* خدا کان وڌيڪ ته ڪوئي به خوبصورت نه ٿي سگهندو،
پر تون به گهٽ نه آهين!
* ”چنڊ جي صورت چڱي آهي يا سيرت چڱي؟“
مون درياهه جي ڇولين کان پڇيو.
”صورت جي باري ۾ ته ٻه رايا ٿي نه ٿا سگهن“
ڇولين وراڻيو. ”باقي رهي سيرت، سو پهرين ڏسون ته
اسان سان ڪيستائين ساٿ ٿي نڀائي“.
* مون توکي چنڊ سمجهيو هو پر مون کي اِها خبر نه
هئي ته چنڊ رڳو درياهه جو ساٿي ئي نه آهي، اُن جو
پاڇو گٽر ۾ به پوي ٿو!
* اڳي مُنهنجا چَپ پيار جون ڳالهيون ڪندا ها، هاڻي
رڳو اکيون ڪنديون آهن.
* ڪرشن کي بنسري جو سهارو ڇو وٺڻو پيو؟ شايد هُن
کي سُريليون اکيون نه هُيون!
* هر عشق دوستي آهي، هر دوستي عشق نه آهي.
* پراوا، پنهنجا فقط عشق ۾ ٿي سگهندا آهن.
* مون ڪڏهن ڦول، ڪڏهن چَنڊَ، ڪڏهن سُڳنڌ جي
جهونڪي، ڪڏهن رابيل، ڪڏهن گلاب، ڪڏهن بسنت سان
توکي تشبيهه ڏني هئي پر زندگيءَ جو اَنت ته پيري
آهي، موت آهي، اُها کڏ آهي جا سڀ کي ڳرڪائي وڃي
ٿي. ايئن آهي ته پيريءَ جي پيار ۾ رحم آهي، همدردي
آهي، اُڪير آهي. پر ڪڏهن ته اُها به ڇڄي وڃي ٿي ۽
پنهنجي اڳينءَ پياريءَ کي تڪي ٿو ڏسجي ته هيءَ ڪير
آهي؟ ڇا انهيءَ کان مون چُميون ورتيون هُيون؟
انهيءَ کي آغوش ۾ آندو هو؟ اُنهيءَ لاءِ تشبيهون
ڏنيون هيون؟ ڇا اِها منهنجيءَ حيات ۽ ڪائنات تي
ڇانئجي وئي هئي؟ هن جو چهرو ساڳيو نه رهيو آهي! هن
جي چنڊ سان يا رابيل سان ڀيٽ ڪئن ڪَري سگهبي؟ ۽ ان
جي طبيعت ۾ عمر ڦيرو آندو آهي ۽ هن ۾ پيار به ايئن
ختم ٿي ويو آهي، جيئن هر شيءِ قدرتي طور ختم ٿي
وڃي ٿي. ها، پيار به مَري وڃي ٿو ۽ ان لاءِ تاج
محل جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي! ڪيترو نه خوشنصيب
هئي انارڪلي جا جوانيءَ ۾ ڀت ۾ پوري وئي هئي!
* رني ڪوٽ ڏانهن ويندي صديون پراڻا ڇوڏا نظر ايندا
آهن جي سخت پٿر ٿي چڪا آهن. تو منهنجي دل به ايئن
ڪري ڇڏي آهي!
* منهنجي توسان دل ايئن ٿي وئي آهي جيئن بڙ جون
ٻَه وليون هڪ ٻئي مٿان وَري، ڳنڍجي وينديون آهن ۽
انهن مان گؤنچَ ڦٽي نڪرندا آهن.
* تون وارَ ڪارا ڇو ٿي ڪَرين؟ تُنهنجا اڇا وار مون
کي ياد ڏياريندا آهن ته اسان زندگي گڏ گذاري آهي.
اهي ڪارا وارَ توکي اوپرو بڻائي ٿا ڇڏن.
* توکي اها شڪايت آهي ته توسان منهنجي سڄي زندگي
گذري وئي، مون توسان عشق نه ڪيو! چَرِي! عشق جي
زندگي ته پوپٽ جيتري ٿيندي آهي. جي مان توسان عشق
ڪيان ها ته توسان سڄي زندگي ڪيئن گذاري سگهان ها!
عشق ته جذبو آهي، جُجڪي آهي، جولان آهي جو ٻنا ته
ٽپي ويندو آهي پر جلد ئي ڦهڪو ڏئي ڪِرندو آهي ۽
اُن جي ڳِچِي نه ته ٽنگ ضرور ٽٽندي آهي.
* هوءَ موڪلائڻ وقت مايوس ٿي وئي پر مون هن سان
کِلي موڪلايو. ممڪن آهي ته اسان وري نه ملون پر پو
به کِلي موڪلائڻ چڱو آهي، زندگيءَ کان موڪلاڻيءَ
وقت ته ويتر چڱو آهي.
* تون بيمار ٿي پئي آهين ۽ مون تنهنجيءَ صحت لاءِ
دعا جا هٿ کنيا آهن. دعا، جنهن جو ڪيتري وقت کان
خدا کي انتظار هو، مسترد ٿي نه ٿي سگهي.
* مان شيريٽن هوٽل ۾ چاءِ پي رهيو هوس. هوءَ پريان
ٻيءَ ميز ڏانهن وڌي رهي هُئي. ”اڙي هيءَ ته فلاڻي
آهي!“ مون دٻيل رڙ ڪئي. ”پر فلاڻي ته ٽيهه سال اڳي
ايئن هُئي! هوءَ فلاڻي ڪيئن ٿي سگهي ٿي!“
مون مايوسيءَ سان سوچيو ۽ پوءِ عينڪ اکين مان
لاهي، رومال سان اُن جا شيشا اگهي وري پاتم ۽
پنهنجي غلطيءَ تي هڪ ٿڌو ساهه ڀريم.
* موت جي وَر وَڪڙ گهٽيون گهُمندي، تون مون کي
روبرو ملي وئينءَ پر تو مون کي ڪونه سڃاتو.
