سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :5

[21]

هئي نه سانگياڻي سانگياڻين جهڙي، پر ويس اَجاري عمر

ڀلي پئي ڀتار سان، اها ڪامڻ کڻي ڪر،

تڏهن ٿيو اٿس نالو نشانبر، ڏينهن ۾ ”ڏيرو“ چئي.

(محمد فقير ڏيرو)

 

سانگياڻي = اشهد آکر. عمر = نبي ﷺ جو

نور، ڀتار = هرهڪ نمازي

 

مراد: الله تعاليٰ اشد آڱر ۾ نور ظاهر ڪيو تڏهن هو ٻين سڀني کان عزت واري ٿي پئي. اڄ ڏينهن تائين هر هڪ نمازي، نماز ۾ به اشهد آڱر اُڀي ڪندو آهي.

 

[22]

خالق جو وڻ خلقيو، تنهنجو ري پاڻيءَ پاڙون،

نڪي سڪو سج تي، نڪي ڪوماڻو،

اهو وڻ ساماڻو، جنهن ري ڦلن ڦرُ جهليو.

 

وڻ = حضرت آدم. ڦر = بيبي حوا.

 

مراد: حضرت آدم عليہ السلام کي قدرت پيدا ڪيو ۽ سندس ڪک مان بيبي حوا پيدا ٿي.

 

[23]

اوهه بنا اُٺ ويائو، کير بنا توڏي پلي،

ٻچ بنا پوک سائي، هرجاءِ ٿي واڌائي.

 

اُٺ = حضرت آدم. توڏي = بي بي حوا

پوک = بيبي مريم.

 

مراد: حضرت آدم عليہ السلام کي جڏهن اڪيلائي ۾ مونجهارو ٿيو تڏهن الله تعاليٰ پنهنجي قدرت سان ننڊ جي حالت ۾ سندس کٻيءَ ڪک مان بيبي حوا کي پيدا ڪيو ۽ بيبي مريم کي وري شادي ڪرڻ کان سواءِ حضرت عيسيٰ سرجيو.

 

[24]

نڪو پيءُ پنهونءَ جو، نڪي سسئيءَ سيڻ،

هئس سڳي ڀيڻ، پر امر کڻي عورت ڪئي.

 

پنهون = حضرت آدم. سسئي = بيبي حوا

هار = سجدو.

مراد: حضرت آدم عليہ السلام کي الله تعاليءَ مٽيءَ جي مٺ مان پيدا ڪيو ۽ بيبي حوا کي سندس ڏائي ڪک مان پيدا ڪيائين، جا اصولاً ڀيڻ مثل هئي. پر اها ساڳي ڀيڻ الله تعاليٰ جي امر سان حصرت آدم جي زال ٿي.

 

(ب) حضرت آدم ۽ بيبي حوا جو بهشت مان نڪرڻ:

        شيطان جي بهشت مان تڙجي نڪرڻ جو سبب حضرت آدم عليہ السلام هو، جنهن کي سجدو نه ڪيو هئائين.

