سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :15

 

[مهراڻ: سرءُ، 1956ع]

(1)

• معزز متر، اوهان جو رسالو ”مهراڻ“ ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ کي پوني ۾ ملندو آهي؛ اوهان جي مهرباني مڃي ٿو. مون کي چيو اٿس ته مان اوهان کي سندن ماهوار رسالو ”سنت مالا“ موڪليان.

وري وري پياريءَ سنڌ جون يادگيريون اسان جي دلين اندر اٿنديون آهن. وطن جي وِرهه ورو ور اندر ۾ اُڪيرون اٿاري ٿي- شل اها اُڪير، اها حب، من اندر هميشه تازي رهي! سڀني سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي دعا ۽ سلام ڏجو.

شل ”مهراڻ“ وڌي، ويجهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي شيوا ڪري!

- آتما واسواڻي، پونو.

 

(2)

• محترمي، السلام عليڪم: سال گذريا قلم ڪونه کنيو اٿم. اڳ لکڻ فقط ”سنڌوءَ“ تائين محدود هو. ٿورو گهڻو ”تعليم“ اخبار ۽ هڪ اڌ ٻئي پرچي کي ڏيندو هوس، سو به بند ڪري ڇڏيوهوم. ”مهراڻ“ جي ٻئي دور وري ڪجهه نه ڪجهه لکڻ لاءِ آماده ڪيو. مهيني سوا کان ڇهون پرچو (2-1956ع) مطالعي هيٺ آهي- ور ور ڪيو پيو پڙهان. توهان ته روز افزون ڪوشش ڪريو ٿا: توهان ته وسان ڪونه ٿا گهٽايو، پر جيڪو مواد ملندوَ سوئي عام اڳيان آڻيندوَ. اها سموري جوابداري اديبن ۽ مضمون نگارن تي آهي. مون کي آزمودو آهي ته ”سنڌو“ رسالو جڏهن ’ميان جي ڳوٺ‘ مان نڪرندو هو، تڏهن اُن وٽ به ڪيترائي اهڙا مضمون ايندا هئا، جي قابل اشاعت نه هوندا هئا- ته به مجبوراً اُنهن کي ٽنبيو ويندو هو. آءٌ مسٽر راجپال کي چوندو هوس ته ”ائين ڇو ٿا ڪريو؟“ چوندو هو ته ”ڇا ڪجي! هڪ ته سنڌ ۾ اديبن جي اڻاٺ آهي، وري جيڪي چڱا ليکڪ آهن، تن کي يا ته فرصت ڪانهي، يا ته سستيءَ ڪري مس مس ٻه اکر ٿا موڪلين، انهن حالتن هيٺ، اسان وٽ جيڪو مواد هوندو، سوئي پيش ڪنداسين: ڇاڪاڻ ته پرچو به وقت اندر ڪڍڻو آهي، نه ته شڪايتن جا ڍڳ اچي ٿا گڏ ٿين!“ سندس اهو چوڻ بلڪل سچ هو. آءٌ ڏسندو هوس، مسٽر شيوا رام لالا جهڙو اديب به پنهنجو مسودو صاف ڪري نه موڪليندو هو- انهيءَ ’رف‘ تي درستيون، ۽ مسودو به پينسل سان لکيل هو. وقتي وٽس ته مواد ئي ڪونه هوندو هو، ان ڪري پرچو مجبوراً ليٽ ڪرڻو پوندو هوس. مارچ 1937ع ۾ ته وٽس ڪوبه مضمون ڪونه هو؛ البت ڪي ترسايل افسانا فائيل ۾ پيل هئس: اهي ۽ ٻه افسانا مون کان لکائي، سڄو پرچو ’آکاڻي نمبر‘ ڪري ڪڍيائين! توهان سان پڻ ساڳي حالت هوندي، هڪ اديب ٿورڙا، ٻيو پرچو وڏو- ور ور ڪري لکو، تڏهن مس مس ڪجهه موڪلين. انهن حالتن هيٺ، اوهان وٽ جيڪي ايندو سو ڇنڊي ڇاڻي پيش ڪندا: پرچي جي طويل تاخير جو هڪ سبب اهو به هوندو، تنهن هوندي به، توهان اديبن ۽ مضمون نگارن کي ڌونڌاڙي ٻڌايو ته ”اوهين جيڪي به موڪليو ته سو اڳئين کان بهتر هجي.“ گهٽ معيار جون شيون سندن ئي وقار وڃائينديون، باقي ”مهراڻ“ جي موج ڪانه گهٽبي؛ البت ڪڏهن تار وهندو، ڪڏهن تري ۾.

اوهان گذارش ۾ جيڪي لکيو آهي، سو بلڪل صحيح آهي- خاص ڪري ”هڪڙن جون پري کان بيٺلن …… هارجيو وڃي.“ هڪڙا چوندا ته سندن ڪائو به موتي ٿي وڃي؛ ٻيا وري چوندا ته ”اوهان ڏيو ڇا ٿا، جو اوهان جون بيگرون وهندا وتون!“- کٽيو کائي کتيجان، ڌڪ جهلي ڌيڻس- ان ڪري اوهان جي دل برابر هارجي ويندي…… دل نه هاريو، ”مهراڻ“ بفضل خدا روز افزون ترقي ڪندو رهندو!

- محمد عظيم وڪڙائي، پوسٽ چوڏهيو، شڪارپور سنڌ.

 

(3)

• ادا سائين، اوهان تي رب جي رحمت هجي!

ڪيتري وقت کان مس مس پياري ”مهراڻ“ جو ديدار نصيب ٿيو. ”مهراڻ“ جي جدائيءَ ۾ ڪيترو وقت اوسيئڙي ۾ گذارڻو پوي ٿو؛ پوءِ ملڻ سان ايتري ته خوشي حاصل ٿئي ٿي، جيتري هوند ڪنهن عاشق کي محبوب جي وڇوڙي کان پوءِ، وصال مان ٿيندي هجي. ملڻ کان پوءِ، جيترو وقت بچائي سگهيو آهيان، ته کيس پڙهندو ئي پڙهندو رهيو آهيان- تان جو سڄو پڙهي پورو ڪيم. نه ڄاڻان ڪيترو لطف آيو هوندو. ڪيترو سوچيو ۽ سمجهيو هوندم، ۽ ڪيترو پرايو ۽ پرکيو هوندم: مطلب ته هڪ اٿاهه سمنڊ آهي!

اوهان جي گذارش مخالفن ۽ نقادن کي سنجيدو، سهڻو ۽ سنئون جواب آهي، پر شل هو مسلمانڪي، هندڪي ۽ اشتراڪي نظر سان نه، پر ’سنڌي‘ نظر سان ڏسن ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقي ۽ عروج خيال ۾ آڻي، ”مهراڻ“ پڙهن.

”سانگيءَ“ جون ”يادگيريون“ بيشڪ هڪ لافاني شي آهي. ’سانگي‘ سنڌيءَ جو هڪ بهترين شاعر هو؛ پر اڃا تائين اسان ڏانهنس توجهه ڪونه ڏنو آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جيڪڏهن بورڊ ’سانگيءَ‘ جون سموريون تصنيفون سهيڙائي ’ڪليات سانگي‘ ڇپارائي!

