سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :31

[224]

خان ورتو خوشيءَ منجهان، دانهه ڏئي دولت،

ڪٺي ڪيئين ڪامڻ سان، ڪانه ڪيائين غفلت،

ويهي رهيو انهيءَ وچ تي، واهه رکي وحدت،

پرينءَ هن جي پوري ڪئي، جيڪا هئي مرد سندي محبت،

هن به حق ڏنو حاڪم کي، تڏهن جوان ڪئي جمعيت،

ايڏي ڪيائين محنت، تڏهن منڌ ماڻيائين ”مير“ چئي.

 (مير محمد حجام)

 

خان = محسن. ڪامڻ = مسجد.

منڌ = جنازي نماز.

 

مراد:  حضورﷺ جن معراج تي ويا، محسن نالي اصحابي الله تعاليٰ کي عرض ڪيو هو ته مون کي نبي آخر زمان جو ديدار نصيب ٿئي. پوءِ پاڻي جو هڪڙو ڪؤنرو کڻي، آني ۾ ٺهيل مسجد ۾ مشتاق بنجي ويهي رهيو. حضورﷺ جن جي زيارت ڪري هن وفات ڪئي ۽ حضورﷺ جن ان جي جنازي نماز پڙهي.

 

[225]

نه ڪي هو ڌرتيءَ تي، نه ڪي منجهه آسمان،

ڪنهين سمجهيو ڪينڪي، رازق ريءَ رحمان،

آگي ڪيس احسان، مهل تنهين ”موريو“ چئي.

 (موريو کٽي)

 

نه ڪي هو = محسن اصحابي ڏانهن اشارو.

نه ڌرتي، نه آسمان تي = پيتي ۾.

احسان ڪرڻ = حضورﷺ جن جي

زيارت ڪرائڻ.

 

مراد:  محسن اصحابي ڪڪڙ جي آني ۾ حضورﷺ جن جي زيارت لاءِ مشتاق هو. آخر الله تعاليٰ کيس حضورﷺ جن جي زيارت ڪرائي.

 

[226]

جيءُ آئين جاني، جانب! هجيئي جس،

ڪوري لاٿئي قلب ٿئون، ڪن ورهين جي ڪس،

تو مان چندن چس، ٿي مسافر مون کي اچي.

 

جانب = حضورﷺ جن. مون کي = محسن

ڏانهن اشارو. مسافر = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي زيارت ڪري محسن اصحابي خوش ٿيو ۽ پنهنجو اشتياق پورو ڪري وفات ڪيائين.

 

[227]

جا هَڙَ اندر جيءَ، ساهڙ ڏئي ساهه کي،

سا هَڙَ چڙي نه ساهه جي، سا هَڙَ ساهڙ ريءَ،

ساهڙ ميڙ سميع، ته ساهَڙَ ڇڙي ساهه جي.

 (شاهه)

 

هَڙَ = سڪ. ساهڙ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  محسن اصحابي، الله تعاليٰ کي عرض ڪيو ته جيسين نبي آخر زمان جي زيارت ڪريان تيسين منهنجو ساهه قبض نه ٿئي. الله تعاليٰ سندس عرض قبول ڪيو ۽ حضورﷺ جن جي زيارت ڪري پوءِ وفات ڪيائين.

 

[228]

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب سبحان،

سائل اُتي صدا ڪئي، مهت ملي مون مان،

قرب ۽ ڪرم جي، تو وٽ ڪمي آهي ڪانه،

پوءِ وير هن کان واعدو ورتو، دانهه ڌري ڌيان،

هو به وڃي ويٺو ولايت ۾، جتي نه ڪي طنبو نه ڪي طولان،

اُٺا پي مينهن مندائتا، پي گوڙن ڪيا گهمسان،

پوءِ اچي سامهون تنهن سناسيءَ سان، ڪيائين بات بيان،

دُهرا ڏنائينس دان، هنڌ انهيءَ ”حجام“ چئي.

 (مير محمد حجام)

 

سائل = پکي. مهت ملي = زيارت ٿئي.

وير = خدا تعاليٰ. ولايت = وحدت جو درياءُ.

سناسي = حضورﷺ جن.

 

مراد:  هڪڙي پکي، خدا تعاليٰ کي عرض ڪيو ته تنهنجي محبوب جو ديدار نصيب ٿئيم. حڪم ٿيس ته کاڌو پيتو بند ڪرين ۽ انتظار ڪري سگهين ته ديدار ملندءِ. پوءِ اهو پکي وڃي وحدت جي درياءَ جي ڪناري تي ويٺو. نه پاڻي ٿي پيتائين ۽ نه کاڌو ٿي کاڌائين ۽ حضورﷺ جن جي زيارت جو منتظر رهيو، تان جو معرج رات سندن زيارت ڪري خوش ٿيو.

 

[229]

منڌ انهيءَ مرد سان، شاهي مچائي بيٺي آهي شور،

ڪيئن ڪري ڪيڏانهن وڃي، پونس پيا قلب منجهه ڪور،

پوءِ ته مانجهي اچي مور، ڪيس مطلب ”مير“ چئي.

 (مير محمد حجام)

 

منڌ = اُڃ. مرد = پکي. مانجهي،

مور = حضورﷺ جن.

 

مراد:  پکيءَ کي اُڃ تمام سخت هلاڪ ڪيو، مگر ديدار جي شوق ۾ پاڻي نه پيتائين. نيٺ حضورﷺ جن جي زيارت ڪري خوش ٿيو.

 

[230]

ٻڌائي ”ٻروچ“ چئي، ڪا جا بات بشير،

وڃي ڪر وريام تون، تهدل هيءَ تقرير،

اَچي تنهن عجيب کي، ڪيو عرض امير،

پوءِ ڪيئي دفعا ڪيترا، ٿي واپس آيو وير،

سرهو ٿيو سرير، ٻڌي ڳالهه ”ٻروچ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

بشير = حضرت موسيٰ عليہ السلام.

وريام = حضورﷺ جن. تقرير = نماز جي

وقتن ڏانهن اشارو. عجيب = الله تعالي.

امير = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن ڇهين آسمان تي حضرت موسيٰ عليہ السلام سان ملاقات ڪئي. جنهن کين اُمت تي فرض مقرر ٿيڻ بابت سندين اُمت جي ٿوري عمر ۽ ڪمزور هئڻ بابت چيو. جڏهن حضورﷺ جن جون الله تعاليٰ سان راز نياز جون ڳالهيون ٿيون، تڏهن اُمت لاءِ روانو پنجاهه وقت نماز ۽ ڇهه مهينا روزا مقرر ٿيا، ان بعد پنجويهه وقت نماز ۽ ٽي مهينا روزا ۽ آخر ۾ جڏهن پنج وقت نماز ۽ هڪ مهينو روزا ٿيا، تڏهن پاڻ گهڻو خوش ٿيا.

