سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :9

مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

[29]

جروَر جنگ اُمايا، ماڳ انهيءَ مهمان،

هٿ ڌوئي حاضر ٿيا، کائڻ ويٺا خان،

ان جا اَٿم اَرمان، ته لاهوتي لنگهڻ ويا.

(موريو کٽي)

 

جرور = الله تعاليٰ. مهمان = ملائڪ.

اٿم = حضرت ابراهيم عليہ السلام ڏانهن

اشارو. لاهوتي = ملائڪ.

6- حضرت اسماعيل عليہ السلام

(الف) حضرت اسماعيل عليہ السلام جي ولادت:

Text Box:  

 

        نمرود جي ناس ٿيڻ کان پوءِ حضرت ابراهيم عليہ السلام بابل کي ڇڏي اچي بيت المقدس ۾ رهيو. ان وقت سندس عمر 99 ورهيه هئي. بيبي هاجره کي اميد واري هئي ۽ کيس پٽ ڄائو جنهن جو نالو حضرت اسماعيل عليہ السلام رکيائين.(1)

 

        بيبي هاجره کي پٽ ڄمڻ کان پوءِ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي ٻي بيبي ساران سهي نه سگهي. تنهنڪري حضرت ابراهيم عليہ السلام کي چيائين ته هاڻ ان جو گڏ رهڻ چڱو نه ٿيندو تون هاجره کي پٽ سوڌو ڪنهن بيابان ۾ ڇڏي اچ. حضرت ابراهيم عليہ السلام کي خدا تعاليٰ طرفان وحي ٿيو ته جيئن بيبي ساران چئي ٿي تيئن ڪر. لاچار حضرت ابراهيم عليہ السلام بيبي هاجره کي پٽ سوڌو اُٺ تي چاڙهي انهيءَ بيابان ۾ ڇڏي آيو، جتي هينئر مڪي معظمه جو شهر آهي. جتي انهيءَ زماني ۾ نه ڪا ساوڪ هئي ۽ نه پاڻي، بيبي هاجره پاڻيءَ لاءِ صفا ۽ مروه ٽڪرين وچ ۾ ڊوڙون پاتيون مگر پاڻي هٿ نه آيس. هوڏانهن حضرت اسماعيل عليہ السلام جنهن کي سمهاري ويئي هئي سو ننڊ مان جاڳي روئڻ ۽ کڙيون گهڙڻ لڳو. خدا جي قدرت سان ان جاءِ تي مٺي پاڻيءَ جو چسو پيدا ٿي ويو. جيڪو اڄ تائين ”آب زم زم“ جي نالي سان قائم آهي.

        مٿئين بياب بابت ڏور ڏجن ٿا.

[1]

ڪراڙ ڏونگر ڪه گهڻي، جت ڳائو نه وائو،

سسئيءَ کي تنهن سڃ ۾، پنهون پٽ ڄائو،

لٿو اونڌاهو، وهه واهه ٿي وڻڪار ۾.

 

سسئي = بيبي هاجره. پنهون = حضرت اسماعيل

عليہ السلام.

 

مراد: حضرت اسماعيل عليہ السلام جي ڄمڻ جي ڪري بيابان بدران گلزاريون ٿي ويون.

 

[2]

ڪوڏر نه ڪاتي، ڇا سين جبل ٽاڪيا،

حق ملاءِ هادي، ناحق گهوري ناهيان.

 

ڪوڏر ڪاتي = ناڙي وڍڻ لاءِ اوزار.

جبل = ناڙو.

 

مراد: حضرت اسماعيل عليہ السلام جڏهن رڻ ۾ پيدا ٿيو هو تڏهن اتي ڪوبه اهڙو اوزار نه هو جنهن سان ناڙو وڍجي.

 

[3]

مومل ۽ سومل، جنبي کوڙيون جوان،

نارين مان نر پيدا ڪيو، سائين رب سبحان،

”طاهر“ چئي تن جو، باري ٿيو بيان،

سالڪ سو سجان، جو ڏاهو ڳولي ڏور کي.

