سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :49

چاڪر علي: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 66

        ڇتو فقير: ڇتو فقير وساڻ، ڳوٺ جهنگو تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور جو ويٺل آهي. سدنس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 94

        حاجي خان ڪورائي: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 450

        حاجي فقير مهيسر: حاجي فقير ولد الهندو ولد حاجي احمد ول الهندو ذات  مهيسر ڳوٺ رفيق مهيسر تعلقي خيرپور جو ويٺل آهي. سن 1332هه ۾ ڄائو. هن سنڌي ۽ ٿوري قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪئي آهي. سندس استاد محمد عمر سومرو آهي. پاڻ ڏورن چوڻ جو سدا ملوڪ سگهڙ آهي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 211، 233، 239، 284، 287، 289، 290، 300، 334، 349، 351، 353، 355، 357، 361، 363، 366، 367، 368، 369، 370، 372، 372، 377، 378، 381، 383، 384، 387، 394، 395، 403، 417، 421، 423، 437، 457، 487، 494، 510، 534

        حاصل فقير: حاصل فقير پٽ فضل وسائي پوٽو اسلام ڪوٽ کان ڇهه ميل ڏکڻ طرف ’کاکڻهار رحم علي‘، ۾ سن 1331هه مطابق 1912ع ڌاري ڄائو. فقط ٽي چار درجا سنڌي ۽ قران شريف پڙهيو. نهايت خوش طبع ۽ گفتي جو ملوڪ آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 475

        حاجي حاميد خاصخيلي: حاجي حاميد پٽ قبول خاصخيلي ڳوٺ ملهڻ تعلقي ماتلي ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. هن وقت سندس عمر ايڪهٺ سال آهي. پاڻ قرآن شريف پڙهيل آهي. ڏورن ۽ ڳجهارتن جو ڳولو آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 51، 52، 251، 253، 254، 255، 407، 408، 435، 453

        حاجي موسو ڀاڻوجو: هيءُ سگهڙ نچائو ڀڻو جو تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ جو رهاڪو آهي. ڏورن جي ڪچهرين جو تمام شوقين آهي. پاڻ به ڏور چوندڙ آهي. هن جي عمر پنجاهه سال ٿيندي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 365

        حجم: شايد حاجي حجم هجي، جو سکر شهر جو ويٺل آهي. اڳي ”حجم“ جي نالي سان ڏور چوندو هو. هاڻي ڏور ڪونه چوي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 369

        حاجي فضل ملاح: هي سگهڙ ڳوٺ ٿلهو تعلقي خيرپور جو ويٺل هو. ڏور جو شاعر چڱي هو، ان کان سواءِ هنر، ڳجهارت ۽ سينگار جو به چڱو ڄانو هو. سندس چيل ڏور لاءِ ڏس ص 31

        خدابخش: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 49، 519

        دائم لغاري: ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار تعلقي ٽنڊي اليهار ضلعي حيدرآباد جو ويٺل آهي. اٽڪل سن 1924ع ڌاري ڄائو. ڏور ۽ بيت چيا اٿس. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 74، 143

        درل ڀٽو: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 507، 509

        حاجي دوست علي: هيءُ ذات جو مري بلوچ هو. ويٺل ڳوٺ حاجي دوست علي سندس نالي تي آهي. هيءُ سگهڙ ڏورن جي ٺاهڻ جو بلڪل ملوو هو. پنجويهه سال کن ٿيا جو گذاري ويو آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 266

        ڏاڙهون چاڪي: هوءُ ذات جو سومرو ۽ سندس ڌنڌو چاڪي، شهدادپور ضلعي سانگهڙ جو ويٺل اهي. عمر ٽيهه سال اٿس. هيءُ نئون سگهڙ آهي. مگر ڏور چڱا اٿس. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 123

        راڄڙ: سندس چيل چور لاءِ ڏسو ص 19، 72

        راڄپر: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 372

        راوت ٻرڙو: راوت فقير پٽ وليداد ويٺل لڳ خيرپور تعلقي ڪوٽڏيجي جو ويٺل هو. سندس استاد احسان ٻرڙو هو. هن ننڍي عمر ئي ۾ بيت چوڻ شروع ڪيو. ڪن جو چوڻ آهي ته هن فقير جون ڪچهريون مورئي فقير سان به ٿيون. اٽڪل ست سال کن ٿيا جو سؤ ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 249، 399

