سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب؛ --

صفحو :31

 

جـَـيسـِـينه ۽ راجا ڏاهر ]بن[ چچ جي زال جو (مقابلي لاءِ) بيهڻ جي خــبر

برهمڻ آباد جي مکيه ماڻهن کان ڏند ڪٿائن ۾ آڻين ٿا(1) ته: جڏهن برهمڻ آباد جو قلعو هٿ آيو، تڏهن ڏاهر جي زال لاڏي(2)، جا ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ ڏاهر جي پٽ سان برهمڻ آباد ۾ (جنگ لاءِ تيار ٿي) بيٺي هئي، چيو ته: هيءُ مضبوط قلعو ۽ عيال ڪيئن ڇڏينداسون؟ اسان کي لاچار هتي رهڻ گهرجي، جيئن دشمن تي غلبو حاصل ڪريون ۽ اسان جو ملڪ ۽ گهر سلامت رهي. پر جيڪڏهن عرب جو لشڪر غالب ٿيو ته پوءِ ڪا ٻي تدبير ڪنداسون. ائين چئي مال خزانو ٻاهر ڪڍي لشڪر جي بهادرن کي پئي ڏنائين، ۽ جوڌن کي دلجاءِ پئي ڏنائين، ۽ اهي ٻئي دروازي تي جنگ ڪندا ٿي رهيا. لاڏيءَ جي هيءَ تجويز هئي ته: جيڪڏهن قلعو فتح ٿيو ته مان پاڻ کي ٻارن ۽ پوئلڳن سميت ساڙيندڙ باهه جي خوراڪ بنائيندس. مگر اوچتو قلعو ]206[ فتح ٿي ويو، ۽ معتبر ماڻهن ڏاهر جي ]حمايت واري[ دروازي تي پهچي راجا ڏاهر جي لاڳاپيدارن کي (هڪدم) ٻاهر ڪڍيو، ته جيئن پاڻ کي هلاڪ نه ڪن، ۽ لاڏي گرفتار ٿئي.

ڏاهر جي زال لاڏي ۽ ٻن ڪنوارين ڌيئن کي گرفتار ڪرڻ

پوءِ جڏهن غنيمتون ۽ غلام، محمد بن قاسم جي اڳيان آندائون، ۽ هر هڪ جو احوال معلوم ڪيائين، تڏهن معلوم ٿيو ته ڏاهر جي زال لاڏي قلعي ۾ آهي. ڏاهر جون ٻه ڌيئون (پڻ) ٻين زالن جي وچ ۾ منهن ڍڪيون (بيٺيون) هيون، جن کي خادم جي حوالي ڪري جدا ويهاريائين.

غنيمت جي مال جو انداز ۽ پنجون حصو

پوءِ ٻانها چونڊيائون ۽ پنجون حصو ٻاهر ڪڍيائون. اٽڪل ويهه هزار ٻانها چونڊيائين ۽ پنجون حصو ٻاهر ڪڍي باقي لشڪر کي ڏنائين.

واپارين ۽ ڪاريگرن کي امانَ ڏيڻ

پوءِ واپارين، ڪاريگرن ۽ عام ماڻهن کي امانَ ڏيئي،سندن قيدين کي آزاد ڪيائين، ۽ پاڻ عدالتگاهه ۾ ويهي لڙائي ڪندڙ جماعت کي ترار سان قتل ڪيائين، ۽ اهڙيءَ طرح، چون ٿا ته اٽڪل ڇهه هزار جنگي جوان قتل ڪيا ويا، ڪي چون ٿا ته سورهن هزار مرد ڪـُـٺا ويا. ٻين کي معافي ڏنائين.

ڏاهر جي لاڳاپيدارن برهمڻن جي خبر

ڪي ماڻهو روايت ڪن ٿا ته: جڏهن ڏاهر جي لاڳاپيدارن کي ٻـَـانهنِ  ۾ نه ڏسي شهر جي رئيسن کان پڇا ڪيائون، تڏهن ڪنهن به ماڻهو انهن جو پتو نه ٻڌايو. نيٺ ٻئي ڏينهن برهمڻن مان اٽڪل هڪ هزار ماڻهو، مٿا ۽ ڏاڙهيون ڪوڙائي] 207[ امير محمد بن قاسم جي دربار ۾ حاضر ٿيا.