* مون ته تُنهنجي مير وانگر پرستش ڪئي هُئي، تون
سڀني جي نظر ۾ خدا ٿينءَ يا نه!
* پهريون ڀيرو ته تون مون کي اُهو محبوب ملي آهين،
جنهن کي بدلائڻ جي ضرورت نه ٿي پوي!
* تون هزار صورتن ۾ مون وٽ آئينءَ، پر مان هڪ جهلڪ
مان توکي سڃاڻي ورتو.
* تنهنجيءَ ڪڇ ۾ هي رابيل جهڙو ٻار ڪهڙو نه چڱو
لڳي رهيو آهي، تون جا خود شاخ وانگر لڏي رهي آهين.
* اي گلاب جا گل! ڪيتري وقت کان تنهنجي سُڳنڌ اچي
رهي هئي ۽ مون ڄاتو ٿي ته ڪنهن وقت تون منهنجي هٿ
۾ هوندين!
* اي سُڳنڌ! مون توکي پريان ئي سڃاڻي ورتو ته
منهنجيءَ ٽاريءَ ۾ کِڙڻ ٿي چاهين ۽ توکي ان تي رشڪ
نه ايندو ته اِن ٽاريءَ ۾ ڪيئي گل کِڙي، ڇَڻي ويا
آهن.
* منهنجي محبوبا! تون ڪٿي آهين.
مان هن خوبصورت ڪائنات ۾/ توکي تنها ڳولي ٿڪجي
پيو آهيان،
مان جو هڪ آواره گرد آهيان
۽ پنهنجي گهر ڏانهن تو طرف موٽي آيو آهيان.
(لنڊن جي هڪ يادگيري)
* ڇا محبت چڱي آهي يا ساري زندگيءَ جي رفاقت چڱي
آهي؟ بڙ ۾ گل نه ٿيندا آهن پر ٻي وڻ کان پائيدار
ٿيندو آهي، جو مُند تي رنگ وبو سان جهنججي ويندو
آهي.
* اي خوبصورت ڳاڙها ڳِٽا! جڏهن تون لڙڪي پوين،
تڏهن مون کي سڏجانءِ!
* اي خوبصورت عورت! تنهنجي جواني مُڙي چڪي آهي پر
مُنهنجي شاعريءَ ۾ اڃا خوبصورت آهين.
* منهنجي شاعري اُهو آئينو آهي، جنهن ۾ تُنهنجي
چهري جا گهنج نظر نه ٿا اچن.
* تون ناز ڇا تي ٿي ڪرين؟ تون ته نياز ڪَرين ته به
قابل - قبول نه آهين!
* ڪيڏو پَري هوندي ويجهو هوندي هئينءَ؟ اڄ ته مان
ٽي ايس ايليٽ وانگر ٽيمس نديءَ تي ڪوهيڙي ۾ ڏسي
رهيو آهيان ۽ تون پاڻيءَ تي ڪشتيءَ وانگر گم ٿي
وئي آهين!
* معصوم شاهه جي مناري تي ڏاڪا چڙهندي مان ساهي
پٽڻ لاءِ هڪ هنڌ بيهي رهيس ته هوءَ مون کان ڪجهه
ڏاڪا هيٺ بيهي رهي. شايد هن سمجهيو ته مٿي چڙهندس
ته هي ڀاڪر ۾ ڇڪيندو. ان کان پوءِ ڪائي اڻ ورتل
چُمي مناري جي ڏاڪڻ تي اڃا تائين هيٺ مٿي وڃي رهي
آهي ۽ هُن جا چَپ ڳولي رهي آهي.
* چنڊ ته لَهي، انڌيري ۾ گُم ٿي ويندو آهي. تون
منهنجي شاعريءَ لاءِ سدائين چوڏهينءَ جو چنڊ آهين،
جنهن لاءِ اماوس جي رات نه اچڻي آهي.
* ڇا مون سان چار گهڙيون توکي مهانگيون پيون آهن؟
مون ته توکي اَمرتا ڏئي انهن جي قيمت چُڪائي آهي.
* ڪيدوءَ جي جوءِ! ڇا تون ئي رانجهوءَ جي جهنگ
سيال واري هير آهين؟
* جيڪي سچ پچ عشق ڪندا آهن، سي انارڪليءَ وانگر
جيئري پورايا ويندا آهن.
* عاقل خان سان گڏ زيب النساءِ مخفيءَ جا گهڻا پُٽ
ديڳ ۾ رَجهي ويا هوندا؟!
* تو سمجهيو ته تون ايڏي سُهڻي آهين! ڏِسُ، خدا
مون کان هڪ گُل کسي مون کي پوري ڦُلواڙي ڏني آهي!
* ڇا تو ڪڏهن پوپٽ کي گُل پٽيندي ڏٺو آهي؟
* پيءُ ماءُ کي تارازي ۾ ويهاري ياترا ڪرائڻ وارا
فقط لوڪ ڪٿا ۾ آهن.
* جيئن شفاف جَر ۾ پکيءَ جو عڪس نظر ايندو آهي،
ائين متان منهنجين اکين ۾ تنهنجو عڪس نظر اچي! ان
ڪري مان تو ڏانهن ڏسان نه ٿو.
* دل ۾ آيو ته سُوٻٽ تي دم عيسيٰ ڦوڪي هن کي پوپٽ
بڻايان، پر پوءِ ڪجهه وقت مون هُن کي تريءَ تي کڻي
اُس ۾ رکيو، ٿوريءَ دير ۾ هن پر کوليا ۽ مون کي
ڏسڻ کان سوا اُڏامي ويو.
* جوانيءَ جي الهڙ اکين ۾ ڪيترو نه اعتماد هوندو
آهي، يقين هوندو آهي ۽ اها غير يقيني نه ڏسي
سگهنديون آهن جا تجربي ۾ هوندي آهي!