        رسالو: (شاهه عبداللطيف ڀٽائي) شاهه جو رسالو. مختلف ڇاپي رسالن مان ڪي بيت سگهڙ ڏورن طور ڪم آڻيندا آهن. اهڙن ڏورن لاءِ ڏسو ص 389، 446، 505، 555، 558، 559، 581، 568، 573

        رکيل درس: رکيل ولد الله بخش درس ويٺل لڳ کمڻ اسٽيشن تعلقي ڪوٽڙي جو آهي. ڏورن جو چڱو ڄاڻو آهي ۽ ڳجهار جو به چڱو ڳولو آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 496

        رمضان: رمضان پٽ محمد صالح کٽي، ڳوٺ رفيق مهيسر تعلقي خيرپور جو ويٺل آهي. اسي ورهين جي ڄمار ۾ اندازاً پنجويهه سال اڳ گذاري ويو. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 205، 389

        روشن شاهه: ڳوٺ نورڪيٽي تعلقي هالا جو ويٺل هو، جتان پوءِ لڏي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ ويٺو. ڏورن کان سواءِ ڏٺ، هنر وغيره تي به سندس بيت مشهور آهن. اٽڪل سن 1955ع ڌاري پنجاهه سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 323، 412، 570

        ساجن ڪوريجو: ڳوٺ مانجهند تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو جو ويٺل آهي. هيءُ سگهڙ ڏورن چوڻ جو چڱو آهي، هن وقت سندس عمر پنجيتاليهه سال آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 397

        سرهو جاگيراڻي: ڳوٺ دبر سرهو فقير لڳ سنگي اسٽيشن ضلعي سکر جو ويٺل هو. هيءُ ڏورن چوڻ جو سٺو شاعر هو ۽ پنهنجي وقت ۾ سگهڙ ۽ مشهور شاعر هو. علي شير جاگيراڻي سندس پٽ اهي جو پڻ ڏور جو شاعر آهي. پاڻ اٽڪل ٽيهه سال لن ٿيا جو ستر ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 21، 312، 313، 318، 321، 442

        سرهو فقير: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 42، 49، 80، 84، 176، 179، 198، 362، 458، 521، 531، 583

        سليمان: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 188

        سولنگي: سندس چيل ڏڪر لاءِ ڏسو ص 562

        سومار سومرو: سومار چاڪي سڏبو هو پر ذات جو سومرو هو. شهزادپور صلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. ڏورن چوڻ جو ملوڪ هو پر ڳولو به ملوڪ هو. اتڪل پنج سال کن ٿيا جو ٽنڊي الهيار ۾ سٺ ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 129، 196، 286، 309، 232م 337، 386، 433، 579

        سومر فقير ڪانهر: سومر فقير ذات ڪانهر، لڳ پير جو ڳوٺ ضلعي خيرپور جو ويٺل هو. هي نهايت داناءُ ۽ سگهڙ هو. هر سل شاهه ڀٽائيءَ جي درگاهه تي وڃي ڪچهريون ڪندو هو. ڏهاڪو سال کن ٿيندا جو وفات ڪيائين. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 380، 452

        سيفل ڀٽي: سيفل ڀٽي، ميرپور ٻرڙي ضلعي جيڪب آباد جو ويٺل آهي. ڏور ۽ ڳجهارت ۾ خاقل ٻرڙي جو شاگرد آهي. هن وقت سندس عمر چاليهه سال کن ٿيندي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 327

        شاهه: سندس چيل ڏورن لاءِ ص 8، 9، 10، 11، 19، 20، 24، 69، 180، 223، 295، 340، 350

        شير خان: شير خان چانڊيو، ڏنگر تعلقو ڪڪڙ جو ويٺل آهي. عمر اٽڪل پنجٽيهه سال اٿس. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ق 47

شاهنواز: شاهنواز ڪٽوهر، ويٺل ڳوٺ لڳ ڪنڊڙي روحل فقير تعلقو توهڙي ضلعو سکر. هن وقت اٽڪل پنجاهه سال عمر ٿيندس. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 489

