*
مان تنهنجا ڪهڙا ٿورا لاهي
ڪهڙا لاهيان؟
هي رات جي ڪاريءَ پوتيءَ ۾
ٽانڪيل
ڪروڙين ستارا،
هي چنڊ جو آئينو
جوڪائنات جي ڪنوار
بار بار ڏسي
ٿڪجي نه ٿي ٿڪجي
۽ جا روز
ڄڻَ پرڻي رات جي باک کان اڳ
تلاوَ ۾ وهنجي ٿي
۽ ساري اُفق جي لالاڻ
اُن جي چادر تي ڦهليل آهي!
هي ڪنهن سان
ان جو روز نڪاح پڙهي رهيو آهين؟
۽ تتي ڏينهن جو واٽهڙيون
اِئين لڳي رهيون آهن
ڄَڻ هِن جي بيوه گيءَ جي
رُخسارن تي گرم لڙڪن جون لارون آهن
جي سُڪي نه ٿيون سُڪن!
تو ڪيڏا منهنجي دوستيءَ لاءِ
هرڻ پيدا ڪيا آهن، جي رڃ تي ڪاوڙجي
اُن جي سيني مان
تيز خنجر وانگر
پار وڃن ٿا،
۽ رنگ برنگي مور
جي پنک پکيڙي
اُنهن بادلن جي آجيان ڪن ٿا
جي خليل جبران جي دل ۾
شاعريءَ وانگر ڪارونڀار ٿي اُڀريا ها،
۽ جي برسڻ تي اچن ٿا
ته لڳاتار برسندا رهن ٿا،
۽ دشت و در کي
هُن جي ’پيغمبر‘ وانگر
وَرسائي ڇڏن ٿا،
پوءِ اَڇو آسمان
اِئين ڇڏي وڃن ٿا،
ڄڻ ابوالعلا معرِيءَ جو ضمير هو،
جو هر سَهي کي
بادل وانگر ڊوڙندو ڏسي
خوش ٿيندو هو،
۽ خوشي هن جي اشتها
ماري ڇڏيندي هئي؛
هي ڀانت ڀانت جا انسان
هن سڄي مانڊاڻ جي گَجَ ۾
شيشي جي ٽِڪين وانگر ٻَرن ٿا،
هي قسمين قسمين جانور
جي تون آهين
۽ جن ۾
پنهنجي گوشت تي
پاڻ کي پالي رهيو آهين
۽ انهن کي
اُهي کَلون عطا ڪيون اَٿي
جيئن تاشقند جي
قالين فروش جي
ڪلهي تي قالين هوندا آهن،
جيڪي ڌرتيءَ تي وڇائي
هو خريدارن کي ڏيکاريندو آهي،
۽ رنگ رنگ جا ٻيا پرندا
جي اِئين اڏري رهيا آهن
جيئن ٻار لاهور ۾
بسنت جي ميلي تي پتنگ اڏائيندا آهن،
۽ انهن جي حياتيءَ جي ڏور
به ائين ئي تنهنجي هٿ ۾ آهي،
جيئن ٻئي ڪنهن ساهواري جي،
۽ اها اڪيچار وڻ جي
اُجهندي ۾
تون پکيئڙن جي آوازن سان
ائين گونجائين ٿو
جيئن سمنڊ،
ڪناري تي پهچي
پنهنجي گرج
ڌيمي ڪري ڇڏيندو آهي
۽ ڪوڏن مان اُن جو آواز ايندو آهي،
اي خدا!
مان تنهنجا
ڪهڙا ٿورا لاهي ٿو سگهان؟
مان جو شاعر آهيان
۽ جنهن ساري زندگي
جواهر ڇڏي
تنهنجي پهراڻ ۾
پنهنجا بيت جَڙيا آهن
۽ جنهن جون وايون
گهٽائون ٿي آيون آهن
۽ تنهنجو ٿَر بَر وسايو اٿائون،
۽ جي رنگ رنگ جي هُرمچ وانگر آهن
جي هن ڌرتيءَ جي
ڌياڻيءَ کي آڇيا آهن؛
مون وٽ وقت تمام ٿورو آهي،
پر جو ڪجهه آهي
مون تنهنجي نذر ڪيو آهي
۽ هن پيريءَ ۾ به
جڏهن منهنجي ديد
جهڪي ٿي وئي آهي،
مان ڪائنات جا پائنچا ڀرت سان ڀري رهيو آهيان
جيئن منهنجي موت کان پوءِ
منهنجيءَ کَل مان
جڏهن اُن جي جُتي ٺاهي وڃي
ته اُهي اُن تي
سُهڻا لڳن؛
تُنهنجي سونهن هونءَ ته اپار آهي،
مان اُن ۾
اِضافو ڪهڙو ڪري ٿو سگهان
پر پوءِ به......
