سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ جي تعليم جا اصول

باب: 12

صفحو : 15

باب ٻارهون

 

تاريخ جو ٻين مڪتبي مضمونن سان لاڳاپو

 

علم مجموعي طور سان هڪ مڪمل سلسلو يا لقاءُ آهي، هيءُ ٻي ڳالهه آهي ته ان جي پرائڻ لاءِ علم کي جزن ۽ ڀاڱن ۽ شاخن ۾ ورهايو ويو آهي. بهر حال ڪل جو جـُز سان لاڳاپو جـُز جو ڪل سان ۽ هر جز جو ٻئي جز سان لاڳاپي جو نروار هجڻ يا ٿيڻ لازمي آهي. پر زندگيءَ جو علم هڪ سمنڊ جي مثال وانگر آهي. جنهن جا گهڻائي ننڍا ننڍا رخ آهن . ان طرح انسان جي سکيا ۾ سولائي پيدا ڪرڻ لاءِ عالمن علم کي گهڻين شاخن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، مثلاً علم دين (Theolgy) علم حيوان يا حياتيات (Biology)، علم نباتات (Botany)، علم جمادات، (geology)، علم طبعي (Physics)، علم ڪيميا (Chemistry)، علم نجوم (Astronomy)، علم لسان (Linguistics)، علم ادب (Literature)، علم اقتصاديات (Economics)، علم جاگرافي (geography)، علم شهريت (Civics)، ۽ علم عروض (Prosody) ۽ علم تاريخ (History) وغيره. پر علم کي هميشه سڄو يعني ڪل سمجهي پڙهڻ ۽ پاڙهڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن علم جي شاخ کي پاڙهڻو هجي ته ان کي ڪڏهن به ڪل کان ڌار سمجهي نه پاڙهڻ کپي. استاد کي سبق پاڙهڻ کان اڳ ۾ اهو خيال ضرور رکڻ گهرجي ته جيڪي پاڙهڻو هجيس ان جو لاڳاپو ٻين علمي شاخن سان ڏيکاريو وڃي، پروجيڪٽ سکيا جي طريقي (Project method) وارا استاد چون ٿا ته هر هڪ پروجيڪٽ جي تڪميل ڪندي هميشه علم جي ڪلي حيثيت کي خيال ۾ رکڻو آهي، پر ڏکي ڳالهه هيءُ آهي ته اسان جي اسڪولن ۾ مختلف مضمونن جي سکيا لاءِ جدا جدا استاد آهن، يعني هرهڪ مضمون لاءِ هڪڙو ماهر ۽ خاص طور سان واسطو رکندڙ استاد (Specialist) ٿيندو آهي. ٽائيم ٽيبل جي ڊگها ٿيندا آهن ۽ جيستائين جدا جدا مضمونن لاءِ جدا جدا ماهر ٿيندا ۽ ٽائيم ٽيبل ڊگها ٿيندا تيسيتائين علم جي ڪلي حيثيت کي مد نظر رکي سکيا ڏيئي نه سگهبي ۽ نه ڏيڻ گهرجي. ليڪن اسڪول جو هيڊ ماستر سمجهو ۽ تجربي ڪار هوندو ته هي ڳالهه ممڪن آهي ته هو صاحب پنهنجي اسڪول جو نصابي ڪم اهڙيءَ ريت ٺاهي سگهندو جو مختلف اسڪولي ڪمن کي جدا جدا هڪ ٻئي جي لاڳاپي کان سواءِ نه پاڙهيو وڃي. بلڪ هر مضمون جو لاڳاپو ٻئي مضمون سان ڏيکاريو وڃي.

اسڪولي ڪمن جي هڪ ٻئي سان لاڳاپي يا تعلق ڏيکارڻ يا انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي پاڙهڻ جو نالو آهي مضمونن جو سلسلي ۾ هجڻ، جنهن کي لاڳاپيداري  (Co-relation) به چئجي ٿو. هيءُ لاڳاپو ٻن قسمن جو ٿيندو آهي:

1. اتفاقي يا ضمني (Incidental) لاڳاپو.

2. مسلسل ۽ پختو (Systematic) لاڳاپو.

 

ضمني لاڳاپو:

اتفاقي يا ضمني لاڳاپي جي حالت ۾ استاد کي سبق ڏيڻ کان اڳ ۾ تياري ڪرڻي نٿي پوي، بلڪ سبق هلائيندي هلائيندي اوچتو ئي ڪا نه ڪا ڳالهه سبق ۾ اهڙي پيدا ٿي پوي ٿي، جنهن جي سمجهاڻي ڏيڻ لاءِ ڪنهن ٻئي مضمون جو حوالو ڏيڻ ۽ ان جي مدد وٺڻ ضروري ٿيو وڃي.