شير محمد شيرل: سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 586، 587

شير محمد گبول: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 547

شيرل: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 458

صاحب ڪوش: صاحب ڪوش ويٺل لڳ شاهپور چاڪر ضلعو سانگهڙ سندس عمر اٽڪل ٽيهه ورهيه ٿيندي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 376

صاحب خان: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 535

صالح: صالح مهيسر ويٺل ڳوٺ وڏا مهيسر، تعلقو خيرپور ضلعو خيرپور. هن وقت سندس عمر ٽياسي ورهيه ٿيندي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 254

صديق هڪڙو: صديق ذات هڪڙو، ويٺل اڏيرو لعل تعلقو هالا ضلعو حيدرآباد. ڏورن جو هوشيار سگهڙ آهي. سندس ڄمار هن وقت پنجاهه ورهيه ٿيندي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 152، 386

طاهر ٻٻر: محمد طاهر پٽ رتو ذات ٻٻر، اصل ويٺل ڳوٺ گولو ٻٻر تعلقو حيدرآباد. هاڻي رهندڙ شهر ٽنڊوالهار، سندس ڌنڌو حجامڪو آهي. ڏور ۽ دراهي جو سٺو سگهڙ آهي. ڏور ۽ ڳجهارت جو ڳولو آهي. عمر اٽڪل چاليهه ورهيه ٿيندس. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 37، 55، 95، 188، 226، 280، 283، 324، 325، 379، 392، 420

عبدالجلال: ذات واگهڙ، ڳوٺ پني عاقل ضلعي سلر جو ويٺل هو. هيءُ ڏورن جو ملوڪ ڄاڻو گهڙ هو. سن 1291هجري ۾ اسي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 298

عبدالشڪور دل: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 146

عبدالله: عبدالله ناريجو، ويٺل لڳ ڌامراهه ضلعو لاڙڪاڻو. ڏور ڳولڻ جو ملوڪ آهي ۽ ڪي ڏور به چيا اٿس. هن وقت سندس عمر پنجاهه ورهيه آهي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 146، 243، 414، 462

عبدالمجيد سولنگي: عبدالمجيد ولد اوڀايو ذات سولنگي، ويٺل حميدآباد تعلقو خيرپور ضلعو خيرپور. سندس استاد حاجي بادو پٽ الهڏنو سولنگي آهي. پاڻ ڏور جو ڳولو سٺو آهي. هن وقت سندس عمر پنجاهه ورهيه آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 354، 562

عثمان ميربحر: عثمان ميربحر، ويٺل ڳوٺ گهوگهارو تعلقو قنبر ضلعو لارڪاڻو (موجوده ضلعو قنبر). هيءُ سگهڙ سوا لک جي روايتن کان تمام گهڻو واقف هو. ڏور جو ڳولو به چڱو هو. اٽڪل چار سال کن ٿيندا جو پنجهتر ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 504

علي شير جاگيراڻي: علي شير پٽ سوهو ذات جاگيراڻي، اڳ ويٺل ڳوٺ دُبر تعلقو روهڙي ضلعو سکر. هاڻي ڪنڊڙي روحل فقير ۾ رهي ٿو. هيءُ سگهڙ پنهنجي پيءَ وانگي ملوڪ سگهڙ آهي. هيءُ ڏور جو ڳولو به ملوڪ آهي. سينگار جا بيت به چيا اٿس. هن جي عمر پنجونجاهه سال ٿيندي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 225، 376، 405، 558

عليم فقير: علي فقير مڱريو، ويٺل ديهه گرهوڙ ضلعو سانگهڙ. عمر اتڪل اسي ورهيه اٿس. بيت تمام سٺا چيا اٿس. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 564

غلام رسول ماڇي: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 429

غلام فريد: غلام فريد ڪاڪيپوٽو، تعلقي ڳڙهي ياسين جو ويٺڪ آهي. ڪچهرين جو ڪوڏيو آهي. سگهڙن جي صحبت ۾ ڪي ڏور به چيا اٿس. وڏن سگهڙن جا بيت به ياد اٿس. هن وقت هن جي عمر پنجونجاهه ورهيه آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 305