(محمد طاهر ٻٻر)

 

مومل سومل = کڙيون جي ناريون پڻ آهن.

نر = پاڻي. جواب = حضرت اسماعيل عليہ السلام

 

مراد: حضرت اسماعيل عليہ السلام ۽ سندس والده کي جڏهن مڪي جي واديءَ ۾ حضرت ابراهيم عليہ السلام اڪيلو ڇڏي ويو تڏهن حضرت اسماعيل عليہ السلام پاڻي لاءِ زمين تي کڙيون هنيون، جتان ان جي لاءِ قدرتي پاڻيءَ جو چشمو پيدا ٿيو.

 

[4]

منڌن مان ملوڪ ٿيا ها، غازيءَ وٽ ٻه گُلَ،

درڪار هئا دانهن کي، اُهيئي اَملَ،

اهڙا قرب ٿيا اڪمل، انهن سان ”الهه بخش“ چئي.

(الله بخش)

 

منڌون = پيرن جون کڙيون. ملوڪ ۽ گل = چشما.

غازي = حضرت اسماعيل عليہ السلام

 

مراد: حضرت اسماعيل عليہ السلام جي کڙين هڻڻ ڪري برپٽ ۾ ٻه چشما پيدا ٿي پيا جن جي حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ضرورت هئي.

 

(ب) شهر مڪه معظمه جو ٻڌجڻ:

        ”آب زم زم“ جي پيدا ٿيڻ ڪري بيبي هاجره تمام خوش گذاريندي هئي. وٽس کاڌي پيتي جو سڀ سامان ميسر هو. پاڻ ڪپڙي جي ڇانو ڪري حضرت اسماعيل عليہ السلام کي جهولي ۾ وجهي پنهنجي پروردگار جي پيئي ساراهه ڪندي هئي. آسپاس جا ماڻهو مال چارڻ جي خيال سان اتي اچي نڪتا ۽ بيابان ۾ پاڻي ڏسي خوش به ٿيا ۽ حيران به ٿيا. بيبي صاحبه کان حقيقت پڇيائون، جنهن کين چشمي پيدا ٿيڻ جو سارو ذڪر ٻڌايو. انهيءَ تي انهن ماڻهن بيبي صاحبه پاڻيءَ جي استعمال ڪرڻ جي اجازت گهري ۽ ان جي عيوض هر چوپائي مال مان هر سال ڏهن جي پويان هڪ يعني ڏهون حصو بيبي صاحبه کي ڏيڻ قبول ڪيو. بيبي صاحبه کين پاڻي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني. ڪجهه وقت کان پوءِ اتي آسپاس جا ماڻهو لڏي آيا ۽ پنهنجا گهر گهاٽ ٺاهي رهڻ لڳا.

        چون ٿا ته مڪو سوداگر پنهنجي قافلي سان اچي انهيءَ چشمي وٽان لانگهائو ٿيو ۽ پاڻي ڏسي قافلي کي روڪي بيبي صاحبه سان اچي مليو، خبر چار پڇي پاڻي جي استعمال ڪرڻ جي اجازت گهريائين، ان تي بيبي صاحبه حضرت اسماعيل عليہ السلام کان موڪل گهرڻ لاءِ چيس. سوداگر حضرت اسماعيل عليہ السلام کان اجازت گهري جنهن انهي شرط تي اجازت ڏني ته، پاڻي اهو ماڻهو استعمال ڪري جيڪو هت رهي. مڪي سوداگر اهو شرط قبول ڪيو ۽ پوءِ سڄي قافلي پاڻي واپرايو. جڏهن رات ٿي تڏهن هو قافلو قطاري راتو واهه ڀڄي نڪتو ۽ ساري رات پنڌ ڪندو رهيو. جڏهن صبح ٿيو، تڏهن پاڻ کي انهيءَ هنڌ تي ڏٺائين. اهڙي ريت ٽي راتيون هن ڪوشش ڪئي، مگر اُٺ به ان حد کان ٻاهر نڪري نه سگهيا ۽ ڦريو گهريو ساڳي جاءِ تي اچيو ٿي بيٺا. مڪي سوداگر اها حالت ڏسي وڃڻ جو خيال لاهي ڇڏيو ۽ اتي ئي شهر ٻڌي ويهي رهيو، جيڪو هينئر مڪه معظمه جي نالي سان سڏجي ٿو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[5]