پر پوءِ به......
*
ڏاڍي دير ٿي وئي آهي
معافيءَ جا سڀ دروازا بند ٿي ويا آهن.
ڪُڪڙ دَس هڻي رهيا آهن،
هاڻي صبح ٿيندو
۽ مون کي ننڊ اچي ويندي،
ڪنهن ڀوائتي خواب وانگر ابد تائين.
*
تون ڪير آهين، جو منهنجي جاڳ کي
جنجهوڙي رهيو آهين
۽ چئي رهيو آهين
ته توکي نيٺ ننڊ اچي ويندي،
۽ توکي وجهه نه ملندو
وري وجهه نه ملندو.“
*
تون گل جو
پَنُ پَنُ وکيري رهيو آهين
جيئن اُن کي هر باغ کان وڏو بڻائي سگهين
۽ اُن ۾ اُهي پرندا چهچهائن،
جي ڪٿي به نه چهچهايا آهن،
تون منهنجي هر رڳ کي،
اُها ڪويل بڻائي رهيو آهين،
جا هن ڪائنات جي
درخت جي
پن پن مان ڪوڪي رهي آهي،
۽ ستارا
ان جي آواز تي ڪنبي وڃن ٿا،
۽ چنڊ جون اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون،
۽ اُهي
ماڪ ڦڙا ٿي وَسن ٿيون،
جي ڪڏهن به نه سُڪڻا آهن
۽ مان پنهنجيءَ ٻوليءَ مان،
ايڏو وڏو رَڇُ بڻائي رهيو آهيان
جو موت جي اُنهيءَ مانگر کي
ڦاسائي
جو هن ساريءَ ڪائنات کي
ڳرڪائي سگهندو آهي.
اُن کي
مان اُڻي رهيو آهيان،
اڃا اُڻي رهيو آهيان.
اهو رڇ
جنهن لاءِ ستارا واجهائن ٿا
۽ پنهنجي قيد مان
رهائيءَ لاءِ منتظر آهن.
* اي خُدا! مون کي اَگهائيءَ ۾ سگهائي ڏي! منهنجي
ڳاٽ کي ايترو اوچو ڪر جو توکان سوا اهو ڪنهن اڳيان
جهُڪي نه سگهي. منهنجي قلم کي فرهاد جي تيشي کان
وڌيڪ طاقت ڏي ۽ منهنجي شاعري جوئي شيرين کان وڌيڪ
مٺي بڻاءِ!
اي خدا! منهنجون جهوليون پنهنجي پيار سان
ايتريون ڀر جو مان اُهي ساري انسانذات کي ڏيان ته
اُهي نه کُٽن، مون کي اُن لاءِ اهو هُد هُد بڻاءِ
جو سليمان جا سبا کي پيغام پهچائيندو هو. مان جو
تُنهنجو ٻانهو آهيان، مون کي ايتري آزادي ڏي جو
دنيا جا آزاد ترين انسان اُن سان حسد ڪَن ۽ ڪَروبي
به منهنجي ڪَن ۾ اچي چون ته ”اسان کي پنهنجا پَرَ
اُڌارا ڏي.“
اي خدا! مون ساري عمر تنهنجو نالو نه ورتو آهي.
منهنجي زبان کي ايتري سگهه ڏي جو مان توکي سڏ ڪيان
ته زمين ۽ آسمان اُن سان گونجي اُٿي.
مان تنهنجي ڪِئلين کان به ڪمتر آهيان، منهنجو
ڪَنڌ ڪَتين کان به اوچو اُڀار!
مون کي هماليه کان به گهڻي سگهه ڏي. منهنجا پير
اُتي کُتا رهن جتي ساري عمر کتا رهيا آهن، منهنجا
آدرش اڏول رهن. اڳي وانگر.
اي خدا! منهنجي شاعري مُنهنجي عبادت آهي. مون کي
ايتري سگهه ڏي ته اُن کي پورو ڪري سگهان. مون کي
ايتري عمر ڏي جو اُن ۾ مان اُهو ڪجهه چئي سگهان جو
مان اڳي چئي نه سگهيو آهيان.