 

مسلسل ۽ پختي لاڳاپي

2. مسلسل ۽ پختي لاڳاپي (Systematic Co-relation) جي صورت ۾ اسڪول جي استادن کي سال جي شروع ۾ پنهنجي پنهنجي مضمون بابت ڪم جو نقشو ٺاهڻ گهرجي ۽ سڀني استادن کي مسلسل ۽ مضبوط لاڳاپي ڏيکارڻ واري طريقي تي غور ڪري ۽ هڪ ٻئي جي ڪمن جي نصابن جي قرابت کي سوچي. پوءِ سکيا شروع ڪرڻ گهرجي. اڄ ڪلهه فقط هڪ مضمون ۾ ماهر ٿيڻ جو رواج آهي. تنهنڪري هن ڳالهه جو وڌيڪ امڪان ٿيندو آهي، ته اسڪولي مضمونن کي هڪ ٻئي سان پاڻ ۾ لاڳاپن ڏيکارڻ کان سواءِ ۽ جدا جدا انهن جو نصاب ٺاهيو وڃي ۽ پاڙهيو وڃي. تاريخ ۽ جاگرافي ٻه اهڙا اسڪولي ڪم آهن، جن جو پاڻ ۾ تمام گهاٽو ۽ ويجهو سٻنڌ آهي، ان لاءِ انهن کي مسلسل لاڳاپي سان پاڙهڻ ۽ پڙهڻ گهرجي جيڪڏهن ڪي به اهڙا ٻه هيڊ هجن ته، جن منجهان ساڳئي مسئلي يا واقعي تي روشني پوي ٿي، ته پوءِ ضروري آهي ته هر اهڙي مضمون جو ماهر استاد مُنڍ ۾ ئي فيصلو ڪري رکي ته هيءَ مشترڪ ڳالهه تاريخ وارو استاد پاڙهيندو يا جاگرافيءَ وارو استاد پاڙهيندو.

تاريخ جو لاڳاپو عام طور جاگرافيءَ، ادب ۽ شهريت سان وڌ ۾ وڌ ٿيندو آهي.

 

تاريخ ۽ جاگرافي:

تاريخ ۽ جاگرافي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. جاگرافي تاريخ جي اداڪارن لاءِ اسٽيج وانگر آهي.

دنيا جي مختلف ڀاڱن ۾ مختلف زمانن ۽ دؤرن ۾ ماڻهن جيڪي به ڪم ڪيا آهن، تن تي طبعي حالتن ۽ جاگرافي ماحول جو وڏو اثر پيو آهي ماڻهن به پنهنجي گهرج ۽ عقل آهر پنهنجي طبعي ماحول ۽ گهڻ طرفي تبديلي آڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، ته جيئن حيات انساني ۾ بهتري آڻي سگهجي. ان طرح ڪي جاگرافيءَ جا ماهر ٿا چون ته، تاريخ تي جاگرافيءَ جو اثر طبعي حالتن موجب سؤ سيڪڙو پوندو آيو آهي.