 

[231]

وٺو راهه رسول جي، جا وهي پئي ٿي وير،

ساڌ چيو سيفل کي، پويان رلي ويندءِ پير،

جوڳي آيو اٿئي انهيءَ جوءَ کان، تنهن کان واري پڇ وزير،

”احمد“ چئي انهيءَ امير، ڏنس پورا پار پهاڙ جا.

 (احمد خان مري)

 

ساڌ = حضرت موسيٰ عليہ السلام.

سيفل = حضورﷺ جن. جوڳي = غزالي.

امير = غزالي. پهاڙ = طور سينا.

 

مراد:  حضورﷺ جن کي معراج وقت ڇهين آسمان تي حضرت موسيٰ عليہ السلام مليو. کين چيائين ته اوهان کان پوءِ توهان جي اُمت بيواهه ٿي ويندي. حضورﷺ جنکيس فرمايو ته منهنجي اُمت مان اهي ماڻهو پيدا ٿيندا، جنکي اڳين نبين جهڙي عزت ٿيندي. حضورﷺ جن اتي غزالي ڏانهن اشارو ڪيو، حضورت موسيٰ عليہ السلام، غزالي سان گفتگو ڪئي، جنهن ۾ هن عالمانه سوال جواب ڪيو. فقط نالي پڇڻ تي غزالي پنهنجي مڪمل حقيقت ڏني ته حضرت موسيٰ عليہ السلام کي سندس ئي طور سينا تي ڏنل جواب ياد ڏياري اعتراض رد ڪيو.

 

[232]

دلبر ڏنو دوست کي، ڏوراپو سان ڏک،

پوئلڳن سان پنهنجي تو، واهه وڌائي وک،

سڏ ڪر پنهنجي سنگتيءَ کي، ته اچي لائق منجهان لک،

گوهر ڪيو غلام کي، سڏ منجهارون سڪ،

نوڪر منجهان نياز جي، بيشڪ بيٺو برک،

”فيضل“ چئي فائق اُتي، ٿيو سوڍي سان سنمک،

پوءِ سهڻي سندا سک، پايو آيو پاند ۾.

 (فيضل)

 

دلبر = حضورت موسيٰ عليہ السلام.

دوست = حضورﷺ جن. پوئلڳ = اُمتي.

سنگتي = غزالي. گوهر = حضورﷺ جن.

غلام = غزالي. سوڍو = حضورﷺ جن.

سهڻو = بشارت.

 

مراد:  معراج تي حضورﷺ جن کان اشاري ملڻ تي حضرت موسيٰ امام غزالي جي روح سان سوال جواب ڪيو، اهو غزالي جڏهن دنيا ۾ آيو، تڏهن حضورﷺ جن کان مليل بشارت سان وقت جو وڏو عالم ۽ امام ٿيو.

 

[233]

وٺو راهه رسول جي، اَٿو سچ ٻڌائي سردار،

آيو پنهون ڀنڀور ۾، کڻي کٿوريءَ بار،
ورهايو وينجهار، پيو ڏئي سوکڙيون سنگتين کي.

 (احمد خان مري)

 

پنهون = غزالي. ڀنڀور = هيءَ دنيا.

کٿوري جو بار = پاسي مان نڪرندڙ کير (جتي

حضورﷺ جن آڱر رکي هئي).

 

مراد:  حضورﷺ جن معراج واري رات حضرت موسيٰ عليہ السلام کي غزالي ڏانهن اشارو ڪري توجهه ڏياريو هو. چون ٿا ته جڏهن غزالي ڄائو. تڏهن ان اشاري جي اثر کان سندس ڪک مان کير وهندو هو. کيس بشارت ملڻ ڪري، هو وقت جو وڏو عالم ۽ امام ٿيو ۽ حضورﷺ جن جي اُمت مان گهڻو مؤمنن کي پنهنجي علم ۽ حڪمت سان گهڻو فيض پهچايائين.

 

[234]

اها منڌ ملوڪ هئي، ليلان وڏي لاڏ،

ٿي سونهين سرتين وچ ۾، هنڙس سهج سهاڳ،

مڻئي جي مقابلي، هن ڀوريءَ ڦٽو ڀاڳ،

سو در نه آيو داسڙو، موٽي تنهين ماڳ،

ڏکيءَ کي ڏهاڳ، آيو جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي.

 (جاڙو خان مري)

 

منڌ ۽ ليلان = عزازيل واري ڪرسي.

سرتيون = ٻيون ڪرسيون.

مڻيو = حضرت آدم عليہ السلام

کي سجدو. داسڙو = عزازيل.

 

مراد:  حضورﷺ جن معراج تي ويا ته اتي پنج ڪرسيون ڏٺائون، جن مان هڪ ڪرسي اونڌي ٿيل هئي. جبرئيل کان پڇيايون. جنهن ٻڌاين ته اها ڪرسي عزازيل جي هئي، جنهن حضرت آدم عليہ السلام کي سجدو نه ڪيو، ۽ تڙيو ويو. پوءِ اها ڪرسي عزازيل جي ڏک ۾ اونڌي ٿي ڪري پيئي.

 

[235]

جنين ورتي راهه رسول جي، سي چندن ويا چري،

جنين چوڻ نه ورتو چڱن جو، سي ويا خان کري،

راجا جي رنگ محل ۾، هيون سوڍيون سون زري،

ٻيون ڀيڙيون هيون هن کي، هيءَ مومل ڳاٽَ ڳري،

راڻو تنهن کان رُسي ويو، پيئي منڌ مري،

ڏسڻ واري کي ڏک ٿيو، هيءَ ڪامڻ ڪيئن ڪري؟

اهڙو وگهه وَرِي، ايندس ڪونه ”احمد“ چئِي.

 (احمد خان لغاري)

 

راجا = الله تعاليٰ. خان = عزازيل.

رنگ محل = سدرةالمنتهيٰ.

سوڍيون = ڪرسيون. مومل = وچ واري

پنجين ڪرسي. راڻو = عزازيل.

ڏسڻ وارو = حضورﷺ جن ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضورﷺ جن سدرةالمنتهيٰ وٽ پهتا ته اتي هڪ ڪرسي اونڌي پيل هئي ۽ چار ڪرسيون ان جي چوڌاري سٿيون رکيون هيون. حضورﷺ جن جي پڇڻ تي جبرئيل کين حقيقت کان واقف ڪيو ته اها اونڌي ڪرسي عزازيل جي تڙجڻ کان پوءِ انهيءَ حالت ۾ آهي باقي، چار ڪرسيون اسان چئن ملائڪن مقربن جون آهن.

