڳاپو تاريخن سان ڏيکارڻ کان سواءِ خالي تاريخون ياد ڪرائڻ غلط سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته ان طرح خالي تاريخن ياد ڪرڻ وارو جهونو طريقو ٻارن ۾ وقت جو احساس پيدا نٿو ڪري. تاريخ جي استاد کي گهرجي ته نصاب پاڙهيندي مکيه تاريخن جي حوالي سان انهن سان لاڳاپا رکندڙ واقعا شاگردن کي ٻڌائي ۽ سمجهائي، ته ٻارن ۾ وقت جو گهربل احساس پيدا ٿئي. وقت جي هن احساس جاڳائڻ لاءِ مختلف نظرياتي تعليمي وسيلا اختيار ڪيا ويندا آهن، جهڙوڪ:

 

(1)  وقت جا ليڪا يا لڪيرون وقت اهڙو روڊ آهي جنهن تي ٽريفڪ هڪڙي پاسي کان ئي ايندي آهي، ۽ وقت جي احساس پيدا ڪرڻ لاءِ تاريخ جو استاد وقت جون لڪيرون ۽ وقت جي گراف ذريعي تاريخ جا سبق سيکاريندو آهي. مثلاً، هڪڙي لڪير هڪ فوٽ ڊگهي هڪ صديءَ جو عرصو ڏيکاريندي ۽ جيڪڏهن ان فوٽ واريءَ لڪير کي ڏهن ڀاڱن ۾ ورهايو وڃي، ته هر هڪ ڀاڱو ڏهن ورهين جو عرصو ظاهر ڪندو. ان لڪير جي کٻي پاسي انگ لکبا آهن ۽ سڄي پاسي خاص صديءَ جون مکيه تاريخون ڏيکاربيون آهن. تاريخ جي استاد کي ٻن ڳالهين جو خاص طور ڌيان رکڻ گهرجي، يعني وقت جي لڪير تمام ننڍي نه هجي ۽ تاريخون تمام مکيه ۽ ٿوريون هجن. هيٺين ڪلاسن ۾ ٻارن کي آکاڻين رستي سبق پاڙهبا آهن ۽ تنهن کان پوءِ هيٺين ڪلاسن ۾ بياني طريقو اختيار ڪبو آهي ۽ مختلف گهراڻن جي ڪمال ۽ زوال بابت ڄاڻ ۽ سمجهاڻي ڏبي آهي. خاص طور مٿين ڪلاسن ۾ وقت جي لڪيرن جي گرافن جي اهميت وڏي آهي. وقت جي لڪيرن ذريعي مغلن جو اچڻ، چوٽ تي پهچڻ، تنهن کان پوءِ سندن زوال جو وقت چڱيءَ طرح ڏيکاري سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح مرهٽن جي اُڀرڻ ۽ ڪرڻ ۽ تنهن کان سواءِ تاريخي تحريڪن جي ابتدا ۽ پڄاڻيءَ کي وقت جي گراف ذريعي چٽيءَ طرح ڏيکاري سگهجي ٿو. مثلاً هندستان ۾ برهمڻن جي ڪماليت جو زمانو. ٻڌ ڌرم جي ترقيءَ، راجپوتن جي عروج جو زمانو، انگريزن ۽ انگريزي تعليم جو زور ۽ ٻين سماجي سڌارن وغيره جا مک دؤر يا زمانا چٽا ڪري ڏيکاري سگهجن ٿا.

(2) تاريخي گراف  (Time - graphs) اهي وقت جا ليڪا يا وقت جون لڪيرون تاريخ  ۾ سماجي سڌارن ۽ جدا جدا شخصيتن يا گهراڻن جي دؤرن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ لاءِ گراف جي صورت ۾ صاف صاف ۽ چٽا ٿي آڏو بيهن ٿا. مغلن ۽ مرهٽن جي ٽن سون ورهين جي عرصي جو نقشو گراف رستي چڱي طرح ڏيکاري سگهجي ٿو. ساڳيءَ طرح 1857ع واري بغاوت کان وٺي 1947ع تائين مسلمانن جي آزاديءَ لاءِ جا تحريڪ هلي، سا گراف رستي سمجهائڻ گهرجي. استاد جي رهنمائيءَ لاءِ چند وقت جي ليڪن ۽ گرافن جا نمونا هيٺ ڏجن ٿا:

 

هندستان تي مسلمانن جا حملا

570ع           رسول مقبول صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت باسعادت.

