سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي

 

صفحو :8

خانبهادر محمد ايوب کهڙو

 

خانبهادر محمد ايوب کهڙي بابت اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هو هڪ پڪي وڏيرڪي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. اهو وڏيرڪو گهراڻو جنهن جي تعليم ۽ سياست ۾ ڪا به دلچسپي ڪا نه هئي. حڪومت جي معاملن سان ڪو به واسطو ڪو نه هيو. سندس والد ميان شاهه محمد کهڙو پنهنجي علائقي جو وڏو زميندار هيو. وڏيرو ميان شاهه محمد کهڙو پنهنجي محنت، ڪفايت، شعاري، هٿ جي ڪنايت سبب علائقي ۾ تمام گهڻي زمين ٺاهي. هن بنجر زمينون آباد ڪري وڏي جائداد ۽ دولت گڏ ڪئي. سنڌ جي وڏيرڪي سماج ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن وڏيري وٽ ڪجهه زمين آباد ٿي ۽ ڏوڪڙ مليو ته پوءِ رڇ ڪتا مقابلا، ڏاندن جي گوءِ، اوطاق تي نوڪر چاڪرن جا فالتو ٽولا، شراب، ڪباب ۽ شباب کان علاوه ڪي دعوتون ٿينديون. وڏيري جي هر طرف هاڪ هوندي. واه واه وڏا جا ٻول ۽ خوشامندڙيا هوندا. ڪي جهيڙا ٿيندا ڪي پلاند ٿيندا. اوطاق تي نوڪر چاڪر حاضر هوندا چاهي وڏيرو قرضي ٿي وڃي پر اوطاق ۽ وڏيري جو شان قائم دائم هوندو. گهڻو ڪري وڏيرا هندن واپارين جا قرضي هوندا هئا پر ان ئي سماج ۾ وڏيرو شاهه محمد کهڙو به هيو. جيڪو انهن سڀني وڏيرڪي صلاحيتن کان واجهايل هيو. هن پنهنجي جدائداد به وڌائي ته وري پونيئرن لاءِ به گهڻو پئسو ڇڏيو. هٿ جي  ڪفايت سبب وڏيري شاهه محمد بابت ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور هيون جيڪي محفلن ۽ ڪچهرين ۾ ٻڌايون وينديون هيون. ميان شاهه محمد کهڙي کي ٻه زالون هيون، جن مان چار پٽ هيس پهريون پٽ خانبهادر محمد ايوب کهڙو، حاجي محمد مراد، ميان محمد نواز ۽ ميان علي گوهر کهڙو شامل آهن. محمد ايوب کهڙو صاحب آگسٽ 1901ع ۾ ڳوٺ عاقل تعلقو لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ڳوٺ عاقل سنڌو درياهه جي ڪناري تي آهي. جنهن زماني ۽ ماحول ۾ کهڙو صاحب پيدا ٿيو. اهو صدين کان قائم وڏيرڪي سوسائٽي جو عروج وارو دور هيو. تعليم حاصل ڪرڻ کي اجايو وقت جو زيان ۽ بيڪار سمجهيو ويندو هيو. خاص طرح وڏيرا پنهنجي اولاد کي ته پڙهائيندا ئي ڪو نه هيا ۽ سندن چوڻ هيو ته پٽ ڇا لاءِ پڙهي؟. پٽ کي ڪا نوڪري ته ڪرائڻي ڪونهي. رب پاڪ جو سڀ ڪجهه ڏنل آهي. جوان ٿي زمينداري ۽ جائداد سنڀاليندو، جڏهن ته عام ماڻهو جي اولاد خاطر تعليم جي سهولت ڏيارڻ، اسڪول قائم ڪرڻ کي عيب سمجهيو ويندو هيو. غريب جي اولاد کي تعليم وٺڻ گناهه هيو. هي اهو دور هيو جڏهن مڊل ڪلاس اڃا وجود ۾ ڪو نه آيو هيو. يا ته غريب هوندو يا وري وڏيرو هوندو هيو. بس ٻه ڪلاس يا طبقا هيا. عزت ۽ شان جو معيار صرف دولت هئي، دولت ئي عزت وارو سمجهيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪو نيڪي جو ڪم ڪنهن وڏيري کان ٿي سگهندو هيو ته ڳوٺ ۾ مسجد قائم ڪيائين ۽ تعليم لاءِ به ڪو مولوي رکندا هئا ته جيئن ماڻهو ا﷢ ا﷢ ڪن. اخبارن کي ان دور ۾ گلا ڪرڻ وارو ادارو ۽ صحافين کي گلاخورن جو ٽولو سمجهيو ويندو هيو. ملڪ ۽ قومي مسئلن ۾ شريڪ ٿيڻ کي وڏيرا فسادي ٽولي جو ساٿ ڏيڻ سمجهندا هيا. سياست، نظريا يا شعور وارا شاعر اديب ميدان ۾ ڪو نه هيا. جيڪڏهن ڪنهن وڏيري کي ڪا انگريز سرڪار وٽ ڪچهري ۾ ڪرسي ملي يا اقتدار جو ڪو ننڍڙو حصو نصيب ٿيو ته اهو وڏيرو هوش کان نڪري ويندو هيو. پاڻ کي وڏو حاڪم سمجهڻ لڳندو هيو. اهڙي سماج واري صورتحال صرف سنڌ سان نه پر برصغير ۾ موجود هئي. اهڙي ماحول ۾ ڪير پاڻ کي ڪيترو تبديل ڪندو. پنهنجي شخصيت کي ڪيترو خوبصورت يا ذهن کي وري روشن خيال ڪندو. ان بابت تاريخ ۽ تاريخدان ئي ڄاڻيندو هوندو. اهڙي ئي جهالت، تڪبر ۽ غرور واري معاشري ۾ محمد ايوب کهڙو صاحب پرورش پائڻ لڳو. هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ پڙهي، سيڪنڊري تعليم لاءِ لاڙڪاڻي جي واحد انگريزي مدرسي اسڪول ۾ داخلا ورتي جتان ڇهه درجا پاس ڪري پوءِ سنڌ ۾ مئٽرڪ لاءِ اهل حيثيت صاحبن جي اولاد لاءِ واحد اسڪول سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي جتان اٽڪل 1918ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچي جي ڊي جي ڪاليج ۾ دخلا ورتائين. پاڻ اڃان ڪاليج جي پهرين سال ۾ هيو ته سندس والد ميان شاهه محمد 1920ع ۾ وفات ڪئي. نيٺ کهڙو صاحب تعليم کي اڌ ۾ ڇڏي. گهر ۾ وڏي پٽ هئڻ سبب پنهنجي والد جي ڇڏيل زمينداري سنڀالڻ شروع ڪئي. جڏهن محمد ايوب کهڙو صاحب ڪٽنب ۽ جائداد جي ذميواري سنڀالي. ان وقت سندس عمر صرف 19 سال هئي.

