سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :2

باسمہ تعاليٰ

ديباچو

سنڌ سرڪار جي سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي پهرئين نشست مورخ 20 آڪٽوبر 1951ع ۾ فيصلو ڪيو هو ته سنڌ جي تاريخ جا ٽي مکيه ڪتاب: (1) فتحنامـہ سنڌ (2) تاريخ معصومي ۽ (3) تحفة الڪرام فارسي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايا وڃن، انهيءَ لاءِ ته اهل وطن پنهنجي تاريخ کي پنهنجي زبان ۾ آساني سان پڙهي ۽ سمجهي سگهن، بورڊ طرفان انهن ڪتابن جي ترجمي جو ڪم مخدوم امير احمد صاحب، پرنسپال اورنٽيل ڪاليج حيدرآباد سنڌ کي سونپيو ويو ۽ ان جي نگراني ۽ ذميواري بنده راقم الحروف جي حوالي ڪئي وئي.

جناب مخدوم صاحب ۽ بنده هن ڪم کي هڪ اهم قومي خدمت سمجهي ان کي جلد از جلد پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”تاريخ معصومي جو ترجمو 1953ع ۾ شايع ٿي چڪو، ۽ هينئر فتحنامـہ سنڌ جو هي ترجمو پيش ڪجي ٿو. تحفة الڪرام جو ترجمو پڻ تيار آهي، جو اميد ته 1957ع ۾ ڇپجي شايع ٿيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي ادبي بورڊ جي پهرئين رٿيل تجويز عنقريب پوري ٿيندي.

تاريخ معصوميءَ جي ترجمي ۽ اشاعت وقت بنده وٽ جو نئون مواد موجود هو، سو فاضل مترجم جي حوالي ڪيو ويو، ترجمي، حواشي، ۽ آخر ۾ فهرست بابت ضروري مشورا ڏنا ويا، ڪتاب جي تمهيد لکي وئي ۽ اهڙيءَ طرح ترجمي جي نگراني ۽ ذميواري جو حق ادا ڪيو ويو. ان کان وڌيڪ مصنف جي حالات يا تاريخي مواد جي زياده گـهـَـري تحقيق کي في الحال درگذر ڪيو ويو، ڇو ته ان سلسلي ۾ شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو جي ڪيل تحقيق سنڌي ترجمي لاءِ قدري ڪافي هئي، ازان سواءِ مير محمد معصوم جي حالات خواهه تاريخ معصوميءَ ۾ بيان ٿيل پوئين سنڌي تاريخي دؤر (سلاطين دهلي تا عهد اسلامي) بابت فارسي تاريخن ۽ تذڪرن ۾ ڪافي مواد موجود آهي، جنهن جي بناءِ تي باقي رهيل تحقيق جي آساني سان تڪميل ٿي سگهي آهي.

هي ڪتاب فتحنامه سنڌ (عرف چچنامو) قبل از اسلام ۽ اوائلي اسلامي فتوحات واري سنڌ جي تاريخي دؤر سان تعلق رکي ٿو، ٻيو ته هيءُ ڪتاب فارسي ترجمي جي صورت ۾ اسان تائين پهتو آهي ۽ اصل ڪتاب عربي، فنا ٿي چڪو آهي، ۽ ٽيون ته ڪتابت جي تاريخي قدامت، ان جي اصل عربي ماخذن سان وابستگي، ۽ فارسي ترجمي جي پيچيدگين سبب ان ۾ ڪافي تصحيح ۽ تحقيق جي گنجائش باقي آهي. انهيءَ ڪري جيتوڻيڪ فاضل مترجم مخدوم اميراحمد صاحب فارسي متن جي ترجمي جو ڪم نهايت خوش اسلوبيءَ سان نباهيو ۽ پنهنجي ذميواري پوري ڪئي، مگر محض ان لفظي ترجمي کي شايع ڪرڻ سان تاريخ جو حق ڪماحقہ ادا نه ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته خود فارسي متن ۾، باوجود شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽه جي فاضلانه نظر جي، ڪافي تصحيح جي گنجائش باقي هئي.