622ع          رسول صلي الله عليه وسلم جن جي مڪي کان مديني ڏانهن هجرت.

8 جون 672ع      رسول صلي الله عليه وسلم جن جو برقعو مٽائڻ.

641ع           عربن جو مصر فتح ڪرڻ.

711ع          عربن جو سنڌ فتح ڪرڻ.

870ع           ڪابل تي يعقوب بن ليس جو قبضو.

87-986ع سلطان سبڪتگين جي هندستان تي پهرين ڪاهه.

991ع          سلطان سبڪتگين جو پنجاب جي راجا جئه پال کي قرم ماٿري ۾ خوفناڪ شڪست ڏيڻ.

997ع          سلطان سبڪتگين جي وفات ۽ محمود غزنويءَ جو تخت نشين ٿيڻ.

1001ع       محمود غزنويءَ جو جئه پال کي شڪست ڏيڻ (محمود غزنوي جو  پهريون معرڪو)

9-1008ع محمود غزنويءَ جو آنند پال کي شڪست ڏيڻ (محمود غزنوي جو ڇهون معرڪو)

1009ع       نگر ڪوٽ جي فتح.

1019ع       محمود غزنويءَ قنوج تي ڪاهه ڪئي.

1020ع       محمود غزنويءَ چنڊيلا تي ڪاهه ڪئي.

1025ع       محمود غزنويءَ سومنات فتح ڪيو.

1026ع       محمود غزنويءَ جو لوڻ جي ٽڪرن جي جاٽ قوم سان جنگ.

1030ع       محمود غزنويءَ جي وفات.

1152-1031ع               محمود غزنويءَ جا پويان.

1150ع       غزني جي، علاوالدين جهان سوز، غور جي شهزادي هٿان بربادي.

1173ع       غزني جو غياث الدين غوري جي سلطنت ۾ شامل ٿيڻ.

76-1175ع      محمد غوريءَ جي ملتان تي ڪاهه ۽ اُچ تي قبضو.

1191ع       ترائن جي پهرين جنگ ( محمد غوريءَ جو پرٿوي راج جي هٿان شڪست کائڻ)

1192ع       ترائن جي ٻي جنگ - پرٿوي راج چوهان جي شڪست ۽ موت.

1193ع       قطب الدين ايبڪ جو دهلي تي قبضو.

1197ع       انهل واڙا، گجرات جي گاديءَ جي هنڌ تي قبضو.

1197ع       محمد خلجيءَ جو بهار فتح ڪرڻ.

1199ع       محمد خلجيءَ جو بنگال فتح ڪرڻ.

1206ع       محمد غوريءَ جي وفات.

 

دهليءَ ۾ مسلم سلطنت جو بنياد پوڻ

1206ع       قطب الدين ايبڪ جو دهليءَ جي تخت تي قبضو.

1210ع       قطب الدين ابيڪ جي وفات.

1210ع       سلطان التمش جو گاديءَ تي ويهڻ.

1221ع       چنگيز خان جو حملو.

1235ع       سلطان التمش جي وفات.

1236ع       شهزادي رڪن الدين فيروز شاهه جو گاديءَ تي ويهڻ.

1236ع       سلطانه رضيه جو گاديءَ تي ويهڻ.

1240ع       سلطانه رضيه جي گرفتاري ۽ وفات.

1241ع       سلطان علاؤالدين مسعود جو گاديءَ تي ويهڻ ۽ منگولن جي هندستان تي ڪاهه ۽ لاهور تي قبضو ڪرڻ.

1245ع        منگولن جي بلبن ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ ۽ بلبن هٿان شڪست کائي موٽي وڃڻ.

1246ع       سلطان ناصرالدين محمود جو گاديءَ تي ويهڻ.

1266ع       غياث الدين بلبن جو تخت نشين ٿيڻ.

1279ع       بينگال ۾ ڻغرل جو بغاوت ڪرڻ.

1285ع        پنجاب تي منگولن جي ڪاهه.

1286ع       بلبن جي وفات، ۽ معزالدين ڪيقباد جو تخت نشين ٿيڻ.