تنهنڪري آدم کان انهيءَ وير وٺڻ جو ارادو ڪري، آسمان جا ستئي طبق لنگهي اچي بهشت جي دروازي تي بيٺو. بهشت جا دروازا بند هئا. اتفاق سان ان وقت مور، جو بهشت جو چوڪيدار هو، سو ٻاهر آيو. شيطان کي دروازي تي بيٺل ڏسي پڇيائينس ته: ڪير اهي ۽ ڇو ويٺو آهين؟ ان تي شيطان ورندي ڏني ته: آءٌ ملائڪ آهيان ۽ بهشت جي وڻن ڏسڻ جي خواهش ٿي اٿم، تنهنڪري مون کي بهشت ۾ وڃڻ ڏي! مور سندس ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري چيس ته: مون کي رب پاڪ جو امر ڪونهي. ان تي شيطان کيس چيو ته: مون کي موڪل ڏيندين ته آءٌ توکي ٽن شين جي دعا سيکاريندس. پهرئين سدائين حيات رهڻ جي. ٻي سهڻي ۽ صفا ٿيڻ جي ۽ ٽي جسم هميشه طاقتور رهڻ جي. اها ڳالهه ٻڌي مور وري نانگ سان صلاح ڪئي ۽ کيس شيطان جي ڳالهين کان واقف ڪيو. پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي شيطان وٽ آيا. شيطان، نانگ سان به ساڳي حقيقت ڪري بهشت ۾ گهڙڻ جي اجازت گهري، مگر نانگ به ڌڻي تعاليٰ جي ڏمر کان ڊڄي انڪار ڪيو. پر پوءِ ٻئي شيطان جي ڳالهين تي ڀنڀلجي، کيس بهشت ۾ وٺي وڃڻ تي راضي ٿيا. شيطان نانگ کي اٽڪل ٻڌائي ته: تون پنهنجو وات پٽ تي آءٌ ان ۾ ٿي ويهان. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجا قدم بهشت ۾ رکي نه سگهندس. پوءِ نانگ شيطان کي وات ۾ ويهاري بهشت ۾ وٺي ويو، جتي هن نانگ کان ’منع ٿيل وڻ‘ جي پڇا ڪئي ۽ اتي آيو. پوءِ پير مرد جي شڪل بنائي، مڪر ڪري وٺي رُنو، روئڻ جي آواز تي بهشت جون حورون ۽ غلمان اچي گڏ ٿيا. بيبي حوا به اتي آئي ۽ حورن کان هن جي روئڻ جو سبب پڇيائين. جيئن ته حورن کي پڻ خبر نه هئي، تن وري نانگ ڏانهن اشارو ڪيو. بيبي حوا، نانگ ڏانهن ڏٺو جنهن جي وات ۾ هڪ پريي مڙس جي شڪل ڏسڻ ۾ آيس ۽ ان کان روئڻ جو سبب پڇيائين. ان تي شيطان کيس چيو ته: منهنجو روئڻ فقط اوهان جي لاءِ آهي. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ هن وڻ جي داڻي کائڻ جي منع انهيءَ ڪري ڪئي آهي ته متان توهين داڻو کائي ملائڪ بنجي وڃو ۽ سدائين بهشت ۾ رهو. الله تعاليٰ توهان کي فقط ٿوري عرصي لاءِ بهشت ۾ رهائي وري ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو. شيطان جي اها ڳالهه ٻڌي بيبي حوا کي وسوسو به ٿيو مگر وري خاطري ڪرڻ لاءِ شيطان کان قسم سنهن ورتائين، جنهن ڪوڙا قسم کڻي بيبي حوا کي خاطري ڏني.

        شيطان جي خاطري ڏيڻ تي بيبي حوا ان منع ٿيل وڻ مان ٽي داڻا پٽيا، جن مان هڪ داڻو پاڻ کاڌائين ۽ ٻه ڌاڻا کڻي حضرت آدم عليہ السلام وٽ آئي ۽ کيس آندل داڻن کائڻ لاءِ چيائين. پهريائين ته حضرت آدم عليہ السلام کائڻ کان صاف انڪار ڪيو. مگر بيبي حوا خمر جو پيالو پياري کيس داڻو کارائي ڇڏيو. داڻي کائڻ سان حضرت آدم عليہ السلام جي جسم تي جي نوراني ويس پهريل هئا، سي لهي ويا. اها حالت ڏسي کين الله جي فرمان ڀڃڻ ڪري اچي ڊپ ٿيو ۽ پاڻ کي اُگهاڙو سمجهي وڻن جي پنن سان ڍڪڻ لڳا. ايتري ۾ الله تعاليٰ جو آواز آيو ته: اي آدم! مون توهان کي منع ڪئي هئي نه انهيءَ وڻ جو داڻو نه کائجو ۽ شيطان جي چئي تي نه لڳجو، مگر توهان انهن ڳالهين ڏانهن ڪوبه خيال نه ڏنو، هاڻي توهين بهشت مان نڪري، زمين تي وڃي رهو. اهو آواز ٻڌي حضرت آدم عليہ السلام گهڻوئي روئي پڇتايو ۽ خدا جي دربار ۾ ٻاڏائڻ لڳو، مگر الله تعاليٰ، جبرائيل کي حڪم ڏنو ته: پنجن ئي ڄڻن حضرت آدم عليہ السلام، حوا، مور، نانگ ۽ ابليس کي بهشت مان ڪڍي زمين تي لاٿو وڃي. جنهن تي جبرائيل پنجن ئي ڄڻن کي بهشت مان ڪڍيو حضرت آدم عليہ السلام کي سرانديپ ۽ بيبي حوا کي جدي ۾ لاٿائين.