مطلب ته اسين پنهنجي طبعي ماحول جا پورا پابند آهيون. سڀ مذهب، ڌرم، تهذيبون، ۽ تمدن، ريتون ۽ رسمون، جنگيون ۽ صلحناما ۽ اهڙيون ڪيتريون تاريخي حقيقتون آهن، سي سڀ طبعي حالتن جي سبب ٿيون آهن ۽ ٿين ٿيون. قومن جا نصيب ۽ ماڻهن جي قسمتن جا سمورا فيصلا سندن مرضيءَ ۽ همت ۽ سورهيائي پٽاندر ڪو نه ٿيندا آهن. ان سڄي ڪار گذاريءَ ۾ مکيه حصو طبعي بقاءَ يا جاگرافيائي ۽ قدرتي حالتن جو به هجي ٿو. جيڪڏهن طبعي جاگرافي ۽ قدرتي ماحول جي انسان جي حياتيءَ لاءِ ايتري اهميت آهي ته پوءِ تاريخ کي علم جو هڪ جدا گانه پورو آزاد مضمون چئي نه سگهبو. اهڙيءَ صورت ۾ تاريخ کي جاگرافيءَ جي هڪ شاخ يا ڀاڱو چئجي ته بهتر. جاگرافي پاڙهيندي استاد ماڻهن جي زندگيءَ تي فضا، مٽيءَ، هوا، پاڻي مطلب ته سڄي طبعي بناوت جي عمل دخل جو به ذڪر ڪندو. اهو واقعي سچ آهي ته  ان سڄي طبعي صورتحال ۾ به ماڻهن جي فڪر، محنت ۽ جفا ڪشي يعني سندن انساني تاريخ جو اثر به ڪو گهٽ نٿو ٿئي. بيشڪ قدرت جون طاقتون ۽ طبعي حالتون بي پناهه آهن، ليڪن انسان جي عقل ۽ ماڻهو جي پنهنجي مرضيءَ جو به پنهنجي ماحول تي وڏو اثر پوي ٿو. وڏي حقيقت اهابه آهي ته انسان جيئن جيئن سائنس ۾ ترقي ڪري ٿو تيئن تيئن هو جاگرافيائي ماحول ۽ قدرتي حالتن جي اثر کان آجو ٿئي ٿو. قدرتي ماحول جي طاقت روز به روز گهٽ ٿيندي وڃي ٿي. يورپ جي سائنسدانن آلپس جهڙي اوچي جبلن جي قطار کي بارود ۽ ڊائنامائيٽ سان ڀڃي اندران چئني طرفن کان سرنگهون ٺاهيون آهن. انهن سرنگهن مان ريل جا رستا ڪڍيا اَٿن. انهن ريل جي رستن مان يورپ جي سڀني ملڪن ڏانهن ريل گاڏيون هلن ٿيون، ۽ انهي نموني آلپس جي ڀر وارا ملڪ پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا آهن. پوئتي پيل ۽ سخت مذهب ورتل روس جي سائنسدانن به پنهنجي مرضيءَ ۽ محنت سان قدرتي ماحول کي ڦيرائي ڇڏيو. سائيبريا جي علائقن ۾ هنن هوائن ۽ ندين جا رخ بدلائي ڇڏيا. جتي اڳي رڻ پٽ هوندو هو ۽ ڪابه ساوڪ نظر نه ايندي هئي، اتي هزار ها ميلن ۾ باغ باغيچا ۽ فصل آباد ٿيل نظر اچن ٿا. روسين ٿڌي ڪمري بند وارن رڻ پٽن ۾ ڪوسي ڪمربندن جي پيدائش جا ٻوٽا سائنس جي زور تي پوکي ڏيکاريا آهن. پري ڇو وڃون، پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ به سائنسدانن ۽ انجنيئري کاتي جي علمدارن پنهنجي قدرتي ماحول تي ضابطي ڪرڻ ۾ نه گهٽايو آهي. اهو زمانو هو جڏهن سنڌ کي رڻ پٽ جي ماٿري به چوندا هئا، ڇاڪاڻ جو سڄو علائقو واريءَ جي ڊٻن ۾ ڍڪيل هجڻ ڪري غير آباد هوندو هو. پر اڄ سنڌ جي ماٿريءَ کي جنت جي ماٿري سمجهيو وڃي ٿو، ۽ سندس آدم شماري به ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهيو ۽ ان مان نڪتل واهن جي ڪري سنڌ جو گهڻو ڀاڱو غيرآباد ڦري آباد ٿي پيو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڄام شوري وٽان ڪوٽڙي بئراج مان نڪتل واهن جي ڪري باقي رهيل ملڪ به آباد ٿيو، تنهن کان سواءِ اتر سنڌ ۾ گڊو بئراج به کوليو ويو آهي. انهن مثالن مان ظاهر آهي ته انسان قدرتي ماحول جو پورو ڪو غلام به ڪونهي، بلڪ پنهنجي عقل سان پنهنجي زندگيءَ کي خوشحال ڪري سگهي ٿو.

سائنس جي هيڏي وڏي ۽ تيز ترقي هزارن لکن سالن جي انساني تاريخ جي سامهون واقعي هڪ نئين ۽ هاڻو ڪي ڳالهه آهي. برابر اها هڪ ڏٺي وائٺي حقيقت ٿي آهي، ته انسان هميشه پنهنجي قدرتي ماحول جي اثر هيٺ رهيو آهي ۽ تاريخ ثابت ڪري ٿي ته بني آدم جي حياتيءَ تي قدرتي حالتن جو اثر زبردست ٿئي ٿو. اڳين زمانن جا ماڻهو ائين رڻپٽن کي آباد ڪري نه سگهيا هئا. جيئن اڄ اسان جا انجنيئر انهن کي گلزار بنائي رهيا آهن. اڳي ڪنهن ملڪ جي ڀاڱي ۾ ڏڪار پوندو هو، يعني جيڪڏهن ماڻهن کي کاڌو ۽ چوپائي مال لاءِ گاهه نه ملندو هو، ته اهي اتان لڏي ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ ويندا هئا جتي کين اِهي ٻه شيون سولائي سان ملي سگهن، اتي به جيڪڏهن ٻن قبلين جا ماڻهو هڪ هنڌ هوندا هئا ته منجهن گاهه ۽ کاڌي لاءِ اهڙي چٽا ڀيٽي ٿيندي هئي، جو هڪڙي کي اتان به لڏڻو پوندو هو. رڳو دريائن جي گالهه تي ٿو اچجي ته اڳئين زماني ۾ بادشاهه ۽ سپهه سالار ڪنهن جنگ تي ويندا هئا ته پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي گهوڙن ۽ هاٿين وغيره لاءِ پاڻيءَ جي گهڻي انداز جي ضرورت پوندي هين، ۽ کين ڪنهن درياءَ جي ڀر واري رستي سان ئي سفر ڪرڻو پوندو هو. ٻن ٽن ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ درياءَ جي ئي ڪناري تي منزل ڪري اتان اڳتي جي پنڌ لاءِ پاڻي کڻي وڌڻو پوندو هئن. فوجن جي ڪاهن جا رستا، منزلن جا نشان، واٽ تي اڏيل ڪوٽ ۽ قلعا اڄ به درياءَ جي ڀر سان زبون حالت ۾ پڌرا ڏسي سگهجن ٿا. اڳي دريائن کي پار ڪرڻ لاءِ پتڻ ۽ گهيڙ تمام گهٽ هئا، ۽ اتي به اڳلن جون فوجي چوڪيون چست بيٺيون هونديون هيون ۽ ان طرح اتي ڪوٽ ۽ شهر آباد ٿيندا هئا. انهن گهيڙن تي قبضي ڪرڻ لاءِ جنگيون لڳنديون هيون ۽ هزارها ماڻهن جي نصيب جو مدار گهيڙ کي کٽڻ يا هارائڻ تي هوندو هو. اهڙن گهيڙن جي پسگردائين ۾ سوداگر ۽ واپاري اچي رهندا هئا ۽ اتي ميلا لڳندا هئا.

