سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :23

 

ٻوليءَ جو بچاءُ

سڌريل ۽ سجاڳ قومون هميشہ پنهنجي ٻوليءَ کي صاف، سليس ۽ صحيح صورت ۾ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. ڪابه اهڙي قوم دنيا ۾ ڪانه ٿي رهي، جيڪا پنهنجي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ، گرامر يا محاوري جي ڪنهن غلط يا نامناسب استعمال کي قبولي سگهي يا سهي سگهي. ڪابه اهڙي قوم ڪٿي ڪانه لڀندي، جيڪا پنهنجي ٻوليءَ جي ڪنهن سهڻي ۽ سولي لفظ کي ڇڏي، ان جي جاءِ تي ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ جي لفظ کي ڪم آڻڻ ۾ خوش ٿئي يا فخر ڪري. علمي ۽ فني ضرورتن جي خيال کان، ٻين ٻولين جا لفظ پنهنجا ڪرڻا پون ٿا، پر اهڙا لفظ هرڪا ٻولي پنهنجي گرامر جي اصولن موجب بنهه پنهنجا بڻائي پوءِ پاڻ وٽ رکي ٿي.

سنڌي قوم پڻ گهڻي وقت کان پنهنجي وطن جي آزاديءَ، سالميت ۽ خوشحاليءَ جي جدوجهد سان گڏوگڏ پنهنجي ٻوليءَ کي اِنهيءَ ريت صاف، سليس ۽ صحتمند رکڻ لاءِ پنهنجي وس آهر ڀرپور ڪوشش ۾ رڌل رهي آهي. سنڌي ٻولي گذريل ڪيترين صدين کان هڪ نه ٻيءَ حڪمران ٻوليءَ جي تهذيبي دٻاءَ هيٺ رهندي پئي آئي آهي ۽ هن وقت پڻ ساڳيءَ طرح اهڙي ئي هڪ دٻاءَ هيٺ آيل آهي. عربيءَ، فارسيءَ ۽ انگريزيءَ جي تهذيبي آڪرائيءَ جا اثر سنڌيءَ ۾ اڄ به گهڻيءَ حد تائين موجود ڏسي سگهجن ٿا. اڙدوءَ جو حڪمراني درجو پڻ ساڳيءَ ريت بلڪ وڌيڪ اُگريءَ حد تائين اڄ سنڌيءَ تي پنهنجو اثر ڏيکاري رهيو آهي. اڙدو پريس، ريڊيو، ٽيليويزن، سئنيما، اسڪولي ۽ ڪاليجي تعليم ۽ عام ڪتاب ۽ انهن سان گڏ اڙدوءَ جي قومي درجي جو تاب ۽ زور سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏو خطرو ثابت ٿي رهيا آهن. اِهو سنڌيءَ جي اديبن، شاعرن، صحافين، استادن ۽ ٻين عام پڙهيل ماڻهن جو فرض آهي ته هو پنهنجي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪن ۽ اُن جي ڍال بنجي، اُن جي صحت، سادگيءَ ۽ اصليت کي قائم رکن.

وڏي ڏک جي ڳالهه آهي، جو اڄ اسان جي ٻولي اسانجن پنهنجن ئي هٿن سان بگڙي ۽ ڪمزور ٿي رهي آهي. هن ڳالهه ۾ اسان کي خود اڙدوءَ جي تاريخ مان سبق وٺڻ گهرجي. اڙدو ٻولي اصل ۾ ته هندي ٻولي ئي آهي، پر ان ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي لفظن جي ايتري ته ڀرتي ڪئي ويئي، جو هوءَ پنهنجي اصلوڪي صورت وڃائي، ٻولي ئي ٻي ٿي پيئي. ايتري تائين، جو اُها عام جي سمجهه کان نڪري ۽ کانئن بنهه الڳ ٿي، رڳو ٿورن اميرن جي محلن ۽ حاڪمن جي درٻارين جي ٻولي بنجي ويئي. پنهنجي اصليت ۽ خانداني شانَ وڃائڻ کان پوءِ اها ساڳي ٻولي هاڻي رڳو مُنهن مَٿي پِٽڻ، جهيڙي ڪرڻ ۽ وات هڻڻ ۾ ئي پوري آهي. اِها سڄي ويڌن هن ٻوليءَ سان ڪيئن ٿي؟ رڳو هن طرح، جو اُن ۾ بنهه ٿورا ڪي اصلوڪا لفظ (ضمير، فعل ۽ حرف جر) جيئن جا تيئن ڇڏي، اسم، صفتون، ظرف، حرف جملا وغيره عربيءَ ۽ فارسيءَ جا ايترا ته گهڻا آندا ويا، جو هوءَ سڃاڻپ کان ئي چڙهي ويئي ۽ بدلجي بنهه هڪ نئين ٻولي ٿي پيئي. اڄ ڪيترين سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ اڙدوءَ جي اثر ۾ ورتل لکيتن کي ڏسي ۽ ريڊيو تان توڙي جلسن ۾ شهري ۽ عام پڙهيل ماڻهن جون اهڙي ئي نوع واريون تقريرون ٻُڌي، پنهنجي ٻوليءَ سان پڻ اهڙي ئي ڪنهن حشر ٿيڻ جو ڊپ وٺي وڃي ٿو.

ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم هڪ ڀيري سنڌيءَ ۽ اڙدوءَ کي ڀيٽيندي، ڏاڍي ڀروسي سان چيو هو ته ”اڙدوءَ ۾ ’دل‘ مذڪر ۽ ’ڪتاب‘ مؤنث آهي، جنهن ۾ ڪوبه منطق ڪونهي، ۽ سنڌيءَ ۾ ان جي ابتڙ، ’دل‘ مؤنث ۽ ’ڪتاب‘ مذڪر آهي، جائي ڳالهه سچي به آهي، سمجهه ڀري به آهي.“ پر، افسوس جو تازو مون هڪ نامياريءَ روزانيءَ سنڌي اخبار ۾ اڙدوءَ وانگر ”ڪتاب“ کي مؤنث ۽ ”دل“ کي مذڪر جي صيغي ۾ ڪم اندل پڙهيو. اهڙيءَ ريت ”توجهُه“، ”دليل“، ”تاڪيد“، ”اُمنگ“، ”نظمُ، فريادُ، دادُ“ ۽ ٻيا ڪيئي لفظ، جي پڌري پٽ اسان وٽ مذڪر آهن، اڄ اسان جي ڪن اخبارن ۽ رسالن وغيره ۾ مؤنث وانگر پيا لکجن، ۽ هوڏانهن، مثال طور، لفظ ”ستيا“ کي مذڪر وانگر ڪم آندو پيو وڃي- ”ستيا ناس ٿي ويو!“ ۽ اِئين اڙدوءَ جي اثر هيٺ، ڪيترائي اسان جا لفظ مذڪر بدران مؤنث ۽ مؤنث بدران مذڪر ۾ ڪم ايندا رهن ٿا، ۽ اسان جي ٻوليءَ کي بنيادي ڌڪ لڳندو رهي ٿو.

ڪيترائي فارسيءَ ۽ عربيءَ جا لفظ آهن، جيڪي اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ بنهه ٻيءَ معنيٰ ۾ قبوليا آهن. جيئن لفظ ”تمام“ آهي. هيءَ لفظ اڙدوءَ ۾ ”سڀ، سڀيئي يا سڀني“ جي معنيٰ ۾ صفت طور، ڪم اچي ٿو ۽ اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ظرف طور. ان جي معنيٰ ”ڏاڍو، ڏاڍا“ جيئن ”تمام چڱو، تمام سٺا“ وغيره آهي. پر اڄ اسان جا ڪيئي لکندڙ ۽ تقرير ڪندڙ صاحب پنهنجا سٺا ۽ سولا صفاتي لفظ ”سڀ، سمورا، مڙيئي، هڙئي“ انهن جو سڌو سنواٽو استعمال ڇڏي، لکندا ۽ چوندا وتن: ”تمام پئسا خرچ ٿي ويا! تمام مڇر مري ويا! تمام هو هيئن ٿي ويو ۽ تمام هيءُ هونئن ٿي ويو!“ انهيءَ نموني جو هڪ لفظ ”منصوبو“ به آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ ”سازش“ جي مطلب سان ڪم اچي ٿو. پر ان کي اسان جا اڙدوءَ جي وَٽَ ۾ آيل ڪيترا ليکڪ ”رٿ“ يا ”رٿا“ جي معنيٰ ۾ ڪم آڻيندا رهن ٿا. ساڳي حالت ٻين ڪيترن اهڙن لفظن، جيئن ته ”هلاڪ يا هلاک“ ۽ ”اتفاق“ جي آهي. ”هلاڪ“ سنڌيءَ ۾ ”ڪڪ، تنگ يا بيزار“ جي معنيٰ ۾ ۽ ”اتفاق“، ”هادثي يا واقعي“ جي معنيٰ ۾ ڪم اچن ٿا. پر اڙدوءَ جي پيروي ڪندي، اڄ اسان جا ڪيترا ليکڪ هنن لفظن کي ”مرڻ“ ۽ ”ٻڌيءَ“ جي معنيٰ ۾ پيا لکن- چي: ”هڪ ڌڪ سان ست مکيون هلاڪ ٿي ويون! اتفاق سان سڀ ڪجهه ٿئي ٿو!“ هاڻي جي انهن جملن ۾ ”هلاڪ ٿي ويون“ بدران لکجي ”مري ويون“ ۽ ”اتفاق“ بدران ”ٻڌي“ لکجي،  ته اِهي ڪيڏا نه سمجه ڀريا ۽ وڻندڙ جملا ٿي پون!