* شل توکي خدا جواني بخشي ڏي، تُنهنجي حُسن کي
نُهنڊ به نه اچي! مان زندگيءَ کان پنهنجي حصي کان
به گهڻو وٺي چُڪو آهيان. وڌيڪ هَوَس رڳو مون لاءِ
شرمندگيءَ جو باعث آهي. مان توڏانهن هَٿُ، هَٿ
چُراند لاءِ نه وڌائي رهيو آهيان، دعا لاءِ وڌائي
رهيو آهيان.
* هَوسَ جو پيالو ڀَرجي نه ڀَربو. بس گهڻو پيتو
اَٿي، هاڻي بس ڪر!
* ڪنهن جي مٿي تي هٿ گهمائي ڏس! ساري ڪائنات
تنهنجي هٿ ۾ اچي ويندي.
* مان پلئٽ فارم تي بَتِي جهلي بيٺو آهيان. هر
گاڏيءَ جي دريءَ مان تنهنجو منهن نظر اچي رهيو
آهي.
* اي وڏيون اکيون! حياءَ سان ئي چڱيون ٿيون لڳو،
نه ته اوهان کان به وڏيون اکيون ڳئونءَ جون
هونديون آهن.
* توکي ايترو ناز ڇا تي آهي؟ ڇا تون منهنجي
شاعريءَ کان وڌيڪ خوبصورت آهين؟ تنهنجون ڇاتيون ته
ڪڏهن ڇڻي پونديون پر منهنجون سٽون ساڳيءَ طرح
تاڻيل ڪمان وانگر هونديون.
* پيار؟ ڪهڙو پيار، اوشو! انسان جي پيار جي ڳالهه
ٿو ڪَرين؟ ڪنهن پَسونءَ جي ڳالهه ڪرين ها ته دل
سان لڳي ها!
* عشق توکي نيون اکيون، نوان ڪَن ۽ نئين زبان
ڏيندو، تون ڪنهن سان عشق ڪري ته ڏس!
* ايترو عشق به نه ڪر متان فرشتا توسان حسد ڪرڻ
لڳن!
* عشق ڪيئي ڀيرا نه ڪبو آهي. معشوق ڪيئي هوندا
آهن، عشق هڪ هوندو آهي.
* عشق کنهنبي مان گڏي ٺاهيندو آهي، پوءِ ان کي
ڇِني ڦاڙي ڇڏيندو آهي.
* اي حسن! تون گُل نه ٿيءُ! تون پوپٽ ٿيءُ!
* ڪير سهڻو آهي، تون يا چنڊ؟ مان نٿو چاهيان ته
تون پنهنجي ساراهه پاڻَ ڪر! مان اِهو سوال چنڊ کان
ٿو پڇان؟
* چاهيان ٿو ته توکي موت کان اول پويون ڀيرو ڏسان!
شايد ٻي جنم ۾ توکي سڃاڻي سگهان!
*
پهرين عورت جا منهنجي زندگي ۾ آئي، ان جو نالو
گارگي هو ۽ گارگي ڪالي جو ٻيو نانءُ آهي. گُنا!
توسان مان اها ڳالهه ڪيان ٿو ڇو ته تو به مون سان
اهڙي ڳالهه ڪئي هُئي افسانوي انداز ۾!
* آچ!
مون کي موت جو به ايترو انتظار نه آهي، جيترو
تنهنجو آهي.
* اي پڪل، رسيل انب وانگر عورت! منهنجا چَپ تنهنجا
ڪيڏا عادي ٿي ويا ها! هاڻي جڏهن تون نه آهين ته
اهي مطلع جي قافين وانگر هڪٻيئ سان ملي نه ٿا ملن
۽ زندگيءَ جو غزل پورو ٿي نه ٿو ٿئي!
* هي تنهنجي سکي، جا سئفو جهڙي شاعره آهي، مونکي
ايترو وڻي جو مون تنهنجي محبت ڪتاب جا ڪجهه جملا
غائب آهن. اجائي آهي. هاڻي تون مون کي اڳي کان
وڌيڪ ترو تازه ٿي لڳين ۽ منهنجي محبت توسان وڌي
وئي آهي.
* اي سانوڻ رات! هوءَ جڏهن پيار ۾ ڀرجي ويندي آهي،
توکان وڌيڪ ڀرپور لڳندي آهي!
* ڇوري! اِهي ٻه انب لڪاءِ! طوطن کي ٽُڪڻ جي عادت
آهي.
* تون جا سِيم بر به آهين ۽ برسيم وانگر نرم ۽
نازڪ به آهين. تون آءُ ته توکي هير وانگر چُميون
ڏيان!
* متان ڄامشوري ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تي وڃين! هوءَ
توکي پاڻيءَ جي لهر لهر مان گهوريندي ۽ ميارون
ڏيندي!
* راڌا! مون وٽ ڪيتريون گوپيون ٿيون اچن، پر
منهنجي بنسري توکي ڳولي رهي آهي.
* اي هرڻي! منهنجو وقت ڪيترو بي مزي ٿو گذري، تون
ڪهڙي رڻ ۾ ڇُپي وئي آهين؟
* ڇا مان تنهنجي گَجَ ۾ فقط هڪ شيشو آهيان؟
* اي منهنجي محبوبا! تون انجيل واري مِر ۽ لوبان
ته نه آهين؟ تنهنجا انجير ڪيترا نه رسيل ۽ پرڪشش
آهن! تنهنجو آواز سليمان جي گيت مان ته نه اُڀريو
آهي؟ منهنجي شاعريءَ لاءِ تنهنجو سارو وجود الهام
وانگر آهي.
* رحيم خان خانان! مون تنهنجي شعر کي ڪيئي ڀيرا
آزمايو آهي. انسان سان ”من تو شدم“ واري ڪيفيت
ناممڪن آهي.
* موت! تنهنجو اصل نالو ته انتظار آهي، توتي هي
ٻيو نالو ڪنهن رکيو آهي؟
* تون منهنجيءَ شاعريءَ جي ڀَرت ۾ رڳو هڪ سڳو
هئينءَ؛ پاڻ کي ايڏي اهميت به نه ڏي!