هن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ته ڪنهن ملڪ جي طبعي بيهڪ، فضائي مٿاڇري ۽ بناوٽ يعني آبهوا وغيره جو اثر ان جي تاريخ تي ڪيتري قدر پوندو آهي، بهتر ٿيندو جو هندستان جي مهاراشٽر علائقي جو مثال وٺي غور ڪريون. مهاراشٽر هڪ جابلو ٽڪرائون ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ڏکيا لڪ آهن ۽ منجهس ڪيترائي لڪل ڪوٽ ۽ اڏيل قلعا هوندا هئا. اتي جا ماڻهو (مرهٽا) اهڙائي دل جا بهادر، محب وطن ۽ تحمل وارا هوندا هئا جهڙو سندن ملڪ، پر تنهن هوندي قدرت  هنن کي جيستائين شيواجي جهڙو اڳواڻ نه ڏنو تيستائين اهي هڪ مضبوط ۽ متحد قوم نه ٿي سگهيا. مطلب ته مهاراشٽر جي قدرتي حالتن جو اثر اتي جي رهاڪن تي پيو ۽ شيواجي ۽ سندس قوم مهاراشٽر جي جاگرافيائي ماحول جو فائدو وٺي، مغل بادشاهن کي اهڙو ڪڪ ڪيو، جو مغل انهن تي پوريءَ طرح ڪڏهن به قابض ٿي نه سگهيا.

ان طرح تاريخ تي جاگرافيءَ جي اثر جا گهڻائي مثال ملي سگهن ٿا. تاريخ پاڙهيندڙ استاد جو فرض آهي ته پاڻ به اهڙن مثالن کي چڱي طرح سمجهي، انهن مثالن جي فائدي ۽ نقصان تي غور ڪري. کيس کپي ته نقشي ۽ چارٽن کان سواءِ تاريخ ڪڏهن به نه پڙهائي، ڇاڪاڻ ته تاريخ پاڙهيندي استاد کي جاين، طرفن ۽ طبعي مٿاڇرن جي ڳالهين سمجهائڻ جي ضرورت پوي ٿي. ان لاءِ استاد کي ڪلاس ۾ تصويرون ڏيکارڻ به ضروري آهن، ته جيئن شاگردن جي ذهن ۾ تاريخي شخصيتن (بادشاهن ۽ سپهه سالارن وغيره) جي ڪمن ۽ ڪارگذارين کي سمجهڻ لاءِ جاگرافيائي حالتن جو احوال به چٽيءَ طرح سامهون اچي. استاد کي گهرجي ته فوجن جي اچ وڃ ۽ ڪاهه ۽ پيش قدمين ۽ شهرن ۽ ڪوٽن جو گهيرو ڪرڻ يا ڇڏي  اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ٻڌائيندي ڪلاس جي سامهون بلئڪ بورڊ تي سبق پڙهائيندي، يڪدم گهربل تصوير يا خاڪو ڪڍي ٻارن کي سبق سمجهائي. خاص طرح استاد کي اهو خيال هجڻ گهرجي ته تاريخي تحريڪن  ۽ واقعن جي سمجهاڻي ڏيندي انهن تي بحث ڪندي، سرزمين جي جاگرافيءَ جي اثر ڏانهن ڪلاس جي شاگردن جو ڌيان ڇڪائي. ان لاءِ بهتر ٿيندو ته تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا نصاب ۽ نقشا جدا جدا ٺاهيا وڃن، ڇاڪاڻ ته هر هڪ هيڊ جي پاڙهڻ جا طريقا ۽ گهرجون جدا جدا آهن. تاريخ جو استاد هن کان وڌيڪ بهتر ٻيو ڪجهه ڪري نٿو سگهي ته تاريخ جي سبق کي چڱيءَ طرح سمجهائڻ لاءِ پنهنجي سبق جو لاڳاپو جاگرافيءَ سان گهرج آهر ڏيکاري.

