سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :32

 

پيغام ۽ شعر

پيغام:

* ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جي سالنامي ڏانهن (1970)

* بسنت هال ۾ جشن روح رهاڻ، آچر 4- جون 1967ع لاءِ.

* ڪانفرنس ۽ ڪانفرنس کان پوءِ: (سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ لاءِ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي (1987ع)

* گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڍورو نارو، جي اولڊ بوائز ائسوسئيشن ڏانهن (1987ع)

* ٿاڻي بولا خان، ڪوهستان، جي اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سالياني 1987ع ”بارڻ“ مئگزين لاءِ

* سڪ ۽ سنديس: (روزانه نواءِ انقلاب سکر جي لائق ايڊيٽر مسٽر مقبول صديقيءَ ڏانهن لکيل خط

شعر:

* دعا: (سنت فرئنسيس) (انگريزيءَ تان ترجمو)

* جيئرن جي ڳولا: (جاويد شاهين).

* انگلنڊ جي ماڻهن لاءِ: (بي-بي-شيلي) (1822-1992ع).

* هڪ دعا، نئين سال لاءِ: نامعلوم شاعر (اصل انگريزيءَ ۾).

* او سنڌ: محمد ابراهيم جويو.

* منهنجا ٻچا: سروجني ديبي.

* ٽئگور جي نظم پڙهڻ تي سنڌي نوجوان جو ويچار.

* سنڌي ٻار جو سوال: جي. ايم. مهڪري.

* آءٌ ٻُڌ ناهيان: نِڌي ورما.

هونئن ته زندگي سڀ زندگي آهي – حيواني توڙي انساني – پر پوءِ به فرق ٻنهي ۾ ڏاڍو وڏو آهي. ۽ اُن فرق جي ظاهر ٿيندي ٿيندي، ۽ وڌندي وڌندي، لکن، ڪروڙن سالن جون وڇوٽيون وڌي ويون ۽ وچ ۾ احساسن، جذبن ۽ خيالن جي ڪائناتن جا ناقابل عبور مفاصلا پئجي ويا. اُنهن مان مکيه ۽ اُت نرالا امتياز چار سڃاتا ويا آهن: عقل (Reason)، آزادي (Freedom)، پيار (Love) ۽ ڪهل (Compassion). انساني زندگيءَ جي اِنهن چئن امتيازي سڃاڻپن مان پهريون ٻه انفرادي نوعيت جون ۽ آخري ٻه اجتماعي نوعيت جون آهن – جيتوڻيڪ ابتدا ۾ اِنهن پويُن ٻن سڃاڻپن جي ترغيب، عمل ۽ افاديت جو دائرو پڻ انفرادي ئي هو: عقل ۽ آزاديءَ جي اُمنگ جي اوائلي اوسر ذاتي جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي حوالي سان، ۽ پيار ۽ ڪهل جي پنهنجي جنسياتي ساٿيءَ ۽ اُن ساٿ جي پُوچ جي حوالي سان. انساني زندگيءَ جي تربيت ۽ عروج جو ڪمال هي آهي ته اِهي چارئي اُن جون سڃاڻپون، پنهنجي عمل ۽ افاديت ۾ انفرادي دائري کان ٻاهر نڪري، وڌندڙ سماجي وستار سان وڌندي وڌندي، سڌرندي سڌرندي – ڪٽنب، قبيلي ۽ جاتيءَ (ذات) کان ٿيندي- اڄ قومي زندگيءَ جي حوالي سان ئي تورجن ۽ ماپجن ٿيون: بلڪ فردَ (۽ ڪٽنب، قبيلا، جاتيون ۽ ٻيا ڪيئي گروهه)، وقت پِئي، قومي بقا ۽ بهبود لاءِ قربان ٿيڻ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو حاصل بلڪ اُن جو اعزاز سمجهن ٿا:

تِکَ اندر تاريخ جي، جي تون سمائين؛

متان اِئن ڀانئين، سارا لاش لُڙهي ويا.

 

سِرُ سَرچو ساڻيهه سان، مٽيءَ سان ماٿو،

ڪونهي تَنهن ڪاٿو، اوچو آهي اُڀَ کان.

 

ٽِڙيو کڻن ٽارَ، سِرَ اُنهن جا سوڀ ۾،

مَري ملهيا يارَ، ويڙها سڀ واسي ويا.

