سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :2

 

(1)

مهراڻ ۽ گل ڦل

* مهراڻ (رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جو لکيل مضمون): تعريف ۽ نالا – سنڌو نالو ڪيئن پيو – هاڻوڪو وهڪرو- لائڊيراج سسٽم – ڪوٽڙي براج – گڊو براج.

* سنڌو (اصل انگريزي ۾ احمد بشير جو لکيل. سنڌيڪار: عبدالرسول نظاماڻي.

* گذارشون:

مهراڻ 1-1955ع: ”پهريون دورُ، ۽ هاڻي“.

مهراڻ 2-1955ع: آزادي- ون يونٽ- اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ- مهراڻ- دعوت- معذرت- گذارش.

مهراڻ 3-1955ع: ٻولي- سنڌي ٻولي ۽ ان جا ڳالهائيندڙ- سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا سنڌي ريڊيو اسٽيشن- مهراڻ- شڪر گذاري- گذارش.

مهراڻ 4-1955ع: فنڪار جا ڳوڙها – لفظن جي چونڊ- ٻولين جي ڏي وٺ- ”نج“ سنڌي لفظ- سنڌي ڪافي ۽ غزل- اسان جون اميدون ۽ ارادا.

مهراڻ 1-1956ع: گذريل 3 مهينا- ٻه پُور- لوڪ ادب- ترجما- اسان جو نئون سال.

مهراڻ 2-1956ع: ادب جي درگاهه- ”مهراڻ“ جا پڙهندڙ- تنقيد- مضمونن جو معاوضو.

مهراڻ 4-1956ع: نئون سال – ادب ۽ ان جا نقاد- ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس- مهراڻ جا نوان ايڊيٽر- گذارش.

* گل ڦل (ناشر طرفان ٻه اکر): سنڌ ڄا ٻار- ”منهنجي ڀيڻ، منهنجا ڀاءُ!“

* ادبي خط (مهراڻ 1955ع کان 1959ع): شيخ اياز جا لکيل 3 خط – عقيدت جا گل – مشاعرو – شاهه جو رسالو – شيخ حفيظ – رسول بخش پليجو – جمال ابڙو – شيخ راز – شيخ حفيظ – مس شمس صديقي – بشير مورياڻي – مينڌري ع. سعادتي – دين محمد لاشاري – محمد دائود بلوچ – ”جهرڪن جو شهر“- ثميره زرين.

* پڙهندڙن جا پيغام: (مهراڻ – سال 1955ع کان 1957ع.

 

قومون جڏهن پاڻ کي سڃاڻڻُ ۽ سمجهڻُ چاهينديون آهن، تڏهن پهريائين پنهنجي ٻوليءَ کي سڃاڻنديون ۽ سمجهنديون آهن- ڇو ته ٻولي ئي سندن سڃاڻپ جو اصل نشان ٿئي ٿي. هر قوم جي پنهنجي پيڙهائتي ٻولي آهي. اُڌاري ٻوليءَ يا گاڏُڙ ٻوليءَ تي هلندڙ قوم جي زندگي جُڙتو ۽ کوکلي ٿئي ٿي. جيتري نبار ۽ نج ٻولي، اوترو ان قوم لاءِ پاڻ سڃاڻڻ سولو ۽ پنهنجي آزادي ماڻن آسان ٿئي ٿي. اهوئي سبب آهي، جو تاريخ ۾ جڏهن به ڪنهن قوم پاڻ کي قوم سڏائڻ جي لائق سمجهيو آهي، تڏهن پهريائين اُن پنهنجي ٻوليءَ کي جياريو آهي ۽ وڌايو آهي- توڙي جو سندس اُها ٻولي سوين سال ڪم نه آئي هجي، يا اُن جو ادب کڻي ڪيترو به پوئتي پيل ۽ اڻپورو رهجي ويل هجي، ۽ اُن جا لفظ کڻي ڪيترا به ڪم کان نڪري ويل هجن، يا رڳو اڻ پڙهيل جهانگين ۽ جهوپڙن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ باقي وڃي بچيا هجن. ٻوليءَ جي پنهنجن لفظن ۾ جيڪا ڇڪ ۽ ويجهڙائي ٿئي ٿي ۽ سمجهه ڀريل رهي ٿي، اُها ڌارين لفظن ۾ ڪڏهن به ڪانه ٿي رهي. پنهنجا لفظ کڻي ڪيترا به خيالي دنيا جا هجن، پر اُهي ڏٺل وائٺل دنيا سان لاڳاپيل رهن ٿا- جيئن ڌارئين لفظ ”قرارداد“ جي سامهون پنهنجو لفظ ”ٺهراءُ“ آهي، ۽ ائين لفظ- ۽ انهيءَ ڪري اُهي نج پنهنجا لفظ ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻنهي کي هڪُ سمجهه ۽ هڪُ سڀاءُ جي ڏور ۾ ٻڏي ڇڏين ٿا. جيڪڏهن ادب کي قومي ادب ٿيڻو آهي ۽ قومي ادب کي اڳتي وڌي صحيح معنيٰ ۾ عوامي ادب ٿيڻو آهي، ته اُن لاءِ ادب جي ٻوليءَ کي پهريائين ڇڙجي ڇنڊجي قومي ٻولي يا عوامي ٻولي بنجڻو آهي. – م.ا.ج

(”وڄون وسڻ آيون“، آگسٽ 1973ع، جي پيش لفظ تان کنيلُ)

”مهراڻ“ پهرئين پرچي جي ڪور ڊزائين

”مهراڻ“

”ستين ڀرئي مهراڻ جو ماٺيڻو منڍ“

[هماليه کان هيٺ لهندي، اسان جو محبتي مهراڻ، پنهنجي مَوَ موج ۾ اچڻ کان اڳ، هيءُ من موهيندڙ نظارو پيش ٿو ڪري.]

”سنڌو“

(لَهرنِ لَکِ لباس، پاڻيءَ پَسَڻ هڪڙو! – شاهه)

الا! جهري م شال غريبن جي جهوپڙي!

- ”بيوس“

 

جواني ۽ پوڙهه پڻ

”گل ڦل“ جي پهرئين پرچي جي ڪور ڊزائين

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org