منڌ پئي هئي مامري، وڏي ته ڪن ڪر ڳلن،

هٿ هڻي هوءِ نه سگهي، ڪڍيو ساهه سورن،

اٿلان پٿلان پيو ڪري، ٻوڙيائين پئي ٻيٽن،

ٻيڙو آين ٻاجهه ڀريو، اچي هنيو منهن مارڪن،

”والينا!“ اهي گوندر مَ گڏجن، آئي ته عجيب جي.

(واليڏنو حجام)

 

منڌ = بيبي هاجره. اٿلان پٿلان

ڪرڻ = زمين تي کڙيون هڻڻ.

ٻيڙو = مڪي سوداگر وارو قافلو.

 

مراد: حضرت اسماعيل عليہ السلام جي ڄمڻ تي ڇاڻي جي تنگي هئي، جنهن ڪري بيبي هاجره صفا ۽ مروه جي وچ ۾ پاڻي لاءِ ڊوڙون پاتيون. ايتري ۾ حضرت اسماعيل عليہ السلام جي کڙين هڻڻ سان پاڻيءَ جو چشمو پيدا ٿيو. ڪن ڏينهن بعد مڪو سوداگر اتي آيو ۽ پاڻي جي خاطر اتي ئي رهڻ جو واعدو ڪيائين. آخر مڪه معظمه شهر ٻڌي ويهي رهيو.

 

[6]

ساراهيان سچو ڌڻي، خالق خلقڻهار،

ماڙيچا ملڪ جا، هئا واپاري وينجهار،

سانگي سنڀري هليا، اُهي ڪاهي ڌڻ ڌنار،

کنوڻ ڏٺائون کنوندي، هڻي بادل ڪئي بهار،

وٺي وير، وسون ٿيون، سائين ڪيا سڪار،

چنئون وِيءَ وڏانجهرو، ٿيا سکيا سڀ سنگهار،

مهراڻي جي ”مري“ چئي، ٿين ساروڻي سنڀار،

پري پاس ڀٽن جي، ڪنِ مٿي تڙ تنوار،

اهي ويڙهيچا ولهار، خوش رهن ٿا کاهڙُ ۾.

(جاڙو خان مري)

 

ماڙيجا – مڪي وارو ساٿ.

ڌَڻ = اُٺن جي قطار. کنوڻ = بيبي هاجره،

حضرت اسماعيل عليہ السلام جي والده.

بادل = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

وير = حضرت اسماعيل عليہ السلام جي کڙِي.

هڻڻ سان زمين مان نڪتل پاڻي جو چشمو.

ويڙهيچا = مڪي وارو ساٿ.

کاهڙ = حضرت اسماعيل عليہ السلام جي

رهڻ واري جاءِ (مڪه معظمه) هو.

 

مراد: ڏسو مٿئين بيان ۾ مڪي سوداگر وارو احوال.

 

[7]

اُوتڙ پئي ٿي آئيا، مارو ڏسي ماڙ،

تن کي مير مينڌرا تڙان ڪين اُتاڙ،

پياري پر چاڙهه، جيڪي آسائو اٿئي آئيا.

 

مارو = مڪي سوداگر جو ساٿ. ماڙ = چشمو.

مينڌرو = حضرت اسماعيل عليہ السلام

آسائو = ساٿ وارا.