 

هي جي جهَجها جهُڙ ٿيا، مٽيءَ مهَڪ اُٿي،

ڌرتي رتَ رتي، ڦولي لالُ لِيارُ جيئن.

 

م.ا.ج

(”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“، مئي 1988ع، جي مهاڳ تان کنيلُ)

 

پيغام

ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ادبي سوسائٽيءَ طرفان سندن سالنامو شايع ٿي رهيو آهي، اِها هڪ بيحد خوشيءَ جي ڳالهه آهي.

سنڌيءَ ٻوليءَ سان اسان مان هر هڪ جولاڳاپو ذاتي طور به ڄائي ڄم جو آهي، ۽ سنڌ جيڪا اسان جي ماتر ڀومي آهي، ڪراچي اُن جو اُٽوٽ حصو آهي، ڪراچي يونيورسٽيءَ تي اِنهيءَ ڪري سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو اِن کان گهڻو گهڻو حق آهي ته اُتان رڳو اُن جي سنڌي سوسائٽيءَ جي سال ۾ هڪ مخزن شايع ٿئي!

قومن ۽ ٻولين جو مسئلو هيلتائين اسان جي ملڪ ۾ رڳو سطحي ۽ جذباتي انداز ۾ ڏٺو، سمجهيو ۽ هلايو پئي ٿي ويو. نومبر 1968ع – مارچ 1969ع جي عوامي جمهوري تحريڪ هيءَ ڳالهه ثابت ڪئي ته هيءُ مسئلو هڪ بيحد اهم ۽ سنجيده مسئلو آهي. اسان جا سجاڳ ۽ باهمت نوجوان اڄ اِن مسئلي جي تاريخي صداقت سان گڏ اُن جي سياسي ممڪنات کان پڻ واقف آهن، ۽ اُن سلسلي ۾ قوم جي بي غرض خادمن ۽ سرفروش سپوتن جي حيثيت ۾ جيڪي فرض کين اڄ ادا ڪرڻا آهن ۽ جيڪي ذميداريون کين اڳتي سنڀالڻيون آهن، اُنهن کان پڻ هو باخبر آهن.

قومي زندگيءَ جي جنهن مرحلي مان اڄ اسين گذري رهيا آهيون، اُن ۾ خاص طرح اسان جي ڪراچيءَ جي نوجوان ساٿين کي، دُور رس نگاه ۽ اعليٰ حوصلي کان ڪم وٺي، پنهنجي مادر وطن جي سالميت قائم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، ته جيئن جتي جتي اِن سوال تي اڄ اسان جي قومي خود اعتمادي ۽ قومي غيرت لوڏي ۾ آيل ڏسجي ٿي، اُن ۾ ايمان ۽ استحڪام اچي ۽ اُن کي تازگي ۽ تقويت ملي. اِئين نه ٿئي، جو پوءِ اسان کي گڏجي افسوس جا هٿ مهٽڻا پون ۽ سسئيءَ نماڻيءَ وانگر ائين اوسارڻو پوي ته

غفلت يار گنوايو، ٻڙي جيڏيون!

ڪيئن ڪريان آءٌ، ڪوهه ٿيو!

اُن حالت ۾ تاريخ جو فيصلو ۽ دنيا جي قومن جي فتوا سنڌي قوم لاءِ اِها ئي ٿيندي ته

ڪجي جيئن ڪيچين لئه، تيئن تان ڪين ڪيوءِ،

وڃائي وڌوءِ، وک نه کنيئه هڪڙي!