بيتن ۾، جيڪي ئي بيت آيل آهن، سي سراسري سڀ سٺا آهن؛ سپڪ ۽ سوليءَ سنڌيءَ ۾ ڪم آڻڻ جو خاص خيال رکيو ويو آهي، پر جيئن ته پڙهيل ۽ عروضي شاعرن جا چيل آهن، انهيءَ ڪري ڪنهن قدر بناوتي پيا لڳن. بيت چوڻ لاءِ ضروري آهي ته سگهڙن، سالڪن ۽ راڳيندڙن جي ڪچهرين ۾ شاعر گهڻو اٿيو ويٺو هجي؛ تڏهن به سنڌي شاعرن جو هي قدم نهايت ئي مبارڪ ۽ لائق صد تحسين آهي. سنڌي قوم کي هرڪو پنهنجو فن آهي؛ انهن کي وسارڻ ٿيندو، پنهنجو عضوو وڍي ڦٽي ڪرڻ.

اسان جي شاعرن دوهن جي شروعات به ڪئي آهي. چڱي ڪوشش ڪئي اٿن؛ گهڻو ڪامياب ويا آهن- اها به نهايت مبارڪ ڪوشش آهي.

ڪافين ۾ ”برده“ سنڌي ۽ حافظ محمد احسن جون ڪافيون نهايت ئي پرلطف ۽ بلند پايي جون آهن. ڪافيءَ چوڻ لاءِ ضروري آهي ته سُرتار مان واقف هججي. گهڻيون ڪافيون بناوٽي پيون لڳن، سنڌي شاعرن جو هي قدم به نهايت مبارڪ آهي. مون کي ته نهايت خوشي ٿيندي آهي، جو سنڌي شاعر هاڻي پنهنجي ملڪ موٽي رهيا آهن. ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جيڪڏهن تقليد سان گڏ ان فن ۾ جدت کان ڪم وٺي، انقلابي ۽ قومي خيال به پيش ڪيا وڃن!

گيت چوندڙن پهريائين قومي ۽ انقلابي خيال پيش ڪرڻ شروع ڪيا هئا، پر هاڻي مڙوئي ٿڌا ۽ ”عيشي“ ٿي ويا آهن. دلگير جو گيت نهايت ئي اعليٰ درجي جو آهي، دلگير کي گيت تي خاصي دسترس حاصل آهي. شمشير الحيدريءَ جو ”سڏ“ واقعي قوم کي هڪ انقلابي سڏ آهي؛ ٻولي به واهه جو ڪم آندي اٿس!

لوڪ ادب جي سهيڙڻ ۽ سموهڻ ۾ به اسان جا اهل قلم هاڻي لڳي ويا آهن. لوڪ گيتن جا قسم ڏيکارين ٿا ته اسان جو لوڪ ادب ڪيڏو نه وسيع ۽ اعليٰ درجي جو آهي. گهڻي وقت کان ڏسندو هوس ته لوڪ گيتن مان ”لوليءَ“ طرف اڃا تائين ڪنهن توجهه نه ڏنو آهي، ۽ پيو سانباهو ڪندو هوس ته عوام کي انهيءَ فن کان به واقف ڪرائجي- پر رشيد احمد لاشاري اڳ ڪڍي ويو.

نظم ۾ ”دلگير“ جو ”مهراڻ جي موج“ سڄي رسالي جي سونهن آهي. هيءُ نظم ”دلگير“ جي فن جو ڪمال ۽ عروج آهي: نه فقط ”دلگير“ جو عروج ۽ ڪمال آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ همه گيريءَ جو پڻ چٽو ثبوت، ۽ سنڌي شاعريءَ جو سهڻو مثال آهي؛ ٻولي سادي، سلوني ۽ سپڪ، حد درجي جي روانگي ۽ سلاست، پڙهڻ ۾ مزيدار ۽ ميٺاج وارو- مطلب ته جديد سنڌي شاعريءَ جو هي سڀني کان مٿاهون نظم آهي. دلگير بيشڪ کيرون لهڻيون.

شيخ اياز جو ”توتان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ!“  هڪ اعليٰ درجي جو قومي نظم آهي. ههڙن شعرن جي هن وقت سخت ضرورت آهي، جي قوم ۾ قومي روح ڦوڪين ۽ وطن جي پيار جو احساس ڏيارين.

صالح محمد سمي جو ”مارئيءَ جي ڀيٽ“ به ٺيٺ سنڌيءَ جو نادر نمونو آهي، ۽ سنڌي لغت جي وسعت جو دليل آهي.

آزاد نظم ۾ سراج جو ”ڪراچي“ واهه جو وڻيو! واقعي ڪراچي سنڌ جو سينگار ۽ روح آهي. سراج، سنڌي قوم کي ننڊ مان اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي- شل ستل سنڌي سجاڳ ٿين ۽ پنهنجو گهر سنڀالين! شيخ ”راز“ ته اڃا تائين ٻين ٻولين جي غير مروج لفظن جي پچر نٿو ڇڏي.

نين طرزن تي ڪوشش ڪرڻ به سنڌي شاعريءَ جي واڌاري جي ڪوشش آهي. ”سانيت“ تي بشير مورياڻيءَ چڱي ڪوشش ڪئي آهي- پر ڪجهه گهرجي ٿو.

رشيد صاحب ”ٻوليءَ“ جي شروعات ڪري، سندس چوڻ موجب، سنڌي شاعريءَ ۾ نئين ايجاد ڪئي آهي. ’ٻولي‘ برابر هڪ نئين ۽ مبارڪ پيشڪش آهي، پر ائين نه آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ”محرم لوليءَ“ جي صنف آهي ئي ڪانه. مون ڪيترا دفعا سنڌيءَ ۾ ”محرم لولي“ ٻڌي آهي. ڪنهن وقت ”سنڌي محرم لولي“ ان جي ثبوت ۾ پيش به ڪندس. ”سنڌي شلڙو“ ته عام جام ڳايو ويندو آهي، جو لوليءَ جو هڪ قسم آهي.

افسانن ۾ جمال ابڙي جو ”بدمعاش“ سٺو افسانو آهي. جمال صاحب جو افساني جي فن بابت پنهنجو خاص نظريو، هن افساني مان بلڪل عيان آهي. گندي سماج جا وکا پڌرا ڪيا ويا آهن؛ پر حقيقت کان گهڻو دور آهي. موجوده دور ۾ چور، ڌاڙيل ۽ خوني، وڏيرن جا پاليل ٿين ٿا، جي وڏيرن کي غريب هارين کي هيسائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. بهتر ٿئي ها، جيڪڏهن جمال صاحب افساني جي مکيه ڪردار کان عام ڪوس، عام چوري ۽ ڌاڙي جي بجاءِ، ظالمن ۽ جابرن سان وڙهڻ جو ڪم وٺي ها. باقي ٻولي، محاورا ۽ اسلوب بيان پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جمال، افساني جي خاص لکڻيءَ جو مالڪ آهي، جا نهايت وڻندڙ، جازب ۽ مروج ٻوليءَ ۽ محاورن تي مبني آهي. جمال جهڙي لکڻي اڃا تائين ته ڪنهن کي نصيب ڪانه ٿي آهي.

موهن جو ”ڦيرو“ به اعليٰ درجي جو افسانو آهي. سنڌي قوم هڪ غيرتمند قوم آهي. هن افساني ۾ سنڌين کي غيرت جو احساس ڏياري، کين سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي، جو مزورن کي ويڇا وساري هڪ ٿي وڃڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي- حقيقت ۾ ”ايڪو“ سڀ لاءِ سٺو آهي.