جيئن تاريخ تي جاگرافيائي ماحول جو اثر ٿيندو آهي تيئن قدرتي ماحول تي تاريخ جو اثر به ٿئي ٿو ۽ هن ڳالهه کي ڪي استاد بنهه خيال ۾ نه آڻيندا آهن. خود جاگرافيءَ جو ماهر استاد ڪنهن علائقي بابت پاڙهڻ شروع ٿو ڪري، ان جي طبعي بيهڪ گلوب تي شاگردن کي ڏيکاري ٿو. تنهن کان پوءِ انهيءَ علائقي جي فضائي مٿاڇري، معدني ۽ زرعي پئداوار، هنر ۽ ڪاريگريون پاڙهي ٿو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ماڻهن جي ڳالهه تي ئي سبق ختم ڪري ٿو. ۽ ٿيڻ به ائين ئي کپي. جاگرافيءَ جو مضمون پاڙهڻ جي هن طريقي کي ئي منطقي طريقو چئي سگهبو ۽ بامقصد به اهو طريقو آهي.

پر هيءُ طريقو جاگرافي پاڙهڻ لاءِ ڪافي نه آهي. ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ جاگرافيءَ جو سبق دلچسپ ۽ مزيدار نه ٿو ٿي سگهي، ته ٺلهيون جاگرافيائيءَ جون ڳالهيون ٻڌائي کڻي بس ڪجي، جنهن مان ٻارن جي علم ۾ ڪو به ياد ڪرڻ جهڙو اضافو ڪو نه ٿيندو. تنهن کان سواءِ خشڪ ۽ ٻسي طريقي سان جاگرافي سيکارڻ ۾ وڏو خطرو هي به آهي ته شاگرد ائين سمجهي ويهن ته دنيا جا ملڪ ۽ انهن جون حالتون جيئن انهن جي ڪتابن ۽ ائٽلسن ۾ ڏيکاريل آهن، هميشه کان اهي ساڳيءَ حالت ۾ رهڻيون آهن. تاريخ يا جاگرافيءَ جي استاد توڙي شاگردن کي ان دنيا سان ڪوبه واسطو ڪونهي، جنهن کي ديوتائن ڏنو هو. بلڪ سندن واسطو هن دنيا سان آهي، جنهن کي بني آدم پاڻ ڳولي ڪڍيو آهي ۽ جنهن ۾ انسان پاڻ رهيو آهي يا رهي ٿو. انسان جو واسطو هن دنيا سان آهي جا وقت بوقت تبديل ٿيندي رهي  ٿي ۽ انهن تبديلين جو اثر انسان جي ڌنڌن ۽ واپار تي ۽ سندن رهڻي ڪهڻي تي پوندو رهيو آهي. تنهنڪري لازم آهي ته اسان دنيا جي تاريخ يا جاگرافي انهي مقصد لاءِ پڙهون ته اسان کي بني آدم جي زندگيءَ جي مسلسل آکاڻي ۽ دنيا جي مختلف ڀاڱن ۾ مختلف وقتن ۾ انسانذات جي تحريڪن جون ۽ تهذيب ۽ تمدن جون خبرون سلسلي وار پونديون رهن.

آسٽريليا جي خبر انسانذات کي پڇاڙيءَ جو پيئي تنهنڪري آسٽريليا کنڊ جي تاريخ توڙي جاگرافي پڇاڙيءَ ۾ پاڙهڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح ٻيا نوان ملڪ جهڙوڪ: آمريڪا، ڪئناڊا، ڏکڻ آفريقا ۽ ڏکڻ آمريڪا آهن. انهن جي جاگرافي به تاريخ جي روشنيءَ ۾ پاڙهڻ گهرجي. البت هي جاگرافيءَ يا تاريخ جا مضمون پاڙهيندي انساني عقل ۽ محنت کي به حد کان وڌيڪ ساراهڻ چڱو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ائين به ٿيو آهي ته انسانذات جيڪڏهن پنهنجي قدرتي ماحول کي پنهنجي قابوءَ ۾ آڻي نه سگهيو آهي ته پوءِ ان حد تائين مجبور ٿي، خاموشيءَ سان هن طبعي ماحول پٽاندر ئي اتي پنهنجي زندگي بسر ڪرڻ قبول ڪئي آهي.

