سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :18

 [18]

آدم جي اولاد مان، ڪي عورتون آهين،

نه ميون نه مرنديون، اڃا تائين آهي،

ويٺيون واجهائين، ڪامڻيون ڪانڌن لئي.

 

ڪامڻيون = شداد جي بهشت ۾ ويٺل هسين

ڇوڪرين ڏانهن اشارو. ڪانڌ = نيڪ مردن

ڏانهن اشارو

مراد: شداد ڪافر پنهنجي بهشت ۾ جيڪي ڪنواريون ڇوڪريون ويهاريون هيون، سي اڃا تائين بهشتي مردن جو انتظار ڪري رهيون آهن.

 

[19]

اچي انهيءَ تڙ تي، ورتي ڪنگ ڪندي،

ڪيرائي ڪست مان، ڏنئبن ڌُڙي کي ڌنڌي،

سرير ۾ ”سرهو“ چئي، ڪا هيڙس مام منڌي.

پوءِ ڇڏي ڪنگ ڪندي، اُتاهون اٿي ويو هليو.

 (سرهو)

 

تڙ = شداد ڪافر جي بهشت جو دروازو.

ڪنگ = عزرائيل (نانگ جي صورت ۾).

ڌُڙو – شداد.

 

مراد: شداد ڪافر زمين تي بهشت ٺهرائي، ان کي ڏسڻ لاءِ ٿي ويو. اڃا بهشت جي ٻاهرئين دروازي وٽ هو ته نانگ کيس ڏنگ هڻي اتيئي ڪيرائي وڌو ۽ سندس بهشت ڏسڻ جي خواهش پوري ٿيڻ نه ڏنائين.

 

[20]

منڌ کي ميدان ۾ سوين ڏنئون سينگار،

وڳا ڏيئي وترا، ترت ڪيائون تيار،

سڀن پريين ٿي سهڻي، ناز ڀري سانار،

پنهنجن کان پري ڪري، ڌڪي ڪيائون ڌار،

هلي ويئي هنگلاج ڏي، سي ٻچا کنيو ٻار،

منجهان ڪڙم ڪلوار، ”لعلڻ“ سان لڌي وئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

منڌ = جنت. نار = جنت. هنگلاج = آسمان.

ٻچا ٻار = غلمان ۽ ڪنواريون ڇوڪريون.

 

مراد: شداد ڪافر دنيا ۾ جيڪو بهشت ٺهرايو سو شداد جي مرڻ کان پوءِ الله تعاليٰ آسمان تي کڻائي ورتو.

 

[21]

ڇٽي ويو جهاز، وڃي بٺو بندر تي،

اڪِي مان ٻڌي ٿي، ”آچر“ چئي اُتي،

”ماڇي“ چئي مٿي، اهي پوڄارا پر ٿيا.

 (آچر ماڇي)

 

جهاز = شداد وارو بهشت. بندر = عرش عظيم.

اڪي = ستن بهشتن ڏانهن اشارو.

ٻڌي = اٺن بهشتن ڏانهن اشارو.

 

مراد: خدا تعاليٰ، شداد جو بهشت مٿي کڻائي ورتو، اتي اڳي ست بهشت موجود هئا جي اڪي عدد ۾ هئا. هي اٺون بهشت مٿي ويو ته ڦري ٻڌي عدد ٿي پيا.

 

[22]

جيئن ابر جي آسري، ٿيون سپون روز سڪن،

تيئن ماڙيچاڻيون ماڙ ۾، اُهي عاشقن ڪاڻ اُڀين،

جهوريءَ ۾ ”جانڻ“ چئي، جهڙ جي جهانءِ جهڄن،

ٿئين راضي رحمت جو ڌڻي، جيڪو سار لهي سڪندين،
ڏسن خوش ”کٽي“ چئي، ڪر کڻي ڪڪرن،

ٿيون ڪن عرض الله کي، پاند کنيو پلوَن،

هي پاسا پهنوارن جا، انهي بازو سان برسن،

پوءِ موليٰ! مينهن وسن، ٿين سرها ماڳ ملير جا.

 (جانڻ کٽي)

 

ماڙيچاڻيون = شداد جي بهشت جون حورون.

عاشقن = مڙسن. ڪڪرن = وارثن.

 

مراد: شداد جي بهشت جون حورون، جي مڙسن کي ملڻيون آهن، سي پنهنجي وارثن لاءِ منتظر آهن. پوءِ الله کي عرض ٿيون ڪن ته اسين کين ڏسون. پردو کڄي ٿو، ڏسن ٿيون ۽ ملڻ لاءِ ٻاڏائين ٿيون، پر الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته واعدي موجب اوهان جي مراد برصواب نه ٿيندي.