 

مراد: ڏسو مڪي سوداگر وارو بيان.

 

[8]

ڪلاچيءَ جي ڪُن تي، اچن ڪاهو ڪاهه،

اڳيان ٻانڌا ٻڌجي ويا، موٽيو اچن ملاح،

ڪري سڀ صلاح، پوءِ ونجهه کوڙي ويهي رهيا.

 

ڪُن = حضرت اسماعيل عليہ السلام وارو چشمو.

ملاح = مڪي سوداگر جو ساٿ.

 

مراد: ڏسو مڪي سوداگر وارو احوال.

 

[9]

سانگي هليا سانگ تي، مارو مال ڪاهي،

هنن وڃڻ ڪاڻ وس ڪيا، هن ڇڏيا هِن راهي،

پوءِ ڏنئين ملڪ وسائي، ته سانگي رهي پيا سانگ تي.

(الله ڏنو جسڪاڻي)

 

سانگي = مڪي سوداگر جي ساٿ وارا.

هُن = حضرت اسماعيل عليہ السلام ڏانهن اشارو.

 

مراد: ڏسو مڪي سوداگر وارو احوال.

 

[10]

ٻيجل ٻولي ڪري، اُسهيو هي اورنگ،

ڪين ملهايو هو منگتي، نمڪ سندو ننگ،

ڪيائين جهد ”جلال“ چئي، دانهن لڌو نه دنگ،

پوءِ ڏسي راجا سندو رنگ، تيلاهون تابعدار ٿيو.

(جلال ڀٽي)

 

ٻيجل = مڪو سوداگر، نمڪ = چشمي جو پاڻي.

راجا = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

 

مراد: مڪي سوداگر جڏهن چشمي تي اچي پاڻي گهريو، تڏهن بيبي هاجره چيس ته پاڻي معصوم (حضرت اسماعيل عليہ السلام) جو آهي، ان کان اجازت گهر، جا هن انهيءَ شرط سان ڏني ته هتي شهر ٻڌي ويهن. مڪي سوداگر شرط قبول ڪري پاڻي ڪم آندو، پر پوءِ راتو رات ساٿ وارا وٺي ڀڳا، جڏهن صبح جو ڏسن ته بيٺا آهيون،. تڏهن لاچار شهر ٻڌي ويهي رهيا.

 

[11]

اُٺ نه پهري وڳ سان، وڃي تان نه پري،

پکي ڄام پنهون جي، مٿي ڳاٽ ڌري،

سو وڃي ڪيئن پري؟ جنهن کي جهوري جت جڏو ڪيو.

 

پکو = چشمو. پنهون = حضرت اسماعيل

عليہ السلام. سر = مڪي سوداگر ڏانهن اشارو.

جت = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

 

مراد: مڪو سوداگر قافلو ڪاهي آيو، جڏهن چشمي تان پاڻي پي هلڻ جي ڪيائون، ته اُٺَ ڦري گهري اتي موٽي آيا، تڏهن مڪو شهر ٻڌي ويهي رهيو.

 

[12]

مستري موٽر جي، ڪري وڌي آهي ڪل ڪچي،

هن جا برج بيهي رهيا، ويس اسڪرو اچي،

هنڊل هلن ئي ڪينڪي، سي ڪوڙا ٿيا ڪٽجي،

اٿئي ڳالهه سچي، ڏاها! ڳول تون ڏور کي.

 

مستري = مڪو سوداگر. موٽر = قافلو.

ڪل ڪچي جڪرڻ = انجام کان ڦرڻ.

برج = اُٺ.

 

مراد: مڪي سوداگر چشمي مان پاڻي پي، راتورات ڀڄي وڃڻ جو خيال ڪيو. مگر سندس قافلو ڦري گهري ساڳي جاءِ تي ٿي آيو. اها حالت ڏسي نيٺ اتي شهر ٻڌي ويهي رهيو.