سنڌيءَ ۾ خوف جملي يا ظرف جا لفظ اهڙا ته سهڻا ۽ سٺا موجود آهن، جو انهن کي ڇڏي، فارسيءَ يا عربيءَ جا ساڳيءَ معنيٰ وارا لفظ ڪم آڻڻ نه رڳو ضروري نه آهن، پر پاڻ سان ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان وڏي جُٺ ڪرڻي آهي: مثال لاءِ-

جي، جيڪڏهن بدران اگر

جيتوڻيڪ ” اگرچه

پر ” ليڪن يا مگر

تنهن، اِن، اُن – ڪري ” لهذا

تنهن، اِن، اُن، کان سواءِ ” ازان سواءِ

تنهن، اِن، اُن – وچ ۾ ” درين اثنا

اِن هوندي به ” باوجوديڪ

ڇا به هجي، هر حال ۾ ” بهر صورت، بهرحال

سچ پچ يا سچي پچي ” في الحقيقت، حقيقتاً، في الواقع

ابتڙ ” برعڪس، خلاف

ڌار ڌار، الڳ الڳ، جدا جدا ” مختلف

تان جو ” حتيٰ ڪه

متان ” مبادا

تنهن، اِن، اُن – هوندي به ” به اين همه

ڇاڪاڻ ته ” چونڪه

انهيءَ ڪري ” بنا برين، چنانچه

نه ته ” ورنه

ٻيءَ صورت ۾ ” به صورت ديگر

الڳ، ڌار ” علحده

ڌار ” علاوه

پوءِ ” بعد

هيٺ ” زير، تحت

ڀيٽ ”  مقابلو

رڳو ” محض، صرف

ته به، تڏهن به – تاهم – وغيره، وغيره.

حيدرآباد جي ريڊئي تان، هر روز ”جمهور جو آواز“ ٻڌايو وڃي ٿو. اُن پروگرام ۾ ٺيٺ ٻهراڙيءَ جي هڪ چڱي مڙس جي ڪردار طور، ”عارب خان“ پنهنجي اوطاق ۾ ڪچهريءَ ۾ سرواڻ ٿي ويهندو آهي. هن پروگرام ۾ هڪڙي ڏينهن ”عارب خان“ جي واتان، سندس ٺيٺ ٻهراڙيءَ جي ڍنگ ۾ ٻڌم: ”ادوڙي! اچو ته اتحاد ڪيون، اتحاد سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا.“ هاڻي، اسان جا عام ٻڌڻ وارا، جن لاءِ ئي هيءُ پروگرام ٿئي ٿو، سي ڇا سمجهندا ”اتحاد“ کي ۽ ڪيئن سمجهندا ”مسئلن جو حل ٿيڻ!“ اُن جي بدران ”عارب خان“ هيئن به چئي ٿي سگهيو ته ”ادوڙي! اچو ته ٻڌي ڪيون، ٻڌيءَ سان سڀ ڳالهيون نبري وينديون.“ 17- جولاءِ 72ع تي ٻئي هڪ پروگرام ۾ هن ريڊئي تان هيٺيان لفظ ڪم ايندي ٻڌم، جيڪي سڀ جا سڀ ٻين ٻولين جا لفظ پنهنجي ٻوليءَ تي بار بنجڻ کان سواءِ ٻئي ڪهڙي ڪم جا ٿِي ٿي سگهيا! انهن جي جاءِ تي اسان جي ٻوليءَ ۾ اڳي ئي ڏاڍا سٺا ۽ سلوڻا لفظ پيا آهن، ڇو نه اُهي اسين ڪم آڻيون، ته جيئن ٻڌڻ وارا  ٻڌن ته سمجهي به سگهن! – هيٺ انهن لفطن جي لسٽ ڏجي ٿي:

باشندا = رهواسي؛ بخوبي آگاهه ٿيا = چڱيءَ ريت يا پوريءَ طرح واقف ٿيا؛ معيار زندگي = زندگيءَ جو معيار يا پدَ؛ فلاحي مملڪت = عام ڀلي جي حڪومت؛ باهمي تعلقات = هڪٻئي جا لاڳاپا؛ احترام = عزت؛ تعمير = اڏاوت (تعمير ڪرڻ، اڏڻ)؛ ذي هوش، ذي فهم = هوش وارو، فهم وارو، ڏاهو، خبردر؛ جيب خرچي = کيسي جي خرچي؛ تعاون = سهڪار؛ ترقي يافته = ترقي ڪيل؛ ايجاد ڪيون آهن = ٺاهيون آهن؛ خبرن تي مشتمل پروگرام = خبرن تي ٻڌل پروگرام؛ فرصت جا اوقات = واندڪائيءَ جون گهڙيون؛ تعليم جو فروغ = تعليم جو واڌارو؛ اعتماد = ڀروسو؛ ضروريات = گهرجون تعلق رکن ٿا = لاڳاپو رکن ٿا؛ سرمايو = موڙي؛ دشواري = تڪليف، ڏکيائي؛ يڪجهتي = ٻڌي؛ جذبهءِ قرباني = قربانيءَ جو جذبو؛ جذبهءِ خدمت = خدمت جو جذبو؛ خيالات = خيالَ؛ حاضر خدمت = خدمت ۾ حاضر؛ ترويج = واهپو؛ استحڪام = جٽاءُ؛ وقفو = ساهي؛ مهلت = وڇوٽي؛ نافذ رهيو = لاڳو رهيو؛ وغيره وغيره.

هڪڙي مشهور رسالي جي ايڊيٽر صاحب هڪ ڀيري ”پڙاڏي“ بدران ”صداي باز گشت“ جي فارسي ترڪيب ڪم آندي؛ ڏاڍي نوڙت سان چيومانس ته ”ڀاءُ، جيڪڏهن لفظ ’پڙاڏو‘ اسان جي ٻوليءَ مان ائين نڪري ويو، ته ”پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين!“ وارو شاه صاحب جو املهه بيت ڪيئن ڪير سمجهي سگهندو!“ ايڊيٽر صاحب ڳالهه کي سمجهيو ۽ مڃيو، پر عمل اڃا به هِن نُڪتي تي گهڻو گهٽ ٿئيس ٿو!

اسان جا ڪيترا عربيءَ جي اثر ۾ ورتل ليکڪ وڏي شوق سان عربي اسمن جا عربي جمع پنهنجن مضمونن ۽ لکڻين ۾ ڪم آڻين ٿا. سنڌيءَ جو لاڳاپو عربيءَ سان گذريل 1200 ورهين کان به گهڻي عرصي جو آهي. ايتري ڊگهي لاڳاپي کان پوءِ به اسان جي ٻوليءَ بنهه ڳاڻ ڳڻين عربي اسمن جا ئي عربي جمع قبوليا آهن. جيئن ته احوال، افعال وغيره. پر اُهي به هوءَ پاڻ وٽ واحد جي صيغي ۾ ڪم آڻي ٿي. اِن جي ابتڙ سنڌيءَ جي مٿي ذڪر ڪيل نامياري ادبي رسالي جي هڪ مهتممي نوٽ ۾ ئي مون هيٺيان 12 عربي جمع ڪم آندل ڏٺا: جذبات، احساسات، خيالات، تصنيفات، تاليفات، ڪمالات، تعلقات، واقعات، معاملات، تخليقات، امڪانات، اختيارات! جيڪڏهن ڪنهن هڪڙيءَ ڳالهه اڙدوءَ کي سندس اصل کان ۽ پڻ عام ماڻهن کان ڪَٽي الڳ ڪري بيهاريو ۽ بنهه هڪ ڌاري صورت ڏيئي ڇڏي، ته اُها اِهائي عربي جمع جي صيغن جي اُن ۾ بيجا ۽ اڻ مَئي ڀرمار هئي. اِنهيءَ ڪري جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ٻوليءَ کي بنيادي طرح سندس اصل صورت ۾ قائم رکڻو آهي ته جيئن ڊاڪٽر دائود پوٽو مرحوم فارسيءَ جي معاملي ۾ اُن لاءِ چئي ويو ته ان کي فارسيءَ جي اضافت جي ترڪيب کان پاڪ ۽ صاف رکيو وڃي، تيئن عربيءَ جي معاملي ۾ وري اُن کي هن عربي جمع جي صيغي جي استعمال کان بچائڻ گهرجي. اِهي سمورا عربي اسم اسان کي پنهنجي سنڌي جمع جي صورت ۾ پاڻ وٽ ڪم آڻڻ کپن ۽ نه سندن اصلي عربي جمع جي صورت ۾.