اي خُدا! مون کي ڌڪار کان ڌڪار ڏي، مون کي بڇان
کان بڇان ڏي، جيئن مان پوري انسانذات کي ڀاڪر ۾
ڀَري اُن کي چميون ڏيان ۽ اُن کان ڪڏهن نه ڇرڪان
جئن عيسيٰ کي ڪنهن به ڪوڙهئي کان ڪِڙپ نه ايندي
هئي.
* جيستائين پکي هوا ۾ پر ڦڙڪائن ٿا ۽ ماڪوڙيون
پنهنجي ڏَر ۾ وڃن ٿيون، تيستائين تون آهين، پر
جڏهن ڪجهه به نه هوندو تڏهن به تون هوندين ڇو ته
تون ئي ته اُها ’ڪُجهه به نه‘ آهين.
* مان چوان ٿو ته ”تون آهين، تون آهين، تون آهين“.
اهو منهنجو پويون نعرو آهي ۽ منهنجي آخري آزاديءَ
جي علامت آهي.
* ”تن تنبور، محبت نغما“.
اهوئي ته منهنجو پويون گيت آهي. اهو تنبور تو
سچل سرمست کي به تحفي طور ڏنو هو پر هُن اهو مُلان
جي مٿي تي هڻي ڀڃي ڇڏيو.
* عيسيٰ جا صليب تي پويان لفظ هُيا ”يا خدا! تون
مون کي ايترو آزمائين ڇو ٿو؟“
مون ته توکان اهو سوال به نه پڇيو آهي، توڙي
ساري عمر مان صليب تي رهيو آهيان.
* اي خدا! تون ساري ڪائنات به آهين ۽ ٻيو ڪجهه به
آهين، جنهن لاءِ عين اليقين ضروري آهي، پر اهو هر
ڪنهن جي حصي ۾ نه ٿو اچي!
* اي خدا! منهنجي دشمن کي معاف ڪر. هن کي به مون
وانگر روح آهي ۽ هو به مون وانگر اَمر آهي.
* اي خدا! منهنجي دشمن جي روح ۾ چڱائي وِجهه، هن
کي سمجهه ڏي ۽ هن کي پنهنجي رحم کان محروم نه ڪر!
* اي خدا! مون کي ڪبوتر بڻاءِ، مون کي جهنگ_ ٻلي
جون اکيون نه ڏي!
* اَچُ ته سچل سر مست سان واريءَ مان گهرڙا
ٺاهيون! آخر هن بيڪنار بحر جي ڪناري تي سڀ ٻارڙا
ته آهيون!
* هر دلق پوش جي سيني ۾ دل نه ٿيندي آهي.
* نٽشي! هُو نه مئو آهي، جنهن جي موت لاءِ تون
ڍنڍورو ڏيندو وتندو هئين!
مون ته هن کي ڪلهه بازار ۾ ڏٺو هو. هو ايندڙ
ويندڙ کان ڪجهه مَڱِي رهيو هو.
ها، نه رڳو تون مري ويو آهين پر تنهنجو ڍنڍورو
به ٽُٽي چڪو آهي.
* ميان! اڃا اورئين فَلڪ تي پهتو آهين؟
اڃا گهڻا فَلڪ اور انگهڻا اَٿي؟ مَلڪ توکي حيرت
مان ڏسي رهيا آهن!
* اي خدا! تو منهنجي روح کي پکي جي روح وانگر
بڻايو آهي. مان اِهو ڏسي حيران ٿِي وڃان ٿو ته اهو
ڪيستائين پرواز ڪري ٿو سگهي!
* اي خدا! ايتري روشني به نه ڪَر جو منهنجو اکيون
جهانوِرائي وجهين!
* اي خدا! تون مُنهنجون اکيون آهين! توسان مان اهي
ڳالهيون ڏسي سگهان ٿو جي ٻيا انسان ڏسي نه ٿا
سگهن. مان توسان اهي ڳالهيون ٻڌي سگهان ٿو جي ٻيا
انسان ٻڌي نه ٿا سگهن. تو ئي ته مون کي قلم گهڙڻ
سيکاريو آهي ۽ منهنجي هر تحرير مان ليئو پائي ان
کي ڏسي رهيو آهين ۽ پنهنجي حقير شاگرد جي مٿي تي
هٿ ڦيري رهيو آهين.
