سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :37

[411]

لک سلامن نيل، منهنجا چئجان محبوب کي،

پانڌي چئج پرين کي، ڳر جبرائيل جليل،

ته تنهنجي چانگ چپول هئي، مان کي سڪ سبيل،

مان تؤن مهر اصيل، لاهجان نه لاڳاپي جا ڌڻي.

 (غلام رسول ماڇي)

 

منهنجا = راحب ڏانهن اشارو.

محبوب = حضورﷺ جن.

پانڌي = راهب جو پٽ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

حضرت عثمان رضه کي ڪنجي ڏيڻ:

        جڏهن مڪو شريف حضورﷺ جن فتح ڪيو تڏهن اصحابن سڳورن سان صلاح ڪيائون ته هاڻي ڪعبةالله شريف جي ڪنجي ان جي نگهبان کان وٺجي. انهيءَ مقصد سان اصحابن سڳورن سان گڏجي اتي آيا ۽ حضرت علي﷤ کي ڪعبةالله جي ڪنجيدار حضرت عثمان﷤ کان ڪنجي وٺڻ لاءِ موڪليائون. حضرت علي﷤ ڪنجي وٺي آڻي حضورﷺ جن کي ڏني، پر انهيءَ مهل وحي نازل ٿيو ته ڪنجي واپس حضرت عثمان﷤ کي ڏيو جو اهو به دين تي اچي چڪو آهي. تنهنڪري حضورﷺ جن ڪنجي حضرت عثمان﷤ کي واپس ڏني.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[412]

عمر مارئي کي، ڪيو کڻي قيد امير،

ڌاڙو ڌَراڙن سان، هلي ڪيو حمير،

پوءِ ثابت رکي سير، کڻي ڏنائين کيت کي.

 

عمر = حضورﷺ جن. مارئي = ڪنجي.

حمير = حضورﷺ جن. کيت = حضرت

عثمان﷤ ڪنجيدار.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

دائي حليمان جي لاءِ عزت:

        حضورﷺ جن کي ننڍپڻ ۾ دائي حليمان نپايو ۽ تاتيو هو. وٽن هڪڙيءَ جنگ ۾ ان جي ڌيءَ کي قيدياڻي ڪري وٺي آيا. حضورﷺ جن کيس فرمايو ته، جي تون اسلام قبول ڪري اسان وٽ رهين ته به تنهنجي مرضي، پر جي موٽي پنهنجي ماڳ وڃڻ گهرين ته به توکي اختيار آهي. مائيءَ وڃڻ گهريو ۽ حضورﷺ جن کيس عزت سان واپس ڪيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[413]

مير چيو هو منڌ کي، ڪل نه هئي ڪائي،

بيخبري ۾ ”بلوچ“ چئي، تون معاف ڪجان مائي!

رهين ته اءِهو راڄ ٿئي، وڃين ته ڪر وائي،

اُٿلي جا آئي، وري پنهنجي ويڙهه ۾.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

مير = حضورﷺ جن. منڌ دائي.

حليمان جي ڌيءَ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

سخي جي لاءِ عزت:

        جڏهن مسلمانن فارس ۽ ٻيا ملڪ فتح ڪيا، تڏهن مال غنيمت سان گڏ ڪي مرد ۽ زالون قيد ٿي حضورﷺ جن جي درٻار ۾ آيا. حضورﷺ جن انهن کي فرمايو ته جيڪڏهن توهين ايمان آڻيندئو ته اوهين قتل ٿيڻ کان بچندئو. انهن ۾ هڪڙيءَ عورت حضورﷺ جن وٽ پنهنجو احوال عرض رکيو. جنهن مان حضورﷺ جن کي معلوم ٿيو ته اها عورت سخي حاتم طائي جي اولاد مان آهي. پاڻ انهي نيڪ مرد جي صدقي سڀني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيائون.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[414]

ڪامل ڪاٺيون ميڙيون، ٻهڳڻ ٻارڻ ڪاڻ،

اڃا ڀڀڙ نه ڪيائون باهه جو، ته ٿيڙس روح رهاڻ،

انهيءَ هڪ ڪاٺيءَ ڪاڻ، ڪامل سڀ ڪڍي ڇڏيون.

