سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي

 

صفحو :29

هن جي حڪومت 31 مارچ 94ع تي اقوام متحده جي قيادت ۾ صوماليه ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اٽڪل پنج هزار فوجي موڪليا. 25 اپريل 1994ع تي شمالي علائقن ۾ عدالتي انتظامي اصلاحات جو اعلان ٿيو. محترمه جي ڪوششن ساڻ 1 آگسٽ 1995ع تي اسلام آباد ۾ مسلم ملڪن جي خواتين پارليامينٽرين جي عالمي ڪانفرنس منعقد ٿي ۽ محترمه ان جو افتتاح ڪيو. ملڪ ۾ تباهه ٿيل ٽيڪسائيل سيڪٽر لاءِ 3 آڪٽوبر 1995ع تي 17 نڪاتي پيڪيج جو اعلان ڪيو جنهن جو واپارين ڀليڪار ڪيو. 7 آڪٽوبر 1995ع تي سعودي سيڙپڪار سرمائيدارن سان ڪراچي جي بيمار صنعتن کي ٻيهر هلائڻ لاءِ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو معاهدو ٿيو. ساڳي ڏينهن تي سندس حڪومت آمريڪا جي پيشڪش کي رد ڪيو. جنهن مطابق ايف 16 جنگي جهازن بدلي پاڪستان يورينيم سان لاڳاپيل مرڪز کي بين الاقوامي ايٽمي انرجي ڪميشن کي آمريڪي حڪام ماتحت ڪرڻ شامل هيو. محترمه 18 آڪٽوبر 1995ع تي غير وابسته تحريڪ پاران سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. 23 آڪٽوبر 1995ع تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ انڊر سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ تجويز ڏني. محترمه تقرير ۾ ڪشمير، روانڊا ۽ بوسينيا ۾ ظلم بابت عالمي ٽربيونل قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. محترمه هن اجلاس جي موقعي تي اٽڪل 27 ملڪن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي. محترمه جي ڪوششن سان اقوام متحده پنهنجي 50هين سالگره جي وقت حصول حق خود اراديت جدوجهد کي جائز قرار ڏنو. اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل بابت پاڪستاني موقف شامل ڪيو. محترمه 25 آڪٽوبر 95ع تي فرانس جي صدر جيڪ شيراڪ سان پاڪستان ۽ فرانس درميان دفاعي اقتصادي شعبن ۾ تعاون ڪرڻ 7 ميراج 58-2000 جي خريداري بابت ڳالهايو.

محترمه ايراني صدر هاشمي رفسنجاني جي دعوت 6 نومبر 95ع کان ايران جو دورو ڪيو ۽ 7 نومبر تي ايراني اسيمبلي کي خطاب ڪيو. محترمه 22 نومبر 95ع کان آمريڪا جو دورو ڪيو جنهن ۾ آمريڪي صدر بل ڪلنٽن سندس شاندار ۽ خاص آڌرڀاءُ ڪيو. محترمه آمريڪي سينيٽ. سرمائيڪارن، اخبارن، واپارين ۽ ٻين ڪيترن تنظيمن کي خطاب ڪيو. جيئن ته محترمه ڀٽو جي حڪومت ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون شامل آهن جن سان پاڪستان جو نالو دنيا ۾ وڌيڪ روشن ٿيو. دراصل محترمه جي اقتدار ۾ اچڻ بعد دنيا جون نگاهون پاڪستان ڏانهن ڏسڻ لڳنديون آهن. ڇاڪاڻ ته هڪ لبرل، روشن خيال، جمهوريت پسند عالمي معاملن تي ڀرپور واقفيت رکندڙ سياسي اڳواڻ طور محترمه ڀٽو کان دنيا گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي اميد رکندي آهي. محترمه پاڪستان کي دهشتگردي ۽ منشيات فروش ملڪ جي بدنامي کان بچايو ۽ سخت خطرن باوجود ڊرگ مافيا جون اٽڪل ٻه سئو بااثر شخصيتون گرفتار ڪيون. هڪ وڏو آپريشن ڪري سرحد ۽ قبائل ۾ منشيات جي اڏن کي ختم ڪيو. ملڪي مفاد ۾ انتهائي دليرانه ۽ ڏاهپ ڀريل فيصلن ڪرڻ تي دنيا جي پريس محترمه ڀٽو صاحبه کي پاڪستان جي ”آئرن ليڊي“ جو خطاب ڏنو. مختصر نموني سندس ڪامياب پاليسين سبب پرڏيهه کان ملندڙ قرضن جو تفصيل ڏجي ٿو. سال 94-95ع دوران پاڪستان 2 ارب 58 ڪروڙ 40 لک ڊالرن جا قرض حاصل ٿيا. جڏهن ته 93-94ع جي مقابلي ۾ 5 ڪروڙ، 40 لک ڊالر جا وڌيڪ قرض حاصل ٿا. ڪنسوريشم وسيلي 50 ڪروڙ، 50 ڊالر قرض مليا. اسلامي ملڪن لاءِ 7 ڪروڙ 10 لک ڊالر قرض ڏنا. ملائيشيا پام آئل خريداري لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر منظور ڪيا. پاڪستان جي تاريخ ۾ دنيا پاران هڪ رڪارڊ سيڙپڪاري جو اعلان هن کان اڳ ٻڌڻ  ۽ ڏسڻ ۾ نه آيو. سندس حڪومت ۾ پورٽ قاسم وٽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جو قيام ۽ ٺٽي ۾ ڪيٽي بندر گاهه، گوادر پورٽ جو قيام به شامل آهي.