ضمير مبهم جا لفظ ڪو، ڪا، ڪي، ۽ ڪِي ۽ انهن سان گڏ ظرف جا انڪاري لفظ ڪونه، ڪانه، ڪين ۽ ڪيِن، اسنا جا ڪيترا ليکڪ اهڙيءَ طرح ڪم آڻين ٿا، ڄڻ سنڌي سندن مادري ٻولي ئي ڪانهي. هڪ ته ”ڪو“ مذڪر لاءِ ۽ ”ڪا“ مؤنث لاءِ، ”ڪي“ مذڪر، مؤنث ٻنهي لاءِ جمع ۾ ۽ ”ڪِي“ ڪنهن بيجان شيءِ لاءِ ”ڪجهه“ جي معنيٰ ۾ ڪم ايندڙ لفظ آهن. ٻيو ته انڪاري لفظ ”ڪونه“ ساڳيءَ طرح مذڪر واحد لاءِ، ”ڪانه“ مؤنث جي لاءِ، جمع جي صيغي ۾، ۽ ”ڪِينَ“ رڳو ”ڪِي“ صمير سان ڪم اچي سگهن ٿا- جيئن ته:

ڪو ڪونه ايندو.

ڪا ڪانه ايندي.

ڪي ڪين ايندا/اينديون.

ڪِي ڪِين ٿيندو/گهرجي.

اسان جا ڪيترا ليکڪ اڄ لفظ ”ڪونه“ مذڪر ۽ مؤنث ٻنهي لاءِ ڪم آڻيندا رهن ٿا. جيئن چون: (ڪو) ڇوڪرو ڪونه آهي/ڪونهي ۽ وري هيئن به چون: (ڪا) ڇوڪري ڪونه آهي/ڪونهي! ظاهر آهي ته ”ڇوڪريءَ“ لاءِ ”ڪونه آهي“ يا ”ڪونهي“ چئي ڪِين سگهبو، مؤنث واحد جي اِن صيغي ۾ لفظ ”ڪا“ ۽ ”ڪانه“ ئي ڪم آڻڻ صحيح ٿي سگهن ٿا.

اسان جي پڙهيل ڀينرن ۾ وري هڪ عجيب خيال پيدا ٿيل ڏسڻ ۾ آيو آهي ته هڪ ٻئي سان يا سندن زيردست ڀينرون يا سندن مرد ڀائر ساڻن جيڪڏهن مؤنث جع جي صيغي ۾ ڳالهائيندا- جيئن ته ”اوهانِ ڇا پيون ڪريو؟ اوهان ڪڏهن آيون آهيو؟ اوهان هاڻي ڪيڏانهن وينديون؟“ وغيره وغيره- ته اِها سندن بي عزتي آهي يا سندن شان ۾ گستاخي چئجي! تنهنڪري هنن سان ڳالهائبو، ته چئبو: ”اوهان ڇا پيا ڪريو؟ اوهان ڪڏهن آيا آهيو؟ اوهان هاڻي ڪيڏانهن ويندا؟“ وغيره وغيره. ڄڻ هو مرد آهن ۽ عورتون نه آهن! هيءُ اهڙو هڪ کل جهڙو، غلط ۽ هاڃيڪار خيال آهي ۽ ٻوليءَ جو هيءُ هڪ اهڙو اڻ گهڙيو ۽ بدزيبو استعمال آهي، جنهن کي جيترو جلد ڇڏي سگهجي اوترو سٺو.

سنڌيءَ ۾ ڪيترا اهڙا لفظ، اسم ۽ صفتون، فارسيءَ ۽ عربيءَ مان آيل آهن، جن جي پڇاڙي ننڍيءَ هه سان ٿئي ٿي- جيئن نقشه، ضلعه، ديوانه، دروازه وغيره. هاڻي، سنڌيءَ جي هڪ خصوصيت هيءَ آهي ته ان جي ڪنهن به لفظ جو پويون پد ساڪن نٿو ٿئي، تنهنڪري سنڌيءَ ۾ ايندي ئي اهي لفظ ڦري نقشو (واحد، حالت فاعلي)، ضلعو، ديوانو، دروازو وغيره ٿي پيا ۽ پوءِ عدد ۽ حالت پٽاندر انهن جو گردان لازمي بنجي پيو. جيئن نقشا، (جمع، حالت فاعلي)، نقشي (واحد، حالت جري ۽ اضافت)، ضلعا، ضلعي، ديوانا، ديواني، دروازا، دروازي، وغيره. بجاءِ اِن جي جو ههڙن فارسي ۽ عربيءَ جي لفظن کي پنهنجي ٻوليءَ جي انهن آوازي قاعدن موجب اُچارجي ۽ لکجي، اسان جي ڪيترن ليکڪن خود ڪيترن سنڌي لفطن کي زور ڪري، ننڍيءَ هه وارن انهن فارسي ۽ عربي لفظن جي سانچي ۾ وجهي، انهن جو صيغن پٽاندر گردان ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي!- جيئن: چنو، چنا، چني بدران چون ۽ لکن چنه؛ ڀٽو، ڀٽا، ڀُٽي بدران رڳو ڀٽه؛ ٽنڊو، ٽنڊا، ٽنڊي بدران رڳو لکن ٽنڊه؛ ٿاڻو، ٿاڻا، ٿاڻي بدران رڳو ٿاڻه! هيءَ سنڌي صورتخطيءَ جي توڙي سنڌي صرف جي هڪ اهڙي غلطي آهي، جو اُن مان ٻوليءَ جو، ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾، ڏاڍو دکدائڪ بگاڙو ٿي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ تمام ضروري آهي.

اڄڪلهه دڪانن، آفيسن، بسن ۽ لارين، رستن جي پٿرن ۽ ريلوي اسٽيشنن وغيره تي سنڌيءَ ۾ نالا ۽ پار پتا لکيا پيا وڃن، پر جتي جتي لکڻ وارا غير سنڌي يا اڌ پڙهيل سنڌي آهن، اُتي هِنن بورڊن تي اِهي سنڌي لفظ ۽ عبارتون غلط ٻوليءَ ۽ غلط صورتخطيءَ ۾ لکيون پيون وڃن- جيئن ته هڪ سرڪاري اسپتال ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل ڏٺم: ”شعبو ڪان، ناڪ، حلق“، ”شعبو امراض زنانو“، ”اوقات مريض سان ملاقات“، ٻئي هنڌ ڏٺم: ”ديرپا قوت“، ٽئين هنڌ هڪ بس تي لکيل ڏٺم: ”اٻاوڙو جي لاءِ“. جو هئڻ گهرجي ها ”اٻاوڙي جي لاءِ“ يا رڳو ”اٻاوڙي لاءِ“. جتي جتي، جنهن جنهن سنڌيءَ جي گهڻگهري، پوڙهي توڙي جوان، جو وس پُڄي ته هن کي گهرجي ته پڌري پٽ اهڙيون لکيل چُڪون، پيار ۽ سهڪاري اُمنگ هيٺ درست ڪرائي ڇڏي.