 

ڪامل = حضورﷺ جن. ڀڀڙ نه ڪرڻ = قتل

نه ڪرڻ. ڪاٺي = حاتم جي اولاد مان هڪ

زال ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

يتيم لاءِ محبت:

        هڪڙي ڀيري حضورﷺ جن عيدگاهه تي عيد نماز پڙهائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته واٽ تي ڏٺائون ته ڪي ڇوڪرا پاڻ ۾ راند روند ڪري رهيا آهن ۽ ٿورو پرڀرو هڪ ڇوڪرو روئي رهيو آهي. ڇوڪري کي سڏي ان کان روئڻ جو سبب پڇيائون. ڇوڪري حضورﷺ جن کي نه سڃاڻي چيو ته سائين! منهنجو پيءُ حضورﷺ جن سان گڏ ڪافرن سان جنگ ڪندي مارجي ويو آهي ۽ منهنجي ماءُ ٻيو مڙس ڪيو آهي جنهن مون کي گهر مان تڙي ڪڍيو آهي. هنن ڇوڪرن کي ڏسي مون کي ڏک ٿو ٿئي ته جيڪڏهن منهنجو پيءُ جيئرو هجي ها ته آءٌ به اڄ عيد جي ڏينهن هنن ڇوڪرن وانگر نوان ڪپڙا ڪريان ها. حضورﷺ جن اها ڳالهه ٻڌي ڇوڪري کي مٿي تي هٿ گهمائي پاڻ سان گڏ وٺي حويليءَ تي آندائون ۽ ڇوڪري کي چيائون ته: ٻچا! اڄ کان تون منهنجو پٽ آهين، عائشه تنهنجي ماءُ آهي. علي﷤ تنهنجو چاچو آهي، فاطمه تنهنجي ڀيڻ آهي، ۽ هي حسن ۽ حسين تنهنجا ڀائر آهن. پوءِ کيس وهنجاري سهنجاري ڪپڙا ڍڪائي عيدگاهه ۾ وٺي ويا.

مٿئين بين بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[415]

وٺو راهه رسول جي، وهي جا ٿي وير،

آهه ڪري عرض ڪيائين، دانهن ڪئي دلگير،

هائو چئي حاضر چيئين، تنهن کي ورندي ڏني وير،

تنهن جو پاڳاري پير، ڪيو عرض ”غلام محمد“ چئي.

 (غلام محمد)

 

دلگير = يتيم ڇوڪر.

پاڳارو پير = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

حضورﷺ جن جي ٻار کي دلداري:

        چون ٿا ته هڪڙي ڇوڪري دوزخ جي حقيقت ٻڌي ته ان ۾ ماڻهو ۽ پٿر سڙندا. هن خيال ڪيو ته باهه پهريئن ٿلهين ڪاٺين کي ته ڪانه ٿي لڳي پر سنهين کي جلد جلدي ٿي لڳي ۽ انهن کي ساڙيو ٻاريو ڇڏي. شآيد الله تعاليٰ به پهريئن اسان ننڍن کي دوزخ ۾ وجهندو. انهيءَ خوف کان هو پيو روئندو هو. هڪڙي ڏينهن حضورﷺ جن کيس روئندو ڏسي، ان کان روئڻ جو سبب پڇيائون. ڇوڪري پنهنجو خيال حضورﷺ جن کي ٻڌايو. تڏهن پاڻ کيس دلداري ڏيئي فرمايائون ته، ابا! ننڍن ٻارن تي دوزخ جي باهه حرام آهي. اهو ٻڌي ڇوڪر تمام گهڻو سرهو ٿي هليو ويو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[416]

گوهر گڏيس گس ۾، پڇيس خان خبر چار،

اوريئين حال انهيءَ سان، نيڻ ٽمائي نار،

ڪلاچي جي ڪن جي، اٿم لُنءَ لُنءَ منجهه لغار،

متان ڦينجها وجهي باهه ۾، ڪري مچ ميهار،

وڻي گوهر کي گفتار، ان صغير جي ”سومار“ چئي.

