سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :21

محمد بن قاسم جو ارمابيل ۾ منزل ڪرڻ(3)

(پوءِ محمد بن قاسم ديبل کان ارمابيل جي لڙائيءَ جو ارادو ڪيو، ڇاڪاڻ ته کيس انهيءَ رستي کان نيرون ڪوٽ وڃڻو هو. جڏهن منزل تي پهتو ته کيس راجا ڏاهر جو خط پهتو ، جو هن لکيو هو)(1).

 

راجا ڏاهر جو خط

بسم اللهِ العـَـظـِـيم ذِي الوحدانـِـيـَـة وَ رَبَ سيلائج (هڪڙائي واري وڏي ۽ سيلائج جي رب الله جي نالي سان) هي خط آهي سنڌ جي بادشاهه، هندستان جي راجا، بر ۽ بحر جي حاڪم ڏاهر بن چچ جي طرفان، مغرور ۽ ٺڳيل محمد بن قاسم ڏانهن، جو ڪوس ۽ لڙائيءَ جو ايترو شوقين ۽ بيرحم آهي جو]خود[ پنهنجي لشڪر تي به رحم نٿو ڪري، ۽ سڀني کي برباديءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلايو اٿس. هن کان اڳ ۾ ٻئي هڪ ]عرب[ جي مٿي ۾ پڻ اهڙو غرور پيدا ٿيو هو، ۽ سياست جو تير کڻي آيو هو، ۽ الحڪم بن ابي العاص(2)  پڻ انهيءَ جي بيعت ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته دماغ ۾ سوداءُ هوس ته مان هند ۽ سنڌ کي فتح ڪري هٿ هيٺ آڻيان. اسان جوهڪ -ٻه ادنيٰ درجي جو ٺڪر ]فقط[ شڪار ڪرڻ جي طريقي سان ديبل ويو، ۽ کيس ڪٺائين، ۽ سندس سارو لشڪر ڀڄي ويو. هاڻي اهو ساڳيو سوداءُ محمد بن قاسم جي دماغ ۾ وڌي ويو آهي، ۽ نيٺ پاڻ کي [111] ۽ پنهنجي لشڪر کي انهيءَ خودسريءَ جي خيال ۾ ختم ڪندو. جيڪڏهن ديبل فتح ڪيو اٿيئي ته اهو نه مضبوط قلعو آهي، ۽ نه اتي ڪنهن طاقت واري لشڪر سان مقابلو ڪيو اٿيئي.اها هڪ اهڙي جڳهه فتح ڪئي اٿيئي، جتي ]فقط[ واپاري ۽ ڪارخانيدار رهن ٿا. جيڪڏهن انهن ۾ ڪو مشهور معروف ماڻهو هجي ها ته توهان جو ڪو نشان نه ڇڏي ها. جيڪڏهن راجا جـَـيسيـِـنه بن ڏاهر کي، جو روءِ زمين جي بادشاهن تي غالب، وقت جي زبردستن کان انتقام وٺندڙ، راهبن ۽ ڪشمير جي راجا جو مـَـٽ ۽ ثاني، نوبت، جهنڊي ۽ ڇـَـٽ جو مالڪ، جنهن جي درٻار جي چانئٺ تي هندستان جا راجا سر رڳڙي رهيا آهن، سڄو هند سنڌ جنهن جي حڪم جو تابعدار آهي، توران ۽ مڪران جي ملڪن لاءِ سندس حڪم ڳچيءَ  جو هار آهي، جو سؤ مست هاٿين جو مالڪ ۽ سفيد هاٿيءَ جو سوار آهي، جنهن جي مقابلي ۾ ڪوبه گهوڙو نٿو اچي سگهي، ۽ نه وري ڪو مرد سندس سامهون بيهي سگهي ٿو، اجازت ڏيان ته اوهان کي اهڙي سيکت ڏئي ها جو قيامت تائين وري ڪنهن لشڪر کي سندس حدن جي نزديڪ اچڻ جي مجال نه ٿئي ها.] تنهن ڪري[ پاڻ کي غرور جي خواب ۾ مبتلا نه ڪر، نه ته تنهنجي عاقبت به اها ٿيندي، جا بـُـدَيل جي ٿي. توهان کي جنگ ۾ اسان سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانه آهي، ۽ نه اسان جي طاقت کان سلامت موٽي وڃي سگهو ٿا.