 

تاريخ ۽ ادب:

پهرئين باب ۾ اسان ڏٺو آهي ته صدين تائين تاريخ به علم ادب جي فقط هڪ شاخ وانگر سمجهي پئي ويئي آهي، ۽ اڄ به ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي سمجهن ٿا ته تاريخ ادب جي هڪ شاخ آهي، تنهنڪري ان کي ادب سمجهي ئي پاڙهڻ گهرجي. انهن جو چوڻ آهي ته پراڻا گيت ۽ تاريخي آکاڻيون ۽ قصا اسڪول ۾ ٻارن جي دماغي تربيت ۽ جذباتي اصلاح لاءِ سيکاريا وڃن ته ڪافي آهي. جيڪڏهن تاريخ کي ادب سمجهي ان ريت پاڙهيو ويندو ته پوءِ علم جي ٻين لاڳاپيدار موضوعن سان ان جي ڳانڍاپي جو سوال پيدا نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته ان حالت ۾ تاريخ پاڻ ئي جدا موضوع نه رهندي  ۽ جيڪا به ڄاڻ سوشل اسٽڊيز (شهريت جي علمن) جي جامع صورت ۾ ٻارن کي ڏني ويندي سا ڪافي ثابت ٿي سگهي ٿي.

پر ٻيا تعليمي ماهر چون ٿا ته تاريخ هڪ سائنس آهي ۽ ادب هڪ آرٽ (فن) آهي. تنهنڪري تاريخ جو ادب سان ڪو واسطو ٿي نٿو سگهي. اڪثر راءِ وري به هيءَ آهي ته تاريخ سائنس به آهي ۽ آرٽ به، جيڪڏهن تاريخ جي نصاب جي چونڊ زبان ۽ ادب جي خوبين کي مدِنظر ڪئي وڃي ته پوءِ تاريخ آرٽ جي مد ۾ به اچي سگهي ٿي ۽ ان جو ڳانڍاپو ادب سان پڌري پٽ ٿيندو. پر جيڪڏهن نصاب جو انتخاب فقط تاريخي واقعات کي مدِنظر رکي ڪيو ويندو ته پوءِ تاريخ سائنس ئي رهندي.

بهرحال تاريخ جو استاد تاريخ پاڙهيندي تاريخ جو ادب سان لاڳاپو هن ريت ڏيکاري ٿو سگهي، ته هو تاريخ جي شخصيتن يا واقعن لاءِ ادب جي مدد سان موزون ماحول پيدا ڪري ۽ مختلف تاريخي دؤرن ۾ ماڻهن جي سماجي ۽ پنگتي حالت جي صحيح تصوير ٻارن جي سامهون پيش ڪري. ان طرح ادب جي ذريعي تاريخي ڳالهين جي خشڪ ۽ بي مزي بيان کان بچي سگهبو. يعني ادب تاريخ جي شخصيتن جي احوالن ۽ واقعات جي بيان لاءِ رت جو ڪم ٿو ڏئي، خاص طور سان سماجي رسمون ريتون، اُٿڻ ويهڻ جا طريقا، زبان ۽ ڳالهائڻ جا نمونا، کائڻ پيئڻ ۽ لباس وغيره سمجهائڻ لاءِ ادب تاريخ جي لاءِ ضروري آهي. جسيتائين تاريخ جو استاد ضروري تاريخي حقيقتون انهن جا سبب ۽ نتيجا وقت ۽ محل وقوع ادب جي چاشنيءَ ۾ ڍڪي يا نظر انداز ڪري نٿو ڇڏي، تيستائين استاد کي تاريخ جي ادب جي آميزش کان ڊڄڻ به نه گهرجي ۽ ائين ٿي به نٿو سگهي جو ٻارن کي تاريخي ناولن ۽ ڊرامن پڙهڻ کان روڪي سگهجي. تاريخ پڙهڻ کان پوءِ ناولن ۽ ڊارمن جو پڙهڻ ڪارائتي ڳالهه به آهي. اردو ۽ سنڌي زبانن ۽ ادب ۾ اهڙا گهڻائي ناول، ڊراما ۽ بيت آهن جن کي تاريخي ادب چئي سگهون ٿا. تاريخ جي استاد جو ان ڪري فرض ٿئي ٿو ته تاريخ جا سبق پاڙهڻ کان پوءِ ٻارن کي ادبي آکاڻين جي سمجهاڻي ڏئي.