هريڪانت جو ”غفور“ هڪ ڪامياب افسانو آهي. ماڻهن ۾ انسانيت پيدا ڪرڻ لاءِ ههڙن افسانن جي سخت ضرورت آهي. جيستائين انسان، انسان ئي نه ٿيو آهي، تيستائين مذهبي ڪيئن سڏي سگهبو؛ ڇاڪاڻ ته سڀني مذهبن جي شروعاتي تعليم ’انسان بنجڻ‘ جي آهي.

”سراج“ صاحب جو ترجمو ڪيل ڊرامو به هڪ سٺي ڪوشش آهي. اڪبر دنيا کي محبت، پيار ۽ انسانيت جو پيغام ڏنو هو؛ ان جي وسارڻ کان پوءِ ئي قوم ۾ نفاق پيو، جنهن جي نتيجي ۾ آخر غلام بنجي ويئي. شال، اسان جي قوم کي ساڃاهه اچي، ۽ انهيءَ پيغام تي عمل پيرا ٿئي!

اوهان ”لوڪ ڪهاڻيءَ“ جي شروعات ڪري، سچ پچ سنڌي ادب جي هڪ وڏي خدمت سرانجام ڏيئي رهيا آهيو. هاڻي گهڻن کي ريس ايندي. ”لوڪ ڪهاڻي“ لفظ اسان وٽ مروج نه آهي. اهڙين ڪهاڻين کي عام طرح ”ڳالهه“ چيو ويندو آهي، وري ڳالهيون گهڻو ڪري ٻهراڙيءَ ۾ کنيون وينديون آهن، تنهنڪري ان کي ”لوڪ ڪهاڻيءَ“ جي بجاءِ جيڪڏهن ”ڳوٺاڻي ڳالهه“ سڏيو وڃي ته بهتر ٿيندو؛ نه ته به فقط ”ڳالهه“ به ٺيڪ ٿيندو.

مضمونن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو مضمون ”پارس کاڻ“ واقعي پارس کاڻ آهي. سنڌي تهذيب ۽ تمدن تي ڊاڪٽر صاحب جي اها تصنيف هڪ بيبها ۽ بلند پايي جي تصنيف ٿيندي، جنهن جي سخت ضرورت هئي. اسلوب بيان به نهايت سهڻو، سادو، سلوڻو ۽ علحدو اٿس.

”مهراڻ جا موتي“ به واقعي بيبها موتي آهن. اهڙن موتين سان سنڌي ادب کي مالا مال ڪري سگهجي ٿو.

تبصرن ۾ ”شاعر“ تي جيڪو تبصرو ڪيو اٿو، اهو هڪ بلند پايي جو تنقيدي مضمون آهي، جنهن کي تنقيد ۾ اعليٰ درجو حاصل رهندو. تنقيد به صحيح ۽ تعميري تنقيد آهي.

”مهراڻ“ جي هڪ پرچي ۾ ”ڇتي سانگيءَ“ تي هڪ مضمون ڏنو ويو هو، جنهن ۾ نبن فقير جو ذڪر آيل هو. انهيءَ ڏس تي نبن فقير جو ڪلام ۽ احوال هٿ ڪري، هڪ مضمون لکيو اٿم، جو موڪلي ڏيڻ تي دل ٿي ٿِي، پر اوهان کي سچ ضرور چوندس ته اوهان پنهنجي سنگتين، ساٿين ۽ نام ڪٺين کان سواءِ ٻين جا مضمون ڪونه ٿا شايع ڪريو. مهرباني ڪري انهيءَ تنگ نظريءَ کي دور ڪري، هر ڪنهن کي ميدان ۾ اچڻ جو موقعو ڏيو.

- ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، اوورسيئر، رتوديرو.

 

(4)

• پيارا دوست، اميد ته بلڪل خوشباش هوندا.

توهان جي ادبي مخزن ”مهراڻ“ ڪافي عرصي کان مون کي باقاعدي ملندي رهندي آهي، جنهن لاءِ تمام گهڻا شڪريا. مخزن مون کي بيحد وڻندي آهي، ۽ شروع کان آخر تائين دلچسپيءَ سان پڙهندو آهيان.

مان ادبي ميدان ۾ گهڻو تڻو افسانوي حصي ۾ گهڻي دلچسپي رکندو آيو آهيان، جنهنڪري توهان صاحبن جي مخزن جي اُن حصي بابت ئي ڪجهه چئي سگهندس.

”مهراڻ“ ۾ ڇپيل ڪهاڻين ۾، ترجما لاجواب آهن- پوءِ اهي ديسي هجن خواه وديشي. ڪرشن چندر جو ناٽڪ ”هئڊروجن بم کان پوءِ“ ته ڪڏهن به نه وسرندو! وديشي لکيڪن جي افسانن ۾ ”ڀيڻ“ (موپاسان)، ”اوورڪوٽ“ (گوگول)  ”پاشا“ (گورڪي) شاهڪار ڪهاڻيون آهن. اصلوڪين ڪهاڻين جي معيار اوچي نه هوندي به، شروعاتي ڪوششن طور، اهي ساراهه جي قابل آهن. مان سمجهان ٿو ته توهان صاحب نون ليکڪن کي ترجمن ڪرڻ تي قلم- آزمائي ڪرڻ لاءِ همتائيندا، ته اڳتي هلي هو وڌيڪ سٺا ليکڪ ٿي سگهندا.

توهان جي تازي پرچي ۾ ڏيپلائي صاحب جو ناٽڪ نه ڏسي، سخت رنج ٿيو. هن جا اڳيان ناٽڪ ”شاهدي“، ”نجومي“ خواه ”واڀيڙو“ کلائڻ ۾ بيحد ڪامياب ويا آهن. توهين ائين نٿا ڪري سگهو، جو هر پرچي لاءِ هن صاحب کان هڪ ناٽڪ لکائي وٺو؟- ٽن مهينن ۾ صرف هڪ ناٽڪ!

سنڌي ادبي دنيا ۾ مون گذريل پندرهن ويهن سالن کان پنهنجي نهٺي نموني قلم- آزمائي پئي ڪئي آهي. هن مهل تائين ترجماني پئي ڪيا اٿم- پنجويهارو کن ننڍا وڏا ناول ۽ ٻه سؤ کن ڪهاڻيون ترجمو ڪيون هونديم. ٿورن ڏينهن ۾ توهان صاحبن جي مخزن لاءِ به هڪ عمدي ڪهاڻي ترجمو ڪري موڪليندس، ۽ جي توهان کي اها پسند آئي، ته هر پرچي لاءِ هڪ سٺي ڪهاڻي ڳولي ترجمو ڪري موڪلي سگهندس.

گذريل ٻارهن سالن کان مون سنڌي پبلشر جي حيثيت ۾ به پنهنجي نموني ادبي ڪارگذارين ۾ پئي حصو ورتو آهي. سڄو وقت، جيڪي مون کان ٿي سگهيو آهي، مان اڪيلي- سر پيو ڪندو آيو آهيان. هنمهل تائين (سنڌ ۾ ٽيهه، ۽ ورهاڱي کان پوءِ هي ستر) ڪل سؤ کن ڪتاب ڇپايا اٿم.

ورهاڱي بعد، هتي اچي مون ئي پهرين پهرين ادبي مخزن ”نئين دنيا“ شروع ڪئي هئي، جا هڪ سال هلائڻ بعد، ڪن دوستن کي ڏنيم، جي اڄ تائين هلائيندا اچن ٿا. پوءِ ”سرگم“ رسالو شروع ڪيم، جنهن جي ذريعي ڪيترا ناول ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب شايع ڪرايا اٿم.