انهيءَ ڪري بندي مناسب سمجهيو ته هن ڪتاب جي سلسلي ۾ محض ترجمي جي نگرانيءَ کان ذرا اڳتي قدم وڌائجي ۽ متن جي نئين سر تصحيح ڪري سنڌي ترجمي کي به انهيءَ لحاظ سان درست ڪجي. هن رٿيل تصحيح جي دوران ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري طرفان خط پهتو، جنهن سان گڏ، بورڊ جي فاضل ميمبر دوست محترم پير حسام الدين صاحب راشديءَ جي زوردار راءِ شامل هئي ته آءٌ هن اهم تاريخي ڪتاب جي نئين سر تصحيح ۽ تحقيق جو ڪم پنهنجي ذمي ڪريان، جيئن هيءُ ڪتاب محض سنڌي ترجمي جي بدران هڪ مستقل نئين ايڊيشن جي صورت ۾ شايع ٿئي.

هيءُ ڪم ڪافي اڻانگو هو مگر وطن جي محبت ۽ خدمت خاطر لبيڪ چئي هيءُ ڪم شروع ڪيو ويو، جو تقريباً ٻن سالن جي محنت بعد پورو ٿيو آهي. ڪتاب جي مقدمي ۾ هن ڪتاب جي اصليت توڙي هن سنڌي ايڊيشن جي اهميت تي وڌيڪ تفصيل سان روشني وڌي وئي آهي، جملي ڪيل محنت بابت هت هيءُ اشارو ڪافي ٿيندو ته فتحنامه جو اصل فارسي متن صرف 248 صفحا آهي ۽ هن سنڌي ايڊيشن جي ضخامت تقريباً 700 صفحا کن آهي. تصحيح ۽ تحقيق جي لحاظ سان فتحنامه جي هيءُ سنڌي ايڊيشن، هن ڪتاب جي جملي اڳين ڇپيل ترجمن توڙي فارسي متن کان عام پڙهندڙ کي هر لحاظ سان بي نياز ڪري سگهي ٿي، بلڪ آئيندي هن ڪتاب بابت لکندڙ يا ان مان تاريخي معلومات اَخذ ڪندڙ محقق ۽ مؤرخ کي سواءِ هن ايڊيشن جي ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي. انهيءَ لحاظ سان فن تاريخ بابت سنڌي ۾ هيءُ ڪتاب سردست هڪ نهايت ئي قيمتي اضافو آهي.

اهل وطن کي سندن زبان ۾ شايع ٿيل هن ڪتاب جي اهميت کان واقف ڪرڻ لاءِ مٿيان اشارا ضروري هئا، ورنه بندو پنهنجي هن ڪافي محنت کي اڃا ناڪافي سمجهي ٿو. اميد ته اسان مان، ٻئي ڪنهن صاحب علم کي ڌڻي توفيق ڏيندو جو هن تحقيق کي اڃا به وڌيڪ مڪمل ڪري، سنڌ جي تاريخ جي ڪماحقـہ خدمت ڪندو.