 

[236]

لاهوتي لوءِ ۾، ٻڌي ٻاروچي ٻولي،

دلبر کي دل سان لڳي، ته آهي لائق سندي لولي،

فڪر ٿيس ”فيضل“ چئي، پر سمجهڻ ٿيس سولي،

پوءِ جيءَ جانب جي جهولي، محبن وٽ منظور هئي.

 (فيضل)

 

لاهوتي = حضورﷺ جن. لوءِ = عرش عظيم.

ٻاروچي = ٻولي = حضرت ابوبڪر رضه جو آواز.

 

مراد:  معراج واري رات آسمان تي حضورﷺ جن حضرت ابوبڪر﷤ جو آواز ٻڌو ۽ ان بابت جبرئيل کان پڇيائون. جبرئيل عرض ڪيو ته الله تعاليٰ حضرت ابوبڪر﷤ جو شان وڌايو آهي جو هڪڙي ملائڪ جو آواز حضرت ابوبڪر رضه جي آواز جهڙو ڪيو آهي.

 

[237]

محب اچي محلات ۾، پانهه پاتو پير،

ڪامل ڪنان ئي پڇيو، ڪمري ۾ آهي ڪير؟

الاهي آواز ٿيو، اتي سالڪ جو آهه سير،

هن ۾ ڦند نه ڪي ڦير، هيءَ خبر ٻڌ ”کٽي“ چئي.

 (قادر بخش کٽي)

 

محب = حضورﷺ جن. محلات = بهشت.

سالڪ = حضرت بلال.

 

مراد:  حضورﷺ جن بهشت جو سير ڪندي، ڪنهن آدميءَ جي پيرن جي آهٽ ٻڌي، انهيءَ آواز معلوم ڪرڻ جو ارادو ڪيائون ته الله تعاليٰ جي بارگاهه مان آواز آيو ته منهنجا محبوب! اهو آواز ته تنهنجي پياري بلال جي پيرن جو آهي، جو تهجد جي نماز لاءِ اُٿيو آهي.

 

[238]

سوڍي گهڻي هئي سڦري، مٿي رنگ محل،

ڪئين هئا ڍوليا ڍٽ ۾، ٻيا پئي سوين سڪيا سيتل،

واجهائيندا وير ويا، جي هئا اڪابر عقل،

هن نه آين در ديوار جو، ڪانه پين ڪرف ڪنجيءَ جي ڪل،

ڪنهن نه ماڻي ”محمد“ چئي رڳي پئي ٻڌئون هاڪ هڪل،

ڏونر ڀٽي، ڌماچاڻي سينهڙو، اچي ساڻس ٿي شامل،

اٿي هليا هئا هوڏهين، مانجهي سي ئي مَل،

سي ڪاتب بيٺا ٻاهر ڪوٽ جي، مهند نه هئي موڪل،

راڻو وڇي روءِ ٿيو، مليس محبت مان مومل،

تنهن کي ته هئا زيور، زيب، زريون، ٻيا هيرا، هار امل،

پر سوڍي جي شان ۾، ٿيس جهڪا تيز طبل،

پوءِ ته حاڪم ويٺس هنج ۾، ڪئي مينڌري محفل،

مقابل محبوبن پاڻ ۾، الائجي ڪهڙي ڪئي ڪؤنسل؟

پوءِ ته گهوٽ گهميو سڀ گهٽيون، جيڪي طرح هئا تجمل،

اها هئي ڪاڪ ڏٺي ڪامل، ٻين پئي ڏس ٻڌ ”ڏيرو“ چئي.

 (محمد فقير ڏيرو)

 

ڪنهن نه ماڻي = اونڌي ٿيل ڪرسيءَ ڏانهن

اشارو. ڏونر ڀٽي، ڌماچائي سينهڙو = جبرئيل،

ميڪائيل ۽ براق. ڪوٽ = ستون آسمان.

محبوبن = الله تعاليٰ ۽ حضورﷺ جن.

ڪؤنسل = فاوحيٰ اليه ما اوحيٰ.

 

مراد:  ڪي چون ٿا ته حضورﷺ جن جڏهن رفرف جي تخت تي پهتا ته اتي هڪ اونڌي ٿيل ڪرسي ڏٺائون ۽ جبرئيل کين ٻڌايو ته اها ڪرسي خاص اوهان لاءِ اونڌي ٿيل آهي. جنهن تي ويهڻ جو ٻئي ڪنهن کي به حڪم نه آهي. ان کان پوءِ پاڻ ڪرسيءَ تي ويٺا. چون ٿا ته ان ڪرسيءَ تي ويهڻ وقت الله تعاليٰ ۽ حضورﷺ جن پاڻ ۾ راز نياز جون ڳالهيون ڪيون.

 

[239]

سوڍي جي سک ڪاڻ، مومل منڌ سڪي،

سهجؤن آيس سوڍو، ڪئي هئي کلندي منهن خوشي،

ڪي ورهيه ڪيترا، هيءَ ڳڻتين ۾ ڳتي،

ات ساٿيڻي سک ڪيو، نه ڪي سوڍي سور سٽي،

هت سارا نه آندي سوڍي، هت ڏور رهي ڏڪي،

اها سوڍي سان گڏبي، آخرت منجهه ”ڏيرو“ چئي.

 (محمد فقير ڏيرو)

 

سوڍو = حضورﷺ جن. هيءَ = ڪرسي

ڏانهن اشارو. ساٿياڻي = ڪرسي.

 

مراد:  حضورﷺ جن رفرف جي تخت تي جيڪا اونڌي ٿيل ڪرسي ڏٺي سا سالن جا سال حضورﷺ جن جي انتظار ۾ هئي. جڏهن حضورﷺ جن اتي پهتا تڏهن هوءَ گهڻو خوش ٿي، حضورﷺ جن ان تي ويهي الله تعاليٰ سان راز نياز جون ڳالهيون ڪيون.

 

[240]

آريءَ عاشق موڪليو، ڄنون پنهونءَ پار،

نماڻي آه ننڊ ۾، سئي ستي ڪنوار،

اڄ معشوق منهنجا، مون کي منهن ڏيکار،

آءٌ ڏسان توکي، تون دلبر دلڙي ٺار،
ستي لوڪ سهڻا! تون لنگهي آءٌ پار،

ڪشمير ڪيچ جا، اچي چانگي کي چار،

سڻي نياپو ”نالي چڱو“ چئي، ويو آري پار،

ڳجهه ڳالهايائون ڳالهڙي، جنهن جي ٻاڦ نه پئي ٻهار،

پياري گهوٽ پنهون کي، هئي ڪا سرخي سونهن موچار،

پوءِ ڪري سينگار، پرجهي آئي پنهونءَ سان.