 

[23]

اي بند ڪري آنديون هيون بادشاهه، هاڃو ڪري حمير،

قمبر ۽ قيامت جي اُن مائين تان، هئي پرور لاٿي پيڙ،

هئا آديسي اڪسير، سي کاهوڙي سڀ کڻي ويا.

 

اهي = شداد ڪافر واين حورن ڏانهن اشارو.

حمير = شداد ڪافر. آديسي = ملائڪ.

کڻي ويا = شهداد ڪافر واري بهشت

ڏانهن اشارو.

 

مراد: شداد ڪافر پنهنجي ٺهرايل بهشت ۾ جيڪي ڪنواريون ڇوڪريون حورون ڪري ويهاريون هيون، سي ان بهشت جي کڄي وڃڻ ڪري، قبر ۽ قيامت جي تڪليف کان آزاد ٿي ويون.

 

(ز) شهداد ڪافر ۽ ٻانهي:

        چون ٿا ته شداد ڪافر بهشت تيار ڪرائي پنهنجي هڪ ٻانهيءَ کي چيو ته خدا جو ڪو بهشت آهي، جي اهو آهي ته ڪٿي آهي؟ پر مون جيڪو بهشت ٺهرايو آهي، اهو هلي ڏس ۽ مون کي مڃ ته آءٌ ئي تنهنجو ۽ ٻين جو خدا آهيان. ليڪن هن مائيءَ کيس مڃڻ کان انڪار ڪيو، ۽ چيو ته خدا تعاليٰ ته اهو آهي جنهن هر چيز کي پيدا ڪيو آهي ۽ اهو فقط هڪڙو ئي عبادت جي لائق آهي، جنهن توکي به پيدا ڪيو آهي. اهو ٻڌي شداد غصي ۾ باهه ٿي ويو، ڇو ته کيس اڳ ۾ ئي ڪن ماڻهن ٻڌايو هو ته تنهنجي ٻانهي حضرت دائود عليہ السلام جي هدايت هيٺ ايمان آندو آهي ۽ توکي نٿي مڃي، سو انهي ڪاوڙ کان ٻانهيءَ کي چيائين ته جي توکي تنهنجي خدا تي ايترو ئي ڀروسو آهي ته آءٌ توکي باهه ۾ ٿو وجهان، پوءِ ڏسان ته تنهنجو خدا ڪيئن ٿو توکي بچائي! ائين چئي هن يڪدم تيل جو هڪ وڏو ڪڻاهه باهه تي چاڙهيو. جڏهن اُهو تيل ٽهڪڻ لڳو، تڏهن حڪم ڪيائين ته ٻانهيءَ کي آڻي ڪڻاهه وٽ بيهاريو ۽ چوڻ لڳو ته هاڻي اِجها ٿي تنهنجي خدا جي خبر پوي. باهه ۽ ٽهڪندڙ تيل ڏسي اول ته ٻانهي دهلجي بيهي رهي، پر اوچتو ڏٺائين ته ڪڻاهه ۾ هڪ ماڪوڙي جيئري تيل تي پيئي تري. تڏهن کيس همت ٿي ۽ توڪل جو ترو ٻڌي ڪڻاهه ۾ پاڻ اڇلائي وڌائين. الله تعاليٰ جو شان جو کيس ڪابه تڪليف ڪانه پهتي ۽ ڪلمون ڀري ٻاهر نڪتي(1).

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[24]

خالق خلق خلقي تو خلقي آهي ڪين،

کاڄ تنهنجا چورما، چانور کائينديس ڪين،

ٻين جو ٿين ته وڃي ٿي، پر منهنجو الله آهين ڪين،

ٻيا ويندا بهشت ۾، آءٌ بهشت به وينديس ڪين.

 

تو = شداد ڪافر ڏانهن اشارو.

آءٌ = شداد جي ٻانهيءَ ڏانهن اشارو.

 

مراد: شداد ڪافر بهشت ٺهرائي تيار ڪرايو، تڏهن پنهنجي هڪڙي نيڪ ٻانهي کي چيائين ته ”هلي منهنجو بهشت ڏس.“ اها ٻانهي هڪ خدا تعاليٰ کي مڃيندي هئي، تنهن شداد کي چيو ته آءٌ نه توکي خدا ڪري ٿي مڃان، نه تنهنجا طعام کائينديس ۽ نه ڪي تنهنجي بهشت ۾ ئي گهڙنديس.