        چون ٿا ته بهشت مان نڪرڻ کان پوءِ ٻئي ڄڻا زار زار رنا. هڪٻئي جي وڇوڙي سبب ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ سيطان تي ڏک ڏوراپا ڪرڻ لڳا، ۽ ان جي چوڻ تي لڳڻ ڪري پاڻ تي ملامت داڻي کائڻ جي ڪندا رهيا.

        چون ٿا ته بهشت جي دروازي مان نڪرڻ وقت حضرت آدم عليہ السلام دروازي تي ڪلمو لکيل ڏٺو هو، جو ياد ڪيائين ۽ زمين تي لهڻ کان پوءِ ڪلمي جو ورد ڪندو رهيو ۽ ڌڻي جي در معافي لاءِ ٻاڏائيندو رهيو.

        اهڙيءَ ريت کيس چاليهه سال گذري ويا. نيٺ الله تعاليٰ جي حڪم سان جبرائيل وري حضرت آدم عليہ السلام وٽ آيو ۽ کيس ڪعبةالله شريف ڏانهن وڃي حج ڪرڻ لاءِ چيائين. حضرت آدم عليہ السلام سرانديپ مان هلي بيت الله شريف ۾ حج لاءِ آيو. خدا جي قدرت سان بيبي حوا به حج جي ارادي سان جدي مان هلي بيت الله شريف ڏانهن پئي آئي ته حضرت آدم عليہ السلام کيس ڏسي ورتو ۽ ٻنهي ڄڻن جي عرفات جي ميدان تي ملاقات ٿي. ٻئي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ خدا جي دربار مان معافي گهرڻ لڳا.

        چون ٿا ته ان گڏجاڻي بعد جبرئيل حضرت آدم عليہ السلام ۽ بيبي حوا جو نڪاح پڙهيو(1) جنهن وقت جبرئيل حضرت آدم عليہ السلام کي حق مهر ڏيڻ لاءِ چيو ته ان وقت هو منجهي پيو، چيائين ته ڇا ڏيان؟ ايتري ۾ آواز ٿيس ته حضور ﷺ جن تي درود پڙهه، جي پڙهائين ۽ بيبي حوا به درود شريف حق مهر ۾ قبول ڪيا. ان بعد ٻئي گڏجي وڇوڙي واري وقت جو حال احوال اورڻ ۽ خوشي ڪرڻ لڳا.

        چون ٿا ته زمين تي رهڻ ڪري حضرت آدم عليہ السلام کي باهه جي ضرورت ٿي ۽ الله تعاليٰ کي ان متعلق سوال ڪيائين. الله تعاليٰ هڪڙي ملائڪ کي حڪم ڪيو ته دوزخ مان باهه جي هڪ چڻنگ کڻي، ستر هزار دفعا پاڻي مان ڌوئي وڃي جبل تي رکي اچ. ملائڪ دوزخ مان چڻنگ کڻي ڌوئي اچي جبل تي رکي ته ان مان آرپار هلي وڃي ڌرتي ۾ داخل ٿي ۽ باقي فقط سندس دونهين جو اثر رهجي ويو، اهو ئي سبب آهي جو پٿر کي ٻئي پٿر سان گهڻ ڪري باهه پيدا ٿئي ٿي.

        جڏهن حضرت آدم عليہ السلام جي وفات جو وقت آيو ۽ عزرائيل ’روح‘ کي سندس ڪيل واعدو ياد ڏياريو جو بوتي ۾ داخل ٿيڻ وقت ڪيو هئائين. تڏهن ’روح‘ بوتي مان نڪرڻ جي نه پئي ڪئي، مگر خدائي حڪم موجب روح کي حضرت آدم عليہ السلام جي بوتي مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ حضرت آدم هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪيو.