 (نالي چڱو)

 

آري = الله تعاليٰ. چنون = جبرئيل.

نماڻي، سسئي = دنيا. جانگو = براق.

سرخي = جُتي.

 

مراد:  الله تعاليٰ ملائڪ جبرئيل موڪلي حضورﷺ جن کي معراج تي گهرايو. پاڻ معراج تي ويندي جڏهن عرش عظيم تي هلڻ تي تيار ٿيا تڏهن پنهنجي پيزار مبارڪ عرش تي عظمت سببان لاهڻ لڳا. مگر الله تعاليٰ کين ان جي لاهڻ کان منع فرمائي ۽ پنهنجي محبوب کي فرمايو ته انهيءَ نعلين جي خاڪ ئي عرش کي شرف بخشڻ واري آهي. تڏهن حضورﷺ جن نعلين سان اڳتي هليا.

 

[241]

ڪني ڪسَ مان پيدا ٿي، ناز ڀري سا نار،

دولهه جي درٻار، ٻٽ سمي سان ٻيلهه هئي.

 

ڪني ڪس = چم. ناز ڀري نار = جُتي.

دولهه = الله تعاليٰ. سمو = حضورﷺ جن.

 

مراد:  معراج تي حضورﷺ جن بارگاهه الاهيءَ ۾ جُتي ساڻ ويا.

 

[242]

پنهون نڪتو ڀنڀور مان، ڪري سسئي ساڻ،

ڇڏيائين ٿي ڇپرين، پلي پنهنجو پاڻ،

آري ڏنس اهڃاڻ، تڏهن منڌ وٺي هليو ”محمود“ چئي.

 (محمود شيخ)

 

پنهون = حضورﷺ جن. ڀنڀور = مدينو شريف.

سسئي = جُتي. ڇپرين ڇڏڻ = عرش تي لاهڻ.

آري = الله تعاليٰ. منڌ = جُتي.

 

مراد:  حضورﷺ جن معراج تي ويندي عرش عظيم جي شرف کان جُتي مبارڪ ٿي لاٿي ته الله تعاليٰ جو فرمان ٿيو ته جُتي نه لاهيو، جو اها ته پاڻ هن عرش کي شرف بخشڻ واري آهي، تنهنڪري حضورﷺ جن جُتيءَ سميت بارگاهه الاهي ڏانهن هليا.

 

[243]

ڏي مارئي مارن کي، تون عمر ڄام امير،

ڀلي سانگي سکيا هجن، پيا گهمن منجهه ملير،

تنهنجو نانءُ کڻي نيڪي، پيا ڪندا نر نظير،

سومري سڌير، ڏني اجڙوال ”اميربخش“ چئي.

 (اميربخش کٽي)

 

مارئي = جُتي. سارو = پير.

عمر = حضورﷺ جن. سانگي = پير.

ملير = عرش عظيم.

 

مراد:  حضورﷺ جن عرش عظيم تي پهچي، پيرن مان جُتي ٿي لاٿي ته الاهي اَمر ٿيو ته پيرن مان جُتي نه لاهيو پوءِ جُتيءَ سميت عرش تي پي هليا.

 

[244]

ميون منڌ کڻي، آيو راجا ڏي راڻي،

اها آئي طنبو تماچي وٽ، ٿي مرڪي مهاڻي،

جڏهن سمي سيباڻي، تڏهن گڏ نيائين گندري.

 

ميون = جبرئيل. منڌ = جُتي.

راجا = حضورﷺ جن. راڻي = جتي.

طنبو = عرش عظيم. سمون = حضورﷺ جن.

گندري = جُتي.

 

مراد:  معراج واري رات، حضورﷺ جن جُتيءَ سميت عرش عظيم تي ويا.

 

[245]

ڪامڻ جي ڪٽنب مؤن، ڇڄي ويئي ڇوڪر،

ويچاريءَ ودي وڃي، ڀلن سندي ڀر،

جتي جاءِ نه جنهن جي، آئي اتي نار نظر،

سهڻي سراسر، ٿي هوت محابي ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

ڪامڻ = زمين. ڇوڪر = دز.

ڀلا = حضورﷺ جن جا پير مبارڪ.

نار = دز. هوت = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن جڏهن معراج تي ويا، تڏهن سندن جُتيءَ تي دز چڙهيل هئي ۽ پاڻ جُتي مبارڪ عرش عظيم جي شرف کان لاهي ٿي هليا، مگر الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو ته توهان جُتيءَ سان اچو ته اُنهيءَ جي دز سان ئي عرش کي شرف ۽ بزرگي عطا ٿئي.

 

[246]

مومل کي منهنجا پرين، ڇني نه تون ڇڏ،

اها گولي ساڻ گڏ، موڪل آهي توکي منهنجا پرين!

 

مومل = جُتي مبارڪ. پرين = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن عرش تي جُتي ٿي لاٿي ته الله تعاليٰ کين جُتيءَ سان هلي اچڻ جو ارشاد ڪيو.

 

[247]

ميين مڱڻي پاڻ ۾، جڏهن ورهائي وٽ،

انڙ ڄام اپٽيا، هئا هيري سندا هٽ،

پوءِ موتين سندا مٽ، چونڊي ڀريا هئا چارڻي.

 (شاهه)

 

ميون = الله تعاليٰ. مڱڻيو = حضورﷺ جن.

انڙ ڄام = الله تعاليٰ.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي معراج تي وڃڻ ڪري، کين الله تعاليٰ وٽان ڪئين نعمتون مليون ۽ حضورﷺ جن پنهنجي اُمت لاءِ پڻ بخششون ۽ نعمتون گهري حاصل ڪيون.

 

[248]

ميين مڱڻي پاڻ ۾، ڪئي جا ڳالهه ڳجهي،

دائيين ٻائين ٻانهين، سوجهي تان نه سُجهي،

ويا وير وماس ۾، ٻيا عاقل پيا اجهي،

ڪوڙين جي ڪبير ري، ويئي مت منجهي،

هڪ ٻيجل ٿي ٻجهي، ٻي خبر هئي کنگهار کي.

 (شاهه)

 

ميون = الله تعاليٰ. مڻو = حضورﷺ جن.

وير = ملائڪ. عاقل = نبي سڳورا.