 

[25]

ليلان ڏٺو هو ڪونرؤ کي، آتڻ ۾ ايندو،

سرهي ٿي ”سرهو“ چئي، ڏٺئين ڪونرو کي ڪهندو،

پوءِ هڻي ٻانهن هلي ويئي، مون کي چنيسر ڇا چوندو،

اڄ پڻ ٿيندو، آزمودو اصيل جو.

 (سرهو)

 

ليلان = شداد جي ٻانهي. ڪونرو = ماڪوڙي.

آتڻ = ڪڻاهه. چنيسر = الله تعاليٰ.

 

مراد: شداد جي نيڪ ٻانهي تيل جي گرم ڪڻاهه ۾ ماڪوڙيءَ کي ترندو ڏسي بي ڊپي ٿي منجهس ٽپو ڏنو.

 

[26]

سهڻي گهڙي سير ۾، ڪري الله توهار،

ڪڇو ڏٺائين ڪن ۾، جتي سريا ٿي سينسار،

”مٺو“ چئي الله جي آڌار، ساتري ٿي پنهنجي تڙتي.

 (مٺو)

 

سهڻي = شهداد ڪافر جي ٻانهي.

سير = ڪڻاهي. ڪڇون = ماڪوڙو.

ڪن = ڪڻاهي.

 

مراد: شداد جي ٻانهي ڪڻاهيءَ ۾ ماڪوڙي کي ترندو ڏسي بيپرواهه ٿي ٽپي پئي ۽ الله تعاليٰ جي حڪمت سان کيس ڪابه تڪليف نه آئي.

 

[27]

ڪڙڪڙ ڪُن مَ وَڄ، ڪين ڊڄي ٿي سهڻي،

محبتي ميهار جي، ڌوئي پسان ڏج،

آءٌ به گهڙئين ٿي اڄ، توڙي ابتا آر ڪرين.

 (شاهه ڀٽائي)

 

ڪنن ۾ ڪڙ ڪڙ = ڪڻاهيءَ ۾ تيل جي ٽهڪڻ جو آواز.

سهڻي = شهداد ڪافر جي ٻانهي.

 

مراد: شداد جي ٻانهي ڪڻاهيءَ ۾ تيل کي ٽهڪندو ڏسي بلڪل نه ڊني ۽ الله تعاليٰ جي خوشنودي لاءِ بيڌڙڪ ان ۾ ٽپي پيئي.

 

[28]

مٽي تان نه مٽي، وئي سٽيندي سير ۾،

نه ڪو وڃ واهڙ کي، نه هو گهيڙ گهٽي،

پاڻي سڀ پٽي، سهڻيءَ ڀانيو سير ۾.

 

سهڻي = شداد ڪافر جي ٻانهي.

 

مراد: شداد ڪافر پنهنجي ٻانهي کي گرم ڪڻاهي ۾ پوڻ لاءِ چيو ته هن الله تعاليٰ تي توڪل رکي پاڻ کي ڪڻاهي ۾ اڇلايو ۽ هن کي الله تعاليٰ جي حڪمت سان تڪليف ڪانه پهتي.

 

[29]

اسين سهڻي سا چئون، جيڪا ميهر کي نه مڃي،

کنيو تراريون سير ۾، بيٺي ساهڙ کي سڃي،

مئي متي مهراڻ جو، بيٺي ڀوري ڀرم ڀڃي،

جيئن مائيءَ جي لڄ ٿي وڃي، تيئن صاحب بيٺو سرهو ٿئي.

 

سهڻي = شهداد جي ٻانهي. ميهر = شهداد.

تراريون سڃڻ = ورنديون ڏيڻ. ڀرم ڀڃڻ = هٿ وڃائڻ.

صاحب = الله تعاليٰ. لڄ وڃڻ = سختي اچڻ.

 

مراد: شداد جي ٻانهي کيس خد اڪري نه مڃيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. هن کيس گرم ڪڻاهي ۾ پوڻ لاءِ چيو. ٻانهي الله تعاليٰ تي ڀروسو رکي ڪڻاهه ۾ پاڻ اُڇلائي ثابت قدم رهي ان جو فخر ڀڃي ڇڏيو. اتي الله تعاليٰ ان ٻانهي جي سختي سهڻ تي راضي ٿي ان کي سڙڻ کان بچائي ورتو.

 

[30]

مڃان نه تنهنجي قدرت کي، ساراهيان نه توکي،

جي ساراهيان توکي، ته محشر موچارو ئي نه ٿئي.