(ج) حضرت اسماعيل جو ذبح ٿيڻ:

        حضرت ابراهيم عليہ السلام بيبي هاجره کي بيابان ۾ ڇڏي، پاڻ اچي بيت المقدس ۾ خدا جي عبادت ۾ مشغول رهيو. هوڏانهن بيبي هاجره الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ سوال ڪندي رهي ته ڪڏهن حضرت ابراهيم عليہ السلام اچي ڪو ڀيرو ڪري وڃي. آخر ٻارهن سالن کان پوءِ هڪ رات حضرت ابراهيم عليہ السلام کي خواب ۾ الهام ٿيو ته: اي ابراهيم! اٿي قرباني ڪر. حضرت ابراهيم عليہ السلام صبح جو اُٺ قربان ڪيا. ٻيءَ رات به آواز آيو ته وري به اُٺ قربان ڪيائين، پر ٽينءَ رات به آواز آيو ته: اي ابراهيم! تنهنجي اها قرباني قبول نه آهي، پر پنهنجو پٽ خدا جي رضامندي خاطر قربان ڪر.

        چون ٿا ته حضرت ابراهيم عليہ السلام بيبيءَ هاجره وٽ آيو ۽ ساڻس خواب جو ذڪر ڪري کانئس پٽ قربان ڪرڻ جي اجازت گهري، بيبي صاحبه نه رڳو خوشيءَ سان اجازت ڏني، پر سندس اچڻ تي گهڻي خوش ٿي. پوءِ حضرت ابراهيم عليہ السلام. حضرت اسماعيل عليہ السلام کي قربان گاهه ڏانهن وٺي روانو ٿيو ته بيبي هاجره خدا جي درگاهه ۾ هن جي ثابت قدمي لاءِ دعا گهري.

        چون ٿا ته حضرت اسماعيل عليہ السلام پنهنجي والد سان گڏ جيئن قربان گاهه ڏانهن پئي ويو ته ان کي شيطان اچي چيو ته، خبر اٿئي ته تنهنجو والد توکي ڪهڻ لاءِ هار سينگار ڪرايو وٺيو پيو وڃي؟ تڏهن حضرت اسماعيل عليہ السلام پڇيس ته اها صلاح ڪنهن ڏني اٿس؟ شيطان جواب ڏنو ته خدا جو حڪم ٿيو اٿس. ان تي حضرت اسماعيل عليہ السلام چيس ته جي خدا جو حڪم آهي ته هيءُ هو سر ته ڇا پر ان جي نالي تي سؤ سِر هجن ته به صدقو، ڪريان! اهو جواب ٻڌي شيطان شرمندو ٿي هليو ويو.

        حضرت ابراهيم عليہ السلام پنهنجي فرزند کي منهن ڀر ليٽائي ذبح ڪرڻ تي هو ته خيال آيس ته پٽ کي ذبح ڪرڻ ۾ متان هٻڪ، تڏهن اکيون ٻڌي ڪاتي وهائڻ لاءِ تيار ٿيو ته وري ڪاتي وڍڻ جو ڪم نه ۽ خدا جي حڪم سان اُبتي وهڻ لڳي.

        ان وقت الله تعاليٰ جبرئيل هٿان هڪ بهشتي گهيٽو موڪليو جو هن حضرت ابراهيم عليہ السلام جي اڳيان آڻي جهليو ته حضرت اسماعيل عليہ السلام جي بدران اهو گهيٽو ذبح ٿي ويو. حضرت ابراهيم عليہ السلام سير وجهڻ بعد ڪست مان ڪاتي وٺي اڇلي جنهن آسمان ۾ مڪڙ ۽ درياهه ۾ مڇي وڃي حلال ڪئي. پوءِ اکيون کوليائين ته حضرت اسماعيل عليہ السلام جي بدران گهيٽو ذبح ٿيل ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. ان وقت کيس الهام ٿيو ته اي ابراهيم! تنهنجي قرباني قبول ٿي، تڏهن رب تعاليٰ جو شڪر بجاءِ آندائين ۽ حضرت اسماعيل عليہ السلام گهيٽي جو گوشت بيبي هاجره کي آڻي ڏنو جنهن زمين ۾ پوري ڇڏيو. جنهن جي نشاني اڄ ڏينهن تائين ’کنڀي‘ جي صورت ۾ موجود آهي.