 (سومار سومرو)

 

گوهر = حضورﷺ جن. اوريئين = ان ڇوڪر.

ڏانهن اشارو. ڪن = دوزخ. ڦينجها = ننڍا ٻار

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[417]

ورنهه تنهن واٽ تي، دانهه ٻڌو دڙ،

گورنرو اتي غم مان، رويو ڪري رڙ،

هلي حبيب پڇيو، ڪهڙي وئي ٿئي هڙ؟

گونري چيو غم مان، کائيندم بگهڙ،

مسڪين تي ”ماڻڪ“ چئي، ورنهه ڪيو وڙ،

انهيءَ جي اڙ، ڪوڙئين ڇڏايا ڪيترا.

 (ماڻڪ خان لغاري)

 

ورنهه = حضورﷺ جن.

گوندر- ڇوڪرو. بگهڙ = دوزخ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

آسماني طعام:

        هڪڙي ڪافر کي اولاد ٿيندو ئي ڪونه هو. هن حضورﷺ جن جي خدمت ۾ اچي اولاد لاءِ سوال ڪيو. حضورﷺ جن جي دعا سان کيس پٽ ڄائو. زال پنهنجي مڙس کي چيو ته هيءُ پٽ اسان کي حضورﷺ جن جي دعا سان الله تعاليٰ عطا ڪيو آهي، تنهنڪري ان جي ئي ساراهه ڪرڻ جڳائي. پوءِ مائيءَ جو دستور هوندو هو ته پٽ کي ڪابه شيءِ ڏيندي هئي ۽ جي ڇوڪرو پڇندو هو ته، اما! هيءَ ڪنهن ڏني آهي؟ ته ماڻس جواب ڏيندي هيس ته الله ڏني آهي. انهيءَ ڪري ڇوڪري کي يقين ٿي ويو ته سڀڪجهه الله تعاليٰ ڏئي ٿو. هڪڙي ڀيري اهو ڇوڪرو ٻين ٻارن سان گڏ راند ڪرڻ ويو. ٻيا سڀ ڇوڪرا پنهنجي کاڌي لاءِ ماني ٻڌي کڻي آيا، مگر هي ڇوڪرو ٺلهو آيو. ٻين ڇوڪرن هن کان پڇيو ته تو کاڌو ڇو ڪونه آندو آهي ”هن ورندي ڏني ته مون کي الله تعاليٰ ڏيندو. ڇوڪرا اڃا اهيئي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ڏسن ته پاسي ۾ هڪڙو ڍڪيل ڍاڪون رکيو آهي، جو ان ڇوڪري کڻي چيو ته ڏٺوَ ته الله تعاليٰ مون کي کاڌو موڪليو آهي. ٻيا ڇوڪرا اهو ڍاڪون ڏسي حيران ٿيا ۽ ان ڇوڪري جي ڳالهه ٻڌي ننڍپڻ ۾ ئي ايمان آندائون.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[418]

اڪن مان انب پيد اٿيو، خلقيو خلقڻهار،

اڪ انبڙي پاڻ ۾، ويهي ڪيو ويچار،

ته هي جو ڏنو گل گلاب جو، ڏيهه ڌڻي ڏاتار.

انهيءَ جي آڌار، اڪ مڙيئي انب ٿيا.