 

مڃان = ٻانهيءَ ڏانهن اشارو.

توکي =  شداد ڪافر ڏانهن اشارو.

 

مراد: شداد جي ٻانهي، کيس چيو ته تون نه خدا آهين ۽ نه توکي مڃينديس. جي توکي خدا ڪري مڃان ته آءٌ ڏوهارڻ ٿينديس ۽ قيامت ۾ شرمسار ٿيندس.

 

[31]

ڪونهي اَن الله کي، ڏيندو اَن الله،

سڏڪي سڏڪي ساهه، ويندو هن الله جو.

 

هن = شداد ڪافر ڏانهن اشارو.

اَن = رزق.

 

مراد: شداد ڪافر کي سندس ٻانهي الله ڪري نه مڃيو، تنهنڪري ان جو روز بند ڪيائين. تڏهن ٻانهيءَ چيس ته تو وٽ مون لاءِ اَن ڪونهي ته مون کي منهنجو الله پاڻهي روز ڏيندو جو سدا قائم آهي، ۽ تون ته اهڙي وٿ آهين جو جلد ئي سُڏڪي سُڏڪي ساهه ڇڏيندين.

16- حضرت سليمان عليہ السلام

        حضرت دائود عليہ السلام جي عمر جڏهن چار سئو ورهيه ٿي، تڏهن جبرئيل هڪ بند دٻلي آڻي حضرت دائود عليہ السلام کي ڏني ۽ کيس چيائين ته هن دٻلي ۾ هڪ منڊي، هڪ چهبڪ ۽ هڪ ڪاغذ پيل آهي، جنهن ۾ پنج سوال لکيل آهن. تنهنجي پٽن مان جيڪو به انهن سوالن جا جواب ڏيندو، تنهن کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪري، منڊي ۽ چهبڪ ان جي حوالي ڪر. حضرت دائود عليہ السلام اهو ڪاغذ پڙهي پنهنجي پٽن کي گهرائي کانئن اهي پنج سوال پڇيا. پهريون ايمان، ٻيو حياء، ٽيون محبت، چوٿون عقل ۽ پنجون قوت. انسان جي ڪهڙن ڪهڙن حصن ۾ رهن ٿا؟ اهو ٻڌي حضرت دائود عليہ السلام جا ٻيا پٽ خاموش ٿي ويا باقي حضرت سليمان عليہ السلام، جو ان وقت يارهن ورهين جو هو، تنهن پنجنئي سوالن جا جواب هن طرح ڏنا: پهريون ’ايمان‘ دل ۾، ٻيو ’حياء‘ اکين ۾، ٽيون ’محبت‘ رب ۾، چوٿون ’عقل‘ مٿي (دماغ) ۾، پنجون ’قوت‘ انسان جي هڏن ۾ رهي ٿي. حضرت سليمان عليہ السلام جا اهي جواب ٻڌي حضرت دائود عليہ السلام کيس پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪري منڊي ۽ چهبڪ ان جي حوالي ڪيا. ان منڊيءَ ۾ اها حڪمت هئي جو ڪوبه شخص اها پائيندو هو. جن، ديو ۽ پريون ان جي حڪم ۾ رهندا هئا ۽ چهبڪ ۾ اهڙي ڪلا هئي جو ڪوبه جن ديو يا انسان ان جي ڌڪ جو تاب جهلي نه سگهندو هو.

        حضرت سليمان عليہ السلام کي الله تعاليٰ جانورن ۽ پکين جي ٻولين سمجهڻ جو علم عطا ڪيو هو ۽ سندس حڪم جنن، ديون ۽ پرين تي هلندو هو. وٽس جنن، پکين ۽ انسانن جون فوجون هونديون هيون، انهن ۾ هر ڪنهن جي جدا جدا جاءِ مقرر ٿيل هئي. هڪڙي ڏينهن علي الصباح جيئن حضرت سليمان عليہ السلام تخت تي ويٺو تيئن سندس نظر ’هدهد‘ پکيءَ جي خالي پيل جاءِ تي وڃي پيئي. پوءِ ان جي ٻين پکين کان پڇا ڪيائين، مگر ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته هدهد ڪيڏانهن ويو آهي. تنهنڪري سڀني لاعلمي ظاهر ڪئي. تڏهن ’عقاب‘ پکيءَ کي ان جي ڳولا لاءِ ڇڏيائين. اهو اڃا ٿورو اڳڀرو ويو ته هدهد کي ايندو ڏٺائين. پوءِ ٻئي گڏجي حضرت سليمان عليہ السلام جي ڪچهريءَ ۾ آيا. حضرت سليمان عليہ السلام هدهد کي غير حاضر رهڻ جو سبب پڇيو. هدهد چيو ته سائين! آءٌ هڪ اهڙي واقفيت وٺي آيو آهيان، جا توهان اڳ حاصل نه ڪئي هوندي. اها ’يمن‘ ملڪ جي خبر آهي، جنهن جي ’سبا‘ شهر ۾ ’بلقيس‘ نالي هڪ راڻي حڪومت ڪري ٿي ۽ اها ڪنواري آهي. اتي جي رعيت سج جي پوڄا ٿي ڪري ۽ ساري قوم گمراهه ٿي چڪي آهي، جنهن کي ڪوبه نٿو سمجهائي. حضرت سليمان هدهد جي اها ڳالهه ٻڌي بلقيس ڏانهن هڪ خط حق جي دعوت جو لکي ڏنو ۽ هدهد کي ان جي جواب آڻڻ لاءِ چيائين.