* مون تولاءِ ساري ڪائنات غاليچي وانگر پٿاري ڇڏي
آهي. تون اُمراءُ جان ادا وانگر اچ ته سَهين! تون
نچ ته سهين!!
* فرعون! تون ڇا ڄاڻين؟ عشق نيل درياهه ۾ نه ٻڏندو
آهي.
* علامه اقبال ! عشق ته رازيءَ ڪيو هو، روميءَ ته
فقط مثنوي لکي هئي.
* چنڊ! تون نديءَ جي پاڻيءَ ۾ ڪيڏو نه وڻندو آهين؟
ڪڏهن پاڻ کي منهنجي ڳوڙهن ۾ به ڏس!
* عشق عشق کي ڇڪي ٿو، حسن عشق کي نٿو ڇڪي.
* وارَ ايئن ته نه ڇوڙِ! گهٽائون مڇرجي نه پَوَن!
* پياري! تون رُڳو منهنجي شاعريءَ ۾ آهين، مون ئي
ته توکي بقا ڏني آهي! مون کان ٻاهر توکي فنا جون
تيز هَوائون اڏائي وينديون!
* چَري تو مُنهن ورائي به نه ڏٺو آهي! مون تُنهنجي
چوٽيءَ جي سڳين ۾ هيءَ ڪائنات ٻَڌي ڇڏي آهي!
* تون ڪڏهن موٽي ايندينءَ؟ رابيل ٽڙيا آهن ۽ اُنهن
جي خوشبو تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي!
* جڏهن مون هن گهر جا سڀ دروازا کولي ڇڏيا هئا،
تڏهن تون ڪٿي ڪونه هئينءَ ۽ جڏهن کان مون اهي
اندران بند ڪري ڇڏيا آهن، تون جتي ڪٿي آهين!
* جڏهن کان تنهنجي ياد جو دل ۾ غاليچو پٿاريو آهي،
پير ڌرتيءَ تي نه ٿا ٽِڪن!
* تون چنگ چڙي جي لار آهين! تون مون کي ٻوڙي
ماريندينءَ؟
* محبت رڳو انسان سان ٿيندي آهي. خدا سان ته رڳو
عقيدت ٿيندي آهي.
* تون انسان آهين يا عاشقي آهين؟
ڇا عاشقيءَ کي به رنگ روپ ٿيندو آهي،
ويس وڳو پيو هوندو آهي؟
* سسئي! ڇا تون منهنجي من کي پنهونءَ جي پَهراڻ
وانگر ڌوئي سگهندينءَ؟
* تون ڪائنات ۾ هڪ ئي سهڻي ته نه آهين!
مون ۾ تنهنجو پارُ ايترو ڇو ٿو ٻُري؟
* سومل! تون ڏاگهه تي ڇو نه چڙهندينءَ؟
ڇا مومل جي بدن مان توکي ڪجهه راڻو حصي ۾ نه
مليو هو؟
* هوءَ اچي رهي آهي، جنهن کي رباني ”چوب چيني“
چوندو هو. هاڻي ته هُو انب جي ڪوماڻل ڪاٺيءَ وانگر
ٿي ويئي آهي، نه ڏارڻ جي، نه ٻارڻ جي نه ان ۾ انب
ئي آهن.
* ايڏي چَٽَ نه ملاءِ! مون کي ڪرشن وانگر نيرو ڪري
نه ڇڏين!
* هَٽُ هَٽُ! ويل وِڃائيهءِ. هوءَ ڪَڪرَ ڪارونڀار
ٿي آئي هئي، تو هن کي ڌڪاري ڇڏيو!
* ”بيڪس! توکي ماڻهوءَ ۾ خدا ڏيکاريان؟ چڱو مون
سان جيپ ۾ چڙهه!“
* بابل! مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو؟
هي کَپُر ڇو پنڊي ۾ بند ڪري، منهنجي ڏوليءَ ۾
رکيو اَٿئي؟
* آءٌ ته ٿالهي وڄائي، ڄاهي کي چانڊوڪيءَ ۾
نچايون!
توکي خدا ۾ اعتبار به اچي ويندو ۽ رقص ڏسي مون
کي ڪائي نِرتڪي به ياد اچي ويندي، جا بمبئيءَ ۾
مون ڏانهن پاڻ وڌي آئي هئي ۽ مون کي چيو هيائين ته
”مان فلاڻي آهيان“.
* ڪنوار! گهونگهٽ هَٽاءِ ته ڏسان ته تون ڪيتري
خوبصورت آهين؟ ماڻهو توکي ٻي دنيا چون ٿا!
* اي حقيقت! تون ته اڃا تائين مون لاءِ مجاز جي
لباس ۾ آهين. توکي گربيءَ جي سٿڻ پئي آهي ۽ تنهنجي
ازاربند ۾ مهلب ۽ ڪپورُ ڪَچڙيون ٻڌل آهن ۽ تنهنجي
چوٽي ۾ رابيل جا گل مهڪي رهيا آهن. اي حقيقت! ڪاش
تون ايئن هجين جيئن مون توکي ٺٽي ۾ هڪ رات ڏٺو هو.
* تون هوا جو جهوٽو هُئينءَ، آئينءَ ۽ هلي وئينءَ؟
هوا جي جهوٽي کي موتئي جو گُل روڪي ته نه سگهندو
آهي! ها اُن جي سڳنڌ ۾ اُنهيءَ هوا جي جهوٽي جي
سار ضرور هوندي آهي، جنهن جي گهُلندي اُهو ٽڙي
پوندو آهي.
* جي عشق بي ثبات نه هجي ها ته اُهو آبِ حيات جي
ڍُڪ وانگر تنگ ڪري وجهي ها!