ڏاهر جو هيءُ خط جڏهن محمد بن قاسم کي پهتو، تڏهن منشي کي اهو ترجمو ڪري، کيس پڙهي ٻڌائڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ مضمون کان واقف ٿي جواب لکارايائين[112]

 

محمد بن قاسم جو ڏاهر ڏانهن خط.

        بسم الله الرحمان الرحيم- هيءَ خط محمد بن قاسم ثقفيءَ جي طرفان، جو سرڪشن ۽ مغرورن کان مسلمانن جو بدلو وٺندڙ آهي، ڪافر، جاهل، منڪر، ۽ هٺيلي ڏاهر بن چچ برهمڻ غدار ڏانهن ، جو بيوفا زماني جي ڦير گهير ۽ ظالم وقت جي غرور تي مغرور ٿيو آهي. ان بعد معلوم هجيس ته نهايت جهالت ۽ بيوقوفيءَ کان جيڪي ڪجهه لکيو اٿس ، ۽ ]جيئن[ پنهنجي سست عقل تي مغرور ۽ مفتون ٿيو آهي، سو پهتو. ۽ جيڪي بيان ڪيو اٿس، تنهن جي مضمون کان واقفيت حاصل ٿي. ۽ طاقت، حشمت، هٿيار، بندوبست، هاٿي ۽ سوار، ۽ لشڪر متعلق جيڪي لکيو اٿس، سو ذري پرذي سمجهيو ويو. اسان جي ساري قوت ۽ امداد ]جو مدار[ خدا پاڪ جي ڪرم، تياري ۽ بندوبست ] ۽[ بادشاهه جي فضل تي آهي. ولاَ حـَـولَ قـُـوَة اِلاَ باللهِ العـَـلـِـي العـَـظـِـيم.(1) فـَيـکـِـيدُ  وا لـَـکَ کـَـيدَا (2) ثـُـم لا يـُـنظـَـرُون (3) اِني توَ کـَـلتُ عـَـلـَـي اللهِ رَبِي وَرَبـُکۡـم(4) وَمکـَرَ اللهُ وَاللهُ خَيرَالـمـَـاکـِـرِينَ (5) وَلاَيـَـحـِـيق الـمـَـکرُ السيـئُـي اِلاَ بِاَهلہ(6) کم مـِـن فـِئة قـَـلـِـيلـَة غَلـَبَت فـِـئة کثـِـيرَة باِذنِ الله وَاللهُ مـَـعَ الصـَـابِرِيـِـنَ- (وڏي ۽ زبردست الله کان سواءِ ٻي ڪابه قوت ۽ امداد ڪانهي. هو تنهنجي لاءِ رٿون رٿين ٿا. پر انهن کي مهلت ڪانه ڏني ويندي. مون الله تعاليٰ تي توڪل ڪيو آهي، جو منهنجو ۽ توهان جو رب آهي. هنن رٿون رٿيون، هوڏانهن (الله) ]پاڪ[ به رٿ رٿي ، ۽ الله تعاليٰ سڀني کان سٺو رٿيندڙ آهي. بري رٿ، رٿيندڙ کي ئي گهيرو ڪندي آهي. ڪيتريون ٿوريون ٽوليون الله تعاليٰ جي حڪم سان وڏين ٽولين تي غالب پون ٿيون، ۽ الله تعاليٰ صبر ڪندڙن سان گڏ آهي.) اڙي عاجز! سوار ۽ هاٿي، ۽ لشڪر تي ڪهڙو ناز ٿو ڪرين؟ هاٿي ته هڪ ذليل سموري سامان ۾ عاجز ۾ عاجز  ۽ سڀني رٿن  ۽ ٺڳين مان هيڻي ۾ هيڻي چيز آهي، جو مڇر جهڙي هڪ ننڍي ۾ ننڍي جيت کي به پاڻ کان تڙي نٿو سگهي: ۽ جن گهوڙن ۽ سوارن کي ڏسي، هٺ ۾ پيو آهين، اهي الله جو لشڪر آهن(قوله تعاليٰ:)(1) فـَـاِنَ حـِـزب اللهِ هـُـمُ الغـَـالِبونَ (1) وَخـَـيلُ اللهِ وَ فـُـرسـَـانـُـهاهـُـمَ المـَـنصـُـورونَ (بيشڪ الله جو لشڪر ئي غالب ٿيڻ وارو آهي ۽ الله جا گهوڙا ۽ سندن سوار ئي فتحياب آهن). [113] تنهنجي بد افعالي، برين عادتن ۽ تڪبر جي ڪري ئي اسان کي لشڪر ڪشي جو معاملو پيش آيو، ڇاڪاڻ ته تو سرانديپ جي مال جون ٻيڙيون روڪي، مسلمانن کي قيد ڪيو. حالانڪ دنيا جي سڀني ملڪن ۾ دارالخلافت، جو نبوت جو نائب آهي، جو حڪم جاري آهي ۽ سڀ فرمان بجا آڻين ٿا، فقط تون ئي سرڪشي ۽ شوخي ڪرين ٿو. ۽ ]پڻ[ بيت المال جي خزاني جا اهي مال جيڪي اڳيان حاڪم ۽ گذريل بادشاهه پاڻ تي لازم ۽ واجب سمجهي، ادا ڪندا رهيا هئا، سي ]پڻ[تو روڪي ڇڏيا آهن. ۽ جڏهن تو پاڻ کي هنن اڻوڻندڙ خصلتن سان خراب ڪري، خدمت کان انڪار ڪيو ۽ ههڙين برين ڳالهين کي جائز سمجهيو، تڏهن دارالخلافت جو فرمان، شال سدائين جاري رهي، هن طرف پهتو ته مان انهن ڪرتوتن جي بدلي وٺڻ لاءِ تنهنجي لڙائيءَ ڏانهن رخ ڪريان. ۽ جنهن به جاءِ تي منهنجو مقابلو ڪندين اتي خدا تعاليٰ، جو ظالمن کي مغلوب ڪرڻ وارو آهي، جي مدد سان توکي مغلوب ۽ خوار ڪندس، ۽ تنهنجو سر عراق ڏانهن موڪليندس، يا پنهنجي جان الله تعاليٰ جي راهه ۾ قربان ڪندس ۽ هيءَ جهاد ]الله تعاليٰ جي[ حڪم، ”جـَـاهـِـدِ الڪـُـفـَـارَ والمـُـنافـِـقـِـينَ“(1) (ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر) موجب پاڻ تي واجب سمجهي خدا پاڪ جي رضامندي لاءِ قبول ڪئي اٿم، ۽ ]سندس[ عام احسان ۾ اميدوار آهيان ته اسان کي فتح ڪاميابي عطا ڪندو- انشاءَ الله تعاليٰ وَ ڪـَـتـَـبـَـہ فـِـي ثـَـلث وَ تـِـسعيـِـن (سنه 93 هه ۾ لکيو ويو) ]114[.