 

مراد:   حضورﷺ جن معراج جي رات عرش تي پنهنجي سڀني حقيقتن کان واقف ٿيا ۽ بارگاهه الاهي ۾ الله تعاليٰ کي ايترو قريب ٿيا جو ملائڪ ۽ ٻيا نبي سڳورا حيرت ۾ ئي رهيا ۽ پاڻ جيڪي الله تعاليٰ سان راز نياز جون ڳالهيون ڪيئون. تن جي ٻئي ڪنهن شخص کي خبر نه پئي.

 

[249]

آديسين ارواح تان، لاڳ سڀئي لاهيا،

کڻي سهاڳ سفر جو، تن ٺاهه وڏا ٺاهيا،

ڏنئون جاما جان کي، جنهن پاڪ پهري پايا،

جوڳي ڇڏي جوءِ کي، وري آسڻ تي آيا،

”لعلڻ“ لڪايا، راز تنين سي روح ۾.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

آديسي = فرشتا. لاڳ = ڪپڙا.

سفر جا سهاڳ = بهشتي وڳا.

جوڳي = حضورﷺ جن.

 

مراد:  معراج واري رات ملائڪن حضورﷺ جن کي نوراني پوشاڪ پهرائي، عالم ملڪوت جو سير ڪرائي، کين وري ساڳئي هنڌ تي ڇڏي ويا.

 

[250]

هوت گهمايس هٿڙا، ڀلي آيس ڀاڻ،

الاهي وقت اُڙهو پئي، ڪانه هيس ڪا ڪاڻ،

ساڻ پنهنجي سنگتيءَ پئي ڪيئين راند رهاڻ،

جڏهن آيو وير وٿاڻ، تڏهن ٿي حالت ڏٺئينس ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

هوت = سردار. ڀاڻ دروازي جو ڪَڙو.

سنگتي = طاق (در جو).

وير = حضورﷺ جن. وٿاڻ = گهر.

 

مراد:  حضورﷺ جن معراج تي ويا ۽ وري واپس موٽيا ته ڏٺائون ته در جو ڪڙو جنهن حالت ۾ پاڻ ڇڏي ويا هئا انهيءَ ئي حالت ۾ لڏي رهيو هو.

 

[251]

غرض خاطر گوهر جي، ٻيا کاهيءَ منجهه خرار،

عوام کي عورت جي، نه پئي خبر چار،

ويهي ڪيائون ورونه، ڪامل ساڻ فرار،

تنهن پانهه جي پچار، آهي هاڻ توئين ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

گوهر = حضورﷺ جن. کاهي = رات.

خرار پوڻ = ارڙهن سالن جو عرصو پوڻ.

عورت = معراج واري رات. ڪامل = الله تعاليٰ.

پانهه = حضورﷺ جن.

 

مراد:  معراج واري رات جنهن ۾ ارڙهن سال پئجي ويا هئا، پر عام کي انهيءَ رات جي خبر نه پئي ته ايترو عرصو گذري ويو.

 

[252]

سڏائين سڪ مؤن، هيو ڪلنڪي کؤن نه ڪثر،

هنڌ انهيءَ ”حجم“ چئي، داد ڏنس دلبر،

ويچاريءَ کي وڻڪار ۾، لڳي ويا ته پهر،

موٽي آيو ماڳ تي، نه پئي ڪامڻ کي ڪر،

ملڪن ۾ مشهور ٿي، سهڻي گل گُجر،

پئي ڳالهه پڌر، سهڻي جي ساراهه جي.

 (مير محمد حجام)

 

ڪلنڪي = نبين سڳورن ڏانهن اشارو.

ڪثر = حضورﷺ جن ڏانهن اشارو.

دلبر = الله تعاليٰ. ويچاري = رات.

ڪامڻ = رات. گجر = رات.

سهڻو = حضورﷺ جن.

 

مراد:  معراج واري رات ملڪن جي عالم ۾ ارڙهن سالن جي عرصي جيتري ٿي، جنهن ۾ حضورﷺ جن عالم ملڪوت جو سير ڪيو ۽ بارگاهه الاهيءَ ۾ قرب حاصل ڪري ان رات کي ممتاز فرمايو.

 

[253]

سوڍيون سڀئي هڪ جهڙيون، پر هڪڙي ٿا ناز ڀري نار چون،

سا مور حجاب نه کولي، گونگهٽ وچ گلزار چون،

جنهن جي ملڻ لئي لکين ماندا، عاشق عام اپار چون،

عام ليکي عورت آهي، گڏ گوهر سان گرنار چون.

 

سوڍيون = راتيون. ناز ڀري نار = معراج واري رات.

گوهر = حضورﷺ جن. گرنار = عرش عظيم.

 

مراد:  راتيون سڀ چڱيون پر معراج جي رات سڀني کان ڀلاري ٿي. ان ۾ الله تعاليٰ جي محبوب عالم ملڪوت جو سير ڪيو ۽ عرش عظيم تي پير گهمائي قرب حاصل ڪيو.

 

[254]

خاوند پنهنجي خدمت ۾، قبوليو نر ڇڏي ناري،

سڄي عمر سائين سان، تنهن گوليءَ گذاري،

موڪل ملي منڌ کي، ٿي ڪامڻ قراري،

مِٽين موچاري، آهي اهڻي تائين ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

نر = ڏينهن. ناري = رات.

مِٽ = ٻيون راتيون.

 

مراد:  الله تعاليٰ حضورﷺ جن جي معراج لاءِ رات کي ئي منتخب ڪيو ۽ اها رات سڀني راتين ۾ ڀلاري ٿي.

 

[255]

هيون عورتون آرام ۾، سي سڀئي برحال،

پلؤ نه کڻي پري پئي، سيفل تان سرحال،

پير بانو بديع الجمال، انهيءَ رنگ رتي ”راڄپر“ چئي.

 (قادربخش راڄپر)

 

عورتون = راتيون. پاؤ نه کڻڻ = اوندهه جو

پردو نه هٽڻ. سيفل = حضورﷺ جن.

بديع الجمال = معراج واري رات ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي معراج واري رات جو ٻين سڀني راتين کان شان نرالو ٿيو.

 

ڪافر جي ٻانهيءَ سان همراهي ڪرڻ:

        چون ٿا ته حضورﷺ جن معراج تان موٽيا ته رستي تي هڪ عورت ويڳاڻي ڏٺائون. حضورﷺ جن کانئس غم جو سبب پڇيو، عورت چيو ته: مان هڪ ڪافر جي ٻانهي آهيان ۽ ان جي لاءِ جنڊ پهندي آهيان، اڄ بيمار آهيان تنهنڪري ملول آهيان ته هيءَ ڪم ڪيئن ٿيندو. حضورﷺ جن اها ڳالهه ٻڌي مائيءَ تي رحم آڻي سندس ڪم پاڻ ڪيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[256]

پري تنهن پرديس ۾، هنکي وڪوڙيو وِرهن،

چؤرنگ چاهه رکي، اچي حال پڇيس هرفن،

ڪيئين حقيقت حال جي، آڏو عجيبن،

گوهر گودڙيو کڻي، آيو منڌان جي ماڳن،

هن جا دل دور ٿيا، هٿان جي هوتن،.