برهمڻن جو محمد بن قاسم وٽ اچڻ

محمد بن قاسم هنن کي ڏسي پڇيو ته: هن ٽولي وارا ڪهڙيءَ فوج مان آهن، جو هن شڪل ۾ پهتا آهن؟ چيائون: اي وفادار امير! اسان جو راجا برهمڻ هو، جڏهن انهيءَ کي ڪٺائون ۽ هيءُ ملڪ کانئس نڪري ويو، تڏهن هن جي وفاداريءَ ۾ ڪن پاڻ کي ماري ڇڏيو، ۽ باقين سندس سوءِ ۾ زرد ڪپڙا پائي ڏاڙهيون ۽ مٿا ڪوڙايا. هاڻي جڏهن الله تعاليٰ عـَـزوجــَـلَ  هيءَ بادشاهي توهان جي حوالي ڪئي آهي، تڏهن عادل امير جي خدمت ۾ حاضر ٿيا آهيون ته باقي بچيلن لاءِ ڪهڙو حڪم ٿو ڪري. محمد بن قاسم ويچار ڪري چيو ته: منهنجي جان ۽ سر جو قسم ته هيءُ ڏاڍا وفادار آهن. انهن کي هن شرط تي امانَ ڏنيسين ته ڏاهر جا لاڳاپيدار جتي به هجن انهن کي هٿ ڪندا.

محمد بن قاسم جو برهمڻن سان واعدو ڪرڻ ۽

امانَ ڏيڻ

پوءِ برهمڻن هن مضبوط عهدنامي جي بنياد  تي ڏاهر جي زال لاڏيءَ کي پهري مان ٻاهر ڪڍيو، ۽ باقي ماڻهن تي رَسـُـول الله ، الصـَـلواة وَالسـَـلام عـَـلـَـيه، جي طريقي موجب ڍل مقرر ڪيائون. جيڪي اسلام جي شرف سان مشرف ٿيا، انهن کي ٻانـَـهپ، مال ۽ چونڊ (1) کان معافي ڏنائون. جن ايمان نه آندو تن کي ٽن حصن ۾ (ورهائي) مٿن ڍل مقرر ڪيائون. پهريون، سردارن جي ٽولي مان هر هڪ تي 48 درهم تور چاندي. ٻئي ٽولي تي 24 درهم تور چاندي، ۽ هيٺياهين درجي واري ٽولي تي 12 درهم تور (چاندي) مقرر ڪيائون. ]208[  ۽ ]محمد بن قاسم[ فرمايو ته : اڄ وڃو، جيڪي مسلمان ٿي اسلام ۾ ايندا تن تان ڍل معاف ڪئي ويندي، ۽ جيڪي پنهنجي طريقي تي حريص رهندا، سي چونڊ (1) ۽ جزيو قبول ڪري، پنهنجي ابن ڏاڏن جي طريقي تي رهندا. پوءِ انهن مان ڪن (اسلام تي) رهڻ اختيار ڪيو ۽ ڪي جزيو قبول ڪري، پنهنجن وڏن جي طريقي تي هلڻ لڳا. سندن زمينون ۽ گهوڙا انهن کان نه ورتا ويا.

برهمڻن ۽ ملڪ جي امينن کي مقرر ڪرڻ

پوءِ محمد بن قاسم انهن مان هر هڪ تي، سندس درجي ۽ لياقت موجب ڍل مقرر ڪئي. قلعي جي چئني درن مان هر هڪ دروازي تي فوج مقرر ڪري، انهيءَ جي جوابداري انهن ماڻهن جي انتظام ۾ ڏني، ۽ رضامندي جي خـِـلعتَ، سنجيل گهوڙن سميت (عطا ڪري) هندستان جا شاهاڻا زيور سندن هٿن ۽ پيرن ۾ وڌائين، ۽ هر هڪ لاءِ محفل جي منڍ ۾ ويهڻ جي جاءِ مقرر ڪيائين.