 

ديبل فتح ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم جو

نيرون ڏانهن وڃڻ

حديث جي راوين ۽ تاريخ بيان ڪندڙن، نـُـباتـہ بن حـَـنظلـَـہ ڪـِـلابـِـيءَ کان آندو آهي ته: ديبل فتح ڪرڻ ۽ بي انداز غنيمتن حاصل ڪرڻ کان پوءِ، محمد بن قاسم جي حڪم فرمائڻ تي منجنيقون ٻيڙن ۾ رکي، نيرون جي قلعي ڏانهن روانا ٿيا. ٻيڙا انهيءَ پاڻيءَ مان جنهن کي ساڪري جو نارو (1) چون ٿا، ٿي نيائون، ۽ پاڻ سيسم(2) جي رستي کان ٿي ويا. جڏهن سيسم(2) جي منزل وٽ پهتا ته اتي حـَـجاج کان انهيءَ خط جو جواب اچي پهتو، جيڪو پاڻ ديبل جي فتح بابت هن ڏانهن لکيو هئائين.

 

محمد بن قاسم کي حـَـجاج جو خط پهچڻ

بسم الله الرحمان الرحيم- حـَـجاج بن يوسف کان محمد بن قاسم ڏانهن. ڄاڻڻ گهرجي ته اسان جي دل جي ارادي ۽ همت جي تقاضا اهائي آهي ته توکي هر حال ۾ ڪاميابي حاصل هجي، ۽ ]انشاءَ الله تعاليٰ[  تون ڪامياب ۽ فتحمند هوندين، ۽ الله عزوجل جي احسان سان دشمن دنيا جي سزا ۽ آخرت جي عذاب ۾ هميشه گرفتار ۽ مغلوب رهندا. ]پر[ اهو گمان هرگز نه نج ته انهن جا اهي سڀ هاٿي، گهوڙا ۽ سامان اسباب توکي نيبهه ٿيندا. ]توکي[ دوستن سان چڱي طرح وقت گذارڻ ۽ هر هڪ جي عزت ۽ احترام ۾ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ۽ سڀني کــــي دلداري ڏيندو رهج، ڇاڪاڻ ته اهــا ســاري ولايت تنهنجي مــلڪيت ۾ اينــدي. جيڪو بــه قلعو فتح ٿيندو رهــي، تــه ] انهيءَ مان [ لشڪر جي ضـرورتن جــي جيڪا بــه شيءِ هـــٿ اچي، سا ]لشڪر جي[ خرچ ۽ تياريءَ ۾ صرف ڪج. کاڌي پيتي جي گهربل شين کان، جيترو ٿي سگهي، ]ڪنهن کي[  روڪ ۽ ٽوڪ نه ڪج. سـُـڪـَـر سڻائيءَ جي ]پيداڪرڻ ۾[ حد ۾ حد ڪوشش ڪج، ]115[ جيئن لشڪر ۾ اناج سستو رهي. ديبل ۾ جيڪي بچايو ويو آهي، سو به قلعي ۾ ذخيرو ڪري رکڻ بدران ماڻهن تي صرف ڪرڻ بهتر آهي، ڇو ته ملڪ فتح ٿيڻ ۽ قلعن جو قبضي ۾ اچڻ کان پوءِ رعيت جي آرام ۽ رهاڪن جي دلجوئي جي ڪوشش ڪرڻي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪڙمي، ڪاريگر ۽ واپاري آسودا هوندا ته ملڪ سر سبز ۽ آباد رهندو، انشاءَ الله تعاليٰ- کـَـتبَہ فـِـي العـِـشريـِـن مـِـن رَجب سنـة ثلاث و تِسعين:(1) يعني ويهين رجب، سنه ٽيانوي ۾ لکيو ويو(1).

 

ديبل جي خبر ۽ نيرون وارن جو حجاج بن يوسف

کان پروانو وٺڻ