 

[13]

نڪو اير نڪو ڀير، نڪو اوٺي آئيو،

ماروئڙا ته ملير ۾، واري ويٺم وير،

ڪل لهندم ڪير، مارن ريءَ ملير ۾.

 

ماروئڙا = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

لهندم = بيبي هاجره ڏانهن اشارو.

ملير = رڻ پٽ.

 

مراد: بيبي حاجره کي حضرت ابراهيم عليہ السلام رڻ پٽ ۾ اڪيلو ڇڏي هليو ويو. جدائيءَ جي وقت ۾ بيبي صاحبه چيو ته هاڻي هتي ڪير منهنجي سار سنڀال لهندو؟.

 

[14]

اڄ پڻ ريڌم واءُ، آيم رات سهاڳ جي،

مڻيو مون وٽ اڳهين هو، پر املهه ڪيو اُهاءُ،

درکا دل مٿانءُ، ليلان جي لهي ويا.

 

راءُ = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

مڻيو = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

املهه = حضرت ابراهيم عليہ السلام جي آمد.

ليلان = بيبي هاجره.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام، بيبي هاجره کي بيابان ۾ ڇڏي هليو ويو هو ۽ جڏهن وري حضرت اسماعيل عليہ السلام جي قربانيءَ لاءِ اتي آيو ته بيبي صاحبه چيو ته اسماعيل مون وٽ موجود هو، پر حضرت ابراهيم عليہ السلام جي اچڻ کان پوءِ منهنجا درد ڏک سڀ لهي ويا.

 

[15]

ڀلي آئين ڀلا پرين، تون ڀلي آئين ڪانڌ!

تو آئي کپراڻا پاند، نرمل! نينهن نوان ٿيا.

 

ڪانڌ = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

 

مراد: جڏهن حضرت ابراهيم عليہ السلام، بيبي هاجره وٽ خواب جي حقيقت ٻڌائڻ لاءِ آيو، تڏهن بيبي گهڻو خوش ٿي ۽ حضرت جن جي مرحبا ڪئي.

 

[16]

جيءُ آئين ڀلي ائين، محب مٺا منٺار!

اکيون مان اوچڻ ڪيان، پٿر وڇايان وار،

سونهن ڀريا سردار! توتان سؤ سر صدقي ڪيان.

 

منٺار = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

اکيون = بيبي هاجره ڏانهن اشارو.

 

مراد: جڏهن حضرت ابراهيم عليہ السلام خواب لهڻ ۽ پنهنجي فرزند حضرت اسماعيل عليہ السلام جي قرباني ڏيڻ جو ذڪر بيبي هاجره کي ٻڌائي، کانئس اجازت وٺڻ آيو تڏهن بيبي صاحبه نه رڳو سندس مرحبا ڪئي، پر کيس خوشيءَ سان پنهنجي فرزند حضرت اسماعيل عليہ السلام کي قربان ڪرڻ جي اجازت ڏني.

 

[17]

قاصد! تون ڪهي، وڃ سگهو سڄڻ وٽ،

سوکڙي اها ساڻيهه جي، نيئي اڳيؤن ساجن سٽ،

متان ٿئي گهٽ، مطلب تنهن محبوب جو.

 

قاصد = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

سڄڻ = ڌڻي تعالي. سوکڙي = حضرت

اسماعيل عليہ السلام. ساڻيهه = عالم ارواح

(اصل وطن). ساجن = ڌڻي تعاليٰ.