هي اهو دور هيو جڏهن برصغير ۾ خلافت تحريڪ جو زور شور هيو خاص طرح سنڌ ۽ لاڙڪاڻي ۾ ته مسلمانن جي هن تحريڪ جو عروج هيو. مسلمانن جا جذبا جوان ۽ حوصلا بلندا هيا، خلافت تحريڪ جو عملي طرح قائد ۽ هجرت ڪميٽي جو چيئرمين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو به لاڙڪاڻي جي سرزمين جو ڄائو هيو. بئريسٽر جوڻيجي جي سربراهي ۾ انگريز سرڪار خلاف مسلمانن جي خلافت ڪانفرنس ۾ برصغير جا وڏا وڏا مسلم اڳواڻ شريڪ ٿيڻ ايندا هئا ۽ لاڙڪاڻو شهر خلافت تحريڪ جو ڳڙهه هوندو هيو. محمد ايوب کهڙي صاحب پڻ بنيادي طور پنهنجي گهريلو ماحول ۾ اسلامي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي هئي. جنهن ڪري خلافت تحريڪ جي پر جوش ماحول مٿس گهڻو اثر وڌو هو ان اسلامي تحريڪ کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ اڳتي هلي جڏهن سياست ۾ پير داخل ڪيائين تڏهن کهڙي صاحب جو مقصد صرف مسلم ڪاز هيو. آخر سنڌ اندر خانبهادر کهڙو صاحب جو مقصد صرف مسلم ڪاز جو هڪ وڏو علمبردار ثابت ٿيو. خانبهادر کهڙي پنهنجي سياسي زندگي جو آغاز 1920ع کان ڪيو جڏهن پاڻ اليڪشن ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊجي آيو. هن دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ دادو ضلعو پڻ هيو ۽ سر شاهنواز خان ڀٽو جو سياسي طور ڪنٽرول هيو ۽ پورو ضلعو سندن اثر هيٺ هيو. جيئن ته خانبهادر کهڙي ۾ قائدانه صلاحيتون تمام گهڻيو موجود هيون ۽ پاڻ سنڌ جي مسلمان جي ڏکن ۽ تڪليفن کان ڀلي طرح ڄاڻ رکندو هيو. سنڌ جي مسلمانن جا حق کيس گهڻو عزيز هيا. مسلمان تعليم نه هئڻ ڪري قانون کان اڻ واقفيت ۽ اڻ ڄاڻائي سبب پاڻ کي وڏين تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ ڦاسائي ڇڏيو هيو. کاتيدارن ۽ هاري جي حالت گهڻي پريشان  ڪندڙ هئي. ان وقت انگريز جو راڄ هيو ۽ هندو واپاري وري پنهنجين چالاڪين سان سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجو غلام بڻايو ويٺا هئا. قانون کان اڻ واقفيت ۽ هندن جي چالاڪين ڪري مقامي ماڻهو زمينون ڦرايون ويٺا هوندا هيا. زمينن تي ڪڻڪائي جي زماني ۾ قرض کڻڻ جي بيماري ننڍن وڏن وڏيرن ۾ عام هئي. سنڌ جا گهڻا هاري ۽ وڏيرا هندن جا قرضي هيا. قانون مطابق هندن کي اختيار هو ته هو قرض جي بدلي زمين يا جائداد تي قبضو ڪن. اهو قبضو آبادگار جي غير موجودگي ۾ به هندن کي عدالت مان ملندو هيو. غير حاضري لاءِ ڏوڪڙ هلائي هندو قبضو حاصل ڪندا هيا. سنڌي مسلمانن سان اهڙي ظالماڻي رويي کي خانبهادر کهڙو ويجهڙائي سان ڏسندو ۽ محسوس ڪندو رهيو نيٺ کهڙي صاحب جي سياست جو بنياد ئي هندو مخالف سياست بڻيو. هن پنهنجي سياست جو آغاز اهڙي مسلم بنيادن تي شروع ڪيو.