ڪاريگرن، واپارين ۽ ڪڙمين کي لکڻ

پوءِ سوداگرن، ڪاريگرن ۽ ڪڙمين جو (تعداد) لکيائون. عام ماڻهو ڳڻپ ۾ جملي ڏهه هزار ٿيا. پوءِ محمد بن قاسم جي فرمائڻ تي هر هڪ تي (فقط) ٻارهن درهم تور چاندي مقرر ڪيائون، ڇاڪاڻ ته سندن مال لٽجي ويو هو.

مقرر ڍل جي وصول ڪرڻ لاءِ نائب مقرر ڪرڻ

پوءِ وڏيرن ۽ رئيسن کي مقرر ڍل جي وصول ڪرڻ تي مقرر فرمايائين، جيئن هرهڪ شهر ۽ واهڻ مان مال وصول ڪندا رهن،۽ کين  ]پڻ حڪومت جي [تائيد ۽ طاقت هجي. [209]

برهمڻن جو عرض ڪرڻ

        برهمڻن هيءَ حقيقت ڏسي عرض ڪيو ۽ شهر جي مکيه ۽ چونڊ ماڻهن سندن حال بابت شاهدي ڏني ته اهي برابر رسوخ وارا هئا.

برهمڻن لاءِ حڪم

پوءِ محمد بن قاسم برهمڻن کي عزت ڏني، ۽ سندن اثر ۽ رسوخ (قائم رکڻ) لاءِ پروانو جاري ڪيائين. هر حالت ۾ کين (ڪنهن به قسم جي) روڪ ٽوڪ نه هوندي هئي. ۽ انهن مان هر هڪ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم تي ڇڏيائين، ۽ سچ پچ معلوم ٿيس ته انهن کان خيانت ڪڏهن به نه ٿيندي.

ڪمن تي مقرر ڪرڻ

پوءِ راجا چچ جي دستور موجب، جنهن هر هڪ برهمڻ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم تي مقرر ڪيو هو، هر هڪ تي ڪونه ڪو ڪم مقرر ڪري، حڪم ڪيائين. جنهن تي سڀني برهمڻن  کي آڻي حاضر ڪيائون. (پوءِ) چيائين: ”ڏاهر توهان کي وڏن ڪمن تي مقرر ڪيو هو، تنهن ڪري توهان شهر ۽ آسپاس جا واقف هوندا. جنهن به مشهور معروف ماڻهوءَ کي تربيت ۽ نوازش جو لائق سمجهو ته اسان کي ڄاڻ ڪريو، جيئن سندس حق ۾ مهرباني ڪئي وڃي، ۽ کيس وڏي انعام سان سرفراز ڪيو وڃي. جنهن صورت ۾ توهان جي ايمانداري ۽ سچائي تي اسان کي پورو اعتماد ۽ ڀروسو آهي، تنهن ڪري توهان پنهنجن ڪمن تي بحال آهيو. ملڪ جو سارو ڪاروبار توهان جي معاملي فهميءَ تي ڇڏيو ويندو. ۽ هيءُ ڪم توهان جي اولاد ۽ پيڙهين جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، ۽ ڪڏهن به نه ڦرندو.