سنڌي ٻولي گرامر جي خيال کان، گهڻيءَ حد تائين، هڪ پوري قاعدي واري ٻولي آهي. اُن جا اسم، ضمير، صفتون، ظرف ۽ فعل هميشہ عدد، جنس ۽ حالت سان گڏ پنهنجي صورت بدلائين ٿا، لفطن جو هيءُ ڦيرو يا گردان سڀني ٻولين ۾ سندن پنهنجي پنهنجي گرامر جي قانونن هيٺ ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ هيءُ گردان لازمي طرح ڪرڻو پوي ٿو. افسوس جو اسان جا ڪي ليکڪ، ٻين ٻولين جي اثر هيٺ، پنهنجي ٻوليءَ جي بنيادي ڳالهه کان بيخبر يا لاپرواهه بڻجي ويل ڏسجن ٿا. هتي رڳو هڪ اخبار جي ٽن لاڳيتن پرچن منجهان هن قسم جي لاپرواهيءَ جا مثال ڏجن ٿا. جن مان سمجهي سگهبو ته اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪيتريءَ حد تائين پنهنجن جي ئي هٿان بگاڙو اچي چڪو آهي ۽ اچي رهيو آهي:

تاريخ 7-3-1972ع جي پرچي مان

(1) سٺو پاڻي  حاصل ڪرڻ لاءِ کوٽائي شروع.

(2) رستو بند ٿيڻ سبب مل بند.

(3) گورنر کي ٿر جو دورو ڪرڻ جي اپيل

(4) ريڊيو ٻڌڻ تان جهيڙو.

(5) پنجن ڏينهن جو دورو ڪرڻ بعد رپورٽ

تاريخ 8-3-1972ع جي پرچي مان

(6) سنڌ ۾ ڪاغذ جا چارڪارخانا قائم ڪرڻ جون رٿائون زير غور

(7) سنڌي زبان ۽ ثقافت جو پيپر شامل ڪرڻ جو حڪم

(8) سپاهي مسافرن جو قيمتي سامان ڦرڻ جي الزام ۾ گرفتار

(9) نوڪرين لاءِ درخواستون ڏيڻ کان پوءِ انٽرويو

تاريخ 9-3-1972ع جي پرچي مان

(10) حڪام طرفان مري ويلن جو تعداد ظاهر ڪرڻ کان انڪار

(11) هارين کان قبضو ڇڏائڻ لاءِ پوليس پهتي

(12) مولانا ... بنا معاوضي زمينون حاصل ڪرڻ تي اعتراض ڪيو.

(13) زرعي پيداوار جي وڪري جو بندوبست ڪرڻ لاءِ زرعي ادارو قائم.

(14) تعلقي جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ تي غور.

حالت جريءَ يا اضافت جي حالت ۾ سنڌيءَ جي اسمن ۽ صفتن جا لفظ هيٺينءَ ريت آهن:

(الف)  واحد جي صيغي ۾ اَ، اِ ۽ آ پڇاڙين جي صورت ۾ ڪوبه ڦيرو ڪونه ٿيندو، جيئن: کَٽ تي، ڀِت تي، راجا کي، وغيره

(ب)    واحد جي صيغي ۾، اُ پڇاڙيءَ جي صورت ۾ اُ ڦري اَ جي صورت وٺندو، جيئن: گلَ تي، پَٽَ تي.

(ج)    واحد جي صيغي ۾، او پڇاڙيءَ جي صورت ۾ او ڦري اي جي صورت وٺندو، جيئن دلي تي، کٽولي تي.

(د)     واحد جي صيغي ۾، اِي، اُو ۽ اُون پڇاڙيءَ جي صورت ۾ لفظ جي آخر ۾ ’ءَ‘ آواز وڌائبو، جيئن: ماکيءَ کي، مٺوءَ کي، مرونءَ کي، وغيره.

(هه)    جمع جي صيغي ۾ ئون، يون، اون، اِي، آ، اَ، اُو جون پڇاڙيون ڦري ئن، ين، ن جي صورت وٺنديون- جيئن ته بلائون، ڀتيون، کٽون، ڌوٻي، بلائن کي، ڀتين تي، کٽن تي، ڌوٻين کي، گُلَ، دلا، مٺُو، گِلن تي، دلن تي، مٺن کي.

مٿي جيڪي 14 مثال ڏنا ويا آهن، انهن ۾ پاڻي، رستو، دورو، ريڊيو، پيپر، سامان، درخواستون، تعداد، قبضو، زمينون، بندوبست ۽ مسئلا سڀ اسم آهن، جيڪي حالت اضافت ۾ آهن ۽ انهن مان هر هڪ جي پٺيان حرف جر يا حرف اضافي ”جي“، ڳجهو بيٺل آهي، انهيءَ ڪري اُهي پنهنجي صفتن ۽ انهن جي اڳيان آيل حرف اضافت جي لفظن سميت پنهنجي صورت ڦيرائيندي، جيئن:

(1) سٺي پاڻيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ کوٽائي شروع.

(2) رستي بند ٿيڻ سبب مل بند.

(3) گورنر کي ٿر جي دوري ڪرڻ جي اپيل

(4) ريڊئي ٻڌڻ تان جهيڙو

(5) پنجن ڏينهن جي دوري ڪرڻ بعد رپورٽ

(6) سنڌ ۾ ڪاغذ جي چئن ڪارخانن قائم ڪرڻ جون رٿائون زير غور.

(7) سنڌي زبان ۽ ثقافت جي پيپر شامل ڪرڻ جو حڪم

(8) سپاهي مسافرن جي قيمتي سامان ڦرڻ جي الزام ۾ گرفتار

(9) نوڪريءَ لاءِ درخواستن ڏيڻ کان پوءِ انٽرويو

(10) حڪام طرفان مري ويلن جي تعداد ظاهر ڪرڻ کان انڪار

(11) هارين کان قبضي ڇڏائڻ لاءِ پوليس پهتي.

(12) مولانا ... بنا معاوضي زمينن حاصل ڪرڻ تي اعتراض ڪيو.

(13) زرعي پيداوار جي وڪري جي بندوبست ڪرڻ لاءِ ....

(14) تعلقي جي بنيادي مسئلن حل ڪرڻ تي غور

ٻولي قومن جي طبيعت جو آئينو ٿئي ٿي. مثال طور، اڙدو هڪ واترادي ۽ گهڻ- ڳالهائو ٻولي آهي، ۽ سنڌي هڪ ماٺيڻي ۽ ٿور- ڳالهائو ٻولي آهي. هڪ جو خاص گڻ زبان درازي ۽ اُڀ ۾ تراريون هڻڻ آهي، ۽ ٻيءَ جو خاص گڻ نماڻائي ۽ نرم ٻولڻ آهي، تنهنڪري سنڌي جيڪڏهن اڙدوءَ جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ته نه رڳو پنهنجو شانُ وڃائيندي، پر اڙدوءَ سان اُن جي لفاظيءَ ۽ نقاليءَ ۾ مٽ به پئجي ڪانه سگهندي ۽ الٽو اِنهيءَ ڪوشش ۾ پاڻ کي ڏٺو ڪندي. ڏاڍي گهڻي ڏک جي ڳالهه آهي، جو اسان جا ڪي هرک- هارئا دوست اڙدوءَ جي اِنهيءَ درٻاري ڏيک ۽ ماڙيچاڻي مَک چک ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايترا ته وٺجي ٿا وڃن، جو مثال طور، حيدرآباد ريڊئي جي اُنهيءَ ساڳئي مٿي ڄاڻايل ”جمهور جي پروگرام“ ۾ مون پنهنجن ڪنن سان اهڙن دوستن کي چوندي ٻڌو. ”ادا عارب خان! بجا ٿا فرمايو!“ (”سچ ٿا چئو!“ نه)، ”ادا، هاڻي ٻڌاءِ خَبرَون!“ (”خبَرون“ نه)، ”تَيار ٿيو“ (”تِيار نه)، ”خَيال ڪريو“ (”خِيال“ نه)، (اُميد آهي...“)، (”اُميد“ نه)، ”درميان“ (نون غُني سان) (”درميانُ“ به نه ۽ ”وچ ۾“ به نه) – بنهه ايتري تائين، جو ”عارب خان“ چوي ته ”ادوڙي، خوش آهين! چڱو ڀلو، جوڙ متارو!“ ته هن کي جواب ڏين: ”عارب خان، عنايتون، ڪرم فرمايون، ذره نوازيون!“ سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهندي، جيڪر سر ۽ آواز منجهانئن ڪي اختيار ڪن ٿا، سو سڄيءَ سنڌ جا ماڻهو ٻڌي پنهنجن ريڊين کي جيڪي سڌيون ٻڌائين سڻائين ٿا، سي ريڊئي وارا پاڻ ته ڪونه ٿا ٻڌن، پر هن مضمون جا پڙهندڙ چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا، اسان جي هنن دوستن کي ياد رکڻ گهرجي ته ٻولي لکجڻ ۽ پڙهجڻ کان گهڻو وڌيڪ ڳالهائجي ٿي. هر ٻولي پنهنجي خاص ڍنگ ۽ لهجي ۾ ڳالهائبي آهي. ڳالهائڻ به هڪ لطيف فن آهي- شاندار، وڏو ۽ تمام ڏکيو. اُن جي ترنم ۽ لئي کي هڪڙو کهرو آواز، هڪڙو اڻ سهائيندڙ اُچار به ڏکوئي ۽ ختم ڪري سگهي ٿو. عربي ۽ فارسي لفظ کڻي، اسان اُنهن جي اصلوڪن اُچارن کي پاڻ وٽ قائم رکڻ لاءِ ٻڌل نه آهيون، جيئن اڙدو سمجهي ٿي ته هوءَ ٻڌل آهي. مون، خاص طرح، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي جلسن ۾ پنهنجن ڪيترن ڏاهن ۽ اتساهي نوجوانن کي ڏٺو آهي ته ميڙ ۾ ڳالهائيندي، هو عربي ۽ فارسي لفظن جي ڳولا ۾ ۽ اُنهن کي هروڀرو سندن ”صحيح“ اُچارن سان ڪم آڻڻ جي ڪوشش ۾ ايترا ته مُنجهي پون ٿا، جو بنهه رواجي خيال به پنهنجا ظاهر ڪري نٿا سگهن. هيءَ ڪيتري نه ارمان ۽ عجب جي ڳالهه آهي، جو ڌارين ٻولين جي ڏِک ۽ اُنهن جو تاب اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جو پورو فائدو به وٺڻ نه ڏئي! جڏهن سنڌ جو امر شاعر لفظ ”بغير“ کي ”بگر“ ڪري ڪم آڻي سگهي ٿو ”ڪونهي ڪميڻيءَ جو بگر تو بلو“- اسين خَبرَ، اُميدَ، تِيارُ، خِيالُ، سُوالُ، خَتَمَ، وغيره، وغيره ڇو نه چئون؟ اسين سنڌي برابر ماٺيڻا ۽ ٿور- ڳالهائو آهيون، پر ائين به ٿيڻ نه کپي ته پنهنجن چپن تي، اڙدوءَ جي نقالي ڪندي، عربي ۽ فارسي لفطن ۽ اُنهن جي اُچارن جون مهرون هڻي، بنهه گونگا بڻجي ويهي رهون. يا شهري يا علمي بڻجڻ جي شوق ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي ايترو بگاڙي ڇڏيون، جو ٻولي ته ٻولي پر خود پنهنجي عامَ کان ئي ڪٽجي الڳ ٿي وڃون!