زندگيءَ جو ميدان جيڪو اڄ اسان جي نوجوانن جي اڳيان موجود آهي، سو هڪ پڌري پٽ مقابلي جو ميدان آهي. هن ۾ موروثي اوليت يا برتري – دولت، اقتدار ۽ عزت جي سلسلي جي – قابل قبول نه آهي. اڄ خالص ”هيءَ گوءِ، هُو ميدان“ وارو معاملو آهي. نسل، قوم ۽ مذهب جو ليبُل پڻ هن کليل شرط جي هار ۽ جيت ۾ اڄ ڪا معنيٰ نٿو رکي. خود اڪثريت ۽ اقليت جي تقابلي وجود جي، معاشري جي تشڪيل ۽ ڪارڪردگيءَ ۾، فيصله ڪن حيثيت ختم ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن نه، ته ون – يونٽ، جنهن ۾ هڪ قوم وٽ مطلق ۽ قطعي اڪثريت سان گڏ پنهنجي سامراجي غلبي جي استحڪام جا سڀ مادي توڙي نظرياتي وسيلا موجود هئا، اُن جي خاتمي جا امڪان ائين ڪڏهن به اُڀري ڪين سگهن ها. اڄ جيئن قومن لاءِ تيئن هر قوم جي اندروني امن امان ۽ خوشحاليءَ لاءِ ”باهمي مفاد جي بنياد تي باهمي تعاون“ ئي سياسي اسم اعظم جو درجو رکي ٿو. دولت، اقتدار توڙي تعداد جي دٻاءَ واري اڄ نه ڪا حاڪميت هلي ٿي سگهي ۽ نه ڪا محڪوميت ئي برداشت ٿي سگهي ٿي. اِنهيءَ ڪري اڄ هر ڪنهن کي، پنهنجي انفرادي توڙي قومي مستقبل کي اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ لاءِ خالص پنهنجين صلاحيتن تي ئي ڀاڙڻو آهي – اُهي ئي اڄ شخصن ۽ قومن جي بچاءَ ۽ ترقيءَ جي ضمانت آهن. اميد آهي ته اسان جا عزيز ۽ لائق نوجوان ساٿي انساني تاريخ جي اِنهيءَ اڄ جي حقيقت کي هر حالت ۾ پنهنجي سامهون رکندا ۽ پنهنجي علمي توڙي عملي لياقتن ۽ صلاحيتن کي هر سطح تي وڌائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا. اسان جون سڀ اميدون منجهن آهن. شال هو سدائين سکيا هجن، عزت سان جيئن ۽ همت ۽ شان سان اڳتي وڌن – آمين! جيئي سنڌ!

 

حيدرآباد                               - محمد ابراهيم جويو

فيبروري 1970ع

 

 

پيغام تن پرين جا

ڪَرَ کنيو ڪانگ لنئي، مُنيءَ تي مضبوط،

آڻيو ڏي آتڻ ۾، سنيها تابوت؛

ڪانگل اَٿَون قُوت، پيغام تن پرين جا.

(لطيف)

* هر مهيني اوهان سان ۽ اوهان جي وسيلي سنڌ جي نوجوان اديبن سان ’روح رهاڻ‘ جو موقعو ملندو رهي ٿو. سنڌي ادب ۽ سنڌي سڀيتا هڪ رڻ ۾ ڄاول گل – ٻوٽو آهي، جيڪو صدين کان جهولن ۾ سٽبو رهيو آهي. اُن جي هر مهيني آبياري ڪندا رهون ٿا، اِهو ڪم اوهان سنڌ جي درد آشنا، باهمت ۽ هوشمند نوجوانن جو ئي آهي. اوهان ۽ اسان جا وڏا به اُن کي پنهنجي ساهه سان سنڀاليندا آيا آهن، اڄ اِهو اسان ۽ اوهان سڀني جو گڏيل ورثو آهي، ۽ پاڻ وٽ هڪ امانت آهي؛ اُن کي صحيح سلامت ايندڙ نسل تائين پهچائڻ اسان جو فرض آهي -

ڪَرهو ڪيسر آءُ، پَسو واڳ ولاڙيو،

ٻيٽو ٻاپ مُلاءُ، ذرو ضايع نه ڪري.

(شاهه)

سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم، قدامت جي لحاظ توڙي ذهني ۽ روحاني مرتبي جي خيال کان، دنيا جي قومن ۾ هڪ خاص مقام ۽ هڪ خاص اهميت رکن ٿيون. سنڌي ادب سندن اُن مقام ۽ اُن اهميت جو هڪ روشن نشان آهي. هِن اُٿاهه ۽ بي انت ڪائنات ۾ سنڌ جو به هڪ نقطو آهي، جو وقت جي آخري حد تائين قائم رهڻو آهي، ۽ ڪڏهن به ڪين مَٽبو. سنڌ جو هيءُ نقطو، ڪائناتي پيماني جي لحاظ کان، ڪيڏو به ننڍو ۽ نِٻل ڇو نه هجي، پر اُن جي پنهنجي حيثيت، پنهنجي سڳنڌ ۽ پنهنجو شان آهي، جنهن سان ئي خدا جي خدائيءَ جو هيءُ سڀَ – رنگي ۽ گهڻَ – روپي ٺاٺ قائم آهي. سنڌ جو باشعور اديب ۽ دانشور اِنهيءَ لاثاني ۽ لافاني نقطي جو اڄ پاسبان به آهي ۽ ترجمان به آهي –

اڄ آڳڙيا آئيا، سائُو ڪي سڄاڻَ،

لاهيندا مورياڻَ، رڪ ڪريندا پڌرو.