آخر ۾ منهنجو هڪ عرض آهي:

هڪ مدت کان منهنجي دل ۾ اها خواهش پلجي رهي آهي ته پاڪستان جي سنڌي ليکڪن جي هڪ ٽولي هن طرف (هندستان ۾) گهمڻ لاءِ اچي. ان طرح، نه صرف اسان کي توهان ڀائرن سان ملڻ ۽ پنهنجي مادر وطن جي احوال ڄاڻڻ جو موقعو ملندو، پر توهان صاحبن کي به ورهاڱي بعد هند جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦهليل سنڌي هندن جي حال احوال ڄاڻڻ جو موقعو ملندو. ان لاءِ، اسين هتي اٽڪل ڏهن ٻارهن ڄڻن جي ٽوليءَ لاءِ، رهڻ، گهمڻ، وغيره جو آسانيءَ سان بندوبست ڪري سگهنداسين- صرف توهان صاحب ليکڪن کي گڏ ڪري هيڏانهن آڻڻ جو ذمو کڻو. ليکڪن ۾ ڪجهه شاعر، افسانه نويس، مضمون نويس، ۽ معزز علمي ماهر هئڻ گهرجن. شاعرن ۾ شيخ ”اياز“ اچي ويو، ته هتي (اسان) جي نوجوان ليکڪن لاءِ خوش قسمتيءَ جو وڏو موقعو ٿيندو. ڪاش، ڪوئي ڏسي سگهي ته ادبي جلسن ۽ محفلن ۾ هن کي ڪيتري نه عزت ۽ رغبت وچان ياد ڪيو وڃي ٿو! هن جي ويجهڙائيءَ ۾ لکيل بيت، ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ“، ته هر هڪ جي زبان تي آهي.

اُميد آهي، توهان صاحب ان رٿ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پوري ڪوشش وٺندا. ٻيو سڀ سک.

- بيهاري لال، بمبئي.

 

(5)

• محترم شفقيم، تسليم: ”مهراڻ“ جو تازوپرچو اکين آڏو آهي.

افسانوي ادب سان خاص دلچسپي اٿم، تڏهين پهريائين افسانا پڙهي ختم ڪيم. افسانن جي ٽيڪنڪ تي ڪافي مقالا پڙهيا اٿم، سو مطالعي موجب، جيڪا حالت اڪثر سنڌيءَ جي افسانن جي آهي، تن مان ايترو مطمئن ڪين آهيان، جيترو هئڻ کپيم. ڪن افساني نگارن کان سواءِ مڙيئي اوندهه آهي. جيڪڏهن انهن جا نالا ٿو لکان، ته ٻيا دوست ناراض ٿيندا ۽ چوندا ’ڄٽ کي ڪهڙي خبر افسانن جي؛ اچيس پاڻ کي پائي به ڪانه، هليو آهي وڏون ڪڍڻ!‘ تن کي عرض آهي ته برابر مان اڃا پهريون ئي ڏاڪو طي ڪونه ڪيو آهي، پر مطالعي مان جيڪا خبر پئي اٿم، انهيءَ آهر، پنهنجي ناقص خيال موجب، اها راءِ قائم ڪري رهيو آهيان.

اڃان اسان جو افسانوي ادب ڪافي پٺتي آهي، تنهن لاءِ اسان کي گهرجي ته ٻين زبانن جي ادب- پارن جو مطالعو ڪريون. جيستائين اسان جا اديب ائين نه ڪندا، تيستائين اسان جو ادب ترقي ڪري ڪين سگهندو. تنهنڪري، گهڻو ڪري، مان اوهان ڏانهن افسانا ترجمو ڪري موڪليندو آهيان. ترجمن مان خبر پوندي ته ڌاريا اديب، زندگيءَ جا ڪهڙا ڪهڙا تجربا، ڪهڙي نموني پيش ڪن ٿا، ۽ اسان جي پنهنجي ٻوليءَ جي شهپارن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خاميون آهن. اها به خبر پوي ٿي ته اهي اديب، ٻين افساني نگارن جي مقابلي ۾، ڪيتريءَ حد تائين زندگيءَ جي حقيقتن جي ترجماني ڪن ٿا.

ڀاءُ، موجوده وقت جيڪي اسان جي افسانن ۾ ڪمزوريون آهن، سي اوهان کان لڪل ڪين آهن- ڇو ته اوهان جي نظرن مان ڪيترا افسانا گذرن ٿا. اهڙن ڀٽڪيل ۽ نو- مشق افساني نگارن جي ترجماني ڪرڻ لاءِ، ترجما پيش ڪرڻ، هڪ نهايت عمدو ۽ ڪارآمد قدم آهي. ڪيترا اهڙا به ادب سان ذوق رکندڙ آهن، جيڪي اصلوڪي سنڌي افسانن کي پڙهن ئي ڪونه. ان جو ڪارڻ اڄڪلهه جا اڪثر رسالا ۽ اخبارون آهن. انهن جو ذوق، سٺن افسانن جي ترجمن شايع ڪرڻ سان ئي وڌائي سگهجي ٿو. تنهنڪري، ”مهراڻ“ جي هر پرچي ۾ ترجمو ٿيل ٽن چئن افسانن جو هئڻ لازمي آهي. منهنجي لکڻ جو مقصد اهو نه آهي ته ”مهراڻ“ ۾ اصل سنڌي افسانا خراب شايع ٿين ٿا، پر منهنجو مطلب ٻين رسالن متعلق آهي، جيڪي خراب افسانن کي جاءِ ڏيئي، ماڻهن جو ذوق گهٽائين ٿا. ”مهراڻ“ جي نئين دور شروع ٿيڻ کان اڳ واريءَ حالت جي مدنظر افساني جي هاڻوڪي حالت ڪافي سڌريل نظر اچي ٿي.

هن زماني ۾ اسان جي زندگي هڪ انتشار ۽ اضطراب ۾ مبتلا آهي، پراڻن ۽ فرسوده عشق ۽ محبت جي داستانن کي ڇڏي، پنهنجين حالتن ڏانهن نهارڻ گهرجي. اسان کي پهرين پنهنجي ماحول ڏانهن مُڙڻ کپي- ڇو بيڪار ڳالهين ۾ وقت وڃائجي؟ جنهن ادب جو زندگيءَ سان واسطو نه آهي، اهو ادب نه پر ذهني عياشي آهي. انساني زندگي ڏاڍي پيچيدي آهي، ۽ ان جي گهرائيءَ ۾ هزارين داستان ۽ اسرار لڪل آهن، اسان جي چئني طرفن گهڻو ڪجهه ڦهليل آهي، ۽ اهو ڪم اسان جي فنڪارن جو آهي ته هو فرسوده موضوعن کي ڇڏي، انهن حالتن جو جائزو وٺن. منهنجي قلم ۾ ايتري طاقت ڪانه آهي، جا ٻين ڪن دوستن ۾ ڏسان ٿو. تنهن هوندي به، جيڪي ڪجهه ايندو اٿم سو ڪوري ڪاغذ تي ڦهڪائي ڏيندو آهيان. هاڻي، سائين، اوهان ئي ٻڌايو ته اهو ڪم انهن فنڪارن ۽ اهل قلم جو آهي ته هو انهن جائزن ۽ تجربن کي فنڪارانه تخليقات ۾ سموئن، يا اسان جهڙن جاهلن جو؟

- چنا شبير ”ناز“، شڪارپور سنڌ.