        هدهد اهو خط ’بلقيس‘ راڻي جي درٻار ۾ آڻي ڇڏيو. خط تي بادشاهي مهر ڏسي هوءَ حيران ٿي ۽ خط کولي پڙهيائين. دل ۾ چيائين ته جنهن بادشاهه جا قاصد پکي آهن. تنهن جي اعليٰ شان ۽ مٿاهين مرتبي هجڻ جو ٻيو ڪهڙو ثبوت هوندو. پوءِ پنهنجي سردارن سان ذڪر ڪيائين ۽ صلاح مصلحت ڪري ڪجهه تحفا پنهنجي قاصدن کي ڏيئي حضرت سليمان عليہ السلام ڏانهن روانو ڪيائين. قاصد حضرت سليمان عليہ السلام جو شان ۽ دٻدٻو ڏسي وائڙا ٿي ويا، ويتر جو جنن ۽ ديون تي نطر پين ته عقل ئي چرخ ٿي وين. آخر تحفا وغيره حضرت سليمان عليہ السلام کي ڏيئي کانئس واپس وڃڻ جي اجازت گهريائون. حضرت سليمان عليہ السلام انهن کي به حق جي دعوت جو پيغام رسائي واپس اچڻ لاءِ تاڪيد ڪري روانو ڪيو.

        قاصد جڏهن راڻي بلقيس وٽ پهتا ۽ ساڻس حضرت سليمان عليہ السلام جي حڪومت ۽ دٻدٻي جو ذڪر ڪري کيس حق جي دعوت جو پيغام ڏنو، تڏهن ان وري آزمائش لاءِ حضرت سليمان عليہ السلام ڏانهن ٻانهيون ۽ ٻانها هڪڙي ئي ويس ۾ علحده علحده ڪري ڏيکارڻ لاءِ، گهوڙي ۽ سندس ڦر جي ٻئي هڪجهڙا ۽ هڪجيڏا هئا سي جدا ڪرڻ لاءِ، ۽ هڪ باقوت کي بنا سيرائي سوراخ ڪرڻ لاءِ موڪليو ۽ ان سان گڏ هڪ خالي شيشو موڪلي چيو ته هن ۾ پاڻي وجهي موڪليو جو نه زمين جو هجي نه آسمان جو. قاصد آزمائشي شيون پاڻ سان کڻي حضرت سليمان عليہ السلام وٽ حاضر ٿيا. حضرت سليمان عليہ السلام ٻانهيون ۽ ٻانها سامهون ويهاري انهن جا هٿ منهن ڌئاري کين جدا ڪيو. گهوڙي ۽ ڦر هڪ ٿاڻ تي بيهاري انهن جي اڳيان گاهه وجهارايو ته گهوڙي (ماءُ) پنهنجي ڦر ڏانهن نهاريو، مگر ڦر بيپرواهيءَ سان گاهه کائڻ لڳو. اهڙيءَ ريت انهن کي جدا ڪيائين. وري هڪ ڪينئون گهرائي، ياقوت کي سراخ ڪڍائي سڳي ۾ پوئي ڇڏيائين. پاڻي لاءِ گهوڙن کي ڊوڙائي انهن جو پگهر شيشي ۾ بند ڪري بلقيس ڏانهن موڪليائين. جڏهن اهي شيون ان کي پهتيون، تڏهن کيس حضرت سليمان عليہ السلام جي دانائيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه رهيو. پوءِ پاڻ اتان هلي ان وٽ آئي ۽ ايمان آندائين، آخر حضرت سليمان عليہ السلام سان نڪاح به ڪيائين.