(شاهه)

سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ’روح رهاڻ‘ جهڙن سندن بيباڪ ۽ حوصله مند رسالن کي اسان جو سلام آهي. شال هو سدائين، وڌن ويجهن، ۽ پنهنجن عظيم ارادن ۾ ڪامياب ٿين!

- محمد ابراهيم جويو

 

ڪانفرنس ۽ ڪانفرنس کان پوءِ

ٻولي ڪنهن انساني سماج جو گڏيل ابلاغي نظامُ ۾ اُن جي ثقافت جو ذريعو آهي. ٻوليءَ جي معرفت فردُ پنهنجي ثقافت (Culture) جو حصو بڻجي ٿو، ٻوليءَ جي صلاحيت ۽ قابليت سان هو پنهنجي اُن ثقافت جي تعمير ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهي ٿو، ۽ اُن کي بدلائي ۽ جديد کان جديد حالتن سان موافقت ۾ آڻي سگهي ٿو. ٻولي فرد کي پنهنجي ذاتي سڃاڻپ ڏئي ٿي ۽ هُن ۾ پنهنجي ذاتي گُڻ جي موجودگيءَ ۽ اُن جي واڌ جو احساس پيدا ڪري ٿي. ٻولي فرد لاءِ ۽ قوم لاءِ، دنيا ۾ ۽ مشترڪه انساني زندگيءَ ۾، پنهنجي مخصوص جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ تمام مڃيل ۽ ثابت ٿيلُ تمام وڏو ۽ سگهارو وسيلو آهي.

قوم (Nation)، قومي سڃاڻپ، (Nationality) ۽ قوميت (Nationalism) جون پاڙون ثقافت ۾ کُتل هجن ٿيون. ٻولي ۽ اُن جو سڄو ادب اُن ثقافت جي اظهار ۽ پائداريءَ جي ضمانت جو ڪم ڏين ٿا.

جيئن قومي وطن ۾ قومي اقتدارُ قومي وجود جو ثبوت هجي ٿو، تيئن قومي ٻوليءَ جو، قومي وطن ۾، تعليمي ۽ سرڪاري ٻوليءَ طور نِفاذُ قومي اقتدار جي وجود جو ثبوت هوندو آهي.

برطانوي سامراج کان نجات پائيندي، اسين سنڌ جا، سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙَ، ماڻهو پنهنجي وطن ۾، پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ، اهڙي ئي شانائتي ۽ پُروقار قومي درجي جي ماڻڻ جا اميدوار هئاسين- ڇو ته تاريخي طور ۽ آزاديءَ جي گڏيل جدوجهد جي معاهدي جي بنياد تي اسين اُن درجي جا حقدار هئاسين.

جيتري قدر اسين اڄ اُن درجي جي ماڻڻ کان محروم آهيون، اُن لاءِ بيگانن جي بالادست سياست جو جبر ۽ فريب ته ذميدار آهن ئي، پر اسان جي پنهنجن جي پاڻ تائين پورِي، مِيڪَرَ ۽ جي – حضوري سياست ۽ اسان جا پنهنجا مدي خارج، تنگ نظر ۽ تابعدار سماجي ۽ ثقافتي ادارا به اُن لاءِ ذميوار آهن.

گذريل چاليهن سالن جي هِن المناڪ صورتحال جي پس منطر ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ اُن جي سنڌي شعبي تعليم جي سربراهن، استادن ۽ شاگردن پاران هڪ ”بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس“ جو بندوبست ۽ سَڏُ لائق صد تحسين قدم آهي. ۽ اُن ۾ سندن هسب منشا ڪاميابيءَ لاءِ اسان جي دلين ۾ وڏيون اميدون ۽ وڏا اُڌما ئي اُڀري سگهن ٿا.