* مان چوان ٿو وڃ، ڀَلي وَڃ! منهنجي شاعري ۾
تنهنجا لنبا وار وچڙي ويا آهن. اهي ڇڏائي سگهين ته
ڀلي وڃ!
* مان ڄاڻان ٿو ته تون منهنجي شاعريءَ جي تخليق
آهين، پر منهنجي توکي اجازت آهي ته تون پنهنجي
خالق کان انڪار ڪري سگهين ٿي.
* حسن کي خدا سان رقابت ٿيندي آهي. گهٽ ۾ گهٽ
شاعري ۾ ته ٿيندي آهي.
* رقاصا! ڇا تون مون کي ايترو اَپنائي سگهين ٿي جو
مان تو ۾ رقص ڪري سگهان؟
* ”مينون رُٺڙا يار مناوڻ دي“ اها سٽ ڪنهن جي آهي؟
ڇا ان کان وڌيڪ پياري سِٽَ ڪوئي لکي ٿو سگهي!
* ڊيٺ! مِرون! تون استريءَ کي فقط تؤنري ٿو سمجهين
يا چَٽائِي ٿو سمجهين؟ اِستريون ديويون ٿينديون
آهن، دالان جي چک ۽ در جو پائدان نه ٿينديون آهن.
* هوءَ آئي، هَلي وئي پر منهنجي ڪمري ۾ اڃا موتئي
جي مهڪ آهي.
* هي وار، ڄڻ ته سانوڻ جون گهٽائون! ۽ هي منهن ڄڻ
روهيڙو ڦٽو آهي!
* ڇِلي بادامي! توکي مون لاءِ خدا ڇِلي موڪليو
آهي.
* شايد تون چَنڊ وانگر آهين، چَنڊ به هڪ هنڌ نه
بيهندو آهي!
* ايڏو رُٺي آهين؟ تون ته اڃا منهنجن تُنرن ۾ تَري
رهي آهين!
* وَڃ، موٽي وَڃ! تون مون سان ساٿُ ڪٿي رکي
سگهدينءَ؟ مان ته ان واديءَ ڏانهن وڃي رهيو آهيان
جتان ڪوبه نه موٽيو آهي!
*
تو کيرٿر تي
گڊ کي گولي ته هنئي
پر ان گوليءَ
جيڪو گهاءُ ڪيو
سو
تو ڏٺو؟
*
سَرءُ جي ٽپهريءَ ۾
وڻن تان
ڪانو اُڏامندا آهن
۽ شور ڪندا آهن
اُن آکيري لاءِ
جو هُنن کان وڃائجي ويو آهي.
*
راجسٿان ۾
مون اُن واريءَ کي
چميو هيو،
جيڪا ٿر ۾ به ڦهليل آهي
۽ ستارا ٿي
جهُڙالي آسمان ۾
چمڪي رهي آهي.
* مان ئي ته هيءَ ساري ڪائنات آهيان. هي سج ۽ چنڊ
مون ۾ ئي اڀرن ۽ لهن ٿا ۽ ڏينهن رات منهنجي ئي
وجود جو حصو آهن!
* سج لهي رهيو آهي ۽ نديءَ کي سجدو ڪري رهيو آهي،
ندي جا هن کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندي.
* چَنڊ ڪُونڀٽ مٿان پياميءَ وانگر وڃي رهيو آهي.
نه ڄاڻان پاڻ ۾ ڇا ڳالهائن ٿا؟ ڇا ڇِپن کي به ڪَن
ٿيندا آهن، ڇا ڪارونجهر اُنهن کي ٻُڌي سگهي ٿو؟
* پاڻيءَ ۾ سج ۽ چنڊ، اُهي مڇيون آهن، جي هر
اوجهاڻ مان تِرڪي وينديون آهن.
* هيءَ مهاڻي ڪيڏي نه خوبصورت آهي، توڙي هن کي
مڇيءَ جو هڪ ٻيرو به نصيب نه آهي.
* اي نوريئڙا! تون ڄاڻين ٿو ته تون اهي نموريون
ڪُتري ڪيترا وڻ ناس ڪري رهيو آهين؟
* هيءَ ڳوهه ڪيڏي نه خوبصورت آهي پر ان جي
خوبصورتي ويڃائڻ لاءِ توکي ڀيل جون اکيون گهرجن.
* وَڳَر ايندا، وَڳَر ويندا. ها، پر اُنهن کي
روههَ جون راتيون ياد رهنديون؟
* چوڏس رات ڄاهي کي نچندو ڏسندين ته توکي الوهيت
جو احساس ٿيندو.
* جهُڙَ ۾ اَڪ جون نيرڙيون ڦلڙيون ته پياريون آهن،
پر موت به ڪو اُس ۾ ٿوهر جا ڪنڊا نه آهي!
* هو بوڻينڊو وڄائي رهيو آهي ۽ شام جو سج تعجب ۾
هيٺ لهي هن کي ٻڌي رهيو آهي.
* (هڪ تصوير):-
جُوئَر ڊَڊِي ۾ آهي ۽ ٻارڙو ڏاڏي جي ڊَڊِيءَ تي
چڙهي ڪاني مان سَنگُ پَٽي رهيو آهي! ڪوئي جهِرڪ
ڀَڙڪو ڏئي اڏامي ٿو. نه ڄاڻان اُن جي اکين ڇا ڏٺو
آهي؟
* ڇهينءَ جو چنڊ نيري آسمان ۾ ايئن بيٺو آهي، جيئن
ماڙيچاڻيءَ جي هٿ ۾ مٿي مَٿان ڪاٺ جو ڦڻوٽو هوندو
آهي.
(پڊ عيدن جي ڊائري)
* هائو انسان کي سمجهه آهي پر اهو ڪيئن ٿو چئين ته
هو انهيءَ ڪري ٻيءَ مخلوقات کان بهتر آهي؟ ڇا
ڪئليءَ ڪڏهن پنهنجي ڪَڻ ٻيءَ ڪئليءَ کان لڪائي
آهي؟ ڇا ڪنهن پکيءَ ٻئي پکيءَ کي ڪڏهن چيو آهي ته
تون منهنجو ميوو ڇو چچريو آهي!