خانبهادر کهڙي 22 سالن جي عمر ۾ اسيمبلي سياست ۾ قدم رکيو. سال 1923ع ۾ بمبئي قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون. هن دور ۾ سنڌ لاءِ بمبئي اسيمبلي ۾ ڪل پندرهن سيٽون هيون، جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي (ان ۾ دادو ضلعو به شامل هيو) لاءِ ڪل ٽي سيٽون مخصوص هيون. کهڙو صاحب اليڪشن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو جي تمام ويجهي دوست نواب امير علي خان لاهوري جي مقابلي ۾ بيٺو ۽ ڪاميابي ماڻي. لاڙڪاڻي ضلعي مان کهڙي صاحب کان علاوه سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ خان صاحب ڪريم بخش خان جتوئي به چونڊيا. کهڙي صاحب جو ابتدا ۾ اليڪشن کٽڻ ثابت ڪري ٿو ته هو ڪيترو نه هر دلعزيز ۽ مضبوط سياستدان هيو. اسيمبلي ۾ پهچڻ کهڙي صاحب لاءِ ڏاڍو ضروري هيو ڇاڪاڻ ته بمبئي اسيمبلي جي ايوان تان هو سنڌي مسلمانن لاءِ پنهنجا جذبا ظاهر ڪري ۽ جدوجهد شروع ڪري سگهيو پئي. آخر اهو ئي ٿيو جو کهڙي صاحب اسيمبلي ۾ پهچندي سنڌي مسلمانن سان مختلف مسئلن خاص ڪري ملازمتن ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ۽ سندس مدلل ۽ مفصل تقرير بمبئي جي ايوان ۾ هڪ خاموش جمود کي ٽوڙيو ۽ هندن ۾ مانڌاڻ مچي ويو. نيٺ کهڙي صاحب پاران پيش ڪيل انگ اکرن جي روشني ۾ حڪومت ڌيان ڏيڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي وئي آخر سنڌي مسلمانن کي ملازمتن ۾ حصو ملڻ شروع ٿيو.

