27 September. 2007

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 هن ڪتاب جي فهرست

ڇپائيندڙ پاران

مصحح طرفان ديباچو

مصحح طرفان مقدمو

اصل عربي ڪتاب

”فتوحات سند“ جو پهريون مصنف ”المدائني“

(الف) مدائني جون روايتون:

ڏاهر جو محمد بن قاسم جي مقابلي

مترجم علي ڪوفي ۽ سندس فارسي ترجمو

هن صفحي تي ”ڪارمتي“ ۽ ”ندمتي“

سنه 1923ع ۾ مرزا قليچ بيگ

حمد ۽ تعريف انهيءَ مالڪ کي جڳائي،

چچ بن سيلائج جو ارمابيل وڃڻ ۽ انهيءَ تي ڍل مقرر  ڪرڻ

لشڪر جو سيوستان وڃڻ

چچ جو پنهنجي ڀاءُ چـَـندرکي اروڙ جي شهر ۾ آڻڻ ۽ انهيءَ کي مقرر ڪرڻ

راڻيءَ جو چچ تي عاشق ٿيڻ ۽ چچ جو سندس محبت ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ

ڏاهر جو ڏهرسينہ ڏانهن لکيو موڪلڻ

عمادالدين محمد بن قاسم ]بن محمد بن حــُـڪـَـم[ بن اَبي عـَـقـِـيل ثـَـقـَـفـِـي جو والي ٿيڻ

عـِـلافينِ ۽ سندن بغاوت جي خبر

هند جي سرحد تي سـِـنان بن سـَـلمـَـه بن المـُـحـَـبقِ الهـُـذَلـِـي جو والي ٿيڻ

محمد علافي عرب جو رمل جي بادشاهه جي جنگ تي وڃڻ

عرب جي لشڪر جي تياري ۽ حجاج جوخط پهچڻ

موڪي ]پٽ[ وسايي جي چوڻ تي نـُـباتـہ بن حنـَـظلـَة کي موڪلڻ

محمد بن قاسم وٽ، حجاج بن يوسف جو خط پهچڻ

سيوستان ۽ ان جي پسگردائيءَ جي فتح ڪرڻ ۽ قلعي وٺڻ جي خبر

محمد بن قاسم جو ارمابيل ۾ منزل ڪرڻ

شاميءَ جو شهيد ٿيڻ

دهليله جي راجا جو ڀڄي وڃڻ

محمد بن قاسم جو حملو ڪرڻ

خميس جي ڏينهن جنگ ڪرڻ

محمد بن قاسم جو حجاج بن يوسف ڏانهن لکيو موڪلڻ

ڏاهر جو وزير کي جواب ڏيڻ

جـَـيسـِـينه جي بهادري ۽ سندس نالي جو سبب

پڪو انجام وٺي، اروڙ جو قلعو حوالي ڪرڻ

محمد بن قاسم جو حجاج بن يوسف ڏانهن خط موڪلڻ

جـَـيسـِـينه ۽ راجا ڏاهر ]بن[ چچ جي زال جو (مقابلي لاءِ) بيهڻ جي خــبر

قنوج جي راءُ هر چندر جو جواب

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: چچ نامو

باب: --

صفحو :1

چچ نامو

مخدوم امير احمد

ڇپائيندڙ پاران

 

قديم زماني جون اُهي چند سڀيتائون جيڪي پنهنجي عظمت ۽ وُسعت جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهن، سنڌ تن منجهان بيشڪ هڪ آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي، ته انهيءَ مهان تهذيب جي مهانتا جا تفصيل تمام ٿورڙن ڪتابن تائين محدود آهن. فتح نامه سنڌ بالمعروف چچ نامو انهيءَ حوالي سان خصوصي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو تقريبن ڏيڍ هزار سال اڳ جي سنڌ بابت جيڪا به اهم معلومات آهي، سا انهيءَ ڪتاب منجهان ئي حاصل ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ بـُـنيادي طرح هيءُ ڪتاب عربن جي سنڌ ۾ آمد ۽ اُن جي پس منظر ۽ پيش منظر جي هڪ مختصر جهلڪ ڏئي ٿو، پر تڏهن به انهيءَ کي سنڌ سان گڏ ننڍي کنڊ جي اهم ترين ماخدن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هينئر ته دُنيا جو شايد ئي ڪو محقق، تاريخدان يا جاکوڙي شخص هـُـجي جيڪو چچ نامي کي نظر انداز ڪندي ننڍي کنڊ کي سمجهڻ يا اُن بابت ڪا راءِ جوڙڻ جي دعويٰ ڪري سگهي.

ڪتاب جي اهڙي اهميت مڃيندي به اها ڳالهه بهرحال اڃا تائين سڀني علم دوستن جي لاءِ مونجهاري جو سبب آهي ته آخرڪار چچ نامي جو اصل ليکڪ ڪير هـُـئو؟ مختلف عالمن طرفان ڪيل تمام گهڻي جاکوڙ کان پوءِ فقط ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته ستين صدي هجريءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ انهيءَ ڪتاب جو عربيءَ ۾ لکيل اصلي مسودو بکر جي قاضين جي ڪـُـتبخاني منجهان مشهور تاريخدان علي بن حامد الڪوفي بالمعروف علي ڪوفيءَ کي حاصل ٿيو، جنهن فارسي زُبان ۾ ترجمو ڪري ان کي فارسي ٻوليءَ جي علمي ذخيري جو حـصو بڻايو. انهيءَ فارسي ترجمي کي گهڻيون صديون پوءِ، شمس العـُـلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب دُرست ڪيو، جيڪو 1939ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ مجلسِ مخطوطاتِ فاريسه پاران شايع ڪيو ويو جڏهن ته ان کان لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ يعني 1838ع ۾ انگريز عملدار ۽ مستشرق ليفٽيننٽ ٽي. پوسٽنس (T. Postans) پنهنجي نظر مان ڪڍي، اُن جو مختصر تـَـتُ انگريزيءَ ۾ شايع ڪرايو، بعد ۾ شمس العـُـلماء مرزا قليچ بيگ 1900ع ۾ چچنامي جو مڪمل انگريزي ترجمو ڪري اُن کي پڌرو ڪيو.