 

اڪ = ڪافر. انب = پٽ. اڪ انبڙي = زال ۽

مڙس. گلاب جو گل = پٽ. انب ٿيا = مسلمان ٿيا.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

حضورﷺ جن جي ديدار لاءِ سڪ:

        چون ٿا ته هڪڙي ڪئليءَ کي حضورﷺ جن کي ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ پيدا ٿي. پوءِ هوءَ حضورﷺ جن جي ديدار لاءِ اُٿي هلي، پر گس ۾ اچي منجهي پئي. اتي جبرئيل پاريهر جي صورت ۾ اچي اڳيان بيٺس، ۽ ڪئلي اُن جي پير تي چڙهي اچي ڪچهريءَ ۾ پهتي ۽ ديدار ڪري سرهي ٿي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[419]

گهڻي پياس پنهل جي، سسئي کي سڪ اندر ۾ ساهه،

پر بيوس ويچاري هئي، هي رمي ڪهڙيءَ راهه؟

اڳيون جر ٿر بر ”بنگل“ چئي، هيءَ ڪاڏي ڪري ڪاهه،

پوءِ قاصد آيس ڪيچ ڏانهن، ٿيس وسيلو واهه،

پوءِ جت منجهارئون چاه، وڃي پسيائين پنهل ڄام کي.

 (بنگل شيخ)

 

سسئي = ڪئلي. قاصي = جبرئيل.

پنهون = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

سومهڻي نماز لاءِ تاڪيد:

        چون ٿا ته هڪ اصحابي سڳوري گذران لاءِ اُٺ خريد ڪيو هو، جڏهن هو سنجهي مان کيس لڏڻ جو خيال ڪندو هو ته پينڌ وغيره ٽوڙائي ڀڄي ويندو هو ۽ وري صبح جو اصحابي سڳورو ڳولي ايندو هوس. نيٺ اهو اصحابي سڳورو اُٺ سوڌو حضورﷺ جن وٽ آيو ۽ اُٺ جي شڪايت ڪيائين. حضورﷺ جن اُٺ کان ڀڄڻ جو سبب پڇيو. ان تي اُٺ جواب ڏنو ته: منهنجو مالڪ سومهڻي جي نماز ڪانه ٿو پڙهي، تنهنڪري ان وقت آسمان کان هڪ ڇپ ايندي ڏسي ڊڄندو آهيان. جنهنڪري انهيءَ ڊپ ۾ وٺي ڀڄندو آهيان ته نير ٽٽي پوندا آهن. اهو ٻڌي حضورﷺ جن اصحابي سڳوري کي سومهڻي نماز پڙهڻ لاءِ تاڪيد ڪيو. جڏهن اصحابيءَ سڳوري نماز پڙهڻ شروع ڪئي، تڏهن اُٺ نه ڀڳو ۽ هو ان تي بار ڍوئي گذر سفر ڪندو رهيو.

        مٿئين بين بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[420]

پورهيت پنهنجي پورهئي لاءِ، هو ميو ملهايو،

مالڪ ملهه ميي جو، هو سؤ سڻايو،

هن ڏيئي پئسا پورا، ڪرهل هو ڪاهيو،

وٺي آڻي وقوف سان، هن اڱڻ جهڪايو،

وڌئينس پينڌ پختا، هن جو ٿيو سودو سجايو،

خوف مجهئون ”خاصخيلي“ چئي، هن ڇوهئون ڇنايو،

جيڪي ڏٺئين رب جو رايو، ڪيئين حال حبيب سان.