اهڙا پرين پيا پسجن، جن جو عاجز آهيان ”عبد“ چئي.

 (عبدالمجيد سولنگي)

 

هن = ٻانهيءَ ڏانهن اشارو.

چؤرنگ = حضورﷺ جن. گودڙيو = جنڊ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

چنڊ جو چيرجڻ:

        چون ٿا ته حبيب نالي هڪ يهوديءَ کي ڌيءَ ڄائي، جا گوشت جي بڊي وانگر بدصورت هئي. هن ڪئين علاج ڪرايا، پر ڪٿان به فائدو نه ٿيو. آخر حضورﷺ جن کان شفا وٺڻ پئي آيو ته واٽ تي ابوجهل مليس، جنهن سان اهو ذڪر ڪيائين. ابوجهل چيس ته خسيس سوال جي ڪري پنهنجو دين ٿو ڇڏين! نيٺ پاڻ ۾ صلاح ڪري، حضورﷺ جن وٽ آيا ۽ کانئن چنڊ جي چيرجڻ جو معجزو طلب ڪيائيون. حضورﷺ جن فڪرمند ٿيا ته ايتري ۾ جبرئيل نازل ٿيو ۽ حضورﷺ جن کي الله تعاليٰ جو پيغام پهچائي چيائين ته، توهان اشهد جي آڱر سان چنڊ کي اشارو ڪريو ته چنڊ چيرجي ٻه اڌ ٿي پوندو. الله تعاليٰ جي ارشاد موجب چنڊ ڏانهن اشارو ڪيائون ته چنڊ چيرجي ٻه اڌ ٿي پيو. ۽ ٻئي اڌ هڪ ٻئي کان پري ٿي بيٺا. ابوجهل وري چيو ته، هاڻي ٻئي اڌ گڏ ٿين. حضورﷺ جن وري به آڱر جي اشاري سان ٻئي اڌ ڳنڍي ڏيکاريا. اهو معجزو ڏسي حبيب ڪلمون پڙهي حضورﷺ جن تي ايمان آندو. پر ابوجهل چيو ته اهو جادو آهي ۽ ايمان نه آندائين. گهر اچڻ تي حبيب کي معلوم ٿيو ته جنهن مهل چنڊ جو معجزو ٿيو هو، ان مهل سندس ڇوڪري به تندرست ٿي ويئي هئي. حبيب هيڪاري خوش ٿي ناڻي جا اُٺ ڀرائي، بيت المال لاءِ حضورﷺ جن ڏانهن موڪليا. پر ابوجهل انهيءَ قافلي کي ڦيرائي، پنهنجي طرف ڪيو. جڏهن اصحابن حضورﷺ جن سان اهو ذڪر ڪيو، تڏهن قاصدن کان پڇا ڪيائون، جن پڻ ڪوڙ ڪري ٻڌايو ته هي خزانو ابوجهل ڏانهن آندو اٿئون. حضورﷺ جن وري اٺن کان پڇا ڪئي، جن سڀني جي اڳيان سچي ڳالهه ڪري ٻڌائي، جا ٻڌي قاصد شرمسار ٿيا ۽ پوءِ حضورﷺ جن اهو خزانو بيت المال ۾ جمع ڪرايو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[257]

سوڍي سڀن ۾ سالڪ هئي، مومل مڻيادار،

نار به وڏي ناز مان، ڪيس ڌڙ سسيءَ کان ڌار،

اچي لڳو قدمين ڪامل جي، هلي سو هيڪار،

مرد ڪرايس ”محمد“چئي ساڳئي هنڌ سينگار،

هن به روبرو رنگ ڏٺا، درس اتي ديدار،

اُٿلي آيو پوئتي، اچي پچيائين خبر چار،

مهندان مليس مبارڪون، هي ٿي ويو باغ بهار،

ماڻڪ موتي هيرا، لعلون ۽ جنوهار،

کڻي ڏنائين خوشيءَ مان، ٻيا ڀري انبار،

واٽ تي ونگي وڏي، ڪوڙي تنهن قطار،

اُتي ته ماڻهن جا اچي، مڙيا سوَ هزار،

قاصد به ڪوڙ ڪري ويا، جيڪي نڀاڳا نڪار،

گونگن ڪئي گفتار، مال وٺي ويو ”محمد“ چئي.

 (محمد فقير ڏيرو)

 

سوڍي = اشد آڱر. ڌڙ سسيءَ کان ڌار ٿيڻ = چنڊ

به ڦاڪون ٿيڻ. ڪامل = حضورﷺ جن.

هن = حبيب ڏانهن اشارو. ڪوڙو = ابوجهل.

قاصد = جت. گونگا = اُٺ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 [258]

بندن بانڪي کي وڏو، امير کي اڙِي،

لال آيو لاهوت ڏنهون، تنهن اچي پرت پڙهي،

ناز ڀري نار اُتي، ڪئي جان خان کڙي،

يڪدم آيو ”حاجي“ چئي، هن گهاري ڪين گهڙي،

اُتي پرت پڙي، مانجهيءَ جي ميدان ۾.

 (حاجي مهيسر)

 

بندن = ڪافرن. بانڪو = حضورﷺ جن.

امير = حضورﷺ جن. لال = جبرئيل.

لاهوت = عرش عظيم. ناز ڀري نار = اشهد آڱر.

خان = حضورﷺ جن. هن = چنڊ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڪافرن حضورﷺ جن کان چنڊ چيرجڻ جو معجزو طلب ڪيو. حضورﷺ جن وٽ جبرئيل آيو ۽ الله تعاليٰ جي طرفان کين ارشاد ٿيو ته چنڊ کي آڱر سان اشارو ڪريو. حضورﷺ جن اشهد آڱر سان چنڊ ڏانهن اشارو ڪيو ته چنڊ چيرجي ٻه اڌ ٿي پيو.

 

[259]

ساميءَ جي مگ ڪئي، امير سان عڪس،

دوست ڏنهون دلاسون آيو، ٿيو ورنه پنهنجي وس،

هن ته ڪئي بس، پر هن جا مطلب ٿيا ”موريو“ چئي.

 (موريو کٽي)

 

مگ = ابوجهل. امير = حضورﷺ جن.

دوست = الله تعاليٰ. ورنه = حضورﷺ جن.