ڪانفرنس جي سربراهن ۽ اُن ۾ شريڪ ٿيندڙ لائق مهربانن کي واقعي ڏسڻو پوندو ته جن بلند مقصدن لاءِ پاڻ هيتري جاکوڙ ڪري رهيا آهن، اُن مان، اڳتي هلي، اُنهن مقصدن جي سچ پچ حاصلات به ٿئي ٿي!؟ کين ۽ اسان سڀني کي معلوم هجڻ کپي ته اهڙين وڏين ڪانفرنسن جو اصلي ڪم شروع ئي اُنهن جي اختتام کان پوءِ ٿيندو آهي- ورنه ته اڪثر اهڙيون ڪانفرنسون پنهنجن مقصدن جي رڳو صحيح ۽ واضح نشاندهي به مشڪل سان ڪري سگهنديون آهن. ۽ برخاست ٿي وينديون آهن.

هيءَ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس اهڙيءَ اَڻلاڀدائڪ صورتحال سان دوچار نه ٿئي، اُن لاءِ ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس بابت، اُن جي تصنيف ۽ ترجمي جي ڪمن بابت ۽ اُنهن جي طباعت ۽ اشاعت بابت، ۽ سڀ کان وڌ، سنڌي ٻُوليءَ جي پنهنجي وطن ۾ اُن جي مانائتي ۽ پُروقار قومي استعمال بابت، پيش ٿيل ۽ تسليم ڪيل ويچارن ۽ فيصلن کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ، ڪانفرنس جي سربراهن ۽ ٻين اسان سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سڀني گهڻگهرن کي واقعي ڪنهن سخت گير، طويل ۽ باشعور جدوجهد جي پروگرام کي سامهون رکڻو پوندو ۽ اُن تي عمل ڪرڻو پوندو؛- آءٌ پنهنجي طرفان سنڌي ٻوليءَ جي اُن آئيندي جي ترقيءَ ۽ سرفرازيءَ لاءِ گهربل پوءِ جي اُن ڪم تي نظر رکان ٿو، ۽ اُن لاءِ اوهان کي پنهنجون تهدل سان نيڪ تمنائون ۽ دعائون نذر رکان ٿو.

شال اوهين ۽ اسين پنهنجن اعليٰ قومي ارادن تي قائم رهون، ۽ اُنهن جي ڪاميابيءَ طرف همت ۽ حوصلي سان وڌندا رهون!

 

حيدرآباد                               - محمد ابراهيم جويو

ڊسمبر 12، 1987ع

 

پيغام

لاطيني ٻوليءَ جو هڪ لفظ آه ”الما ميٽر“ (Alma-Mater)، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”مهربان ماءُ“، ”سخي ماءُ“، ”ڏاتار ماءُ“ (Bounteous Mother)، جيڪا اولاد کي اڻ ميو ڏئي ٿي ۽ پنهنجيءَ هوند مان سڀڪجهه ڏئي ٿي. اصطلاح طور هيءُ لفظ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين لاءِ ڪم ايندو آهي، بلڪ انهيءَ اصطلاحي مفهوم ۾ اهڙن درسگاهن لاءِ ئي مخصوص ٿي ويو آهي- ڇو ته اُهي به مهربان ماءُ جيان، سخي ماءُ جيان، پنهنجي اولاد کي، پنهنجن شاگردن کي، طالب علمن کي، سڀڪجهه ڏين ٿا جيڪي وٽن آهي، ۽ هميشه لاءِ ڏين ٿا،- پوءِ وٺڻ وارا ان حاصلات مان ڪيترو به خرچ ڪن ته حاصلات وٽن تيئن وڌندي رهندي آهي، گهٽ ڪڏهن به نه ٿيندي آهي. اسان تي مهر ۽ سخا جي انهن مرڪزن، پنهنجي سڳورن تعليم گاهن، جا اهي دائمي ۽ اڻ ميا احسان آهن، جيڪي اسان کان ڪڏهن به ۽ ڪنهن صورت ۾ به لهي نٿا سگهن.