غلام قادر هڪڙو: لڳ اسٽيشن گوسرجي جو ويٺل آهي. لاڙ جي سگهڙن سان ڀٽ شاهه جي ميلي تي ملاقاتي ٿيو. هن وقت سندس عمر اٽڪل پنجيتاليهه ورهيه آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 321

غلام محمد: غلام محمد پٽ پير بخش ذات ڇٽو، ويٺل لڳ لنڊو اسٽيشن ضلعو نوابشاهه. سندس استاد اوڀايو ماڇي آهي. هيءُ سگهڙ ڏور جو ڳولو ۽ شاعر پڻ آهي. هن وقت سندس ڄمار اٽڪل پنجاهه ورهيه آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 11، 231،248، 305، 310، 316، 317، 400، 405، 432، 461، 475

فقير محمد: سندس چيل ڏور لاءِ ص 387

فيض محمد پڃارو: فيض محمد پٽ محمد صالح ذات پڃارو، ويٺل جهول تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ جو آهي. ڏورن جو سهڻو سگهڙ آهي. هن وقت سندس عمر اٽڪل چاليهه سال ٿيندي. ڌنڌو ڪاسائڪو هئڻ ڪري فيض محمد ڪاسائي به سڏجي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 224، 244، 398، 456، 463، 485، 488

فيصل ناريجو: ويٺل لڳ ڌامراهه ضلعو لاڙڪاڻو. هيءُ سگهڙ عبدالله ناريجي جو ڀاءُ آهي. مولود پڙهندڙ آهي. سندس عمر ٽيهه سال کن آهي. ٿورو گهڻو پڙهيل آهي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 337، 343، 345، 468

فيضو: فيضو خاصخيلي، لڳ سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه جو ويٺل آهي. ڏور تمام گهڻا چيا اٿس. هن وقت سندس عمر اٽڪل سٺ سال کن ٿيندي. سندس چيلڏور لاءِ ڏسو ص 49

قادربخش: سندس چيل ڏورن لاءِ ص 382، 517، 518، 519

قادر بخش راڄپر: قادر بخش پٽ سوڀو ذات راڄپر، ڳوٺ احدي خان راڄپر تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور جو ويٺل آهي. هن جو ڏورن ۾ استاد سندس ڏاڏوپ عبدالله راڄپر هو. سندس عمر اٽڪل ستر ورهيه آهي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 255، 258، 315، 353، 382، 402، 445، 535

قادربخش کٽي: قادر بخش ذات کٽي، ويٺل پير جو ڳوٺ ضلعو خيرپور، ڏورن جو سگهڙ آهي. عمر اٽڪل پنجهٺ سال ٿيس. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 345، 471، 518، 519

قادن: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 191

قاسم کٽي: محمد قاسم پٽ محمد صالح، ڳوٺ فيض مهيسر تعلقي خيرپور جو ويٺل هو. حاجي فقير مهيسر جو استد هو. سندس استاد موريو فقير هو، دودي چنيسر جي ڳالهه سهڻي نموني ڪندو هو. ٽيهه سال ٿيندا جو گذاري ويو. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 390

قلندر بخش: قلندر بخش پٽ لال بخش ذات ٻرڙو، ويٺل ڳوٺ ڀيري مصري تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور جو آهي. ڏورن ۾ سندس استاد راوت سگهڙ هو. پاڻ ڏور چوندڙ آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 239

ڪاسائي: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 17، 393، 395

ڪالو: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 446

گابر: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 417

گل بهار: گل بهار پٽ باغ ذات سومرو، ويٺل ڳوٺ دائود ڦلپوٽو ضلعي خيرپور. سندس استاد مولوي عبدالرئوف آهي. ڏور ۽ ڳجهارت جو ڄاڻو سگهڙ آهي. سندس ڄمار پنجاهه ورهيه ٿيندي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 499

لاکو: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 576

لاکيڻو: عرف نظام الدين سولنگي پٽ عبدالمجيد، ويٺل تعلقي خيرپور جو آهي. سندس پيءُ ڏور ڳولڻ ۾ ملوڪ آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 6، 224

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org