        هڪڙي ڀيري حضرت سليمان عليہ السلام سمنڊ جي سير لاءِ نڪتو، کيس اتي ڪي عجيب گهوڙا ڏسي خيال ٿيو ته انهن کي هٿ ڪجي. سو ماڻهن کي انهن جي جهلڻ لاءِ حڪم ڏنائين، مگر گهوڙا ماڻهن کي ڏسي سمنڊ ۾ گهڙي غائب ٿي ويا. حضرت سليمان عليہ السلام وري ديون کي حڪم ڏنو ته ڪهڙي به ريت اهي گهوڙا مون وٽ حاضر ڪريو. پوءِ ’سمدون‘ نالي هڪ ديو گهوڙن جي پاڻي پيئڻ واري جاءِ تي پاڻي بند ڪري، اتي تلاءُ کڻائي ان ۾ شراب وجهائي ڇڏيو. جڏهن گهوڙا گاهه چري پاڻي پيئڻ لاءِ تلائن تي آيا، تڏهن شراب کي پاڻي سمجهي پي ويا ۽ ٿوري ئي وقت ۾ نشي ۾ چور ٿي ڪِري پيا. ديون کين پڪڙي حضرت سليمان عليہ السلام وٽ حاضر ڪيو. حضرت سليمان عليہ السلام گهوڙن کي ڏسڻ ۾ ايترو مشغول ٿيو جو سج لهي ويو ۽ نماز قضا ٿي ويس، انهيءَ تي الله تعاليٰ کانئس ناراض ٿيو. پوءِ جڏهن توبهه تائب ٿيو، تڏهن الله تعاليٰ جي حڪم سان سج وري واپس آيو ۽ پاڻ نماز پڙهيائين.

        هڪ ڏينهن حضرت سليمان عليہ السلام ’سمدون‘ ديو کي سمنڊ جي اسرارن ٻڌائڻ لاءِ چيو. سمدون عرض ڪيو ته ڪجهه ڏينهن ٿيا جو آءٌ سمنڊ جي تري ڏانهن هليو ويس ته اتي هڪ شهر ڏٺو هوم، جنهن ۾ ’عنڪور‘ نالي بادشاهه رهي ٿو. جنهن کي هڪ تمام حسين ڌيءَ آهي، جا محلات کان ٻاهر به ڪانه ٿي نڪري. اهو ٻڌي حضرت سليمان عليہ السلام، سمدون کي ساڻ ڪري عنڪور بادشاهه تي چڙهائي ڪئي. ٻنهي جي وچ ۾ جنگ لڳي، آخر عنڪور، مارجي ويو ۽ سندس سر وڍي حضرت سليمان عليہ السلام جي اڳيان حاضر ڪيائون، پوءِ ان جي ڌيءَ کي آڻڻ لاءِ حضرت سليمان عليہ السلام حڪم ڏنو ته ان کي اهڙيءَ ريت آڻيو جو ڪنهن جو به هٿ نه لڳيس. ’سمدون‘ عرض ڪيو ته، شهزادي محل ۾ اندر رهي ٿي ۽ ٻاهر نه نڪرندي آهي، تنهنڪري اتي موتين جو مينهن وسندو ته هوءَ ٻاهر نڪري ايندي. ان لاءِ ڪڪر کي حڪم ڪيو وڃي ته اهو اسان کي آڻي حاضر ڪري. حضرت سليمان عليہ السلام، ديون کي حڪم ڪيو، جن سمنڊ مان ننڍا موتي آندا ۽ شهزادي جي محلات ۾ وسايائون، مگر شهزادي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ محل مان ٻاهر نڪتي، ان کان پوءِ بلور جيڏا موتي وسايائون. تڏهن به شهزاديءَ توجهه نه ڏنو، آخر جڏهن ڪڪڙ جي آني جيڏا موتي وسايائون، تڏهن ٻانهين جي ٻڌائڻ تي هوءَ موتين جي مينهن ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪتي. حضرت سليمان عليہ السلام جي حڪم تي ڪڪر اڳيئي تيز هئا، تن کيس کڻي آڻي حضرت سليمان عليہ السلام وٽ پهچايو. ان بعد حضرت سليمان عليہ السلام کيس نڪاح جي دعوت ڏني مگر شهزاديءَ شرط وڌو ته آءٌ پنهنجو پيءُ ڏسي پوءِ شادي ڪنديس. ان تي حضرت سليمان عليہ السلام کيس پڻس جي مارجي وڃڻ جي خبر ڏني ۽ وڍيل سسي ڏيکاريائنس، تڏهن بيوس ٿي حضرت سليمان عليہ السلام سان نڪاح ڪيائين.