1290ع       سلطان ڪيقباد جو هڪ خلجيءَ هٿان مارجي وڃڻ ۽ غلام گهراڻي جو خاتمو.

 

شاندار ڪارنامن جو زمانو

1290ع       جلال الدين خلجيءَ جو تخت نشين ٿيڻ .

1292ع       هلاڪو خان منگول جو حملو.

1294ع       علاؤ الدين خلجي جي ديوگري تي ڪاهه.

1295ع       جلال الدين جو علاؤالدين هٿان قتل ٿيڻ.

1297ع       علاؤالدين خلجيءَ جو تخت نشين ٿيڻ ۽ منگولن جي پهرين ڪاهه.

98-1297ع      گجرات جي فتح.

1305-1297ع               منگولن جون ڪاهون.

1301ع       رنٿنبور جي فتح.

1303ع       چتور جي فتح.

12-1306ع     مالوا جي فتح - ملڪ ڪافور جي دکن تي ڪاهه.

1316ع       قطب الدين مبارڪ جو تخت نشين ٿيڻ.

1320ع       خسروخان جو تخت کسڻ.

1321ع       غياث الدين تغلق (غازي ملڪ) جو تخت نشين ٿيڻ.

1325ع       فخرالدين جونا جو محمد بن تغلق جي لقب سان تخت تي ويهڻ.

27-1326ع     دهليءَ کي خالي ڪرڻ - دولت آباد کي گاديءَ جو هند ڪرڻ.

32-1329ع     ٽامي ۽ پتل جا سڪا زوري جاري ڪرڻ.

1335ع       احسن شاهه جو مالا بار ۾ بغاوت ڪرڻ.

1336ع       وجيانگر جي سلطنت جو برپا ٿيڻ.

1337ع       بينگال ۾ فساد.

41-1340ع      عين الملڪ جو دوب ۾ فساد ڪرڻ.

1342ع       ملڪ ۾ ڏڪار.

1347ع       بهمني سلطنت جو برپا ٿيڻ.

51-1347ع      سلطان جو گجرات ۽ سنڌ جو دورو.

1351ع       سلطان جي وفات، فيروز شاهه تغلق جو تخت نشين ٿيڻ.

42-1333ع      ابن بطوطه جو هندستان ۾ اچڻ.

54-1353ع      فيروز شاهه جي بنگال تي ڪاهه.

60-1359ع      فيروز شاهه جي بنگال تي ٻي ڪاهه.

1388ع        فيروز شاهه جي وفات.

1398ع       تيمور خان جي ڪاهه.

 

آزاديءَ لاءِ مسلمانن جي جدوجهد

(1857ع کان 1947ع)

1613ع       سورت ۾ انگريزن جي ڪوٺين جو برپا ٿيڻ.

1657ع       پلاسي جي جنگ - سراج الدوله جي شڪست (انگريزن جو بنگال تي قبضو)

1771ع       نواب حيدر علي ميسور جي راجا جي ڪجهه علائقن تي انگريزن جو قبضو.

1782ع       نواب حيدر علي جي وفات.           

1784ع        ٽيپو سلطان جو انگريزن ۽ مرهٽن کان تنجور ۽ منگلور کسڻ.

1799ع       ٽيپو سلطان جي ميسور جي ٽين جنگ ۾ شهادت - انگريزن جي حڪومت ۾ طاقت ۽ واڌارو اچڻ.

1826ع کان 1829ع      ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ رنجيت سنگهه جي خلاف سيد احمد بريلوي جي رهبريءَ ۾ مسلمانن ۾ نئي تحريڪ - سکن خلاف جهاد - سيد احمد جو پشاور تي قبضو.

1831ع       بالاڪوٽ جي جنگ - سيد احمد جي شهادت.

1833ع کان 1856ع انگريزي سلطنت ۾ واڌارو (ماڻهن ۾ انگريزن خلاف بيچيني)

1857ع        انگريزن جي خلاف بغاوت - مسلمانن جي تباهي انگريزن جو

10/مئي        هندستان تي مڪمل قبضو - علي ڳڙهه ڪاليج جو بنياد پوڻ.