انگريزيءَ ۾ جڳ – مشهور اعليٰ اديب، برنارڊشا جو قول آهي ته ”شريف اِنسان اُهو آهي، جيڪو جيترو وٺي ٿو يا کڻي ٿو، اُن کان ٿورڙوئي پر ضرور ڪجهه وڌيڪ واپس ڪري ٿو“، دراصل تعليم آهي ئي اها جيڪا وٺڻُ يا کڻڻُ گهٽ ۽ ڏيڻُ وڌيڪ سيکاري، ۽ ڏَسي ته پنهنجي آسپاس لاءِ- انسانن لاءِ، ٻين ساهوارن لاءِ ۽ چؤطرف پنهنجي قدرتي ماحول لاءِ جتي اسين رهون ٿا- اسين ڪيترو وڌ ۾ وڌ ڪمائتا بڻجي سگهون ٿا. تعليم جي بهترين تعريف آهي ئي اِها يعني ”تربيت ۽ سکيا، خدمت لاءِ“- بلڪ عبادت لاءِ، ڇو ته عبادت آهي ئي اِها.

اِن طرح منهنجي پنهنجي آلماميٽر، سنڌ مدرسة السلام، ڪراچيءَ، جو آدرشي اصول جيڪو اسين ايندي ويندي، اُن جي ٻاهرئين دروازي تي لکيل ڏسندا هئاسين ۽ پڙهندا هئاسين، سو هو:

Enter to Learn, Go Forth To Serve

يعني ”اندر اچو سکڻ لاءِ، سکي ٻاهر نڪرو خدمت لاءِ“!

اوهين پنهنجي اسڪول، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڍورو نارو، مان پڙهي ۽ سکي نڪتا آهيو ۽ پاڻ کي اُن جا Alumni يعني ”فيض ورتل“ يا ”اولڊ بوائز“ سڏيو ٿا- ۽ اِن نالي سان اوهان پنهنجي ائسوسسئيشن ٺاهي آهي، جيڪا گذريل ڏهن سالن کان اوهان جي ”آلماميٽر“، پنهنجي اُن مهربان ماءُ ۽ اُن جي آسپاس جي مارو ماڻهن جي خدمت ڪري ٿي. اِن طرح جو ڪجهه اوهين هيلتائين ڪري سگهيا آهيو تنهن جا تفصيل به اوهان مون ڏانهن لکي موڪليا آهن، جن کي پڙهي آءٌ سچ پچ اِئين ويچاريان ٿو ته سنڌ ۾ اِن قسم جي فعال ۽ ايتري قدر صالح ۽ ڀاڳوان اولڊ بوائز ائسوسيئيشن هِن وقت ٻي ڪا شايد ئي هجي؛ ۽ هاڻي اوهين اُن جي حسن ڪارڪردگيءَ جو ڏهه ساله جشن ايندڙ سال فبروري مهيني ۾ ملهائي رهيا آهيو، جنهن موقعي لاءِ مون کان اوهان منهنجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون، پيغام جي صورت ۾ گهريون آهن: ته آءٌ پنهنجي پاران اِن سلسلي ۾ اوهان کي سنڌ جي هڪ آدرشي استاد، سنت شاعر، وڏي فيلسوف ۽ اعليٰ انسان، ساڌُو ٽي. ايل. واسواڻيءَ، جي لفظن ۾ اُهو پيغام اوهان جي غور ۽ فڪر ۽ اوهان جي تعميل لاءِ هيءُ موڪلي رهيو آهيان ته:

”پنهنجا خواب زنده رکو! اوهين جيڪي جوان آهيو! رٿائون، ادارا، تنظيمون ٺهن ٿيون، گذري وڃن ٿيون: [قوم جي خدمتگذارن جا] خواب ئي هوندا آهن جيڪي قوم کي زندگي بخش رت جو ڪم ڏيندا آهن! تاريخ جا اڏيندڙ [اُوچن ۽ ڏورانهن]خوابن جا ڏسندڙ هوندا آهن، ۽ نه مُوشِگافِين ۽ خسيس ڳالهين ۾ اڙجي پوندڙ .... [اِنهيءَ ڪري، عزيزو، پنهنجا خواب زنده رکو! اوهين جيڪي جوان آهيو]“

محمد ابراهيم جويو

41-اي، صحافي ڪالوني، حيدرآباد سنڌ

21-9-1987ع

 

پيغام

وطن جي حُب قومي نيڪي به آهي، ۽ انفرادي نيڪي به آهي- جهڙي اها عوام کي سونهين ٿي، اُهڙي هڪ شهريءَ کي، هڪ سپاهيءَ کي، هڪ باغيءَ کي ۽ پڻ هڪ جلاوطن کي سونهين ٿي.

”سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري.“ (شاهه)

مشهور ’انگريز شاعر والٽر اِسڪاٽ، به ائين چيو آهي:

Breathess there the man, with soul so dead,

Who never to himself hath said,

'This is my own, native land!'

[اهڙو به مُئل دل جو ڪٿي ماڻهو آهي،

جنهن پاڻ سان ويهي ڪڏهن اوريو ناهي.

’هائو، هيءَ ڀُومي، منهنجي جنم- ڀُومي آهي!‘]

وطن جي حُب جو واسطو سڄي وطن سان ۽ ان جي هر حصي ۽ هر شيءِ سان ٿي سگهي ٿو. جنهن کي پنهنجي گهر سان پيار نه هوندو. اُن کي پنهنجي پاڙي سان، ڳوٺ يا شهر سان ۽ سڄي وطن سان ڪهڙو پيار ٿي سگهندو!

اِئين، جيڪو ماڻهو، پنهنجي ڀريل دل سان، ڌرتيءَ جي هڪ ڪُنڊ سان پيار ڪري ٿو، جيڪا هُن جي پنهنجي آهي، اُن جي دردمند وسيع دل سڄيءَ دنيا کي به پاڻ ۾ سمائي سگهي ٿي ۽ ان لاءِ ڌڙڪي به سگهي ٿي – ڇو ته هُن جي پنهنجيءَ اُن ننڍڙيءَ اُڪير منجهان ئي وطن جي پيار جون ۽ سڄيءَ ڌرتيءَ جي پيار جون سڀ نيڪيون اُڀرن ٿيون ۽ پکڙن ٿيون.

مشهور انگريزي نثر نويس، ڊاڪٽر جانسن، جيڪو لنڊن جو ڄاول هو ۽ لنڊن سان سندس دل ڳنڍيل هئي، چوندو هو: ”جڏهن ڪو لنڊن مان ڪَڪِ ٿيو، ته سمجهو ته اهو زندگيءَ مان ڪَڪِ ٿيو.“

سنڌ اسان جي جنم ڀُومي آهي. اُن جو ڪوهستان به اسان کي ايترو ئي پيارو آهي جيترو اُن جو ريگستان، اُن جو سِرو، وچولو ۽ لاڙ، اُن جو ڪچو، پڪو ۽ رائو، اُن جا جبل، ٻيلا ۽ ڍنڍون ۽ واهه، اُن جا گل، گاهه ۽ جيت، جناور، اُن جي ڌرتي ۽ آسمان، اُن تي جيڪو سج اُڀري ٿو، جيڪو چنڊ چمڪي ٿو، اُن جون هوائون، اُن جا بادل، اُن جا صبح، اُن جون سانجهيون، اُن جي نئين گاج، نئين ملير، نئين موهن ۽ ان جي نئين بارڻ – سڀ اُن جا رنگ ۽ سڀ اُن جا روپ اسان کي وڻن ٿا، جيئن محبوب جي هر ڳالهه ۽ هر ادا هنئين جو هار ۽ اکين جو ٺار هوندي آهي.

قرة العين طاهره وانگر جنهن پنهنجي محبوب لاءِ چيو:

از پَي ديدن رخت همچو صبا فتاده اَم،

خانه بخانه، در بدر، ڪوچه بڪوچه، ڪُوبَڪو!

اِنهن پنهنجن دل جي امنگن سان آءٌ ٿاڻي بولا خان، ڪوهستان، سنڌ جي اسٽوڊنٽس ويلفيئر ائسوسيئيشن جي سالياني ”بارڻ“ مئگزين جي اجراءَ جو آڌر ڀاءُ ڪريان ٿو، ۽ دعا ڪريان ٿو ته سندن ڪوهستان شال هر سال وسي ۽ خوب وسي ۽ سدا شاد ۽ آباد رهي - ۽ هيءَ سندن مخزن ”بارڻ“ به هر سال سنڌ جي محب وطن ۽ سڄاڻ شاعرن، اديبن ۽ عالمن جي نبار امنگن ۽ پاڪ ويچارن سان تارؤن تار ڀرجي اسان وٽ پهچندي رهي.

مُحمّد ابراهيم جويو

24-1-1987ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org