* ڇا ايڏي ستم ڪيشي چڱي آهي؟ پوپٽ جي سامهون گل
پٽي رهيو آهين!
* رڳو تون ئي ٿو اُن کي سڄو چوين نه ته نرگس جو گل
انڌو آهي! توکي اها ڳالهه ڪنهن پوپَٽ ته نه ڪئي
آهي؟
* املتاس جي گُل تي هجي يا ٿوهر جي شاخ تي، زندگي
آهي ته ڦڙو ماڪ جو، جيڪو صرف سج اُڀار تائين آهي!
* درياهه چنڊ کي پيرين پوندو آهي تڏهن به رڳو ان
جو عڪس پائي سگهندو آهي. چنڊ کي ته ڪارونڀار ڪڪر
به پائي نه سگهندا آهن ۽ هو پنهنجي راهه تي رمندو
رهندو آهي.
اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڪنڊيءَ جي شاخ ۾ هن جو
پاند اٽڪي پوندو آهي. پر اُن کان به پاڻُ ڇڏائي
ويندو رهندو آهي. دنيا جا سارا رابيل جا گُل هن کي
خريد ڪري نٿا سگهن، نه ڪائي خوشبو اُن لاءِ ڄار
وڇائي ٿي سگهي.
* چنڊ ڪويل جي ڪُوڪَ وانگر هوندو آهي. اُن کي ڪوئي
به پنهنجي دام ۾ نه آڻي سگهيو آهي، نه آڻي سگهندو؟
* پٿر، ڇپ مان ڇڄي، پهاڙ سان ٽڪرائيندو اچي هيٺ
ڪريو. مون ٿڌو ساهه ڀري چيو: ”هن جون چٿرڙيون
لٿيون ته پرواهه نه آهي، آزاد ته ٿي ويو“!
* سانڊو ماڻهوءَ کي پٺتي گهوري ٿو ڏسي ۽ سوچي ٿو
هن مون کي بي سبب پٿر ڇو هنيو؟
* چَنڊُ بگهڙ جي اکين ۾ به چمڪندو آهي ۽ سَهي جي
اکين ۾ به چمڪندو آهي، پر بگهڙ جون اکيون سَهي ۾
کُتل هونديون آهن.
* اي ڪارونجهر جي هيٺان تلاوَ! تو ۾ ڪڏهن مور جو
عڪس پيو آهي؟
* هيءَ ڪئلي به پنهنجي ڪٽنبَ ۾ نازنين هوندي! ڇا
نه سُبڪ رفتار وڃي رهي آهي!
* ڇا هُڙيا ننڊ ۾ گولاڙا ڏسندا آهن يا ٻيو ڪجهه؟
* غصي کي ڇڏ! موٽي آءُ! ڏِسُ سِجُ سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو
آهي؟
* اي خوشبو! مان توکي گل ۾ موٽائي سگهان ٿو!
* اي سڳنڌ! تون هِن ول جي امانت آهين، پر مان اُن
جي سخا کي روڪي به ته نٿو سگهان!
* اي من، اٿي جاڳ! ڏس پرهه جا پکي اُٿيا آهن ۽ان
جي حمد و ثنا ڪري رهيا آهن، جنهن کين هڪ نئون صبح
ڏيکاريو آهي ۽ جهَرڻا به پنهنجي ڀُڻ ڀُڻ ۾ چئي
رهيا آهن ته کين هڪ ٻيو ڏينهن مليو آهي جڏهن هو
پانڌيئڙن جي پياس ٻجهائي سگهندا ۽ دَرخت انهن جي
گونجار تي جهومي رهيا آهن ۽ سوچي رهيا آهن ته ڪنهن
ڪنهن تي ڇانوَ ڪري ڪنهن ڪنهن جو ٿَڪُ ڀڃي سگهندا؟
* ڏسين ٿو؟ صبح جي صراحيءَ مان سج انگوري شراب
وانگر پيٽجي رهيو آهي!
* سانوڻ، ايڏو وسيو آهين جو هن جون انبڙيون،
ڌوپِي، سايون چَهچُ ٿِي ويون آهن!
* سانوڻ! ايڏو ته نه وَس! منهنجي محبوبا ساري ڀڄي
وئي آهي ۽ هُن جو چولو هُن جا اُرهه پسائي رهيو
آهي.
* سانوڻ! ايڏو ته نه وس! هُن جي وڻ ۾ پَڪا اَنب
ڀڄي ويا آهن.
* توکي هن پوپٽ جي رنگن کان وڌيڪ خدا جو ٻيو ڪهڙو
ثبوت گهرجي ٿو؟
* جي مان چوان ته جهرڪيءَ کي آکيرو ٺاهڻ خدا
سيکاريو آهي ته ان ڳالهه جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي
سَؤلي سمجهاڻي ٿي سگهي ٿي!
* ماکيءَ جي مَک گلاب تي اُڏري آئي آهي.
متان هن کان هُن جو رِزق کَسين!
* ماکيءَ جو مانارو نه ڊاهه! لکين گل جڏهن رت
ڏيندا آهن تڏهن مانارو ٺهندو آهي.
* ڏس، اَنبَ ٻُور سان ٻوڪيا آهن ۽ ماکيءَ جون
مکيون اچي ڪَٺيون ٿيون آهن ۽ مون ۾ وديا پتيءَ جي
آتما ڪَر موڙي رهي آهي!
* هر وڻ منصور هوندو آهي، جڏهن ماڻهو اُن کي
وَڍيندا آهن.
* جيترو ئي ماڻهوءَ جو ٻاهر ڏٽو مُٽو، صاف سُٿرو
آهي، اوتروئي هن جو اندر پلپلو آهي، ڪينئَرو آهي.