1877ع       علي ڳڙهه ۾ محمدن اينگلواوريئنٽل ڪاليج جو قيام سر سيد احمد خان جون مسلمانن جي تعليمي حالت سڌارڻ لاءِ جدوجهد.

1885ع        آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو قيام. سرسيد احمد خان جو مسلمانن لاءِ جدا وطن هئڻ جو خواب. سرسيد احمد خان پهريون پاڪستاني.

1905ع       علي ڳڙهه ۾ مسلمانن جي پهرين سياسي ۽ معاشرتي انجمن جو بنياد پوڻ. هندو مسلم اختلاف. شملي ۾ مسلمانن جي وفد جي لارڊ منٽو سان ملاقات. جداگانه چونڊن جي منظوري.

1906ع 30- ڊسمبر  ڊاڪا ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي قيام جو تاريخي فيصلو. تقسيم بنگال ختم ڪرڻ جي خلاف حڪومت کي نوٽس. هندو مسلم خانه جنگيون. مسلمانن ۾ اتحاد.

1908ع       مسلمانن جي مطالبات جو منظور ٿيڻ.

1909ع       سر آغا خان جو مسلم ليگ جو مستقل صدر ٿيڻ.

1911ع       تقسيم بنگال جو خاتمو. جنگ بلقان. عثمانيه سلطنت جو زوال. مسلمانن جي سياسي شڪست ۽ نا اُميدي.

1915ع       مسلم ليگ جو هندستان لاءِ آزاديءَ جو مطالبو. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ عملي اتفاق، بمبئي ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ڪانگريس جي شرڪت.

 1916ع      نومبر ۾ آل انڊيا ڪميٽي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو پهريون جلسو. ڊسمبر ۾ ڪانگريس ڪميٽيءَ مسلم ليگ جو ٻيو جلسو سڌارن جي اسڪيم.

1919           مانٽيگو چيلمسفورڊ سڌارن خلاف احتجاج. تحريڪ عدم تعاون. تحريڪ خلافت جو خاتمو. قائد اعظم دستوري جدوجهد جي موافقت ۾ حسرت موهاني جو مڪمل آزاديءَ جو مطالبو.

1924ع       هندو مسلم اتحاد جو خاتمو. اتحادي ڪانفرنس جي ناڪامي.

1927ع       سائمن ڪميشن جو اچڻ. قائد اعظم جا 14 نقاط.

1930ع       لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس. دستور ۾ مناسب تحفظ لاءِ مسلمانن جو مطالبو. الله آباد ۾ مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس. علامه اقبال جو جدا مسلم رياست جو مطالبو.

33-1932ع     ٻي ۽ ٽين ڪانفرنس.

1935ع       دستور جو نفاذ قومي تحفظ جي خلاف.

1936ع       مجلس قانون ساز ۾ مسلم ليگ پارٽيءَ  جو قيام. مسلم ليگ جو چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو فيصلو. مرڪزي پارلياماني بورڊ جو برپا ٿيڻ.

1937ع       هندو اڪثريت جي علائقن ۾ ڪانگريس جو اقتدار. مسلم ليگ جي مخالفت. مسلم ليگ جو ذميدار حڪومت جي بدران مڪمل آزادي جو مطالبو.

1939ع       ٻي مهاڀاري جنگ. ڪانگريس وزارتن جو استعفيٰ ڏيڻ. مسلمانن جو يوم نجات ملهائڻ.

1940ع       لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو جلسو. قرادِ پاڪستان جو منظور ٿيڻ.

1942ع       ڪرپس مشن جو اچڻ.

1945ع        شملا ڪانفرنس جي ناڪامي. قائداعظم جو  پاڪستان  جي مطالبي تي قائم رهڻ.

1946ع       ڪابينه مشن. مسلم ليگ جي موافقت. ڪانگريس جي مخالفت. مشن جي ناڪامي. مسلم ليگ جو ڊائريڪٽ ايڪشن جو فيصلو. آزادي لاءِ جنگ جي ڌمڪي. خطابات جو موٽائڻ.

1947ع       3- جون لنڊن ۾ ڪانفرنس. ٻن قومن جي وجود جو اعتراف.
3- جون جو هندو پاڪ آزادي جو فيصلو.

14 آگسٽ 1947ع           جدوجهد جو خاتمو. دولت خداداد پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org