        چون ٿا ته حضرت آدم عليہ السلام جي لاڏاڻي جو ٻڌي شيطان دل ۾ خيال ڪيو ته شروع ۾ مٽيءَ کي سجدو نه ڪرڻ ڪري تڙجي ويس، هاڻي ڇو نه جنازي نماز وقت ساڳي مٽيءَ کي سجدو ڪريان، من الله تعاليٰ اهو سجدو قبول ڪري کڻي معافي ڏئي. مگر الله تعاليٰ ملائڪن کي حڪم ڪيو ته جنازي نماز وقت سڀ سوڙها ٿي بيهي نماز ادا ڪجو. ملائڪن الله تعاليٰ جي حڪم موجب نماز ادا ڪئي. جنهنڪري شيطان کي سجدي ڪرڻ جو موقعو ملي نه سگهيو ۽ نااميد ٿي واپس هليو ويو. پوءِ حضرت آدم عليہ السلام جي لاش مبارڪ سان ملائڪ ڪانڌي ٿيا ۽ حورن هنج ۾ کڻي بهشت ۾ آندس، جتي قيامت تائين رهندو.

 

[25]

ٻيون سڀ ستڙئون، هوٰ اَوتڙئون آئي،

اصل تار ترڻ جي، هيس وات نه وائي،

ڪري ٻور ٻيائي، ڪيائين مهڻي هاب ميهار کي.

 

ستر = ماءُ جو پيٽ. هوءَ = بيبي حوا ڏانهن اشارو

اوتڙ = ڪُک، تار ترڻ جي وائي نه هئڻ = بهشت

کي ڇڏڻ جو ارادو نه هئڻ، ٻيائي- داڻي کائڻ ڏانهن اشارو.

ميهار = حضرت آدم عليہ السلام.

 

مراد: بيبي حوا ۽ حضرت آدم عليہ السلام جي ڪُک مان پيدا ٿي ۽ سندس نڪاح ۾ اچي بهشت ۾ رهي. جيتوڻيڪ کين بهشت مان نڪرڻ جو ڪوبه ارادو نه هو، مگر بيبي حوا جي چوڻ تي منع ٿيل داڻي کائڻ سبب حضرت آدم عليہ السلام به مياري ٿي پيو ۽ ٻئي ڄڻا بهشت مان ڪڍيا ويا.

 

[26]

وير وٺڻ آئيو، رکي قلب ۾ ڪُلفت،

اچي سر ٻڌايائين سوڍيءَ کي، ورتي منڌ سا مصلحت،

 

رضا ريءَ راڻي جي ڪئي اڳرائي عورت،

سوڍي کي به وڌائي سورن ۾، پاڻ به رُني ڦڙا رَت،

مينڌري پنهنجي من ۾، ڪئي دانهن دريافت،

جو ڏٺائين رنگ ”ڏيرو“ چئي، اول امانت،

ٿيو تائبگير تنهن جو، ڪئي وير گهڻي وحدت،

انهيءَ مير سندي محبت، معافي مليس ”محمد“ چئي.

(محمد فقير ڏيرو)

 

آئيو = شيطان ڏانهن اشارو. سوڍي = بيبي حوا.

راڻو = حضرت آدم عليہ السلام

رنگ = بهشت جي دروازي تي لکيڪ ڪلمو

 

مراد: شيطان جڏهن تڙجي نڪتو، مٿس لعنت پئي، تڏهن هن سمجهيو ته اهو فقط حضرت آدم عليہ السلام جي خلقجڻ سبب ٿيو آهي. تنهنڪري آدم عليہ السلام کي وير وڍڻ لاءِ مور ۽ نانگ سان صلاح ڪري بهشت ۾ آيو ۽ اچي بيبي حوا کي برغلايائين. بيبي حوا ڀنڀلجي ميوو کاڌو ۽ سندس چوڻ ڪري حضرت آدم عليہ السلام به ميوو کاڌو. پوءِ ٻئي ڄڻا بهشت کان تڙجي نڪتا. حضرت آدم عليہ السلام کي ڏاڍو افسوس ٿيو. بهشت جي در تي جو ڪلمو لکيل ڏٺو هئائين، رات ڏينهن ان جو ورد ڪرڻ لڳو ۽ خدا کي ستائڻ لڳو ته: ”محمد“ جي صدقي مون کي گناهه بخش ڪر. انهيءَ نالي جي ئي صدقي معافي مليس.