اڄ جي نئين دور ۾ ٻوليءَ ۽ ادب جي بچاءَ ۽ واڌاري جو وڏي ۾ وڏو ۽ ڪامياب ۾ ڪامياب وسيلو ان ٻوليءَ جي پڙهائي آهي، جيڪا اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿي. تمام گهڻي افسوس جي ڳالهه آهي، جو اڄ اسان جي پرائمري اسڪولن کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي پڙهائيءَ تي پورو ۽ مناسب ڌيان ڪونه ٿو ڏنو وڃي. اُن جا سبب کڻي ڪيترا به هجن ۽ ڪهڙا به هجن، پر اِنهيءَ حالت کي هڪدم بدلجڻ گهرجي ۽ اسان جي تعليمي مرڪزن ۾ اسان جي مادري ٻوليءَ جي پڙهائي کي ايتري ئي اوليت ۽ اهميت ڏيڻ ۽ ڏيارڻ گهرجي، جيتري ڪنهن آزاد ۽ سڌريل ملڪ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اُن جي مادري ٻوليءَ جي پڙهائيءَ کي ملي ٿي، ۽ اِن ۾ ڪوبه ٻيو نصابي ڪم- جيئن حساب، انگريزي، سائنس، وغيره- سنڌيءَ تي آڪرو ٿيڻ نه گهرجي. سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائيءَ کي هيئن اسان جي تعليم ۾ پهرين جڳهه ملي، ان لاءِ وڏي ۾ وڏو فرض اسان جي سنڌي استادن جو آهي، جيڪي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورستين ۾ سنڌي پاڙهڻ تي مقرر ٿيل آهن. هڪ ته هو پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي پوريءَ طرح پڙهن ۽ سمجهن ۽ ان جي ادبي ۽ علمي خزاني کان وڌ ۾ وڌ واقف ٿين، ٻيو ته پنهنجن شاگردن کي اُن جي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ڪم آڻڻ لاءِ پنهنجي وس آهر وڌ ۾ وڌ تيار ڪن. اُن لاءِ نصاب ۾ به ڪجهه ڦيرو اچڻ گهرجي، پر سڀ کان وَڌ دلي چاهُه ۽ ڀرپور پورهيو ئي کين توڙي سندن شاگردن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ڏانهن پنهنجن فرضن ۽ ذميدارين جي پوري ڪرڻ لاءِ تيار ڪري سگهندو.

سنڌي ٻولي جنهن خطري هيٺ آهي، اُهو اِن مان ئي پڌرو آهي ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي صوبائي ٻولي بنجي، اُن لاءِ سنڌ اسيمبليءَ کي بل پاس ڪرڻو پيو. ۽ پوءِ اُن گناهه لاءِ اٻوجهه ۽ صلح پسند سنڌي عوام کي ڪيترائي ڪونڌر ڪهائڻا پيا، ۽ اُن جي پنهنجي سرڪار کي ڇاڇا نه سهڻو پيو ۽ ڇا ڇا نه مڃڻو پيو! هاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ جيڪي بورڊ ۽ ائڪيڊميون ٺهڻيون آهن، جڏهن اُهي ٺهن ۽ ٻن سالن ۾ يا ٻارهن سالن ۾ جڏهن ٻوليءَ ۾ اُهو ڪجهه واڌارو ٿئي، جيڪو هڪ آبرومند قومي ٻوليءَ ۾ سچ پچ ٿيڻ گهرجي، اُن لاءِ ڪي ڀرپور تجويزون جُڙن ۽ انهن تي عمل ٿئي، سوين هزارين ڪي علمي ۽ ادبي ڪتاب لکجن، ترجما ٿين، ڇپجن ۽ پڌرا ٿين، سنڌ جا سڀ رهواسي سنڌي سکن، سنڌي پڙهن ۽ لکن- تڏهن چئي سگهبو ته سنڌ ۾ ٻولي پنهنجي پوري ۽ حقي درجي تي پهتي ۽ اُن لاءِ اسان جي وڏن جون ۽ اسان جون سڀ قربانيون، جيڪي ڏنيوسين ۽ اڳتي ڏينداسين ۽ سڀ محنتون، جيڪي ڪيون سين ۽ اڳتي ڪنداسين، سڀ سوليون ۽ سجايون ٿيون.

جيڪڏهن ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي لفظن کي قبولڻ ۽ قائم رکڻ جو سوال رڳو ايترو آهي ته ٻين ٻولين جا لفظ کنيا وڃن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جا ساڳيءَ معنيٰ وارا لفظ، بلڪ وڌيڪ سچيت ۽ سهڻا لفظ ڇڏيا وڃن- ته ائين هرگز هرگز نه ٿيڻ کپي. ائين ڪرڻ سان ٻولي پنهنجو بنياد بچائي ته نه سگهندي، پر پنهنجي بنياد سان پنهنجو سڀيتائي لاڳاپو به بحال رکي نه سگهندي. جڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي ڳالهه وڃي اهڙيءَ حد تي پهچي، تڏهن اُن ٻوليءَ کي پاڻ وٽان ڌاريان لفظ زوريءَ به ڪڍي ڦٽا ڪرڻا پوندا. ههڙو عمل، جنهن ۾ ڌاريان فاسد لفظ ڪوشش ڪري ڪڍڻا پون ۽ پنهنجا بي گناهه نڪتل لفظ واپس آڻڻا پون، دنيا جي سڀني سڌريل ۽ سجاڳ قومن کي، پنهنجي قومي سجاڳيءَ جي پهرينءَ منزل تي، پنهنجي پنهنجي قومي ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ، لازمي طرح اختيار ڪرڻو ئي پيو آهي. ساڳيءَ ريت، سنڌي ٻوليءَ جي اها واڌ به ڪڏهن واڌ ڪانه چئي سگهبي، جنهن مان، مثال طور، شاهه جي ٻوليءَ جا لفظ گم ٿيندا ٿيندا بنهه گم ٿي وڃن، ايتري تائين، جو ڪو سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ پڙهندڙ شاهه جو رسالو پڙهي ته پڙهي نه سگهي ۽ ٻڌي ته سمجهي نه سگهي. ايتريءَ قيمت تي ڪنهن ٻوليءَ جي ”ترقيءَ ۽ سڌاري“ کي ڪهڙي حساب ۾ ڪو ترقي ۽ سڌارو چئي سگهندو! هن خيال کان، اڄ اسان تي واجب به آهي، ۽ بنهه جائز پڻ، ته پنهنجي ”اسڪولي“ ۽ ”علمي“ ٻوليءَ جي ڪجهه ڇانگ ڪريون، ته جيئن ان ۾ اوتري قدر، بلڪ ڪجهه وڌيڪ، تازو ڦوٽهڙو ٿئي. ٻوليءَ جي هيءَ ضروري ڇانگ هرڪو اسان جو لائق اديب ۽ شاعر پنهنجي سچيتائيءَ ۽ فني پختائيءَ سان پنهنجي منهن به ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي پياريءَ ٻوليءَ لاءِ آب حيات مثل هيءُ بنهه ضروري عمل، ڪنهن رٿائتي ۽ سلسليوار طريقي سان، اسان جا سڄاڻ مقبول عام علمي ۽ ادبي ادارا پڻ هٿ ۾ کڻي سگهن ٿا.