        عنڪور بادشاه جيڌيءَ جڏهن حضرت سليمان عليہ السلام جي نڪاح ۾ آئي، تڏهن هڪ ڏينهن شيطان ان وٽ پرئي مڙس جي شڪل ۾ آيو ۽ ڳالهين ڪندي کيس چيائين ته افسوس آهي جو تو پنهنجي پيءَ کي وساري ڇڏيو. جڏهن تون سندس شڪل جهڙو ’بوتو‘ ٺاهي ان جي پوڄا ڪندي رهندينءَ ته پڻهين جو روح راضي رهندو. شيطان جي برغلائڻ تي پنهنجي پيءَ جو بت ٺهرائي ان جي پوڄا ڪندي رهي.

        هڪڙي ڏينهن هڪ مڪڙ پنهنجي مائٽن کان مار کائي انصاف لاءِ حضرت سليمان عليہ السلام وٽ آيو. اهو عيد جو ڏينهن هو، تنهنڪري حضرت سليمان عليہ السلام کيس ڪجهه وقت ترسڻ لاءِ چيو. مگر ايتري ۾ عنڪور جي ڌيءَ اتي اچي نڪتي، جنهن مڪڙ ڏسي حضرت سليمان عليہ السلام کان ان جي گهر ڪئي. حضرت سليمان عليہ السلام اهو مڪڙ کيس ڏيئي ڇڏيو جنهن وري پنهنجي پيءَ جي بت مٿان قربان ڪري ڇڏي، الله تعاليٰ کي حضرت سليمان عليہ السلام جي اها لاپرواهيءَ پسند نه آئي ۽ کيس جبرائيل جي هٿان عتاب جو پيغام پهچايو ته مڪڙ سان ظلم ڪرڻ جي عيوض عنقريب توتي سختي نازل ٿيندي ۽ هيءَ بادشاهت جلد ئي تنهنجي هٿان هلي ويندي.

        ٻئي ڏينهن حضرت سليمان عليہ السلام غسل جي خيال سان غسلخاني ڏانهن ويو ۽ دروازي تي بيٺل هڪ بانهيءَ کي پنهنجي هٿ واري منڊي ڏيئي، پاڻ اندر گهڙيو حقيقت ۾ اها ٻانهي ديون جو هڪ سردار هو، جو ٻانهيءَ جي صورت ۾ فقط منڊي حاصل ڪرڻ لاءِ اچي بيٺو هو(1). منڊيءَ ملڻ تي چيچ ۾ پائي حضرت سليمان عليہ السلام جهڙي شڪل ڪري اچي تخت تي ويٺو. حضرت سليمان عليہ السلام ٻاهر نڪتو ته ٻانهي کيس نه ملي ۽ منڊي وڃڻ جي ڪري کيس ڪنهن به نه سڃاتو ۽ نه ڪي بادشاهه ڪري مڃيو، تنهنڪري هو لاچار شهر مان نڪري درياهه جي ڪناري تي مهاڻن وٽ رهڻ لڳو ۽ مزدوري ڪري پيٽ پاريندو هو ۽ اتي هڪ مهاڻيءَ سان نڪاح ڪري زندگي گذاريندو رهيو ۽ الله تعاليٰ کان معافي گهرندو رهيو.

        هوڏانهن ديون جو سردار حضرت سليمان عليہ السلام جي شڪل ۾ اچي حڪم هلائڻ لڳو. مگر ڪن اميرن کي شڪ پئجي ويو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪري، هڪڙي ڏينهن درٻار ۾ هڪ پيرسن شخص کان توريت پڙهايائون. توريت کي ٻڌي، ديون جو سردار اونڌو ٿي ڪري پيو ۽ منڊيءَ کي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. قدرت خدا جي جو اها منڊي هڪ مڇيءَ ڳهي ڇڏي. هڪ ڏينهن اها مڇي مهاڻي جي جي ڄار ۾ اچي ڦاٿي، جنهن حضرت سليمان عليہ السلام کي ڍوئڻو ڪري ڏني. ان مڇيءَ کي چيرڻ سان منڊي وري حضرت سليمان عليہ السلام کي اچي ملي.