 

[27]

 

جاجڪ جهوناڳڙهه ۾، آيو ڪهي اندر ڪوٽ،

جيڪا رٿا هيس روح ۾، سا پوري ڪيائين پالوٽ،

ڪهل نه پيس ”ڪاسائي“ چئي، مڙي نه ڪيائين موٽ،

چنگ وڄائي چوٽ، موهيائين تنهن کي تار سان.

(ڪاسائي)

 

جاجڪ = عزازيل. جهوناڳڙهه = بهشت.

رٿا = حضرت آدم عليہ السلام کي بهشت مان

ڪڍڻ جو ارادو. تنهن کي = بيبي حوا ڏانهن اشارو

تار = داڻي کائڻ واري ڳالهه

 

مراد: شيطان، حضرت آدم عليہ السلام ۽ بيبي حوا کي بهشت مان تڙائڻ جي خيال سان بهشت ۾ ويو ۽ بيبي حوا کي برغلائي منع ٿيل داڻو کارايو. ان وري حضرت آدم عليہ السلام کي کارايو، جنهن ڪري ٻئي ڄڻا بهشت مان تڙجي ويا ۽ شيطان جي من جي مراد پوري ٿي.

 

[28]

آڻي بيهاريائين اوڏڙا، ماڳهين ڪري معتبر،

تني منجهان هڪڙي، ڪئي کرائي کر،

کڙا ٿيس پاد، ڏينهن اُنهيءَ ”ڏيرو“ چئي.

(محمد فقير ڏيرو)

 

معتبر = نانگ ۽ مور. هڪڙو = ناڪگ.

 

مراد: جڏهن شيطان، حضرت آدم عليہ السلام کان وير وٺڻ جو ارادو ڪيو، ۽ جنت جي دربانن نانگ ۽ مور سان صلاح ڪيائين، تڏهن مور انڪار ڪيو. باقي نانگ ان سان صلاح ۾ ٿي، شيطان کي وات ۾ ويهاري وڃي اندر بهشت ۾ ڇڏيو. نانگ خدا جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي، ان ڏينهن کان وٺي ان تي موچڙن جي مار آهي.

 

[29]

الله ٻيڙا پار، گهڙيو هڪ ته نڪتا چار.

 

هڪ = شيطان ڏانهن اشارو.

چار = حضرت آدم عليہ السلام، بي بي حوا،

مور ۽ نانگ ڏانهن اشارو.

 

مراد: شيطان بيبي حوا ۽ حضرت آدم عليہ السلام کي بهشت مان ڪڍائڻ لاءِ مور ۽ نانگ سان صلاح ڪري اندر بهشت ۾ ويو مگر قدرت وري هڪڙي شيطان جي ڪري ٻين چئن يعني حضرت آدم عليہ السلام، بيبي حوا، مور ۽ نانگ کي به بهشت مان تڙي ڪڍيو.

 

[30]

ڏير ڏمرجي هليا، سسئيءَ جا سرواڻ،

هين پريت پنهون سان، جئن موج ڪري مهراڻ،

سي ڪيچي ڪاوڙجي هليا، ڀاڳيا ڇڏي ڀاڻ،

هئا ته سرت سڄاڻ، پر رسي ويا ”راڄڙ“ چئي.

(راڄڙ)

 

ڏير = نوراني ويس. سسئي = بيبي حوا

پنهون = حضرت آدم عليہ السلام

ڀاڻ = جسم

 

مراد: حضرت آدم عليہ السلام ۽ بيبي حوا جڏهن منع ٿيل داڻو کاڌو تڏهن ننگا ٿي پيا ۽ جيڪي نوراني ويس پهريل هئن سي هڪدم جسم کان جدا ٿي ويا.