[1973ع]


 

اسان جي مادري زبان ۽ ان جي تعليم ۾ اهميت

”تعليم جي سڄي ناڪامي بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناڪامي اهي.“

…    …    …    …    …    …

”هر صاحب علم شخص لازمي طرح ٻوليءَ جو صاحب آهي.“

…    …    …    …    …    …

بي اختيار يا ڪم – اختيار معاشري جي آڏو پنهنجي بنيادي حقن جي حفاظت لاءِ فقط ٻه رستا موجود رهن ٿا: پهريون پاڻ کي بااختيار رکڻ يا زياده بااختيار بنائڻ لاءِ جدوجهد ۽ قرباني؛ ۽ ٻيو، ”تانسين ڀڳي سان ئي ڀير جانسين رتو راس ٿئي.“ يعني تنهن وچ ۾، حالتن پٽاندر، جو ڪجهه پنهنجي بهتريءَ لاءِ ممڪن ٿي سگهي، اُن تي عمل ڪرڻ.

سنڌي معاشري جو پڻ، ٻين زنده انساني معاشرن وانگر، هڪڙو اهم ۽ بنيادي حق پنهنجي زبان جي حفاظت ۽ فروغ آهي - - ڇو ته اُن تي ئي سندس سڄيءَ بلڪ پوري وجود ۽ اُن جي افاديت جو دارومدار آهي.

اقوام متحده جي منشور ۾ ملڪن جي لساني اقليتن جو وجود تسليم ٿيل آهي، ۽ سندس بنيادي انساني حقن جي دستاويز ۾ لساني اقليتن جي ٻولين ۽ تهذيبن جي بچاءُ جو واعدو ٿيل آهي. هم مذهب انساني اجتماع ۾ لساني اقليت جو وجود قائم رهي ٿو، ختم ڪونه ٿو ٿئي، هم مذهب اڪثريت به هم مذهب اقليت مٿان ڏاڍ ۽ اُن جي حق تلفي ڪري سگهي ٿي.

آزاديءَ کان پوءِ ڪجهه جذباتي ترنگ ۾ ۽ ڪجهه گروهي مفاد جي ڇڪ سبب، اسلام سان گڏ اردوءَ کي پاڪستان جي نظرياتي اِساس جي هڪ عصر طور اڳيان آڻيندي، ڪافي ٻولين کي ۽ خاص طرح سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي ۽ تهذيبي حيثيت کي نظر انداز ڪيو ويو، بلڪ اُن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.

ڪراچيءَ ۾ سنڌي پرائمري ۽ ثانوي اسڪولن جو ڪافي تعداد ۾ بند ٿيڻ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان امتحاني ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ جي يڪطرفي ترديدَ - - اِن سلسلي جا ڪافي ڳرا ۽ مهلڪ قدم هئا.

اُن کان پوءِ وقت بوقت، بلڪ مرڪزي حڪومت جي هر تبديليءَ سان تعليمي ڪميشنن جا انعقاد شروع ٿيا، ۽ هر ڀيري ”مادري ٻوليءَ“ جي اصطلاح کي ”قومي ٻوليءَ“ جي پرڪشش ۽ رعبدار اصطلاح سان ڍڪيندي، اردوءَ کي سڄي ملڪ ۾ تعليم جي ذريعي طور رائج ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون - - جنهن جي نتيجي ۾ پڻ سنڌ ۾ سنڌيءَ جي محڪم بيٺل تهذيبي اهميت ۽ تعليمي درجي کي ڌڪ لڳڻ جا امڪان اٿندا ۽ نقصان پهچڻ جا انديشا سامهون ايندا رهيا.

1958ع ۾ پهرئين مارشل لا جي دوران، قومي يڪجهتيءَ جي مفاد ۾ سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌ جي صوبائي حڪومت طرفان عمل ۾ آندل مساويانه فارمولا کي ختم ڪري، اردوءَ کي يڪطرفي فوقيت ڏياري ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي معاشري ۾ تهذيبي طور گروهي تفريق ۽ امتياز جي صورت پيدا ٿيڻ جا آثار اُڀري اڳيان آيا، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ اُن جا هاڃيڪار نتيجا پڻ نمودار ٿيا.

تنهن وچ ۾، ۽ پوءِ گهڻي وقت تائين، قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ جا ٻولين جي آئيني حيثيت جي سلسلي ۾ فڪر ۽ عمل جون ڪيئي متضاد صورتون اٿنديون رهيون، ۽ ڪافي ڪشمڪش کان پوءِ، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ناڪاميون ۽ نامناسب ڳالهيون واقع ٿينديون رهيون، نيٺ 1973ع جي آئين ۾ مسئلي جي هڪ صورت ملڪي سطح تي، ۽ ان جي آڌار تي خاص طرح سنڌ ۾ صوبائي سطح تي، طئي ٿي، جنهن جي منصفانه تعميل جو سوال اڃا به التوا جي حالت ۾ موجود آهي.

هن سڄي عرصي ۾، سنڌي معاشري جي باخبر، ذميدار ۽ حساس حلقن طرفان پنهنجي ٻوليءَ جي وجود جي تسليميءَ ۽ اُن جي تهذيبي ۽ آئيني مفاد جي حفاظت لاءِ مناسب پيشقدمي ٿيندي رهي، ۽ پنهنجي هن بنيادي انساني حقن جي دفاع ۽ بحاليءَ لاءِ گهربل جدوجهد ۾، سنڌي معاشري جي ڪابه اهڙي اهم شخصيت، ڪوبه ادارو يا جماعت ڪانهي، جنهن پنهنجي وس آهر پورو پورو حصو نه ورتو هجي. هزارين پترا، سوين ڪتابچا، ڪيئي ڪتاب، عرضداشتون، ليک، ٺهراءُ ۽ عرض ناما شايع ٿيا، ۽ تقريباً هر مرڪزي حڪومت آڏو اديبن، عالمن ۽ تعليمدانن جا وفد پيش ٿيندا رهيا، جن مان هڪ هڪ جو ذڪر لازم ته آهي، پر هن موقعي تي، خاص طرح وقت جي تنگيءَ جي خيال کان، مناسب نٿو لڳي. البت، اُن سلسليءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان 9- نومبر 1962ع تي ”يوم سنڌي زبان“ جي ملهائڻ ۽ وسيع پيماني تي دستخطي مهم ۽ ان جي طوماري دستاويز جي تياريءَ، ۽ 1960ع ۾ ”سنڌي زبان سوسائٽي“ جي قيام ۽ اُن سوسائٽيءَ پاران 1962ع ۾ هڪ تفصيلي عرضداشت جي تياريءَ ۽ تڏهوڪي صدر پاڪستان، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کي وفد جي صورت ۾ ان جي پيش ڪرڻ جي ڳالهين جو هن موقعي تي، فقط يادگيري طور، ذڪر ڪري ڇڏڻ مناسب ٿو معلوم ٿئي.

هيتري ساري لاڳيتي، بي خوف ۽ بي لوث اجتماعي جدوجهد جو ئي نتيجو آهي، جو اڄ اسان جي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي حيثيت هِتي اسان وٽ اُهائي قائم آهي، جيڪا آزاديءَ کان اڳ اُن جي هئي - - يعني:

(1) ابتدائي ۽ ثانوي اسڪولن ۾ ڏهين ڪلاس تائين اسان جي مادري ٻولي اڀياسي مضمون به آهي ۽ ذريعو تعليم به آهي.

(2) ڪلاس چوٿين کان 12 ڪلاس تائين غير سنڌي ذريعي تعليم وارن شاگردن لاءِ سنڌي لازمي اڀياسي مضمون جي حيثيت رکي ٿي - -  جيئن سنڌي ذريعي تعليم وارن شاگردن لاءِ اردو لازمي اڀياس مضمون آهي.