(6)

• جناب عالي، توهان صاحبن جيڪا سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي آهي، ۽ ڪندا رهو ٿا، تنهن لاءِ آءٌ توهان کي دل و جان سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ۽ دعا ٿو ڪريان ته مالڪ شل اڃا به وڌيڪ توهان کي سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪرڻ فرمائي.

جئن ته ”مهراڻ“ رسالي جو هر پرچو آءٌ پڙهندو رهان ٿو، ۽ ”مهراڻ“ جو اڳيون دور به مون پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڏٺو هو، ۽ هاڻوڪو دور به ڏسي رهيو آهيان- ائين برابر آهي ته ”مهراڻ“ سنڌيءَ ۾ بيشڪ هڪ لاجواب علمي ۽ ادبي رسالو آهي، ۽ منجهس هند خواهه پاڪ ۽ سڄيءَ دنيا جي چوٽيءَ جي اديبن ۽ شاعرن جا مضمون ۽ شعر شايع ٿيندا رهن ٿا، ۽ هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ جيڪي به رسالا شايع ٿيا آهن، ۽ شايع ٿيندا رهن ٿا، تن سڀني رسالن ۾ ”مهراڻ“ رسالو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

جيستائين ”مهراڻ“ رسالي جو نئون پرچو اکئين نٿو ڏسجي، تيستائين دل ۾ ڌڪ ڌڪ ۽ اندر ۾ آنڌ مانڌ ٿيو پوي، ۽ سڄو رسالو پڙهي پوري ڪرڻ کان سواءِ دل کي چين بلڪل حاصل نٿو ٿئي، ۽ رسالو هٿ ۾ اچڻ کان پوءِ منجهيو پئجي ته رسالي ۾ پهرين ڪهڙي چيز پڙهجي! مطلب ته ”مهراڻ“ ۾ هر فن ۽ هر قسم جا مضمون ۽ شعر ملن ٿا، جن کي، پڙهڻ کان پوءِ تمام ڳوڙهي ۽ اونهي ويچار ۾ پئجيو وڃجي، ۽ ائين ٿو ڀانئجي ڄڻ ”مهراڻ“ جي اٿاهه لهرين ۾ لڙهي، ڪنهن سندر ۽ آنند واري ڪناري تي وڃي رسبو!

چڱو جيڪر ائين ٿئي ته ”مهراڻ“  رسالو سہ ماهي مان ماهوار ڪيو وڃي، ۽ سندس سالياني قيمت ڏهن مان وڌائي پنجويهه رپيا ڪئي وڃي، ته به سندس کاپو اوترو ئي ٿيندو، جيترو کاپو هن وقت آهي.

- چيلارام سامنداس، بانو شالي، سجاول سنڌ.

 

(7)

برادرم، السلام عليڪم: گهڻي وقت کان اندر ۾ اها آرزو سانڍيندو آيس ته جي تاثرات ۽ خيالات منهنجي من تي بار بنيا وتن، سي قلم ذريعي ڪاغذ تي آڻي، اوهان جي آڏو رکان ۽ پاڻ کي ان بوج کان سبڪدوش ڪريان. مون جهڙي عديم الفرصت انسان لاءِ اهو ڪم تمام ڪٺن هو. ڪئين دفعا خيال ڪيم ٿي، ۽ قلم به کنيم ٿي، مگر ٿڪاوٽ ۽ سستيءَ سبب وريو رکيو ٿي ڇڏيم- ڀلا قانون جي قلمن کان نجات ملي، ته ٻئي طرف به ڪو ڌيان ڏجي. ڪنهن وقت چور، ته ڪنهن وقت چاڪي- جند ئي نه ڇڏين: هڪ ڏينهن جي ڳالهه هجي ته به ٺهيو، مگر هتي ته آهي هر روز جو معاملو، تنهن جي شڪايت ڪهڙي! البت ان دوران جهونگاريندي، ڪنهن وقت ڪافي يا غزل، بيت يا گيت، بي اختيار وات مان نڪريو وڃي، ۽ تڪميل بعد دماغ کي تازگي ۽ سيني کي سرور حاصل ٿيو پوي- ڇو نه ٿئي! اديب يا شاعر لاءِ سندس مضمون يا شعر ائين آهي، جيئن ڪنهن اولاد جي آسائتي لاءِ پٽ جو پيدا ٿيڻ، يا چڪور لاءِ چنڊ جو اڀرڻ، يا پرواني لاءِ شمع جو ٻرڻ، يا بلبل لاءِ گل جو ٽڙڻ. اهو ته آهي مسرت- ماڻ، جنهن سان ان خوشيءَ کي ماپي سگهجي ٿو، جا اديب يا شاعر، شعر يا مضمون لکڻ بعد پنهنجي من ۾ محسوس ڪري ٿو- جنهن جي لکجڻ بعد اديب يا شاعر پاڻ کي خوش نصيب کان خوش نصيب انسان تصور ڪري ٿو، يا هفت – اقليم جي حاصل ٿيڻ جهڙي خوشي محسوس ڪري ٿو. مگر اهو به ڪنهن خيال ڪيو آهي ته جڏهن اهو ساڳيو مضمون يا شعر ڪو نقاد رد ڪري ٿو. تڏهن ان اديب يا شاعر جو ڇا حال ٿئي ٿو؟ ساڳيو اهو حال ٿئي ٿو، جو ان ماڻهوءَ جو ٿئي، جنهن جو پٽ سکائن باسڻ بعد پيدا ٿئي، ۽ ڪو ان کي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي نپوڙي ڇڏي؛ يا ان بلبل جو ٿئي، جڏهن تازي ٽڙيل گل کي ڪو تماشبين پٽي پيرن هيٺان چيڀاٽي هليو وڃي؛ يا ان چڪور جو ٿئي، جڏهن چنڊ جي اڀرڻ سان ئي ڪو ڪارو ڪڪر مهتاب جي منور منهن کي سندس نظرن کان پوشيدو ڪري ڇڏي؛ يا ان پرواني جو ٿئي، جنهن ٻريل شمع تي اڃا ٻه ڀيرائي مس ڏنا هجن، ته ڪو ڦوڪ هڻي شمع کي گل ڪري ڇڏي! اهڙيءَ بيدردانه هلت جو نقاد صاحب صرف اهو جواب ڏيئي، پنهنجي گلو خلاصي ڪندو آهي ته ’مضمون يا شع’ر معياري نه آهي‘. ليڪن آءٌ هميشہ ان ڳالهه کي سمجهڻ کان قاصر رهندو آهيان ته معيار جيڪو نقاد پاڻ قائم ڪري ٿو، سو اهو معيار آهي جيڪو پاڻ پنهنجي خيال موجب قائم ڪيو اٿس، يا جيڪو ادبي معيار عام ادبي اصولن موجب مقرر ٿيل آهي؟

ڏهه ٻارهن سال منهنجو جيڪو ادب سان تعلق رهيو آهي، ان جي بنا تي آءٌ اهو اندازو لڳايان ٿو ته ڪن نقادن جو معيار متعلق قائم ڪيل نظريو ادبي اصولن پٽاندر مقرر ڪيل معيار جهڙو نه آهي. هو معيار کي پنهنجي خيالات، جذبات، اصولن ۽ اندازي جي ماڻ ۾ ماپين ٿا- جيڪو شعر يا مضمون سندن خيال جي ڪسوٽيءَ تي کرو ٿو ٿابت ٿئي، سو معياري، ورنه غير معياري؛ پوءِ کڻي اهو صنائع بدائع جي خوبين سان سينگاريل هجي، يا فصاحت ۽ بلاغت جي زيورن سان آراسته.