جيتريقدر سنڌي ترجمي جو سوال آهي، ته ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ مطابق هن ڪتاب جو پهريون ترجمو ميرن جي دور ۾ ڪنهن گمنام شخص هٿان ٿيو. پر اهو سنڌي مسودو ناقص ۽ پيش ڪرڻ جوڳو هرگز به نه هـُـئو. اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مُحسن مرزا قليچ بيگ صاحب 1923ع ۾ چچ نامي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ته ڪيو، پر انهيءَ ترجمي جي صحت ۽ تحقيقي پهلوءَ بابت ڪيترائي متضاد رايا ٻـُـڌڻ ۾ آيا. سنڌي ادبي بورڊ ۽ اُن سان لاڳاپيل ماهرن ۽ عالمن هن ڪتاب جي تاريخي اهميت ۽ ٿيل ترجمن جي معيار بابت تحفظات رکندي چچ نامي جو نئين سـِـر ۽ معياري ترجمو ڪرائڻ جو عهد ڪيو ۽ ان کي اداري جي تاريخي ڪتابن جي اشاعت واري رٿا جو حصو بڻائيندي ترجمي جي ذميواري مخدوم امير احمد صاحب کي بخشي، جڏهن ته تصحيح، تحقيق ۽ تشريح جو ڪارنامو سنڌ جي هاڪاري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سرانجام ڏنو.  ڊاڪٽر صاحب جن تمام وڏي محنت سان ڪتاب جو حتمي مسودو تيار ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو .... ۽ اهڙي طرح 1954ع ۾ “چچ نامي” جو پهريون ڇاپو بورڊ طرفان پڌرو ڪيو ويو.

منهنجي غريباڻي راءِ آهي، ته ادبي بورڊ کي هڪ باوقار اداري طور جن ڪتابن تڪڙي پر ديرپا مڃتا ڏياري، اُنهن منجهان چچ نامو به هڪ آهي. هن ڪتاب جي پڌري ٿيڻ کان پوءِ لکين سنڌ واسي نه رڳو پنهنجي ماضيءَ کان واقف ٿيا، پرمنجهن قومي ســُـڃاڻپ کي سگهاري بڻائڻ جو شعور پڻ پيدا ٿيو. ڇاڪاڻ جو هي ڪتاب مـُـختلف گهٽ وڌائين جي باوجود بهرحال پنهنجي نوعيت جو اهڙو اڪيلو ۽ منفرد تفصيل هـُـئو، جنهن ڪئين تاريخي حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ بيشمار اشارا ڏنا ۽ چارا واضح ڪيا. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪيترن وطن دوست عالمن چچ نامي کي بـُـنيادي ماخذ طور قبول ڪندي، پنهنجي ذهني جاکوڙ، ثبوتن، دليلن ۽ علمي ڪاوشن سان سنڌ جي تاريخ بابت انتهائي حيرت ڀريا تجزيا ڪيا ۽ تحريرون لکيون. اهوئي سبب آهي، جو ٿوري ٿوري وقفي سان بورڊ طرفان هن ڪتاب جا چار ڇاپا پڌرا ڪيا ويا.

سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽريءَ جي ذميواري سنڀاليندي ڪتاب - گهر جي مئنيجر طرفان ٿيل گهـُـرَ تي جيتوڻيڪ هينئر تائين پنجاهه کن ڪتاب ٻيهر ڇپجي چـُـڪا آهن، پر چچ نامي جو نئون ڇاپو آڻڻ ۾ منهنجي ذاتي دلچسپي ان ڪري به شامل آهي جو سيڪريٽري بورڊ طرفان انهيءَ کي نئين سـِـرِ وري ڇپائي پڌرو ڪرڻ جو واعدو هلندڙ سال دوران منعقد ٿيندڙ ٺٽه سيمينار ۾ پڻ ڪيل آهي. سچ پچ ته پهرئين ڏينهن کان ئي مـُـنهنجي ڪوشش هـُـئي ته ڪتاب جو هيءُ پنجون ڇاپو نه رڳو جلد آندو وڃي، پر ان کي دلڪش سرورق ۽ ڪمپيوٽر جي موهيندڙ ڪمپوزنگ ذريعي نئون روپ ڏيئي، غلطين کان پاڪ ڪيو وڃي. رب جا ٿورا جو اها خواهش گهڻي حد تائين پوري ٿي چـُـڪي آهي ۽ هيءُ ڇاپو بهتر روپ سان اوهان آڏو پڌرو ٿيو آهي. اُميد ته بورڊ جي ڪارڪـُـنن ۽ ان جي سيڪريٽريءَ طرفان پيار ۽ خلوص جي خمير سان پيش ٿيندڙ هيءَ ڪاوش مڃتا جو مرتبو ماڻيندي.

 

ڄامشورو                                               انعام   الله   شيخ

29 شعبان المعظم 1425هه                                   سيڪريٽري

بمطابق 15 آڪٽوبر 2004ع                               سنڌي ادبي بورڊ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org