 

[31]

ڪڻ ڇنندي ڪاڻ، پييم پهنوار سان،
سال سڪان ٿي سومرا! مارُو جي منهن ڪاڻ،

اتي ”عبداللطيف“ چئي، رُنو سڀ رهاڻ،

ان هيڻائي هاڻ، منهن مٿانهون نه کڻان.

(شاهه)

 

ڪڻ ڇنڻ = ڪڻڪ جو داڻو کائڻ.

سومرو = الله تعاليٰ. مارو = حضرت آدم

عليہ السلام. رهاڻ = انجير جو وڻ، مور.

 

مراد: بيبي حوا جڏهن داڻو کاڌو تڏهن جنت مان نڪرڻ جو حڪم ٿيو، بيبي حوا ۽ حضرت آدم عليہ السلام سان گڏ انجير جو وڻ، مور، نانگ ۽ شيطان سڀئي هيٺ لٿا.

 

[32]

عمر ڪيو هو مارئي سان، اهو سخن سچار،

ڪڏهن ڇڏيندئي ڪينڪي، تون آهين ايلپنوهار،

هڻي مارئي تي ميار، پر پارس وسائي پاڻ تي.

 

عمر = حضرت آدم. مارئي = بيبي حوا.

پارس = حضرت آدم.

  

مراد: بيبي حوا جڏهن منع ٿيل داڻو کاڌو ۽ حضرت آدم عليہ السلام کي به کائڻ لاءِ چيائين، تڏهن حضرت آدم عليہ السلام چيو ته انهيءَ ڏوهه ڪرڻ تي الله تعاليٰ توکي بهشت ۾ هرگز ڪين ڇڏيو. جيتوڻيڪ اهو قصور صرف بيبي حوا جو هو، مگر حضرت آدم عليہ السلام به اهو داڻو کائي بيبي حوا سان شريڪ ٿيو ۽ ٻئي بهشت مان گڏجي نڪتا.

 

[33]

اديون!ٰ ٿيس اڻڄاڻ، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو،

هوند نه سٺيم هيتري، ڪوهيارل جي ڪاڻ،

رتيءَ جي رهاڻ، جيءَ اڙايم جت سان.

(شاهه)

 

مون – بيبي حوا ڏي اشارو.

ڪوهيارل – حضرت آدم.

رتيءَ جي رهاڻ – بهشتي ڪچهري.

 

مراد: بيبي حوا بهشت مان نڪرڻ کان پوءِ چيو ته جيڪڏهن شيطان جي چئي لڳي اها غلطي نه ڪريان ها ته هوند حضرت آدم عليہ السلام اڳيان ڪانياري ڪين ٿيان ها. بهشت ۾ رهڻ واري وقت ۾ ڪيل ڪچهرين سبب منهنجي دل حضرت آدم عليہ السلام سان ٿي ويئي آهي.

 

[34]

مائي نه ڄاڻي، ته مارو پيا نه مامري،

ڇڏيو ماڳ ملير جا، ٿي عمر سان آئي

هوءَ جا ڄارين منجهه ڄائي، سا سام پرتئي سومرا.

(شاهه) 

مارئي = بيبي حوا. ملير = بهشت.

عمر = حضرت آدم عليہ السلام.

مارو = بهشت مان نڪتل شيون.

 

مراد: جيڪڏهن بيبي حوا پهريائين داڻو نه کائي ها ته بهشت ۾ رهندڙ مور، نانگ وغيره به بهشت مان نه تڙجن ها. مگر داڻي کائڻ ڪري بيبي حوا پاڻ حضرت آدم عليہ السلام سان گڏ بهشت مان نڪري زمين تي آئي. ان وقت بهشت جا ملائڪ ۽ حورون حضرت آدم عليہ السلام کي بيبي حوا جي پارت ٿا ڪن ته بيبي حوا کي ڪڏهن به تڪليف نه ڏجئين.

 

[35]

مون کي مٺي منگتا، شل مٺو وتين تون!

موٽي هن محلات ۾، ڪا تند نه چورين تون،

اسان ۽ تون، شل موٽي مليو نه ٿئي!

 

مون = بيبي حوا ڏانهن اشارو.

منگتو = شيطان. محلات = بهشت.