* ڇا بنياد پرستن سان الوهيت، ڪائنات، مخلوق ۽ روح
جي موضوعن تي اوهان متفق ٿي سگهو ٿا؟ اوهان ڀٽائي،
سچل ۽ ڪنڊڙيءَ جا فقير پڙهيا آهن، تن کان قونيا جا
رومي ۽ شمس تبريز ڇا ڪنهن طريقي مختلف آهن؟
* توکي معلوم آهي، ته جڏهن منهنجي اليومينم جي
کليل دريءَ مان ٽي ڀيرا ڪراچي جي ڪنهن مُرغ جي
ٻانگ ايندي آهي تڏهن مان پنهنجي گهڙيال ڏانهن
ڏسندو آهيان. ڇا اهو طئه ٿيل وقت اچي ويو آهي؟
ڇا مان پنهنجيءَ صليب کي ڪُلهو ڏيان.
* نه رڳو گهوڙي کي موت جي اڳواٽ خبر پوندي آهي پر
ٻي هر جاندار کي به اڳواٽ پتو پئجي ويندو آهي، رڳو
انسان کي خبر نه پوندي آهي جو اِنَ ڏس ۾ احقر
المخلوقات آهي يا انسان کي به ...؟
* ماڻهوءَ کي موت ۾ گهڻو ڪجهه ڇڏڻو پوندو آهي، جو
سچ پچ هن جو هوندو به نه آهي. جئپور ۾ مون هڪ راجا
جي خالي محل سرا مٿان لنگور ڏٺو هو، جنهن جو پڇ هڪ
وڏي سوال جي نشان وانگر هو ۽ ان جي سامهون سورج
گهڙي هئي جا سانجهي ٿيندي ئي بيهجي وئي هئي!
* هِن وَڻَ جون پاڙون اُکڙي ويون آهن، ان کي ڀَؤُ
نه آهي ته ڪڏهن ٿو ڪران، هن گل جون پتيون پکڙجي
ويون آهن، ان کي الڪو نه آهي ته ڪڏهن ٿو ڇڻان!
پَرندا جيستائين جيئرا آهن واءُ ۾ پنهنجا پَرَ
هڻندا رهندا آهن. رڳو انسان کي ئي انت جو خيال
مايوس ڪندو آهي. ڄاڻين ٿو ته ڇو؟
* موهن ڪلپنا! توکي موت کان اڳ اها خبر نه هئي ته
تون ٻي ڪهاڻي نه لکي سگهندين! تنهنجي زندگي جي سڀ
کان وڏي الميه ڪهاڻي اِها هئي ۽ اها وقت جي آڱرين
هوا تي ائين ئي لکي ڇڏي هئي جو تون ان کي درست به
نه ڪري سَگهين!
* تون ئي ته منهنجو ساٿي آهين، موت کان حياتيءَ
تائين، حياتيءَ کان موت تائين. مون توکي ”ميران“
کان وڌيڪ ڳوليو آهي، تون جو تنبوري جي تارن ۾ سُتل
آهين ۽ منهنجي ڇُهاءَ سان جاڳي پوين ٿو!
* ”رب ارني“ جو آواز اچي رهيو آهي؟ زندگي ڪوهِ طور
وانگر ٻري رهي آهي ۽ چوڌاري رات جو انڌيرو آهي.
* هر انسان هن زندگيءَ ۾ ائين آهي جيئن حضرت يونس
مڇيءَ جي پيٽ مان ٻاهر اَچڻ لاءِ آتو هو.
*
هي ڳاڙههَ – ڳلا اٿي. اهي شفق جي ڄار ۾ ڪهڙا نه
چڱا ٿا لڳن.
* هي بگهياڙ واهه جي پوڇڙيءَ تي ڪائي اَڪيلي نيرڳي
ويٺي آهي ۽ پنهنجي ديس کي ساري رهي آهي!
* هي شنگرفِي شام، ڪيڏي نه سُهاوڻي لڳي رهي آهي.
دل چوي ٿي ته ڪوئي هجي ته هن جي اڳيان سجدو ڪيان!
* نيرڙي شام لهي رهي آهي. ڪينجهر تي ٻه رُتنبا
رانديون ڪري رهيا آهن، ڄڻ مينا بازار ۾ اڪبر جوڌ
ٻائيءَ جي ڪڍ لڳو آهي!
* هي سانءِ جي ڊگهي ڳچي ته ڏِسُ! ڇا اها ڪپيندي
توکي ترس نه ايندو؟ ڇا تو ۾ ماڻهو مري ويو آهي؟
* ڏس هي جهَنگَ ڪڪڙ ڪيتري نه خوبصورت آهي؟ تون
جڏهن هن تي بندوق تاڻين ٿو ته هوءَ مون کي راڻي
لاڏيءَ جو ٻيو جنم ٿِي نظر اچي.
* هن ڪاٺ ڪُٽي جو موت هڪ پوريءَ قوم جي موت کان
وڌيڪ وزنائتو آهي.
* آسمان ۾ ستار رات جي رَئي تي مقيش ڀري رهيا آهن،
ڪهڙي ڪنوارِ اَچڻي آهي؟
* هاڻي ته پيچرو پورو ٿي چُڪو آهي. لَڪَ ڪيڏو نه
هيٺ لڳن ٿا ۽ چنڊ ڪجاوي تي ٻيلهه وڃي رهيو آهي!
* جمال رند! توکي تورئي جي کڙيل کيت تي اها شام
ياد آهي جا مان ۽ ربانيءَ تنهنجي ڳوٺ ڀرسان گذاري
هئي؟ جي زندگيءَ جي شام اهڙي شفق سان ٿئي ته ڪهڙي
نه چڱي ڳالهه آهي! ان کان پوءِ رات ڪهڙي نه وڻي
ٿي؟
* شام جي شفق ڪيتري نه پياري آهي، اي ڪاش! هي سج
ڪڏهن نه ٻُڏي!
* سَرَه کيرٿر تي ٽيج جو چنڊ ڏسي ڊنو هو. هن سمجهو
هو ته آسمان هُن تي ڪمان ڪشي رهيو آهي!