اَبـُـوالليث التميمي کان هن طرح آڻين ٿا، ته هن جـَـعوَنہ(2) بن عـَـقـَـبـَہ سـُـلمـِـي کان روايت ڪئي ته: جڏهن محمد بن قاسم ديبل فتح ڪري نيرون ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن اسان ساڻس گڏ هئاسون. هنن ]نيرون وارن[  عرب جي لشڪر جي شڪست ۽ بـُـدَيل جي شهيد ٿيڻ وقت، حجاج سان عهد ڪري پاڻ تي ڍل مقرر ڪرائي ڇڏي هئي. محمد بن قاسم ديبل کان نيرون ڪوٽ (1) ڏانهن، پنجويهن فرسنگن تي آهي، ڪاهي، ڇهه ڏينهن پنڌ ڪري، ستين ڏينهن اچي نيرون ڪوٽ جي ٻاهران پهتو.(2) بروري، جي پٽ ۾ هڪ چراگاهه آهي، جنهن کي بلهار ]يعني ولهار ياويءُ[ ٿا چون، ]اتي اچي منزل انداز ٿيو[(2). اتي اڃا مهراڻ جو پاڻي نه آيو هو، جنهن ڪري لشڪر اڃ کان دانهون ڪرڻ لڳو. محمد بن قاسم ٻه رڪعتون نماز ادا ڪري جيئن جو عرض ڪيو: يـَـادَليـَـل المـُـتـَـحـِـرينَ وَ يـَـاغـَـيـَـاث اَلمـُـسقـَـِغيـِـثينَ اَغـِـثنـِـي بـَحقِ بِسمِ الله الرَحمان الرَحـِـيم (اي پريشانن جا رهنما! اي فريادين جا مددگار! بسم الله الرحمان الرحيم جي هحابي منهنجي واهر ڪر) تيئن ]هڪدم[ الله پاڪ جي حڪم سان رحمت جو مينهن وسڻ لڳو. انهيءَ شهر جي آسپاس جيڪي به تلاءَ يا حوض هئا، سي سڀ ڀرجي ويا. نيرون وارن ڪوٽ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. سندن سردار ۽ حاڪم شمني(3) ڏاهر ڏانهن ويل هو. محمد بن قاسم لشڪر جي گاهه جي تنگيءَ کان [116]  ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. پنجن- ڇهن ڏينهن کان پوءِ شمني موٽي آيو، ۽ ٻه سردار حجاج جي پرواني سميت موڪلي، ساڻس گڏ سيڌو ۽ گاهه پڻ روانو ڪري، انهن جي واتان پيغام موڪليائين ته: ”مان خواه هيءُ سمورو لشڪر ۽ رعيت دارالخلافت جا آهيون، ۽ امير حجاج جي پرواني جي حڪم موجب هتي ٽڪيل ]آهيون[، ۽ سندس ٽيڪ، دلداري ۽ تربيت تي قائم آهيون، جنهن صورت ۾ مان غير حاضر هوس، تنهنڪري رعيت متردد ٿي دروازا بند ڪيا هئا. شمني ]اچڻ سان[  ڪوٽ جا دروازا کولارايا، ۽ ]ماڻهو[ لشڪر سان خريد فروخت ڪرڻ لڳا. محمد بن قاسم، بروري(1) جي منزل کان، هن ]شمني[ جو شڪريو حـَـجاج ڏانهن لکي،نيرون وارن جي وفاداريءَ ۽ فرمانبرداريءَ جي خبر ڏني. حجاج انهيءَ خط جي جواب ۾ کين هنن جي دلداري ڏيڻ جي ڏاڍي پارت فرمائي، ۽ کين لکيائين ته: ”سندن آرام جي هر طرح ڪوشش ڪريو، ۽ کين اسان جي مهربانين جو اميدوار بنايو. الله پاڪ جي احسان ۾ اميد آهي ته تنهنجو قدم مبارڪ جتي به پهچندو  ]تي[  فتح ۽ ڪاميابي ٿيندي. جيڪو به توکان امان گهري، تنهن کي امان ڏج، ۽ جيڪي به بزرگ ۽ مکيه ماڻهو تو سان اچي ملن، تن کي قيمتي خلعتن سان سرفراز ڪري، پنهنجي احسان جي زيربار ڪج ۽ لياقت اَهرَ هر هڪ کي انعام اڪرام ڏيڻ واجب ڄاڻج، ۽ عقل کي پنهنجو رهبر بنائج ته جيئن ملڪ جا امير ۽ مشهور معروف ماڻهو تنهنجي قول ۽ فعل تي پورو اعتماد رکن.“