(3) ٻارهين ڪلاس کان پوءِ (سنڌ يونيورسٽيءَ) جي بي- اي جي تعليمي سطح تائين پڻ اسان جي مادري زبان اڀياسي مضمون به آهي ۽ اڪثر نصابي ڪورسن لاءِ تعليم جي ذريعي طور پڻ تسليم ٿيل آهي.

(4) ايم- اي جي سطح جي تعليم سنڌيءَ ۾ (بحيثيت اڀياسي مضمون جي) سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ پڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ وٽ سنڌيءَ جي ذريعي تسليم ٿيل آهي.

(5) سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ سنڌي ٻولي ڊاڪٽوريٽ آف فلاسافيءَ جي سَنَدَ لاءِ تحقيقي مضمون جي ٻوليءَ طور تسليم ٿيل آهي.

(6) صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن وٽ ملازمتن لاءِ مقابلي جي امتحانن ۾ سنڌي بحيثيت هڪ مضمون جي ۽ پڻ ڪن محدود حالتن ۾ امتحاني ٻوليءَ جي، ۽ مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن وٽ پي- سي- ايس جي اعليٰ ملازمت لاءِ مقابلي جي امتحان ۾ فقط بحيثيت هڪ مضمون جي تسليم ٿيل آهي.

(7) اسان جي مادري ٻولي، اردوءَ سان گڏ (جنهن کي آئيني طور مرڪزي حيثيت ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو به مليل آهي) سنڌ صوبي جي سرڪاري زبان طور تسليم ٿيل آهي.

هڪ مرڪز پسند وفاقي طرزِ حڪومت ۾، وفاق جي هڪ اڪائيءَ جي حيثيت ۾، جيڪا اِڪائي مطلق ۽ مستقل اقليت ۾ هجي، اسان کي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ان حيثيت تي خوش هجڻ جا ڪافي سبب آهن. ائين برابر آهي ته اُها اُن جي اصلوڪي حيثيت هئي ۽ اُن حيثيت کي اسين وڏي اجتماعي جدوجهد کان پوءِ تسليم ڪرائي يا قائم رکي سگهيا آهيون، ۽ اُن لاءِ اسان کي وري وري جدوجهد پئي ڪرڻي پيئي آهي ۽ آئنده به شايد ائين ٿئي- جنهن لاءِ اسان کي واقعي تيار به رهڻ کپي. ڇو ته ”زندگيءَ جي نعمتن لاءِ دائمي سجاڳيءَ جي قيمت“ ڏيڻي ئي آهي، ۽ اُن سلسلي ۾ اسين پوريءَ طرح فقط تڏهن مطمئن ۽ بي خوف ٿي سگهون ٿا، جڏهن تعليم جو شعبو خالص صوبائي اختيار ۾ هجي ۽ اُن ۾ مرڪز جي دخل اندازيءَ جو امڪان نه رهي - - ۽ اِهو پاڻ کي يعني سنڌي معاشري کي وڌيڪ بااختيار بنائڻ جي مسئلن مان هڪ مسئلو آهي. جنهن لاءِ هيڻن ۽ اقليتي معاشرن کي جدوجهد ڪرڻ ۽ قربانين ڏيڻ جي ضرورت رهي ٿي. بهرحال، هن وقت ائين به برابر آهي ته اسان جي ٻوليءَ جي انهن تهذيبي ۽ تعليمي حيثيتن مان ڪي گهڻي قدر ڪاغذ تي ئي موجود آهن ۽ عملي طور اِنهن سڀني حيثيتن جو شرف اُها پوريءَ طرح اڃا ماڻي نه سگهي آهي، ۽ اُن لاءِ گهڻيءَ حد تائين حڪومت جي انتظامي چرخي ۽ اُن جي ڪن خاص پرزن جي عدم توجهي، سرد مهري ۽ خصومت ئي ذميدار آهي - - ۽ جنهن لاءِ پڻ متاثر ٿيل معاشري تي جدوجهد ۽ قربانيءَ جو فرض لازمي طور عائد ٿئي ٿو.

هنن سڀني ڳالهين کان پوءِ، هِن سلسلي ۾ اسان کي پاڻ به سوچڻو آهي ته موجوده حالتن ۾، جڏهن اسان جي معاشري ۾ اسان جي مادري ٻوليءَ جي تسليم ٿيل تهذيبي ۽ تعليمي حيثيت ايڏي حوصله افزائي آهي، تڏهن اُن جو پنهنجي اُنهيءَ حيثيت سارو معاشري ۾ قدر به ٿئي ۽ اُها عملي طور پنهنجو اُهو درجو ماڻي به سگهي، ۽ اُن جي وسيلي، تعليم ۽ تهذيب جي دائري ۾، خود اسان جو معاشرو به اُهو فروغ ۽ اُها پنهنجي صلاحيت حاصل ڪري سگهي، جيڪا اُن کي هڪ زنده ۽ باوقار معاشري جي صورت ۾ حاصل هئڻ گهرجي- - اُن سڀ لاءِ اسين پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون، ۽ پنهنجي ڪوشش ۽ عمل سان ڪيتري قدر ۽ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي ٻوليءَ جي ان مڃيل حيثيت کي حقيقي صورت ڏيئي سگهون ٿا؟

منهنجي خيال ۾ اسين هِن سلسلي ۾ هيٺيان اقدام ڪري سگهون ٿا:

(1) اسان جا اديب ۽ عالم انفرادي طرح ۽ اسان جا علمي ۽ ادبي ادارا، پنهنجن پنهنجن سونپيل ۽ هٿ ۾ کنيل فرضن ۽ ذميدارين جي تعميل طور، ٻارهين ڪلاس کان مٿي هر اهڙي تعليمي نصاب جا ڪتاب، جنهن لاءِ سنڌي ٻولي اڀياسي مضمون يا تعليمي ذريعي طور تسليم ٿيل آهي، لکي سگهن ٿا، لکائي سگهن ٿا، ۽ ڇپائي ۽ شايع ڪرائي سگهن ٿا.

هن سلسلي ۾ ٻارهين ڪلاس جي تعليمي سطح تائين گهربل درسي ڪتابن جي لکائڻ، ڇپائڻ ۽ موجود رکڻ جي سرڪاري ذميداري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تي عائد ٿيل آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ اُن جو منصبي فرض آهي، ۽ اُن ڪم ۾ سندس ناڪاميءَ جي حالت ۾ اُن کان پوري پوري جواب طلبي ڪرڻ اسان استادن ۽ مائٽن جو به فرض آهي ۽ اُهو اسان جو حق به آهي.

حڪومت جي تعليمي ۽ ثقافتي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ اسان جا پنهنجا دردمند ۽ باهمت عملدار، پنهنجي پنهنجي دائري اختيار ۾، ۽ وٽن موجود حڪومتي وسيلن آهر، هن ڪتابي ميدان ۾ يعني انهن جي تياريءَ، اشاعت ۽ استعمال جي سلسلي ۾ ڪافي ڪجهه ڪري سگهن ٿا.

(2) اسان جا استاد ۽ تعليمي ادارن جا منتظم ۽ سربراهه، پرائمري تعليمي سطح کان وٺي يونيورسٽيءَ جي تعليمي سطح تائين سنڌيءَ جي تعليم ڏانهن خصوصي توجهه ڏيئي سگهن ٿا - - جيئن اڀياسي مضمون طور اُن جي پڙهائي ۽ ذريعي تعليم طور اُن جو استعمال، جديد کان جديد طريقن سان، بهتر کان بهتر نموني ۽ دل جي پوري ذوق ۽ ڪامل ذهني صلاحيتن سان، عمل ۾ اچي سگهي.

(3) انهيءَ حقيقت جي مدنظر ته اڄ سان وٽ خاص طرح وڏن شهرن ۾، سنڌي ذريعي تعليم وارن اسڪولن ۽ اسان جي ٻارن لاءِ مادري زبان جي بنيادي تعليمي سهوليتن جي سخت اڻاٺ آهي، اسان کي حڪومت جي ذميدار اختياريءَ وارن کان هڪ طرف پنهنجي اِن بنيادي حق وٺڻ جون پنهنجي پنهنجي منهن توڙي جماعتي طور گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن؛ ۽ ٻئي طرف اسين ”پنهنجي مدد پاڻ ڪريو“ جي اصول تي عمل ڪندي، پنهنجي محلي ۾ پنهنجن ٻارن لاءِ ٻاراڻا ڪلاس، پرائمري اسڪول ۽ پڻ هاءِ اسڪول قائم ڪري ۽ هلائي سگهون ٿا.