برهمڻن جو زور وٺي واهڻن ۾ وڃڻ

پوءِ برهمڻ ۽ ڪامورا ملڪ ۾ گهڙي پيا ۽ وڃي چيائون: اي ڏسڻا وائسڻا ۽ مشهور (ماڻهؤ) توهان کي معلوم آهي ته ڏاهر مارجي ويو ۽ ڪافرن جو ڪم پورو (210) ۽ ختم ٿيو، هند ۽ سنڌ جي چئني طرفن ۾ عربن جو حڪم جاري ٿيو. جنهن ڪري ملڪ جا ننڍا خواهه وڏا هڪجهڙا ٿيا. اسان جا ڪم ڪار، عزت واري بادشاه ]محمد بن قاسم[ جي طرف کان سمجهڻ گهرجن. اسان کي توهان ڏانهن موڪليو اٿن ۽ چڱن واعدن سان اميدوار ڪيو اٿن. جيڪڏهن عربن جو حڪم نه مڃينداسون ته نه مال رهندو، ۽ نه گذران جو ذريعو. اسان پاڻ، (انهن) سردارن جي مهرباني ۽ احسان ڏانهن نيازمند ٿي پيا آهيون. ۽ ممڪن آهي ته (انهيءَ ڪري) اسان جو درجو وڏو ٿي سگهي. في الحال پنهنجي وطن کان ٿڙجي برباد نه ٿيون. جيڪڏهن هيءُ ڍل، جيڪا توهان تي رکي اٿن، برداشت نه ٿي سگهندي ۽ انهيءَ جي ادا ڪرڻ ۾ وڏو بار سمجهندؤ، ته پوءِ فرصت وقت هند ۽ سنڌ جي ڪنهن ٻيءَ زمين ڏانهن، جتي توهان جي دلين کي اطمينان هجي، هليا وڃجؤ، ڇاڪاڻ ته آدمزاد واسطي جان جي سلامتي کان بهتر ٻي ڪابه شيءِ ڪانهي. اسان کي جڏهن هن خطرناڪ مصيبت کان ڇوٽڪارو ملندو ۽ لشڪر جي تڪليف کان بيپرواهه ٿينداسون، تڏهن اسان جو مال ۽ عيال محفوظ ٿيندو.

واهڻن ۽ شهر تي ڍل مقرر ڪرڻ

پوءِ سڀني ڳوٺاڻن ۽ شهرين حاضر ٿي پاڻ تي ڍل مقرر ڪرائي، ۽ پنهنجي ڍل جي رقم محمد بن قاسم کان پڇيائون، جن برهمڻن کي امير محمد بن قاسم ڍل (جي وصوليءَ) تي مقرر ڪيو هو، تن بابت ] پڻ پڇيائون، جنهن تي انهن برهمڻ آفيسرن کي[ فرمايائين ته: ”حڪومت ۽ خلق جي وچ ۾ سچائيءَ جو خيال رکجو، جيڪڏهن ڪا شيءِ ورهايو ته برابر ورهائجو، هر هڪ تي ڍل سندس برداشت موجب رکجــو، ۽ هڪٻئي سان ٺهي هلجو ۽ پريشان نه ٿجو، جيئن ملڪ ويران نه ٿئي.“] 211[

محمد بن قاسم جي خلق سان مهرباني ڪرڻ

پوءِ محمد بن قاسم هرهڪ سان خاص مهرباني ڪئي ۽ فرمايائين ته: ”هر طرح دل خوش رکجؤ. ڪابه ڳڻتي نه ڪريو ته ڪا توهان تي وٺ پڪڙ ٿيندي. آئون توهان کان ڪوبه ڪاغذ يا دستاويز (لکائي) نٿو وٺان. جيڪو حصو اڳيئي مقرر ۽ معلوم آهي، سو ادا ڪندا رهجو، بلڪ توهان تي مهرباني ۽ درگذر واجب سمجهيو ويندو. جنهن کي ڪا درخواست هجي ته پيش ڪري، اها ٻڌي ويندي ۽ (ان جو) پورو جواب ڏنو ويندو، ۽ هر هڪ جي مراد پوري ڪئي ويندي.“

محمد بن قاسم جو برهمڻ آباد وارن کي پروانو ڏيڻ.

هاڻي برهمڻن جي اها رسم جا هلندي ٿي آئي، جو واپاري، ڪافر ۽ ٺڪر برهمڻن کي خيراتون ڏيندا هئا، بتن جي پوڄا ۽ خوشيون ڪندا هئا ۽ مندر جي پوڄارين کي اهڙو پروانو هو، سا بند ٿي ويئي، ۽ لشڪر جي ڊپ کان اها خيرات ۽ ماني کين دستور موجب نٿي پهتي، جنهن ڪري برباد ۽ سـُـڃا ٿي ويا هئا. سو سڀني ]برهمڻن، محمد بن قاسم جي[ جڳهه جي در تي اچي دعا لاءِ هٿ کنيا، ۽ پيغام موڪليائون ته: ”شل عادل امير سلامت رهي! اسان راهب آهيون ۽ اسان جو گذران ۽ ترقي بـُـت(1) جي مجاوريءَ تي آهي. جنهن صورت ۾ واپارين ۽ ڪافرن تي رحمت ڪئي اٿوَ ۽ هو پاڻ تي ڍل مقرر ڪري ذِميِ ٿيا آهن، تنهنڪري (اسان) بندن کي به صاحب جن جي ڪرم ۾ اميد آهي ته انهن کي اشارو فرمائيندا. جيئن هو پنهنجي معبود کي پوڄين ۽ بتخانو(2) آباد ڪن.“