آءٌ پنهنجي فاضل استاد مولانا عبدالعزيز ميمڻ، سابق پروفيسر و صدر شعبهِّ عربي مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه، جو رهين منت آهيان جنهن سندم شاگرديءَ واري عرصي (1943-1945ع) ۾ منهنجي تاريخي ۽ ادبي معلومات ۾ قيمتي اضافا ڪيا، جي هن ترجمي جي تصحيح ۽ تحقيق ۾ مشعله راه بنيا آهن. پڻ آءٌ پنهنجي محترم رفيق ۽ مهربان دوست قاضي احمد ميان اختر صاحب پروفيسر اسلامي تاريخ سنڌ يونيورسٽي جو شڪر گذار آهيان، جنهن وقت بوقت بندي جي تحقيقي بحثن کي غور سان ٻڌو، پنهنجا مفيد مشوارا ڏنا، ۽ منهنجي مسلسل همت افزائي ڪئي. ازان سواءِ ٽن نوجوانن: مراد علي خان، محمد شريف ۽ مسعود عليءَ ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل ماڻهن، ملڪن ۽ ماڳن وغيره جي ٻن اڻانگين فهرستن (نمبر 2، ص371 ۽ نمبر3 ص382) تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، بورڊ جي لائق سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي، ڪتاب جي تڪميل ۽ طباعت ۾ خاص دلچسپي ورتي ۽ بورڊ جي پريس جي عملي، ڪتاب کي صحيح ڇاپڻ ۾ حتي المقدور ڪوشش ڪئي. آءٌ انهيءَ سڀني صاحبن جو شڪر گذار آهيان.

 

سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ                خادم العلم

22 آڪٽوبر 1966ع                           نبي بخش بلوچ

 

ضروري اشارا

ڪتاب جي متن ۾ چورس ڏنگين اندر ڏنل انگ، اصل فارسي متن جا صفحا ڏيکارين ٿا، مثلا ص 58 جي ويهين سٽ ۾ ]11[ جو انگ ڏيکاري ٿو ته انهيءَ جاءِ تي اصل فارسي متن جو يارهون صفحو پورو ٿيو. حاشين ۽ نوٽن ۾ پڻ چورس [ ] ڏنگين ۾ ڏنل صفحن جي انگن مان مراد فارسي متن جا صفحا آهن، ۽ باقي ٻيا صفحن

 

مقدمو

هيءُ ڪتاب جو عام طرح چچ نامه جي نالي سان مشهور ٿي ويو آهي، سو نه فقط سنڌ جي تاريخ بابت پهريون بنيادي ڪتاب آهي، پر سڄي بر عظيم پاڪستان- هندستان جي تاريخي سلسلي جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اسلام کان اڳ وارين حڪومتن جو مختصر احوال ۽ سنه 15 کان 96 هجري (714-637ع  تائين هندستان جي اتر-الهندين سرحدن تي اسلامي فوجن جي اوائلي بري ۽ بحري حملن ۽ آخر ۾ مڪران ۽ سنڌ جي اسلامي فتحن جو مفصل ۽ مستند ذڪر موجود آهي. انهيءَ ڪري قدامت جي لحاظ سان هيءُ ڪتاب وڏي تاريخي اهميت رکي ٿو.

هيءُ ڪتاب اصل عربيءَ ۾ لکيل هو، ۽ سنه 613 هجري ڌاري ان جو فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو. اسان تائين هن ڪتاب جو فقط اهو فارسيءَ ۾ ترجمو پهتو آهي، جنهن جا وري انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ويا آهن. گهڻن ئي مصنفن چچ نامه بابت ڪافي ڪجهه لکيو آهي، مگر هن ڪتاب جا هيٺيان پهلو اڃا تائين تحقيق طلب آهن: (1) اصل عربي ڪتاب ڪهڙو هو، ڪنهن جو لکيل هو، ۽ ڪڏهن لکيو ويو؟ (2) فارسي ترجمو، جو اسان تائين پهتو آهي، ان جي اصل عربي ڪتاب سان مطابقت يا ان ۾ ڪيل ڦير گهير ۽ اختلاف بابت ڪهڙي راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي؟ (3) خود فارسي ترجمي جي ترجمن يا ڇاپي ۾ ڪيتري قدر غلطين جي اصلاح ڪئي وئي آهي، ۽ ڪيتري قدر اڃا تائين گنجائش باقي آهي؟

اسان هن مقدمي ۾ انهن مکيه مسئلن کي قدري حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسون، ۽ آخر ۾ هن سنڌي ترجمي ۽ ان ۾ ڪيل تحقيق تي روشني وجهنداسون:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org