(4) اسين پنهنجي محلي ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ سنڌي ڪتابن جا مرڪز، لئبررين ۽ پڙهائي گهرن جي صورت ۾، قائم ڪري ۽ هلائي سگهون ٿا.

(5) اسان کي، وس پڄندي، ڪڏهن به پنهنجن ٻارن کي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي ٻاراڻي ڪلاس يا پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرڻ نه گهرجي. مجبوريءَ کان ڪنهن ٻار جي حالت ۾ جيڪڏهن ائين ڪرڻو به پوي، ته گڏوگڏ ڪم از ڪم پنهنجي گهر ۾ پنهنجي اُن غريب ٻار کي اسين پاڻ پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾، يعني اُن جي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾، پڙهڻ لکڻ به سيکاري سگهون ٿا.

اسان کي انساني نفسيات ۽ تعليمي فلسفي جو هيءَ بنيادي اصول هميشه ياد رکڻ گهرجي - - جيڪو اقوام متحده جي تعليمي، تهذيبي ۽ سماجي بهبود جي اداري (يونيسڪو) هيٺين لفظن ۾ قلمبند ڪري، دنيا جي سڀني زبانن متعلق ۽ سڀني ماڻهن جي عام اطلاع لاءِ شايع ڪرايو آهي:

”… ٻار لاءِ بهترين تعليمي ذريعو سندس مادري زبان آهي. بهترين تعليم شاگردن جي مادري زبان ذريعي ئي ڏيئي سگهجي ٿي … تعليم بهترين نموني سان مادري زبان ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿي … پوءِ ڀلي ته شاگرد ٻارُ هجي يا بالغُ … قومي زبان مادري زبان جي جاءِ نٿي ڀري سگهي …“ (يونيسڪو طرفان نومبر 1951ع ۾، ”تعليم ۾ مڪاني زبانن جي استعمال“ تي پئرس- فرانس ۾ سڏايل سڄيءَ دنيا جي وڏيءَ تعليمي ماهرن جي ڪانفرنس جا فيصلا ۽ سفارشون.)

يونيسڪو جي تعليمي ماهرن جا اِهي فيصلا انساني نفسيات جي هيٺ بيان ڪيل هڪ بنهه بنيادي ۽ اَٽل حقيقت تي ٻڌل آهن:

ٻار جي تعليم شروع ڪرڻ وقت ڪنهن جي ڪهڙي به نيت هجي، پر اُن نيت ۾ بار جي خود پنهنجي ڪابه دلچسپي ڪانه هوندي آهي. مائٽن کي، سماج کي ۽ حڪومت کي اُن وقت پنهنجون پنهنجون الڳ الڳ مرادون ۽ نيتون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي ڪجهه متضاد ۽ ڪجهه موافقت ۾ به هونديون آهن، پر اُنهن جي ڪنهن به نيت سان خود ٻار جو شعور اتفاق يا واسطو ڪونه هوندو آهي.

جڏهن مائٽُ ٻار کي ٽن سالن جي عمر ۾ ڪنهن ٻاراڻي ڪلاس ۾ يا ٻه سال پوءِ پرائمري اسڪول ۾ ويهاري ٿو، تڏهن خود ٻار جو پنهنجو فطري اتساهه يا دلچسپي ڪهڙي هوندي آهي؟ فقط هڪ: ۽ اُها هيءَ ته هو پنهنجي دنيا کان واقف ٿئي، ۽ اُن واقفيت مان مزو ماڻي يا فائدو وٺي - - ڇاڪاڻ ته اُها واقفيت کيس پنهنجي اُن دنيا تي قابض ٿيڻ يا هجڻ جو شعور ۽ خوشي ڏئي ٿي. سندس هن ڄاڻ جي اتساهه جي پوري ڪرڻ لاءِ ٻار وٽ پنهنجا پنج حواس ته آهن ئي، پر اُن لاءِ هن کي تنهن وچ ۾ ٻي به هڪ حاصلات، فطرت جي هڪ تحفي طور، هٿ اچي ويندي آهي - - ۽ اُها هوندي آهي، هن جي ڳالهائڻ جي اٽڪل، يعني هن جي مادري ٻولي، هيترو وقت، هو گهر ۾ پنهنجي مائٽن جي محفوظ پناهه هيٺ رهيو، تنهنڪري هو نه ڪنهن کان ڊڄي ٿو، نه ڪنهن جو پاڻ ئي مٺگهرو آهي، ۽ بنهه هڪ بي ميار معصومَ وانگر پنهنجي مائٽاڻي پناهه گاهه مان نڪري، پنهنجي چوڌاري موجود شين کي ڏسي ٿو ۽ پنهنجي دنيا کي ڪجهه وڌيڪ وسيع ڪرڻ گهري ٿو. هاڻي، بلڪل اِنهيءَ پَلِ، جڏهن هن جي نازڪ ۽ نرمل دل دنيا جي نيڪيءَ ۽ گهڻگهرائي جي تَرنگ ۾ ڀريل آهي، ٻار کي هڪ اهڙي وايومنڊل ۾ آڻي وڌو ٿو وڃي، جيڪو هن جي مادري ٻوليءَ جو وايو منڊل نه آهي! ۽ هڪدم هو ڏسي ٿو ته نه هن کي ڪوئي سمجهي ٿو ۽ نه هوئي ڪا ڳالهه ٿو سمجهي! هن جي ڪلاس جي ڪمري ۾ جيڪا ٻولي چالو آهي، سا هن جي ٻولي ڪانهي! ٻار کي اوچتو صدمو ٿو رسي- ڌاريائپ جو صدمو ۽ هو سڄو نراسائيءَ ۾ ويڙهجي ٿو وڃي. هن جي ٻولي، جيڪا هن لاءِ هن جو گهر هئي، ۽ اُن پَلَ تائين سڄي هن جي زندگي هئي، اُها هن جي اسڪول ۾ هن جي ڪنهن ڪمِ ڪانه ٿي اچي. نتيجي ۾، هو اُن پنهنجي نئينءَ دنيا کان هميشہ لاءِ، ذهني طور، جذباتي طور، ڪٽجي ٿو وڃي، ۽ هن جي من ۾ اڪيلائپ جو احساس، ٺڳجي وڃڻ جو احساس، بيزاريءَ ۽ غصي جو احساس، پيدا ٿي پوي ٿو- اُن ڌاريائپ واري فضا ۾ ٻار لاءِ اهڙو ڪو خطرو به واقعي ڪونهي ته اُتي ڪو هن تي اُلر ڪندو، هن کي ڌڪ هڻندو يا اهڙو ڪو نقصان پهچائيندو: پر سچو پچو هڪڙو خطرو هن کي اُتي آهي، ۽ اُهو اِهو آهي ته اُتي هو ڌيان تان لهي ويندو، ۽ انهيءَ ڪري هن جو قدر گٽجي ويندو، ۽ هو خسيس لڳندو.

اسان سڀني کي، جن کي پنهنجن ٻارن جي تعليم جي اهميت جو احساس آهي، ياد رکڻ کپي، ته ”اسڪول جي دنيا ۾ جيڪي به شغل، دلچسپيون ۽  ڪم ڪار ٿين ٿا، انهن ۾ هڪ هڪ کان ۽ سڀني کان وڌيڪ اهم شيءِ اُتان جي ٻولي آهي؛ ۽ اُها ئي هڪ شيءِ آهي، جيڪا اُن اسڪول جي دنيا ۾ هرڪو ٻار پاڻ سان کڻي وڃي ٿو. ڪلاس روم ۾ موجود اُنهي هڪڙي بنيادي سچ، اُنهيءَ هڪڙيءَ بنيادي حقيقت جو اسان سڀني کي احساس هئڻ کپي، ۽ اُن هڪڙي ننڍڙي سچ ۽ اُنهيءَ هڪڙيءَ ننڍڙيءَ حقيقت سان اسان سڀني کي انصاف ڪرڻ کپي؛ ۽ اسان جي ٻار جي تعليم جي سموريءَ ڪاميابيءَ جو دارومدار اُنهيءَ هڪڙيءَ ڳالهه تي آهي - - ڇو ته ”تعليم جي سڄي ناڪامي بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناڪامي آهي“ ۽ ”هر صاحب علم شخص لازمي طرح ٻوليءَ جو صاحب آهي.“

[25- اپريل 1980ع، سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسئيشن جي ڪل سنڌ تعليمي ڪانفرنس، حيدرآباد، جي موقعي تي پڙهيل تقرير]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org