حقيقت اها آهي ته ادب جي دنيا ۾ ’معيار‘ لفظ جو مطلب اهو نه آهي. ادب جي اصولن موجب مقرر ٿيل معيار جو ذاتي خيالات، جذبات، اصول ۽ اندازي سان ڪو خاص تعلق ڪونهي. ادب وٽ معيار کي ماپڻ لاءِ پنهنجا ماڻ آهن، جن کي ”ادبي اصول“ چئجي ته به ٺهي اچي؛ يا معيار کي تورڻ لاءِ وٽ ۽ تورا آهن، جن کي صنائع بدائع، تشبيهون ۽ استعارا، محاورا ۽ پهاڪا، فصاحت ۽ بلاغت، وغيره چئجي ته به درست آهي. جيڪڏهن ان مضمون يا شعر ۾ مٿيون خوبيون يا انهن مان ڪي موجود آهن، ته پوءِ مضمون يا شعر معياري آهي- اگرچ نقاد جي خيالات ۽ جذبات سان ٺهڪي نه به بيهي.

منهنجو هروڀرو اهو خيال نه آهي ته اديب يا شاعر جيڪو به مضمون يا شعر لکي ٿو، سو معياري آهي: مگر ايترو ضرور خيال اٿم ته ان کي معياري بنائڻ انهن جو فرض آهي، جيڪي اها دعوا ٿا ڪن ته هو مشهور اديب آهن، ۽ هنن کي معيار جي صحيح پرک آهي. انهن جو درجو پوءِ رهنما ۽ هاديءَ جو آهي، جن کي راهه ڏيکارڻ ۽ هدايت ڪرڻ گهرجي. اهو ماڻهو، جو رڳو تنقيد ويٺو ڪندو ۽ پنهنجي ذاتي جذبات، خيالات ۽ اصولن مطابق به شعر يا مضمون درست ڪري نه سگهندو، يا ڪنهن به قسم جي اصلاح ڪري نه سگهندو، اهو جيڪڏهن پاڻ کي اديب ته سڏائي ته بهتر آهي، ڇو ته ان مان ادب کي فائدي جي بجاءِ نقصان ٿو رسي؛ ادب جي خدمت جي بجاءِ ادب لاءِ مصيبت ٿي پيدا ٿئي.

اول کان اڄ تائين، ”مهراڻ“ جا نڪتل پرچا منهنجي نظر مان گذريا آهن. مون کي اهڙي ادبي معياري رسالي جي موجودگيءَ تي بيحد خوشي ٿيندي آهي. عموماً محسوس ڪندو آهيان ته اسان جي ادبي دنيا ۾ جي ”مهراڻ“ موجزن نه هجي ها، ته هوند ادب جا باغ ۽ بستان، چمن ۽ گلستان، نابود ٿي وڃن ۽ منجهن نه گل گؤنٽا هجن ۽ نه بلبلون ٻولين ۽ ٽپن.

آرزو اٿم ته شل ”مهراڻ“، اوهان جي ادارت هيٺ، ادب جي زرخيز زمين جي آبياري ڪري، کيس سرسبز ۽ شاداب رکندو اچي.

- ”حافظ“ حسيني

 

(8)

• سائين، السلام عليڪم!

”مهراڻ“ جي مواد جي چونڊ ۽ ترتيب هر پهلوءَ کان بهترين ۽ قابل داد آهي. ان کان پوءِ به، جيڪڏهن ڪي صاحب ”مهراڻ“ کي صرف ”هڪ ئي مڪتب خيال جو ترجمان“ ۽ ”هڪ ئي وڙ جو دڪان“ سمجهن ٿا، ته انهن لاءِ صرف، بقول عرساڻي صاحب، ايترو چئي سگهجي ٿو ته ”ٽيڏي کي سارو سنسار ٽيڏو ڏسڻ ۾ ايندو آهي: ان ۾ ٽيڏي جو ئي ڏوهه آهي، نه سنسار جو“.

”مهراڻ“ (3/1956ع) ۾، شعر جي هر حصي ۾ شيخ ”اياز“ پيش پيش آهي. ”اياز“ فطري شاعر آهي، جو نت نوان طريقا ۽ طرزون پيش ڪري ٿو. سندس هيءُ بيت به ڇا خوب آهي … چي:

”اسان ڪيئن ڪاٽيون، سي ريجهڻ جون گهڙيون:

ڳوڙها، ڳراٽيون، هيانوَ ڏُسڪيا هيج مان!“

”غني“ صاحب ته روز واٽون ويٺو واجهائي، ۽ آس ڪري ته:

”ڌارين سان ڪيئن دل اٽڪايان- منهنجا مون کان مُنهن نه مٽيندا!“

- ليڪن افسوس جو هي ”منهنجا“ مُنهن مٽي، پنهنجو مادر وطن، زبان ۽ ثقافت، سڀ جا سڀ، وڪڻي ويهي رهيا!

هينئر وقت آهي ته اسان جا عزيز شاعر، پيچ و خم کان آزاد ٿي، قوم جي تعمير ڪن: ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته انقلاب ۽ قومي تعمير جا باني اديب ۽ شاعر ئي آهن. هينئر اسان کي ”ادب براي ادب“ بدران ”ادب براي زندگي“ گهرجي. هن وقت حيدريءَ جهڙن جي گهرج آهي، جي اها صدا بلند ڪن ته:

”هر هنڌ زر جو زور ٽُٽي پيو،

انسان ڪشٽن مان نڪري پيو:

اچ همت سان پاڻ به ساٿي،

پنهنجو ڀاڳ ورايون!“

سنڌ جو هر باشندو، جنهن جي زبان سنڌيءَ سان گڏ سرائڪي يا ٿري آهي، ”مهراڻ“ کي پنهنجو سمجهي ٿو، ڇو ته ”مهراڻ“ انهن جي لوڪ گيتن ۽ لولين کي به نه وساريو آهي.

هري دلگير جو ”مهراڻ جي موج“، ”مهراڻ“ جي جوانيءَ جي هڪ زنده تصوير آهي. ”نياز“ همايونيءَ جو ”زندگي، مان ڪيئن تنهنجي رام کي ريجهائيان“، ۽ گوورڌن محبوباڻيءَ جو ”زندگيءَ جي راهه تي“، قابل ستائش آهن. صالح محمد سمي جو ”مارئيءَ جي ڀيٽ“ هڪ سانڍڻ جهڙي سوکڙي آهي. شال مارئيءَ جيان سنڌ جي هر نر ۽ ناريءَ کي وطن جي هرچيز سان اهڙي حب هجي! هن شاهڪار ۾ ڳوٺاڻن جي دلين جي ترجماني آهي.

