سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي

 

صفحو :1

لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي

عبدالستار ڀٽي

پنهنجي پاران

لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي ڪتاب لکڻ جو خاص مقصد لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جنم وٺندڙ انهن وڏين شخصيتن جي زندگي ۽ ڪارنامن تي روشني وجهڻ آهي جن گذريل هڪ سئو سالن ۾ پنهنجي خوبصورت سوچ، عمل ۽ ڀرپور شخصيت وسيلي سنڌ، پاڪستان يا دنيا ۾ نالو روشن ڪيو، ڪارناما سرانجام ڏنا، تنظيمن ۽ تحريڪن جو بنياد وڌو. سندن ڪارنامن، قربانين، تحقيق، محنت ۽ ڪوشش جو پڙاڏو سنڌ، هند يا پرڏيهه تائين پهتو. انهن جي سوچن ۽ نظرين کي اڄ به عقيدت ۽ احترام سان پڙهيو، لکيو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو.

اهڙين شخصيتن بابت ۽ تفصيل گڏ ڪرڻ هڪ جاکوڙ وارو ڪم هو، جنهن لاءِ هڪ سال کن محنت ڪئي. انهن وڏين شخصيتن بابت ڪتاب ۾ مختصر جائزو ڏنل آهي، جڏهن ته هو ان کان وڌيڪ محترم ۽ معتبر آهن پر ڇا ڪجي رابطن جي باوجود اهڙين هستين جي وارثن تعاون ڪو نه ڪيو، ڪڏهن شاباش به ڪو نه ڏني. جڏهن مون اهڙين محترم هستين جي صاحب حيثيت اولاد کي گذارش ڪئي ته مهرباني ڪري هر سال والدين جي ڪارنامن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سندن ورسي ملهائن ۽ يادگار ايوارڊ ڏين پر هڪ صاحب جواب ڏنو ته اسان جا وڏا قوم لاءِ خدمت ڪري ويا آهن ۽ قوم انهن کي ياد ڪري.

ڪتاب ۾ شامل شخصيتن کان علاوه ٻيون به هستيون آهن جن مختلف حوالن سان پاڻ ملهايو آهي پر وقت ۽ وسيلن جي ڪميءَ سبب هن ڪتاب ۾ کين شامل نه ڪيو ويو آهي. ٻي واليم ۾ نئين نسل جي اڳواڻن بابت تفصيل ڏبو.

مضمونن جي ترتيب عمر جي لحاظ سان آهي. هر هڪ شخصيت جي سٺين ڳالهين کان علاوه هر پهلوءَ کي زير بحث آندو ويو آهي. سندن ذڪر انتهائي احترام سان ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن ڪنهن کي به ذاتي طرح تڪليف محسوس ٿئي ته مان اڳواٽ معافي وٺندس.

ڪتاب ۾ شايع ٿيندڙ مضمونن مان نه صرف شخصيت ۽ لاڙڪاڻو پر سنڌ جي هڪ سئو سالن جي سياسي، ادبي، تنظيمي، سماجي جوڙجڪ بابت ڄاڻ به ملي ٿي. هرهڪ مضمون کي ڀرپور مختصر ۽ معلوماتي بڻايو ويو آهي جيڪو سياست ۽ تاريخ بابت تحقيق ڪندڙ شاگردن کي ڪجهه ڄاڻ ڏيندو.

تمام ناميارن اديبن سان لاڳاپا آهن پر رسم پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن کان به مهاڳ نه لکرايو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج ۾ ادبي خدمت ڪندي شاباش ۽ تعاون گهٽ الزام ۽ تهمتون وڌيڪ مليون آهن.

جيڪڏهن مون جهڙا سماجي ورڪر پنهنجن ضلعن ۾ ڪم ڪندڙ قومي اڳواڻن بابت ههڙا معلوماتي ڪتاب شايع ڪرائن ته هوند سنڌ جي مڪمل سياسي تاريخ جڙي سگهي ٿي.

هن ڪتاب پڙهڻ بعد ڪو به مهربان تنقيد ڪري، وڌيڪ ڄاڻ ڏئي يا شاباش ڏيڻ چاهي ته دل جو خلوص سان آجيان ڪندس.

 

عبدالستار ڀٽي

D-99 پاڪستان ڪوارٽرس،

ڪراچي پوسٽ ڪوڊ: 74550

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org