سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي

باب: --

صفحو :25

سال 1975ع ۾ هن کي وري وفاقي وزير مواصلات جو منصب مليو هتي به پاڻ ملهايائين. هن صاحب پورٽ قاسم، ڪراچي پورٽ، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، ڪراچي شپ يارڊ، ڊاڪ، ٽيليفون ۽ ريلوي جي محڪمن ۽ اڳ سنڌ لاءِ مخصوص ملازمتن واري ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح اسلام آباد، ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ڪئي، هزار سنڌين کي ملازمتون مليون ۽ گهر آباد ٿيا. هن صاحب مظلوم سنڌين کي حق ڏيارڻ لاءِ مرڪز ۾ ويهي دفاع ڪيو. پنهنجي وفاقي وزارتي دور ۾ سنڌين کي ايتريون ته گهڻيون نوڪريون ڏنيون جو اڄ ڏينهن تائين سندس رڪارڊ ڪنهن به وزير نه ٽوڙيو آهي. هن صاحب ريلوي پوسٽ آفيس ۾ ٽيليفون جون سهولتون سنڌ جي ڳوٺن تائين وڏي تعداد ۾ پهچايون. ريلوي جي وزارت دوران به هر اسٽيشن تي مسافرن لاءِ پاڻي، اسٽيشن ۽ ريل گاڏين ۾ صفائي، بجلي جو انتظام ۽ ريلوي انسپيڪشن انسپيڪٽر پارٽي پاران مقرر ڪيائين. سندن دور ۾ ريلوي محڪمي ۽ اصلاحات کي هر ڪنهن پسند ڪيو. جڏهن ريلوي ۾ خسارو ختم ڪرڻ بابت ڏنل وارننگ تي ٺيڪ نموني سان عمل ڪو نه ٿيو ته پاڻ ريلوي چيئرمين کي هٽايائين. جنهن سبب ان وقت سردار شوڪت حيات خان اپوزيشن اسيمبلي ميمبر قومي اسيمبلي ۾ گهڻو ڳالهائيو پر ممتاز صاحب پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو آخر کانئس ريلوي جي وزارت واپس ورتي وئي.

        7 مارچ سال 1977ع واري اليڪشن ۾ هڪ دفعو وري ممتاز علي ڀٽو صاحب قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿي ويو. پارٽي اليڪشن کٽي آئي پر پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلين جو شوشو پيدا ڪري نظام مصطفيٰ جي نالي پاڪستان ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائي، تحريڪ جو مرڪز ڪراچي ۽ لاهور هيو. ڪراچي جون حالتون ان وقت جي وڏي وزير جناب غلام مصطفيٰ جتوئي کان ڪنٽرول هيٺ نه آيو ڇاڪاڻ ته هو ان وقت ماڻهو ۽ پارٽي سنڌ ۾ ممتاز صاحب کي ياد ڪندا هيا.

        پاڻ وفاقي وزير جي عهدي تي 5 جولائي 1977ع تائين رهيو. هن تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي حڪومت کي جنرل محمد ضياءُ الحق مارشل لا نافظ ڪري ختم ڪيو ته ڀٽو صاحب کان علاوه ممتاز صاحب کي به گرفتار ڪيو ويو. مارشل لا دور جي شروعات ۾ ڀٽو خاندان جو هي اهو اڳواڻ هيو جنهن آمريت ۽ نااهلي جي ٽربيونل سميت ڪيترين ئي مصيبتن سان منهن ڏنو پر آڻ نه مڃي.

        ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کيس 1977ع ۾ سنڌ پيپلز پارٽي جو صدر بڻايو. سندس جيل ۾ وڃڻ بعد جناب غلام مصطفيٰ جتوئي قائم مقام صدر بڻيو. ممتاز صاحب اٽڪل ٻه سال جيل ۾ رهيو. جڏهن 4 اپريل 1979ع تي ڀٽو صاحب کي شهيد ڪيو ويو تنهن بعد پارٽِي سربراهه بيگم نصرت ڀٽو صاحبه منتخب ٿي جنهن سنڌ پارٽي صدارت ممتاز علي صاحب کان وٺي جناب جتوئي صاحب کي ڏني. سال 1983ع ۾ وري ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ته ممتاز صاحب به ”دما دم مست قلندر“ جو نعرو بلند ڪيو. جلسا جلوس ڪڍيا ۽ حيدرآباد ڀرسان کيس گرفتار ڪري ڪراچي جيل ۾ قيد ڪيو ويو. جيل ۾ قيد رهڻ وارن ڏينهن ۾ سياسي قيدين پاران ڏنل دعوت ۾ پاڻ پاڪستان لاءِ 1940ع واري مسلم ليگ جي ”قرارداد پاڪستان“ مطابق صوبن وچ ۾ ”ڪنفيڊريشن“ جو نئون نظريو پيش ڪيو. جيڪو سنڌ جي نوجوان طبقي ۽ سياسي ورڪرن ۾ گهڻو مقبول ٿيو. هن نظرئي مطابق ملڪ جي چئني صوبن درميان برابري جي بنياد تي نئون آئين ٺاهڻ شامل هيو.

        سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هي بلڪل نئون ۽ جديد نظريو هيو. دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڪنفيِڊرل نظام رائج آهي ۽ انهن ملڪن ۾ جتي هڪ کان وڌيڪ قومون، صوبا يا رياستون هجن ملڪي آمدني جي ذريعن ۽ ورڇ تي اختلاف هجن، يا ننڍيون قومون، صوبا ۽ رياستون وفاق مان بد دل هجن ته ڪنفيڊريشن ذريعي ملڪي وجود يا وفاق کي قائم دائم رکي سگهجي ٿو. جيئن ته پاڪستان ۾ هن ڪنفيڊرل نظرئي جو خالق ۽ تعارف ڪرائيندڙ ڪنفيڊريشن نظام سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد صوبن وچ ۾ ڪرڻو هيو. تنهن ڪري تاريخ 31 مارچ 1985ع تي پاڻ لنڊن ۾ باقاعدي سنڌي، بلوچ، پشتون فرنٽ جو وجود پوءِ ڊسمبر 1985 ۾ باقاعدي ڪنوينشن منعقد ڪري قيام عمل ۾ آندائين. هن اتحاد جو هڪ نڪاتي پروگرام ”ڪنفيڊريشن“ هيو. هن تنظيم ۾ بلوچستان جو قومپرست اڳواڻ سردار عطاءُ ا﷢ مينگل، سرحد صوبي جو مير افضل خان بنگش، پنجاب جو خالد لغاري صاحب ۽ سنڌ مان مسٽر عبدالحفيظ پيرزادو، ڄام صادق علي صاحب خاص اڳواڻ هيا. ڪجهه عرصو لنڊن ۾ ويهي ڪنفيڊريشن جي نظرئي جي وضاحت ڪرڻ کان پوءِ آخر پاڻ 7 فيبروري 1986ع تي ڪراچي پهتو. جتي ايئرپورٽ تي سندس شاندار آجيان ٿي. جلاوطن اڳواڻ جي لحاظ کان ڪنهن به قومپرست جو اهو وڏو استقبال هيو. پاڻ قانوني دائري ۾ رهندي سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ دورا ڪري ڪنفيڊرل فلسفي کي عام ماڻهن تائين پهچايائين. هن ڏس ۾ مارشل لا حڪومت جون سختيون وري شروع ٿيون. فرنٽ جي ڪيترن اڳواڻن کي گرفتار ۽ خصوصي ڪورٽ ذريعي غداري جا ڪيس مڙهيا ويا. ممتاز علي ڀٽو صاحب هاڻي سنڌ جي قومپرست تنظيمن ۽ اڳواڻن سان رابطا رکيا ۽ سنڌ قومي اتحاد ۾ شامل ٿيو. 16 نومبر 1988ع واري اليڪشن ۾ فرنٽ کي ڪاميابي حاصل ڪو نه ٿي ۽ ممتاز علي ڀٽو صاحب پاڻ رتوديرو صوبائي سيٽ تي اليڪشن ۾ پ پ جي اميدوار سيد ديدار حسين شاهه صاحب کان هارائي ويو. ان عوامي فيصلي کان پوءِ سنڌي، بلوچ، پشتون فرنٽ ختم ڪري 31 مارچ 1989ع تي حيدرآباد جي فٽاز هوٽل ۾ منعقد ٿيندڙ ورڪرن جي سنڌ ڪنوينشن ۾ ”سنڏ نينشنل فرنٽ“ جي نالي سان نئين قومپرست پارٽي ٺاهي وئي، جنهن  جو چيئرمين جناب ممتاز علي ڀٽو چونڊيو ويو. پاڻ سنڌ جو دورو ڪري تنطيم سازي جو ڪم مڪمل ڪيائين. 24 آڪٽوبر سال 1990ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ هن  پارٽي قومي اسيمبلي جي 17 اميدوارن ۽ صوبائي اسيمبلي جي 19 اميدوارن کي بيهاريو پر ممتاز علي ڀٽو صاحب سميت ڪو به اليڪشن کٽي نه سگهيو. جڏهن ته 6 آڪٽوبر 1993ع وارين چونڊن ۾ کيس صوبائي اسيمبلي جي ساڳي سيٽ تي سوڀ حاصل ٿي. پاڻ سنڌ جي مسئلن تي اڪيلي سر صوبائي اسيمبلي ۾ ڀرپور نموني نمائندگي ڪيائين. جڏهن ته محترمه بينطير ڀٽو جي حڪومت تاريخ 5 نومبر 1996ع تي ختم ڪئي وئي ته جناب ممتاز علي ڀٽو وري تاريخ 6 نومبر 1996ع تي سنڌ جي نگران وزير اعليٰ جو حلف کنيو.