ٿرڪول پروجيڪٽ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو پرڏيهي سيڙپڪاري جو منصوبو آهي جيڪو ٿر جي ڪوئلي کي ڪم آڻڻ لاءِ عمل ۾ آيو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ڪوئلو دنيا جي اعليٰ قسم مان هڪ آهي. هن پروجيڪٽ تي عمل ڪرڻ سان اٽڪل هڪ لک ماڻهن جي روزگار جو ذريعو پيدا ٿيندو. محترمه ڀٽو صاحبه جي حڪومت ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ رڪارڊ پرڏيهي سيڙپڪاري جا معاهدا ٿيا. پوري دنيا جي ملڪن کي گهربل سهولتون ڏئي کين پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ويو. هر ملڪ سان قرضن جا معاهده سيڙپڪاري جي انداز ۾ ٿيا. دنيا کي محسوس ڪرايو ويو ته پاڪستان دنيا لاءِ بهترين سيڙپڪاري واري جڳهه آهي. جڏهن دنيا جي هر هڪ ملڪ ۽ ملڪن جي صنعتڪارن پاڪستان ۾ ڪارخانن ۽ ٻين توانائي جي شعبن ۾ اڳتي اچڻ جو اعلان ڪيو ته پوءِ پاڪستاني بزنس مين طبقو به اڳتي وڌيو. ان کان اڳ پاڪستاني واپاري صرف پلانن تي ڪارخانا ظاهر ڪري ڪوڙا قرض وٺي پئسا هضم ڪري ويندا هيا. پاڪستان ۾ رڪارڊ پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ بيروني امداد حاصل ڪرڻ، خارجه پاليسي ۾ ڪاميابين ۽ پريس جي آزادي کي سندس مخالفن به تسليم ڪيو آهي. اخبارن ۾ ورڪرن لاءِ ويج بورڊ ۽ بونس لازمي ڪرڻ به سندس ڪارنامو آهي.

سڀ کان وڌيڪ تبصري لائق سندس قابليت، ذهانت ۽ مضبوط سياسي شخصيت آهي. ان کان اڳ به 1988ع ۾ سندس پارٽي کي اسيمبلي ۾ خاص اڪثريت حاصل ڪيائين. اهڙي طرح وري 1993ع وارين اليڪشن ۾ مخلوط حڪومت پي ڊي اي اتحاد سان جوڙيائين. پيپلز ڊيموڪريٽڪ الائنس ۾ نوابزادي نصر ا﷢ خان، غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب ۽ حامد ناصر چٺه صاحب جي مسلم ليگ کان علاوه مولانا فضل الرحمان جي جماعت شامل هئي.