سال 1923ع کان برصغير ۾ هندو مسلم فرقيوارانه فساد شروع ٿيا ۽ اهي مذهبي جهڳڙا تمام گهڻي عروج تي پهتا، سڄو معاشرو انهن فسادن جي لپيٽ ۾ اچي ويو. هندستان ۾ هندن  ”شڌي“  ۽  ”سنگهٽن“  تحريڪون شروع ڪيون ۽ مسلمانن کي زوري هندو بڻائڻ شروع ڪيو. اهڙين حالتن ڪري مسلمانن مٿان سخت مصيبتون ۽ عذاب نازل ٿيا. سال 1928ع ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ هندو عورت پنهنجو مذهب مٽائي مسلمان سان شادي ڪئي. هندن کي ان خبر تي وڏو غصو آيو ۽ هنن ڪورٽ ۾ ان عورت جي واپسي لاءِ گهر ڪئي جنهن جي انگريز انتظاميا حمايت ڪندي هندن جو ساٿ ڏنو ۽ ان عورت کي واپس هندن حوالي ڪيو ويو. رد عمل ۾ لاڙڪاڻي جي مسلمانن هندن جي دڪانن ۽ ملڪيتن کي گهڻو نقصان پهچايو. انگريز سرڪار سخت رويو اختيار ڪندي وڏي تعداد ۾ مسلمانن جون گرفتاريون عمل ۾ آنديون، سنڌ ۾ صرف خانبهادر کهڙو ئي اهڙو ليڊر هيو جنهن کلم کلا سنڌي مسلمانن جي حمايت ڪندي کين قانوني، مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. سنڌي مسلمانن کي وڪيل ۽ ضمانتون ميسر ڪري آزادي ڏياري پاڻ ملهائيو. کهڙي صاحب جي مجاهداڻي عمل سنڌي مسلمان ۾ کيس گهڻو مقبول بڻائي ڇڏيو ۽ هو سنڌي مسلمانن جو هيرو سڏجڻ لڳو.

جيئن ته سر شاهنواز ڀٽو صاحب ۽ خانبهادر عظيم خان پاران ننڍن کاتيدارن کي زرعي مقصد لاءِ واپارين کي واپار وڌائڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڪو آپريٽو بئنڪ شروع ڪئي وئي هئي. مقصد اهو هيو ته سنڌي مسلمان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي. خانبهادر کهڙي ان تحريڪ ۾ پڻ گهڻو حصو ورتو ۽ پراونشل ڪو آپريٽو بينڪ جو ڊائريڪٽر به رهيو. سال 1928ع ۾ سنڌ زمينداري بئنڪ لاڙڪاڻو قائم ڪئي وئي. جنهن جو کهڙو صاحب اٽڪل چاليهه سالن تائين چيئرمين هيو. هي بينڪ به زميندارن کي آسان شرطن تي قرض ڏيندي هئي. هڪ وقت اهڙو به هيو ته هر ٻيو زميندار ۽ وڏيرو سنڌ زميندار بينڪ جو قرضي هوندو هيو. بينڪ جي عاليشان بلڊنگ پير قائم شاهه بخاري جي سامهون هوندي هئي. جنهن کي هاڻي ڊاهي اسٽيٽ لائيف بلڊنگ بڻايو وڃي پيو.