* اي خدا! ڇا مان توکان ڪنهن به گناهه لاءِ معافي
وٺان! ڇا تون اِن تي قادر نه هئين ته مون کي گناهه
کان روڪي سگهين ها!
* سعديا شيرازيا! پُلصراط ايتري تکي به نه آهي.
جيتري ماڻهو چون ٿا! تون ۽ مان آسانيءَ سان ٽپي
وينداسين!
* زمهرير لاءِ ڪهڙي پشميني مان لباس سبايا اَٿي؟
* توکي ان جو ڪوئي ڀَؤُ نه آهي؟ دوزخ جي آگ مان
توکي فقط حُقي لاءِ ٽانڊو گهرجي؟
* يَزيد! دليل ته تو وٽ به آهن پر حُسينيت لاءِ
دليل ڪافي نه آهن.
* اڄ به شام لهرن ۾ ائين ئي لُڙهي رهي آهي جيئن
دجلہ ۽ فرات ۾ لڙهندي هئي؟ ڇا وَري ڪوئي امام شهيد
ٿي رهيو آهي؟ سج جا ڪرڻا قطرا قطرا ٿي ڇو وهي رهيا
آهن؟
* ڇا خدا کان وڏو ڪوئي موُذن آهي، جنهن جي آواز تو
۾ هر وقت هُري رهيو آهي.
* ڪوههِ طور يَڪ لخت پاره پاره ٿي پيو آهي ۽ سِٽون
پني تي پٿرن وانگر اڏامي رهيون آهن. ڇا ڪوئي ’رب
ارني‘ چئي رهيو آهي؟
* عِشاءَ جو وقت آهي، خدائي خاموش ٿي ويئي آهي.
مون ههڙي بانگ ته اڳ ڪڏهن نه ٻڌي آهي!
* خدا جي سامهون سربسجود ٿي ۽ انهيءَ هر پَل کي
نيڪالي ڏي جو تو دنيا سان گڏ گذاريو آهي.
* هر پَلُ جو تو دنيا سان گذاريو آهي، توکي قبر ۾
ڪيڙي وانگر چُرندو نظر ايندو.
* تون ڀل دڳ تي گهُمندو ڦِرندو وَت، توکي ڪائي
جهَل نه آهي پر ’موتو قبل از موتو‘ دل ۾ سانڍي!
* يا خدا! مون کي ٻيهر جواني نه ڏجانءِ،
متان هيءَ پياري پيري مون کان کسي وٺين!
* ”خدا آهي!“ مون اهو چئي ڌرتيءَ تي اِئين لت هنئي
ڄڻ سڀني دهرين جي قبر تي لَت هنيم.
* ڇا صليبي جنگ وري ڇڙي وئي آهي؟ ڇا رچرڊ ٽيون ۽
غازي صلاح دين وري وڙهي رهيا آهن؟ انسان ۾ ڪيڏا
مارڻ ڏارڻ، چيرڻ ڦاڙڻ جا جذبا لڪل هيا جي ظاهر ٿي
پيا آهن!
* مون ايران جي شهر قُم ۾ هڪ ايرانيءَ کي ڏٺو،
جنهن گِدري سان ماني کائي خدا جو شڪر ڪيو. مون اها
ماني هتان جي ست رڇيءَ کان بهتر سمجهي.
* جي تون شاعريءَ جيتري عبادت ڪرين ها ته اَلائي
ڪهڙي ولايت تي هجين ها؟
* ڇا تون منهنجو رب آهين؟ پر تون ته منهنجي در تي
ڪيتري ئي وقت کان بيٺو هُئين! رڳو مون نه سڃاتو.
* رب! تون رحيم ۽ غفور آهين پر جي مان ايترا گناهه
نه ڪيان ها ته ڇا تون مون کي ڳولي لهين ها!
* جُنيد بغدادي، جنهن وقت ڪجهه سالن جو هو، ان
وقت ڪجهه ماڻهو هنجي مامي سُقطيءَ سان ’شڪر‘ تي
بحث ڪري رهيا هئا. اوچتو سُقطي جنيد کان پڇيو:
”پٽ! شڪر ڇا آهي؟“ جنيد جواب ۾ چيو: ”شڪر اِهو آهي
ته انسان خدا جي نافرماني نه ڪري جو انسان کي
ايترا عطيا (سوکڙيون) ڏئي ٿو.“
سُقطيءَ چيو: ”ممڪن آهي ته خدا جو توکي عطيو
ڏنو آهي، اُهو تنهنجي زبان هجي.“
(ڊاڪٽر علي حسن، شعبهءِ دينيات الازهر يونيورسٽي
مصر)
جي سُقطي منهنجو مامو هجي ها ۽ اسان جو سوال
جواب ساڳيو هجي ها ته سُقطي فقط لفظ ’زبان‘ بدران،
لفظ ’شاعري‘ ڪم آڻي ها، جو مون لاءِ خدا جو عطيو
آهي.