محمد بن قاسم جو جواب ڏيڻ

محمد بن قاسم جواب ڏنو ته: ”ملڪ جو تختگاهه اروڙ آهي، ۽ هيءُ سڀ پاسا ]212 [  آسپاس آهن.“ اتي هندن چيو ته: ”هن ملڪ جي آبادي برهمڻ آهن. اهي اسان جا عالم ۽ حڪيم (داناءُ) آهن. اسان جي شادي خواه غمي جو ڪاروبار سندن وسيلي پورو ٿيندو آهي. اسان ڍل يا جزيه انهيءَ ڪري قبول ڪيو آهي ته هرڪو پنهنجي طريقي جي پيروي ڪري. هيءُ اسان جي بت جو بتخانو(1) ويران ٿي ويو آهي ۽ اسان بـُـتـَـن(2) جي خدمت نٿا ڪري سگهون. امير عادل اسان کي اجازت فرمائي ته اسان (ان کي) آباد ڪري، پنهنجي معبود جي عبادت ۾ مشغول رهون ۽ اسان جي برهمڻن کي (پڻ) اسان مان گـُـذر جو ذريعو ٿي سگهندو.“

محمد بن قاسم جو حجاج بن يوسف ڏانهن لکڻ ۽ جواب جو پهچڻ

        پوءِ محمد بن قاسم هيءَ حقيقت حجاج ڏانهن لکي موڪلي ۽ ٿوري وقت کان پوءِ جواب پهتو ته: ”سؤٽ محمد بن قاسم جو پيارو خط پهتو. جيڪي احوال لکيا هئائين سي معلوم ٿيا، جن مان هڪ هيءُ به هو ته برهمڻ آباد جا مکيه ماڻهو(3) بتخاني جي آبادي(3) ۽ پنهنجي مذهب لاءِ عرض ڪري رهيا آهن. جنهن صورت ۾ (اسان جي) فرمانبرداريءَ جي سلسلي ۾ داخل ٿي، دارالخلافت جي ڍل  پنهنجي مٿان مقرر ڪيائون، تنهن صورت ۾ ڍل کان وڌيڪ ]اسان جو[ هنن تي ڪو به حق ۽ واسطو نه آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ذمـِـي ٿي چڪا ، تڏهن سندن مال يا خون ۾اسان جي دست اندازي مطلقاً نه ٿيندي. کين پنهنجي معبود جي عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي .توهان ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجي طريقي کان روڪ ٽوڪ نه ڪندا، جيئن هو پنهنجن گهرن ۾ پنهنجي مرضي موجب زندگي گذاريندا رهن.“