هن = ابوجهل ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ابوجهل = حضورﷺ جن کان چنڊ کي ٻه اڌ ڪرڻ جو معجزو گهريو، پاڻ الله تعاليٰ جي حڪم سان اشهد آڱر جو اشارو ڪري چنڊ کي ٻه اڌ ڪيو، حضورﷺ جن پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيا پر ابوجهل ايمان نه آندو.

 

[260]

ورنهه کي ويچار ٿيو، ٻڌي بيرنگ اُلٽو بند،

ورندي آئي وير ڏي، اتي خان ٿيو خورسند،

هڪ نَر جي نسل مان ڪيو، عورت ڪم اَمند،

هن سان مائٽ مٽ ملت هئا، ٻي پانهه جي پيوند،

هن جي اهل عظيم جو، هو بالا بخت بلند،

”بهاول“ چئي ڀلو آهي، صاحب نام صمند،

پوءِ ڪو راهه پروڙي رَند، ڏاهو انهيءَ ڏور جو.

 (بهاول مهر)

 

ورنهه = حضورﷺ جن. بيرنگ اُلٽو

بند = شق القمر _چنڊ کي اڌو اڌ ڪري

ڏيکارڻ). ورندي اچڻ = وحي جو پيغام کڻي

اچڻ. نَر = هٿ. عورت = اشهد آڱر.

 

مراد:  ڪافرن، حضورﷺ جن کان چنڊ چيرجڻ جو معجزو گهريو. حضورﷺ جن اشد آڱر جي اشاري سان چنڊ کي ٻه اڌ ڪري ڏيکاريو.

 

[261]

فسادي فساد جي، ڪڻي ڪني ڪهاڻي،

هوت تنهن سان هائو ڪئي، ڄاڻي سڃاڻي،

هڪدم پنهنجي همراهه کي، ڏنائين سونهين سنگتياڻي،

روءِ ڏسي راڻي، هو هٽيو ڪين ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

فسادي = ابوجهل. ڪهڻي ڪرڻ = چنڊ

چيرجڻ لاءِ چوڻ. هوت = حضورﷺ جن.

همراهه = هٿ. سنگياڻي اشهد جي آڱر.

راڻي = آڱر. هو = چنڊ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ابوجهل حضورﷺ جن کان چنڊ چيرجڻ جو معجزو گهريو. حضورﷺ جن اڱر جو اشارو ڪيو ته چنڊ چيرجي ٻه اڌ ٿي پيو.

 

[262]

ٻڌي ٻولي ٻاڦيس، اندر ۾ ارمان،

چوريائين چٽو ڪري، سڻي فائق جو فرمان،

هو ڇڏي هن کي، ٿيو رند راهه روان،

معلوم ٿيو مڙني کي، نر سندو نيشان،

ٿيو مانائتو مهمان، هنڌ انهيءَ ”حجم“ چئي.

 (مير محمد حجام)

 

فائق = الله تعاليٰ. فرمان = آڱر سان اشارو ڪرڻ.

نر = حضورﷺ جن. هو = اڌ چنڊ ڏي اشارو.

هن = ٻئي اڌ ڏانهن اشارو. مهمان = چنڊ.

 

مراد:  ڪافرن، حضورﷺ جنکان چنڊ ٻه اڌ ڪرڻ جو معجزو گهريو. حضورﷺ جن خيال ۾ پئجي ويا، آخر الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو ته چنڊ ڏي آڱر جو اشارو ڪريو، حضورﷺ جن جي اشاري سان چنڊ جا ٻه اڌ هڪ ٻئي کان پري ٿي بيٺا.

 

[263]

ليليٰ ڏاڍي لاڏ مان، ٿي ناز ڪيا نيشان،

موهي وڌائين مجني کي، ٿيو محبت ۾ مستان،

پيادل هليو پنڌ ۾، ٿيو حُسن تي حيران،

وڍي ڏنائين وينگس کي، جان ڪري قربان،

ڌري پنهنجو ڌيان، اوهين اها ڳوليو ڏور کي.

 

ليليٰ = اشهد آڱر. مجنون = چنڊ. وينگس = آڱر.

جان قربان ڪرڻ = چنڊ جو ٻه اڌ ٿيڻ.

 

مراد:  ڪافرن کي معجزو ڏيکارڻ لاءِ حضورﷺ جن چنڊ کي آڱر سان اشارو ڪيو ته چنڊ يڪدم ٻه اڌ ٿي پيو.

 

[264]

هلي اچي هوت سان، ڪيائون بات بيان،

آندو ڀي عجيب اتي، سهڻو سو سلطان،

پوءِ ماڳ موٽيو مهمان، اوڏانهن ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

هوت = حضورﷺ جن. ڪيئون = ابوجهل ۽

حبيب ڏانهن اشارو. باٽ = چنڊ چيرجڻ جو سوال.

 عجيب = حضورﷺ جن. سلطان = چنڊ.

 

مراد:  ڪافرن، حضورﷺ جن کي چنڊ ٻه اڌ ڪرڻ جو معجزو گهريو. حضورﷺ جن اشد آڱر جي اشاري سان چنڊ کي ٻه اڌ ڪيو، ۽ اهي اڌ هڪٻئي کان پري ٿي بيٺا. ابوجهل انهن جي گڏجڻ لاءِ چيو. حضورﷺ جن ٻيو ڀيرو اشارو ڪيو ته ٻئي گڏجي ويا.

 

[265]

منڌون گهڻيون ملڪ ۾، پر هڪ صورت سونهاري،

ڏيئي محبت من سان، عشق رکيو آري،

ڳجهي جيڪا ڳالهڙي، سا پت انهيءَ پاري،

سُڌ اِها ساري، ”لعلڻ“ آهي لوڪ ۾.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

منڌون = آڱريون. هڪ = اشهد آڱر

ڏانهن اشارو. آري = حضورﷺ جن.

ڳجهي ڳالهه = چنڊ ڏانهن اشارو.

پت پارڻ = چنڊ ٻه اڌ ٿيڻ.

 

مراد:  حضورﷺ جن پنهنجي هٿ جي آڱر سان چنڊ کي اشارو ڪيو ته چنڊ چيرجي ٻه اڌ ٿي ويو.

 

[266]

نڪري شهر ڀنڀور مان، منڌ رکي مصلحت،

ساجن سڻي سڏڙا، پنهون باري پَت،

سسئي جيڏو ست، ٻي ڪامڻ ڪندي ڪانه ڪا.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

ڀنڀور = هٿ جو چنبو. منڌ آڱر.

ساجن = چنڊ. پنهون = چنڊ. سسئي = آڱر.