* هُن جي خدا سان ايتري دشمني ئي خدا جي وجود جي
ثابتي آهي. ڀلا جي خدا ڪونه آهي ته ايتري دشمني ڇا
لاءِ؟
* مون جيڪي اَشراقي عالم ۽ فاضل پڙهيا آهن يا جيڪي
مسيحي وَحت الوجودي صوفي پڙهيا آهن، جن مقدس انجيل
۽ جديد عهدنامي جي تفسير نَؤ فلاطوني طرز تي ڪئي
آهي، انهن اسان جي صوفيانه فڪر تي مسيحي اشراقيت
جو اثر ڇڏيو آهي ۽ اُن اسلام کي متاثر ڪيو آهي.
فلاطنيوس جو ته زياده اثر آهي. جنيد بغداديءَ اندر
به اِشراقيت جا اثر ها. ڪجهه مثال آهن: ”ڇاڪاڻ جو
انسان جو روح هُن جي جسماني زندگيءَ کان اول موجود
هو ۽ ان ۾ پوءِ به موجود رهي ٿو، اِنڪري پنهنجي
ماخذ ۽ مَنبع ڏانهن موٽڻ جي کيس تانگهه رهي ٿي.“
”پنهنجي اپائڻهار کان ماڻهوءَ جي پهرين وڇوڙي جي
نوعيت ڪهڙي هُئي ۽ انهيءَ صوفيانه وصل (ميلاپ)
کانپوءِ، ٻي وڇوڙي جي نوعيت ڪهڙي آهي؟“ جوهر، صفات
۽ حقيقت جي مسئلي جي تحقيق تي به يوناني اثر آهي.
مثلاً: ”اهو ويساهه ته الله تعاليٰ ئي واحد حقيقت
آهي، اسان (يعني مخلوق) رڳو مظاهر (ڏيک) آهيون ۽
اُهو به ته انساني صفات (صفتون) رڳو هڪ نقش بي
ثبات (پاڻيءَ تي چِٽُ) آهن، جن ۾ اُن خدائي صفات
جو هڪ ميرانجهڙو پاڇو نظر اچي ٿو ۽ جو ابدي ۽
دائمي آهي...“
اِهي اشراقي خيال ۽ تصور بغداد ۾ ڏاڍو ڦهليا ۽
اسلامي فلسلفي جي رنگ روپ ۾ هنن جو وڏو هٿ آهي.
(ڊاڪٽر علي حسن جي ڪتاب تان ورتل)
* اي خُدا! مون کي منهنجي دريده دهني معاف ڪر! مون
کي اها هستي به ته تو ڏني آهي، اهو آواز به ته تو
ڏنو آهي جو آسمان کان بُلند تر آهي!
* ڇا ڪوئي انسان هڪ تِر جيترو جيت به خلقي سگهيو
آهي؟ ڇا هڪ تِر جيترو جيت ڄاڻي سگهي ٿو ته آڪاس،
جنهن ۾ اکٽ ستارا آهن، ڪٿي ٿو کُٽي؟ مان مڃان ٿو
ته اهو جيت پپل جي چوٽيءَ تي پڄي سگهي ٿو پر ان جي
حقيقت ئي ڪهڙي آهي؟ ڇا اُنهيءَ ستاري جهڙي آهي جو
هن آڪاس جي اتاهين وڻ ۾ پوئين پن جيان آهي. ڇا ان
جيت جي انا کي اِن مان تسلي ملندي ته هو پپل جي
پوئين پن تي پهچي چُڪو آهي؟ ڇا ان کان اُهو ڪِيڙو
ماڪوڙو چڱو نه آهي جو اُنهيءَ جي جڙ تائين پهتو
آهي ۽ پاڻ کي هر واچوڙي کان محفوظ سمجهي ٿو؟
اي تِر جيترا جيت! تون هن ڪائنات جي حقيقت کي
ڇو ٿو سمجهڻ چاهين؟ اِئين نه ٿئي ته واءُ جو جهوٽو
توکي بولاٽيون کارائيندو اُڏائي وڃي! انهيءَ تي
قانع ٿي ته تون وڻ جي چوٽيءَ تي پهچي چُڪو آهين.