جيئن ته ممتاز علي ڀٽو صاحب سان مون کي ويجهو رهي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو تنهن ڪري مان سندس سياسي سفير تي ڪجهه تبصرو ڪندس. پاڻ اعليٰ تعليم ۽ سنجيده، بردبار، شخصيت جو مالڪ هئڻ کان علاوه بهترين طريقي سان دنيا جي نظامن، آئينن، فلسفن تي بحث مباحثو ڪري ڄاڻي. وٽس دنيا جي تمام نظرين جي ڄاڻ آهي، ڊاڙ ڊڇ اداڪاري ڪرڻ ۽ ڪوڙن دلاسن ۽ نعرن واري سياست ڪرڻ کان پري آهي. هو سنڌ جو بهترين باصلاحيت، لائق ۽ ڪامياب ايڊمنسٽريٽر آهي. زندگي ۾ ياري دوستي جو تمام گهڻو پڪو، سچو شخص، خوبصورت جاهه ۽ جلال واري شخصيت، رعب دٻدٻو روزانو جي زندگي ۾ قائم رکيو اچي پوءِ اقتدار ۾ هجي يا ٻاهر، دنيا جي بهترين شڪارين  ۾ سندس  شمار ٿئي ٿو.سندس رهڻي ڪرڻي باوجود بئسٽريٽر ايٽ لا هئڻ جي مڪمل طرح ٺيٺ ۽ نج وڏيرڪي آهي. قومپرست ۽ برسر اقتدار سياسي حلقن ۾ هڪجهڙو هر دلعزيز ۽ محترم، نرالي انداز جو سياستدان، سنڌ جو مڃيل قابل انتظامي اڳواڻ، پنهنجي خاص دوستي واري انداز سان سڃاتو ويندڙ، پنهنجي سياسي نظرين کان وڌيڪ مقبول شخصيت جو مالڪ، گفتگو ۽ بحث مباحثي ۾ باوقار انداز، ڪچهريءَ واري انداز ۾ تقرير ڪندڙ، هر ڳالهه ۽ مسئلي کي سمجهائڻ وقت پهاڪن کي گهڻو استعمال ڪندڙ، نج سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ، مسئلن تي مختصر نموني ۾ دليل ڏيندڙ، ڪم ۽ مقصد جي ڳالهه ڪندڙ قومپرست يا ملڪي سياست ۾ ليڊر يا قائد جي لحاظ کان ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي ڇاڪاڻ ته هو تمام گهڻو محدود رهڻ، گوڙ گهمسان ۽ لٻاڙي سياست کان پري نفاست واري طبيعت ڪري پنهنجي دوستن ۽ ورڪرن ۾ گهڻو قابل احترام ته آهي پر پارٽِي جي تنظيم اندر ڪجهه مشهور معروف هر دلعزيز سياسي شخصيتن کي عهدن تي ڪو نه آڻي سگهيو آهي. ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ وڃڻ بعد پويان تنظيم جي ڪا به سرگرمي ڪو نه ٿي رهي. تنظيم ۾ ذاتي دوست وڏيرن کي عهدا ڏيڻ ۽ جدوجهد ڪندڙ ورڪر کي اڳتي نه آڻڻ کان علاوه ايترو عرصو صرف هڪ نڪتي ”ڪنفيڊريشن“ بابت سياست ڪرڻ وارو فيصلو به درست نه آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو عام ماڻهو جنهن ۾ هاري مزدور، بيروزگار نوجوان ۽ ٻيو مڊل ڪلاس طبقو به پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ سياسي حمايت چاهي ۽ ڪري ٿو تنهن ڪري ممتاز علي ڀٽو صاحب کي به پنهنجي پارٽي طرفان باقاعدي پروگرام يا منشور ڏيڻ جي ضرورت آهي. مخصوص وڏيرن کان علاوه عام ماڻهن هارين نارين ۾ وڃڻ ۽ سندن سياست ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٽيون ته سندس سياسي واٽ ٻن مضبوط پارٽين وچ ۾ آهي. هڪ سنڌي ماڻهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي محبت ۾ پيپلز پارٽي ڏانهن گذريل ٽيهن سالن کان لاڳاپيل آهي جڏهن ته ٻي قومپرست تنظيم محترم جي ايم سيد جي قيادت ۾ سنڌو ديش جي نالي سان گذريل چوويهه سالن کان سرگرم آهي. انهن ٻنهي پارٽين کي هڪ طرف سياسي پروگرام نظريا به آهن ته ٻئي طرف مشهور شخصيتون اديب، دانشور ۽ گهڻا سياسي ڪارڪن ورڪر آهن جيڪي هر موقعي تي پارٽي مسئلن لاءِ سڀ ڪجهه ڪري وڃن ٿا. مٿس تنقيد ڪندڙ سندس وڏ وزارت واري زماني ۾ قومپرستن شاگردن ۽ ليڊرن کي وڏي پيماني تي گرفتار ڪري رکڻ، سنڌي رسالن تي گهڻي عرصي لاءِ پابندين کان علاوه مخالفن سان انتهائي سخت سلوڪ کي هميشه ياد ڪندا آهن. بهرحال ممتاز علي ڀٽو صاحب پنهنجي شخصيت ۾ هڪ سحرا نگيز ۽ قابل احترام قومپرست ليڊر جي حيثيت رکي ٿو. جيڪو سنڌ ۾ هر هڪ لاءِ محترم آهي. کيس ٻه پٽ هر هڪ امير بخش ڀٽو ۽ علي آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org