محبوب = ڌڻي تعاليٰ.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام، جهڙو صابر هو اهڙو ئي سندس فرمانبدار فرزند حضرت اسماعيل عليہ السلام، ثابت قدم ٿيو. مگر بيبي هاجره جهڙي عورت جا رضا تي راضي ٿي ۽ جنهن خوشيءَ سان فرزند جي قرباني جي اجازت ڏني، اهڙي عورت مشڪل ملندي.

 

[20]

وڪامان ته ڀلک وڪڻي ڇڏي، اهو خان وڃي خرچي،

سؤ دفعا صدقو ٿيان، جي پرين مون سان پرچي،

جي سوڍو مون سان سرچي، ته ڏينم ملائڪ مڙئي مبارڪون.

 

آءٌ = حضرت اسماعيل عليہ السلام ڏانهن اشارو.

خان = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

پرين ۽ سوڍو = الله تعاليٰ

 

مراد: شيطان جي برغلائڻ تي حضرت اسماعيل عليہ السلام کيس چيو ته، خدا جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ مون وٽ سؤ سِرَ هجن ته قربان ڪريان. منهنجي قرباني تي ملائڪ به خوش ٿي مبارڪون ڏيندا.

 

[21]

عمر کنئي آ مارئي، ضبط ڪري زورو،

کٿا جوڙيئي ڪيترا، هاڻ ماڻ هاتڪ هندورو.

 

عمر = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

مارئي = ڪاتي. کٿا = جانور.

هندرو = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام ڪاتي کڻي کيس چيو ته تو گهڻيئي جانور ڪٺا آهن، هاڻ حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ذبح ڪري سرخرو ٿيءُ.

 

[22]

وٺج راهه رسول جي، ٻيا ڀولا ڇڏي ڀڄ،

ستي چيئينس سيج تي، اُٿي ڪامل ڪج،

هن به پنهنجي پڄاڻي ڪئي، جيتر اڀريو چوٿون سج،

سومري چيو سوڍي کي، تون ڪو ڏاج ڀليرو ڏج،

موتي ڏنئي مهريءُ کي هيءَ ناتر اٿئي نِج،

ڪامڻ قبوليو ڪينڪي، هو ته دودن سندو ٻج،

هاڻ ته سمو ڄام سهج، ڪندو امت تي ”احمد“ چئي.

(احمد خان مري)

 

سومرو = الله تعالي. سوڍو = حضرت ابراهيم

عليہ السلام. ڏاج = قرباني، خير.

موتي = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

ناتر = ڪاتي. ڪامڻ = ڪاتي.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام کي ستي خواب ۾ اشارو ٿيو ته ڪا قرباني ڏي. پوءِ حضرت اسماعيل عليہ السلام کي وٺي ڪعبي ۾ ويو. اتي ڪاتي وهايئينس ته ڪاتي ڪانه وهي، ان تي حضرت ابراهيم عليہ السلام چيس ته جانور ته جهٽ ڪهين ٿي، باقي هن تي ڇو نه ٿي وهين؟ ڪاتيءَ جواب ڏنو ته آءٌ بيوس آهيان، جو الله تعاليٰ جو حڪم ائين آهي.

 

[23]

سج لهي سانجهي ٿي، ٻانگي ڏني ٻانگ،

ٻانڪي تنهن براق تي، لعل ورائي لانگ،

پوءِ ڪنهن سٽاڻي سانگ، پرين! پرتين رب کي.

 

ٻانگو = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

ٻانگ = تڪبير. براق = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

لانگ ورائڻ = ڪهڻ لاءِ تيار ٿيڻ.

مراد: جنهن مهل حضرت ابراهيم عليہ السلام، حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ڪٺو ٿي، ان وقت هن جي اکين اڳيان اوندهه ٿي ويئي. الله اڪبر چئي تڪبير وجهڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ پٽ کي چيائين ته حڪم رب تعاليٰ جو آهي، توکي ان جي حوالي ڪريان ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org