ان کان مٿي جو وڻ آهي، تنهن ۾ ڪَتين جون ٽاريون
ڏسي، پنهنجي وِت کان وڌيڪ ٽپو نه ڏي! حيرت تي
قناعت ڪر! اُهو اسرار جو نه کُلي سگهي، ان تي حيرت
کان سواءِ ٻيو چارو ڪهڙو آهي!
* چون ٿا راجا ڏاهر کان هيمون ڪالاڻيءَ تائين سڀ
هندو ها؟ مصر جا اهرام ڪهڙي مسلمان ٺهرايا ها؟ تون
عالمِ دين آهين. مون کي ته خبر نه آهي، تون ئي
ٻڌاءِ ته مصري عرب اڃا تائين ابو الهول کي ڇو رکيو
ويٺا آهن ۽ اخوان المسلمين به اُن کي بم سان
اُڏائي نه سگهيا آهن ۽ نه رڳو شاهه ايران پر
خمينيءَ به سائرس عظيم جي قبر مسمار نه ڪرائي آهي!
* ڪوئي انسان هڪ پَن به ٺاهي نٿو سگهي. اها سڀ خدا
جي قدرت آهي.
* جنهن انسان خدا کي آپي ۾ نه ڏٺو آهي، اُهو هن کي
ڇاپي ۾ ڇا سمجهي سگهندو؟
* معافي خدا جي وصف آهي. تون پاڻ ۾ جيترو اُها وصف
پيدا ڪندين، خدا جي ويجهو ٿيندين.
* جي منهنجي دل ۾ صدق آهي ته منهنجي رضا ئي
تُنهنجي رضا آهي.
* مون ته توکي معاف ڪيو، شل تنهنجو خدا توکي معاف
ڪري! پر توکي خدا آهي ڪٿي؟ تون ته دهريو آهين!
* خوني آهي، ڪير به آهي، جي اسان جو اميدوار آهي
ته جمهوريت جي فتح ۽ شڪست جو دارومدار انهيءَ تي
آهي.
* ڇا ڪوئي انسان ڪاٺ ڪُٽو ٺاهي سگهندو آهي؟ جي نه،
ته ان کي خُدا کان سواءِ ڪنهن ٺاهيو آهي؟
* خدا کان سواءِ تون يتيم آهين، هن ڪائنات ۾ ڇورو
ڇنو ٻار، جنهن جي پرورش وارو ڪوئي نه آهي.
*
مان
متڪبر کان متڪبر
۽ نهٺي کان نهٺو
انسان آهيان!
مان چاهيان ها
ته انالحق جو
نعرو هڻان ها
۽ سوريءَ سزا وار ٿيان ها
۽ سرمد وانگر
جلاد جي اڳيان
ڪنڌ جهُڪائي
شاعري ڪري سگهان ها،
پر مون ۾ ڏيکاءَ جي
عادت نه آهي
۽ نه مون کي
هجوم ڪٺو ڪرڻو آهي
۽ نه اُن جي
ڳوڙهن ۾
اُها تصوير ڏسڻي آهي،
جا اهڙي خوبصورت
نه هوندي آهي
جهڙي
سانجهيءَ ويلي
چنڊ جي
پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ هوندي آهي.
جيتوڻيڪ
هو به ائين لڳندو آهي
ڄڻ ڪنهن جي
گردن ڪپي وئي آهي.
*
مان ڀٽائي به آهيان
سچل ۽ سامي به،
۽ سنڌ جو اُهو گيت به آهيان
جنهن کي اڃا ڪنهن نه ڳاتو آهي،
۽ جنهن کي ڪالهه وديا پتيءَ
ميٿلي ٻوليءَ جي تار ۾ پويو هو
پر پنهنجو هارُ اڃا جهَلي بيٺو آهي
ڪنهن پياري ڪونج جهڙيءَ ڳچيءَ لاءِ
جا اُن کي سويڪار ڪرڻ لاءِ
آتي ته آهي
پر پوري اڃا جهُڪي نه آهي،
اڃا جهُڪي رهي آهي.