        مڇي کي چيريندي ڏٺائين ته منجهس ساڳي منڊي پيئي هئي. جا سڃاڻي چيچ ۾ وڌائين ۽ خدا جا لک لک شڪرانا بجا آندائين. اهڙيءَ ريت کيس وري بادشاهي ملي ۽ رعيت کيس نذرانا ڏيڻ لڳي. انهن مان هڪ جهرڪيءَ مڪڙ جي ٽنگ نذرانو عرض رکيو. جنهن کي حقارت جي نظر سان ڏٺائين ته وحي نازل ٿيو ۽ الله تعاليٰ وٽان کيس تنبيهه ٿي، تڏهن وري به توبهه تائب ٿيو ۽ اهو تحفو قبول ڪيائين.

        هڪڙي ڏينهن حضرت سليمان عليہ السلام پنهنجي لشڪر سان پئي آيو ته ماڪوڙين جي سردار کيس ايندو ڏسي سڀني ماڪوڙين کي وڏي آواز چيو ته حضرت سليمان ۽ سندس لشڪر پيو اچي، تنهنڪري اوهين سڀئي پنهنجي ٻرن ۾ لڪي وڃو. حضرت سليمان عليہ السلام جڏهن ان سردار جو آواز ٻڌو تڏهن وٽس آيو ۽ کيس چيائين ته ڇا، آءٌ اهڙو ظالم آهيان جو پنهنجيءَ قوم کي لڪڻ جو حڪم ڏنو اٿئي! تڏهن ماڪوڙيءَ جواب ڏنو ته، يا نبي! ائين نه آهي، پر مون اهو حڪم انهيءَ لاءِ ڏنو ته متان توهان جو لشڪر ماڪوڙين کي پنهنجي عبادت جي محويت ۾ پائمال ڪري وڃي. حضرت سليمان عليہ السلام کي ماڪوڙيءَ جو جواب ڏاڍو وڻيو ۽ پنهنجي لشڪر کي خيال سان اڳتي هلڻ جو حڪم ڏنائين.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

آريءَ اماڻيو اوڏهين، ڪري رهبر روانو،

آيو شهر ڀنڀور ۾، کڻي خزانو،

ڪڍي ڪاغذ هٿ ۾، ڪيو نرمل نيشانو،

پڙهي پروانو، پنهون پنهنجا گڏ ڪيا.

 

آري = الله تعاليٰ. رهبر = جبرائيل.

خزانو = چهبڪ. منڊي ۽ ڪاغذ.

نرمل = جبرئيل، پنهون = حضرت دائود عليہ السلام

 

مراد: الله تعاليٰ جبرئيل هٿان حضرت دائود عليہ السلام کي چهبڪ، منڊي ۽ هڪڙو ڪاغذ موڪليو. جنهن ۾ خدا جي طرف کان سوال لکيل هئا. کيس جبرئيل چيو ته توهين پنهنجا فرزند گڏ ڪري کين هي سوال ٻڌايو ۽ جيڪو صحيح جواب ڏئي، ان کي پنهنجو جاءِ نشين بنايو. حضرت دائود عليہ السلام حڪم موجب پنهنجا فرزند گڏ ڪري کين سوال ڏنا جن جا جواب حضرت سليمان عليہ السلام ڏنا، پوءِ اهو ئي جاءِ نشين مقرر ٿيو ۽ کيس چهبڪ ۽ منڊي پڻ عطا ٿيا.

 

[2]

پنهونءَ پنهنجا گڏي ڪري، ست ڪيو سعيو،

پڌر پڇو هئائين تنهن پر، جئن حڪم هو آيو،

ته مڙني کڻي ماٺ ڪئي، هڪڙي اَلايو،

ڏنئين جواب جُنگ کي، جئن فائق فرمايو،

”ٻٻر“ چئي ٻيا به هئا، پر هن تي رب سندو رايو،

وڃي حڪم هلايو، پو3 مڙئي ڏنائين ان کي.

(طاهر ٻٻر)

 

پنهون = حضرت دائود عليہ السلام.

جنگ = جبرئيل. مڙني = حضرت دائود

عليہ السلام جي فرزندن ڏانهن اشارو.

هڪڙي = حضرت سليمان عليہ السلام ڏانهن اشارو.

هن = حضرت سليمان عليہ السلام ڏانهن اشارو.

مڙئي = چهبڪ ۽ منڊي.

 

مراد: حضرت دائود عليہ السلام سڀني پٽن کي گهرائي پنج سوال پڇيا. سندس سڀ کان ننڍي فرزند حضرت سليمان عليہ السلام صحيح جواب ڏنا، تنهن ڪري خدائي حڪم موجب حضرت دائود عليہ السلام جو جاءِ نشين ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org