 

تاريخ ۽ دستڪاري:

ٻارن جي جبلت آهي ته اهي ڪم ڪرڻ جا شوقين ٿيندا آهن، ۽ پنهنجي هٿن سان شيون ٺاهڻ ۾ کين مزو ايندو آهي. تاريخ جي استاد جو فرض آهي ته سندن ان ٺاهه ٺوهه جي جبلت ۽ جذبي کي وڌائڻ لاءِ کين موقعا پيدا ڪري ڏئي. سندن فرض آهي ته کين همتائي ته تاريخ جي سبقن بابت پنهنجي هٿن سان ساديون تصويرون ۽ ڊائگرام پاڻ ٺاهين. هن ڪم ۾ تاريخ جي استاد ۽ دستڪاريءَ جي استاد کي گڏجي ٻارن لاءِ نصاب مقرر ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي. ڪاغذ يا دفتريءَ تي ماڊل ٺاهڻ، پلاسٽڪ جون شيون ٺاهڻ وغيره اهي سڀ اهڙا ڪم ڪم آهن جنهن جو فيصلو تاريخ ۽ دستڪاريءَ جا استاد پاڻ ۾ ڪري سگهن ٿا، ۽ پهرئين ڪلاس کان وٺي ٻارن ۾ حقيقي شيون ٺاهي تاريخ جي ڳالهين کي سمجهڻ جي عادت وجهي سگهن ٿا. جڏهن ٻار مٿين درجن ۾ چڙهي ويندا ته پوءِ اهي گهربل سامان جي مدد سان مشهور ڪوٽن، قلعن، محلن ۽ مشهور و معروف تاريخي شين جا ماڊل ٺاهيندا.

 

تاريخ ۽ شهريت:

شهريت جو تاريخ سان گهاٽو لاڳاپو آهي. انسان جي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ سڀني گذريل واقعن جي مجموعي کي تاريخ چئجي ٿو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته گذريل زماني ۾ ڪهڙي قسم جون  سوسائقيٌون وجود ۾ آيون، ڪهڙين رسمن ۽ رواجن دنيا ۾ جنم ورتو ۽ مختلف جماعتون ڪهڙي نموني سان پيدا ٿيون، انهن ڪيئن ترقي ڪئي، ڪيئن انهن جو زوال ٿيو ۽ ڪهڙي طرح فنا ٿي ويون.

ڇاڪاڻ ته تاريخ انساني واقعن جو علم آهي ۽ شهريت انساني زندگيءَکي بهتر بنائڻ جو علم آهي. تنهنڪري شهريت کي هر قدم کڻندي گذريل واقعن جو نوٽس وٺڻو ۽ تجربو ڪرڻو پوي ٿو. انهيءَ ڪري ئي تاريخ کي شهريت جي ليبارٽري به ڪري سڏبو آهي.

شهريت عوام جي بهتريءَ ۽ سماجي ترقيءَ جو علم آهي، تاريخ زماني جا گذريل واقعا ڏيکاري انهن جي نتيجن کان شهريت جي علم ۾ اضافو آڻيندي آهي، ۽ ان سان تعمير ۽ سڌارن لاءِ بهتر طريقو اختيار ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي . انسان جو هر هڪ ڪارنامو پوءِ اهو مذهب سان تعلق رکندڙ هجي يا سوَڪس ۽ اقتصاديات سان تعلق رکندي هجي، سياست سان تعلق رکندڙ هجي، زماني گذرڻ کان پوءِ هڪ تاريخي يادگار ٿي ٿو پوي. ان ڪري پروفيسر سيليءَ جو قول آهي ته، تاريخ شهريت ۽ سياست ٻنهي علمن جو بنياد آهي. اهڙيءَ طرح ثابت ٿئي ٿو ته شهريت ۽ تاريخ جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي.

 

شهريت جي معنيٰ:

(1) شهريت اسان کي اڄوڪي سياسي نظام ۽ حڪومت جي ڄاڻ ڏئي ٿي.

(2) شهريت ڪنهن به ملڪ جي حڪومت ۽ ان جي ترقيءَ ۽ واڌاري بابت واقفيت ٿي ڏئي، يعني اڄوڪي حڪومت جو سرشتو ڪيئن نه گذريل زماني کان وٺي، اڄ تائين مختلف منزلن يا ترقيءَ جي ڏاڪن ما لنگهي اسان تائين پهتو آهي .

(3) جديد زماني ۾ شهريت جي اهميت اڃان به وڌي ويئي آهي. شهريت هڪ سماجي سائنس ٿي وئي آهي، جنهن جو مقصد ٻارن ۾ چڱي شهري ٿيڻ جي عادت پيدا ڪرڻ آهي ۽ کين شهريت جا اصول سيکارڻ آهي.