*
مان فتنهءِ ابا حيت نه آهيان
مان فتنهءِ مهدوديت نه آهيان
مان فتنهءِ دوشينه به نه آهيان
مون کي سلطان ته ڇا
علما ۽ مشائخ به نه سمجهي سگهندا،
مان روميءَ جي درگاهه تي
ڌمال ۾ وڄي رهيو آهيان
۽ شمس تبريز جي
مزار تي
تڏي تي ليٽي پيو آهيان،
خاموش، ابد تائين خاموش،
پنهنجي ازل جي تلاش ۾
جنهن کي پُڪاري پُڪاري
مون کي ننڊ اچي وئي آهي.
*
پنهنجي شاعريءَ کي
۽ مون پاڻ کي زندگيءَ سان واڳي پڇتايو آهي.
غالب جي اُن سان ڪائي ڳنڍ نه هئي،
ڀٽائيءَ جي اُن سان ڳنڍ اُڇاتري هئي
۽ هن جڏهن به چاهيو ٿي،
اُها ڇوڙي ٿي ڇَڏي،
۽ جڏهن آڪاس ۾ ڪڪر ڪارونڀار
ڪري ٿي آيا
ته هو اُنهن جي پيهه ۾ ملي ٿي ويو
۽ هن ڌرتيءَ کان دور
جتي مِرن ماڻهن جو ماس ٿي کاڌو،
۽ اُنهن جا وَڄَ تلوارن کان
تکا ٿي پيا ها،
۽ جڏهن انهن پنهنجا رت پياڪ چپ
ٿي چٽيا،
تڏهن هن شفق جي تلاءَ مان اُڀري
هيٺ وائڙو ٿي پئي ڏٺو
۽ سوچيو پئي ته قابيل جي رت ۾
ڪيترا پَسون هُيا
جي اڃا هابيل جو رَت پي رهيا آهن!
*
راءِ ڏياچ
سِر کي وڌيڪ جهُڪاءِ!
ڪينر جي ڪاتي ڏاڍي تکي آهي
۽ سورٺ جي پارن وانگر
ڪنبي رهي آهي،
۽ جهونا ڳڙهه ۾
تنهنجي وڍيل سر جي وارن وانگر
اُلا اُڀري رهيا آهن،
۽ تنهنجي رت مان،
اُهي گلاب کِڙي رهيا آهن،
جي لڪل ها،
ڪينر جي تارن ۾،
۽ ڪينر آڪاس ۾ نئين سِجَ - اُڀار
وانگر ڦُٽي رهيو آهي!
*
نه تون تانسين جو
خال ڀري سگهندين
نه مان بيجو باورا جو.
ها، جيڪڏهن اسان
ٻئي گڏجي ڪوشش ڪيون
ته وري اها سنگيت
پيدا ڪري سگهون ٿا
جا اسان جو انتظار ڪري رهي آهي.
۽
اڃا ٿَڪي نه آهي!
*
پوني ۾
مان ريٽا شهاڻيءَ جي بنگلي تي،
سوچي رهيو آهيان
ته ڇا هيءَ اڃا تائين اُها آهي
جا سنڌ کان
پنجيتاليهه سال اڳ جدا ٿي هُئي
يا سَميهءِ اُن ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو آهي؟
*
اي پوپٽي هيراننداڻي!
تون سنڌيت ۾ زندهه آهين.
جي تون موت کي شڪست نه ٿي
ڏئي سگهين،
ته موت به توکي شڪست ڏئي نه
ٿو سگهي.
*
اي هريش واسواڻي!
گيت اها ڳالهه آهي ڇا
جنهن کي ڪوئي سمجهي نه سگهي؟
ڇا نَند جويري
توسان چوپڙ جي راند کيڏي رهيو آهي
۽ تون انهيءَ تي خوش آهين
ته هو تُنهنجي ڳوٽَ
ماري نٿو سگهي!
*
ڇا رڳو تاريخ ۾
ذڪر ايندو
ته ٺاڪر چاولا
سنڌ جي شاعر
شيخ اياز کي
رام پنجواڻيءَ جي سماڌي
ڏيکاري هئي،
جا هو پنهنجيءَ دل ۾ سمائي
سنڌ ۾ کڻي ويو هو
پر اُتي ٺهرائي نه سگهيو هو؟
*
چون ٿا اوچتو
بيهجي ويندو - منهنجو ساهه
۽ هي ڪينَر
منهنجي هَٿ مان ڇَڏائجي
ڌرتيءَ تي ڪِري پوندو
۽ اُن ڏانهن هزارين هٿ وڌندا
پر اُن کي
کڻڻ وارا
ڪيئي هوندا
هلائڻ وارو ڪوئي نه هوندو.