 

محمد بن قاسم جو پنهنجا اعتماد جوڳا ماڻهو

نيرون ۾ موڪلڻ

پوءِ محمد بن قاسم پنهنجن خاص ۽ مکيه ماڻهن مان ڪي اعتماد جوڳا ماڻهو نيرون جي قلعي ۾ موڪليا ۽ چيائين ته: اسان تي قلعي جي دروازن بند ڪرڻ، ڏاڍو ]برو[ اثر ڪيو، پر جڏهن غير حاضريءَ جو عذر ٻڌو ويو، تڏهن ڪاوڙ ٺري ويئي ۽ توهان ڏانهن مهرباني ۽ عزت جو خيال ڪيو ويو آهي: تنهنڪري مقدم الدولة ڀنڊرڪو شمني(1) کي دلجاءِ ۽ تسلي سان حاضر ٿيڻ گهرجي، سندس حق ۽ مهربانيءَ ۽ تربيت جي ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي ]117[.

 

شمنيءَ جو سمر ۽ تحفن سميت محمد بن قاسم

جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ

ڏينهن، جڏهن صبح صادق اونداهيءَ جي پردي مان اطلس جو لباس پهري ظاهر ٿيو، تڏهن شمني پڻ بي انداز تحفن ۽ بيپايان نذرانن سان محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿي، رضامندي جي خلعت پهري، ۽ قلعي جو دروازو کولي، محمد بن قاسم جي مهماني ڪيائين، ۽ لشڪر کي اناج ڪشادو ملڻ لڳو.

محمد ]بن قاسم[ قلعي تي هڪ گورنر مقري ڪيو، ۽ ٻـُـڌ جي بتخاني جي جاءِ تي هڪ مسجد ٺهرائي ۽ بانگ، نماز ۽ امام مقرر ڪيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، سيوستان وڃڻ جو ارادو ڪيائين، اهو قلعو، مهراڻ جي مغربي ڪناري تي جبل جي مٿان آهي. محمد بن قاسم کي اميد پيدا ٿي ته سارو ملڪ اسلام جي لشڪر جي هٿان فتح ٿي ويندو، ۽ سيوستان جــي انــديشي لاهڻ کان پوءِ موٽڻ وقت، ڏاهر ڏانهن ]وڃڻ لاءِ[ درياءَ جي ٽپڻ جي صلاح ڪئي ويندي: شال خداوند ڪريم عربن جي اميد برصواب فتحمنديءَ جا امڪانات ميسر ڪري!