محترمه ڀٽو صاحبه جو اهو ڪمال آهي ته پاڪستان جي سماج ۾ جتي مرد ۽ اسلام جي احترام سبب عورتن کي ٻي درجي جو شهري سمجهيو وڃي ٿو ۽ هڪ ٽولو پنهنجي خواهشن لاءِ من پسند تشريح ڪندي ائين به چئي ٿو ته عورت کي حڪمراني جو حق ڪونهي. اهڙي مرد جي سماج ۾ جتي عورت ڪنهن مرد سان هٿ به ملائي نه سگهي. اڪيلو سياسي ملاقات نه ڪري سگهي. گڏجي شڪار نه ڪري سگهي ۽ ڪنهن سان حد کان وڌيڪ مسڪرائي ڳالهائي نه سگهي. فوٽو به نه ڪڍائي سگهي، اهڙي مضبوط مرد جي سماجي معاشري ۾ محترمه ننڍي عمر جي عورت هوندي انهن سياست جي چاچن ۽ مامن کي شڪست ڏني مخالف بئنچن تي يا پنهنجي قيادت ۾ هلائي جن جي زندگي سياست ۾ گذري هجي اها سندس همت ۽ ڏاهپ آهي. سندس ٻه دفعا وزيراعظم ٿيڻ وڏي اهميت رکي ٿو. جيئن ته پاڪستان ۾ هڪ قوم نه آهي، صوبائيت ۽ مذهبي بنيادن تي پارٽيون آهن، تنهن کان علاوه ”پردي“ پويان قوتون آهن. ان سبب محترمه جي مخالفت به ايتري ئي گهڻي آهي. هر هڪ چاهي ٿو ته ان جي شرطن تي حڪومت اچي انهن کي راضي رکيو وڃي تنهن ڪري اهو محترمه ڀٽو لاءِ ناممڪن آهي ته سڀني کي راضي رکي. ان کان علاوه پ پ هڪ عوامي پارٽي آهي عوام ۽ ورڪرن کي به خوش رکي. اهڙن حالتن کان علاوه ٻئي طرف مخالف پارٽين پاران ساڻس عدم تعاون ۽ روزانو تحريڪون، لانگ مارچ، ڪڏهن ٽرين مارچ، هڙتالون، شهر بند، مظاهرا هجن ته پوءِ ملڪ جي معيشت ڪمزور ٿيندي، سياسي انارڪي ٿيندي، پرڏيهه ۾ ملڪ جو نالو بدنام ٿيندو، جمهوريت کي استحڪام نه ملندو ۽ حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿينديون، اهو ئي ٿيو جو ملڪ ۾ مخالفن جي ضدي روين، پرڏيهي مالياتي ادارن جي سخت شرطن ۽ پيپلز پارٽي ۾ ناخوش دوستن جي ڪري محترمه ڀٽو صاحبه جي حڪومت کي هڪ دفعو وري 5 نومبر 1996ع تي رات جو ختم ڪيو ويو. وري احتساب ڪميشن ئي محترمه ۽ سندس وڪيل آهن، ڏسون ڇا ٿئي ٿو. گذريل ڇهن سالن ۾ محترمه چوٿين چونڊيل وزيراعظم آهي جنهن جي حڪومت جو خاتمو وقت کان اڳ ٿيو آهي. محترمه ۽ پيپلز پارٽي سان واسطو نه رهيو آهي يا ساڻس ملاقات جو موقعو اڄ ڏينهن تائين ڪو نه مليو آهي مان ذاتي طرح سان سندس باري ۾ راءِ نه ٿو ڏيان پر مٿس تنقيد به ٿئي ٿي ته هو سخت طبيعت سياستدان آهي. ڪنهن پارٽي عهديدار جي جي تنقيد، برداشت نه ٿي ڪري، پنهنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو سان سندس رويو به پسند نه ٿو ڪيو وڃي. پنهنجي والده سان به اختلاف کيس ڀٽو صاحب طرفان مقرر ڪيل پارٽي چيئرمين واري عهدي تان هٽائڻ ۽ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو تي سندس موجودگي ۾ فائرنگ کان علاوه ڀٽو خاندان جي ماضي ۾ قائم سياسي يڪجهتي کي نه سنڀالڻ به قابل تنقيد رهي ٿو. حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ مخالفن ۽ شهيد ڀٽو جي قاتلن سان گڏجي ڪم ڪرڻ به ماڻهن کي نه ٿو وڻي پر هاڻي ملڪي حالتن مطابق عوام به انقلاب لاءِ تيار ڪونهي. ڪرسي جي سياست جو دور آهي قومپرست، ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ اسلامي خيالن جا ماڻهو اقتدار ۾ گڏ ويٺا آهن. سياسي نظريا ۽ فلسفا هاڻي ختم ٿي چڪا آهن. جيڪو وڌيڪ بااثر ماڻهو رکي ٿو، قائد جي شخصيت ۾ چمڪ ۽ ڏاهپ آهي. سگهارن ادارن سان ويجهڙائپ رکي ٿو ۽ ڪرسي لاءِ هر هڪ حربو استعمال ڪري ٿو اهو حڪومت ماڻي ٿو ۽ عوام به هاڻي حڪومت مان ڪم حاصل ڪرڻ جو رستو ورتو آهي پوءِ ڀلا محترمه ڀٽو صاحبه تي ڪهڙي معيار.

بهرحال پاڪستان جي سماج ۾ هن باوقار، باعمل، شان، مان، رعب، ڏات، نفاست واري جدوجهد سان ڀرپور قائد، هر حال ۾ هار نه مڃڻ، همت ڀري عظيم اڳواڻ، دنيا جي عورتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي هڪ مثال ثابت ڪيو آهي ته عورت ڪنهن به ماحول يا حالتن ۾ مرد کان گهٽ نه آهي پر مرد کي مات ڏئي سگهي ٿي. سياست ۾ سندس مرتبو ۽ حيثيت دنيا جي مڃيل وزيراعظم عورت مسز اندرا گانڌي کان به وڌيڪ اعليٰ آهي ڇاڪاڻ ته مسز گانڌي زندگي جي جدوجهد ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جهڙيون تڪليفون ڪو نه ڏٺيون. جيل، جلاوطني وارا ڏينهن ڪو نه ڏٺا. مارشل لا جون اذيتون برداشت نه ڪيون، پنهنجي والد سان ڪال ڪوٺڙي ۾ ملاقاتون نه ڪيون. بيماري ۾ علاج لاءِ قيد بي سهارا نه رهي. مذهبي معاشري ۾ پاڻ نه مڃايو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته محترمه ڀٽو صاحبه وانگر ننڍي ڄمار ۾ وزارت عظميٰ نه ماڻي. بينظير ڀٽو صاحبه جدوجهد جي علامت ۽ حوصلي واري عظيم عورت قائد آهي جنهن کي هر دور ۾ هر حالت ۾ حوصلي ساڻ مقابلو ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل آهي. دنيا سندس والد وانگر محترمه جي بين الاقوامي معاملن تي اعليٰ ذهانت ۽ ڏاهپ جي قائل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org