ڀاءُ جمال ابڙو ته هر دفعي فرسوده نظام جا بخيا اُڊيڙي ٿو. سندس هر افساني جو ڪردار، ماحول تي دانهين نظر اچي ٿو. ”هو وڏو بدمعاش هو- پهرئين نمبر جو!“ پر، اهي ”بدمعاش“ ۽ ”شيدو ڌاڙيل“ ڪنهن پيدا ڪيا؟- انهيءَ فرسوده نظام!- جي سماج جي ڏاڍاين ۽ ظلم ڪري، ننڍي هوندي کان ئي اهو عزم ڪن ٿا ته ”بيهه، وڏو ٿيان ته اهو وير وٺندس“. مگر افسوس، جو اڃا اهي ”بدمعاش“، ”شيدو“، ”پشو“ ۽ ”بلو دادا“، انهيءَ ظالم سماج ۽ فرسوده نظام جي وڏيري، سيٺ، رئيس، ”ڌڱاڻي خان“، ”گامڻ خان“ ۽ انهن جي در جي پاليل ڪتن کي ختم ڪري نه سگهيا آهن!

”هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي“ ۾ ”سنڌ جي اٻوجهه عوام جي بنهه پنهنجي اخبار“ جو ايڊيٽر صاحب، سنڌ جي اٻوجهه عوام جي ”حفاظت“ ڪرڻ بدران، خوب ”حجامت“ ڪري ٿو- خوب!

اسان کي دنيا جي انهن عظيم فنڪارن ۽ شاعرن لاءِ احترام آهي، جن پنهنجي خون سان قوم جي آبياري ڪئي آهي: انهن مان خليل جبران جو ”اڳتي قدم، ۽ نذر الاسلام جا ’باغي نظم‘، ”مهراڻ“ جي هن پرچي جي زينت آهن.

آخر ۾ هن پرچي جي سڀ کان انوکي ۽ بهترين مضمون جو ذڪر ڪندس، جو ادبي دنيا ۾ هڪ نئين تخليق آهي- اهو آهي ”سنڌي ادب جي ڪولمبس“، جناب محترمي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ”پارس کاڻ“ ڊاڪٽر صاحب ادبي دنيا ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. اهڙي مايه ناز هستيءَ تي سنڌ ۽ سنڌي هميشہ فخر ڪندا، جنهن جو تن، من ۽ ڌن سنڌي ادب لاءِ قربان ٿيل آهي. ”پارس کاڻ“ ڪتاب، خود پنهنجي تشريح پاڻ ڪري ٿو. صاحب موصوف جو سنڌي ادب ۾ اهو پهرئين نموني جو نيارو ۽ انوکو ڪتاب ٿيندو، جو ڄڻ ته هڪ ”ڪامل استاد“ آهي، جنهن جي متعلم کي ان بابت هر پهلوءَ کان ان مان ئي سمجهاڻي ملي ٿي: جنهن ۾ سنڌ جي گمنام شاعرن جي سادي ۽ سلوڻي ڪلام سان گڏوگڏ، سڀئي چَوڻيون، گرامر ۽ لغت سميت سمجهايل آهن. صرف ٻن اکرن ”ڏِس“ ۽ ”الله توهار“ تي ڪيتري نه تشريح ۽ڪامياب بحث ڏنل آهي، ۽ ”توحيد“ واري باب جي پڄاڻي به ڪهڙي نه سهڻيءَ ڳجهارت تي آهي ته:

”الله ’ذات‘ آهي، نوڪر اٿس ئي ڪونه، پر جي ’نالو‘ ٿئي!“

اميد ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”مهراڻ“ جي هر پرچي ۾ انهيءَ ”پارس کاڻ“ جون قسطون ڏيڻ فرمائيندو.

- جوکيو رحيم خان ”جرس“، ڪوهستاني، جهرڪ.

 

(9)

• ڀاءُ ايڊيٽر، ”مهراڻ“ جو ستون پرچو اڳيان آهي. سنڌ ۽ هند جي هر هڪ چيز کي ”مهراڻ“ ۾ چڱيءَ جاءِ ڏني ويئي آهي- ان لاءِ توهين مبارڪ جا مستحق آهيو. توهان جي انهيءَ خدمت کي ’سنڌ‘ ۽ ’سنڌي‘ ڪڏهين به وساري نٿا سگهن. توهان ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن اڳيان اهڙيون چيزون پيش ڪيون، جي دراصل ختم ٿيڻ تي اچي بيٺيون هيون. توهان اهو ادب پيش ڪري هڪ ته ادب جي خدمت ڪئي آهي ۽ ٻئي طرف پڙهندڙن کي سندن وڃايل خزاني جو احساس ڏياري، انهيءَ کي محفوظ رکڻ جي تلقين ڪئي آهي. ٻي خوبي ”مهراڻ“ جي اها آهي ته نوَن اديبن جي به همت افزائي ڪئي وڃي ٿي. انهيءَ جو مثال اسان پڙهندڙن اڳيان آهي- هر نئين پرچي ۾ نوان ليکڪ آهن. انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي ته ڪهنه- مشق اديبن کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي. جهونن اديبن سان گڏ نوجوانن کي به ”مهراڻ“ ۾ جڳهه حاصل ڪرڻ لاءِ موقعو ڏنو وڃي ٿو.

ڀاءُ، هڪ ڳالهه چوڻ کان رهي نٿو سگهان ته رسالو ”مهراڻ“ اڪثر ڪري دير سان نڪري ٿو. مهرباني ڪري ٻڌايو ته انهيءَ جو سبب ڪهڙو آهي- توهان جون مشغوليون ۽ مجبوريون، يا اوهان کي ’مواد‘ وقت تي نٿو پهچي!

اوهان افسانن، ناٽڪن، ۽ ناولن جي سالياني چٽاڀيٽيءَ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. اهو اعلان ڪري اوهان جي بورڊ ادب کي هڪ نئين زندگي بخشي آهي. چيٽا ڀيٽيءَ ۾ هڪ ته سٺن افسانن، ناولن، ۽ ناٽڪن جي خبر پوندي، ٻيو ته اديبن جي به همت افزائي ٿيندي. اسان جي سنڌ گويا هڪ ادبي کاڻ آهي- منجهس ڪيتريون ئي چيزون پيل آهن. اميد ته ان طرح ”سنڌي ادبي بورڊ“ وڃايل ادب کي هٿ ڪري، ڪتابي صورت ڏيئي، سنڌي ڪتابن ۾ زبردست واڌارو ڪندو. هن دفعي، نظمن ۾ شيخ ”اياز“ جو ”توتان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ!“ تمام پسند پيو- ان لاءِ اياز کي مبارڪون هجن. اميد ته اسان جا شاعر پنهنجي مادر وطن، سونهاريءَ سنڌ کي ڪڏهين به نه وساريندا.

’آزاد نظم‘ ۾ ”سراج“ جو ”ڪراچي“ پسند پيو: چوي ٿو ته:

”هڪ ٿي ويندينءَ سنڌڙيءَ سان اي ڪراچي نيٺ تون!“

اميد ته ڪراچي وري سونهاريءَ سنڌڙيءَ سان هڪ ٿي ويندي- خدا ڪري شل ”سراج“ جي آس پوري ٿئي!

”گدائيءَ“ جي غزل مان اهو درد پيدا ٿيو، جنهن جو بيان ڪري نٿو سگهجي- کيس مبارڪون هجن. اميد ته هو پنهنجا گيت هميشہ اهڙائي ڳائيندو رهندو. ”گدائيءَ“ جو غزل ته سڄو لکڻ لائق آهي، پر مان هتي صرف ٿورو ٽڪر پڙهندڙن جي اڳيان ٻيهر پيش ڪريان ٿو- چوي ٿو:

”دورِ خزان ۾ اڳ هئا بيچين گل رڳو، اڄ اضطراب آهه مگر خار خار ۾!