 


(3)  ن،ب،س:ارمن بيله: پ،ارمائيل: ڪ،ارمابيلہ.

(1)  هي سڄو عنوان ۽ بيان اسان اراد تاً ڏنگين ۾ رکيو آهي ۽ بالڪل بي معنيٰ آهي، جنهن لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [111] .(ن-ب)

(2)  هن جاءِ تي جملي نسخن ۾ ابوالعاص بن الحکم آهي. ڪيل تصحيح لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [111] .(ن-ب)

(1)  فارسي متن ۾ فـَـگـِـيدُ وا،ن: فـَـيـَـکيدُ وا، جا صحيح پڙهڻي آهي. هن عربي عبارت ۾ مختلف آيتون ملائي، موزون مضمون پيدا ڪيو ويو آهي. شروع واري جملي ۾ آية صرف "قوة الا با الله (ڪهف! ر-ه)آهي.ان بعد (ا) آيت يوسف:ر-ا): 

(2)  آيت جو حصو(الانعام:ر-ا)

(3)  آيت (هود:ر-ه):

(4)  آيت (آل عمران: ر-5):

(5)  آيت (فاطر: ر-5):

(6)  آيت (البقره:ر-33).بشڪريه محترم قاضي احمد ميان اختر صاحب.(ن-ب)

(1) -( 1)  آيت قرآن (المائده: ر-8).هي آيت فارسي متن ۾ الا ان سان شروع ٿئي ٿي، جا صحيح نه آهي:الا ان  حزب الله هم المفلحون (المجادله:ر-3) هڪ ٻي جدا آيت آهي.(ن-ب)

(1)  سورهِ التوبہ: ر-10 

(1)  فارسي متن جي اصل عبارت: ”نالہ سانکره“ آهي. مختلف نسخن جون پڙهڻيون هن طرح آهن: ن، ب: نالـہ سانکره، پ: ساکر، م، ر دهند ساکره، س: دهند ساکره، ڪ: هند ساکره.

(2)  فارسي ڇاپي ۾ ”سميم“ پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي مگر انهن ٻنهي جاين تي معتبر نسخن مثلاَ پ، م، ر، ن جي متفـقه پڙهڻي ”سيسم“ آهي ۽ اسان انهيءَ کي ترجيح ڏني آهي (ن-ب)

(1)  هي اضافو ن ۽ ب مان آهي (ن-ب)

(2)  اصل ”جعوية“ جو صحيح نه آهي. ڏسو هن کان اڳ، حاشيه ص  [105](ن-ب)

(1)  اصل ۾: حصار نيرون.

(2) فارسي متن جي اصل عبارت: ”مرغزاريست که اَنرا بلهار گويند، بزمين بردي“. هن جاءِ تي ۽ وري ص 117 تي ”بردي“ نالو آيو آهي. هن جاءِ تي م جي پڙهڻي ”بروزي“ ۽ ن جي پڙهڻي “بروي”  آهي. ص ]117[ تي پ: بروري ۽ م، ن، ڪ: بروزي. انهن پڙهڻين جي مطابق هي لفظ ”بروري“ يا ”بروزي ٿي سگهي ٿو. مگر قديم نسخي پ جي پڙهڻي ”بروري“ آهي ۽ اسان انهيءَ کي ترجيح ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اڪثر ديهن ۽ ڳوٺن جي نالن جي آخر ۾ ”ري“ يا ”ڙي“ آهي. مثلاً ڪلري، هوسڙي، هٽڙي وغيره. (ن-ب)

(3)  جنهن کي ڏاهر، ديبل جي فتح جو ٻڌي، نيرون جو حاڪم مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ڏسو مٿي ص ] 110[. (ن-ب)

(1)  فارسي متن ۾ ”بردي“. هت اختيار ڪيل پڙهڻي لاءِ ڏسو مٿي حاشيه ص ]116[. (ن-ب)

(1)  اصل ۾، هت سڀني نسخن ۾ ”بهند رکن سمني“. مگر ص ]131[ تي ساڳيو نالو سڀني نسخن مطابق ”سمني بهندرکو“، اسان پوئين پڙهڻي کي ترجيح ڏني آهي. (ن-ب)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org