خانبهادر سکر مان سنڌي ٻولي جي اخبار ”سنڌ زميندار“ پڻ جاري ڪئي جنهن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر کهڙو صاحب پاڻ هيو. جڏهن ته اخبار جو ايڊيٽر آغا نظر علي ۽ پير علي محمد راشدي هيا. هن اخبار ۾ معروف محقق پير حسام الدين راشدي به گهڻي عرصي تائين ڪم ڪيو. ان وقت سنڌ ۾ نڪرندڙ ڪل ٻه سنڌي مسلمانن جي ترجمان سنڌي اخبارون هيون. هڪ ”الوحيد“ ۽ ٻي اخبار ”سنڌ زميندار“ هئي. انهن ٻنهي اخبارن انگريز راڄ ۾ هندن جي پروپيگنڊه خلاف هڪ محاذ طور ڪم ڪيو. گهڻي عرصي تائين کهڙو صاحب بمبئي يونيورسٽي جي سينيٽ جو ميمبر پڻ رهيو. وٽس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي بورڊ ۽ سنڌ ڪالج جي بورڊ جي ميمبري پڻ رهي. بمبئي سرڪار جي ڪميٽين ۽ بمبئي ڪائونسل ۾ ڪيترن سليڪشن ڪاميٽين تي ميمبر هيو ان ڪري کهڙي صاحب کي انتظامي صلاحيتن ۽ سرڪاري معاملن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ، هلائڻ جو وڏو تجربو هيو. اسيمبلي ۾ دليلن ۽ ثبوتن سان تقرير ڪرڻ جو وٽس ڏانءُ هيو. کهڙو صاحب ثبوتن، صبر، تحمل سان تقرير ڪندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ان وقت ڪيترن ئي بحث مباحثن دوران ڪڏهن اسيمبلي ۾ ڪو به اهڙو غير پارلياماني لفظ يا جملو نه ڳالهايائين جو ڪاروائي تان خارج ڪرڻو پوي. کهڙو صاحب کي هڪ هوشيار ۽ ڏاهو پارليامينٽرين سڏيو ويندو هيو. پير علي محمد راشدي جهڙو ذهين شخص کهڙي صاحب جو پرائيويٽ سيڪريٽري هوندو هيو. ان کان علاوه سنڌ جي سياستدانن ۽ زميندارن پاران ٺهندڙ اتحاد ”محمدن ايسوسيئيشن“ جو 1926ع ۾ ميمبر ۽ پوءِ نائب صدر مقرر ٿيو.