 

مراد:  حضورﷺ جن، چنڊ کي اڱر جو اشارو ڪيو ته اهو ان آڱر مبارڪ جي اشاري تي ٻه اڌ ٿي پيو.

 

[267]

تندون هيون تنبور تي، جڙيل سان جنسار،

تنهن دم کڻي تڪڙي تکي چاڙهيائين تار،

سوالي آهيان سر جو، ناهي دنيا جي درڪار،

گهريائين گهور سان، ٻيو سڏي پئي ستار،

ڪنڌ وڍي ڪاپار، ڏنائين لحظي ۾ ”لعلڻ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

تندون = آڱريون. تنبور = هٿ.

تار = اشهد آڱر. ڪنڌ وڍڻ = ٻه اڌ ٿيڻ.

 

مراد:  حضورﷺ جن چنڊ ڏانهن آڱر مبارڪ جو اشارو ڪيو ته هو يڪدم اَڌواڌ ٿي پيو.

 

[268]

سگهڙ سينو ساهيو، ته لڪي ويو لشڪر،

شهزاديءَ شڪار ڪيوَ، ناز ڀريو نينگر،

جاءِ انهيءَ ”جانڻ“ چئي، اُن سان راضي ٿيو رهبر،

ڪونج به کڻي ڪر، وڃي سرخرو ٿي ساٿ سان.

 (جانڻ کٽي)

 

سگهڙ = اشد آڱر. لشڪر = ٻيون آڱريون.

شهزادي = آڱر. نينگر = چنڊ.

ڪونج = اشهد آڱر. ساٿ = ٻيون آڱريون.

 

مراد:  حضورﷺ جن اشهد آڱر سان چنڊ کي اشارو ڪيو ته چنڊ ٻه اڌ ٿي پيو. ۽ آڱر مبارڪ سرفرار ٿي موٽي ٻين آڱرين سان وڃي ڀيڙي ٿي.

 

[269]

لشڪر منجهون لاڏڪي، ڪئي خان کڙي،

ڏسي مذڪور منڌ جو، آيو لاهوتي لڙي،

ڪيائين سلام سڄڻ جو، گهاريائين ڪانه گهڙي،

پوءِ ويو مير مُڙي، اوڏانهين ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

لشڪر = آڱرين جو ميڙ. لاڏڪي = اشهد آڱر.

مذڪور = اشارو. منڌ = آڱر. لاهوتي = چنڊ.

سڄڻ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  چنڊ کي جڏهن حضورﷺ جن جي هٿ جي اشهد آڱر سان اشارو ٿيو تڏهن هو چيرجي ٻه اڌ ٿي پيو ۽ وري جڏهن ٻيو اشارو ٿيس تڏهن ٻئي اڌ گڏجي هڪ ٿي ويا.

 

[270]

جوڳياڻي جلهه ڪري، ڪيو واسينگ تي وارو،

هو به پلٽيو پڙ ۾، نرمل هڻي نعرو،

ڪيڏي مام هئي مهمير جي، ڪيڏو پرينءَ پيارو،

جڳ وسي سارو، ڪلمي جي ته قرار سان.

 

جوڳياڻي = اشهد آڱر. واسينگ = چنڊ.

مهمير = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي اشهد آڱر جي اشاري سان چنڊ هڪدم ٻه اڌ ٿيو. اهو معجزو ساري جهان ڏٺو.

 

[271]

نه ڪي اکيون عورت کي، نه ڪي ڪن ڪنوار،

حڪم ٻڌي هوت جو، پهتي وڃي پار،

منڌ موٽي ماڳ تي، ڪري شيل شڪار،

ڪير هڻي ڪينڪي، تنهن جهڙي ته ترار،

نالو تنهن تي نر رکيو، سونهن ڀري سرڪار،

هڙني کي ڏئي هار، هلي ويئي ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

عورت = اشهد آڱر. هوت = حضورﷺ جن.

شيل شڪار ڪرڻ = چنڊ ٻه اڌ ڪرڻ.

سونهن ڀري = اشهد آڱر. هڙني = ٻين آڱرين.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي اشهد آڱر جي اشاري سان چنڊ تابعدار ٿي ٻه اڌ ٿيو.

 

[272]

نه ڪو محابو نار جو، نه ڪا ڏيٺ ويٺ،

دوراڻي ديس تئون، صوبو آندائين سيٺ،

”حاجي“ چئي هيٺ، وهاريائين وير کي.

 (حاجي مهيسر)

 

نار = اشهد آڱر. دوراڻو ديس = آسمان.

صوبو = چنڊ. هوت –حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي اشهد آڱر جي اشاري سان چنڊ تابعدار ٿي ٻه اڌ ٿيو.

 

[273]

سهڻيون مڙيئي سهڻيون، پر سهڻيءَ مٿان ڇٽ،

انهيءَ جاءِ ”جانڻ“ چئي، ڍوليءَ ڍاريو ڍٽ،

سارو ٿر ٿيلهي آئي، وينگس وجهي وٽ،

انهيءَ مومل مٽ، ٻي ڪامڻ ٿيندي ڪانه ڪا.

 (جانڻ کٽي)

 

سهڻيون = آڱريون. سهڻي = اشهد آڱر.

ڍٽ = چنڊ. ٿر = آسمان. مومل = اشهد آڱر.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي اشهد آڱر جي اشاري سان آسمان ۾ چنڊ ٻه اڌ ٿيو. اهي اڌ هڪٻئي کان پري ٿي بيٺا ۽ اها آڱر مبارڪ مرتبي ۾ ٻين آڱرين کان وڌيڪ ٿي.

 

[274]

سيفل ڏسي بديعل کي، ٿيو ترت تيار،

سانگو نه ڪيئين ساڌ جو، هئس بادشاهي برقرار،

مرد جي ميار، لاٿائين ”لونگ“ چئي.

 (لونگ)

 

سيفل = چنڊ. بديعل = اشهد آڱر.

ساڌ = ٻيو اڌ. مرد = حضورﷺ جن.

 

مراد:  اشهد آڱر جو اشارو ڏسي چنڊ ٻه اڌ ٿيو ۽ اهي اڌ هڪٻئي کان پري ٿيا، پر وري به آڱر جي اشاري سان واپس وڃي گڏيا ۽ ساڳيو چنڊ آسمان تي چمڪڻ لڳو ۽ حضورﷺ جن جو هيءُ معجزو دنيا ۾ مشهور معروف ٿيو.

 

[275]

ڪامورن ۾ ڪليڪٽر هو، جو پيو ڊيوٽيءَ تان

 (طاهر)

ڪليڪٽر = ڏند. ڊيوٽي تان ڊهڻ = شهيد ٿي پوڻ.

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org