 (حاجي حاميد خاصخيلي)

 

پورهيت = اصحابي سڳورو. خوف ٿيڻ = آڌي

جو ڇپ ڏسڻ. حبيب = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

اکين ڏٺي شاهدي:

        چون ٿا ته هڪڙي ڪاسائي حضورﷺ جن جي ڪچهريءَ ۾ هڪڙو مسئلو اچي پڇيو ته هڪڙو ڪتو ڏُهيءَ جي چونري جي ڀرسان لنگهي ويو ۽ چونريءَ جو ڍڪ به لٿو پيو هو. هاڻي انهيءَ ڏهي کي حلال سمجهجي يا حرام. پاڻ فرمايائون ته جنهن صورت ۾ ڪتي کي چونريءَ ۾ ڪنهن منهن هڻندو نه ڏٺو آهي ته اها حلال آهي. پر ڪاسائيءَ شڪ آندو ۽ اها ڏهي ڪم نه آندي. هڪڙي ڏينهن هن جيئن هڪ ڇيلي کي تڪبير وجهي ڪاتي پٽ تي رکي ته هڪ سرڻ ان تي رت ڏسي اها کڻي ويئي. ڪاسائي سرڻ جي پٺيان پئي ويو. اتفاق سان سرڻ جي چنبن مان ها ڪاتي ڪري پيئي ۽ اچي هڪ گهٽيءَ ۾ ويٺل ٻار جي مٿان پيئي ۽ ان جو پيٽ ڦاي وڌائين. ڪاسائي به ويجهو وڃي پهتو هو. ٻيا ماڻهو به ٻار جي دانهن تي مڙي آيا. سڀني ڪاسائي کي ڏوهاري سمجهي کڻي قابو ڪيو ۽ هن کي حضورﷺ جن وٽ وٺي آيا. تڏهن پاڻ سڳورن ڳالهه ٻڌي ماڻهن کان پڇيو ته هن ڳالهه جي اوهان مان ڪهڙو شاهدي ٿو ڏئي ته هن ڪاسائيءَ کي، ٻار کي ڪاتي هڻندي ڏٺو؟ انهن ماڻهن مان ڪنهن به اکين ڏٺي شاهدي نه ڏني. تڏهن حضورﷺ جن ان ڪاسائيءَ کي بيڏوهي ڪري ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ ان کان پڇيائون ته، هي حلال هئي يا حرام؟ ڪاسائي ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ حضورﷺ جن کان معافي وٺي روانو ٿيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[421]

گندا ڪيئي گمان، جاچيئي ڪين ”جتوئي“ چئي،

جڏهن ڏٺي هيئي روءِ رانول جي، پوءِ آندءِ ڇو نه ايمان،

پوءِ ٿئين پشيمان، جڏهن موچڙا لڳئي موت جا.

 (جتوئي)

 

گندو = ڪاسائي. رانول = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

ڏکيل آڱر جي دوا:

        چون ٿا ته هڪ دفعي حضورﷺ جن جي آڱر مبارڪ ڏکي پئي. هوشيار هوشيار حڪيمن هام هڻي ان جو علاج ڪيو ۽ مختلف دوائون استعمال ڪيائون. حضورﷺ جن دوائن کان پڇي معلوم ڪيو ته اهي شفا ڏيڻ کان مجبور هيون، جنهنڪري اڱر جي تڪليف ۾ ڪو فرق نه ٿيو. آخر هڪ ٻڍڙي بدويءَ جهنگ جي ٻُوڙي (ڊڀ) مان ٺهيل دوا، هڪ دٻليءَ ۾ پيل آڻي حاضر ڪئي. جنهن کان پڻ حضورﷺ جن معلوم ڪيو ته اها الله تعاليٰ جي حڪم سان شفا ڏيڻ جو مرتبو حاصل ڪندي. پوءِ پاڻ اِها دوا جا ڏسڻ ۾ معمولي هئي پر ان جو استعمال ڪري شفا حاصل ڪيائون ۽ غريب بدويءَ تي مهربان ٿي کيس جهجهو انعام ڏئي، خوش ڪري روانو ڪيائون.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[422]

ليلان شهر لهور جي، هڻي ويٺي ديرو،

ٻايون، ٻانهيون ڪيتريون، ڀڳوائونس نه ڀيرو،

ڪونرو آئي ڪُر کڻي، نڀاڳيءَ سان ڪيائين نبيرو،

پٽي ڪڍيائينس آکيرو، جو هلي ويئي ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

ليلان = بيماري. لهور = جهنگ.