حجاج جو لکيو پهچڻ

حجاج جي لـِـکئي پهچڻ وقت، محمد بن قاسم شهر کان ٻاهر نڪري منزل ڪئي هئي.  پوءِ وڏيرن، اڳواڻن ۽ برهمڻن کي اجازت ڏنائين ته: ”بيشڪ پنهنجي معبود [213] کي آباد ڪريو. مسلمانن سان ڏيتي ليتي ڪريو. اطمينان سان پنهنجي سڌاري جي ڪوشش ڪريو. برهمڻن فقيرن جي احسان ۽ سنڀال سان تيمارداري ڪريو. پنهنجون عيدون، رسمون پنهنجن ابن ڏاڏن جي دستور موجب بجا آڻيندا رهو. هن کان اڳ برهمڻن کي جيڪي خيراتون ڏيندا هئا، سي پراڻي دستور موجب ڏيندا رهو.(1) سئو درهمن اصل مال مان  ٽي درهم ]ڪڍي ان مان[ جيڪو انهن (برهمڻن) جو حق هجي، سو انهن کي پهچائجي(1)، باقي خزاني لاءِ، خزاني وارن جي قلم ۽ نائبن جي سامهون حفاظت ۾ رهي، ۽ آفيسرن ۽ ڪم وارن لاءِ پگهارون مقرر ڪيون وڃن.“ انهن شرطن تي تـَـمـِـيم بن زَيدِ القـَـينـِـي(2) ۽ حـَـڪـَـم بن عـَـوَانة ڪـَـلبـِـيءَ کي وچ ۾ آندائون، ۽ برهمڻن لاءِ فيصلو ٿيو ته ٽامي جي ٿالهي هٿ ۾ کڻي، گهرن جي دروازن تي گدائيءَ لاءِ وڃي اناج وغيره جيڪي به ملي سگهين سو حاصل ڪن، جيئن تباهه نه ٿين. ۽ ]هاڻي[ هيءَ رسم ڪافرن ۾ مروج ٿي ويئي آهي.

محمد بن قاسم جو برهمڻ آباد وارن کي امانَ ۽

پروانو ڏيڻ

هاڻي محمد بن قاسم برهمڻاباد جي پسگردائيءَ کان فارغ ٿيو، ۽ ماڻهن جي جيڪا درخواست هئي، سا پوري ڪيائين. عراق ۽ شام جي يهودين، نصارن،گبرن ۽ مجوسين جي نموني تي هر هڪ کي پنهنجي طور طريقي تي رهڻ لاءِ اجازت ڏيئي واپس ڪيائين ،انهن جي اڳواڻن کي ”راڻا“ جو خطاب ڏنائين.

محمد بن قاسم جو سياڪر وزير کي سڏڻ

پوءِ سياڪر وزير ۽ موڪي ]پٽ[ وسايي کي سڏي پڇيائين: ”لوهاڻي جي جتن جو ڪاروبار، چچ ۽ ڏاهر سان ڪيئن هو؟ ۽ سندن معاملو ڪهڙي دستور تي ٿي هليو؟“

(سياڪر جو جواب:) وزير، موڪي ]پٽ[ وسايي جي روبرو چيو: ”راجا چچ جي حڪومت ۾(1) لوهاڻي يعني لاکه ۽ سمه ]واري ايراضي جي جتن[ کي(1) نرم ڪپڙن پهرڻ [214] ۽ مخمل مٿي تي ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي. بلڪ هيٺ مٿي ڪاري گودڙي پهريندا هئا، کـُـهري چادر ڪلهن تي وجهندا هئا، ۽ مٿو ۽ پير اگهاڙا رکندا هئا، جيڪو به نرم ڪپڙو پهريندو هو، ته انهيءَ تي ڏنڊ رکيو ويندو هو. گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت ڪتو پاڻ سان کڻندا هئا، جنهن ڪري سندن سڃاڻپ ظاهر ٿيندي هئي. سندن ڪنهن به وڏيري کي گهوڙي تي چڙهڻ جي اجازت نه هئي. جتي به بادشاهن کي ٻهراڙيءَ ۾ سـَـونهي جي ضرورت ٿيندي هئي ته اهي رستو ڏيکاريندا هئا. رستن جي سونهپ سندن نظرداريءَ هيٺ هوندي هئي، ۽ ]ويندڙ کي[ هڪڙي قبيلي کان ٻئي قبيلي تائين پهچائيندا هئا. انهيءَ قوم جو ڪوبه اڳواڻ يا راڻو گهوڙي تي ويهندو هو ته ]سندس گهوڙو[ هني، لغام ۽ نـُـختي کان سواءِ هوندو هو ۽ گهوڙي جي پٺيءَ تي رلي وجهي چڙهندو هو. رستي ۾ ڪنهن کي ڪو حادثو پيش ايندو هو ته انهن جي قبيلن کان پڇاڻو ڪندا هئا، جو اها سندن وڏيرن جي جوابداري هوندي هئي، ايستائين جو جيڪڏهن منجهائن ڪو چور ٿيندو هو ته انهيءَ کي ٻارن ٻچن سميت باهه جو کاڄ ڪندا هئا. قافلا رات ڏينهن سندن رهبري هيٺ هلندا هئا. انهن ۾ ننڍي وڏي (جو فرق) ڪونه هوندو آهي. هو وحشي طبيعت جا آهن ۽ حاڪم جي فرمانبرداريءَ کان هميشه سرڪشي ڪندا ۽ رستا ڦـُـرندا رهندا آهن. ديبل ۾ پڻ اتي جي ماڻهن سان ڦرلٽ ۾ همراهه هوندا آهن. بورچيخاني جون ڪاٺيون، خدمت جو ۽ سمر، بادشاهه جي نگراني سندن ذمي هئي.“