*
اي بنڪم چئٽر جي!
گيت تو مون کان سکيو هو،
يا مان توکان سکيو آهيان؟
مون کي اڃا انهيءَ ڳالهه جي
خبر نه آهي
ها پر ايترو ڄاڻان ٿو ته:
منهنجيءَ تارَ تي،
تنهنجون آڱريون
مون سان گڏ
لرزي رهيون آهن.“
*
اي هرڻو!
منهنجيءَ شاعريءَ
اوهان کان اکيون اڌاريون ورتيون،
۽ واٽهڙين جي پاڻيءَ ۾
چنڊ جو پاڇو ڏٺو،
۽ اُهو منهنجي شاعريءَ ۾
ان وقت به هوندو
جڏهن سج ڪاپار تي ايندو،
۽ ماڻهو ان جي تيک ۾
ڇَنن ۾ ڇُپندا وتندا،
۽ هنن جون زبانون
ٿوهرن جي ڪانڊيرن ٽارين وانگر
ٿي ويون هونديون.
منهنجي شاعري
انهن کي
ڇانو ڏيندي
ٿڌاڻ ڏيندي،
۽ جي ساري نه
ته ڪجهه اُڃ ته اُجهائي ڇڏيندي.
*
منهنجي ڪَويتا!
منهنجي آجپائي به تون آهين
پورنتا به تون آهين
منهنجي جيون جي اَجوڳائي
تنهنجي وسار کان وڌيڪ
ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟
*
تون سگار جو وزم
پورو نه هڻي سگهندين.
ته منهنجو نظم
پورو ٿي ويو هوندو.
اڃا تو وقت جي گهوڙي تي،
هنو به نه رکيو هوندو
ته اُن جي آخري سٽ لکجي چڪي هوندي،
۽ جڏهن تون
رڪاب ۾ پير رکندين
ته ٻئي نظم جي
قافيي ۽ رديف جون
واڳون
منهنجي وَسِ هونديون.
مان ڄاڻان ٿو
ته هيءَ عمر تيز رفتار آهي
پر منهنجي شاعري
اُن کان به وڌيڪ
تيز رفتار آهي
۽ ڪنهن به وقت
منهنجو قلم
اَڙيءَ جو انتظار نه ڪندو آهي.
اي موت!
جيستائين تون اچين
مان ايترا فاصلا طئي ڪري ويندس
جو توکي
مون تائين پهچڻ ۾
ڪافي صديون لڳنديون،
اهو به ممڪن آهي
ته تنهنجو گهوڙو
ٿڪجي پوي
۽ مان
توکي
پُٺ تي ڇَڏي وڃان!
*
هڪ ڏينهن ايندو جڏهن
مون ۾ چُرپُر نه هوندي،
سج ۽ چنڊ لڪي ويندا
۽ ڪڪر ڪارونڀار ڪري،
مُنهنجي جنازي نماز تي ايندا،
۽ موت کي اجازت نه هوندي
ته هو ڪنهن صف ۾ بيهي سگهي.
ان ڏينهن شاعري روئيندي اکيون مهٽيندي،
۽ اُن جا لُڙڪ
گل مهر جي گلن کان وڌيڪ ڳاڙها هوندا،
۽ املتاس زرد ٿي ويندا،
۽ سرءُ جي سرد هوا
واريءَ تي هر وٿاڻ ۾ مون کي ڳوليندي،
۽ هر نئي ڄاول ٻار کي
جاچي ڏسندي
ته اُن کي مون جهڙا روش ته نه آهن
۽ اُن جا سوُساٽ
سِرنهن جي ٽارين تي ڳَلي ملي پڇندا
ته هو وري ڪڏهن ايندو،
جنهن جا راڳ
ڌرتيءَ ۽ آسمان ۾
ائين گونجندا هُئا
جيئن واءُ
گهاٽي بَن ۾
گونجندو آهي،
۽ ان جا گيت ٻُڌي
سارا وڻ تاڙيون وڄائيندا آهن.
۽ پن ائين ڪرندا آهن
ڄڻ اُن تي سِڪا گهورَ ٿي رهيا آهن.
اهڙا راڳي
واري واري سان ته نه ايندا،
پر اسان کي پڪ آهي
ته هو موٽي ايندو،
۽ پُراڻا بڙ
ان ڳالهه جي
گواهي ڏئي سگهندا.
|