جڏهن ته هندستان جي آئيني سڌارن بابت صورتحال جو آئيني جائزو وٺڻ لاءِ برطانيا سرڪار هڪ اعلى سطحي ”شاهي قانوني ڪميشن“ مقرر ڪري موڪلي ته ان ڪميشن وٽ کهڙي صاحب پنهنجن دوستن سان گڏجي سنڌ جي بمبئي کان عليحده حيثيت بابت گهڻي ڪوشش ورتي. هن تحريڪ سر شاهنواز خان ڀٽو جي صدر ٿيڻ کان پوءِ وري وڌيڪ عروج ۽ اهميت اختيار ڪئي پر شروع ۾ خانبهادر  کهڙو، سائين جي ايم سيد ۽ مسٽر محمد علي جناح هن ڏس ۾ بنياد وجهڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مولانا دين محمد وفائي به هن تحريڪ جا روح روان هيا. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي در اصل سنڌي مسلمان جي لاءِ هڪ طاقت جي حيثيت رکي پئي ڇاڪاڻ ته سندن مسئلن جو حل صرف انهن جي صوبي ۾ خودمختيار حڪومت هئي. کهڙي صاحب ان موقعي تي هڪ ڪتاب انگريزي ۾ ”اسٽوري آف سفرنگ آف سنڌ“ لکرائي تقسيم ڪرايو. سال 1929ع ۾ سنڌ جي جدائي لاءِ سائمن ڪميشن ۽ سنڌ فنانس انڪوائري ڪميشن اڳيان ڀرپور دليل پيش ڪيا. جولائي 1933ع ۾ کهڙي صاحب مسئلن کي نبيرڻ لاءِ برطانوي وزيراعظم ايف، ايل، برائين جي سربراهي ۾ سڏايل ”سنڌ ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي ماڻهن سان بمبئي سرڪار جي ڏاڍاين جا ثبوت پيش ڪيا. سنڌ جي بمبئي کان عليحده صوبي لاءِ 1935ع ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ تحت آرڊر نڪتو ۽ سنڌ جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو. پهرين اپريل 1936ع تي جڏهن سنڌ هڪ آزاد صوبي جي حيثيت ماڻي پوءِ هڪ سال لاءِ انتظامي ڪائونسل جوڙي وئي جنهن ۾ کهڙي صاحب کي پڻ ميمبر مقرر ڪيو ويو. ساڳي سال 1936ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي ايوان لاءِ 60 سيٽن جي اليڪشن ٿي جنهن ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ٻن وڏين ڌرين يا گروپن جو پاڻ ۾ سياسي دنگل ٿيو. 31آڪٽومبر 1936ع تي ٻن اتحادن جو وجود عمل ۾ آيو هڪ ”سنڌ اتحاد پارٽي“ جنهن جو سربراهه سر شاهنواز ڀٽو صاحب ۽ سر عبدا﷢ هارون ۽ محترم جي ايم سيد خاص اڳواڻ هيا. هن جماعت جو پروگرام سنڌ ۾ رهندڙ تمام مذهبن ۽ قومن وچ ۾ ڀائيچارو پئدا ڪرڻ هيو. ٻي ”مسلم ڪانفرنس“ هئي جنهن جا اڳواڻ سر غلام حسين هدايت ا﷢، شيخ عبدالمجيد سنڌي، خانبهادر محمد ايوب کهڙو هيا. هن جماعت جو پروگرام سڌو سنئون مسلمانن جي حاڪميت ۽ حقن جي ڳالهه کان علاوه هندو مخالفت هئي. جيئن ته سنڌ جا مسلمان تمام گهڻا جذباتي ۽ هندن جا ڏکايل ستايل هيا انهن هن اليڪشن ۾ مسلم ڪاز جي لاءِ ڪم ڪندڙ اڳواڻن کي کٽائڻ جو فيصلو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ کهڙي صاحب جي جماعت جي اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي اليڪشن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو کي هارايو. سر عبدا﷢ هارون جهڙو اڳواڻ پڻ اليڪشن هارائي ويٺو. سنڌ اسيمبلي جي هيءَ اليڪشن سنڌ جي مسلمان سياستدانن ۾ پهريون ڀيرو قائم ٿيندڙ اتحاد کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو ۽ هي اليڪشن سنڌي مسلمان وڏيرڪي سياست ۾ گروپ بندين جو بنياد پئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين انهن جي اولاد ورثي ۾ سنڀاليو پئي اچي.

پهرين اپريل 1937ع تي سنڌ اسيمبلي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ کهڙي صاحب کي سنڌ مالڪاڻي حقوق لاءِ ڪميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. جتي هن صاحب سنڌ جي آبادگار کي بچاءُ ڏيارڻ ۽ زمين جي وڪري يا مٽاسٽا واري قانون ۽ قائدي بابت گهڻو پاڻ پتوڙيو. جيئن ته کهڙي صاحب جي پارٽي اڳواڻ سر غلام حسين هدايت ا﷢ کي اليڪشن ۾ اڪثريت ڪو نه هئي ۽ مخالف پارٽي جو قائد سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي ليڊر سر عبدا﷢ هارون اليڪشن ۾ هارائجي ويا هيا. سر شاهنواز ڀٽو ته سياست تان رٽائر ٿي لاڙڪاڻو ۽ سنڌ ڇڏي وڃي بمبئي رهيو هيو تنهن ڪري لاڙڪاڻي جي سياسي طاقت کهڙي صاحب ڏي رخ موڙيو. کهڙي صاحب جي مسلم ڪانفرنس اتحاد کي اسيمبلي ۾ ساڳي سال يعني 1937ع ۾ ئي شڪست ملي. سر غلام حسين هدايت ا﷢ وڏو وزير ۽ کهڙو صاحب مخالفت وارين بينچن تي ويٺا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org