* ڇا ڏينهن تتي جو تو سانڊي جون اکيون ڏٺيون هُيون
جن ۾ رني ڪوٽ چمڪي رهيو هو؟
* سج لٿي، ٿر تي شفق ڪنهن پيغمبر جي مُنهن وانگر
ٻري رهي آهي!
* هي پوپٽ ازل جا پيمبر آهن. انهن جا پَرَ نه
پَٽِ!
* ڇا اُن جو ڦوٽهڙو تنهنجي وس ۾ آهي، جي نه ته
ٽاريءَ تان گل ڇو ٿو ڇنين؟
* تو جهونجهڪڙي ۾ ٽانگر تي ماڪ ڦُڙا ڏٺا آهن؟ جي
ها ته اڃا خدا ۾ اعتبار نه ٿو ڪرين؟
* ڏس، سمنڊ تي سج منهنجن پيرن تائين لهي آيو آهي ۽
آخري غوطي تائين منهنجا پير چُمي رهيو آهي!
*
اي ڌرتي تون ڪٿي آهين؟
اي ڪڇ جا رڻ
توتي وري سمنڊ اُڀري آيو آهي،
اٿاهه سمنڊ،
جنهن تي بمباري ٿي رهي آهي
سانوڻ جي بوندن جئن!
اي پاري نگر تنهنجن ڪَڙَن تان
سموري ڪَٽُ لهي وئي آهي،
۽ تون ڪنهن لنگر جي انتظار ۾ آهين،
جنهنجو ٻيڙو مون کي نظر نٿو اچي
پر جو جلد اچڻو آهي
۽ جنهن جا سڙهه
هوا ۾ ڦڙڪي رهيا آهن.
*
مٿان بم ڪري رهيا آهن
هيٺان تون توتاري وڄائي رهيو آهين!
اي يم دوت!
تنهنجا پُرک به لنگها ها
پر اُنهن اهڙي يُڌ نه ڏٺي هئي
جهڙي تون اڄ ڏسي رهيو آهين!
*
غدار جي اولاد!
مون سان وڙهڻ
آسان نه آهي.
تون امير خسروءَ جي سِتار کان وٺي
ميران ٻائيءَ جي گيت تائين،
سڀ سان وڙهي رهيو آهين!
۽ ڀٽائي کي ايتري ڪاوڙ آهي،
جو ڪنهن ڏينهن
هو پنهنجي دنبوري سان
تنهنجو سِر ٽوڙي وجهندو.
*
ولايتي
رُشديءَ تي لعنت وجهي رهيو آهي،
۽ هن کي
واجب القتل چئي چُڪو آهي
۽ خيام
پنهنجي رباعيات کي ندامت
سان ڏسي رهيو آهي
۽ پاڻ کي
قبر ۾ محفوظ سمجهي رهيو آهي.
*
اي شير شاهه سُوري!
منهنجو گهوڙو
اڃا اُنهيءَ شاهراهه تان
وڃي رهيو آهي
جا تو ٺهرائي هئي
۽ جا اڃا ڊٺي نه آهي!
*
شهيد ڀٽي جو لاش
هوا ۾ لڙڪي رهيو آهي،
۽ اُن جو ڏوهه رڳو اهو هو
ته هُن نوي هزار پاڪستاني قيدي،
موٽايا ها،
۽ چيني جي ٿانون وانگر
ڀڳل مورال کي
وري جوڙيو هو
مورال
جو وري لوهي ٽوپ وانگر
پنجاپي سپاهيءَ جي مٿي تي
آهي،
۽ رنجيت سنگهه
پنهنجي سماڌيءَ مان
سُسُ پُس ڪري
علامه اقبال کان
پڇي رهيو آهي،
”اوءِ ڪوي!
تنهنجي
ڪَويتا ۾
ڪيڏي نه جان آهي؟“
*
ڏس هي راويءَ
۽ گنگا جو پاڻي ٻري رهيو آهي!
۽ مڇيون سڀ سڙي ويون آهن،
۽ ڪنول ڪونه رهيا آهن،
۽ اُڀ مان بادل تڪي
اُهي بم ڏسي رهيا آهن جن سان انسان
ڌرتيءَ تي ڌماڪا ڪري رهيا آهن،
۽ ڀواني ڳولي رهي آهي
اُنهيءَ رت کي جا جنگ ۾ وهندي آهي،
پر هاڻي
جنهنجو ڦڙو به نظر نه ٿو اچي
۽ تپش ۾ اُڏامي ويو آهي،
۽ هوءَ لڙڪي رهي آهي،
هن ڌرتيءَ تي،
جا رڳو دونهون آهي
۽ جنهن جي رتُ مان هوءَ ڍُڪ ڀري نه ٿي سگهي.
*
وڃ،
پنهنجيءَ راهه تي هليو وڃ!
هي ماڻهو
جي ڪچرو ايئَن سونجهي رهيا آهن
جيئن آفريقا جا ماڻهو
وهنديءَ نديءَ
جي پاڻيءَ ۾ سونُ سوُنجهيندا آهن،
اِهي تنهنجيءَ قوم مان نه آهن،
تون ته
شفق ۾
سونهري بادل سوُنجهيندو آهين،
تنهنجو ڪاروبار
انهن سڀني کان
نرالو آهي،
هو تُنهنجيءَ سوُنجهَه کي نه سمجهندا،
هو جي ڪچري جي ڌپ
۽ سونَ جي لپ
تي هريل آهن،
جو اهڙوئي ڌاتو آهي،
جهڙو ٽامو
يا لوهه،
جو ڀوڏيسر جي ڪَٽيل ڪَڙن ۾
آهي،
جن سان جهازن جا لنگر ٻڌندا ها،
جي وقت جي سمنڊ ۾ ٻُڏي چُڪا آهن،
۽ عجب ته اهو آهي
ته اُن سمنڊ کي به
واري چُهي چُڪي آهي!\
|