مون کان نه پڇ سوال خدارا تون ئي ٻڌاءِ: بلبل جي زبان بند ڇو فصل بهار ۾؟

دهقان بدنصيب کي ماني نه آ نصيب، سمجهيو وڃي ٿو اجنبي پنهنجي ديار ۾!

معمارِ ملڪ خاڪ بسر، دربدر بکيو، بيڪار عيش ٿو ڪري هر وقت غار ۾!

هن ارض پاڪ جو اڃا آئين پاڪ ناهه، ملت جي ڌيءَ ٿئي پئي وڪرو بزار ۾!“

ڪهڙو نه درد سان ڀرپور ۽ حقيقت تي مبني آهي هي غزل!

افسانن ۾ جمال ابڙي جي ”بدمعاش“ نظر مان گذريو. جمال هڪ ’بدمعاش‘ کي سندس اصلي روپ ۾ پيش ڪيو، ۽ اهو به واضح ڪيائين ته پوليس وارن جي انهن خلاف ڪهڙي روش آهي، ۽ هو انهن کي ڪهڙيون تڪليفون ڏين ٿا. تاهم، هڪ ڳالهه ضرور آهي ته ان ۾ جمال اهڙيون ڳالهيون درج ڪيون آهن، جي درحقيقت کيس لکڻ نه کپنديون هيون- جهڙوڪ، مرچ وڌائون؛ مُٽ پياريائونس؛ ڀيڻس کي اگهاڙو ڪيائون، ۽ چيائونس ته وار پٽينس؛ کيس ڏنڊي لنگهائي ڪڍيائونس؛ رت وهي هليو، چيائون ته سُوري هيس؛ وغيره. قبول ٿو ڪجي ته پوليس عملدارن جي ”بدمعاشن“ طرف اهڙي روش ٿي سگهي ٿي؛ تڏهين به ’ادب‘ جي لحاظ سان، اهڙيون ڳالهيون لکڻ گويا ’ادب‘ جي بيعزتي آهي.

”لُڙڪن جي لڙي“ پڙهندي سچ پچ لُڙڪ وهي هليا. جڳديش لڇاڻيءَ اهڙيءَ طرح ”لُڙڪن جي لڙي“ ٺاهي آهي، جو جيڪو پڙهندو، سو جيڪڏهن پٿر دل هوندو ته خير- نه ته ضرور لڙڪ ڳاڙيندو.

بشير مورياڻيءَ جو افسانو ”ٽڪري“ پسند آيو: جنهن ۾ هڪ غريب جي زندگيءَ جو نقشو چٽيل آهي ته ڪيئن ”ڇٻي“ ۾ ”ڇولا“ وجهي؛ ويچارو مٿي تي رکي سڄو ڏينهن رستن تي هلندو هو، تڏهن وڃي پيٽَ قوُت نڪرندو هوس. هن وٽ سؤ رپيا ڪٿا اچن، جو پنهنجي ڀاءُ جو علاج ڪرائي سگهي- جيتوڻيڪ سندس ڀاءُ لاءِ کيس ڪافي کان زياده پيار هو. آخر اها مجبوري کيس جوئا جي ٽِڪريءَ ۾ گهلي ويئي- ۽ انهيءَ مجبوريءَ ئي کيس ’جوئا‘ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو.

”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ ۾ محترم ”ا-ب-ت“ جي ”اخبار“ بلڪل پسند آئي. ”ا-ب-ت“ جي خبر نٿي پئجي سگهي ته ڀيڻ آهي يا ڀاءُ- تاهم اسين کيس ڀاءُ ڪري لکون ٿا.  برادرم ”ا-ب-ت“ جي ”اخبار“ ۾ ايڊيٽر جو رويو اهڙو ٻڌايو ويو آهي، جو اڄڪلهه جي حالتن تي بلڪل ٺهڪي ٿو اچي. اٻوجهه عوام جي هڪ فرد، ايڊيٽر کي ”ڦي“ ڏيڻ کان پوءِ، پڇيو: ”سائين، منهنجي پارت هجيئي: ڀلا ڪا اپيل ٻپيل ڪيان؟“

”نه، نه، رک سائينءَ تي!“…… ايڊيٽر انهيءَ مسئلي کي شايد وڌيڪ ڇيڙڻ نٿي چاهيو، ۽ غريب کي ائين ئي آسري ۾ ٿي رکڻ چاهيو. هوڏانهن هن غريب جي سادگي ۽ اٻوجهائي هيٺين لفظن مان ظاهر آهي:

”ابا پرديسي آهيان- مون کي ڪنهن مسيت جو ته ڏَسُ ڏجانءِ. نماز پڙهندس“- انهن لفظن مان سندس شرافت ۽ سادگي پيئي بکي.

واقعي ڪن پيشه ور ۽ پينو ايڊيٽرن جي اها حالت آهي، جو غريبن کي ڦُرين، ۽ وڏيرن کي به: پر وڏيرن جو ڪم ٿئي ته حاضر، ۽ غريبن جا صرف ڏوڪڙ کائن ۽ بس- پوءِ دعويٰ اها ته ”سنڌ جي اٻوجهه عوام جي بنهه پنهنجي اخبار!“

اميد اٿم ته آئنده پڻ ”مهراڻ“ ۾ هميشه اهڙيون چيزون پيش ٿينديون رهنديون، جن ۾ ادب سان گڏوگڏ، عوام جي ترجماني به ڪئي ويندي.

- محمد دائود بلوچ.

 


 

(2)

ادب

* پڌرنامو: سنڌي ادبي انجمن، حيدرآباد سنڌ (1950ع).

* سنڌي اديب ڇا ڪن؟ سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ جو پڌرنامو (1973ع).

* سنڌي ادب – ان جا لکندڙ ۽ پڙهندڙ (1974ع).

* وطن دوست ۽ قوم شناس ادب: 19- مارچ، 1976ع تي سنڌي ادبي سنگت، سڪرنڊ ۾ هڪ ادبي شام ملهائي ويئي. ان موقعي تي ڪيل تقرير.

* سنڌي ساهت جو آئيندو: ڪراچيءَ ۾ سڏايل سنڌي ساهت ڪانفرنس (1981ع) لاءِ لکيل.

* سماج جي قومي تعمير ۾ وچين طبقي جو ڪردار: 27- ڊسمبر 1985ع تي سنڌي ادب سنگت جي بسنت هال ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ پڙهيل صدارتي تقرير.

* ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪئين!: شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، ڪراچيءَ طرفان 31- مارچ 1958ع تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۽ سيمينار ”شاهه ۽ نوجوان“ جي موضوع تي، پڙهيل صدارتي تقرير.

* ڏکوين اُهڃاڻَ، مٿي سَڳر پنڌڙا: سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن، ڪراچيءَ جي سهاري هيٺ سڏايل بين الاقوامي سچل سيمينار (نومبر 1989ع) ۾ پڙهيل مضمون.

* تال، رس ۽ لئي: ثقافتي ادبي تنظيم، شاخ ڪوٽڙيءَ، پاران نوجوان راڳي وحيد عليءَ سان رچايل رهاڻ (1989ع) جي موقعي تي ڪيل صدارتي تقرير.

* نئين ۽ پراڻي جو مسئلو – ماضيءَ جي روشنيءَ ۾ (1996ع).

* سرڪاري آفرين جي ترديد (1996ع).

شاعريءَ جو سماجي ڪارج: ٽي. ايس. ايليٽ (ٿامس اسٽيئرنس ايليٽ (1960ع).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org