اسان = بيبي حوا ۽ حضرت آدم ڏانهن اشارو

تون = شيطان ڏانهن اشارو.

 

مراد: بهشت مان نڪرڻ تي بيبي حوا، شيطان کي چيو ته تنهنجي اچڻ جي ڪري اسين سورن ۾ پياسين، خدا ڪري ته پنهنجي وري ڪا ملاقات نه ٿئي.

 

[36]

ڀلو ڀال ڀلي ڪيو، اها آهي ڀلي جي ڀلائي،

هو اڳهين آهي پيدا ٿيو خان خدائي،

 

پوءِ هليو آهي گهوٽ کي ڏيڻ تسلائي،

پڙهي ڪلمي جيوائي، مڃيائين ملڪ ”ماڻڪ“ چئي.

(ماڻڪ)

 

ڀلو = الله تعالي. هو = حضرت جبرئيل.

گهوٽ = حضرت آدم.

 

مراد: حضرت آدم عليہ السلام جي روڄ راڙي ڪرڻ ۽ حضور ﷺ جن جي محابي دعا گهرڻ سبب، حضرت جبرئيل عليہ السلام آيت کڻي آيو، جا پڙهيائين ته معافي مليس.

 

[37]

چارڻ چنگ چوريو پئي، سالڪ سال به سال،

وري ٻي چاڙهيائين تند طنبوري تي، ڪالهوڻيءَ ڪال،

ڀلي ڪيا اٿس ڀال، ساعت ۾ ’سرهو‘ چئي.

(سرهو جاگيراڻي)

 

چارڻ = حضرت آدم عليہ السلام. چنگ چورڻ = توبهه ڪرڻ.

تند چاڙهڻ = محمد ﷺ جو محابو وٺڻ.

طنبورو = زبان.

 

مراد: حضرت آدم عليہ السلام کان خطا ٿي ۽ بهشت مان تڙيو، پوءِ سالن جا سال پئي توبهه ڪيائين ۽ خدا کان محمد ﷺ جي نالي تي به شفا پئي گهريائين، نيٺ خطا معاف ٿيس ۽ ٻئي ڄڻا (آدم ۽ حوا) پاڻ ۾ مليا.

 

[38]

چڙهي ڪيم چڪاس، ونهين ويڙهيچن جي،

 

عمر ڏٺم اوچتو، اديون! پنيم آس،

ويڙهه، وسندي واس، جشن ٿيڙا جوءِ ۾.

 

عمر = حضرت آدم عليہ السلام

پنيم = بيبي حوا ڏانهن اشارو.

ويڙهه = عرفات. جوءِ = عرفات

 

مراد: بيبي حوا، حضرت آدم عليہ السلام جي ڳولا ڪري آخر عرفات جي ميدان تي اچي نڪتي. قدرت خدا جي حضرت آدم عليہ السلام به اتي اچي نڪتو ۽ بيبي حوا جي دل جي مراد پوري ٿي. اڄ تائين عرفات تي حج جي موقعي تي جشن ٿيندا رهن ٿا.

 

[39]

ماندو ٿيو مينڌرو، ڍرڪي کاڌائين ڍر،

موڪل خاطر مينڌري، ڏوريا پئي ڏونگر،

هن کي سوين سال لنگهي ويا، برپٽ جهاڳي بر،

منجهايو مرد کي، ايڏو هڪ اکر،

پر قادر جي قدرت کي، ڪانه هئي ڪا ڪَرَ،

سهڻي سوڍو سرهو ٿيو، خاصي هيءَ خبر،

پوءِ ڪوپو ساهي ڪر، ويٺو سائڻ سان سيج تي.

 

مينڌرو = حضرت آدم. مومل = بيبي حوا.

مرد = حضرت آدم. اکر =حق مهر ڏانهن اشارو.