        (روايت) انهيءَ تي محمد بن قاسم چيو ته ”ڪهڙا نه برا ماڻهو آهن! اهڙا جهڙا فارس ۽ ڪوه پايـَـه ۾ جهنگلي ماڻهو هوندا آهن. سندن ڪم به اهو ئي آهي.“ محمد بن قاسم هنن کي انهيءَ دستور ۽ طريقي سان ٻڌل رکيو، جهڙي طرح اميرالمؤمنين عمر بن الخطاب  [215] رضي الله عنه شام جي رهاڪن تي مقرر ڪيو هو ته، جيڪو مهمان ايندو، تنهن کي هڪ ڏينهن ۽ رات ماني کارائيندا، ۽ جيڪڏهن بيمار ٿي پوندو ته ٽي ڏينهن مهماني ڪندا.

 


 

(1)  اصل لفظ، "در  اَقـاويــل  مـي  اَرنــد"

(2)  اصل صورتخطي: لادي.

(1)  -(1) چونڊ لاءِ اصل لفظ گزيد آيل آهي.اسلام جي قانون موجب وقت جي خليفي کي غنيمت جي مال مان ڪابه هڪ شيءِ  چونڊي کڻڻ جو اختيار آهي. انهيءَ کي عربيءَ ۾ اصطفه چوندا آهن. ام المؤمنين صفيه کي به رسول ڪريم اهڙيءَ طرح چونڊيو هو ۽ پوءِ آزاد ڪري ساڻس شادي ڪئي هئائون. (مترجم)

(1)  اصل لفظ: بده

(2)  اصل لفظ: خانهِّ بده

(1)  اصل لفظ: بتخانه بده

(2)  اصل لفظ: اصنام

(3) -(3) اصل الفاظ: عمارت بده.

(1) اصل فارسي عبارت هن طرح آهي ۽ ان ۾ البت مونجهارو آهي: ”و از صد درم سـ* درم سنگ بر اصل مال- بنگرند که چند واجب باشد بديشان رسانند“ (مترجم)

(2)  اصل ۾ جملي نسخن ۾ هيءَ نسبت ”القيسي“ ڄاڻايل آهي جا صحيح نه آهي، ڪيل ترميم لاءِ ڏسو آخر ۾ حاشيه ص [178]. (ن-ب)

(1) -(1)  اصل عبارت ”لوهانہ يعني لاکہ وسمہ را“ جنهن جي شروع ۾ لفظ ”جتان“ غلطيءَ سبب حذف ٿيل آهي، صحيح عبارت ”جتانِ لوهانه يعني لاکـہ وسمہ را“ ٿيندي، ڇو ته محمد بن قاسم لوهاڻي جي جتن بابت پڇيو آهي ۽ هيٺ سياڪر وزير جو بيان تقريباً ساڳيو آهي جو مٿي ص [47] تي ”لوهاڻي“ جي جتن بابت چچ جي پاليسي طور بيان ٿيل آهي. هت ”لوهاڻو“ هڪ علائقي جو نالو آهي جو لاکـه، سمـه ۽ سهته قومن جي ايراضين تي مشتمل هو. مٿي ڏسو ص [40]  (ن-ب)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org