ٻايون، ٻانهيون = دوائون.

نڀاڳي = بيماري.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[423]

بيهاريائينس ڀلين سان، وجهي ويچاريءَ کي واڳ،

پرين ٻڌائي پلڪ ۾، تنهن جي پاليندڙ کي پاڳ،

ڀلا تنهن جا ڀاڳ، ٿي هنڌ انهيءَ ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

ڀليون = ٻين حڪيمن جون دوائون.

ويچاري = ڊڀ واري دوا. واڳ = دٻلي.

پرين = حضورﷺ جن. پاليندڙ = دوا ٺاهيندڙ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[424]

زميندارن سان زيٽجي، ڪيو جريب واري جار،

”حاجي“ چئي، هن ڀي وڃي نالو ڪيو نروار،

خاصو ان خرار، تنهن کي بيشڪ بٽئي جو مليو.

 (حاجي مهيسر)

 

زميندار = هوشيار حڪيم. جريب وارو = مسڪين

بدويءَ ڏانهن اشارو. آن خرار - انعام

 

مراد:  حضورﷺ جن جي ڏکيل اڱر جو علاج هوشيار حڪيمن ڪيو پر کين فائدو نه ٿيو. آخر هڪڙي بدويءَ جي معمولي علاج سان کين شفا حاصل ٿي.

 

[425]

سوين آئيون سهڻيون، ساهڙ وٽ سهي،

هڪ وڻي هئي هوت کي، جيڪا راجا وٽ رهي،

سا ساهڙ ڪري سهي، ميهر لاتي من سان.

 

سهڻيون = دوائون. سهڙ = حضورﷺ جن.

هڪ = ڊڀن واري دوا ڏانهن اشارو.

هوت = حضورﷺ جن. راجا،

ميهر = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[426]

ساهڙ ۽ سهڻي سرس ڪري آيا سينگار،

سهڻي گهڙي وئي سير ۾، جنهن مرڪايو ميهار،

”بصر“ ٿي بهار، ڏاها ڳولج ڏور کي.

 (بصر سهتو)

 

ساهڙ = بدوي. سهڻي = ڊڀ جي ٻوڙي مان

ٺهيل دوا. سير = بيماري. ميهار = بدوي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[427]

پيسي کؤن پري هو، سو ته هزارين هوءِ،

ساري ڪري ويو سوَ کان، سو سري کنئي پوءِ،

سوَ مان ڪسيروئي ڪين ٿيو، هو لک کان لنگهي ويوءِ،

ڪي حصا ڪروڙ کان ويو، پدم پاند نه پوءِ،

اهي اٿس پار ”اڏيو“ چئي، اهي سالڪ سمجهي ڏيو،

سون سڀوئي ٿوءِ، اڱڻ آئي عجيب جي.

 (اڏيو مهر)

 

پري هو = بيغرض بدويءَ ڏانهن اشارو.

سو = هوشيار حڪيمن ڏانهن اشارو.

سو = دوائون. سري کڻڻ = استعمال ٿيڻ

لاءِ آڇ ڪرڻ. ڪسيرو = شفا.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[428]

سنڀري هليو سيگهه مؤن، پانهه ڪيو پهلوان،

چوڻ چورنگ جي سان، ڪيائين سڀ قصو ساڌان،

پوءِ پکڙجي پيو ملڪ ۾“، ويو هو ڇڏي ماڳ مڪان،

پوءِ موليٰ ڏنو مان، انهيءَ کي ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

پهلوان = غريب بدوي. چورنگ = حضورﷺ جن.

ڪيائين = دٻليءَ جي ڪُک ڏانهن اشارو.

هو = ايذاءُ ڏانهن اشارو. انهيءَ = غريب

بدوي ڏانهن اشار.

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org