ڇاڪاڻ ته علم شهريت پڙهڻ مان اسان کي موجوده حڪومت ۽ ماڻهن جي ترقيءَ جي راهِه عمل جي خبر پوي ٿي، تنهن لاءِ شهريت تاريخ جو ڀاڱو آهي. اڄڪلهه دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شهريت ۽ تاريخ جا هيڊ جدا جدا به پاڙهيا ٿا وڃن ۽ خاص طور سان شهريت اسڪول جي ابتدا ئي ڪلاسن کان وٺي مٿين ڪلاسن تائين هڪ جدا تدريسي مضمون آهي. آمريڪا جي اسڪولن ۾ شهريت ذريعي سيکاريو ٿو وڃي ته هاڻوڪيءَ پيچيده سوسائٽيءَ ۾ ڪيئن عزت ۽ خوشحاليءَ سان رهڻ گهرجي. انهن اسڪولن ۾ شهريت جي نصاب ۾ تاريخ، جاگرافي، نفسيات، علم بدن ۽ صحت، اقتصاديات ۽ سياست وغيره جي ڄاڻ جا سبق شامل هوندا آهن. شروعاتي ڪلاسن ۾ شهريت جو استاد ٻارن کي سندن گهر، ڪٽنب، اسڪول، پاڙي ۽ ڳوٺن بابت سبق ٿو پاڙهي ۽ سندن ڳوٺ جي صفائيءَ لاءِ بندوبست، باهه وسائڻ جي بندوبست، پوليس جي انتظام ۽ باغ باغيچن جي رکواليءَ بابت ٻارن کي واقفيت ملي ٿي. هن کان پوءِ استاد ٻارن کي سندن کاڌي ۽ پاڻي، رهڻ جي جاين  ۽ جان ۽ مال جي حفاظت جي طريقن ۽ اُپائن بابت سبق ڏيندي، استاد کين مارڪيٽ ۾، بازارين ۾ کاڌي جي سامان جي پيداوار جي هنڌن ۽ جدا جدا رستن ۽ ذريعن وسيلي اتي پهچڻ وغيره بابت ٻڌائي ٿو، پاڻي بابت ڳالهائيندي استاد کين پاڻي ملڻ جا ذريعا، صاف پاڻيءَ جي اهميت وغيره بابت واقفيت ڏئي ٿو. گهرن بابت سبق سکندي ٻار روشنيءَ تازيءَ هوا جي ضرورت، گرمي سرديءَ کان بچاءُ، گيس ۽ ٽيليفون ۽ ٻين پبلڪ جي سهنجاين ۽ سولائين بابت ۽ انهن شين بابت، شهرين جا فرض ڪهڙا ٿيڻ گهرجن بابت اهڙيون سموريون ڳالهيون سکندا آهن. ٻارن کي سيکاري سمجهايو ٿو وڃي ته پنهنجي پاڙي جي گهٽيءَ کي ڪيئن ۽ ڇو صاف رکڻ ضروري آهي، گند ڪچرو ڪٿي اُڇلائڻ گهرجي، گندگيءَ ۽ بيمارين جا خراب نتيجا ڪهڙا ٿيندا آهن، اسپتالن ۽ تفريح جي جاين جي ڪهڙي ضرورت آهي.

شهريت کي هڪ سماجي يا پنگتي سائنس سمجهي ٻارن لاءِ اهڙي ڊگهي ڪورس رکڻ مان مراد هيءَ آهي ته کين اڄ ڪلهه جي ترقي يافته زندگيءَ ۽ سوسائٽيءَ ۽ ان جي کاتن، شاخن ۽ ادارن جي ٻارن کي خبر پوي ٿي ۽ منجهن پنگتي شعور ۽ جماعتي ذميداري پيدا ٿئي. شهريت جي سکيا اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ اسان جي پنهنجن ٻارن لاءِ به نهايت ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو اسان جي سماج ۾ اڃا شهريت جو جذبو ۽ پنگتي ذميداري پيدا نه ٿي آهي. اسان جي ملڪ واسين کي خود پنهنجي ٻارن جي حقن جي به اصل خبر ڪانهي. اسان جا ٻار نه پاڻ ئي صاف ٿا رهن ۽ نه پنهنجي گهرن ۽ پاڙي جي جاين، گهٽين ۽ شهرن کي صاف رکڻ جي ضرورت محسوس ٿا ڪن. پاڻي ته سڀ ٿا پين پر صاف پاڻيءَ جي اهميت جي خبر ڪانه اَٿن. وڏي شهر ۾ ننڍا ٻار خونچي وارن ۽ ٺيلهي وارن کان خراب شيون وٺي کائين ٿا ۽ ان ڳالهه ۾ خود اسان جا وڏا به ٻارن کان گهٽ نه آهن.

تنهنڪري شهريت جي سکيا اسڪولي ٻارن ۾ چڱيون عادتون پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن شهريت جو علم ان ريت هڪ جدا مضمون طور اسڪولن ۾ پاڙهيو ويندو، ته پوءِ ان جو لاڳاپو نه رڳو تاريخ سان بلڪ تعليمي مضمونن سان به ڪافي گهاٽو ٿيندو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org