خاصي خبر = درود شريف ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت آدم عليہ السلام، بيبي حوا جي جدائيءَ ۾ بيحال ٿي سندس ڳولا ۾ رات ڏينهن پنڌ ڪندو رهيو، تان جو ڪافي عرصي کان پوءِ عرفات جي ميدان وٽ پاڻ ۾ گڏيا. سندس نڪاح حضرت جبرئيل عليہ السلام پڙهيو، پر حضرت آدم عليہ السلام منجهي پيو ته حق مهر ۾ ڇا ڏيان چون ٿا ته حڪم ٿيس ته حضور ﷺ جن تي درود پڙهه. پوءِ حق مهر ۾ درود شريف ڏيئي وڃي بيبي حوا سان مليو.

 

[40]

سڻي خبر ملاح جي، ٿيس چيله ڍلي،

ملهه بنا مرد کي، نٿي منڌ ملي،

آيس سنيهو سپرين جو، ٽاڻي سان ٽلي،

هن به ڏس ملايو ڏس سان، تڏهن منڌ ملي،

ويٺا ٻئي کلي، سائڻ، سوڍو سيج ٿي.

 

ملان = جبرئيل. ملهه = حق مهر.

منڌ = بيبي حوا. سپرين = الله تعاليٰ

ڏس = درود شريف ڏانهن اشارو.

سائڻ = بيبي حوا. سوڍو = حضرت آدم.

 

مراد: حضرت آدم عليہ السلام ۽ بيبي حوا جي نڪاح پڙهڻ وقت جبرئيل حق مهر بابت پڇا ڪئي. جنهن تي حضرت آدم عليہ السلام منجهي پيو. ايتري ۾ حضور ﷺ جن تي درود شريف پڙهڻ جو حڪم مليس.

 

[41]

جو گذري غم ۾، سو ويٺو وير کلي،

 

ڏک سک جون ڳالهيون، ٿو سوڍيءَ سان سلي،

تن سان ڪيو ڀال ڀلي، ۽ چڱو ڪرم ”ڪيريو“ چئي.

(ڪيريو)

 

وير = حضرت آدم. سوڍي = بيبي حوا.

ڀلو = الله تعاليٰ.

 

مراد: حضرت آدم عليہ السلام تڪليفن ڏسڻ کان پوءِ جڏهن الله تعاليٰ جي مهرباني سان بيبي حوا سان مليو. تڏهن خوش ٿي ساڻس حال احوال اورڻ لڳو.

 

[42]

گُر آندي گرنار مان، هتي هڪ ذَري،

پيهي ويئي پاتار ۾، ظاهر ناهه ذَري،

جڏهن ظاهر ٿي ذَري، تڏهن عالم سڀ آسودو ٿيو.

 

گر = فرشتو. گرنار = دوزخ

ذَري = باهه جي چڻنگ.

 

مراد: حضرت آدم عليہ السلام کي باهه جي ضرورت ٿي ته الله تعاليٰ ملائڪ هٿان دوزخ مان هڪ چڻنگ ڏياري موڪلي، جا دريائن مان ڌوئي، جبل تي رکيائين ته پاتار ۾ هلي ويئي، پوءِ اها باهه پٿرن جي گهڻ سان ظاهر ٿيندي رهي. جنهن ڪري سڄي دنيا آسودي ٿي پيئي.

 

[43]

پنهون آندائون پاڻ سان، ڌرئون ڌتاري،

نقشو ڏيکاريائون نر کي، ته من سسئيءَ کي ساري،

 

کائي کاڄ خوشيءَ مان، پوءِ وائي نا واري،

هاڻي هام نٿو هاري، موٽي پنهنجي ملڪ جي.

 

پنهون = روح. نقشو = واعدو.

سسئي = آخرت. ملڪ = عالم ارواح.

 

مراد: روح حضرت آدم عليہ السلام جي بوتي ۾ گهڙڻ وقت الله تعاليٰ کان ٻاهر ڪڍڻ جو واعدو ورتو هو. پوءِ جڏهن هن دنيا جي لذتن ۾ اچي ڦاٿو تڏهن آخرت کي وساري ويهي رهيو. جڏهن عزرائيل روح قبض ڪرڻ لاءِ آيو ۽ هن باهر نڪرڻ کان نٽايو، تڏهن کيس ”قالوابليٰ“ وارو قول ياد ڏياريائين، تڏهن به روح دنيا جي لذتن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيو ۽ ٻاهر نڪرڻ کان ڪيٻائڻ لڳو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org